سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:12 

منٺار فقير جو ڪلام چئن مڪمل رسالن تي مشتمل آهي. سندس رسالو خدائي، ٻيرائيءَ وارو ديوان ڪشنچند 1928ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ انيڪ پروف جون غلطيون رهجي ويون. ٻيو رسالو مرتضائي، اُهو به اڳ ڇپيو آهي. ٽيون رسالو رهنمائي، جيڪو سروري پبليڪيشن شايع ڪيو هو. چوٿون رسالو سدائي (صدائي) قلمي آهي. رسالو خدائي سال 1987ع ۾ درگاه منٺار فقير وارن وري ڇپايو آهي. هن ۾ آخر ۾ رسالو صدئي مان چونڊ ڪافيون ڏنل آهن(59).

رسالو خدائي حمد، نعمت، ڪافين ۽ آخر ۾ بيتن تي مشتمل آهي. سڀني صنفن ۾ ڪافيون منٺار فقير جي سڃاڻپ آهن. اُنهن ۾ ڪي ڪافيون مقبول ٿيون. اُنهن کي فقير امير بخش نهايت موثر ڌنن ۾ ڳايو. فقير صاحب کي عشق جي چوٽ لڳي. اُن چوٽ کيس مجاز ۽ حقيقيت جي وڻن ۾ گهڻو رلايو، پر نيٺ اُڪري پار پيو. سمجهي ويو ته خاڪ جي چولي ۾ ڪير ٿو ٻولي:

خاڪ جي چولي ۾ جو ٻولي، اِهو آواز الائي ٿو ڪير،

آواز سڻي ٿو ڏسي پسي ٿو، ههڙا هنر هلائي ٿو ڪير.

1- الانسان سري وانا سره اهڙا لفظ لکائي ٿو ڪير،

   ونحن اقرب ويسهه ڪريو، سڀ رنگ منجهه سمائي ٿو ڪير.

2- مور اصل منٺار ته ڪونهي، هي قلبُون ڪافيون ڳائي ٿو ڪير،

   ڳول ڳجهارت ڳالهه انهيءَ جي سمجهه سلوڪ سڻائي ٿو ڪير.

منٺار فقير جي شاهڪار ڪافي هيءَ آهي:

آيو حُسن جو يار هٿيار کڻي، آيس شوق شڪار ڪري جو.

1- سر سڄڻ جي زلف زهري، ڪارا ڪيس وسيهر قهري،

   جئن نانگ ڪاوڙجي ڪڍن ڦڻي، رکي ڏمر ڏنگڻ ڏهڪار ڪرڻ جو.

2- ڀونر ڀرون ٻئي بڻڇيون ڀالا، نيڻن نراڙ ۾ نيزا نرالا،

    ٻي جا تکي تلوار کان اڳ جي اَڻي، اهو ساڻسن سامان سنگهار ڪرڻ جو.

3- حاڪم شاهه امير ويچارا، انهيءَ ڪمند ۾ گرفتيارا،

حسن هڻي ڪيا هزار پڻي، توکي ڪهڙو دليل منٺار مرڻ جو.

ڪافيءَ ۾ سلام پيام جالرنگ به نمايان ٿين ٿا، عاشق گُهري ٿو، سندس دل جو حال ۽ سلام محبوب تائين رسن. منٺار فقير چوي ٿو:

ياد ڪري ڏج يار کي ساٿي سلامڙا،

اِهي ڏج نياپا نيازسين، پانڌي پيغامڙا.

1-      هي بندي ٿي بندگيون چيون عجيب اوهان کي،

        چي اسين اوهان جا اهيون گولا غلامڙا.

2-     هي سلوڪ سحين يار ڏي منٺار ٿو مجي،

        سي من ڪرم سان قبول ڪن، هي جي ڪلامڙا.

        رسالي ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪافيون صحيح نه آيون آهن. هٿرادو لفظ ملائڻ سان وزن متاثر ٿيو آهي. بيتن ۾ راڳ راڳڻين جي تعريف ڪيل آهي. اِن مان منٺار فقير جي سنگيت جي واقفيت ظاهر ٿئي ٿي. مثال طور:

بروو ڳاءِ برهه مان،جو وڍيل ويچارو،

من اثر وٺي اُن راڳ مان، من ٿئي ورهه وارو،

محبت ري منٺار چئي،اٿئي مڙئي مونجهار،

چل وٺي چارو، عشق جي آڌار سان.

-

حسينيءَ جي حال، مادر ماري آهيان،

وسرن ڪين وجود ملن، جي ڪيچي ويڙا ڪال،

ري محبوبن چئي، مون نه گهرجن مال،

ڇپر جهاڳي شال، پڇسان مان پنهونءَ کي.

-

ڪونسيو ڳاءِ قلب مان،پنهنجو هوش ڪري هوشيار،

رکج انهيءَ راڳ تي، اندر جو اعتبار،

منٺار پنهنجي من ۾، ڪر ويسهه جو ويچار،

ته پريون پار، سڪ سچائيءَ جي رکين.

-

جيسي پياس پهاڙي راڳني، تيسي پياس ميري من پاسي،

لنئون صنم سان لڳ رهي، تار  طلب ڪي تاس،

اڪ وار ملن ڪي آس، مجڪون منٺارو ڪهي،

منٺار جي هن رسالي خدائي ۾ سرائيڪي ڪلام ۽ اردو ڪلام به آهي، پر اردو ڪلام صحيح نه ڇپيو آهي يا فقير ائين ئي چيو آهي!

