سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:11 

سر جو سانگو لاهه، ڀلي پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ.

1- اڳ ۾لاهج سر جو سانگو،گوڙ گلا جو پائج گهانگهو،

                           ڪُڏي ڪنڌ ڪپاءِ.

2- ڪار قتل کان ڪنڌ نه ڪڍائج، ڪربل وارو قرب ڪمائج،

                           اُتي اک اٽڪاءِ.

3- ڇڏي غلامي ٿي تون غازي، رمز رنديءَ رهه تون راضي.

                           مهدي محب ملاءِ (مالڪونس)

-

   پنهنجي پاڪ پسيائون پيشاني، ويا خوف خطر خفقاني،

1- رنگ ڇڏي بي رنگ هياسين، لاحق ۾ لاثاني.

2- هئڻ ويو حجاب هڪدم، نور رهيا نوراني.

3- ساه صدق سر گهورڻ گهوران، مهديءَ اڳيون مهماني.

                                                    (وهاڳ)

سائين مهدي شاهه جي ڪافين ۾ هيءَ ڪافي گهڻو مقبول ٿي:

وي مالڪ توبهه توبهه، وي هادي توبهه توبهه،

ڪجهه ٻاجهه ڪر اسان تي، پرين پنهنجو ڪرم ڪر تون.

مهدي شاهه 1969ع ۾ گذري ويو(35).

نواب ولي محمد لغاري (1863-1914ع):

سنڌ جو هي خاندان علمي، انتظامي ۽ سپاهيانه ڪردار سبب عزت ۽ تڪريم جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن خاندان جو وڏو بزرگ مڱڻ خان هو. اُن جي اولاد مان شير خان ۽ مير خان لڏي شهدادپور ويجهو پنهنجو ڳوٺ شير خان نالي سان اڏي ويٺا (36). هن خاندان جي پسمنظر، وڏن ۽ نواب ولي محمد جي سوانح جو واحد ۽ معتبر ماخذ ڊاڪٽر بلوچ جو تاليف ڪيل ڪتاب ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾“ شايع ڪيو. اُن جو ٻيو ايڊيشن 1990ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هن خاندان جي تمام جي اهم فردن جو ذڪر ڪندي اُنهن مان جيڪي شاعر هئا، تن جي ڪلام جو به تذڪرو ڪيو آهي. انهن ۾ علم ادب جي دنيا ۾ نواب علي محمد خان، نواب غلام محمد خان، نظر علي خان، شير محمد خان، گدا علي خان، عرض محمد خان، نواب غلام الله خان، غلام شاهه ان، علي اڪبر خان، امام بخش خان، جان محمد خان اول، تاج محمد خان، علي گوهر خان، غلام الله خان ثاني ۽ جان محمد ثاني سنڌي، فارسي ۽ هنڌيءَ جا شاعر ٿيا پر جن ٻن هم نام شخصيتن نالو ڪڍيو، انهن مان پهريون نواب ولي محمد لغاري هو. هُو هڪ تعليم يافته نوجوان ۽ بقول ڊاڪٽر بلوچ جي: هڪ ڪامياب سپهه سالار، سفير، وزير، منتظم، انجنيئر، حڪيم، شاعر ۽ محب وطن هو (37). هُو ولي تخلص ڪندو هو. سندس علمي ڪارنامن ۾ ديوان ولي (فارسي)، ٻه ساقي ناما ۽ هيرنامو موجود آهي. سندس سفارت ڪاري، سياسي حڪمت عملي ۽ سپهه سالار جي حيثيت ۾ ڪارناما به نشانبر آهن. سندس اولاد ۾ به شاعر پيدا ٿيا. جن جا سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعري آثار موجود آهن. ٽالپورن جي هن جري سپهه سالار، سياست ڪار، مدبر ۽ شاعر 1823ع ۾ وفات ڪئي (38). سندس پوين جا علمي ڪارنامه به موجود آهن، جن ۾ نواب فقير ولي محمد ثاني سندس پوٽو سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ جو وڏو شاعر ٿيو، سندس ڪلام ۾ شاعريءَ جون مشهور صنفون شامل آهن.

فقير نواب ولي محمد خان، نواب احمد خان لغاريءَ جو فرزند هو. 1836ع ۾ ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ ڄائو. سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ مرزان پور ۾ رهائش دوران ولي محمد خان جي تعليم جو انتظام ٿيو. عربي فارسيءَ جي تعليم ورتائين ۽ والد جي هدايت موجب جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه کان تلقين ورتائين(39). زندگيءَ جو ڪاروبار پنهنجي ننڍي ڀاءُ بخش علي خان جي سپرد ڪري خود فقير ولي محمد جي حيثيت ۾ فقيريءَ جي ويس ۾ شعر و سخن ۽ موسيقيءَ جي طلب تلاش ۾ رهيو. پنهنجن جذبن جو اظهار شعر ۾ ڪندو رهيو. راڳ جون محفلون برپا ڪندو رهيو. جن ۾ محمد کٽياڻ ۽ ٻيا راڳي شريڪ ٿيندا رهيا. اَسي ورهين جي ڄمار ۾ 1914ع ۾ فقير ولي محمد خان وفات ڪئي. کيس تاجپور لڳ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب کي ست فرزند ٿيا. سندن خاندان ۾ علم جي شمع روشن رهندي اچي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو:”فقير نواب ولي محمد واري دور ۾ سنڌ جي ٻين شاعرن جهڙوڪ اُميد علي شاهه، اشرف شاهه، مهدي شاهه، خير محمد هيسباڻي ۽ مصري شاهه وغيره جي ڪافين ۽ ڪلامن جو چرچو هو ۽ مهدي شاهه ۽ مصري شاهه وٽس ايندا هئا. اُميد علي شاهه جي ڪلامن کان گهڻو متاثر هو ۽ پنهنجي ڪچهريءَ ۾ پڻ چوندو هو ته اڳ ۾ اُميد علي شاهه جو ڪلام پڙهو (40).“

نواب فقير ولي محمد پنهنجي دور جو هڪ وڏو صوفي شاعر هو. سندس ڪلام مان اِهو صاف نمايان آهي ته هن شاعريءَ جي مروج مضمون ۾ تصوف کي اوليت ڏني. ڪلام ولي محمد جي پهرين ڪافي به اهڙو اظهار ڪري ٿي ته عبد جي چولي ۾ محبوب پاڻ پيو ٻولي:

سڏائي عبد ٿيو ظاهر، پهري پوشاڪ انساني،

1- ڪري آيو ميم جو اولو، مشاخيءَ کي ڏنائين رولو،

   رنديءَ وارن ڀڳئين ڀولو، چئي نروار مَن راني.

