سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد- ٻيو)

باب:

صفحو:5 

پهرين رمچند تي نظارو هوس. جو صادق فقير (روهڙيءَ اچڻ) تي هڪ دفعو کيس اچو هندو فقير (يا اچو ساڌ) ڪري مخاطب ڪيو. غلام محمد ۽ پوءِ قاضي پير محمد سان دوستيءَ جو ناتو. هن ناتي کي مجاز جو نالو ڏنو يو آهي. منهنجي خيال ۾ هي هڪ سچي دوستيءَ جو معاملو آهي. شاعر هجڻ سان گڏ بيدل سائينءَ هڪ محقق ۽ اسڪالر هو. پنهنجن دوستن جي باري ۾ به لکيو اٿس. مختلف زبانن ۾ ڪلام سان گڏ هيٺيان سندس مستقل ڪتاب آهن: مثنوي رياض الفقر (فارسي)، ديوان سلوڪ الطابين(فارسي)، رموز القادري (فارسيءَ ۾ قصيده غوثيه جي شرح)، ديوان منهاج الحقيقت (فارسي)، مٿنوي نهرالبحر (فارسي، مثنوي رومي جي طرز تي)، رموز العارفين (فارسي مثنوي)، تقويت القلوب في تذڪره المحبوب (فارسي نثر)، پنج گنج (قرآن، حديث، رومي، شاهه عبداللطيف ۽ ڪنهن هڪ ٻئي حوالي لکيل)، قرتھ العينين في مناقب السطبين (فارسي نثر)، ديوان مصباح الحقيقت (فارسي)، فوائد العنوي (عربي مقولا، سنڌي ترجمي سان)، سندالموحدين (فارسي نثر ۽ نظم)، وحدت نامه (سنڌي ۽ سرائيڪي بيت)، لغت (فارسي)، سرود نامه (سنڌي ۽ سرائيڪي بيت ڪافيون ۽ سي حرفيون)، تاريخ هائي وفات، انشاءِ قادري (فارسي خط)، قصيده هير رانجهه (فارسي نظم)، عقائد (فارسي ۽ عربي)، منتخب قصه ليليٰ مجنون (فارسي نظم) ۽ ديوان بيدل (اردو،هندي). تذڪره لطفي (جلد ٽيون) موجب 22 ڪتاب.

دنيا جنهن هستيءَ کي بيدل جي پياري نالي سان سڃاڻي ٿي، سو دل وارو ۽ هڪ وسيع دل وارو آهي. سندس ئي فرزند محمد محسن بيڪس (1859-1882ع)، پنهنجي هستيءَ کي هيئن بيدل ۾ فنا ٿيل ڄاڻي ٿو:

روهڙيءَ ۾ رنگ ڪري رلمل چائي سربار ٿئين بيدل،

حسن بازر ڪري حاصل، هاڻي بيڪس سڏائين ٿو.

حضرت قادر بخش بيدل (1814-1872ع)، روهڙي ۽ سنڌ جو اُهو خوشبودار گل آهي، جنهن جي واس ولات واسي ڇڏيا آهي. هُو تصوف جي تسبيح جو داڻو آهي، جنهن ۾ کانئس اڳ مهامتي پراڻناٿ، دادو ديال، ڪبير، ميران، بلي شاهه، شاهه ڪريم، قاضي قادن، شاهه عنايت رضوي، شاهه عبداللطيف ۽ سچل جهڙا موتيءَ داڻا پُوتل آهن. اُنهن مرده دلين کي زنده ڪيو آهي. ڀٽڪيل قدمن کي راه راست تي آندو آهي. بنا ڪنهن دين ڌرم ۽ مذهب و ملت جي فرق جي خلق جي دلين کي سڪون بخشائون، ڪدورتون دور ڪري محبت جو پرچار ڪيائون. هن سطح تي هندو مسلم جو فرق نه رهيو.  سنڌ ۾ ڪريمي، لطيفي، درازي درگاهن تي هڪ طرف ته ميرانپور، فتح پور ۽ انيڪ آستانن جي محبت جي مذڪور کانسواءِ ڪا پچار نه هئي، ته ٻئي طرف بيدل جو مئخاون کليل هو.

هنن روحاني رهبرن جو علم ۽ عمل سج وانگر روشن هو. روهڙيءَ جو رهبر حضرت قادر بخش بيدل جنهن نموني خلق جي رجوعات پسي رهيو هو، سو ڪو معمولي عمل نه هو. هُن جو عمل ته ڪن روايتن ذريعي پسون ٿا ته سندس ڪلام هڪ اهڙو روح جو ريلو آهي، جنهن سنڌ کي عام طور ۽ پنهنجي تر کي خاص طور سيراب ڪيو.

