سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:16 

ڪربلا رڻ ۾ قضا جڏهن موت جي بازار ڪئي،

جنس تيغ و تير و خنجر آڻي اُت انبار ڪئي،

بوترابين اُن خريداريءَ تي پنهنجي وار ڪئي،

مرتضيٰ فرزندان سودي جي سٽ يڪبار ڪئي.

شاهه جي واپار جي سڻجو حقيقت هاءِ هاءِ،

ڌار خنجر جي ڳڌئين ڏئي سِرَ جي دولت هاءِ هاءِ.

سنڌي مرثيه نويس گذريل اڍائي سئو سالن ۾ ڪيترا ٿي گذريا آهن. ثابت علي شاهه به ٻيو گهڻو ڪلام چيو آهي، پر مرثيو سندس سڃاڻپ آهي(7).

محمد عارف صنعت (1800-1850ع):

محمد عارف قوم اعواڻ شڪارپور ۾ڄائو. سندس والد جو نالو محمد امين هو. هو فارسيءَ ۾ ديوان ۽ مثنويءَ جو مصنف آهي(8). اُن کان سواءِ هن سعديءَ جي ڪريما جو سنڌي ترجمو ڪيو. اُهو ئي سندس ڪارنامو ليکجي ٿو. ڇو جو سنڌيءَ ۾ ابتدائي عروضي ڪلام ۾ مرثيا آهن ته عارف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مثنوي به ابتدا ۾ ئي آهي. پروفيسر بدويءَ جي لکڻ موجب هن  کان اڳ عبدالرئوف نالي شاعر به ڪريمان جو ترجمو ڪيو هو(9). صنعت جو ڪيل ترجمو اصل جي بلڪل قريب آهي.

سعدي: دلاگر تواضع ڪُني اختيار،

صنعت: تواضع ڪرين دل جي تون اختيار.

تواضع واري باب ۾ چوي ٿو:

تواضع قبولي سدا هوشمند،

رکي شاخ ميوي ڀريل هيٺ ڪنڌ،

تواضغ ڪري قدر تنهنجو عيان.

معزز دلين ۾ رکي مثل جان،

تواضع ڪري مرد کي ڪامران،

تواضع آهي سروريءَ جو نشان،

تواضع آهي سر بلندن جو ڀاڳ،

تواضع فقيرن اصل مرڪ ماڳ.

ائين علم جي فضيلت واري باب ۾ چوي ٿو:

لهي علم کان شرف ٿو آدمي،

نه دولت ڪناءِ نه ڪنهن خادمي،

پٺيان علم جي شمع جئن ڳار پاڻ،

جو ري علم مشڪل خدا جي سڃاڻ،

سياڻو طلبگار ٿئي علم جو،

سدا نرخ بالا رهي علم جو.

وفا، دنيا جي بي ثباتي، سچ ۽ ڪوڙ بابت سعديءَ جي خيالات جي بلڪل اصل مثنويءَ وانگر ترجماني ڪري ٿو. ڪوڙ کي هيئن نندي ٿو:

هجي ڪوڙ جي گفتگو جنهن جي يار،

ٿئي ڏينهن محشر ۾ ڪيئن رستگار.

برو ناهه ڪم ڪوڙ ڌاران ٻيو،

ٿئي نانءُ گم ڪوڙ مان جنهن ڪيو،

ڪري ڪوڙ ماڻهوءَ کي ٿو شرمسار،

ڪري ڪوڙ ماڻهوءَ کي ٿو  بي وقار،

ڏياري توکي ڪوڙ شرمنگي،

وڃي غم ۾ ڪوڙي سندي زندگي،

وٺي عار ڪوڙي ڪنان هوشيار،

جو اُن جي سخن تي نه آهه اعتبار.

دنيا جي بي ثباتيءَ بابت چوي ٿو:

نه رک دل جو هي ماڳ آهي فنا،

جو اُن ۾ رهيو ڪو نه غم کان بنا.

بيشڪ سعديءَ جي ڪريما جو هي ترجمو صنعت گهڻي محنت سان ڪيو آهي. هن مثنويءَ جي ڪري پوئين دور ۾ سعدي جي مثنوين ڪريما ۽ بوستان جا ٻين به ترجما ڪيا.

آخوند گل محمد هالائي (1808-1855ع):

آخوند گل محمد ولد آخوند ولي محمد پهريون شاعر آهي، جنهن جو مڪمل ديوان پهرين ڇپيو ۽ هن خود حج بيت الله جي زيارت لاءِ ويندي بمبئيءَ (ممبئي) ۾ ڇپايو. هُو هالن پراڻن ۾ ڄائو هو(10). سندس خاندان علميت جي ڪري سانوڻي آخوند جو خاندان سڏبو هو. اُهو سانوڻي مينهن جي پالوٽ جي ڀيٽ ۾ علمي پالوٽ جي ڪري هو. پنهنجي اباڻي ڪٽنب واري مڪتب ۾ پڙهيو. عربي ۽ فارسي زبان ۾ به ڀڙ ٿيو. سندس وڏا اصل پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا ۽ انهن جا خيلفا سڏبا هئا.

خانبهادر ميمڻ لکي ٿو ته: ”هالا تعلقي جي ڳوٺ کيبرن ۾ گهڻو گذاريندو هو. سندس مجازي نينهن جو ناتو به اُتي سريجل هو. هو مجازي عشق ۾ پاڪباز ۽ حقيقي عشق ۾ سرفراز هو (11).“

آخوند گل محمد مڪي ۾ وفات ڪئي. بمبئيءَ ۾ ڇپايل سندس ديوان ۾ ڪي ڇاپي جون غلطيون رهجي ويون. اِها حقيقت آهي ته هن ديوان جي شايع ٿيڻ سان اها ڳالهه به سامهون آئي ته نه رڳو آخوند صاحب هيءَ جدت سنڌي شاعريءَ ۾ آندي پر هُو علم عروض کان به چڱي طرح واقف هو، جو هن مشڪل بحرن جهڙوڪ بحر خفيف، بحر رمل، بحر رجز ۽ مضارع ۾ ڪلام موزون ڪيو. اُن سان گڏ نج سنڌي آوازن وارا قافيا جهڙوڪ: ڊ، ڏ، ڄ، ڃ ۽ ڙ وغيره تي به غزل موزون ڪيائين. اُن کان سواءِ معنوي ۽ لفظي  صنتن جو به لحاظ رکيائين. ان ڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته نه رڳو ڪلام جي ٻين خوبين سان گڏ علم عروض ۽ علم بديع جي مڪمل پابندي به ڪيائين.