رکيل شاهه (1846-1940):

رکيل شاهه جي سوانح ۽ ڪلام جو ماخذ ڪتاب بحرالعشق آهي. هي ڪتاب سندن مريد نٿر ولد لوڪومل گرناڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ 1968ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو. هي رسالو بحر العشق پهرين 1944ع ۾ ڇپيو. اُن جو ٻيو ڀاڱو به نڪتو. هي رسالو بحر العشق ٻنهي ڀاڱن کي گڏ ڪري شايع ڪيل آهي. هجري سن موجب سائين رکيل شاهه 17 ربيع الاول 1262 ۾ فتح پور گنداوا تحصيل (ميرپور) ڪڇي بلوچستان ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو سيد نور محمد شاهه هو. بحر العشق جي تحرير (مقدمي) موجب رکيل شاهه کي مولوي صاحب وٽ ويهاريو ويو. قرآن شريف پڙهيو. محسوس ائين ٿئي ٿو ته کيس ٻي به تعليم ملي جو مختلف زبانن ۾ شعر چيائين. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو زبان ۾ شعر بحرالعشق ۾ شامل آهي. بلوچي لفظ به ڪافين ۾ ڪم آيل آهن. مقدمي موجب رکيل شاهه عربي ۽ فارسيءَ ۾ به ڪلام چيو. هوڏانهن اهو به چيل آهي ته قرآن شريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه پڙهيو (60).

جهوڪ ميران پور جي درگاهه جو طالب هو. درويش صفت انسان هو. سندس ڪلام ۾ ڪافيون نسبتاََ گهڻيون آهن. حقيقت ۽ مجاز تي ڪلام آهي. عشق کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو. درد ۽ فراق جي ڳالهه به ڪري ٿو. رکيل شاهه جي هڪ سرائيڪي ڪافي گهڻي مقبول ٿي. فقير امير بخش اُن کي نهايت خوبصورتيءَ سان ڀيروي راڳڻيءَ ۾ ڳايو آهي. هيءَ رکيل شاهه جي شاهڪار ڪافي آهي:

وس نهين چلدا حجت نه هلدي،

رت رووران هٿ ڌووان جند پئي جلدي.

1-      ڦُوڪ ٻالڻ تي اُٿالڻ اڄ نهين ڪل دا،

        ڪران زاري سئو واري عشق نهين ٽلدا،

        مين عذابي پيرين پيادي اکيان رو رو ملدي.

2-     نينهن لاوڻ پير پاوڻ دل ڏاڍي ڏردي،

        رات سادي هي انڌاري مين ڏٺي پئي ڏردي،

        هَئي وڇوڙا پنڌ ڏوڙا ساعت نه سردي.

3-     جڏان ڀالين تي سنڀالين خوش ڪران خبران،

        سچ ڄاڻان تي سُڃاڻان درد واليان قبران،

        نِتِ شادي هَئي آبادي سک اِيهو سنڀران،

        رکيل جائي آشنائي اڄ نهين ڪلدي.

        رکيل شاهه دنيا جي ڌنڌن کي ترڪ ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. چي: ”ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي، ويهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون.“ ائين سُور پريان جا ساڻ رکڻ جي ڳالهه هيئن ڪري ٿو:

مون کي سُور پرين جا ساڙن ٿا،

منجهه قلب جگر کي ڪاڙهن ٿا.

1-      سور نه ڄاڻج ايها سيج ٿي،

        لوح قلم لکيو پاڙن ٿا.

2-     لوئن لوئن چئي لولي يار جي،

        ور وڌيو مون کي واڙن ٿا.

3-     رکيل چئي پور پرين جا،

        طبق طبق تي چاڙهن ٿا.

        هر هنڌ محبوب جو جلوو آهي، غير ڏسڻ گناهه آهي. محبوب عجب اسرار آهي. اُن جو جلوو ڏسڻ ئي هن سنسار جو ڄڻ مقصود حيات آهي:

        هي جهان سڄو ئي سينگار عجب،

        واهه دلبر جو ديدار عجب،

1-      حسن تنهنجي جي هئي صورت ساري،

        هميشھ تازي اٿم برهه بهاري،

        عاشق کي ڏنئي ڏيکاري،

        او باطن وارا اسرار عجب.

2-     هر طرح جلوو نور ڏٺم،

        تنهنجي ذات سندو ظهور ڏٺم،

        الانساني سِر مذڪور ڏٺم،

        نه آهي بيرنگ جو ڪو بيان عجب.

3-     جهوليءَ ۾ اچي عشق جهُليو،

        تڏهن رکيل جو ادراڪ کُليو،

        جهوڪ شهر ۾ محب مليو،

        صاحب عبدالستار عجب.

سائين رکيل شاهه جي ڪلام ۾ زبان جي وسعت به آهي. سندس اسلوب ۾ بي ساختگي ۽ درد سمايل آهي. هي سنڌي زبان جو هڪ اهڙو وڏو شاعر آهي جو ايراضيءَ جي لحاظ کان سنڌ کان ٻاهر بلوچستان جو هو. سندس فرزند چيزل شاهه به هڪ سٺو شاعر هو.

چيزل شاهه (1914-1984ع):

رکيل شاهه جو هي فرزندار جمند فتح پور ۾ ڄائو (61). قرآن شريف ۽ ٻي تعليم پير سيد رسول بخش شاهه وٽ حاصل ڪيائين. فرزند جي تربيت سائين رکيل شاهه خود ڪئي. عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي تعليم حاصل ڪيائين (62). پنهنجي والد جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي القادري مسلڪ ۾ شامل ٿيو (63). سائين چيزل شاهه جي رهڻي ڪرڻي نهايت سادي هئي. مريدن جي تربيت ڪندا هئا ۽ کين تلقين ڪندا هئا ته هڪ خالق جا ٺاهيل مٽيءَ جا ڪُنڙا (رانديڪا) آهيون. سائين رکيل شاهه وانگر، چيزل شاهه جا هندو مريد هزارين هئا. اُنهن ئي ٻنهي بزرگن جي ڪلام جا مجموعا ڇپايا.

چيزل شاهه جو ڪلام سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ آهي. ڪافيون ۽ بيت، درد فراق جو هڪ بلند آهنگ ۽ آواز مثل آهن. درد جو تسلسل رکيل شاهه کان پيو اچي. خدا جو احسان ڳڻيندي چيو ٿو:

ملڪ مولا جي ۾ موجان ٿا ماڻيون.

هڪ بنا ٻئي ڪنهن کي نه ڄاڻيون.