2- ساري منجهه لوڪ پيو غوغا، ٿيو ختم النبي پيدا،

   ڏٺو جن صاف منجهه معنيٰ، تني ڪئي جان قرباني.

3- سڃاتو عاشقن جاڳي، حسن محبوب جو ماڳي،

   ٿيا منجهه دَور بيراڳي، پسي ديدار سبحاني.

-

ڪري سينگار سڀ سهڻو، آدم جي پوش ۾ آيو.

1- آهي معنيٰ ۾ خود مالڪ، ڏسي سمجهي ڪو اُت سالڪ

   ڪٿي خلقيل ڪٿي خالق، ڏبو ڪين عبد جو رايو.

2- ڪٿي بيمثل ڪي بيچون، ڪٿي ختم النبي ڏس تون،

   دوئيءَ کي ڪڍ اندر دل مون، آهي آدم سندس ڄاتو.

وحدت الوجودجاه ڪمل لوازما نواب ولي محمد جي ڪلام ۾ ادا ٿيل آهن. هن سلسلي ۾ سندس شاهڪار ڪافيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال وٺي سگهبو:

جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو،

ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.

1-      آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لڪائي،

        مچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.

2-     ڏئي حسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،

        سوريءَ جو ڪيئين اشارو، سر عاشقن سنڀايو.

3-     اصلئون هو سر حقاني، لاريب لامڪاني،

        منجهه رمز لَڏ تراني، وري طُور ڪنهن جلايو.

4-     ولي محمد سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج،

        پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.

نواب فقير ولي محمد سنگيت جو پارکو هو. سندس ڪافيون سينگار آهي. شعر جون ٻيون صنفون بيت، مولود، مداحون وغيره به چيون اٿس. سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ به سندس ڪلام انداز بيان، اسلوب هيئت ۽ زبان جي لحاظ کان نهايت اعليٰ معيار جو آهي. سنڌي بيت ٿورڙا اٿس، پر انهن ۾ نهايت بليغ ۽ فصيح ڪلام موجود آهي. مرشد ڏانهن عقيدت هيئن ظاهر ڪري ٿو:

ميران پور جي ٻاجهه ٿي، غم وهم سڀ ويا،

ذاتي جي ذوق سان، کُلي قلب پيا،

عقده دَور دنيا جا، صوفيءَ صاف ڪيا،

ولي محمد مطلب ٿيا، وريا ورق وصال جا.

فقير نواب ولي محمد لغاري زبان ۽ بيان ۾، ڪافي جي گهڙت ۽ سنگيت رس ۾ هڪ اعليٰ شاعر آهي. سندس دور به بهترين ڪافي گو شاعرن جو دور آهي. ائين چوڻ ۾وڌاءُ نه ٿيندو ته سچل کان وٺي نواب ولي محمد جي دور تائين ڪافيءَ جي عمارت جڙي راس ٿي.

صاحب ڏنو شاهه (1868-1914ع):

سيد صاحبڏني شاهه بابت مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي تاليف ياد رفتگان ۾ هن ريت لکي ٿو:”سيد صاحبڏنو شاهه ولد محمد شاهه ڳوٺ بلڙي تعلقي گوني (ٽنڊو محمد خان) ضلعي حيدرآباد ۾ 1868ع ۾ تولد ٿيو ۽ 3 جون 1914ع تي انتقال ڪيائين. صاحبڏنو شاهه، شاهه عبدالڪريم جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ڀيڻويو محمد صالح شاهه لاولد وفات ڪري ويو، جنهن بعد پاڻ سجاده نشين ٿيو. سنڌي، فارسي ۽ اردوءَ جو چڱو ماهر هو. نيڪ صورت، نيڪ سيرت بزرگ ۽ وقت جي شاعرن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ شاعر هو(41).“

جي. ايم سيد، جنب گذاريم جن سين (جلد پهريون) ۾، صاحبڏني شاهه جي فرزند پير غلام حيدر جي بيان ۾ صاحبڏني شاهه لاءِ لکي ٿو: ”وڏو شاعر ۽ رنگين مزاج ماڻهو، هن جي مير عبدالحسين سانگيءَ سان گهاٽي دوستي هئي. اڪثر مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۾ راڳ ۽ شعر جون محفلون گرم ڪندا هئا. عاشق مزاج، ڪشاده دست، خوش خُلق انسان هو(42).“ جي. ايم سيد جي برعڪس مخدوم طالب الموليٰ، سيد صاحبڏني شاهه کي سانگيءَ جو شاعريءَ ۾ شاگرد سڏيو آهي (43). مخدوم صاحب اهو به لکيو آهي ته هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ گهوڙي گاڏيءَ ۾ سير ڪندي، جڏهن خود گاڏي هلائي رهيو هو ته اوچتو سندس روح هن فاني جهان مان پرواز ڪري ويو(44).

زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ سير سفر، عيش عشرت جا ڏينهن رهيا. هڪ روايت موجب پنهنجي زمين جي سار سنڀال به نه لهندو هو. هڪ ڀيري ڳوٺ ويو ۽ ٻنيون گهمدني ڪنهن هاريءَ سان جا گفتگو ٿيس، تنهن صاحبڏني شاهه جي زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو. هاريءَ کيس سڃاتو نه هو، تنهنجو چيو  ته:اسان جي زميندار کي ڪهڙي خبر ته ٻنيون ڪهڙي حال ۾ آهن. هُو حيدرآباد جي عياشين مان اوندو هجي ته سار لهي! بس صاحبڏني شاهه ڏٺو ته مار ماڻهو منهنجي وجود کان مايوس ٿي چڪا آهن. اُن کانپوءِ خيالات ۾ تبديلي اچي ويس.

سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ صاحبڏني شاهه جو ڪلام موجود آهي، جنهن ۾ شاعر جون 80 ڪافيون لکيل هيون(45). ڊاڪٽر بلوچ، لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ڪافيون (جلد ٻيو) ۾ 13 ڪافيون شامل ڪيون آهن.