ٽکڙ جي ارڙهين صديءَ جي شاعرن ۽ گل جي دور ۾ اٽڪل هڪ سئو سالن جو خال آهي. اِن وچ ۾ ڪن ڪافي گو شاعرن جو ڪلام ڪنهن حد تائين عروض سان ٺهڪي ٿو، پر آخوند گل ئي پهريون شاعر آهي. اندازو آهي ته گل ۽ سندس همعصرن (قاسم، فاضل، گدار وغيره) 1825ع ڌاري غزل گوئيءَ جي ابتدا ڪئي هجي.

آخوند گل جي ڪلام کي موضوع ۽ مضمون جي مدنظر ڏسجي ته هن ڪلام ۾ عشق و محبت ۽ پند و نصيحت سمايل آهي ۽ وقت جي مد نظر خدا پرستيءَ جي تلقين به آهي. جيتوڻيڪ غزل فقط عشقيه جذبات جو ترجمان هجڻ کپي. آخوند گل جو ديوان جيڪو هن پاڻ ڇپايو. اُن کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽائپ ۾ ديوان گل سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1933ع ۾ اُن جو ڇاپو شايع ڪيو. جنهن کي قاضي عبدالغفور هالائيءَ ايڊٽ ڪيو. اُهوئي اسان جي اڳيان آهي. اُن جا پوءِ ٻيا ڇاپا به نڪتا.

غزل جي بنيادي مضمون ۾ مختلف لاڳاپيل ڪيفيتن جو بيان گُل وٽ موجود آحي. اُن جو بيان هڪ ئي غزل ۾ ڪري ٿو: مثال طور: محبوب جي تعريف ۾ غم کان ڇوٽڪاري لاءِ چوي ٿو:

پيالو مي سندو ڏي پُر ڪري محبوب متوالا،

ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هن هوش کي حالا،

دنيا جا رشتا ناتا به اڪثر تڪليف ڏين ٿا، اُن جو اظهار اجهو هئين ٿيو ڪري:

ڀٽون آهن، ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙئي مائٽ،

توڻي ڀائر سڳا چاچا توڻي ڪي سئوٽ ۽ سالا.

هنن ڏکن کان ڪيئن آجو ٿبو؟ ڇا ڌنيءَ جي طلب کي بنيادي طور مقدم رکبو ۽ عيش عشرت کان پاسو ڪبو؟ شاعر چوي ٿو:

اٿئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت،

دنيا جي عيش عشرت کي ڀري هڻ تون کڻي ڀالا.

اِهي ته ٿيون اُهي ڳالهيون جن شاعر کي زندگيءَ جي ڪن روين ڏانهن ڌيان ڏياريو. پر بنيادي ڳالهه ته وري به حسن ۽ عشق جي آهي. چي:

ڏسڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سَريا ٽي گُلَ،

تنهنجو مُک گل، زلف سنبل، منهنجي دل جيئن گُل لاله.

ٽي تشبيهون ڏيڻ لاءِ شاعر ٻه تشبيهون محبوب جي مُک ۽ زلفن بابت ڏنيون ۽ هڪ پنهنجي دل جي حالت بابت ڏنائين. جنهن تي اشاري موجب جدائيءَ جو ڦٽ يا ڪارو داغ آهي جو لاله کي ٿيندو آهي. اِها آهي غزل جي شاريت جا تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين سان ظاهر ڪبي آهي.

نفس اَماره کي ڪتو سڏڻ ايحو استعارو آهي:

پل ڪُتي کي م ڏي انهيءَ کي ڇڇِ،

نه وڻي ڳالهه جا لڳي ٿي بڇِ.

آخوند گل هالن جو هو. هالن جي سڄي ايراضيءَ ۾ هٿن جي هنرن جي کوٽ ناهي ته آخوند صاحب وٽ به انهن تشبيهن جي کوٽ ناهي. ڌنڌن، هنرن ۽ هارين نارين توڙي ڪمين ڪاسبين جي ڪرت مان سبق وٺي ٿو. موت جو ذڪر به انهيءَ حوالي سان ڪري ٿو ته هاري ڪيئن ٿا ڪن:

مئا جي محبت ۾ ماريا نه موت،

وتن جال جيئرا فنا ڪيا نه فوت،

لڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي،

هڻن جئن ٿا هاري کراڙا ۽ روت.

ڪورين جي ڌنڌن جي اصطلاحن جو حوالو هيئن وٺي ٿو:

پائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار،

ٿيا ڳنڍجي گل مڙئي ڳوپ ڳوت.

محبوب جي اچڻ تي شاعر خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ڏکن جو دور ويو:

مليو محبوب متوالو، ويو ڏک ڏرت هڪ ٺالو،

ڀڳي دلدار دل ريهي، ويا ڏکڙا وريا سُکڙا.

فنا جو فلسفو بيان ڪندي ڪيئي حوالا آڻي ٿو جن سان دنيا جي فاني هجڻ جي ڳالهه وزنائتي نموني ڪري سگهي. سوداگرن جي ڌنڌي جي ڳالهه ڪندي گل چوي ٿو:

ڪي سوداگر رات ڏينهان منجهه وٺڻ وڪڻڻ خراب،

ڪُوڙَ دنيا جا ڪَٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.

نصيحت حاصل ڪرڻ ۽ ڪا صورت حال چڱي نموني ڌيان تي آڻڻ لاءِ گل زندگيءَ جي مختلف روين ۽ بهتر ڳالهين جي اُپٽار ڪري ٿو. سٿڻ مٿان چادر جو هڪ وڌيڪ پردو گوڏ، ڏاٻ ۽ چڱيءَ طرح چٻاڙي کائڻ جو مثال ڏي ٿو:

آهه سهڻي ستر سان سٿڻ مٿي چادر جي ڏاٻَ،

منجهه کيڻ چيٺي چٻاڙي ڏاٺ ڏند کي ڏيڻ چاٻَ.

نيٺ نڌان غزل ته محبوب جي حسن جهان سوز لاءِ ئي مخصوص آهي. اُن جو بيان پنهنجي وقت جي شعري روايت جي آڌار تي گل خوب ڪيو آهي. هُن جي اڳيان هئا ته فارسي ديوان هئا. اگر اُنهن جي تقليد ڪئي اٿس ته به پنهنجو رستو جدا ڪڍيو اٿس. محبوب جي اکين، لبن ۽ سراپا جو بيان ڪندي چوي ٿو:

تنهنجون اکيون آهين سدا لعل سُرخ،

چپ ماکيا ملوڪ مٺا رنگ لعل سُرخ.

-

تنهنجا اندم گلِ لاله ۽ گل گلاب،

مينديءَ سين هٿ پير رتا، رنگ لعل سُرخ.

-

ڇا پيرهن ۽ انگرکر سٿڻ ۽ جُتي،

محبوب تنهنجا مڙيئي لٽا لعل سُرخ.

