سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:5 

چڱيءَ خبر کان بد خبر تڪڙو پنڌ ڪري ٿي: ”جوليٽ“ جي مرڻ جي خبر جهٽ  ۾ مانٽيوئا شهر منجهه ”روميو“ کي پهتي، پر ”لارينس“ فقير جو قاصد موڪليو هو_ هن کي ٻڌائڻ لاءِ ته اهو رڳو ڪوڙو بندوبست آهي، ۽ جوليٽ مئي ڪين آهي، ٿوري وقت تائين قبر ۾ وڃي ستي آهي، جيسين ڪ اُتان تون وڃي هن کي ڇڏائين، سو قاصد اڃا هن وٽ ڪو نه پهتو هو . انهيءَ بد خبر پهچڻ کان ٿورو اڳي، ”روميو“ نهايت خوش ۽ سرهو هو. اُنهيءَ رات خواب لڌو هئائين ته، ”آءٌ مري ويو آهيان، ۽ عجب جي ڳالهه اِها ته مئي به ٿو ڏسي ته منهنجي پياري زال آئي آهي، ۽ اچي مون کي مئو ڏٺو اٿس، ۽ چپن تي چمين ڏيڻ سان وري مون  ۾ ساهه وڌو اٿس ، جو آءُ اُٿيو آهيان، ۽ وڏو بادشاهه ٿي پيو آهيان!“ پوءِ جو ”ويرونا“ مان ماڻهو ايندو ڏٺائين، سو پڪ ٿيس ته جيڪي خواب ۾ ڏٺو هوم تنهن جي خوشخبري آندي اٿس. پر، جڏهن اُنهيءَ جي اُبتڙ ڳالهه ٻڌائين، ۽ ڄاتائين ته اها سندس زال هئي جا سچ پچ مئي. جنهن کي هينئر ڪيترين به چمين ڏيڻ سان جيئارڻ جي طاقت نه هيس. تڏهن هن گهوڙا تيار ڪرايا، ۽ ارادو ڪيائين ته رات ”ويرونا“ ۾ وڃي پنهنجي محبوب جو سندس قبر ۾ ديدار ڪريان. شيطاني ڪم هميشه سڀ کان اڳي انسان جي خيال ۾ ايندو آهي، تنهن موجب هن کي هڪڙي دوا فروش جي ڳالهه ياد پيئي ، جنهن جو دوڪان ”مانٽيوئا“ ۾ هن تازو ڏٺو هو ، ۽ جنهن چيو هوس ته ”مانٽيوئا شهر ۾ زهر وڪڻڻ جي قاعدي موجب منع آهي ، پر جي ڪڏهن ڪنهن کي ڪا زهر جي درڪار پئي ته منهنجي دوڪان تان اُن کي ملي سگهندو .“ اِهي لفظ هن جا هينئر هن کي ياد آيا  ۽ هن ڳولي  اُنهيءَ دوا فروش جو دوڪان هٿ ڪيو. پهريائين ته هن عذر ڏنا ۽ بهانا ڪيا، پر نيٺ ”روميو“ گهڻا پئسا آڇيس، تن جي لوڀ تي، هن  هن کي زهر ڏنو ـ اهڙو زهر ، جو هن ٻڌايس ته ”ڳهڻ شرط، جي ويهن مڙسن جيترو زور هوندءِ، ته به جهٽ ۾ پورو ڪري ڇڏيندءِ!“