صاحبڏني شاهه جون ڪافيون، عشقيه موضوع تي آهن. انداز بيان جي لحاظ کان وقت جي مروج زبان ۽ بيان ۾موزون آهن. عشق جي وصف بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته: هُيس گهڻو هوشيار، ڪيس اديون ڙي عشق اياڻي،  حسن دل کي ڪيئن حيران ڪيو آهي، ان جي بيان ۾چوي ٿو:

تنهنجي حسن ڪيس حيران، چشمن آءٌ چوري وڌيس.

1-      اکين جا ڏيئي يا اشارا، من ڪيئي مستان،

        گهُورن تن تان گهوري وڌيس.

2-     ناز ڀريا توسان لائي ناتو، عشق ڄاتم آسان،

        اِن عقل کڻي اوري وڌيس.

3-     صاحبڏنا ڪنهن کي سڻايان، اندر جا ارمان،

        قرب ڪپي آءٌ ڪوري وڌيس.

صاحبڏني شاهه جي مقبول ۽ شاهڪار ڪافي هيءَ آهي:

غرق ٿياسين در غب غب، لاشڪ آهيون لامذهب.

1- موتوا قبل جو پِيو پيالو، مست وتان ٿو آءٌ متوالو،

                   عشق سيکاري رمز عجب.

2- اندر مسجد مندر حجرا، پاڻي منهن جي ڏسين مجرا،

                   راز انهيءَ سان ملندءِ رب.

3- نا از آدم نا از حوا، مُور نه ڌاروين ڪي ماسويٰ،

                   نينهن اسان جو آهي نسب.

4- ڪڏهن ته مومن هندو چايون، هر مظهر ۾پاڻ لڪايون،

                   سالڪ سمجهن تنهن جو سبب.

5- صاحبڏنا ڪثرت مان لاهي، وحدت پڙ ۾ واڳ ورائي،

                   مرد ڪڏائن ٿا مرڪب.

ڪافي گو شاعرن ۾ صاحبڏني شاهه جو نهايت اهم مقام آهي. سندس ڪيتريون ڪافيون علم عروض موجب موزون ٿيل آهن. سندس اسلوب متاثر ڪندڙ آهي. پنهنجي همعصر دور ۾ هو هڪ اهم شاعر آهي.

حاجي خان چنچڻي (وفات 1915ع):

حاجي خانڻ چنجڻي ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جو شاعر هو. بقول ڊاڪٽر سنديلو، سندس والد ميان دوست محمد پنهنجي سهنجيءَ وارو هو. ڪافي ٻني ٻاروهوس ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. جنهن ڪري راڄ جا فيصلا اهڙا ڪندوهو، جهڙو منڊيءَ تي ٽڪ (46). ميان دوست محمد خان کي وقت جي عام دستور موجب فارسيءَ جي تعليم ملي. هن پنهنجي پٽ کي به عربي فارسيءَ جي تعليم ڏياري. پيءَ جي وفات کان پوءِ پنهنجي زمين سنڀالڻ لڳو. سير سفر ڪيائين. سگهڙ پائي ۽ شاعريءَ جا رنگ ظاهر ٿيا ته اُن ميدان ۾ به ڪونتل ڪڏايائين (47). اندازاََ 1888ع ڌاري نصير آباد ۾ شاعرن جوڪٺ ٿيو. اُن ۾ حاجي خانڻ جو شاهه محمد يدڙ سان معرڪو ٿيو ۽ چڱن جي راءِ موجب ديدڙ کي پهريون نمبر مليو (48). ڪاوڙ ٻنهي طرفن ڏي پنهنجو رنگ ڏيکارڻ لڳي. هڪ ٻئي خلاف هجويه ڪلام لکيا ويا ۽ گٿا لفظ ڪم آندائون. حاجي خانڻ شعر چوڻ ۽ ڳائڻ ۾ نالو ڪڍيو. هُو تر جي شاعرانه روايت سان ڳنڍيل آهي. بقول ڊاڪٽر سنديلي جي: ”حاجي خانڻ جي ڪلام ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جو عمدو نقشو چٽيل آهي، جنهن ۾ پڙهندڙڻ کي ساري سٽا سامهون اچي بيهندي (49).“

حاجي خانڻ جي ڪلام ۾گل بڪاوليءَ ۽ سيف الملوڪ جا داستان مداحون، ٽيهه اکريون، مولود ۽  ڪافيون وغيره شامل آهن. سندس ڪلام سرائيڪيءَ ۾ به آهي. ڳائڻن سندس ڪافين کي مقبول ڪيو. انهن ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي ڳايل هيءَ ڪافي هڪ شاهڪار ڪافي آهي:

وڃن ٿا ويراڳي، ويراڳي وطن تي،

ڪنهن نه جهليا ڪنهن نه پليا،

هتئون ويا ٿم هاڻي.

1- تن جي ڳوليان ڪهڙي ڳلي،

   برن ٿرن چُمان چلي،

   تن سان روح رهاڻي.

2- هتئون ويا ٿم هاڻي هوءِ،

   تن جي ڳوليان ڪهڙي جوءِ،

   اهو سندن رُخ نه روءِ،

   مون وٽ هئا مهماني.

3- حاجي خانڻ مثل خواب،

   ڪُسي ٿي هت ڪباب،

   آڏو ڏيندين ڪهڙو جواب،

   پرين پڇندءِ پاڻهي.

عشقيه ڪلام ۾ جماليات جو هڪ عنصر هوندو آهي. محبوب جي حسن جو بيان ۽ سراپا نويسي نمايان طور ڪلام ۾ نظر ايندي آهي. حاجي خانڻ اُن موضوع کي به خود نڀايو آهي:

زلف جي زنجير قابو قيد ڪئي دلڙي هڻي،

ڇا ٻڌايان لوڪ کي دلبر کي آهه اهڙي وڻي.

1- هڪ حسن ٻيو قهري ڪاڪل،

   خوني ڪجليون خون ڪن،

   چاهه زنخ منجهه جاءِ جوڙي.

   بند ڪيائون سا مون بڻي.

2- لال لب بيمثال،

   بلبلان جا باتڙيون،

   سِر چِيرو ڇا سوَن زريون،

   وڌ ڏٺم اک جي آڻي،

3- مشڪ عنبير ريءَ بدن،

   خوشبوءِ ۽ خوشنود چئو،

   چوٽو چنڊن ڪم نا ڪَلي،

   ڳالهه هيءَ ڳاڻو ڳڻي.