لاڙ جي مشهور شاعر مولوي احمد ملاح جو رنگ مخصوص ڄاتو ويندو آهي ۽ اُن جو اثر به ترَ ۾ گهڻو آهي. گل به ڪنهن حد تائين لاڙ جي زبان ۽ بيان جو شاعر آهي، جيڪي رديف قافيا، تشبيهون استعارا ۽ انداز بيان لاڙ جو ڄاتو وڃي ٿو. آخوند گل اُن جو ترجمان آهي. رنگ آهنگ ۽ سُر سنگيت ۾ به ڪلام جي سُيلائي گُلَ وٽ آهي:

آءٌ ڏکيو ڇا جي هُئان تون شال هُئين محبوب خوش،

پوءِ مٿي رندن روئان تون شال هُئين محبوب خوش.

سُور ڏک تنهنجا وڃي ڪنهن کي چوان جاني مِٺا،

تنهنجا پڻ توکي چُئان تون شال هئين محبوب خوش.

عرض منهنجا دل اڳي مون کان اچي آن کي چيا،

جي سُئان يا ناسُئان تون شال هُئين محبوب خوش.

تنهنجي چشمن سيني گل جي کي هڻي ڪيو چاڪ چاڪ،

سو سبيو ٿيندو تُئان تون شال هئين محبوب خوش.

مڪرر قافين جا مثال گُلَ وٽ آهن. جن سان سُر جو آهنگ بهتر ۽ نمايان ٿئي ٿو. خوشيءَ جو اظهار ۽ اُن سان لاڳاپيل ڪيفيت لفظن ۽ انداز بيان سان گل پيدا ڪري ٿو. محبوب کي ڏسڻ سان دل باغ باغ ٿئي ٿي:

تنهنجي ڏٺي اي گل بدن دلڙي کلي ٿي باغ باغ،

آئي خوشي منجهه جان تن دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

تنهنجي ڏٺي بت بحر ٿيو، منجهه شوق شادي شهر ٿيو،

ٿيا ذوق حاصل جان من دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

آن جو دلاسو دل ڏنو دل کي انهيءَ سڀ کان ڇنو،

ڪا جا ٻڌائين ڳالهه ڪن دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

آءٌ جُزو هڪ تون منهنجو ڪُل، تون باغ آءٌ هڪ تنهنجو گل،

توکان ٽڙيو چِت جيئن چمن، دلڙي کلي ٿي باغ باغ.

آخوند گل سان ۽ کانئس پوءِ هيءَ غزل جي روايت اڳتي هلي ٿي ۽ ديوان مرتب ٿين ٿا.

آخوند محمد قاسم (1806-1881ع):

آخوند گل محمد هالائيءَ جو ويجهو عزيز ۽ يگانو شاعر، آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله پراڻن هالن (ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. پر سندس گهڻو وقت حيدرآباد شهر ۾ بسر ٿيو. اِها ڳالهه سندس پهرئين سوانح نگار ۽ ديوان قاسم جي مرتب مرزا قليچ بيگ لکي آهي(12). پوين سڀني ڪتابن مواد مرزا قليچ بيگ جي ترتيب ڏنل ديوان قسم تان کنيو آهي. ديوان قاسم جي اڃان به پهرئين ڇاپي لاءِ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”مرحوم محمد قاسم، تمام چڱيءَ طرح ۽ چڱن خيالن سان لکيل آهي. ديوان قاسم اڳيئي ليٿو ٽائيپ ۾ 87 صفحن ڌاري مشتمل ٿيل هو جو 1293 هه بمطابق 1875ع ۾ تيار ٿيو. سنڌ ورنيوڪيولر ڪاميٽيءَ جي پسنديءَ پڄاڻا وڌيا ونود ڇاپخاني ڪراچيءَ جي 1878ع ۾ ڇپجي تيار ٿيو (13).“

ديوان قاسم، جي مقدمي ۾ مرزا صاحب آخوند محمد قاسم جي سوانح، علم ۽ عرفان ۽ روزمره زندگي توڙي روزگار تي سهڻي نموني لکيو آهي. اُن موجب آخوند قاسم سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ جو علم حاصل ڪيو. حيدرآباد ۾ هن جي فاضل شاهه سان ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ اُن جي پاڙي ۾ ڪورين جي پڙ ۾ اچي رهيو. سرڪاري نوڪري روينيو کاتي ۾ منشي ۽ تپيدار جي ڪيائين. موري ۽ ٽنڊي باگي ۾ رهيو. اُها ڇڏي ڏنائين ۽ حيدرآباد ۾ عاملن کي فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو. هٿ اکر سهڻا هئس. اُهي به سندس روزگار جو ذريعو بنيا. خيرپور جي ميرن ۽ راجائن ڏي قصيدا به لکي موڪليندو هو. تنهن سان گڏ مير حسن علي خان جي نوڪريءَ ۾ آيو، پر مصاحب کي قاسم جي شعر تي ڪيل اصلاح نه وڻي ۽ کيس پنهنجي جاءِ تي وڃي رهڻ جو چيو ۽ 20 رپيا ماهيانو وظيفو آخوند صاحب کي ڏيندو رهيو (14). آخوند قاسم شادي ڪئي. زال جي وفات کانپوءِ ڇڙو رهيو ۽ بي اونو ٿي زندگي گذاريائين (15). هڪ ڀرپور عملي، علمي ۽ ادبي زندگي گذاريائين. آخوند قاسم، گل ۽ ٻين همعصر شاعرن جو فارسي ڪلام اُن وقت جي مقبول اخبار مفرح القلوب ۾ شايع ٿيندو هو.

آخوند قاسم هڪ بلندپائي جو شاعر هو. هُن جو ڪلام اسلوب، اندازِ بيان ۽ زبان جي لحاظ کان اِن ڳالهه جو شاهد آهي. مرزا قليچ بيگ، قاسم جي عادات و اطوار ۽ روزمره جي معمول وقت نه وڃائڻ ۽ نيڪ دليءَ جي باري ۾ ديوان قاسم جي ديباچي ۾ ذڪر ڪيو آهي، اُهو ئي آخوند قاسم جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿو. هِن دور جي ڪيترن شاعرن ۽ ننڍن همعصرن کيس شغرن م خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قاسم جو ڪلام انهيءَ ساراهه جي بيشڪ لائق آهي. هُو محبوب جي حسن جو، نيڪيءَ جو ۽ احسان جو بيان ڪري ٿو ته اُن کي هوت همارا ڪري خطاب ڪري ٿو:

هوت همارا، نازن وارا، قلب قرارا، محب متارا،

پرت پيارا، سونهن سڌارا، عشق اُجارا، سالم سارا،

دانهن دلبر، ساجن سرور، مانَ مفخر، ڀال ڀلي ڀر،

اَڙين آڌر، وانجهن واهر، داڙو داور، ساک سچارا.

آءُ اسان وٽ،  ڪرم گهڙي گهٽ، مهر مڇڻ مٽ، سُور سندم سٽ،

ماڻ جواني، جانب جاني، نينهن نشاني، ناز نظارا.

