سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:6 

شهر روهڙيءَ منجهه يارو، عشق جي اوتار هو،

نالي بيڪس مير محسن وره جو وڻجار هو.

نوجوان نازڪ بدن گُل رُخَ رخسار هو،

بي بقا هن باغ ۾ ٽيويهه وَرهه اظهار هو.

ٻارهن سئو اٺانوي ۾ طلب ڏي تيار هو،

رمضان جي پنجين پرينءَ جو دوست سان ديدار هو.

مي نوش محبت مٽ جو صوفي سدا سرشار هو،

بيڪس پنهنجي ڀتار تون سڪايل بي سروار هو.

سچ پچ ته بيڪس سائين عشق جو اواتار هو(91).

حمل فقير لغاري (1809-1872ع) :

حمل فقير نسبتا پوءِ دريافت ٿيو. هونئن سندس ڪلام جو مجموعو ”ديوان حمل“ اول 1914ع ۾ شڪارپور مان ڇپيو. ٻئي حصي ۾ سرائيڪي زبان ۾ چيل بيت ڇپيا. پروفيسر لطف الله بدوي 1937ع ۾ مقالو لکيو جو بقول سندس صحيح معلومات فراهم ڪري نه سگهيو. ائين تذڪري (جلد-ٻي) ۾ حمل جو باب شامل ڪيائين ۽ خانبهادر ميمڻ واري ادبي تاريخ ۾ حمل جو ذڪر ئي نه آيو. هيڏانهن ڊاڪٽر بلوچ 1951ع ۾ رسالي عام راءِ ۽ پوءِ نئين زندگيءَ ۾ مقالو لکيو. آخر 1953ع ۾ ڪليات حمل سنڌي ادبي بورڊ جي وساطت سان ايڊٽ ڪري مڪمل مقدمي سميت شايع ڪيائين، جنهن جا هاڻي ڪل 4 ايڊيشن ڇپيا آهن. ڪليات حمل ئي پوين مڙني ليکڪن لاءِ ماخذطور ڪم آيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ خانداني شجري ۽ وڏن جي احوال کانپوءِ حمل جي ولادت ۽ تعليم جو ذڪر ڪيو آهي. سندس تحرير موجب حمل فقير جا وڏا ديري غازي خان کان لڏي ٽالپرن جي حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ خيرپور رياست ۾ ڳوٺ مير خان لغاري تعمير ڪري ويٺا. حمل اُتي ئي محمد رحيم لغاريءَ جي گهر ۾ 1809ع ۾ ڄائو(92). حمل جي تعليم لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”رئيس سعيد خان کيس سبزل ڪوٽ ۾ رهايو. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته حمل جي تعليم ۽ تربيت نواب سعيد خان جي زير نظر ٿي هجي. بهرحال سندس علمي لياقت جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته وقت جي رواج موجب چڱي خاصي پارسي تعليم حاصل ڪيائين(93).“ لطف الله بدوي حمل جي باري ۾ لکي ٿو ته هو پارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو. سندس هٿ لکيل هڪ فقھ جو ڪتاب ”هزار مسائل“ منهنجي نظر ۾ گذريو آهي(94). تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سڪرنڊ تعلقي ۾ ساڳي نالي واري ڳوٺ مير خان لغاريءَ ۾ مدرسو قائم ڪيائين، جتي ٻين شاگردن سان گڏ پنهنجي فرزند محمد رحيم کي به پڙهائڻ لڳو. مارچ 2004ع ۾ حمل جي تعليم ڏيڻ واري جاءِ ۽ وڻ ڏسڻ جو به شرف حاصل ٿيو ۽ مزار جو به ديدار ٿيو، جنهن تي ڪتبو ڊاڪٽر بلوچ جو لڳايل موجود آهي.

حمل فقير هڪ باغ بهادر شخصيت هو، سندس سوانح عمريءَ ۾ ڪيترائي دفعا ۽ مختلف ماڻهن سان ڪن سلسلن ۾ بيتن جي ڏي وٺ به ٿي آهي. هو هڪ برجستو شخص هو. اردات جي لحاظ کان لنواريءَ وارن بزرگن ۽ پير صاحب پاڳارن سان منسلڪ رهيو. نقشبندي طريقي جي باري ۾ هڪ صحيفو منظوم ڪيائين. اِن سلسلي ۾  تفصيلات ڪليات ۾ موجود آهن.