1-      جاڏي ڪاڏي صحيح ته سڃاتم،

        پنهنجي پرين سان پڪو پيچ پاتم،

        سمجهه وارا توکي ڏسن سڃاڻيون.

2-     چيزل صدقي سر ڪيان گهوري،

        جان جسم هڏ ڀڃي ويو ڀوري،

        اصلي اڳ جون ڳالهيون ته پراڻيون.

        ڪوهياريءَ ۾ موزون ڪيل هڪ ڪافيءَ ۾ درد جو داستان هن ريت آيو آهي:

        درد ڪيو دلگيروو، ڪونهي ڪو سرتيون سورن ڀائي.

1-      راڙيون ڪندي راتڙيون، وو منهنجا يار،

                                نيڻن وهايو ٿانير.

2-     دل وڇوڙي درد ۾ وو، منهنجا يار،

                                چاڪ پون ٿا چير.

3-     چيزل انگ ازل جو وو، منهنجا يار،

                                جيڪي لکيو تقدير.

        ٻين صنفن سان گڏ بيت به چيزل شاهه جي ڪلام جو هڪ اهم حصو آهن. بيتن ۾ به درد فراق جو داستان موجود آهي:

رڙي رڙي راتيان ڏينهان، نيڻين وهايو نير،

ڏکي پنهنجي ڏک جا ڇا ڪري باب نظير،

سيني سورَ سنوان ٿيا، چاڪ پون ٿا چيرَ،

سهڻا چيزل ڏس فقير، جيڪي سُورن منجهه سڙي ويا.

جيئن ته صوفي راڳ هن درگاهه جو بنيادي عنصر رهيو آهي. اُن ڪري چيزل شاهه راڳ کي گهڻو ساراهيو آهي. چوي ٿو:

راڳ ٻُڌ ته رمز لڳئي، صوفي ٿئين سچ،

ڪنڌ رکي انهي ڪات تي، عاشق اڏيءَ تي اچ.

ڏسي شعاع شمع جو، تون پرواني وانگر پچ،

سهڻا چيزل ٻاري مچ، دونهان نڪرن درد جا.

-

راڳ منجهه به رمز ٿي، عام ليکي آهل،

سمجهن ڪين سلوڪ کئون، آهه ٻيائي، تن کي ڀُلَ،

عاشقن کي آواز ٿيا، هُو هُو مچاين هُلَ،

سهڻا چيزل عين اَمُل، وڃي، عاشق اظهار ٿيا.

پير بخش ”دلريش“ فاروقي (1897-1951ع):

پير بخش فاروقي ولد محمد بچل، پنهنجي ڳوٺ فاروق آباد ۾ ڄائو. هي ڳوٺ بدين جي ڏکڻ اوڀر ۾ چند ميلن جي مفاصلي تي آهي. سندس پويان هتي ئي رهن ٿا ۽ زميندار آهن. سنڌي ۽ فارسي تعليم مليس. مولوي اسماعيل شيدي سندس اُستاد هو. محمد سومار شيخ ”ڪليات فاروقي“ جي مهاڳ ۾لکي ٿو ته پير بخش فاروقيءَ کي جوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ لکي. هڪ ڏينهن پاڻ شڪار جي خيال کان نڪتو. سندس دل گهُري محبوبه ڪا ويجهي ئي هئي. ٻن ڳجهن کي بندوق هنيائين. اُهي وڻ تان مري هيٺ ڪريون. پاڻ چيائين ته لڳو هوندن ته ساڱا هينديون(64).

”ياد رفتگان“، پير بخش فاروقيءَ جي هٿان سندس محبوبه جو مري پوڻ لکيل آهي (65). اِهو صحيح نه آهي. محمد سومار اِهو لکيو ته: ”دوشيزه سندن محبوبه جو هي لقاءُ ڏٺو سا پڻ يڪدم گهر هلي ويئي. آخر قرآن شريف کڻي ان تي هڪ بيت لکيائين ۽ اُهو قرآن شريف ماءُ کي ڏيئي چيائين ته پير بخش کي سلامن ۾ هي ڏج ۽ چئجينس ته تنهنجون ٻئي گوليون مون کي لڳيون آهن(66).“

کٽ وٺي ڪري پيئي  ۽ وري نه اُٿي. پير بخش فاروقي اِن وڇوڙي جي ڪري فقير پير بخش ”دلريش“ بنجي پيو. دهلي، اجمير ۽ سڄو هندوستان گهميو. درگاهن تي حاضريون ڏنائين. سندس مرشد لاهور جو درويش محمد امين هو. عقيدت بدين جي درگاهه شاهه قادري جي سجاده نشين ۽ شاعر پير ڀاون علي شاهه ساقيءَ سان هيس. سائين ساقيءَ جي وفات کانپوءِ اُن جي فرزند پير عالي شاهه سان محبت جو اهو رشتو قائم رکيو آيو(67). هڪ منقبت جا هي بند اِن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا:

الله عالي شاهه جي وڌائين عمر،

ڀلو پير ڀاون عليءَ جو پسر،

هجي شال تارن اندر جئن قمر،

رهي روشنائي سندس رهنما.

-

بديڻن سندو باغ قائم هجي.

پاڳارو سدا پير دائم هجي،

هميشھ سندس بخت باهم هجي،

ستارو تنهن سادات جو شل سدا.

فقير پير بخش ٻه شاديون ڪيون. هڪ فرزند خير محمد اول گذاري ويو. اُن کانپوءِ عبدالڪريم، غلام محمد ۽ خير محمد دوم ۽ هڪ نياڻي ڄائي. محمد سومار جي لکڻ موجب لئبرري غلام محمد جي حوالي رهي. پٽن مان هاڻي خير محمد زنده آهي. فقير پير بخش دلريش جون ڪي تصنيفات هي آهن: ست مناجاتون (ڇپيل)، شجرو چشتيه (ڇپيل)، سفرنامه فاروقي (قلمي)، پوين لاءِ سبق (قلمي)، مکيه نوٽ (قلمي)، ڪلام دلريش  (هن ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام آهي، جنهن مان ڪليات فاروقي محمد سومار ايڊٽ ڪري شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون آهن).