4- ڇا ڪبڪ جي چال چوندس،

   مَٽ مِٺي محبوب سان،

   بي مثل بي چون بي رنگ،

   تنهن وڌي ڦڦڙن ڦڻِي.

5- حاجي نيڻن جي نظاري،

   پيو اُساري روز شب،

   درد واري دانهن دلبر،

   ڪن ڪندو ڪندس گهڻي.

اهڙيءَ ريت مڪرو قافيا، ”عشق اُمالڪ آڻي آڻي“ يا ”آءُ سڄڻ دل سِڪي سِڪي“ ڪم آڻن سان ڪافين ۾ موزونيت ۽ موسيقيت پيدا ڪئي اٿس. ڪي اهڙا ڪلام آهن جن کي ماسٽر چندر ۽ ٻين فنڪارن تحريف ڪري ڳايو. اُنهن ۾ حاجي خانڻ جي هيءَ ڪافي آهي:

مون يار آهي هيئن،

ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.

پير ڀاون علي شاهه ساقي (1886-1918ع):

ڀاون علي شاهه ولد پير سيد محمد شاهه، بدين جي شاهه قادريءَ جي درگاه جي گادي نشين هو. کيس سنڌي، عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ جي تعليم ملي. ڪڇ ڀڄ جي پيرن سان رشتا ناتا هئس، اُن ڪري گجراتي به ڄاڻندو هو. ننڍي عمر ۾ ئي والد صاحب جي وفات ڪري گاديءَ تي ويٺو. شعور کي پهتو ته شاعريءَ جي ميدان جو شهسوار ٿيو. پير صاحب کي چڱي موچاري لئبرري هئي، جا پوءِ سندن فرزند پير عالي شاهه جيلانيءَ وٽ رهي ۽ منجهس وڌيڪ ڪتاب شامل ٿيا.

ڀاون علي شاهه ساقيءَ جو ڪلام سنڌي ۽ اردوءَ ۾ موجود آهي. ڪلام ۾ ”مناجات ساقي“ ۽ ٻيو ڪلام ”ساقي جا سخن“ ڇپيل آهي. ساقيءَ جي ڪلام ۾ ڪافيون، غزل، رباعيون ۽ ٻيو عروضي ڪلام آهي. کيس پير بخش فاروقي دلريش جي خاص طور صحبت حاصل رهي. دلريش هڪ سٺو شاعر ۽ پير صاحب جو مريد هو. غزل ۾ درد جي شدت ۽ عشق جي واردات جو برملا ذڪر ڪري ٿو:

هئاسون موت تي راضي رضا کي ڇا ٿيو حاصل،

اسان کي ماريو محبت قضا کي ڇا ٿيو حاصل.

محبوب جي تيغِ ابرو جو بيان هن ريت ڪري ٿو:

ٿي آهي نيم بسمل دل صنم جي تيغ ابرو سان،

رهي سا ڦٿڪندي دل دلبربا کي ڇا ٿيو حاصل.

پنهنجي همصعر سانگي قليچ دور ۾ هوندي به اڪثر آسان زبان ڪم آڻي ٿو، پر ڪٿي سندس زبان فارسي آمير به آهي. غزل ۾ به ڪٿي ڪافيءَ جو رنگ ساقيءَ وٽ آهي. باغ بساتان ۽ گل و بلبل جي پوش ۾ جذبات هيئن ظاهر ڪري ٿو:

چيو هاڻ بلبل ته بهاري وڃي ٿي،

حياتيءَ اندر انتظاري وڃي ٿي،

عجب دور مون لاءِ زماني جو آيو،

نڪرندي يارن مان يري وڃي ٿي.

العطش جي صدا آهي ساقي،

منجهان نيڻ نرگس خماري وڃي ٿي.

”مناجات ساقي“ ٽيهه اکريءَ جي انداز ۾ لکيل آهي:

غ-

غفلت غير کان تون دل ڪڍي ڏي ڪو فراغ،

قلب ڪاري ۾ سندم ڪو نور جو روشن چراغ،

تاحياتي يا نبي منهنجو رهي سالم دماغ،

يا محمد مصطفيٰ هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

اردو زبان ۾ حمديه، نعتيه، ناصحاڻو، صوفياڻو ۽ ٻيو ڪلام هجڻ سان گڏ عشقيه ڪلام به اعليٰ معيار جو چيو اٿس. اُن جو هڪ مثال هي آهي:

بتا اي مرغ دل تُوني کهان اپنا وطن ڇوڙا،

نه رستا دشت ۾ پايا کهان اپنا چمن ڇوڙا،

کهان وه باغ فردوسي کهان وه جنت الماويٰ،

کهان وه قصر ملڪوتي کهان مُلڪ عدن ڇوڙا،

کهان وه نرگس شهلا کهان مشڪ ختن ڇوڙا.

پير صاحب جي دور ۾ لاڙ پٽ ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن. انهن وقت جي شاعرانه شعور ۽ عام شاعريءَ جي شجر جي آبياري ڪئي آهي.

مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني (1844-1918ع):

”ديوان مفتون“ جو مرتب نياز همايوني، مولانا مفتون جي وڏن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو: ”مولانا جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا هئا. جتي سندن ڳوٺ ڇَٽ جي نالي سان اڃان تائين آباد آحي. هي ابڙن جي لَڇ مان هئڻ ڪري پيچوها سڏائيندا هئا.“ (ص 2). بيگاري واه جي ڀر وارن ڳوٺن ۾ پوک ۽ گذر سفر لاءِ ايندا هئا. مفتون جو ڏاڏو مالوند هو. کيس مال چاريندي ڪنهن علم پڙهڻ جي صلاح ڏني. پنهنجي فرزند محمد يعقوب کي پڙهايو. کيس عبدالغفور 1844ع ۾ ڄائو. همايون کي آباد ڪيائون. هي شهر بادشاهه همايون جي نالي پويان آباد ٿيو آهي. والد جي وفات وقت عبدالغفور جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي.