حمل فقير لغاريءَ جو والد رحيم خان به بيت جوڙيندو هو. اُنهن بيتن مان به کيس ترغيب ملي. رحيم خان هڪ بيت ۾ مارئيءَ تي معيار رکي ته اُن تي حيات لغاريءَ رحيم خان کي اياڻو ٻار سڏيو. حمل وري اُن شاعر کي جواب ڏنو. اُن ۾ گٿو لفظ به ڳالهايائينس. اِها ڏي وٺ ٿوري اڳڀري به ٿي، يا اهڙا بيت چوڻ:

پريان سندي پار جي، جي ڪُتي اچي ڪاري،

ته هوند سڀ لغاري، اُن ڪتيءَ تان قربان ٿيون.

هي بيت مجاز جي اثر هيٺ آهي يا ڪنهن شغري ڏي وٺ جو نتيجو آهي، پر حمل فقير مجموعيءَ طور هن ميدان جو شهسوار نه آهي. خوش طبعي ۽ طنزيه ڪلام جو حصو آهي، سندس شاعرانه ڪمال ۽ قابليت جو. نه ته حمل اساسي شاعريءَ جي اُن روايت جو تسلسل آهي، جيڪا شاهه ۽ سچل کان هلي ۽ خليفي بني بخش توڙي مولوي لطف عليءَ جي رهنمائيءَ ۾ حمل حاصل ڪئي. مولوي لطف علي سيفلنامو لکيو. هو حمل جو وڏو همعصر هو. روايت آهي ته حمل ڪهي مولوي لفظ عليءَ سان ملڻ بهاولپور يو، پر اُن کان اڳ لطف علي گذاري ويو. سرائيڪيءَ ۾ لطف عليءَ جو سيفلنامو هڪ بلند معيار تصنيف آهي. حمل اُن کان متاثر هو. ڪليات حمل ۾ اُن اثر نفود جو ذڪر موجود آهي.

ڊاڪٽر بلوچ، خليفي نبي بخش جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”حمل فقير جو ٻيو حقيقي اُستاد خليفو ميان نبي بخش هو، جيڪو پير ساين محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو خليفو هو ۽ خود لغارين جي ساڳئي سير ڪاڻي قبيلي مان هو، جنهن قبيلي مان حمل خان هو. ازنسواءِ شايد خليفي نبي بخش پنهنجي پٽ احسان عليءَ جي شادي به ڳوٺ مير خان لغاريءَ مان ڪرائي ۽ جيتريقدر معلوم ٿي سگهيو آهي، اُها خاتون حمل جي سڱ ۾ ماسات هئي.اُنهيءَ عزازت ۽ اچ وڃ سبب حمل پنهنجي بزرگ عزيز خليفي نبي بخش جي صحبتن مان سلوڪ ۽ طريقت توڙي شاعري متعلق گهڻو ڪجهه پرايو(96).“

انهيءَ کانسواءِ حمل طرفان خليفي نبي بخش جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب رقم طراز آهن: مولف جي ناني مرحوم ميان لعل بخش خان لغاريءَ چيو ته ناني حيدر خان هڪ دفعي حمل کان پڇيو ته حمل خان! تو هير رانجهيءَ کي ڳايوس، مگر ڇو سسئي پنهون تي ڪجهه به نه چيئي؟ اُن تي حمل خان جواب ڏنو ته، جهڙي طرح لطف عليءَ سيفل بديعل کي پنهنجي شعر ۾ اوج تي پهچايو، اهڙيءَ طرح خليفي نبي بخش به سسئي پنهونءَ کي اُتي وڃي ڇڏيو آهي، جتي ٻئي جي پهچڻ جي مجال ڪانهي. هاڻي منهنجو سسئي پنهونءَ جي قصي کي چوڻ ڄڻ شينهن جي پويان ڦيڪاري لائڻ جي برابر ٿئي ها، سا مون ڪانه لاتي(97).“

حمل جي شاعريءَ م برجسته گتا به آهن ته سنجيده موضوع يعني قصا داستان ۽ تصوف جا نُڪتا به منظوم ڪيائين. هڪ دفعي دربانن کيس پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه جي طنبوءَ ۾ اندر وڃڻ کان روڪيو ته ٻه بيت اُتي جو اُتي چيائين. اُنهن مان هڪ هي آهي:

دلبر دي دروازي تي، دربان کڙي در مَلِي،

                ڪائي نهين وڃڻ دي ڳلي.