اِهو زهر ساڻ ڪري، هو ويرونا ڏي روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ ته وڃي پنهنجي پياري زال کي قبر ۾ ڏسان، ۽ جڏهن ڏسي ڍوُ ڪريان، تڏهن زهر کائي سندس پاسي م پئجي رهان . اڌ رات جو هو ويرونا ۾ اچي پهتو ۽ ديول جي ايوان ۾ آيو ، جتي وچ ۾ ڪئپيوليٽ گهراڻي جو قديم قبو هو. هو بتي ۽ ڪوڏر ۽ انبور پاڻ سان کڻي آيو هو، ۽ اچي هو، ۽ اچي قبي کي کوٽڻ ۽ ڀڃڻ لڳو ... ته اوچتو هڪل آئي ته ”حيف اٿئي، ڪمينا منٽيگيو، متان اهڙو بيقاعدي ڪم ڪندو هجين.“ اها هڪل جوان ”ڪائونٽ پارس“ جي هئي، جو اڌ رات جو پنهنجيءَ منڱيندي جوليٽ جي قبر تي گل وجهڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ آيو هو . هن کي معلوم ٿي نه سگهيو ته ”روميو“ جو اِنهيءَ مردي لاش  سان ڪهڙو ڪم هوندو ، پر ڄاتائين ته هو ”مانٽيگيو“ آهي، ۽ ”ڪئپيوليٽ“ ذات جو جاني دشمن آهي، سو رات جو هنن جي مردن سان ڪا جٺ ڪرڻ آيو هوندو، تنهنڪري، ڪاوڙجي، هن کي هٿ جهلڻ لاءِ هڪل ڏنائين: خبر هيس ته هو ڏوهاري آهي، ۽ ويرونا شهر ۾ لڀڻ ڪري قاعدي موجب مارجڻ جو سزا وار آهي، تنهنڪري وڃي هن کي پڪڙڻ جي ڪيائين. ”روميو“ ”پارس“ کي چيو ته ”ڀلائي ڪري منهنجو نالو نه وٺ، مون کي چيڙاءِ نه، نه ته توسان به اهڙو حال ڪندس، جهڙو ٽئبالٽ سان ڪيو هوم، جو اِتي پوريو پيو آهي، ڪـُڏ ڪري پاڻ کي پاڻيهي نه ماراءِ، ۽ ٻيو پاپ وري منهنجي گردن تي نه وجهه!“ پر ”پارس“ هن جي دڙڪي کان نه ڊنو، ۽ هن کي، ڏوهاري سمجهي منجهس هٿ وڌائين، ”روميو“ سامهون ٿيس... پوءِ ته ٻئي وڙهي پيا، ۽ پارس مارجي پيو. جڏهن ”روميو“ بتي کڻي اچي ڏٺو ته مون ”پارس“ کي ماريو آهي_ جنهن جي بابت مانٽيوئا مان ايندي رستي ۾ خبر ٻڌي هئائين ته ”جوليٽ“ سان پرڻجڻو هو_ تڏهن هن مئي جوان جي هٿ مان وٺي، سنگتيءَ وانگي، چوڻ لڳو ته ”آءٌ توکي جوليٽ جي قبر ۾ دفن ڪندس!“ پوءِ هن ويهي ”جوليٽ“ جي قبر پٽي، جتي سندس زال اهڙي تازي پيئي هئي جو ڄڻ ته موت کي هن جي حسن مان ذري به مٽائڻ جي طاقت نه ٿي هئي، يا ڄڻ ته اَجل مٿس عاشق هجي، ۽ هن کي ڏسي خوش ٿيڻ لاءِ کڻي اُتي آڻي رکيو هجيس ـ ڇا لاءِ جو هوءَ اهڙيءَ تازي ۽ گل جهڙي ڳاڙهي ڏسڻ ۾ پئي آئي ، جهڙي دوا پيئڻ کان اڳي هئي! سندس پاسي کان رت ۾ ڀريل ”ٽئبالٽ“ ڪفن ۾ پيو هو، تنهن کي ڏسي، ”روميو“ هن کان معافي گهرڻ  لڳو، ۽ ”جوليٽ“ جي ڪري سؤٽ سڏڻ لڳس، ۽ چوڻ لڳس ”اِجهو آءٌ تنهنجي دشمن کي ماري، توکي خوش ٿو ڪريان!“ اتي ”روميو“ پنهنجي محبوب جي چمين ڏيڻ سان آخرين موڪلاڻي ورتي، ۽ اِتي هن پنهنجي ڪمبختيءَ، جو بوجو پنهنجي آزاريل بت تان اُڇلي ڦٽو ڪيو: هن جيڪو زهر دوا فروش کان ورتو هو، سو کائي ڇڏيو، جنهن جو اثر سچي پچي موتمار هو، نه اُنهيءَ دوا جهڙو جا ”جوليٽ“ پيتي هئي، ۽ جنهن جو زور هاڻ اچي پورو ٿيو هو ، ۽ هوءَ جاڳڻ تي هئي ...

هاڻي اُها گهڙي اچي پهتي هئي، جنهن تي ”لارينس“ فقير چئي ڇڏيو هوس ته تون جاڳندينءَ. هن ويچاري کي خبر پيئي هئي ته ڪنهن سبب ڪري قاصد کي دير لڳي ويئي، ۽ منهنجا خط مانٽيوئا ۾ ”روميو“ کي نه پهچي سگهيا ، سو وٺ پڄ ڪري پاڻ آيو، ۽ ڪوڏر ۽ شمعدان به ساڻس آندائين ته ”جوليٽ“ کي بند قبر مان ڪڍان... پر حيرت تڏهن لڳيس، جڏهن ڏسي ته ”ڪئپيوليٽ“ وارن جي قبر ۾ اڳيئي بتي پئي ٻري، تراريون ۽ رتڇاڻ ٿي پئي آهي، ۽ ”روميو“ ۽ ”پارس“ قبر جي ڀر ۾ مئا پيا آهن!

جيسين ڪ هن خيال ڪيو ته هيءُ واقعو ڪيئن ٿيو ۽ هاڻ ڇا ڪجي، تيسين ”جوليٽ“ جاڳي. فقير کي پاسي ۾ بيٺل ڏسي، دل سان لڳس ته ڪٿي آهيان ۽ ڪيئن هتي آئي آهيان. هن کان ”روميو“ جو پڇڻ لڳي، پر اتي جو فقير ٻاهران آواز ٻڌو، تنهن چيس ته ”سگهو انهيءَ موت جي جاءِ مان نڪري ٻاهر ٿي ، جو جيڪا اسان رٿ ڪئي هئي سا خدا جي حڪم سان نه بيٺي.“ ڪيترا ئي ماڻهو پر کان ڳالهائيندا ٿي آيا، تن جي ڊپ کان فقير ڀڄي ويو، پر جڏهن ”جوليٽ“ پنهنجي سچي عاشق جي هٿ ۾ پيالو ڏٺو تڏهن پڪ ٿيس ته زهر هن کي ماريو آهي. جي پيالي جي تري ۾ ڪو ڍڪ بچيل هجي ها ته هيءَ اُهو پي ڇڏي ها، تنهنڪري هيءَ هن جا گرم چپ چمڻ ۽ چوسڻ لڳي، ته من انهن تي ڪو زهر ذرو لڳو پيو هجي! پوءِ جڏهن ماڻهن جو ويجهو آواز ٻڌائين، تڏهن جهٽ ۾ خنجر ڪڍي پاڻ کي هنيائين ، ۽ سچي محبتيءَ ”روميو“ جي ڀر ۾ دم ڏنائين.