مفتون ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ ورتي، اُن کان مولوي سلطان سيتپوريءَ کان تحصيل ڪيائين. پنهنجي علميت جي ڪري ٿوري ئي وقت ۾ نالو ڪڍيائين. مولانا مفتون جي تصنيفات ۾ فتاويٰ همايوني (فارسي ٻن جلدن ۾)- فتاويٰ همايوني (سنڌي ٻن جلدن ۾)، ديوان مفتون (عربي، فارسي ۽ هندي) فرهنگ طب همايوي آهي. وٽس بيش بها ۽ مثالي ڪتبخاتون هو، جنهن ۾ قلمي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. جو تباهه ٿي ويو. ڪتاب چوري ٿيويا. انهن ۾ ديوان (عربي، فارسي ۽ هندي) به هو. سنڌي (ڪافين جو) ديوان ڇپيو آهي ۽ اسان جي اڳيان آهي. مولانا صاحب جي هڪڙي ئي ڪافيءَ کيس سنڌ ملوڪ شاعر بنائي ڇڏيو. اِها شاهڪار ڪافي اهڙي آهي، جنهن جو ڪيترن شاعرن تتبع ڪيو:

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،

زندان هزارين مان نه رڳو،

تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي،

مهمان هزارين مان نه رڳو.

1- ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا،

   مخمور غفور سُرُر سندا،

   تنهنجي نور ظهور حضور سندا،

   نگران هزارين مان نه رڳو.

2- ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا،

   ڪيئي ناز مزيد مُريد ڪيا،

   ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا،

   قربان هزارين مان نه رڳو.

3- تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري،

   ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،

   ڇا جن ملائه حُور و پري،

   حيران هزارين مان نه رڳو.

4- ماهه لقا محبوب مٺا،

   تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،

   ٿيا دامن گير امير گدا،

   سلطان هزارين مان نه رڳو.

5- دلبر پيارا ڪر نور نظر ۾،

   تون ته سرور عالم جن و بشير،

   تون تان قربان تارا شمس و قمر،

مفتون هزارين مان نه رڳو.

نالي واري بند ۾ معنيٰ ته صحيح آهي، پر قافيو ترتيب موجب ناهي. اُهو ”مستان“ ٿي ٿي سگهيو. پوءِ تخلص ٻي جاءِ تي آڻجي ها. هن ڪافيءَ جي خاص طور موسيقيءَ جي لحاظ کان انفرادي حيثيت آهي ۽ ڊگهي رديف اڳيان فقط هڪ لفظ قافيي طور آيل آهي. قافيي جي اِها ترتيب سانگي ۽ ڪن ٻين شاعرن وٽ به آهي. سريلي پڻ لاءِ نياز همايونيءَ صحيح لکيو آهي ته: ”مولانا مفتون ۽ اُن جي همصعر شاعرن جي ڪلام جي ٻي وڏي خوبي اها آهي ته هنن جي هر سِٽَ ۾ موسيقيءَ جي سٽاءَ موجود رهي ٿي. جهڙي طرح مصري شاهه شاعريءَ سان گڏ موسيقيءَ جو به سرجڻهار آهي، تهڙي ريت مولانا مفتون پڻ شعر سان گڏ موسيقيءَ جي به اوسر ڪئي(ص 11).

ڪافين ۾ موسيقيت جا مثال موجود آهن. اڪثر مڪرر قافيي سان به اُها پيدا ٿئي ٿي. مثال:

مون کي ناز مِٺل جي مُٺو مُٺو،

جڏهن نيڻين نهاريو جودون جاني.

1- درسن تنهنجي دود دکايو،

   صبر قرار آرام وڃايو.

2- اکڙيون عجيبن جيءَ سان جَڙيون،

   قلب اسان جي قابو ڪَڙيون،

   اسان سوز سڄن جو سٺو سٺو.

3- ناز منجهون جڏهن نيڻ جو چاتي،

   مفتون ڏي دلبر ديد جو پاتي،

   مون تي مينهن مهر جو اُٺو اُٺو.

موسيقيت ۾ سهڻا قافيا به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اُن جو مثال هيءَ ڪافي به آهي:

تنهنجي صورت گل گلابي چوان،

يا، ملڪ سندو مهتاب چوان.

1- تنهنجي منهن مٺي کي ماهه چوان،

   يا حسن سندو بادشاهه چوان،

   يا مظهر نورالله چوان،

   يا مسجد جو محراب چوان.

2- تنهنجي لعل لبن کي لال چوان،

   يا عقيق يمن جو مثال چوان،

   يا کنڊ چوان يا کنڊ چوان،

   يا سرخ سونهارا عناب چوان،

   يا بيشڪ الف ايران چوان.

3- يا سرو سهي جو نشان چوان،

   يا طوطي ون بي حساب چوان،

   دل مفتون جي مست چوان،

   يا مست سو روز الست چوان،

   يا باز برهه جي دوست چوان،

   يا شوق تنهنجي ۾ ڪباب چوان.

”ديوان مفتون“ ۾ ڪل 116 سنڌي ۽ سرائيڪي ڪافيون آهن. سرائيڪيءَ ۾ به اُهو ئي اعليٰ معيار قائم آهي. مثال:

ميڏي زاري زاري زارڙي،

در دوست دلبر دي،

ننڊ نه آوي ٻَهڻ نه ڀاوي،

ڪا جا لڳڙي لنوء لغارڙي.

سيد حاجي حافظ شاهه ”حافظ“ ٽکڙائي (1871-1919ع):

ٽکڙ جي ادبي نواز وسيئن گذريل ٽي سئو سالن کان سنڌ تي شعر و ادب جي پالوٽ پئي ڪئي آهي. حافظ شاهه ”حافظ“ ولد الله بخش شاهه، علامه اسد الله شاهه ”فدا“ جو ڀاءُ ڪافين جو بيمثال شاعر ٿي ساماڻو. 35-40 سالن جي ننڍي عمر ۾ درد جا درياءَ وهائي ڇڏيائين. خوش مزاج، خوش پوش ۽ رلڻو ملڻو ماڻهو هو. جون واه جي ڪناري تي ڪنهن دوشيزه حافظ شاهه کان دل کسي ورتي. راڳ ساز جو شوقين هو. اندر مان اُڌما نڪتا ته اُتي ڪافيون بنجي ويا. آمل يار پيارا وي، عيسو، موٽيو ۽ لونگ شيدي ساٿ ۾ هئا. اُنهن کي ڌُن ۽ ڪافيءَ جا ٻول سيکاريندو هو، پوءِ هُو ڳائيندو هئا. گهڻو ڪلام ڳائڻ وارن وٽ رهجي ويو ۽ انهن کان پڇي سندس ئي خاندان جي فرد اسد الله (پوءِ ڊاڪٽر اسد الله بيخود)، پيامِ غمگسار جي نالي سان ڇپايو، اُن وساطت سان چند ڪافين جا مثال هٿ آيا آهن. انهن ۾ سندس ڪافين ۾ سرموڙ ڪافي هيءَ آهي:

آمل يار پيارا وي، برهه بيمار ڪيس آءُ بلڪل.