ڪيئي کڙي ڪي ٻيٺي، ڪي وت وڃن چماٽان جهلي،

                ڪائي نهين وڃڻ دي ڳلي.

دردمندان دي دل دي اندر، باه بره دي ٻلي،

                ڪائي نهين وڃڻ دي ڳلي،

حمل حجت جاءِ نهين، ري رحم عنايت علي،

                ڪائي نهين وڃڻ دي ڳلي.

ڊاڪٽر بلوچ، حمل بابت راضي فقير جي راءِ ڪليات ۾ آندي آهي. اُها هيءَ آهي ته حمل حقيقت حال واري پڌري آيو آهي. جا عام توڙي خاص کي سگهي ۽ سکي سمجهه ۾ اچي ٿي. (98). انهيءَ لحاظ کان حمل جي ڪلام جو جائزو وٺبو ته هُو حال جو صاحب هو. پنهنجي دور جي عام حالت جو چِٽو چٽو بيان ڪيائين. ڪنهن به طرح نه لفظن جي نه معنيٰ جي لِڪ ڪيائين. غير ذميدار نه روين توڙي اهڙن ماڻهن کي ننديائين، جن سماج ۾ بي راه رويءَ کي شعار بنايو. زماني جي غلط رويي کي ڏنگائي سڏيائين:

زلف ڏنگا، ابرو ڏنگا، گفتار ڏنگي، رفتار ڏنگي،

جنهن جاءِ هوندا هي چار ڏنا، لاچار هوندي هر ڪار ڏنگي،

ڪيئن اچي تنهن جاءِ جميعت، شهر سڄو پُر شور شرر،

جِت يار ڏنگو، اغيار ڏنگو، دهدار ڏنگو، بازار ڏنگي،

ڪير ڪنهن جو فرياد سُڻي ۽ ڪير ڪنهن جو ڪو داد ڪري،

جِت سوار ڏنگو، سالار ڏنگو، دستار ڏنگي، تلوار ڏنگي،

ڪيئن اچي ڪم راس تنهين جاءِ، سمجهه سخن ڪر هوش حمل،

ڪوٽار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو سرڪاري ڏنگي.

يارن مان ياري هلي ويئي يا دوستيءَ جو ملهه ۽ مقدار ڪيترو آهي؟

حمل کليل لفظن ۾ چيو:

ياراني يارن مان، ويئي ڙي ويئي،

گڏيل هئي گمان ۾، سا پڌر ٿي پيئي،

ڪُوڙي لُوت لباس جي لائن ٿا ليئي،

ڪم پئي، ڪاغذ جان، اُکڙي اڳيئي،

محبت لڏي ملڪ مان، ڏُک ويئي ڏيئي،

دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب ها جيئي،

سڄن مٺا ساهه کان، سامهان ٿيا سيئي،

سِڪَ صحبت ساءُ مِٺو، ٽڙي ويا ٽيئي،

حمل هيءُ نيئي، ڪنهن کي سُور سڻايان.

-

حمل چئي هن ڳالهه جو، ويهي ڪيم ويچار،

ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار؟

تان اندر مان عقل چيو، نُڪتو هي نروار،

”جي وڃي لڳي ته لک هزار، ٽُٽي ته ٽُڪو ئي نه لهي.“

پر نقصان واري ڳالهه اُها آهي جو هڪ سٺي سماج کي ڪي فرد خراب ڪن. اُره زورائي ڪن، پنهنجي خراب ڪردار سان خراب مثال قائم ڪن. اُنهن لاءِ چوي ٿو:

ڏنگي ٽور تين ڏنگا پٽڪا، هٿين پنج ڇهه ڇلي.

ڪڍ ڪڍ ٻٽوئين تين وٽ ڏيندي، اوکي پيچ .....- الخ

-

سڻو زنان دي قيل مقال، حمل هي جا هُلائي،

سمهن سويليان اُٿن اوليان، ٻيٽيان ٻُوٿ سجائي – الخ

-

ڪائي ڪائي نار ڪکلڻي، طبع جنهين دي کٽي،

اوڙي پاڙي جهيڙا جهٽا، چوطرفين چٽي،

ٽوڻي موڻي ٽَهڙ گهتيندي، منهن ڪون ٻيٺي وَٽي،

حمل! جي پرتي ته رٺلين جيهي، جي رٺي ته ڀونڊڻ مٽي.