بيدل سائين شاعر هجڻ سان گڏ هڪ عالم به هو. سندس شعر ۽ نثر ۾ هن جو عالمانه انداز ۽ متصوفانه مام ظاهر آهي،. سندس فارسي، سرائيڪي ۽ سنڌي ڪلام محققن کي داد حاصل ڪري چڪو آهي ۽ شاعرانه ڪمال ذريعي ئي هُو اسان جو رهبر آهي.

بيدل سائين کي روهڙيءَ جو جهنڊو چيو ويو ته اُن جي هڪ معنيٰ آهي. هُو تصوف جي روايت جو آمين آهي. صوفي بزرگن تصوف جي تنوار سان تزڪيه نفس جو ڪم سرانجام ڏنو ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان نجات ڏياري. خام خوديءَ جا خطرا دور ڪرڻ جو سبق ڏنائون. بيدل سائينءَ وحدت نامي ۾ فرمايو:

خام دوريءَ جا خطرا، ”لا“ سين سڀئي لوڙه،

فڪر ترازي هٿ رکي، خيال طلب جو تور،

خيما نيئي کوڙ، نفيءَ کون اثبات ۾. (63)

انساني مزاج ۽ ذهني اوسر ۾ بيدل سائينءَ جو ڪلام رهبر آهي. ذهني اوسر ۾ تصوف جي تنوار اهم آهي. انسان جو من هڪ خاص پابنديءَ ۾ رهي ٿو. اُن کي سنئين دڳ لائڻ ۾ ڪي چند لفظ ئي ڪم ڪري وڃن ٿا. هن سلسلي ۾ بيدل سائين فرمائي ٿو:

پکيئڙا ولر کان وڇڙيا.

1-    پکيئڙا ولر کان وڇڙيا، وڃي اهکيءَ منجهه اڙيا،

      زهري زلف زوراور جا، توکي دُهرا دام پيا.

2-    بيدل ڏنگ جهلياسين، ڏاڍا آهن اوکيرا،

      هيبتي حيوان الله ڙي، اڃان ڪين مُڙيا (64).

انسان لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي، ديني فلسفو هجي يا دنيا جي ڳالهه، پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي وت جي ڪٿ ڪرڻ ۽ ٻين لفظن ۾ پنهنجي طبيعت پروڙڻ بنيادي معاملو آهي. بيدل سائين فرمائي ٿو:

آءٌ آهيان اسرار، عالم ليکي آدمي!

1-    عرشئون اچي اِتهين، عشق ڪيس اظهار،

2-    ڪين هلي ٿي قرب ۾، دين ڪُفر جي ڪار،

3-    ٻانهپ ٻولي ناه ڪا، نُور آهيان، نروار،

4-    بيدل بندو ناه، تون، آڻ اهو اعتبار (65).

سچل سرسمت وارا منصوري نعرا بيدل وٽ به آهن. هُو چوي ٿو ته انسان خدا جي جلوي جو پرتوو آهي. ظاهر ۾ جو بندو آهي، سو باطن ۾ حقيقي آهي:

ظاهر بندو باطن موليٰ، عشق جي بازي، پرجهي ڪير؟

1-       ايهو راز ڪري ٿو روشن، علي ولي شھ مردان شير.

2-       من عرف جي مام موچاري، فرمودي ۾ ناهي ڦير.

3-       تون تان پنهنجو پاڻ ساڃڻين وحدت وارو ڀيرج ڀير.

4-       پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي، عشق غُيُور وڃايس غير.

5-       پنهنجو سِر صحيح ڪج بيدل، سوجهي سمجهه سريءَ جو سير(66).

هن رمز ۾ پاڻ وساري ڇڏڻ اهم آهي، اِن سان آءٌ پڻو وسري وڃي ٿو ۽ مقصود ئي سڀ ڪجهه معلوم ٿئي ٿو. هن سلسلي ۾ بيدل سائينءَ جو گفتو چِٽو آهي:

لاهوتي سي لال، پاڻئون جن پاسو ڪيو.

1-       جوڳي نڪتا جوڳ کون، ڇڏي جسم جنجال.

2-       نانگا جالن نانهن ۾، ڪَيڙا نيهن نها.

3-       آڌوتي اثبات جي، مُرڪيو ڪن مقال.

4-       هو وڃي پهتا حال کي، ماڻهن ليکي محال.

5-       بيدل رهه بيراڳ ۾، پاڻ ڪنا پل خيال (67).