قاسم ڪائي، ڪرم اَجائي، روءِ ريائي، تات پرائي،

ڳالهه اِهائي، سڻ سک سائي، چال چڱائي، هر مدارا.

عاشقن جي طور طريقن ۽ برهه جو باب پڙهڻ بابت قاسم پنهنجن جذبن جو ڀرپور اظهار ڪري ٿو. اُن سلسلي ۾ حقيقت ۽ مجاز جو بيان گڏ ڪري ٿو:

عشق وارن کان اچي سک بره باب،

آهي اِي نُڪتو عجائب انتخاب،

جي امانت عشق جي آڻِن بجا،

حشر ۾ اُن تي نه هوندو ڪو عذاب.

هُون ظاهر ۾ ذري جئن جي زبون،

مَحو معنيٰ ۾ اندر اُن آفتاب.

روزشب رهه رمز ۾ رب جي ته ٿِينِ،

نفس ۽ شيطان خجلت ۾ خراب.

معرفت جي مام جي معلوم ڪَنِ،

آخرت ۾ عفو ٿئي اُن تان عذاب.

ڇڏ هَوَس ۽ خانقهه ۾ خير جي،

پڙهه وڃي قاسم قناعت جو ڪتاب.

(ڀ) رديف ۾ ناصحانه ڪلام جو قاسم وٽ هڪڙو هي مثال آهي:

اڄ مروت ۽ وفا، منجه آدمين آهي اَلڀ،

پڻ صداقت ۽ صفا، منجهه آدمين آهي اَلڀ.

خُلق خاصي سان گذارڻ خَلق ۾ خوشنود ٿي،

جا محبت مقتضا، منجهه آدمين آهي الڀ.

خوءِ خصلت، خنده روئي جي رکن سان خاص عام،

تا منجهس ماڻن مزا، منجهه آدمين آهي الڀ.

آدمين سان آدمي دل تي رکن دولاب کي،

خوف تنهنجو يا خدا، منجهه آدمين آهي اَلڀ.

آدمين گُهرجي سڃاڻڻ آدمين جو عز و آب،

پَرَ ڪرڻ ايءَ پرَ بجا، منجهه آدمين آهي الڀ.

قرب قاسم جي ڪرڻ، سان آدمين اندازسين،

اِبتدا تا اِنتها، منجهه آدمين آهي اَلڀ.

تصوف جي اصطلاحن ۾ قاسم جو ڪلام آهي. هڪڙو مثال هي آهي:

سناسي سير ڪر منجهه نفي اثبات،

اُنهن جو پَٿِ آهي نت نيارو.

عشق جي واردات سان گڏ قاسم وٽ نصيحت جو عنصر به چڱي انداز ۾ آهي. هُو انسانيت جو رستو وٺڻ جي تلقين ڪري ٿو. ائين ڪرڻ سان غزل جي بنيادي مضمون کان جيتوڻيڪ هٽي وڃي ٿو، پر ناصحانه ڪلام ۾ بلند مقام تي پهچي ٿو. دغا ۽ دورنگي سوچ کان روڪي ٿو ۽ خُلق وارو گس وٺڻ لاءِ چوي ٿو:

ڇڏ دورنگي ۽ دغا، اهڙي چڱيري ريت رِٿِ،

رهه سچائيءَ ۾ سدا، اهڙي چڱيري ريت رِٿِ.

-

خَلق سان رک خُلق خاصو، خير خواهي پڻ ضرور،

ماڻ محبت مقتضا، اهڙي چڱيري ريت رِٿَ.

ستمگار کي سڃاڻي ٿو ۽ برملا ٿوي چوي ته هو سدائين ستم تي ستم ٿو ڪري:

ستمگار عيار جو لوڪ لاءِ،

سدائين ستم تي ستم ٿو ڏسان.

محبوب کي ڪئين اشارن ڪناين سان دل جو احوال ٿو ٻڌائي. من ڪنهن اشاري ۾ حال دل ڄاڻي ۽ ڪرم جي نظر ڪري.

پِرت جو پيچ پاڻ پائين ٿو،

پوءِ وري محب منهن لڪائين ٿو،

ڳالهه توساڻ جا ڳجهي ڳرهيان،

سا رقيبن سڄڻ سڻائين ٿو.

من سندي حال ۽ حقيقت جو،

هر ڳلي ڳوٺ هُل هُلائين ٿو.

پي پيالو پريت جو پريم،

اڄ گهڻا گهُورَ ساڻ گهائين ٿو،

قرب جي ڪات سان ڪُهي قاسم،

مهر جو مُنهن مِٺا مَٽائين ٿو.

عاشق جي بيوسيءَ جو به ڪو سَنڌو سيڙهو ڪونهي. هو سمنڊ ۾ اَڻ تاروءَ مثل آهي:

هاءِ هرگز ڪونه ڪو وس آهي هن وهلورَ جو،

ڪيئن تري منجهه سمنڊ اَڻ تارو ستايل سورَ جو.

محبوب وس وارو آهي. جئن کپيس تئن ڪري:

مون اڳيان اي دوست يڪدل يار رَهُه،

جئن گُهري دل تئن وٽم دلدار رَهُه.

جيئن قاسم کي ٻين شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ داد ڏنو آهي، تيئن آخوند قاسم به ٻين کي داد ڏنو آهي. نه رڳو ايترو پر ڪٿي ڪٿي هڪٻئي تي جُلهون به ڪيون اٿن. حمايت ۽ مخالفت انساني زندگيءَ جو حصو آهي ته شعر ۾ به اُن جا پرتوا موجود آهن. قاسم جا ڪل چار ديوان ٻڌجن ٿا جي فارسي، عربي ۽ هندي/اردوءَ ۾ آهن. سنڌي ديوان جهڙائي بي مثال هوندا.

حافظ حامد (1832-1897ع):

ٽکڙ (ضلعو حيدرآباد) جي شهري روايت ٽي سئو سال پراڻي آهي. سيدن، سرهندي پيرن، ميمڻن ۽ ٻين ذاتين جي شاعرن، سگهڙن ۽ ڳائڻن هن ڳوٺ کي مشهور مقبول ۽ آباد رکيو. مختلف خاندانن مان وڏا وڏا اهل علم پيدا ٿيا. حافظ حامد جو وڏو نورمحمد خسته هو جو ارڙهين صديءَ جي ابتدا ۾ محفل شعر کي گرمائي رهيو هو. اُن جي خاندان مان محمد صالح ميمڻ ٿيو جو به شاعر هو. هي خاندان مٽياريءَ مان سيدن سان گڏ ٽکڙ ۾ لڏي آيو (16).