1-      زلف زور آور وار وسيهر، ڳاٽ کنيو ڏينڳارا وي،

        ور ورن ۾ ڳوڙها ڳتيل، ڪر ڪاريهر ڪارا وي،

                        اٽڪن لٽڪن ڪُنڍڙا ڪاڪل.

2-     ابروءَ جي اين سيف سهسين، وڌئي واڍوڙي ويچارا وي،

        چور ٿيو سي چهڪ چڪائين، ويا چُڪين جا چارا وي،

                        دردن اُن جو دارون نه درمل.

3-     کنيو نقاب کليو ٿو نهارين،کڙيا کٽڻهارا وي،

        کليا گُلَ گلابي گلشن، گهريا گل هزارا وي،

                        سرو صنوبر سوسن سنبل.

4-     حافظ شاهه کي آهي هردم، پريم تنهنجي پچارا وي،

        آءُ ويهه جوڙي جيءَ۾ جايون، جانب جيءَ جيارا وي،

                        نازن ڀريا نوري نرمل.

        محبوب سان لنئون ڪيئن لائجي، راز ڪيئن رکجي، اُن لاءِ چوي ٿو:

        لنئون لاڏلي سان لائي، لوڪئون لڪائجي،

        پڪو پيچ پرت جو ڪو پرين پائجي،

1-      سڪ سُور سوز سانچج سيني ۾ پيو سدائين،

        ڪنهن رمز سان ريجهائي سڄڻن سڻائجي.

2-     زاريون ۽ ڳچيءَ ڳارا ڪج انتظاريون،

        هرگز حبيب سان نه ڪا حجت هلائجي.

3-     آزار عشق جا ۽ دک درد دل تي ڌر،

        سختيون سوين سهي سرسوريءَ سنڀائجي.

4-     حافظ  شاهه حُب هوت جي رک دل تي دائما،

        توڻي خوف توڻي خوش ته به نينهڙو نڀاهجي.

        حافظ شاهه جون ڪافيون متناسب تُڪن ۽ موسيقيءَ جي آهنگ موجب جهونگاري ٺاهيل آهن. اُهو ئي ڪافي جوڙڻ، چوڻ جو صحيح طريقو آهي:

دل دلربا ڌُتارئي، تازن سين ناز وارا،

مشڪي سيھ مسلسل،

ڪن پيچ پيچ پلپل،

قابو ڪمند ڪاڪل،

بانڪا بڇي بهاريئي، ونگيو وٺن ويچارا.

سرمي سوا سُهائين.

لک گُهور ساڻ گهائين،

ڪريو ڪِيس ڪئي ڪُهائين،

هيڪر جتي نهاريئي، کڻي نيڻ ٻئي خُمارا.

يا قوت لعل مرجان،

لالي لبن تان قربان،

حورون حسن تي حيران،

شرمند شمس ڪاريئِي، ڪتيون قمر ستارا.

حافظ شاهه جون نيازيون،

مڃ التجا ۽ آزيون،

ڪر دوست دلنوازيون،

ڇو مفت مُئيءَ کي ماريئي، ڏس پاڻ ڏي پيارا.

اهڙيءَ طرح حافظ شاهه جون ٿوريون ڪافيون آهن، پر اُهي هڪ طرف محبت ۽ مجاز جو آواز آهن ته ٻئي طرف سُر ۽ ساز  آهن. حافظ شاهه پنهنجي همعصر دور ۾ ڪافيءَ جو هڪ بهترين ۽ نمائندو شاعر آهي. (تفصيل لاءِ ڏسو: اسد الله (بيخود) ٽکڙائيءَ جو تذڪره شعراءِ ٽکڙ، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.

محمد و اصل درس (1853-1920ع):

محمد واصل ولد ميان رحمت الله درس ٺٽي جو رهاڪو هو. عالم فاضل، حڪيم ۽ شاعر هو. سندس علمي خدمتن ۾ قصو سسئي پنهون بعنوان گلزار واصل ڇپيل آهي. ٻيو به ڪلام اٿس. حقيقت ۽ مجاز بابت چوي ٿو:

مجازي حقيقي جنين کي نصيب،

مجازان حقيقي ملي ٿو حبيب،

مجازان حقيقت اندر جي ويا،

ذڪر تن سندا پڻ گهڻائي ٿيا.

حُرن سين حسن ٿا حسن ۾ پسن،

هزارين هِتان ٿا هُتي ئي رسن،

ڏئي ڪن ڪٿي سونهن دلدار جي،

سري ڪن ڪٿي وير ديدار جي،

ڪنين کي ڪٿي پن ڪنين ڪٿ وصال،

ڪنين کي وصالان وري ٿيو جنجال (50).

سسئي پنهون جي قصي جي ظاهري معنيٰ سان اُن مان روحاني سبقي وٺي ٿو. مثال طور مور جو بيان هيئن ڪري ٿو:

ڪريان ڳالهه پکين منجهان مور جي،

پسي عيب جو، چِٽَ پسي ڪين ڪي.

رکي تاج سر ٿو پکي مور مور،

سونهي جو پکين ۾ پکي زور زور،

ڪري سو جڏهن ناچ مستي خوشي،

ٽلي ۽ کلي ناز هستي خوشي،

نظر تهر پيرن مٿي سو ڪري،

وڃي ٿو ويچارو ڏکن جي تري.

وڏا عيب پنهنجا نه آدم پسي،

ٻين تان سدا ٿو ذري ۾ هسي.

-

ننڊان نيڻ جهل جاڳ تون رات رات،

نيندين ماڳ دنيا منجهان صالحات،

ويا پهرين ڪي پٺيان تو رهيا،

سحوري ستارا لهي هي ويا،

جي غافل عمر تن سڄيائي خيال،

اکيون کول پنهنجيون نڪي پو جنجال.