دلريش هڪ فقير تن درويش هو. هن جي مجاز ۽ حقيقت جا پاڇا ڪلام به جا بجا آهن. منهنجي خيال ۾ مجاز نسبتاََ وڌيڪ حاوي آهي. درد فراق جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

درد هزارين دل تي آيا، ٿيس دردن واري محب ماري.

1- ڪونهي ڪو طبيب ڇڏائي، برهه سندي بيماري، دهشت واري.

2- روئندي رڙندي راهون پڇندي، ٿيس ڪڙهي ڪاري، ڳڻتين ڳاري.

3- پرين پيارا ڪر پوئواري، پير بخشي پيناري، ڪر غمخواري.

پريت جو پيچرو اختيار ڪرڻ ۽ پنهون پٺيان وڃڻ جي باري ۾ چوي ٿو:

تون ڪيئن ٿي ڀانئين ڀوري،

آءٌ زوري وينديس زوري،

1-    جيجل جيءُ نه ڇڏينديس هرگز،

آءٌ چوري وينديس چوري.

2-    ڪين ڇڏينديس پانڌ پنهون جو،

      توڙي ڪوٺين لنگهي لوري.

3-    پير پٺيان ران يار پنهل جي،

      هي ڇپر گهمندي ڇوري.

4-    پير بخش چئي ڀائر ڀانيان،

      ٿر جا جيڪي ٿوري.

حقيقي رمز هيئن سمجهائي ٿو:

پاڻ سڃاڻج پوريءَ پر ۾، ڪير آهين تون ڪير ميان،

1- مٽيءَ منجهان مخلوق ٿي آئين، پوءِ خاڪ سندو تون ڍير ميان.

2- ناحق جي ڪڍ نڪ مان نوڙي، حق ڏانهن دل کي هير ميان.

3- ڪين آهين ڪر ڪين ڪمائي، وه وه سان رک وير ميان.

4- پير بخش پيناري سڏائي، پرت سندا کڻ پير ميان.

        ڪن ڪافين، ڪلامن ۾ دنيا جي رنگ تي راءِ ڏي ٿو ۽ سماج تي تنقيدي نظر به وجهي ٿو ۽ اشار ۾ حق سڃاڻن جي تلقين ڪري ٿو:

مان آزاد آهيان، گرفتار آهيان،

ڪڇان ڪين ٿو ٻئي جي گفتار آهيان.

جوان مرد آهيان هٿين پيرين لُولو،

وڻڻ لاءِ پاتم هسي هار بُولو.

پنڻ لاءِ هٿ ۾، ٺلهو کنيم ٺُولو،

مان مسڪين آهيان، زردار آهيان.

ڪمائي ڪري ڪين ڪوڏي ڪمايان،

هزارين لکين پيو خزانا کپايان،

نڪي ٿو ڪمايان نڪي ٿو وڃايان،

رضا ۾ رهڻ جي مان رفتار آهيان.

فاروقي فڪر لاهي ويٺو فنا جو،

فڪر ويو فقر جو لٿو غم غنا جو،

اکر ياد پيو لاءِ عمل لن ترا جو،

رهيو ياد دل ۾، ٿيو يار آهيان.

محمد بخش ڪوجهي (1891-1959ع):

محمد بخش ڪوجهيءَ جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا هئا. محمد بخش جو ڏاڏو شيخ قادر بخش سنڌ ۾ جج ٿيو. اُن ڪري اُتان لڏي شڪارپور ۾ رهيا. محمد بخش جو والد شيخ الاهي بخش به ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ راڻيپور جي درگاهه جو مريد هو (68).

محمد بخش پڙهڻ ۾ تمام هوشيار هو. هن قانون جو امتحان پاس ڪيو. ڊپٽي ڪليٽر ۽ پوءِ ڪليٽر ٿيو. نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1946ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. محنتي، سچو ۽ انسان ذات جو هڏ ڏوکي آفيسر رهيو. سخي قبول محمد دوئم جو مريد ٿيو ۽ درويش رنگ اختيار ڪيائين. سرڪار پاران کيس ”سردار بهادر“ ۽ مرشد پاران ”ڪوجهي“ لقب مليس. مرشد جي ادب ۽ عشق ۾ هر وقت فنا نظر ايندو هو. شيخ محمد بخش ڪوجهيءَ جون سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪافيون اهڙو اظهار ڪن ٿيون.

سردار محمد بخش حيدرآباد ۾ ”انجمن حمايت الاسلام“ جهڙو تعليمي بورڊ قائم ڪيو، جنهن تحت اسڪول ۽ ڪاليج کليا. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ شيخ رحيم بخش ڪم سنڀاليو (69).

گهڻي ڀاڱي ڪوجهيءَ جو ڪلام حمد، نعت، مدح ۽ منقبت تي مشتمل آهي. انداز، هيئت ۽ اسلوب ڪافيءَ جو آهي. مرشد جي مهما هيئن ڪري ٿو:

آهي شهر دراز ۾، رنگيءَ لاتو رنگ اَلا.

1-      شاهي شان دراز جو، جاتي قبولڻ جُنگ اَلا.

2-     الله صورت آدمي، ايهو ڍولڻ ڍنگ اَلا.

3-     دوزخ باهه حرام آ، جنهن کي سخيءَ جو سنگ اَلا.

4-     ڪوجهي ٿي نا ماندڙي، تنهنجو ننگيءَ تي ننگ اَلا.

        مرشد جي مهربانيءَ ۾ مست ملنگ ٿيڻ ڪو ناممڪن ڪونهي. پرت جو پيالو پي مستان ٿيڻ جي ڳالهه ڪوجهيءَ هيئن ڪئي آهي:

        پيالو پرين پياريو، مستان ڇو نه ٿيندس،

        جلوو حسن ڏيکاريو، حيران ڇو نه ٿيندس.

1-      گهر پيهي گهوٽ آيو، جنهن گهور، سان گهايو،

        هوش عقل وڃايو، ديوان ڇو نه ٿيندس.