ايتري ۾ ماڻهو اچي انهيءَ هنڌ پهتا. ”ڪائونٽ پارس“ سان جو نوڪر هو، تنهن پنهنجي ڌڻيءَ ۽ ”روميو“ جي وچ ۾ لڙائي ڏسي ڊوڙي وڃي شهر ۾ گهوڙا گهوڙا ڪئي ، جنهن تي ماڻهن ۾ هُل پئجي ويو ، جي ”پارس“ ۽ ”جوليٽ“ جو نالو وٺيو گوڙ ڪيو هيڏي هوڏي پئي آيا ويا. تان جو ٻڍو ”مانٽيگيو“ ۽ ٻڍو ”ڪئپيوليٽ“ جا حاڪم سوڌا، ننڊ مان اُٿي کڙا ٿيا، ۽ هن گڙ ٻڙ جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. فقير به ديول جي ايوان مان ڏڪندو سهڪندو ۽ روئندو آيو، تنهن کي پهري وارن شڪ جي حالت ۾ کڻي جهليو. ”ڪئپيوليٽ“ وارن جي قبي وٽ اچي ماڻهن جو گوڙ متو. اُتي شهر جي حاڪم فقير کي چيو ته ”هن عجيب ۽ خوفناڪ واردات جي جيڪا تي کي خبر هجي ، سا ڪري ٻڌاءِ .“ تڏهن اُتي ”مانٽيگيو“ ۽ ”ڪئپيوليٽ“ سردارن جي سامهون هن ايمان سان سندن پٽ ڌيءَ جي محبت جو ، ۽ پاڻ جا هنن جي شاديءَ ڪرڻ ۾ مدد ڏني هئائين، انهيءَ لاءِ ته سندن خاندانن مان جهيڙو نڪري وڃي ۽ صلح اچي پئي، تنهن جو، ”روميو“ جو اُتي مُئو پيو هو ، سو ”جوليٽ“ جو مڙس هو ، ۽ ”جوليٽ“ جا اُتي مـُئي پئي هئي، سا ”روميو“ جي زال هئي، تنهن جو، شاديءَ ظاهر ڪرڻ جي وجهه ملڻ کان اڳي، ”جوليٽ“ جي ٻيءَ شاديءَ جي تجويز هئڻ جو، ٻئي ڀيري شاديءَ ڪرڻ جي گناهه کان پاسي ڪرڻ لاءِ، ”جوليٽ“ سندس صلاح تي ننڊ جي دوا کائي ڇڏي، جنهنڪري سڀني هن کي مئو ڄاتو، تنهن جو انهيءَ وچ ۾ هن جو ”روميو“  ڏي لکيو ته دوا جي اثر پوري ٿيڻ کان اڳي اچي هن کي اُتان وٺي وڃي، تنهن جو، ۽ ڪم نصيبيءَ ڪري قاصد جي دير ڪرڻ سبب ”روميو“ کي خط نه پهتو، تنهن جو سڀ سر بستو سچو بيان ڪري ٻڌايو. انهيءَ کان وڌيڪ فقير کي خبر ڪانه هئي: پاڻ ”جوليٽ“ کي انهيءَ قبرستان مان ڪڍڻ جي لاءَ اُتي آيو، ۽ اچي ”ڪائونٽ پارس“ ۽ ”روميو“ کي مئل ڏٺائين، رڳو ايترو احوال هن کي معلوم هو، باقي ڳالهه جي خبر وري ان نوڪر کان پيئي، جنهن ”پارس“ ۽ ”روميو“ کي وڙهندو ڏٺو  هو، ۽ ٻي خبر وري ”روميو“ جي نوڪر کان پيئي، جو ويرونا مان روميو سان آيو هو، جنهن کي هن خط ڏنا هئا ته آءٌ مري پوان ته منهنجي پيءُ کي پهچائي ڏج . انهيءَ خط مان فقير جي ڳالهه کي تصديق آئي ، جو انهيءَ ۾ ”روميو“ ”جوليٽ“ سان پنهنجي شاديءَ ڪرڻ جي ڳالهه قبول ڪئي هئي، ۽ پنهنجي پيءُ_ ماءُ کان معافي گهري هئي، ۽ لکيو  هئائين، ته ”مون دوا فروش کان زهر ورتو هو، ۽ انهيءَ قبرستان ۾ منهنجي اچڻ جو مطلب اهو هو ته مَري پنهنجيءَ ”جوليٽ“ جي ڀر ۾ سمهان“. انهن سڀني ڳالهين تي گڏي خيال ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته اِهي جيڪي خون ٿيا هئا، تن ۾ فقير جو ڪنهن به طرح جو هٿ ڪو نه هو ، رڳو سندس چڱيءَ نيٺ اِهي اتفاقي نتيجا نڪتا هئا.