حامد ولد محمد هاشم ولد محمود ميمڻ پراڻي ٽکڙ ۾ ڄائو. ٽن سالن جي عمر ۾ ماتا جي مرض ۾ مبتلا ٿي نابين ٿيو. تعليم پرائڻ ۾ پوءِ به سڄن کان به وڌيڪ برجستو هو. سندس زندگيءَ جو احوال پهرين مولانا دين محمد وفائيءَ لکيو، جيڪو ارمغان حامد جيپهرئين ايڊيشن (1926ع) ۾ شامل هو ۽ 1954ع ۾ شايع ٿيل ڇهين ايڊيشن ۾ به آيل آهي. پنهنجي ٽه – جلدي تذڪره مشاهير سنڌ جي ٻئي جلد (1985ع) ۾ به ساڳيو احوال آندو اٿس. وفائي صاحب، حافظ حامد جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”قرآن شريف جا اٺ سيپارا سنڌ ۾ حفظ ڪري پوءِ حرمين شريفن ڏي مسافر ديار حبيب جو ٿي ويو ۽ باقي 22 سيپارا مديني شريف ۾ حضور جن جي پاڙي ۾ رهي اٺن مهينن ۾ ياد ڪيائين (17).“ کيس بهترين حافظو هو جو هڪ ڀيرو استاد محمد شازلي سبق ڏيندو هوس ۽ اُن کي روضه رسول ۾ اچي ڀيرو ڏيندو هو. پاڻ اُن سفر ۾ حج پڙهي واپس وطن وريو. عربي ۽ فارسي پوءِ پڙهيائين. حافظ حامد جو فارسي شعر به ارمغان ۾ شامل آهي. حافظ حامد جا خطبا ۽ مناسڪ حج سفرنامو بهمنظوم ٿيل آهي. حافظ حامد جي حافظي جون ڪي ڳالهيون عام آهن. پاڻ وطن کان دور ڄاريلي (جوڌپور ويجهو) ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽي فرزند ٿيا. محمد هاشم (مخلص) محمد دائود ۽ محمد ابراهيم، ٽئي شاعر هئا. اُنهن ۾ مخلص نالو ڪڍيو.

اڪثر حامد کي انگريزي شاعر جان ملٽن سان ڀيٽيو ويندو آهي. اُهو فطرت نگاري ۽ محاڪات جي بنياد تي ته صحيح آهي، پر نابين هجڻ وارو دليل ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙو آهي. ڇو جو حامد ٽن سالن جي ٻاراڻي وهيءَ ۾ هن سعادت کان محروم ٿيو ۽ ملٽن جوانيءَ جو دور گذاري هن نعمت کان محروم ٿيو. ٽن سالن جي ٻار دنيا ۾ ڇا ڏٺو! حامد کي ادبي ماحول جي لحاظ کان سانگي، گدا ۽ مرتضائي جهڙا همعصر مليا. انهن ۾ هن پنهنجي جاءِ پيدا ڪئي. هڪ مسڪين ماڻهو هو. مير سانگيءَ جهڙو حڪمران خاندان جو ماڻهو حامد جو قدردان هو.

ارمغان حامد، شاعر جي قابيت، زبان داني ۽ شاعرانه ڪمال جو مثال اسان وٽ موجود آهي. فارسي غزل به حامد جي جذبات جو جيئرو ڳاندو مثال آهي. هڪ اهِل زبان وانگر غزل ۾ چوي ٿو:

گرچه از من بيوفائيها شده،

از وفاداران نباشد جُز وفا.

هڪ سٽ فارسي  هڪ سٽ سنڌيءَ جي ائين سهڻي معنيٰ ۾ جڙي اٿس. ڄڻ اُهي شعر هڪ ئي زبان جا هجن. مثال:

توئي نازنيني بناز و ادا،

ڪيا نازنين ناز تنهنجي فدا.

نه رڳو ايترو بلڪه حافظ شيرازيءَ جي مقبول ترين غزل جي مصرع کي پنهنجي سنڌي مصرع سان هم آهنگ ڪري تضمين طور آندو اٿس. اُن مان ڪجهه شعر هي آهن:

کڻين جي مهر مان محبوب مان ڏي نيڻ موچارا،

بخالِ هندوش بخشم سرمقند و بخارا را،

سرو ڏي صاف پر ساقي محال آهي، ملڻ محشر،

ڪنارِ آبِ رڪناباد گل گشت مصلا را،

چوين دشنام جي دلبر وڻن سي ويڻ مون ويتر،

جوابِ تلخ مي زيبد لبِ لعل شڪر خارا.

گدا جئن ڪر سندي گلرخ مدح حامد تون موچاري،

ڪه بر نظم تو افشاند فلڪ عقد ثريا را.

عربيءَ جون تضمينون به ڪيون اٿس، پر حامد جو سنڌي ڪلام ئي اُن جي سڃاڻپ آهي. پوريل اکين ۽ سجاڳ دل سان سنڌ جي وادين، وڻن ٽڻن، گلن، ٻوٽن، مارو ماڻهن ۽ مينهنجي منڊاڻن جو ذڪر ڪيو اٿس. اُن سان گڏ سنڌي نيم تاريخي داستانن جي اوٽ ۾ غزل سان گڏ ڪافين جو رنگ به ارمغان ۾ موجود آهي. حمد ۽ ثنا ۾ حامد اڳرو آهي. خدا جي حمد ڪندي چوي ٿو:

حمد توتي آهي هردم يا خدا،

تون الله الخلق ارحم يا خدا،

تون ٻُجهين ٻاهر، نه مخفي توکان منجهه،

تون سندو اسرار اعلم يا خدا.

حضور صلي الله عليھ وسلم جي ثنا ۾ حامد چوي ٿو:

ٿيو خلق ۾ خوبتر مصطفيٰ.

محمد مٺو معتبر مصطفيٰ.

خدا نور پنهنجي مان جوڙيو نبي،

شهنشاهه عالي قدر مصطفيٰ.

اُجهايو سين اسلام احمد اچي،

سندو ڪفر ڪيڏو مڱر مصطفيٰ.

رسيو خاص خلوت ۾ خيرالبشر،

نوازيو ڌڻيءَ نامور مصطفيٰ.

سندو قاب قوسين ماڻئين مڪان،

اڃان ڪي به اوڏو اپر مصطفيٰ.

رڳو روح رسيو نه ان راز کي،

نه هو خواب جئن بي خبر مصطفيٰ.

جسد ساڻ جامع انهيءَ جاءِ تي،

ٿيو جاڳندي جلوه گر مصطفيٰ،

ڪندو آجو اُمت جو عربي اَمين،

حمايت سان حامد حشر مصطفيٰ.