وحدت جي وائي بيدل سائينءَ جي ڪلام جو نشانبر رنگ آهي. فرمائي ٿو:

ايڪائيءَ ۾ ايڪ ٿيو، اچي جان جسم،

ويئي ريت رسم، وحدت سندي ويڙهه ۾(68).

يا اردو ڪلام ۾ واضح اشارو ڪري ٿو:

رمز وحدت ڪي سمجهه بيدل دوئي سي ڀاگ جا،

رنگ بيرنگي ڪي آگي هي مثل تصوير خراب(69).

بيدل سائينءَ جي بقول عشق رهبر آهي. اُهو ئي صفدري ۽ سڪندري ڪري ٿو. فرمائي ٿو:

اي عشق بيا و صفدري ڪُن،

شمشير بَڪشي و سڪندي ڪُن،

با روئي ڪ آفتاب است،

از مشرق، سينه خاوري ڪُن،

زان روئي نقاب را بر افگن،

پيرياه بزم دلبري ڪُن (70).

بيدل سائينءَ توڙي اڪثر سنڌي شاعرن جي فارسي به آسان آهن. اُن ڪري هنن جو پيغام واضح آهي. زبان جو پردو پيغام کي لڪائي ڪو نه ٿو. محبوب جي اچڻ کي بيدل سائين هيئن آسان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

دي ببزم آمد آن شوخ بنازي عجبي،

اَو بنازي عجبي دل به بنيازي عجبي.

-

نيست ممڪن ڪ زبان شرح دهد آنچ برفت،

درميان دل و آن دلبر رازي عجبي،

بيدل اندر دوجهان بنده هُسنت ڪ يافت،

بادشاهي عجبي بنده نوازي عجبي(71).

صوفين سڳورن وٽ تزڪيھ نفس لاءِ پاڻ سڃاڻڻ جو جيڪو رهنمائيءَ جو طريقو رهيو، اُن سلسلي ۾ سنڌ ۾ سچل سرمست ۽ سندس اثر هيٺ نانڪ يوسف، خوش خير محمد، بيدل بيڪس ۽ ٻين واشگاف لفظن ۾ منصوري نعرا هنيا. اُن جو مطلب پاڻ سڃاڻن کانپوءِ جو رد عمل هو. هن جو خود اعتماديءَ جو انگ به واضح آهي.، سچل سائينءَ جو چيو ته ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ اُن جا پڙدا ٻين وٽ به گونجڻ لڳا. اِها گونج ٻڌڻ وارن جي ڪنن تي چِٽي چِٽي پهتي. بيدل سائينءَ چيو:

جوئي آهيان سوئي آهيان، ڀول نه ٻيو ڪو ڀانيان،

ويس لبيس دين ڪفر دا، ڪيئي لاهيان ڪيئين پايان،

رنگين رنگين ڀاتين ڀاتين، ٺاهه لکين ٿو ٺاهيان،

مومل واري ويس ورن ۾، گهوٽ هزارين گهايان،

هن مظهر ۾ ڪاڻ بهاني، بيدل نانءُ سڏايان. (72).

يا

پاڻ پنهون تون آهين، ڪيچ وڻين ڇو ڪاهين،

بيدل بندو ناه تون هرگز، ڇو ٿو ڪوڙ ڪمائين (73).

رانجهن جوڳيءَ وارو ويس ڪري، مک ۾ مرلي ڪير بيراڳي ٿي آيو آهي. آهي اُهو ئي رانجهو جنهن جي رمز نرالي آهي. هڪ مثالي ڪردار جنهن سنڌ ۽ پنجاب جي شاعرن کي وجهيڙائيءَ کان مک ڏيکاريو آهي. وارث شاهه، شاهه حسين، بلاشاهه، سچل ۽ بيدل رانجهن جون ڪهڙيون ڪهڙيون رمزون پسيون ۽ پَسايون. بيدل سائين رانجهن جي رمز جو ذڪر طرحين طرحين طريقن سان ڪيو آهي. رانجهن ڪهڙي هستي آهي؟ فرمائي ٿو:

جوڳي والي ويس ۾، ڪوئي راه مسافر آيا.

1-    بيک بيراڳي مُک وچ مُرلي، درد ڪنهين ڌمڪايا،

2-    مُرلي اُنهين دي تن من اندر، ڏاڍا شور مچايا.

3-    مين به ماءُ بيراڳڻ ٿيان، سامي سحر چلايا.

4-    بيدل نال اسان ڏي رانجهن پيچ پرت داپايا. (74).