2-     ڏسندي ئي نينهن لاتم، چمي عشق سر تي چاتم،

        ذوقون زُنار پاتم، صنعان ڇو نه ٿيندس.

3-     لائق نه هئي نماڻي، هي وڙ ڪيائون پاڻهي،

        اهڙي قرب تون مان جاني، قربان ڇو نه ٿيندس.

        سرائيڪي ڪافيون به صوفيانه انگ ۽ رنگ ۾ آهن. سچل سرمست وارا نينهن جا نعرا ڪوجهيءَ جي ڪلام ۾ به پڙاڏا ڪن ٿا:

   عرشون آڪي اپڻي راءِ، اَرض وسايا مين وو مين.

1- ميمي والا پوش لڳا ڪي، ملڪ منجهايا مين وو مين.

2- شمس الحق هي ڪون ويچارا، حڪم هلايا مين وو مين.

3- بن ڪي ڪافر شاهه علي دا، باغ لُٽايا مين وو مين.

4- مومن مين هون ڪافر مين هون، جِت ڪِٿ آيا مين وو مين.

5- ڪوجهي هوڪي وچ صفاتين، ذات ڇپايا مين وو مين.

        سچل سرمست ۽ سندس خانوادي جي ٻين بزرگن جي طالبن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي آيو آهي. هي فقير ڪوجهي به پوئين زماني جي طالبن ۾ هڪ اهم طالب هو.

مولوي احمد ملاح (1877-1969ع):

لاڙ جو مقبول شاعر مولوي احمد ملاح ولد نانگيو ملاح ڳوٺ ڪنڊي (ديهه لوهڻ تپو چورهڏي تعلقي ۽ ضلعي بدين) ۾ ڄائو. ننڍپڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريائين. سندس والد تمام غريب ماڻهو هو. ملڪ ۾ علم جي روشني نه هئي. ننڍڙي احمد ملاح به اُن ماحول ۾ زندگيءَ جا ابتدائي سال گذاريا. هُن جي ابتدائي عمر جا اهي سال مال چارڻ ۾ گذريا. اوچتو احمد ملاح جي دل ۾ علم جي پياس جاڳي، پنهنجي ڪلام ۾ پوءِ اُن ڳالهه جو ذڪر هن ريت ڪيائين:

ڍور چاريندي اچي ويو اوچتو مون کي خيال،

علم ري انسان کي ڪجهه ناهي عزت احترام.

هن سجاڳيءَ لاڙ کي هڪ عالم ۽ سنڌي زبان کي هڪ عظيم شارع ڏنو، جنهن ٻه –پاسي جدوجهد ڪئي. هڪ طرف علمي جدوجهد ڪري توهمات خلاف لڙيو ته ٻئي طرف سنڌي زبان کي بي بها ڪلام سان شاهوڪار ڪيائين.

احمد ملاح، پهريائين ٻَهڊميءَ جي حافظ حاجي عبدالله منڌري جي مڪتب ۾ ويٺو. اُن کانپوءِ علم جي طالب ۾ ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺ ۽ شهرين، ڀڳڙا ميمڻ، بدين، سجاول، گهڙي ۽ نانگي شاهه جي مڪتبن ۾ قرآن، تفسير، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم ورتائين. گهڙي جي مڪتب ۾ تحصيل ڪيائين ۽ سندس دستاربندي ٿي. هن دستاربندي مولوي خير محمد مگسيءَ ڪئي. اُن کي مولوي احمد ملاح پنهنجي ڪلام ۾ ”خضري“ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. دستاربنديءَ کانپوءِ مولوي احمد ملاح، ڳوٺ نورمحمد منڌري، لاکي پير ۽ ٻهڊميءَ جي مڪتبن ۾ معلم ٿي رهيو آهي. اُن کانپوءِ جلدي بدين ۾ مدرسه مظهر العلوم جو پايو وڌائين، جو اڃان تائين قائم آهي. مولوي احمد ملاح بد رسمن، غلط عقيدن ۽ بدعتن خلاف جوٽي، اُن ڪري مدرسي جي انتظاميه جي رويي ڪري اُهو مدرسو ڇڏڻو پيس. اُن کانپوءِ بدين شهر ۾ ئي غريب آباد ۾ نئين مدرسي جو بنياد رکيائين. پاڻ ئي اُن جو هيڊ معلم هو. هاڻي اُهو مدرسو مسلم اسڪول جي نالي سان سڏجي ٿو. مسجد جو به بيناد رکيائين. جيڪا اڄ جامع مسجد غريب آباد جي نالي سان قائم آهي.

انگريزن جي اسلام دشمنيءَ جي ردِ عمل ۾ خلافت تحريڪ وجود ۾ آئي. مولوي صاحب اُن ۾ ڀرپور حضو ورتو ۽ گرفتار ٿيو. ٻئي طرف لنواريءَ جي مصنوعي حج خلاف به عملي جدوجهد ڪيائين. بدين ۽ لاڙ ۾ مولوي احمد ملاح جو مذهبي، سماجي ۽ سياسي خدمتن ۾ اهم ڪردار آهي. اثر وارن، وڏيرن ۽ پيرن جي بدعتي ڪردار خلاف جنگ جوٽڻ ۾ عملي طور ۽ شاعريءَ ۾ همت سان ڪردار ادا ڪيائين. وحدانيت سندس عمل ۽ جدوجهد جو مرڪز رهي. مولوي احمد ملاح کي عشق جي چوٽ لڳي، پر اُن جي تشهير نه ٿي. هُن جي شادي اُتي نه ٿي، جتي سندس دل جو رايو هو. عشقيه ڪلام ۾ اُها ڳالهه نظر اچي ٿي. پاڻ نهايت سادو، قناعت ڪرڻ وارو ۽ مُوحد انسان هو. هڪڙو ئي وڳو هن جو ڪل اثاثو هو. ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏيندو هو ته گوڏ ٻڌي ويهندو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. مناسب آمدني هوندي به دوستن جي خاطرداري ڪندو هو. کيس ٽي فرزند ٿيا، جن مان عبدالرحمان سندس حياتيءَ ۾، ۽ عبيدالله ۽ عبدالرحيم پوءِ گذاري ويا. مولوي احمد ملاح جي ڪلام، قرآن جي ترجمين جي ڪاتبن ۾ خاص سندس پيارو شاگرد مولوي عبدالله جوڻيجو هو. مجموعا هي آهن: فتح لواري، گلزار احمد، گلشن احمد، بياض احمد، غزليات، ايڊيشن شايع ٿيا آهن. اهڙيءَ طرح مولوي احمد ملاح جو بين الاقوامي نوعيت جو ڪارنامو قرآن شريف جو منظوم ترجمو نُورالقرآن آهي. جنهن جا سنڌ ۾ توڙي سعودي حڪومت جي خرچ  ۽ اهتمام سان ايڊيشن شايع ٿيا. اِها وڏي سعادت آهي جا مولوي صاحب  کي حاصل ٿي.