حڪيم محمد واصل درس جي مثنويءَ جو نظم زبان جي لحاظ کان ايترو معياري ناهي. قافين جي تلاش اُن جو پهريون سبب آهي. سندس ڪلام قصن جي اُن ڪڙيءَ جو حصو آحي، جنهن ۾ مولوي عبدالله ڪڙيي واري جو لکيل قصو ليليٰ مجنون، حفيظ تيوڻي جو مومل راڻو ۽ ٻيا قصا اچي وڃن ٿا.

مل محمود (1875- 1925ع):

ڪتاب مل محمود جو ڪلام، جناب محمد يعقوب چانگ ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي. اُن کانسواءِ سندس لکيل داستان ليليٰ مجنون ۽ مجمع العجائب ڇپيل آهي. پوين ٻن ڪتابن جا ڪافي ايڊيشن ڇپيا آهن. اُن کانپوءِ 1961ع ۾ عبدالڪريم پليءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب وڻجارن وايون ڇپيون، جنهن ۾ ملمحمود جي سوانح ۽ ڪلام جو انتخاب ڏنل آهي. عبدالڪريم پلي، جناب چانگ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ آيل سوانح ۽ ڪلام جي معيار کي رد ڪري ٿو ۽ لکي ٿو:”تازو محمد يعقوب چانگ ٻئي نمبر ڪتاب (مجمع العجائب)  کي اُبتي سُبتي ترتيب ڏيئي، مل فقير جي هٿرادو ۽ من گهڙت سوانح ٺاهي، ڪتاب جو اڳوڻو نالو بدلائي ڪلام مل محمود پلي، نالو رکي آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد کي ڏنو آهي، جن پنهنجو سمجهي بي خوف ٿي شايع ڪرايو آهي(51).“ چانگ ڪتاب جو نالو مل محمود جو ڪلام رکيو آهي. سوانح البت مختصر ڏني اٿس. ڪلام جي صحت خاطر ڀيٽ هن وقت ممڪن ڪونهي. عبدالڪريم پلي جي سهيڙيل ڪتاب وڻجارن وايون ۾ ڏنل سوانح مستند ۽ تفصيلي آهي. پلي صاحب، شاعر جو نالو فقير محمود مل پلي لکيو آهي. هونئن مقبول نالو مل محمود آهي.

مل محمود ولد محمد عارف پلي 1875ع ڳوٺ حاجي عبداللطيف پليءَ تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. ڳوٺ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو، جتي حافظ ونهيين هنڱورجي وٽ قرآن شريف ۽ ابوالحسن جي سنڌي پڙهيو (52). تعليم کان پوءِ پنهنجي گهر گهاٽ، مال ۽ راڄ جي سنڀال مال محمود خوبيءَ سان ڪئي. سندس ڪلام مان مجاز جي چوٽ جو به اندازو ٿئي ٿو. نماز، عبادت ۽ رياضت ۾ پاڻ کي مصروف رکيائين. مل محمود جي ڪلام ۾ بيت، ڪافيون، نظم، غزل، مولود، معجزا، مداحون، مثنويون، ٽيهه اکريون ۽ ٻيو ڪلام شامل آهي.

ليليٰ مجنون جو قصو اڳ ۾ خليفي عبدالله ڪڙيي واري جو مشهور آهي. مل محمود به هي داستان نظم ۾ لکيو. عام روايتن ۾ آهي ته مل محمود به هڪ پهلوان ۽ عاشق هو. اُهو ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. رسالي وانگر سُر وار بيت ۾ سنڌ جي جي سورمين جو دستوري انداز وارو بيان ڪيو اٿس. سُر نوري ڄام تماچي ۾ چوي ٿو:

سئو سميون ۽ سومريون، اعليٰ سندن شان،

چلن چوکي چال سين، مينديءَ ڏيو مان،

ته به نوران مٽ ناه ڪا، توڻي ڪن طوفان،

جنهن گهڻا مرد موهيا، هڻي قرب ڪان،

جت مڇيءَ جو ميدان، اُت تڪيو تماچيءَ جو.

اهڙيءَ طرح سهڻيءَ جي بيان ۾ اُن جي ڪنن ۾ گهڙن جي ڳالهه هيئن ڪري ٿو:

ڪُنن ۾ ڪير گهڙي، لهرون لوڏا ڪن،

ڏسيو دور دريا جا، هنئين هور اچن.

سڻان تيئن سَرهي ٿيان، چنگهارون چَرن،

اچي پيس اوڏڙي، اڳيان سانڀر ٿا سُجهن،

ميڙئين مل محمود کي، هوُ دونهان دوستن،

اِنهين اُهڃاڻن، سهڻي گهڙي سير ۾.

ڪتاب مل محمود جو ڪلام ۾ ٻيا سُرَ سورٺ، رامڪلي، ليلا چنيسر، مومل راڻو، سارنگ، مورڙو، سسئي ۽ مارئي شامل آهن. سُرن ۾ بيان شاهه جي رسالي جي اثر هيٺ آهي. مثال طور سورٺ ۾ چوي ٿو:

الله جي آس ڪري، آيو ڀان ڀري،

ڪري دانهن در تي، ڪانهِل پيو ڪِري،

ڪوڙئين ڪپر ڪيترا، پيا خان کري،

صدقو في سبيل الله ڏي، سائل کي سِري،

مُلڪان ملڪ ڦِري، تنهنجي هاڪ هلائيان (53).

مدح، مناجات ۽ منقبتن کانسواءِ مل محمود جون ڪافيون محبت ۽ مجاز جي مڪمل رنگ ۾ آهن:

عقل مت کان الڳ جاني، برهه جي بات ٻي آهي.

1-      تماچيءَ کي لڳو ناتو، سندونوريءَ قرب قهري،

        طنبو طولان ويا ڪاڏي، ڄُليو رڇ ڄار ڳل پائي.

2-     سمن ۾ ڄام لاکو ڌُر ڌڻي هو پاڳ پيڙهيءَ جو،

        عشق اوڏڻ سندي موهيو، ڪيس ڪوڏر ڪلهي چائي،

3-     ڏسي نقشو بديعل جو سٽيو سيفل تخت شاهي،

        ڪارڻ ليليٰ زهر مجنون ڪڙو قاتل کليو کائي.