رانجهن جي هستيءَ ۾ آپ گم ڪرڻ ۽ اُن جون وصفون ٻڌائيندي بيدل سائينءَ جا سر خوشي (Ecstasy) محسوس ڪري ٿو، تنهن جو ڪا حد نه آهي. خوشيءَ کان ۽ سڪ کان وڏي واڪي پڪاري ٿو ته سرتيون هلو ته رانجهن کي پسون. هُو چمن ۾ آيو آهي. اُن بسنتي جامي واري جي حُسن جو جلوو ڏسون:

چلو ري سنئيان چرچا ويکين، آپ چمن ۾ آيان.

1-       آيا شاهه حسن دا جاني، باغ صفاتي وچ سيلاني.

                                  رانجهن پيا ڪورايا.

2-       نرگس چشمه بسنتي جامه، زلف بنفشه رخ گلفام،

                                  بيرنگي رنگ لايا.

3-       الف دي صورت سرو سُونهارا، اثباتي نون ڪر اظهار.

                                  وهم وجود وڃايا. (75).

بيدل سائين سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين جو به سرواڻ شاعر آهي. ڪافين جا روپ (سُرَ) به خود مقرر ڪيا اٿس. هيئت جي لحاظ کان به سندس ڪافيون اعليٰ آهن. هي رهبر انهن ڪافين وسيلي جيڪي سيکاري ٿو. اُهو موضوع ۽ اُهي لفظ نهايت چٽا ۽ زوردار آهن. مثال طور ٿلهه ۾ مڪمل ڳالهه بيان ڪري ٿو ڇڏي:

-     عقل جو ويو اختيار، عشق اناالحق جو دم ماريو.

-     عشق جو ڏس اسرار، سط صورت ۾  يار سمايو.

وصال جون وايون به زوردار نموني بيان ڪندي. درد ۽ وڇوڙي جو ذڪر به نهايت دل ڀڄائيندر انداز ۾ ڪري ٿو. بيدل سائينءَ جي هيءَ ڪافي اهڙو واضح مثال آهي، جنهن ۾ محب تي ميار به رکي ويئي آهي:

ياڪي ٿئين وڃي يار، نڪو پِيَئي ڪو خيال اسان جو،

1-    توهون ڌاران سپرين، دل کي نانهن قرار،

                      جيئڻ جنجال اسان جو.

2-    مل ته ماندائي لهي، نرمل ٿي نروار،

                      مِٺا مڃ سوال اسان جو.

3-    بيدل ويچارو ڇڏي، مڻيو پورب پار،

                      هئي هئي ڏس حال اسان جو (76).

تلاش ۽ جستجُو سان من جي مراد ملي ٿي. هن سلسلي ۾ بيدل سائينءَ رهنمائي ڪندي فرمائي ٿو ته سوز گداز جي سُرڪي پيڻ سان من موج ۾ اچي ٿو ۽ خوديءَ کان خيال پري پلجي ٿو وڃي:

سُرڪو سوز گداز جو، جَني پيتم جال،

قدمن تلي سر ڌري، چلن اُلٽي چال،

خوديءَ کي کون خيال، پلي پراهون ويا (77).

هي دنيا جو رنگ محل ته آهي، پر هڪ آزمائشي گهر به آهي. هن ۾ اکيون کولي حراس جاءِ رکي هلڻو آهي. پنهنجو عمل ئي سڀڪجهه آهي. پنهنجو تُرهو تانگهي ۾ تاڻي ٻڌبو. اُونهين ۾ ٻيو ڪير ڪونه آڻي ڏيندو. ڀُل ڪبي ته سزا ايندي. سڌو قدم نه پيو ته ڌڪ کائبو. ڪاريهر جي ٻِرَ ۾ ٻانهن وجهبي ته دانهن نڪري ويندي:

ڪاريهر جي ٻَر ۾، جيڪو وجهي ٻانهن،

جي نه ڪرائي دانَهن، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي،

-

ڪاريهر جي ٻَر ۾، جيڪو ڪري لنگهه،

جي نه ڄرائي ڄنگهه، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي.

-

ڪاريهر جي ٻِرَ ۾، جيڪو وجهي پير،

جي نه ورائي وير، ته ڪاريهر ڪيئن ڪوٺجي.

اُن ڪري پاڻ سنڀالڻ کپي. بيدل سائين فرمائي ٿو ته آديسين لاءِ ”مسڪيني مرڪ“ آهي.

مسڪيني مَرڪ، آ اصل آديسين جو،

لنگهي هليا لڪ، ڪاوڙ سندو ڪاپڙي (78).