هي يگانو عالم ۽ بيمثل شاعر 19 جولاءِ 1969ع تي وفات ڪري ويو ۽ بدين جي ڀرسان معصومن جي قبرستان ۾ آسوده خواب آهي. سنڌي شاعريءَ جي گلدستي جو هي رنگين گل آهي (70).

مولوي احمد ملاح جو ڪلام گهڻو ڳايو ويو آهي، جنهن فنڪار سندس ڪلام کي معياري انداز ۽ ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳايو سو مٺو ڪچي (مرحوم) هو. هي ليکڪ مولوي صاحب جو پاڙيسري آهي. کيس ڏسڻ جو به شرف حاصل رهيو اٿس. سندس ڪتاب بياض احمد ۽ ديوان احمد ۾ ٻنهي ڇاپن تي منهنجا پيش لفظ به آهن. ديوان تي به منهنجو پيش لفظ آهي. مولوي صاحب جي ڪلام تي ٻه ايم. فل ٿيسز به ٿي چڪيون آهن. سندس حيات ۽ ڪلام تي هڪڪتاب مُوحِد شاعر به شايع ٿيو آهي ۽ ڪيترا مقالا ۽ سيمينار به ٿيا آهن. مولوي صاحب جي ڪلام جي پرک پروڙ لاءِ چند صفحا ناڪافي آهن. جڏهن مولوي احمد ملاح جي ڪلام جي پرک پروڙ ڪجي ٿي ته اُن ۾ حقيقت پسندي کپي ۽ نه جذباتيت جيڪا اڪاثر مقاميت پسند ماڻهن ۾ ڏسجي پسجي ٿي. آءٌ ادب جي شاگرد جي حيثيت سان شروع کان انهيءَ اصول تي ڪاربند آهيان ته سهڻا گل به گهڻا پر هر گل جو رنگ پنهنجو ۽ بوءِ پنهنجي (فارسي)، يا عطر اُهو جيڪو خود خوشبوءِ ڪري (فارسي). پنهنجو مال وڪڻڻ لاءِ وڏاهوڪا ڏيڻ گهورڙيئن جو ڪم آهي، نقادن جو نه!

مولوي حمد ملاح جي ڪلام ۾پهرين خوبي لفظن جي موزونيت ۽ ترنم آهي. پڙهڻ سان نه رڳو شعرن ۾ تسلسل ۽ ترنم پڌرو ٿئي ٿو، بلڪه ظاهر ڪيل خيال ۾ درياءَ جو وهڪرو به نظر اچي ٿو ۽ وري لفظن جو تڪرار به نمايان ٿئي ٿو:

دل سِڪي تولاءِ دلبر، يار دم دم، دم بدم،

ور وريا غمگين تي غمخوار غم غم، غم بغم.

گُلَ گهٽيءَ تنهنجي مٿا ڀانيان ته ڪر بيٺو رهان،

پر چون خر خام ماريو خار رم رم ، رم برم.

دل کي منهنجي دام پيو، لالن ڪلهن سر لاڙيا،

وار خوشبوءِ دار ۽ خمدار خم خم، خم بخم.

لفظن جي تڪرار وانگر اُنهن جي اندروني موسيقي ڪلام جي بنيادي خوبي هوندي آهي. اُها مولوي احمد جي ڪلام ۾ احسن نموني آيل آهي. تجنيس حرفي به اُن آهنگ کي ظاهر ڪري ٿي:

جڏهن وسهي وکون وارين، ته مورن مرم ۾ مارين،

هزارن جا هنيان هارين، هنئين جا هار هڪ ڌڪ سان.

اهڙي موسيقيت ۾ صفت تردو عڪس جا مثال به آهن:

جيئن کڻين خوني اکيون، خنجر هڻين تيئن ٿو وڻين،

جيئن هڻين تيئن ٿو وڻين، تيئن ٿو وڻين تيئن ٿو وڻين.

هڪ حسن اڳئي گهڻو، جنهنجو نه ڪل جڳ ۾ جواب،

ٻيو سناوري سينڌ سهڻا، جيئن بڻين تيئن ٿو وڻين.

مولوي احمد ملاح هڪ عالم هو ۽ اُن ڪري سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ بيشمار آهن، پر ائين نه آندل آهن جو هڪ گهٽ پڙهيل ۽ ٻهراڙيءَ جو ماڻهو سمجهي نه سگهي. فارسي شاعريءَ جي تقليد کان پاسو ڪيو اٿس. ائين غزل جي فارسي زده انداز کان به مولوي صاحب جو ڪلام آجو آهي. هُو لفظن ۽ موضوعن جي چونڊ ۾ به منفرد آهي. لفظن جي ڪري آسان انداز ۾ هيئن پيش ڪري ٿو:

 

هميشھ گڏ حبيبن سان هجان، هر حال خذمت ۾،

سلامي حاضري تعظيم استقبال خذمت ۾.