4-     پلي پرڏر ڪپر ڪوڙين، نيا نينهن نيش نهوڙي.

        پاتو صنعان سر جڙيو، پنهون ڌوٻين ڀرا ڀائي.

-

حُسن تنهنجي ڪري جلوو، موهيو مون کي جُڙيا جاني.

1-      اکيون ڪجليون ڀِرون ڪُنڍلا، کنوڻ وانگر ڪرن تجلا،

        بدن بنيو اهڙي شڪلا، ڪڙي قد ۾ سرو ثاني.

2-     ٽلين ٽم ٽم ڪبڪ رفتار، مثل طوطي ڪرين گفتار،

        لبن دندن سندو ديدار، سڪڀئي رنگ روپ روحاني.

3-     جڏهن کولين مبارڪ منهن، ڪري سورج تڏهن توبهن،

        قسم ڪريان ڌڻيءَ جو سُنهن، نه ڀانيان مٽ سندءِ ثاني.

4-     ڪنان بجلي سندءِ صورت، چٽي چهري اچي عبرت،

        پلي پينار کي رحمت، پسايو پاڪ پيشاني (54).

مل محمود جي اولاد ۾ به هڪ پوٽي جو نالو مل محمود رکيو ويو. فقير صاحب مل محمود رام جاڳو قربستان ۾ آرامي آهي (55).

زمان شاهه ساقي (1890-1926ع):

زمان شاهه جو تعلق ٺٽي جي رضوي خاندان سان آهي. سندن ڪلام خاص طور ڪافين تي مشتمل آهي. ٻيون صنفون به چيون اٿس. سندن سوانح ۽ ڪلام بابت ڪو ڀروسي جوڳو مواد ڪو نه مليو آهي. ڊاڪٽر بلوچ، ڪتاب ڪافيون (جلد-ٻيو) ۾ زمان شاهه جون ڇهه ڪافيون درج ڪيون آهن، جيڪي بقول ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ بياض تان ورتل (56). مون کي ڪو اڃان ڪو ٻيو ماخذ نظر نه آيو آهي. زمان شاهه جي ڪافين مان ٽن مشهور ۽ مقبول ڪافين جي حوالي سان ڳالهه ڪريان ٿو. هي ڪافيون محبت ۽ مجاز توڙي موسيقيت جي لحاظ کان منفرد انداز جون آهن. مقبول ڳائڻن بهترين ڌُنن ۾ ڳايون آهن. سُر سارنگ جو تاثر رکندڙ هيءُ ڪافي برسات جو نظارو مترنم لفظن ۾ بيان ٿي آهي. اُن سان گڏ وايو منڊل محاڪات جو بهترين مثال آهي:

آئي مند ملاري وي، جهڙ ڦڙ وسن جهالارا، جهم جهم،

1-      موتيو مکڙي گونٽ گلابي، سنبل حسن زهاري وي،

        سَرو صنوبر سوسن سهڻو، لالا لال لياري وي،

                        بلبل ٻولي قمري قم قم.

2-     ڄام ڄمون نيو نم نم نارل، وڻن وري وڻڪاري وي،

        انب انجير انگور اناري، نرگس خوب خماري وي،

                        شب روز روسي شاخن تي شبنم.

3-     ديد دُناليون بڙڇيون ڀالا، تيز ڀرون تلواري وي،

        ڳاڙها چپ موتين جهڙا، زلف قيامت ڪاري وي،

                        دام وجهن ٿا دل کي دم دم.

4-     ايندو دلبر عيد ڪنداسون، تات اِها ٿم تاري وي،

        محب زمان شاهه موٽي ملندو، پرين ڪندو پوئواري وي،

                        ناز وارن جي اڳيان نم نم.

        جنهن ڪافيءَ ۾ مضمون ۽ مصرعن جو تسلسل ڌيان ڇڪائي ٿو، اُها هيءَ آهي:

        جنهن سان دلڙي اَڙي تنهن کان ڌار ٿيڻ،

        جيڏيون جاڙ جيئڻ، تنهن کان زهر پيڻ،

        اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇا هي ڙي!

1-      جنهن کي نينهن نيو، تنهن کان سڀ ويو،

        ڏونگر ڏس ڏيو جيڏيون شامل جيو،

        اهو ناهي ڦسڻ ٻيو ڇاهي ڙي.

2-     دل تي دود دُکن لکين پُور پون،

        سوين سُورَ سجهن واتان ڪين ڪڇن،

        ڏسيو ا اچن اچيو پاڻ پڇن،

        اِهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي ڙي.

3-     مليو ماهه لقا، جنهن تان آهيان فدا،

        ڪيو قهر قضا ٿيو يار جدا،

        سِڪي ساهه سدا تنهن کي آڻي خدا،

        اِهو ناهه جلڻ ٻيو ڇاهي ڙي.

4-     ماندي دوست مران پکي روز پُڇان،

        زمان مانَ ملان اها آس رکان،

        ويٺي فالون وجهان ايندم يار ڪٿان،

        اِهو ناهي سڪڻ ٻيو ڇاهي ڙي.

اهڙيءَ طرح ”اباڻا الاجي ويٺا ڇو وساري“ ٿلهه واري ڪافي به مقبول آهي. زمان شاهه جي غزلن ۾ رديف ”هي چار چيز“ وارو غزل به نهايت سهڻي سٽاءَ وارو آهي:

نازنين وٽ هميشھ ٿا رهن هي چار چيز،

ناز نخرو، شور شوخي، ٿا رکن هي چار چيز.

-    

پيچ بازي، بينيازي، بي قياس ۽ فريب،

ماه روين کي مدامي ٿا وڻن هي چار چيز.

منٺار فقير راڄڙ (1865-1938ع):

منٺار فقير راڄڙ ولد وڏيرو قبول محمد راڄڙ کاڻي راڄڙ تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ جو هو. راڄڙ هن خطي جي قديم قوم آهن. منٺار فقير جو خاندان به راڄ ڀاڳ وارو هو. سندس دل فقيريءَ ڏانهن راغب هئي. پاڻ مخدوم امين فهيم ثالث عرف پکن ڌڻيءَ جو مريد ٿيو. اُتان فيض مليس ۽ وفات بعد تعليم جو اشارو به مرشد کان مليس ۽ ذهن کلي پيس. مرشد جي تعريف ۾ ڏهر (بيت) به چيا اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org