پر سلڇڻي نار به آهي، اُن جون وصفون ٻڌائي ٿو:

ڪائي ڪائي نار سدا سهاڳڻ، وري دي ڳاري ٻڌي.

ڪتدي وتدي پرت ڀريندي، خبردار هنر دي،

جي وت وارث ور جهڙيندا، ڪُنڊ نه ڇُريندي گهر دي،

حمل! نماڻي ڪيا ڪري، جو هي گهراڻي گهر دي.

سرائيڪي ڪلام جي مدنظر ڏسجي ته اُتي به حمل بلند معيار جو شاعر آهي. سرائيڪيءَ کي ڇڏي فقط سنڌيءَ جو جائزو وٺبو ته حمل جي ڪلام جي پوري ڪٿ ڪري نه سگهبي.

شاهه جي رسالي جي انداز تي حمل جو ڪلام آهي. انهيءَ طرز تي حمل نه رڳو پنهنجا جذبا ظاهر ڪيا آهن، پر رسالي جو اثر وٽس موجود آهي. حمل سنڌيءَ ۾ سسئي، مارئي، سهڻيءَ، راڻي، سارنگ، ڪانگل ۽ بروي ۾ بيت ۽ وايون چيون آهن. شاهه جي رسالي يا ڪن ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ حمل جوس ُروار ڪلام ٿورو آهي. راڻي ۾ ته فقط هڪ بيت آهي. خليفي نبي بخش جي باري ۾ ڪيل شينهن پويان ڦيڪاريءَ واري ڳالهه کي ڳڻي سسئيءَ جو مڪمل داستارن بيان نه ڪيائين، پر سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ ٿورا بيت چيائين. سنڌي بيتن ۾ بهس رائيڪيءَ جي موسيقيت کي قائم رکندڙ ۽ زوردار قافيا ڪم آندا اٿس:

ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي، باه وڌي ڀُرڙي،

پاهڻ سڀ پَٽي وڌا، پَٻَ کُڙِون کُرڙي،

رائي تپي روه جي، پير وڌس پُرڙي،

سيني ڀَر سُرڙي، حمل! وڃي پئي هوت ڏي.

-

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ڇپون ۽ ڇوڏا،

اُڃ، سُڃ سخت سُمير جي، ٻيو لڪن جا لوڏا،

گورن سندي گس تي، گٺائين گوڏا،

اُتي سڏ اوڏا، ٻُڌس هوت حمل چئي.

حمل وٽ سگهڙن وارو فن به آهي.هُو هنر جا بيت به پوري سجاڳي، شعور ۽ قابليت سان چوي ٿو. انهيءَ لحاظ کان هُو زبان جي مڪمل ڄاڻ کان اسان کي واقف ڪري ٿو. هيٺيان چند بيت اهڙو مثال مهيا ڪن ٿا:

سُرها تيل نه سکيا، مارو ميَر! مکڻ،

تن جا هٿ حمل چئي، مليا ميرَ ! مکڻ،

سام تننجي سومرا، اهي ميرَ! مکڻ،

مارو مير مکڻ، کائي شال خطا جو.

(سُر مارئيءِ ۾ هنر)

مان سام آهيان، مان سام آهيان، جا ڪام ڪري ڪم خان ميان!

مان طعام اهي ماتام کايان، ماتام ڀانيان هي طعام ميان!

آجام ڪيون آجام ڪرين، اي ڄام ڪهڙا آ جام ميان!

تون مام ڏئين سا مام مڃيان، اي ڄام لوئي هٿ ڄام ميان!

تون دام وجهيو ٿو دام ڏسي، جئن عام ڀانئين تئن آن م ميان!

حمل چئي هي هام ميان! ٿو هام مڃين نا هيڪڙي.

(صنعت تجنيس)

اُتي آڌي رات جو، جاجي گهير گهوگهٽ،

وڃي ورتيندي ويرَ مان، ڪنڊي سان گهوگهٽ،

اڳيان دڙ ٻڙ دور درياه جا، وڃي سڻندي سا گهوگهٽ،

حمل چئي گهوگهٽ، وڃي ٻڌي مانڌاڻڻ ميهار جا.