شاعرن جي بيان ۾ سڀ کان اهم ۽ خاص بيان سندن دل جو حال آهي. حامد دل جو حال بيان ڪندي پنهنجي بيقرار دل جي بيان ۾ ڇا ڇا نٿو چئي. خبر ئي نٿي پويس ته هي ڏک، هيءَ بيقراري ڪيئن ۽ ڪٿان آئي؟ هي وڇوڙو ٻاراڻي ٽهيءَ ۾ آيو يا ماءُ سُتيءَ ۾ ڏنو هو. ڊگهو بيان آهي:

هاءِ ڪنهن سان حال جو ڪريان سَما،

درد ڏيئي دل کيس ويو دلربا.

ڪوه ڄاڻان تان ڪيو ڪامڻ قريب،

رمز رانجهوءَ سان رهي سوگهي سدا.

يا ٻڌي ٻالپ اندر دل ٻاڻ سين،

يا ازل کان عشق جي ٿي ابتدا.

يا هري من حُسن سان حيران ٿيو،

يا لکي ايءَ لوح ۾ قادر قضا.

يا سڻي ڪا سونهن جي موهيو مقال،

يا پسي رخ روبرو لوٺيو لقا.

يا پڙهايو پرت جو اُستاد علم،

يا کُليو مَلڪو محبت جو منجها،

يا چُريو ڪو چاڪ پاڻان چت اندر،

يا حبيبن هي ڪيو سين گُهور گها.

يا پياريو ماءُ وٽيين وره مون،

يا ڏکي ڪا ڏيل ۾ بختا بلا،

يا طبيبن ترس تن منهنجي نه ڪيو،

يا ڌُرئون هن درد جي ڪانهي دوا،

يا ٿيو سين عام ارڏو شوخ اُو،

يا ٿيو بي ترس مون سان بيوفا.

حال حامد جي سندو همراز تون،

ڪيئن ٻڌائي ٻي کي سائين تو سوا!

حافظ حامد زبان جي لحاظ کان به پنهنجي دور جو اهم ۽ بلند مقام شاعر آهي. فارسي آميز ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ سندس ڪلام منفرد انداز جو آهي. لاڙ جي مخصوص لفظن جي استعمال ۾ به نشانبر آهي. محبوب جي حسن ۽ زلفن جي بيان ۾ چوي ٿو:

سيھ زلف سهڻي جو ڪر سخت سپ،

وهاٽي ٿو وسيهر هڻيو جهڙپ جهپ.

مٿس جهاڙ جادو نه واچا وهي،

ڏني ڏاٺ جنهن کي وجهي نانگ نپ.

مختلف عشقيه داستان جي پسمنظر ۾ به حامد غزل موزون ڪيا آهن. ڪن ۾ ڪافيءَ جوا سلوب به آهي:

ڪالهه جن لئه ٿي ڪيم سي هوت هِت هاريون نه اڄ،

ڪس اچي ڪيچين سوا ڀنڀو بازاريون نه اڄ.

-

وڻ وندر جا منهنجي واڪن ٻاڦ سان ٻاريا نه ڪوه،

هي ڇِپون ڇپرن سنديون ڇو منهنجي ڏک ڏاريون نه اَڄ.

-

منهن مثل مهتاب محبن آهه نسورو نُور ميان،

مٽ نه ملاحت ٿين ملائڪ، حُسن نه اهڙو هُور ميان.

نرگس نين پرين جا نازڪ مست وتن مخمور ميان.

ابرو ارڏي جا اڙاٻنگ ٻئي ڪُنڍڙا ڪن ڪلور ميا.

حامد توکي آهه حبيبن گرچه ڪيو مهجور ميان،

سختيون سُور سهج سڀ سَرتي، ڪيمِ وڃج وهلور ميان.

حامد جا ڪي غزل نسبتا طويل آهن:

عجب رمز هڪ عشق واري عزيزو،

طلب جنهن ۾ ٻي ڪانه تاري عزيرو،

ڪبو ساڻ ڪنهن هي سخن سوز وارو،

سڻائيندو سانگيءَ کي منهنجو سخن هي،

اٿن پاڻ ۾ پرت پياري عزيزو.

مٿئين غزل ۾ ايڪيهه شعر آهن، اهڙا غزل ڪي ٻيا به آحن. محبوب کي بيپرواهي ۽ سختيءَ کان باز رهڻ لاءِ عرض ڪري ٿو ۽ محشر ڏي به اشارو ڪري ٿو:

شوخ دلبر ڪر نه شوخي ٿي نه بي حد بي قياس،

ٿيندو محشر ۾ مڙوئي تنهنجي تُنديءَ جو تپاس.

شاهه عبداللطيف جو اڪثر عشقيه داستان واري ڪلام ۾ حامد ورتو آهي. ڀيٽ ۾ هيٺيان ٻه شعر هڪٻئي جي وڌيڪ ويجها آهن:

شاهه: سِرجي ته سُورَ ساماڻي ته سک ويا،

اِهي ٻئي پُورَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.

حافظ: سسئي سرجي نه سک ماڻيو پيس پيوند پينگهي ۾،

نماڻي نينهن جا ننڍپڻ ۾ کائي سُور ساماڻي.

حامد جو ڪلام انهيءَ قابل ۽ اهڙو معياري آهي جو اُن مان مختلف نوعيتن جا گهڻا شعر مثال ۾ وٺجن ۽ اڀياس هيٺ آڻجن، پر آخر ۾ هڪ مڪرر قافين واري هڪ غزل تي اڪتفا ڪريون ٿا:

ميارون ڇڏ ڪرڻ محبوب ٻانهن تي غلامن تي،

ڀلائيءَ ساڻ ڀيرو ڪر نماڻن تي خُامن تي.

اُٿين عاشق اڳي محشر تنهنجي ديدار لئه دلبر،

ڪرين جانب گذر جيڪر مساڻن تي مقامن تي.

ڪرين سر عاشقِ بيدل ڪُهڻ جا ڪوپ نِتِ قاتلَ،

ڪيا جئن ڪوفين ڪرڳل ڀلارن تي امامن تي.

وڌي وعده کان ويا ويلا وري محبن نه ڪيا ميلا،

اکيون هارين رت ريلا قرارن تي انجامن تي.

اڳيان دلدار بي پروا ٿين صاحب سپاهي ٿا،

هلي وس تنهنجو حامد ڇا امير تي حڪامن تي.

محمد هاشم مخلص (1860-1934ع):

حامد کانپوءِ سندس فرزند مخلص علم ادب جي دنيا ۾ نالو ڪڍيو. مخلص جو ذڪر تذڪره شعراءَ ٽکڙ ۽ ٻين ماخذن ۾ آهي، پر سندن خاندان جي شاعر محمد دائود تاج جي شعري مجموعي جي مقدمي ۾ نسبتاََ مستند سوانح آهي. مخلص شاعر ۽ صحافي آهي. سندس تعليم اڌ ۾ رهجي ويئي ۽ والد سان گڏ زندگيءَ جي ڪارزا ۾ پير پاتائين. والد سان گڏ ٿر ۽ ڪڇ جي سفر تي به ويندو هو. بيباڪ هو، اُن جي سزا ڀوڳيائين ۽ وطن کان غريب الوطن ٿيو. جوڌپو ناگور ۽ بيڪانير طرف ويو. قاضي ناصر عليءَ جي نالي سان لکندو رهيو. صحافت ۾ هُن نالو ڪڍيو. اسد الله شاهه فدا جي ڪڍيل رسالي بهار اخلاق ۾ ساڳئي فرضي نالي سان لکيائين. اُن کان سواءِ جعفر زٽلي ۽ ٻين جريدن ۾ به لکيائين. گهڻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيائين 1904ع ۾ ميرپورخاص مان مسلمان اخبار جاري ڪيائين. هي اخبار 1933ع تائين جاري رهي.