اتي حاڪم هنن ٻڍن ”مانٽيگيو“ ۽ ”ڪئپيوليٽ“ سرداران ڏي منهن ڪري، سندن جھنگلي ۽ اڻسمجھائيءَ جهڙيءَ دشمنيءَ جا هنن کي طعنا هڻڻ  لڳو، ۽ چيائين ته ”ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح خدا تعالى اهڙن بڇڙن ڪمن جي ڪري اوهان جي غير طبيعي دشمنيءَ جي سزا اوهان کي ڏني آهي!“

هنن پير مردن به پنهنجو ورهين جو وير پنهنجن ٻارن جي قبرن ۾ پوري ڇڏيو، ۽ پاڻ ۾ پرچاءُ ڪرڻ قبول ڪيائون. ”ڪئپيوليٽ“ سردار ”مانٽيگيو“ سردار کي چيو ته ”ادا، مون کي پنهنجو هٿ ڏي، جو انهيءَ ڪري اسين پرتاسين به  ۽ اسان جي پٽ ڌيءَ جي شادي به بحال ٿي“، پر ”مانٽيگيو“ سردار چيس ته ”منهنجو هٿ حاضر آهي، پر آءٌ انهيءَ لاءِ ٻيو وڌيڪ به ڏيندس: آءٌ سچيءَ ۽ ايماندار جو ليٽ جو نج سون جو بُت جوڙائيندس، انهيءَ تي اهڙو ڪم رکائيندس جو جيسيتائين ويرونا کي بقاءُ هوندو، تيستائين اِنهيءَ جهڙو ٻيو بت ڪو نه جوڙي سگهندو!“ ”ڪئپيوليٽ“ سردار چيو ته ”انهيءَ جي بدلي ۾ آءٌ وري روميو جو بـُت ٺهرائيندس!“ اِنهيءَ طرح، هنن ٻنهي ٻڍن سردارن، تمام چرڪو، هڪ ٻئي کي آبرو ڏيڻ ۾ پئي زور لاتو، ۽ گذريل ڏينهن ۾ ته سندن وچ ۾ اهڙو خراب وير هو، جو سندن اولاد جي چٽ ٿيڻ ڪري مس سندن خاندانن مان دشمنيءَ جي پاڙ پٽجي ويئي .

ٻارهين رات، يا جيڪا تنهنجي مرضي

 

”سباسشين“ ۽ ”ويولا“، ”ميسلين“ شهر ۾ جاڙا ڀاءَ ڀيڻ هئا. هـُو جوان هئا، ۽ اشراف گهر جا ماڻهو هئا . ڄائي ڄم کان سندن مهانڊا اهڙا هڪجهڙا هئا، جو سندن پوشاڪ جي تفاوت کان سواءِ هڪٻئي کان سڃاپي نه سگهندا هئا، ٻئي هڪڙي ڪلاڪ جي اندر پيدا ٿيا هئا، ۽ هڪڙي ڪلاڪ جي اندر ٻنهي کي مرڻ جو خوف هو، ڇا لاءِ جو هو سمنڊ جي مسافري ۾ گڏ هئا، ۽ سندن جهاز ”اليريا“ جي ڪناري تي ٽڪر سان لڳي ڀڄي پيو. ڪي ٿورا ماڻهو بچيا، ٻيا سڀ ٻڏي مئا. جهاز جو ڪپتان، جيڪي ٿورا خلاصي بچيا هئا، تن سان گڏ، هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ اچي سـُڪيءَ تي پهتو، ۽ اُنهن ويولا کي پاڻ سان گڏ صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو، جا ويچاري پنهنجي ڇوٽڪاري جي خوشيءَ ڪرڻ جي بدران پنهنجي ڀاءُ جو غم ڪرڻ لڳي، پر ڪپتان هن کي دلاسو ڏنو ته ”جڏهن جهاز ٿي ڀڳو تڏهن مون تنهنجي ڀاءَ کي ڏٺو هو، جو هڪڙي مضبوط کُوهي کي  وڃي چهٽيو هو، ۽ لهرن مٿان ڳچ پنڌ تائين کڄيو پئي ويو.“ انهيءَ دلاسي ڪري ويولا کي گهڻي دلجاءِ ٿي، ۽ هاڻي وري انهيءَ ڳڻتيءَ ورتس ته ”ڌارئين ملڪ ۾ گهر کان ايترو پري ڪئين گذاريان !“ هن ڪپتان کان پڇيو ته” اليريا“ جي ڪا خبر اوهان کي آهي؟ “ ”ڪپتان چيو ته ”هائو، بيبي، مون کي چڱي طرح خبر آهي، جو جنهن جاءِ تي آءٌ ڄائو هوس، اها هتان ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي مس آهي.“ ويولا چيو ته ”هتي جو حاڪم ڪير آهي؟“ ڪپتان چيو ته اِليريا جو حاڪم ”ڊيوڪ آرسينو“ آهي، جو طبيعت توڙي درجي ڪري وڏو آهي. “ ويولا چيو ته ”منهنجو پيءُ آرسينو جي ڳالهه ڪندو هو ، پر تڏهن چوندو هو ته هو ڇڙهو آهي، پرڻيل ناهين.“ ڪپتان چيو ته ”هو اڃان به ڇڙهو رهندو آهي، نه ته به ڪن ٿورن ڏيهن کان اڳي ته پڪ ڇڙو هو، ڇا لاءِ جو مهينو مس ٿيندو جو آءٌ هتان نڪتو هوس، تڏهن ماڻهن جي وات ۾ اها ڳالهه عام هئي ته آرسينو بيبي ”آليويا“ تي عاشق آهي، ۽ انهيءَ جي شاديءَ لاءِ پيو مٿان هڻي، اها خوبصورت ۽ نيڪ زال هڪڙي وڏي امير جي ڌيءَ هئي، جو ٻارنهن مهينا ٿيا ته مري ويو هو، ۽ پنهنجي اها ڌيءَ ڀاءَ جي حوالي ڇڏي ويو هو، جو پڻ پوءِ سگهوئي مري ويو. انهيءَ ڀاءَ جي محبت ۾، هن مڙس ماڻهن کي ڏسڻ يا ساڻن صحبت ڪرڻ کان کڻي بس ڪئي آهي.“ ويولا، جا پاڻ پنهنجي ڀاءُ جي گم ٿيڻ ڪري ساڳي اهڙي غم ۾ هئي، تنهن چيو ته ”اها بيبي جا پنهنجي ڀاءُ لاءِ  ايترو ڏک ڪري ٿي ، تنهن وٽ جيڪر آءُ وڃي رهان ته چڱو !“ هن ڪپتان کي چيو ته ”جيڪڏهن اوهين منهنجي معرفت ڪرائي سگهو، ته آءٌ خوشيءَ سان انهيءَ بيبيءَ وٽ نوڪر ياڻي بيهنديس.“ هن ورندي ڏني ته ”ائين ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇا لاءِ جو بيبي آليويا پنهنجي ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ ڪنهن کي به پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي . خود ڊيوڪ آرسينو کي به نٿي اچڻ ڏئي.“ تڏهن ويولا پنهنجي دل ۾ ٻي هڪڙي رٿ ڪئي ته ”مرداڻيءَ پوشاڪ ۾ ڊيوڪ آرسينو وٽ وڃي نوڪر بيهجي“. جوان زال، مردانن ڪپڙن ۾ ڇوڪري ٿي رهي، اها هڪڙي عجيب چرچي جي ڳالهه هئي پر ويولا جا جوان ۽ حد کان وڌيڪ خوبصورت هئي، ۽ ڌارين ملڪ ۾ هيکلي ۽ نڌڻڪي هئي ، تنهنجي لاءِ لاچاريءَ ڪري اها رٿ بڇڙي نه هئي.