                                (سهڻيءَ جو هنر)

جيئن عرض ڪيم ته شاهه عبداللطيف جو اثر حمل وٽ موجود آهي. مثال طور شاهه جو بيت:”مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جئن پڃيو.“ جو اثر حمل هيئن وٺي ٿو:

مون کي ماءُ مجاز، ڇِني تان ڇيتيون ڪيو،

آيل ڪم نه اُڄهي نڪا نفل نمار،

حمل! حبيبن جي، رمز ڇپايم راز،

اَلستي، آوازَ، منهنجو چِت چريو ڪيو.

مجاز جي مام ۾ چوي ٿو:

ڳالهيون اٿم ڪي، تو سان دلبر دل جون،

چوان چئي نه سگهان ساجن منهن تي سي،

ڏسي حال حمل جو، ڪو دوست دلاسو ڏي،

نه ته هاڻي هي اڳتي، ويندءِ محب مري ڪري.

شاهه جو ”جي ويهين گڏ گوڏي“ يا ”پرسين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين“ وارا انگ حمل وٽ به آهن. سُر سسئي جي هيءَ وائي به حمل جي مشهور واين مان هڪ آهي:

ڪنديس آءٌ ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور کي!

1-      سرتيون سهنديس ڪينڪي، ساٿين جو هي ساڙو،

2-     وندر واٽون، ووڙيان، هوتنلئه سڀ هاڙو،

3-     روئي ڪنديس رت سان، ڪارو ڏونگر ڳاڙهو،

4-     ڪيڏو ڪيچين هيءُ ڪيو،ڌوپڻ سان هئه ڌاڙو،

5-      ننڊ نڀاڳي نوم جو، ڀينر! مون ڊهيو ڀاڙو،

6-     حمل هوتن سان هجي، پورهيت جو شالا پاڙو،

آ خر ۾ حمل جي ٿوري سرائيڪي ڪلام جو واس وٺڻ سان هي بيان ختم ڪريون ٿا، هير ۽ مجاز جي عنوان هيٺ چوي ٿو:

لوڪ ڪنون لنگهه جهوڪ ويسان، وڃ رانجهن نال رَلسان-

                                مُول نه وَلسان،

ٻاٻَل جي ٻَهه پَڇسي، تان مئن سُول سڀيئي سَلسان-

                                عشق نه اَلسان،

جي وت شهر نيڪالي ڏيسي، در ماهي دا مَلسان-

                                تنهن در پَلسان،

مهڻي محرم يار سڄڻ دي، جهولي پا مئن جَهلسان-

                                مُول نه ٽَلسان،

حمل! هُن محبوب ڪنون، دم ڌار ڪيوين مئي هَلسان-

ڪِيڪر چَلسان.

سسئيءَ جي جذبن جواظهار هيئن ڪري ٿو:

جي مئن ڄاڻان ڪيچ ڪشالي، پيٽون مُول نه ڄاوان،

جي وت ڄوَندي زهر ڏيون ها، وچ دنيا ڪيون آوان،

ڪِٿ پنهون تين ڪٿ مئن ڄائي، ڪِٿ مئن لڌيان لاوان،

لکئي روز ازل دي اِيوين، ڪهڙي ڪهڙي غم کاوان،

جنهان ڏکان ڪاڻ ڄڻيا، شالا مرن تنهان ديان ماوان،

حمل هوءِ رضا تي راضي، جي تون ڄائي رب ڪون ڀاوان.

گهڻي ڀاڱي سرائيڪي ڏوهيڙن جو سنگيت نرالو آهي، چونڊ ڪرڻ جي جاءِ ڪانهي. هڪ خوبصورت چهري کي ڏسي حمل جا حسن جي تعريف ڪئي. اُن سان هڪ واقعو به منسوب آهي، جا خوبصورت عورت حمل جي تعريف ۽ ڪلام ٻڌي کيس لِڪي ڏسي رهي هئي، تنهن تي حمل جي نظر پيئي ته دري کڻي بند ڪيائين. حمل مرڪي چيو: ”مار! هيءُ ته عضب ٿي ويو“ ۽ پوءِ هي غضب جو سرائيڪي بيت ٺهه پهه چيائين:

دري وچون هڪ دَرس وکا ڳَئي، مھ رخ ماه مثالي-

                                بئنسر والي،

لاڏ ڪنون لُڪ جهاتي پاتس، نال خودي خود خيالي-

                                بئنسر والي،

چَٽ پَٽ چوٽڪ لاڪر، گهت ڳئي دل ڪون دام دوالي-

                                بئنسر والي،

حمل! ڪون هڪ لحظي دي وچ، ڪر ڳَئي مست موالي-

                                بئنسر والي (99).