مخلص جو ڪردار هڪ صحافيءَ جو به هو ته هُو شاعري به ڪندو هو. پهرين حافظ حامد، مخلص جي شاعريءَ جي حق ۾ نه هو، پر پوءِ کيس اجازت ڏنائين. عشق جي چوٽ کاڌائين. مزاحيه ۽ طنزيه شعر به لکيائين (18). زماني جي رنگ، فيشن، پان سگريٽ ۽ ٻين مختلف خرابين تي ناقدانه نظر وڌي اٿس. نااهل ماڻهن تي نڪته چيني ڪندي چيو ٿو:

محرر مان وري ٿيا پيشڪار آهسته آهسته،

سيکاريو آهه عهدهء ڪاربار آهسته آهسته،

اهو دور حڪومت ٿيو ته ٿيندا جلد ايل ايل بي،

لُهار آهسته آهسته چمار آهسته آهسته.

ڪرڻ جن کي نه آئي ڳالهه سي ليڪچر ٻڌائن ٿا،

ٿيا تهذيب جا پتلا ڳنوار آهسته آهسته.

پان جي باري ۾ لکي ٿو:

مزي جهڙو ٿيو آهي ته سائي پان ۾ رولو،

وڃائي رنگ قدرت جو وجهي دندان ۾ رولو.

سگريٽ ۽ ٻيڙي پياڪن تي طنز ڪري ٿو ۽ اُن جي نقصان جي ڳالهه ڪري ٿو:

ويو ملڪ ۾ وڌي اڄ سگريٽ پان ٻيڙي،

انسانيت جو سمجهن بلڪل ٿا شان ٻيڙي.

ٻيڙي پيڻ کي ڄاڻن معيار آدميت،

وڏ ماڻهپي جو آهي گويا نشان ٻيڙي.

ٻيڙي پيو نه يارو ٻيڙي بري بلا ٿي،

انسان تي اچي ٿي لاريب سا قضا ٿي.

پٽيوالن جي پڪار نظم ۾ مخلص غريب پٽيوالن جي زندگيءَ جو فرياد بيان ڪيو آهي. آفيس ۾ به ڪم ڪن ۽ پوءِ آفيسر جي گهر جي ڊيوٽي به ڏين:

ڏينهن جو ڇڪيون پکا ۽ يا ته ڊوڙڻ ۽ ڊُڪڻ،

ڌُوپ ۽ گرميءَ ۾ سارو جسم ٿيو برباد آهه.

بند آفيسون ٿين تان حڪم ٿئي گهر تي هلو،

نت نئون سر تي اسان جو ٿيو ستم ايجاد آهه!

مزاحيه ۽ طنزيه شعر ۾ مخلص جي دور ۾ ٻه ٻيا به وڏا نالا آهن: هڪڙو شمس الدين بلبل ۽ ٻيو نورمحمد نظاماڻي. مخلص جي سنجيده غزل جي شاعري پڙهبي ته ائين لڳندو هُو غزل جو ئي شاعر آهي.

دل ڪنهن سان رکان هاءِ جو دلبر نه ملي ٿو،

ڇا ظلم سهان ڪوئي ستمگر نه ملي ٿو.

زلفن جي طرح عمر بسر آهه ٿي منهنجي،

هن خانه بدوشن کي ڪٿي گهر نه ملي ٿو.

مخلص جو لبالب ٿئي عرفان جي مئي سان،

ساغر او بخز ساقيءَ ڪوثر نه ملي ٿو.

غزل ۾ نج ايراني رنگ سان گڏ اڪثر مشڪل اصطلاح ۽ زبان به مخلص وٽ آهي.ا يراني اسلوب جو پورو پورو حق ادا ڪيو اٿس:

پئي جام ۾ جي عڪس تنهنجي جلوه گري جو،

دم بند خجالت کان ٿئي شيشي ۾ پري جو،

ڇا ذڪر ڪريان يار سندءِ عشوه گري جو،

جي حور سندو ناز ته غمزو ٿيو پري جو.

هر ڪنهن کي ڪرين ٿو نگهه ناز سان تسخير،

شُهرو ٿيو جهان ۾ تنهنجي جادو نظري جو.

اي جوشِ جنون ڏي منهنجي وحشت کي ترقي،

ٿئي شغل نه موقفو ڪڏهن جام دري جو.

هڪ نازِ نظر کان به جنهن کي بار ٿيو مخلص.

ڇا ذڪر ٿئي ان شوخ جي نازڪ عمري جو.

مخلص قومي درد رکندڙ انسان هو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس صحافي خذمتون ته آهن، پر شعر ۾ به سندس طبع جون جولانيون موجود آهن. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي هڪ وڏو واقعو ۽ خوشيءَ جو موقعو هو. اِن موقعي تي هڪ خوبصورت ۽ جذبات سان پُر مسدس لکيائين. جنهن جو هڪ بندهي آهي:

ڏنو روح الامين حق جو اهو پيغام سنڌڙيءَ کي،

ملي جلدي حقيقي عزت و اڪرام سنڌڙيءَ کي،

دوامي عيش حاصل ٿئي اچي آرام سنڌڙيءَ کي،

رکان خوش حال ۽ خورسند شا و ڪام سنڌڙيءَ کي،

مصيبت بمبئيءَ کان بي گمان آزاد سا ٿيندي،

رهي آزاد ۽ دل شاد ۽ آباد سان ٿيندي.

حامد جا ٻيا ٻه فرزند محمد دائود داول ۽ محمد ابراهيم به شاعر هئا.