هي چند مثال آهن، جيڪي بيدل سائينءَ جهڙي رهبر شاعر جي ڪلام مان نموني  طور پيش ڪيا ويا آهن. سندس فرزند بيڪس سائينءَ حق چيو آهي:

رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو،

نالي بيدل بادشاهه بيشڪ اُهو شهباز هو.

موج مستيءَ ۾ سدا سلطان سرفراز هو،

حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو،

پير مغان جي پيش هڪ حق ۽ مجاز هو،

همه اودست واري حال ۾ محمود سو اياز هو،

عشق جي اوتار سان دلدار دست و راز هو،

هن تماشه گاه ۾ اُڻهٺ سندو اظهار هو،

مرضيءَ موجب پانهنجي سو سير صفاتي ساز هو،

سال ٻارهن سئو اُڻانوي ۾ هي سوزگداز هو،

سروهين ذيقعد جي هاديءَ سندو پرواز هو،

بيدل مرشد منهنجو سائين غريب نواز هو،

بيڪس خادم در سندس تي عشق جو آغاز هو.

محمد محسن بيڪس (1859-1882ع) :

ڪڏهن ڪڏهن ڀاڳين جا ڀاڻ ويران ٿي ويندا آهن. اُن باري ۾ نسل ۽ اولاد جي لحاظ کان ڏسبو ته شاهه لطيف ۽ سچل سائينءَ جا مثال ڪافي آهن. هيڏا وڏا شاعر پر پٺيان ڪو ٻوٽي ٻارڻ وارو نه رهيو. هاڻي بيدل ڏي نظر ڪريون ته سندس دلبند جو ڪلام به اهڙو ئي بلند معيار جو آهي، جهڙو بيدل جو ڪلام بلند معيار جو آهي.

سوز ۽ گداز جو صاحب، سنڌ جو جوان سال جوان مرگ شاعر بيڪس، مشهور شاعر ۽ اهل دل حضرت قادر بخش بيدل جو فرزند هو. محمد حسن بيڪس 28 جمادي الثاني 1275هه بمطابق 2 فيبروري 1859 تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. بيدل سائين کي ٻيو فرزند (محمد فريد) به ڄائو، جيڪو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو(80). پروفيسر لطف الله بدوي لکي ٿو ته: ”پيءُ جي جهوليءَ ۾ ناز و نعم سان پليو. جذب ۽ سلوڪ، توڙي ظاهري تعليم ڏيڻ وارن ۾ بيدل جي ڀاڻيجي آخوند عبدالله جو به نالو لکيو آهي (82). بيڪس اڃان چوڏهن ورهن جو هو، جو بيدل سائين وفات ڪئي. بيڪس سائين ننڍپڻ ۾ ئي محبت ۽ مجاز جي منزل ماڻي:

بيدل ڪئي تلقين اهائي بيڪس کي بعد مجاز.

بيڪس مجاز ۾ ممتاز هو ته حقيقت جي راه جو به عارف هو، سندس سوانح عمريءَ ۾ 23 ورهين جي ڪُل حيات جو احوال جناب عبدالحسين شاهه موسويءَ پنهنجي تاليف ”ديوان بيڪس“ ۾ تفصيل سان ڏي ٿو. ڪنئي سان بيڪس سائينءَ جي معصوم محبت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”فقير محمد محسن به ظاهري نماءَ ۾ حقيقي حسن جو ڳولائو رهيو. ننڍي هوندي کان کيس حسن جي حب ۽ ان جي تلاش جي تعليم مليل هئي، جنهن کي عملي جامو پنهنجي والد بزرگوار جي جامي مٽائڻ کانپوءِ پهرايائين. جيئين اڳي ڏيکاريو ويو آهي ته هو گهڻن محبوبن جو پياسي رهيو، پر سندس آخرين محبوب ڪنئيا لعل هو(83).“

ڦُوه جوانيءَ جي اُنهن البيلن ڏينهن جو ذڪر خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ادبي تاريخ ۾ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو: ”هُو ڪو به ڌنڌو ۽ ڪم ڪار ڪونه ڪندو هو. فقط صبح ۽ شام ڇوڪرن جي ٽولي ساڻ ڪري بازار مان چڪر ڏيڻ، ميلن ۽ ملاکڙن تي شوق سان وڃڻ، درگاهن ۽ فقيراڻن آستانن تي پنهنجو ٺاهيل ڪلام ڳائڻ اها فقير صاحب جي مشغولي هوندي هئي. تڪين ۽ اوتارن ۾ توڙي لعل بازارن ۾ موالين ۽ مولائين سان فقير صاحب بي ڌڙڪ محفلون ڪندو وتندو هو. فقير صاحب ڪيڏانهن به گهمڻ نڪرندو هو ته ستار پاڻ سان هوندي هيس، جتي پُور پوندو هوس اُتي ڳائڻ جي موج لڳائي ڏيندو هو. بعضي بعضي بيهي ڳائيندو ۽ نچندو به هو.بيڪس فقير صاحب پاڪ دل حُسن پرست هو(84).“