هن ڪپتان کي چڱو ماڻهو ۽ پنهنجو خير خواهه ڄاڻي، کيس پنهنجيءَ رٿ مان واقف ڪيو، ۽ چيائينس ته ”مون کي ڪي مڙساڻا ڪپڙا هٿ ڪري ڏيو، مگر اهڙي قسم ۽ رنگ جا هجن، جهڙا منهنجو ڀاءُ سباسشين ڍڪيندو هو.“ جڏهن هن مڙساڻا ڪپڙا ڍڪيا، تڏهن اهڙي هُو بهُو ڀاءُ جهڙي ٿي پيئي، جو پوءِ گهڻا مٿن ڀلجي پيا ۽ هڪڙي کي ٻيو پيو سمجهيائون، ڇا لاءِ جو جيئن هيٺ معلوم ٿيندو، سباسشين به بچيو هو، ۽ ٻڏو ڪين هو.

جڏهن ويولا جي چڱي دوست، ڪپتان، انهيءَ جوان خوبصورت زال کي بنائي مڙس ڪيو، تڏهن تجويز ڪري هن کي ”ڊيوڪ آرسينو“ جي ڪچهريءَ ۾ نيائين، ۽ هن جو نالو ”سزيريو“ ٻڌايائين. هن جوان جي هلت ۽ گفتگو ڊيوڪ کي اهڙِي پسند آئي، جو هن کيس پنهنجو خاص خذمتگار ڪيو. جنهن جاءِ جي لاءِ ويولا کي به گهڻي خوشي هئي . هن انهيءَ نئينءَ جاءِ تي اهڙِي چڱي هلت ڪئي ۽ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي اهڙي محبت ۽ ايمانداري ڏيکاري، جو سگهوئي هو مٿس ڏاڍو مهربان ٿي ويو. سزيريو کي، آرسينو، بيبي آليويا سان جا سندس محبت هئي، تنهن جو سڄو حال ٻڌايو. هن کي چيائين ته ”هيترا سارا ڏينهن ٿيا آهن جو آءٌ سندس عشق ۾ پيو جلان، ته به هوءَ مون کي پئي ڌڪاري ۽ پاڻ وٽ اچڻ ئي نٿي ڏئي!“ انهيءَ نا مهربان بيبيءَ جي محبت ۾ آرسينو شڪار ڪرڻ ڪري توڙي ٻيا مردانا شغل ۽ چرچا کڻي ڦٽا ڪيا هئا ، ۽ هن پنهنجو وقت سستيءَ ۾ زنانن راڳن ۽ عشق جي شعرن ٻڌڻ ۾ پئي وڃايو، ۽ جن سياڻن ۽ پوهيلن اميرن جي سنگت ۾ گذاريندو هو، تن کي ڇڏي، هاڻي هو سڄو ڏينهن جوان هزيريو سان پنهنجي حال جا قصا پيو ڪٽيندو هو. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ڊيوڪ آرسينو جي اميرن سيزيريو کي سندس صحبت جو لائق نٿي ڄاتو.