محمد خان غني (1903-1979ع):

هن خاندان ۾ جنهن شاعر نالو ڪڍيو اُهو محمد خان غني هو. سندس فرزند محمد دائود تاج، پنهنجي ڪتاب:طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”حُسن اتفاق اهو ٿيو جو غني صاحب جن جي هن جسماني عالم ۾ اچڻ کان اٺ ڏينهن اڳ مخلص جو هڪ کير پياڪ پٽ کين جدائيءَ جو داغ ڏيئي ابدي دنيا ڏانهن هليو ويو هو ۽ والدين جون اکيون ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون. سندن دلجوئيءَ لاءِ محمد دائود اول پنهنجو نومولود پٽ کڻي اُنهن جي جهوليءَ ۾ وڌو ۽ پنهنجي پٽ تان ايتريقدر دست بردار ٿيا جو اڄ ڏينهن تائين به ڪيترا ماڻهو غنيءَ کي محمد دائود جي بدران مخلص مرحوم جو پٽ سمجهندا آهن(19).“

ائين منهنجو سائين ۽ مشفق محمد خان غنيءَ جي نيڪ نالي سان پيءُ بدران چاچي جو فرزند ٿي پليو. سندس ابتدائي تعليم ٽکڙ ۾ ئي ٿي. 1916ع کان 1923ع تائين حيدرآباد ۾ ماستر رهيو. تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. مخلص جي جاري ڪيل اخبار سان 1924ع کان 1964ع تائين وابسته رهيو. غني صاحب ريڊيو پاڪستان ۾ 1957ع کان وٺي وفات واري سال 1979ع تائين شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر رهيو. علمي ادبي دنيا سان وابسته رهيو. مخدوم صاحب الموليٰ جي جاري ڪيل رسالي روح ادب (حيدرآباد) جو ايڊيٽر رهيو. هي رسالو آڪٽوبر 1954ع ۾ نڪتو ۽ ڪُل چار شمارا نڪتا پوءِ بند ٿي ويو.

غني صاحب ڪافيءَ، غزل، بيت، مثنوي، مرثئي  ۽ مختلف عروضي صنفن جو بلند پايه شاعر هو. هن جو لاڙو بيت ۽ ڪافيءَ ڏانهن ٿيو. سندس بيتن جو مجموعو بادل ۽ بوندون (1960ع) ڇيپل آهي. اُن کانسواءِ هڪ ڪتاب سنڌ جي جديد شاعري، گهڻو آڳاٽو ڇپيل اٿن. هنئي ڪتاب مان خسته ۽ ٻين شاعرن جي زندگي ۽ عروضي ڪلام جي پهرين پهرين خبر پئي. سندن ڪلام جو ذخيرو سنڌالاجيءَ کي ڪارنر قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. اُنهن ۾ مثنوي گلزار غني ۽ مثنوي زهر عشق به شامل آهن. سنڌ الاجيءَ ۾ هي ذخيرو انهيءَ صورت ۾ موجود آهي، جنهن صورت ۾ ڏنو ويو هو. غني صاحب حيدرآباد ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مزار وٽ آسوده خواب آهي(20).

غني صاحب هڪ ڪُهنه مشق شاعر هو. روايتي غزل ۾ هن لوزمات کي مڪمل طور ڌيان ۾ رکيو. گل ۽ بلبل جي داستان ۾ چوي ٿو:

 

بلبلِ نالان سان گڏ گلهاي خندان کي ڏسي،

ٿو روئان ۽ پيو کِلان رنگ گلستان کي ڏسي.

وفا ۽ جفا جي مناسبت جو بيان هيئن ڪري ٿو:

بيوفائي ڪو ڪري پر تون وفادارن مان ٿي،

آهه اِي انسانيت جو تون وفا کان منهن نه موڙ.

عشق جي واردات ۽ داغ کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو:

 

لحد جي تاريڪين کان خوف مون کي ڪونه آهه،

داغ دل هوندا مثالِ مه منور پاڻ سان.

 

محبوب جو اکين ۽ چپن ۾ ڪهڙو اعجاز آهي جو روئاڙي ۽ کلائي ٿو. اُن جو بيان غني صاحب هيئن ڪري ٿو:

 

مارين ٿو نگهه ساڻ ۽ جيارين ٿو کلڻ سان،

اعجاز ڏٺم تنهنجي اکين ۾ ۽ چپن ۾.

 

غزل سان گڏ قومي نظم، بيت ۽ ڪافيون به غني صاحب جي ڪلام جو حصو آهن. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ خاص طور ڪافيءَ ڏي راغب ٿيو. هونئن ڪافين جو سلسلو 1950ع يا اُن کان به اڳ جاري رکيو آهي. 1955ع ۾ ڇپيل هڪ ڪافي هيءَ آهي:

ووءِ ووءِ ويٺي پرت پچاريان،

هر هر هوت هنجون ٿي هاريان.

 

1-      لوڪ کي آهنپر جون پچارون،

 

        مون کي تن ۾ تنهنجون تارون،

        ٻي ڪا ناه مقال، ٽاڻون هڪڙو ڪو نه ٿي ٽاريان.

2-     نڪريو روز ٿي ڪريان نهارون، ڪر اچي تون پرين پارون،

 

        ڏي ڪو هُتي جا حال، جان مٿس سئو وارون واريان.

3-     ڪانون کي ٿي ڪريان ڪارون، پيش پرين جي ڪريو پڪارون،

        سڪندي گذريا سال، غني گهنگهر گهڙيون ٿي گهاريان.

                                              (مهراڻ اونهارو 1955ع)

غني صاحب جو فرزند  محمد دائود تاج به شاعر آهي. اُن جا ٻه شعري مجموعا ڇپيل آهن. اُهي آهن: زندگي آهي  سفر (2001) ۽ طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو (2003ع). سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.

فضل محمد ماتم (1815-1895ع):

عجب جهڙي ڳالهه آهي، جو سانگي، قليچ، گدا، فاضل، قاسم مرتضائي ۽ حسن علي خان جي هن همعصر شاعر جي ذڪر کان خانبهادر جي ادبي تاريخ ۽ بدويءَ جو تذڪرو خالي آهي. اُن جو هڪڙو سبب هُن جو اُردوءَ ۾ صاحب ديوان هجڻ ٿي سگهي ٿو. پر سنڌي ڪلام به اٿس. وڏن همعصر شاعرن ماتم کي داد سخن به ڏنو آهي. هوڏانهن پوئين دور ۾ هڪ مرتب ڪيل ڪتاب ”سندهه ۾ اردو شاعري (1967ع اردو) ۾ به ماتم جو ذڪر ڪونهي. اُهو اُن ڪري جو ديوان ماتم (اردو) 1990ع ۾ شايع ٿيو آهي. ماتم جي خاندان بابت گهڻي معلومات موجود نه آهي. هُن جو خاندان ٻاهران سنڌ ۾ آيو هجي. ديوان ماتم (اردو) جي ديباچي ۾ ايترو لکيو آهي ته هُن جي خاندان جو تعلق عباسي خاندان سان هو. هُو موجوده حيدرآباد جي حدن ۾ ٽنڊو ماهي ماهن (ماه بيگم) ۾ آباد هو. فضل محمد ماتم جي والد جو نالو محمد خان ۽ والده جو راڄ ائي هو. ماتم کي سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسيءَ جي تعليم ملي، اُن جو اثر ڪلام ۾ موجود آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org