رنگين ڪپڙن پهرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي سلسلي ۾ پروفيسر بدويءَ هي به لکيو آهي ته: ”چون ٿا ته ننڍي هوندي کيس عمدن ۽ رنگين ڪپڙن پهرڻ جو شوق هوندو هو، پر هيءُ حقيقت آهي ته جڏهن ڪنهن پاڻ جيڏي جي ڪپڙن کي ليڙان ليڙان ڏسندو هو ته پنهنجا قيمتي ڪپڙا بنا ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي اُن کي لاهي ڏيندو هو(85).“

جوانيءَ جي هن دور کي عام طور بي فڪريءَ جا ڏينهن چيو ويندو آهي، پر بيڪس سائينءَ جا. هي ڏينهن وڏي معنيٰ ۽ وڏي فڪر جا حامل هئا. سندس زندگيءَ جا ٽيويهه (23) سال بس جوانيءَ جي ترنگ جي نغمي مثل نظر آيا ٿي. موسوي صاحب، بيڪس سائينءَ جي مجاز جي معاملي کي ڪن نظر آيا ٿي. موسوي صاحب، بيڪس سائينءَ جي مجاز جي معاملي کي ڪن مستند ڪتابن جي حوالن سان بيان ڪيو آهي. اُهي ڪتاب: ساڌو واسواڻيءَ جو “The Vision of a village singer & desert vosices” ۽ ڱرديال مَلڪ جو “Divine devellers in the desert” آهن.

ڪنيي سان دوستيءَ جو ذڪر ڪندي، موسوي صاحب هڪ واقعي جو بيان ڪري ٿو: ”ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن بيڪس کي ڪنيي رستي تي چيو ته اوهين هت ترسو ته مان جهٽ ٿو اچان. محبوب جو چوڻ سوئي معشوقانه انداز ۾، وري فقير صاحب جهڙي پاڪباز ماڻهوءَ کي، سو ويچارو امر ۽ انتظار ۾ بيٺو رهيو. ڪنيو  نه اچڻو هو نه آيو. انهيءَ دل جي صدق ۽ صفائيءَ سان ترسڻ ۽ انتظار ڪڍڻ ڪري بيڪس دينوي دلبر وڃائي حقيقي محبوب لڌو (86).“ هن واقعي کي ڱرديال مَلڪ جي لفظن ۾ موسوي صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي: ”انهيءَ واقعي کانپوءِ فقير صاحب رات جو ڏيئو ٻاري ويهندو هو. انهيءَ غير معمولي عمل تي ماڻهو عجب کائڻ لڳا. پڇا تي هڪ دفعو چوڻ لڳو ته پاڻ اچڻ جو وعدو ڪيو اٿس، سو بتي رڳو انهيءَ ڪري ٻاريان ٿو ته متان اونده ۾ اچي ۽ مان کيس ڏسي نه سگهان(87).“

ساڌو واسواڻي ۽ ڱرديال ملڪ جي حوالن کانسواءِ ڀڳت دوارڪا داس ڀاٽيا جي بيان سان به هن داستان دل جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب بيڪس سائينءَ جو ڪنيي سان نيهن جو ناتو اجگر ٿئي ٿو.

ڪنيا لعل عرف ڪنيي جي زندگيءَ جو مختصر احوال موسوي صاحب هن ريت بيان ڪري ٿو: ”ڪنيا لعل روهڙيءَ جو رهاڪو ڀاٽيو سوني پاڙي جو هو. سندس وڏا ڀاٽيا، پئنچائت جا مُکي هئا. ڍڪ بازار ۾ صرافڪو ڌندو هون. پاڻ بدن جو پورو پنو، قد پنج فوٽ ٻه انچ، رنگ جو ڀورو، لالاڻ مائل هو. اکين ۾ مقناطيسي ڪشش هيس. بقول بيڪس جاتي لڳيون تاتي ٻَکيون، سندس هلڻيءَ چلڻيءَ مان خانداني لياقت ۽ شرافت پئي بکندي هئي، پوشاڪ بلڪل سادي، اُنهن ڏينهن جي رواج موجب ڌوتي ۽ ڳاڙهي پڳڙي. سن 1863ع ۾، يعني فقير صاحب جي ڄمڻ کان تقريبن پنج سال پوءِ ڄائو. ۽ اٽڪل 54 ورهين جي ڄمار ۾ ڊسمبر 1917ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين. گويا فقير صاحب جي رحلت وقت سندس عمر لڳ ڀڳ 81 سال هئي. پاڻ وڏن جو ڌنڌو ڇڏي، ڪپڙي جو دڪان ڪڍيائين ۽ تنهن کانپوءِ ڀانساليءَ ج. مرڻ وقت ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏيائين. سندس وڏو پٽ راڌا ڪرشن کانئس هڪ سال پوءِ گذاري ويو. سندس نياڻي به 1927ع ۾ چالاڻو ڪيو. باقي سندس هڪ پٽ لڇيرام هن وقت بمبئيءَ ۾ آهي، جنهن مهرباني ڪري اِهو مخصر احوال موڪليو آهي(88).“