جوان زالون، خوبصورت مڙسن جي اندر جي حال مان واقف ٿين ٿيون، ته انهيءَ مان گهڻو خوف پيدا ٿئي ٿو. اها ڳالهه سگهو ئي ويولا کي معلوم ٿئي، ڇالاءِ جو جيڪي سور آرسينو چيس ٿي ته آءٌ آليويا جي محبت ۾ پيو سهان، سي هيءَ پاڻ آرسينو جي محبت ۾ سهڻ لڳي. هن کي ڏاڍو عجب لڳو ته منهنجو لاثاني ڌڻي، جنهن تي ڪو به ماڻهو تعريف ڪرڻ کان سواءِ ڏسي نه سگهندو، تنهن ڏي آليويا ڪهڙي طرح ايترو سرد هجي! هن، اشاري طرح، آرسينو کي به چيو ته ”افسوس آهي ته اوهين انهيءَ بيبيءَ سان محبت اٽڪايو، جنهن کي انڌائيءَ کان اوهان جن گڻن تي نظر نه هجي!“ هينئين به چيائينس ته ”سائين، جيئن اوهين آليويا کي گهڻو ڀانيو ٿا، تيئن جيڪڏهن ڪا بيبي اوهان کي ڀائيندي هجي ۽ ڪهڙو شڪ ته اهڙِي گهر زال هوندي به، ۽ جي اوهين انهيءَ کي ايترو نه گهرندا هجو ته، اوهين جيڪر هن کي ڪين چئو ته منهنجي تو سان دل ڪانهي؟... ۽ هوءَ انهيءَ جواب تي صبر ڪري نه ويهي رهي ، ته ٻيو ڇا ڪري؟“ پر آرسينو اها حجت نه مڃي ، ۽ چيائين ته ”اها ٿيڻي ناهي جو زال کي دل ۾ ايتري محبت هوندي ، جيتري مون کي آهي.“ ڪنهن زال جي دل ۾ ايتري محبت سمائڻ جيتري جاءِ ڪانهي، تنهنڪري جيڪا محبت مون کي آليويا ڏني آهي، تنهن جو، ٻئي ڪنهن کي جيڪا محبت مون ڏني هوندي تنهن سان، مقابلو ڪرڻ اجايو ۽ نامناسب آهي.“ جيتوڻيڪ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڳالهه ”ويولا“ سچي ۽ بالا چشم ڄاتي، تڏهن به انهيءَ تي اعتبار ڪري نه سگهي، ڇا لاءِ جو کيس پڪ هئي ته منهنجي دل ۾ بيشڪ ايتري محبت آهي جيتري ”آرسينو“ کي آهي. چوڻ لڳي ته ”غريب نواز، مون کي خبر آهي.“ ”آرسينو“ پڇيس ته ”سزيريو“ تو کي ڪهڙي خبر آهي ؟“ ”ويولا“ ورندي ڏني ته ”سائين زالن کي جيتري محبت مڙسن ڏانهن ٿيندي آهي، تنهن جي مون کي سڄي خبرآهي: هنن جي دل به اهڙِي سچي ٿيندي آهي، جهڙِي اسان مڙسن جي. منهنجي پيءُ کي هڪڙي ڌيءَ هوندي هئي، جنهن جي دل هڪڙي ماڻهوءَ سان هئي. اهڙِي دل، جهڙِي آءُ کڻي زال هجان، ته منهنجي اوهان سان هجي.“

”آرسينو“ چيو ته ”پوءِ انهيءَ جو ڪهڙو حال هوندو هو؟“ ”ويولا“ جواب ڏنو ته ”سائين هن ۾ ڪو به حال ڪو نه هو. هن پنهنجي اندر جو آزار ڪنهن سان نه سليو. جيئن ڪو ڪِنئون اندر ئي اندر مکڙيءَ کي پيو کائي، تيئن هن جي ڳجهيءَ محبت به هن جي بخمل جهڙن ڳلن کي پئي کاڌو. هوءَ ڳڻتيءَ ۾ پئي ڳرندي هئي ، ۽ تصوير وانگي چپ ڪريو ويٺي ڏک تي مرڪندي هئي.“ ”ڊيوڪ“ پڇيو ته ”پوءِ نيٺ هوءَ انهيءَ محبت ۾ ڳري مري ويئي ڪيئن؟“ پر انهيءَ سوال جي جواب کان ”ويولا“ نٽائي ڇڏيو ڇا لاءِ جو هن جي دل ۾”آرسينو“ جي لاءِ جيڪا ڳجهي محبت هئي، ۽ هن لاءِ ماٺ ڪريو جيڪو ڏک پئي سٺائين ، تنهن جي اشاري ڏيڻ لاءِ هن اها ڪوڙي ڳالهه ٺاهي ٻڌائي هئي.