حُسين فقير ديدڙ (1803-1873ع) :

حسين فقير ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. کيس دستوري تعليم ملي ۽ پاڻ به هڪ اُستاد جي حيثيت سان پنهنجي ٺهرايل مسجد شريف (1844ع) ۾ وفات تائين تعليم ڏيندو رهيو. هُو ميرن جو ڪاردار به هو. ائين زندگيءَ جو اوائلي دور سرڪاري نوڪريءَ ۾ گذاريائين، زميندار به هو. ڪن واقعن کان متاثر ٿي فقيري اختيار ڪيائين. کيس غريب خلق جي زندگي ۽ جذبن جو احساس ٿيو. سندس خاص دوست نواب فتح محمد لاهوري هو. حسين فقير سان حمل فقير ملڻ يو. اُن وقت حسين فقير جو ڏوهٽو شاهه محمد، جو به پوءِ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو شاعر ٿيو. سو موجود هو.

حسين فقير ۽ حمل فقير تي باهمي اثر آهي. اهڙو اثر حسين فقير جي جوڙيل سسئيءَ تي خليفي نبي بخش جي ”سسئي پنهون“ جو اثر آهي. حسين فقير، خليفي جي سسئي پنهونءَ کان ٻارهن سال پوءِ ٺاهي. حسين فقير جو ڪلام ”ڪليات حسين ديدڙ“ جي سري سان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ترتيب ڏنو. اسان جو ماحذ اُهو ئي ڪليات آهي(100).، هن ڪليات ۾ شاعر جا حمد، مدحيات، ٽيهه اکريون، بيت، مولود، معجزا ۽ ڪافيون شامل آهن.

ڊاڪٽر سنديلو، حسين فقير جي ڪلام جي ڪَٿُ ڪندي مقدمي ۾ چوي ٿو: ”حسين فقير جو ڪلام معنيٰ جا موتي آهن، وي اونده جو اوجر آهن. جيڪڏهن انسان هڪ وار سچيءَ دل سان سندس ڪلام پڙهندو ته ازخود دنيا جي بي بقا وٿن کي وساري ڇڏيندو. سندس ڪلام جو فقط هڪ موضوع ٿي سگهي ٿو. نصيحت ۽ نصيحت (101).“

سرائيڪيءَ ۾ پنهنجن همعصرن ۽ مقتدمين جي ڪلام سان زنجير جي ڪڙين مثل حسين فقير جو ڪلام ڳتيل آهي. حمل سان اهڙو مثال هيئن اچي ٿو:

حسين فقير:

پار وڃي، لنگهه يار ڏهون، جٿان ڪن ڪريندي ڪڙڪي.

دهشت داٻ درياهان دي، نت سُڻندي دوسان دڙڪي،

لنگهه نِسنگ اُمالڪ وڃي، اوري مُول نه اَڙڪي – الخ.

حمل فقير:

پار وڃي، لنگهه يار ڏهون، نت تار نديان ترڪي-

ڪِيتُس تَرڪ ديان دي ترڪي.

ونجهلي ديان سُڻ ڦوُڪان هُوڪان، سڏي ڪوڪان ڪرڪي-

جِيوين ڪونج هيلڪي ڪرڪي.

آڌر رات آڌيڙي کاءُ وڃ، سڻندي چانهڪ چَرڪي-

ڪپڙي چاڪ ٿِيوَن ڪر چَرڪي.

حمل! هي اُٿون نِت لنگهي، جِٿون گهير گهاريان دي گهرڪي-

سٽيس عيش امن سڀ گهرڪي.

دين دنيا، اخلاص اخلاق ۽ نيڪيءَ واري زندگيءَ جي تلقين ڪندي حسين ديدڙ ڪلام ۾ وزنائتا دليل ڏي ٿو. ڪامل جو درجو ڪهڙو آهي ۽ ڪاهل انسان جي جاءِ ڪهڙي آهي، اُن باري ۾چوي ٿو:

ڪامل ڪن قبول، بانڪا انهيءَ بات کي،

وائي وات نه ٻولن ٻي ڪا، مست وتن مشغول،

سامي صابر سالم سُرها، سُچ ۾ ساڌو سُول،

ڪاهل ڪين ڪڏهين ٿين ڪوپا، مانجهي مرد ملُول،

جدا قِرن جهاد کون، واحد ساڻ وصول،

والله يُحِب الصابرين، اندر نص نزول،

        ٻُڌيو قول ڪريم جو، سارن رب رسول،

تن کي حق حُصول، هميشھ حسين چوي.