ڀڳت دوارڪا داس جنهن کي ڪي راتيون موسوي صاحب لکيون آهن، سو بيدل سائين ۽ بيڪس سائين جو صحبتي هو. اُن ڪري موسوي صاحب جو ڏنل احوال قدري مستند آهي. بهرحال بيڪس سائين جي ڦوه جواني ۽ شاعري هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. هُو مدهوشيءَ جي عالم ۾ رهيو ۽ حقيقت توڙي مجاز جا رنگ ڪلام ۾ اُجاگر ڪيائين.

بيڪس سائين هڪ ذهين ۽ اهل دِل درويش هو. هُن جي طبع ۾ هوس جو ڪو دخل ڪونه هو. هُو حُسن ازل جو متلاشي هو. موسوي صاحب بيڪس سائين جي صورت ۽ سيرت لاءِ لکي ٿو: ”پاڻ ڏاڍو سهڻو هو. سندس موڪري ڪڻڪ رنگي پر زياده اَڇاڻ ڏانهن مائل منهن تي چاپئين سونهاري هوندي هئي. سندس رخ تي اَڻ لکا مائيءَ جا داڻا، پگهر اچڻ تي موتين وانگر پيا چمڪندا هئا. قد جو پورو پنو، بُت ۾ ڀريل ۽ ٺاهوڪو هو. ساڄي پير جي ٻاچ اڌ هيس. لٽي ڪپڙي جو شُقين هو. ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا تيل ڦليل سان وهنجندو هو ۽ ڀيري ڀيري سان پوشاڪ مٽائيندو هو. پٽڪي جو ڀير اهڙو رکندڙو هو، جهڙو ڏاڙهونءَ جو ٽڙيل گُل، اُهو اڇو، بعضي گلابي ته بعضي ست رنگو به هوندو هو. پيرن ۾ سدائين ملتاني گهيتلو پائيندو هو. اباڻي گهر ۾ رهندو هو. وڏي فقير صاحب واريءَ کٽ کي پٿراڻي جي مٿان اڇي چادر وڇائي وهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو هو. تمام گهٽ ڳالهائيندو هو. جيتوڻيڪ راڳ سندس روح جي راحت ۽ جيءَ جو جياپو هو، تڏهن به ڏينهن جو نه ڳائيندو هو، البت رات جو اڪيلائيءَ ۾ ٻاهر وڃي اَلاپيندو هو، جيڪو وقت ويٺو هوندو هو، وقت جون راڳڻيون پيون ڳائبيون هيون، اگرچ حسن جي پٺيان حيران ۽ پريشان هو، پر هوس کي اهڙو ماري مات ڪيو هئائين ۽ نفس تي ايتري قدر قادر ۽ قابض هو، جو هڪ لڱا ڪنهن ڪڃريءَ گستاخي ڪئي ته هڪدم جنڊيءَ لٿل رُول، جو هر وقت سندس هٿ ۾ هوندو هو، وهائي ڪڍيائينس(89)“.

درد کيس بيقرار ڪري ڇڏيو هو. درگاهن ۽ تڪين تي راتين جون راتيون گذاريندو هو. دنيا ڏي رويو هي هوس جو اولاد جي طلب به نه رهيس. بيڪس سائينءَ جو ڪلام سنڌي، هندي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ آهي، پر درد جو بيان هڪ آهي، حُسن جي هٻڪار هڪجهڙي هر هر سٽ ۾ ملي ٿي. خوني خماري نيڻ جو تذڪرو طرحين طرحين انداز سان ڪري ٿو:

خوني خماري چشمان چٽن ٿيون.

ڏسڻ ساڻ عاشق ته ڪيئي ڪُهن ٿيون.

اِهي ناز پرورديون نازڪ نماڻيون.