هنن پاڻ ۾ پئي ڳالهايو، ته جنهن ماڻهوءَ ”ڊيوڪ“ ”آليويا“ ڏي موڪيلو هو، سو اندر پيهي آيو ، ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي اندر بيبيءَ پاڻ تائين نه گهرايو، باقي پنهنجي پورهيت جي واتان هي پيغام چوائي موڪليائين ته اڄ کان وٺي ستن ورهين تائين ته خود هوا به منهنجو منهن نه ڏسندي، آءٌ برقعو ڍڪي پئي گذاريندس ۽ پنهنجي فوتي ڀاءُ جي لاءِ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ ڳوڙهن سان پئي ڇڻڪار ڪنديس.“ هي ٻڌي، ڊيوڪ چيو ته ”هي هي، جنهن جي دل اهڙي نرم ۽ چڱي آهي جو فوتي ڀاءُ جي لاءِ هيتري محبت پاڻ تي فرض سمجهي ٿي، سا جنهن ماڻهوءَ تي سچي پچي عاشق هوندي، تنهن کي ته الائجي ڪيترو گهرندي هوندي!“ پوءِ ”ويولا“ کي چوڻ لڳو ته ”سزيريو“، توکي منهنجي سڄي اندر جي حال جي خبر آهي، تنهن ڪري آليويا جي گهر وڃ_ ڪنهن به طرح مٿان مونا هڻي اندر وڃج. در تي بيهي چئج ته جيسين مون کي اندر وڃڻ نه ڏيندؤ، تيسين آءٌ چرندس به ڪين.“ ويولا پڇيو ته ”سائين ، جيڪڏهن مون کي ساڻس ڳالهائڻ جو وجهه کڻي ملي به، ته پوءِ ڇا ڪريان؟“ ”آرسينو“، چيو ته ”تڏهن منهنجي عشق جي ساري خبر هن کي ڏجئين، ۽ منهنجي محبت بابت ساڻس گهڻي گفتگو ڪجئين. توکي منهنجي دل جا درد ظاهر ڪرڻ چڱا ٺهندا، ٻين ماڻهن کان مڙئي تنهنجي ڳالهائڻ ڏي هن جو زياده ڌيان لڳندو.“

”ويولا“ رواني ٿي . هو  انهيءَ ڪم تي خوشيءَ مان ڪين ويئي ، ڇو جو هن کي هڪڙيءَ زال کي انهيءَ ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ جي لاءِ ٺاهڻو ۽ ريجهائڻو هو، جنهن سان هوءَ پاڻ شادي ڪرڻ جي لاءِ خواهشمند هئي، پر جڏهن هن انهيءَ ڪم جو ذمو پاڻ تي کنيو، تڏهن ايمانداريءَ سان اُهو پورو ڪيائين. اڳيان نوڪر وڃي ”آليويا“ کي هيئن چيو ته ”بيبي، ڊيوڪ آرسينو جو هڪڙو جوان قاصد نياپو وٺي آيو آهي، ۽ اندر اچڻ ٿو گهري. مون چيو مانس ته بيبي بيمار آهي، هن چيو ته انهيءَ جي مون کي خبر آهي، تنهنڪري بيبي کي پڇڻ آيو آهيان، وري مون چيو مانس ته بيبيءَ ستي پيئي آهي، پر انهيءَ جي شايد هن کي اڳ ئي خبر هئي، تنهنڪري چيائين ته مون کي بيبيءَ سان ضرور ڳالهائڻو آهي: هاڻي، بيبي، هن کي ڪهڙو جواب ڏجي، هو ته موٽائڻ جو ناهي: تون ساڻس ڳالهائين يا نه ڳالهائين، ته به هو ته ضرور تو سان ڳالهائيندو!“ آليويا کي به عجب لڳو ته هي ڪهڙو قاصد هوندو، تنهن چيو ته ڀلا وٺي اچوس، ۽ پاڻ منهن تي برقعو وجهي چوڻ لڳي ته ”ڀلا هن ڀيري ته آرسينو جو پيغام ٻڌون ته ڇا ٿو چوي. ضرور زور ڪري هن کي موڪليو هوندائين!“

”ويولا“ اندر آئي، ۽ جيترو ٿي سگهيس اوترو مرداڻو ڏيک ڪيائين، ۽ وڏن ماڻهن جي خذمتگارن واري ٻوليءَ ۾ انهيءَ برقعي واريءَ بيبي کي چيائين ته ”اي تمام چمڪندڙ ۽ اعلى ۽ لاثاني حسن واري بانو ، مهرباني فرمائي مون کي ٻڌاءِ ته گهرجي مالڪياڻي تون آهين ڪا ٻي؛ ڇا لاءِ جو ڪنهن ٻئي وٽ مون کي پنهجي زبان هلائڻي ناهي، جو جيڪي چوڻو اٿم سو مون چڱيءَ طرح رٿي مٿا هڻي ياد ڪيو آهي.“ ”آليويا“ پڇيس ته ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ ”ويولا“ جواب ڏنو ته ”جيڪي مون کي چوڻو آهي، تنهن کان وڌيڪ ٻي مون کي ڪا به خبر ڪانهي، تنهنڪري انهيءَ سوال جو جواب منهنجي ذمي جو ناهي.“ ”آليويا“ چيو ته ”نه، پر تڏهن به جيڪو ڏسجان ٿو ، اهو حقيقت ۾ ناهيان“_ يعني ته آءٌ زال آهيان، پر ڍونگ ڪري مڙس ٿي آهيان. وري ”آليويا“ کان پڇڻ لڳي ته ”بيبي، تون برابر گهر جي ڌياڻي آهين؟“ ”آليويا“ کي دل ۾ آيو ته تڪڙ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ جو پيغام نه ڏيانس. پهريائين ته هي پنهجي پهاڄ جو منهن ڏسان ته ڪهڙي آهي! چوڻ لڳي ته ”بيبي، مهرباني ڪري مون کي پنهنجي منهن جو ديدار ته ڪراءِ !“ ”آليويا“ ناڪار نه ڪئي، ڇا لاءِ جو اها حسين ۽ مغرور نازنين، جنهن جي ”ڊيوڪ آرسينو“ تي اک ئي نٿي ٻڏي، سا پهريندي ڏسڻ سان ئي غريب ”سزيريو“ تي عاشق ٿي پيئي!