مولوي صاحب نه نرگس بيمار جو ذڪر ٿو ڪري نه سوسن و سنبل، رابيل و ريحان ۽ گلاب جو فارسي شاعريءَ وارو تقليدي بيان ڪري ٿو. ايراني تشبهيون به روايتي انداز ۾ نٿو آڻي. محبوب جي قد کي سرو ۽ شمشاد سان ائين نٿو ڀيٽي جيئن فارسي تقليد وارا شاعر ڪن ٿا. جيڪڏهن گل ٻوٽي جي تشبيهه آڻي ٿو ته پنهنجي انداز ۾. مثال طور:

تو نموني ٻيو نه نازڪ ڪنهن نوابيءَ ۾ ڏٺم،

رنگ بوءِ بلڪل نه اهڙي گل گلابي ۾ ڏٺم.

حسن و شباب جو بيان به ڪري ٿو. ڪلام ۾ جماليات جا سڀ پهلو آڻي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ عام روايت تي هليو آهي. سندس تشبيهن ۾ زور ۽ اثر آهي. ڪاڪل کي ڪارن نانگن سان ڀيٽي ٿو:

مون ڪيا جي نانگ ڪارا سي ته ڪاڪل ٿي پيا،

قيد پائي قلب کي قربان جت ڪُل ٿي پيا.

لاڙ جي مخصوص محاوري ۾ مولوي صاحب جو ڪلام متاثر ڪندڙ آهي:

اڄ به سرمون پائي سهڻا سينڌ سينگارڻ لڳا.

محب مُرڪاڻي مِٺيءَ سان ملڪ مِڙ مارڻ لڳا.

سراپا نويسي شاعري جي عشقيه رنگ جو بنيادي عنصر آهي. پرينءَ جي پيشانيءَ ۾ جي ڀلائيءَ جا ڀير آهن، اُنهن جو ذڪر هيئن ڪري ٿو:

ملڪ سارو مور پر محبوب مورت اور چيز،

صورتون سڀ صورتون، هيءُ سونهن صورت اور چيز.

زندگيءَ ڪيتري پياري ۽ رنگين آهي، هر ڪو هن بي بقا زندگيءَ کي بي بقا نٿو ڄاڻي. سجاڳ دليون ڄاڻن ٿيون ته زندگيءَ کي بقا ڪونهي. آخر فنا آهي. احمد ملاح اُنهن سجاڳ دلين وارن مان هو. هن ڄاتو ٿي ته بادشاهيون ۽ بزرگيون خواب خيال آهي. چِٽن لفظن ۾ چيائين:

دم ڪو آهيون يا نه آهيون، خواب آهي يا خيال،

هي بزرگيون، بادشاهيون، خواب آهي يا خيال.

خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڻي خان سڀ،

هي خوشيون هي خانگاهون خواب آهي يا خيال،

هي حُڪم هي حڪمتون، هي خوف توڻي حرفتون،

شغل شاديون شوق شاهيون خواب آهي يا خيال،

هي نشا هي نازبوءِ هي نازڪيون ۽ ناز راز،

هي ڪجل ۽ ڪج ڪلاهيون، خواب آهي يا خيال.

هي جواني يار جاني، هي جميعت ۽ جمال،

هي بدن تي برهه باهيون، خواب آهي يا خيال.

آهي احمد چئي امن جو ، آسرو الله وٽ،

ٻيا پنارا ۽ پناهيون، خواب آهي يا خيال.

مولوي صاحب جو ڪيترو ڪلام آهي، جو ڪافيءَ جي طرز تي ڳايو ويو. اُنهن ۾ هي ڪلام مقبول آهي:

مرحبا محبوب منهنجا، تو مٿان سر گهوريا،

گس گهٽيون ڇانيان گلن سان، گنج گوهر گهوريان،

ماڻڪن جا مينهن وسايان، تنهنجي مارڳ ماڳ تان،

تنهنجي خدمت ۾ خزانا، خوب خوشتر گهوريان،

هنجهه هرڻ حورون پريون، هيرا حسن ۾ هيچ هِت،

تنهنجي جلوي جوت تان، جنسار جوهر گهوريان.

نڪ نيلوفر جو نمونو، نرم اڱ نرمل اکيون،

تنهنجي پيرن تان پيارا، پٽ پٽيهر گهوريان.

چنڊ چهرو چشم چقمق، چوسرو چوٽو چندن،

وات ڪوثر کان ڪثر، زم زم ذقن سر گهوريان.

هي به هڪ مقبول شعر آهي:

جئڻ جنجال ڪئي منهنجو جيئين شل يار هڪ ڌڪ سان،

ملو يا ماريو مون کي مِٺا مَنٺار هڪ ڌڪ سان.

مولوي احمد ملاح صنفن جي مدنظر حمد، ڪافيون، غزل، مولود، نعت ۽ ٻيو ڪيترو ڪلام چيو آهي. برسات جي باري ۾ سندس ٻه نظم به مقبول ٿيا، جڏهن برسات پوڻ لاءِ التجا ڪيائين ۽ جڏهن گهڻي برسات وٺي ته روڪڻ لاءِ التجا هيئن ڪيائين ته ”وڄڙيون وار وري ٻي پار“.

اميرن کي غريبن تي ڪهل لاءِ سندس لفظ نهايت خوبصورت آهن:

اي اميرو عام آهون، رنگ لائينديون ضرور،

نِتِ نماڻن جون نگاهون، رنگ لائينديون ضرور،

ڪن پلاهون پيٽ ۾، پر پيٽ ڪن جا ٿيا پلا،

هي پلا ۽ هي پلاهون، رنگ لائينديون ضرور.

ڪٿي تجنيس حرفيون ضرورت کان وڌيڪ آهن. اُنهن کي ڪي اَڻ ڄاڻ ماڻهو خوبي ڄاڻن ٿا، پر آهي خامي. ڪي اهڙا مثال مولوي صاحب وٽ ملندا. مثال: ”مست مستو مست مستو مست من مستان مست“ اڪثر قافين جي تقاضا ڪري به ڪي زائد لفظ  اچن ٿا.