صبر ڪرڻ ۽ فنس کي نوائڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو:

جي ڄاڻين تون ڄاڻ، هوريان گهم حسين چوي.

پرو گُهمج پير تي، پلي ڇڏج پاڻ،

ونگي زور وهٽ کي، سوگهو رکج ساڻئ

متائي ڪُڏائي ڪيڪاڻ، ڀيري هڻئي ڀون تي.

مدح رسول ڪندي چوي ٿو:

مهتاب ملڪن جا نبي،

محتاج ڪنهن جو نا ڪرين،

مولي سندو محبوب تون،

سيد وڏي سگهه ٿو سَرين،

سائين ٻُڌي سڀڪو سندءِ،

جاني لهين جو ڪجهه گُهرين،

جيڪر اچي احسان سان،

پارس پرين ڪنهن تي ڍرين – الخ

حسين فقير جو ڪلام گهڻو سرائيڪيءَ ۾ آهي ۽ اُن ۾ به سندس قصو سسئي پنهون وڌيڪ نمايان آهي، جيڪو فارسي عنوان سان ترتيب ڏنل آهي.

شاهه محمد ديدڙ (1830-1892ع) :

شاهه محمد، مشهور شاعر حسين فقير ديدڙ جو ڏوهٽو هو. حسين فقير جومٿس گهڻو لاڏ پيار ۽ راض هو. کيس پينگهي ۾ وجهي لوڏيندو ۽ لولي ڏيندو هو. لوليءَ جون ابتدائي سٽون هي آهن:

ڪر سائينءَ جي ساراهه، جنهن سائينءَ وڌو ٿي ساه،

اُچو آهي احمد ڄام، ٻيو سڀڪو تنهن جي سام – الخ.

شاهه محمد نهايت تيز فهم ۽ ذهين هو. ناني وٽ قرآن مجيد، فارسي  ۽ عربيءَ جي تعليم ورتائين، هُو ڊڀري وارن مخدومن جو مريد ٿوي. حسين فقير به اُنهن جو مريد هو. فقير حسين سان گڏ مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. هڪ عالم فاضل شخص ۽ پختو شاعر ٿيو. سندس اکر تمام سهڻا هئا. قرآن شريف هٿ سان لکي بنا مٺائي وٺڻ جي طالبن ۽ ٻين ماڻهن کي ڏيندو هو. حمل فقير سان ٻالڪپڻ ۾ ملاقات ٿي هئس. هاڻي جو پاڻ به شاعر، عالم ۽ اُستاد بنيو ته اُن دوستيءَ ۽ شاعرانه ساٿ کي قائم رکيائين.

ڊاڪٽر سنديلي لکيو آهي ته پنهنجي ننڍي همعصر خانڻ چنجڻيءَ سان ڪانه پوندي هئس. ٻنهي جون مخالفانه تُڪون ۽ بيت حوالي طور ڏنل آهن. اُنهن ۾ ناشائسته لفظ آهن. شاهه محمد 1892ع ۾ وفات ڪئي ۽ حاجي خانڻ 1915ع ۾ ، ٻنهي جي عمرين ۾ فرق هو. بهرحال انهن معرڪن، مقابلن ۽ ذهني مخالفتن جو وڌيڪ بيان حاجي خانڻ جي بيان ۾ ايندڙ باب ۾ ايندو.

بحيثيت شاعر جي شاهه محمد ديدڙ جو ڪلام نه رڳو جذبن سان پُر آهي، پر نهايت بلند معيار جو آهي. سندس ڪلام سنڌي ۽ سرائيڪيءَ ۾ آهي. اصناف جي لحاظ کان معجزا، مدحيات، ٽيهه اکريون، قصا ۽ بيت چيا اٿس. اِنهيءَ ڪري چئي سگهبو ته حسين فقير واري واٽ ورتي اٿس. ”ڪليات شاهه محمد ديدڙ“ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سيهڙ سان سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ شايع ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org