تکا تير مرگن جا بيشڪ هڻن ٿيون.

بيڪس وٽ رسڻ پرچڻ جي رسم تي گفتگوءَ جو انداز ئي منفرد آهي. محبوب کي هيئن ٿو، عرض ڪري.

راز محرم رُس نه يار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

محبوب کي اچڻ لئه منٿ ڪري ٿو:

طرف اسانڏي آوين ڍول،

نال اسانڏي ڪي ڪجهه ٻول.

محبوب ڪڏهن راضي ٿيندو، اُن لاءِ رحم جي اپيل ڪري ٿو:

ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟

ڪڏهن موٽي ملندين راڻا؟

ڪاڪ ڪوماڻي ويل وهاڻي،

ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻان،

جاڪون راڻا تون رسي وئين،

سختيون سور ساماڻا،

خيال خاطر کي ٻيو ڪو ناهي.

ڄاڻيون توکي ڄاڻان.

بيڪس ڇا تنهنجي در تي،

تون ولي ويڳاڻان،

ڪڏهن راضي ٿيندين راڻا؟

حسن جي تعريف ۾، بيڪس جو انداز گهڻن کان مختلف آهي، بيڪس جي انداز ۾ گهرائپ قدرتي گهڻي آهي. ذلف جي ساراه هيئن ڪري ٿو:

زلف زنجير ساڏي دلبر دي، يا وت بشيهر ڪالي،

نين خماري توب تُفنگان، ڪون اُنهان وچ جالي،

بيڪس صدق جا اُنهان تون، نين جنهان دي آلي.

-

نيڻان نازدي فوجان چڙهندي مُول نه ڪريندي ٽالا، قسم تعاليٰ!

ويکڻ سيتي يار سڄڻ دي، بره مريندي ڀالا، قسم تعاليٰ!

عشقان حق حاصل ڪيتا،مُلين دامنهن ڪالا،قسم تعاليٰ.

بيڪس ڪنهن داڪم نه پوي، يپر وايون سي شالا، قسم تعاليٰ.

منصوري نعرا به بيڪس وٽ آهن. اناالحق جي اسرار جي سمجهاڻي ڏي ٿو:

بنائي ساز صورت جا، وري تون لِڪ لڪائين ٿو،

آئين آدم رکي نالو، ڪيو ڪيڏو ڪشالو تو،

ڪري چشمن سندو چالو، عاشق معشوق ٺاهين ٿو،

وري جاني ڍڪي جامو، ڪيو ڪو هل هنگامو،

وڄائي درد دمامو، پنهنجا پيارا ڪُهائين ٿو.

روهڙيءَ ۾ رنگ ڪري رلمل، چائي سربار ٿئين بيدل،

حُسن بازر ڪري حاصل، هاڻي بيڪس سڏائين ٿو.

بيڪس سائين راڳ جو ڄاڻو هو. سندس بيشتر ڪافيون موزون ۽ مترنم ٻولن ۾ مرتب ٿيل آهن. اهڙين ڪافين جي زبان ٺمريءَ ۽ گيت جي هندي رنگ ۾ آهي:

ڌيري ڌيري چل ري سئنيان، ڌيري ڌيري چل.

1-      جهل جهل ٿڪيان دل اپني ڪون، دل چوي پاڳل.

2-     مين مر ويسان نه ته پرچ پيارل، پا ڳراٽڙي ڳل،

3-     بيڪس جو آهي عشاقي، ٻي کي نا توسل،

ٿورڙو فارسي ڪلام چيو اٿس. اُهو بيدل جي ڪلام وانگر آسان فارسيءَ ۾ آهي. اُن جا چند مثال هي آهن:

گدايم بر درت بيدل! عنايت ساز بار عشق،

ڪه طالبِ درد مي باشم غلام عرضدَارِ عشق.

-

حڪايت حالت هجران، تومي داني و مي دانم،

شڪايت شوخيءَ چشمان، تو مي داني ومي دانم.

-

ساقي! بهارآمد، رنگين لباس ڪُن،

مي لعل فام بخشا، وحدت آساس ڪُن.

-

اندر جهان بيشڪ ڪردم بهانه بيدل،

بيڪس نغاره وحدت دم دم زنم به سوزي.

شعر جي سونهن جو شهزادو شاعر بيڪس 23 سال بلبل وانگر ٻولي هن فاني جهان مان دارالبقا ڏانهن ويو. اُها تاريخ 5 رمضان 1298 هه بمطابق 11 آگسٽ 1879ع هئي (90). سندس طالب سيد نواب شاهه ”سڪايل“ سندس سڪ ۾ چيو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org