نورالقرآن، مولوي احمد ملاح جو هڪ وڏو ديني ۽ ادبي شاهڪار آهي. هي سنڌ منظوم ترجمو اعليٰ معيار تي ۽ تُز لفظن ۾ ڪيو اٿس. اُن جا مثال ڪيترا وٺجن اُهو ممڪن ڪونهي. سوره رحمان جا هي مثال آهن:

اول نام ڌڻي ڌيان،

سخي سٻاجهو سو سبحان،

ڏاتار ڏيهن کي ڏيندڙ ڏان،

قادر سيکاريو قرآن،

عجب اُپايو تنهن اِنسان،

خوب سيکارينس باب بيان،

سج چنڊ به، حساب سان هر آن،

وليون اوڀڙ عاليشان،

سڀئي سجدو ڪن سبحان،

ايڏو سارو آسمان،

ڪيُس مٿاهون مهربان،

۽ رکيو ساهميءَ کي سُلطان،

تان مُور نه مُنجهو مَنجه ميزان،

۽ توريو عدل ساڻ عيان،

۽ ڪمي ڪانٽي ۾ ڪريو ڪان،

۽ ڀون پکيڙينس بي گمان،

۽ عالمَ ساري تي احسان،

جنهن ۾ ميون جا ميدان،

۽ کجيون چپرين سان چسپان،

۽ تُهه ۽ بُهه ۾، اَن ارزان،

۽ سهڻا سورها گُلَ ريحان،

پوءِ ڌڻي پنهنجي جا ڪهڙا دان،

جُوٺ چئو، اي جن انسان (72).

غمدل فقير (1867-1972ع):

غمدل فقير جو رسالو گلزار غمدل جي نالي سان شايع ٿيل آهي. فقير جو نالو مخدوم طالب الموليٰ يادِرفتگان ۾ عبدالخالق لکيو آهي(ص 250). ڊاڪٽر بلوچ جي ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڪافيون ۾ قادر بخش آهي (ج-2، ص 878-الف) حقيقت ۾ هڪ ئي شخصيت آهي. ڳوٺ جا نالا به ٻه ڄاڻايل آهن. اُهي  آهن: پنو عاقل (طالب الموليٰ) ۽ گهوٽڪي (بلوچ)، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو شاعر هو. سندس شجرو حضرت علي جي غلام قنبر سان ملي ٿو. غمدل فقير، شاهه قلندر جيلانيءَ جو طالب هو. ڪيتروئي ڪلام چيائين. ڪجهه گم ٿي ويو ته ڪجهه درياهه ۾ لوڙهيائين. 1948ع ۾ جڏهن پاڻ رتيديري ۾ اچي رهيو ته قلمبند ڪيائين. مخدوم صاحب طالب الموليٰ، فقير جي عمر جو اندازو صحيح نه لڳايو آهي. خود ئي ڄمڻ مرڻ جا سال لکيا اٿس، اُن موجب فقير 95 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، نه 120 سالن جي عمر ۾ (ص 251). فقير جي مزار تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڳوٺ نبي بخش وڳڻ ۾ آهي.

غمدل فقير جون ڪافيون مقبول آهن. سنڌي ڪافين تي به سرائيڪيءَ جي هيئت (مستزاد، اڌڪ وراڻي) جو اثر آهي. محبوب جي حسن جو بيان هيئن ڪري ٿو:

تنهنجي حسن سندا ڪيئي بردا بشر،

لک حور پري مَلڪ ديو دشر.

1-    الماس آفاقي لرزن ٿا،

      جهٽ جهٽ جهلڪن جهمڪن ٿا.

      تنهنجو تاب ڏسي هو تڙڦن ٿا،

      صد سورج ستارا ڪتيون قمر.

2-    ياقوت عقيق زمرد زرد،

      سرمند بدخشان گوهر گرد،

      مرجان و ڪهربان ريحان رد.

      تشبيهه مثل ٿيا تم تصور.

3-    ڪيئي حيرت ۾ هشناڪ چوان،

      ڪيئي غمدل جهڙا غمناڪ چوان،

      ڪيئي سالڪ سمت مشتاق چوان،

      تنهنجي جلوي عڪس جا اهڙا اثر.

غمدل فقير عشق جي باري ۾ گهڻي جوش و خروش جو مظاهرو ڪيو آهي. چوي ٿو:

      جاٿي نينهن الم نيشان ڏٺم،

      سر عاشقن جا عريان ڏٺم.

1-    جتي عشق بهادر قدم ڌري،

      اُتي عقل ڀڄي ٿيو بيزار پري،

      سودي سر کان سواءِ ٻي گهور نه گهُري.

      اُتي قرب وارن کي قربان ڏٺم.

2-    ڪٿي شاد ڏٺم ناشاد ڏٺم،

      آباد ڏٺم برباد ڏٺم،

      نئون ناز ادا ايجاد ڏٺم،

      سڀ عبرت جا سامان ڏٺم.

3-    پڪ پاڻ پرين پڄائي آ،

      هڪ وار نه غمدل وداعي آ،

      ويجهو وصل وصال وفائي آ،

      خوش بلبل در بُستان ڏٺم.

        سرائيڪي ڪافيون به بهايت اعليٰ معيار جون آهن. هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه ۽ بندهن ريت آهي:

      ميڏا يار سوداگر سِر دا، يا شور بازارين ڦِردا.

1-    اِهو سهڻل ميڏا ساقي، غمدل موجود ميثاقي،

      محبوب ٿيا هي ملاقي، ڀر ڏيندا جام زهر دا.

        ٻيا به ڪيترائي شاعر آهن جو جو ڪلام عوامي سطح تي مس رهيو ۽ ادبي تاريخن يا رسالن ۾ به نه پهتو نه رڳو ايترو، پر انهن تقليد ڪئي. اڪثر جو ڪلام شايع به ٿيو. انهن جا بيت ڪافيون فقط محفلن ۽ ڪچهرين جي سطح تائين هجڻ ڪري لڪل رهيون. ائين ڪو نه چئبو ته اُهي ڪنهن به طرح قابل قبول نه آهن. ڪافين جا مجموعا موجود آهن. اُنهن ۾ ڄڻ اهڙن شاعرن جون ڪافيون رڪارڊ ٿي ويون.

مستري محمد جمن هالو (1911-1977ع):

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org