جڏهن ”ويولا“ منهن ڏيکارڻ جي لاءِ چيس تڏهن ”آليويا“ چيو ته ”تو کي تنهنجي ڌڻيءَ منهنجي منهن سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ڇا ؟“ پوءِ ته ستن ورهين تائين برقعي ڍڪي گهمڻ جو جيڪو ٺهراءُ ڪيو هئائين، سو وساري، هن  منهن تان ڪپڙو لاٿو، ۽ چوڻ لڳي ته ” ڀلا آءٌ برقعو لاهي تو کي پنهنجي تصوير ڏيکاريان ٿي ... ڪيئين، چڱي آهي يا نه؟“ ”ويولا“ ورندي ڏني ته ”بيشڪ اهو سچو حسن آهي، اها اڇاڻ ۽ ڳاڙهاڻ جيڪا ڳلن تي پيئي ڏسجي، سا سڀائي آهي. بيبي، هن دنيا ۾ تو جهڙي ظالم ٻي ڪانه هوندي ،  جي تون اهڙي سونهن پاڻ سان قبر ڏي کنيو ويندينءِ ۽ هن دنيا ۾ اُنهيءَ جو نقل يا نمونو ڇڏي ڪين ويندينءَ!“ ”آليويا“ چيو ته ”آءٌ اهڙي ظالم ڪين ٿينديس . دنيا کڻي منهنجي حسن جي يادداشت جوڙي رکي. جيئن ته ٻه چپ، موچارا ڳاڙها، ٻه خاڪي اکيون، ڇپرن سميت هڪڙي ڳچي، هڪڙي کاڏي وغيره. پر، ڀلا مانس، تو کي منهنجي ساراهڻ لاءِ موڪليو  اٿن ڪيئن ؟“ ”ويولا“ ورندي ڏني ته ”هاڻي مون کي تنهنجي خبر پيئي ... تون تمام مغرور آهين، مگر تون حسين آهين . منهنجو ڌڻي تو تي عاشق آهي ، جيڪڏهن تون حسن جي راڻي به هجين ، ته به تو کي اِهڙي عشق جو بدلو ضرور ڏيڻ گهرجي ، ڇا لاءِ جو آرسينو پوڄا ڪرڻ سان ، ڳوڙهن ڳاڙڻ سان، ٿڌن ساهن کڻڻ سان، توتي عاشق آهي!“ ”آليويا“ چيو ته ”تنهنجي ڌڻيءَ کي منهنجي دل جي خبر آهي، مون کي هن سان محبت نٿي ٻَجهي، انهيءَ هوندي به مون کي شڪ ڪونهي ته هو نيڪ آدمي آهي ، مون کي خبر آهي ته هو عزت ۽ آبرو وارو آهي، نوجوان آهي ۽ ٻيو منجهس ڪو عيب ڪونهي ، سڀئي ماڻهو چون ٿا ته هو پڙهيل آهي، چڱيءَ طبيعت  وارو آهي ، بهادر آهي ،پر تڏهن به منهنجي دل هن سان نٿي لڳي ـ اهو جواب ته هن کي گهڻا ڏينهن ٿيا جو ڏنو هوم.“ ”ويولا“ چيو ته ”جيئن منهنجي ڌڻيءَ جي محبت تو سان آهي ، تيئن جيڪڏهن منهنجي تو سان هجي ها، ته جيڪر پاڻ کي تنهنجي در تي وڻ وانگي کوڙي بيهاريان ها، ۽ تنهنجو نالو پيو پڪاريان ها : آءُ جيڪر ”آليويا“ جي نالي تي فريادن ۽ شڪايتن جا شعر لکان ها ، ۽ اڌ رات جي اُهي وڏي سڏ ڳايان ها، ٽَڪرن ۾ تنهنجي نالي جو هـُل وجهي ڏيان ها ، ۽ ساري هوا ۾ ”آليويا“  جي نالي جو پڙ لاءُ وجهي ڇڏيان ها. جيڪر تو کي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ آرام ڪرڻ نه ڏيان ، جيسين ڪ تو کي مون تي رحم نه اچي ها : ”آليويا“  چيو ته ”تون ڀلي انهيءَ کان به وڌيڪ وڃي ڪر، پر ٻڌاءِ ته سهي ته تون پاڻ ڪير آهين ؟“ ”ويولا“ ورندي ڏني ته ”پنهنجي درجي کان مٿي آهيان، ته به منهنجي حالت موچاري آهي_آءٌ اشراف ماڻهو آهيان.“ تنهن کان پوءِ ”آليويا“ گهڻيءَ لاچاريءَ ڪري ”ويولا“ کي موڪل ڏني ، ۽ چيائنس ته ”وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي چوء ته منهنجي ساڻس دل نٿي ٻجهي، ۽ مون ڏي وري ڪو پيغام نه موڪلي ، جي تون وري اچي ٻڌائين ته اهو جواب هن کي ڪيئن لڳو ته ڀلي اچج، نه ته بس“. ”ويولا“ چيو ته چڱو، اي خوبصورت ظالم بانو، آءٌ وڃان ٿي.“ اِئين چئي هوءَ هلي ويئي. سندس وئي کان پوءِ ”آليويا“ هن جا اڳهڻوڪا ڳالهايل لفظ وري آهستي زبان تي آندا: ”پنهنجي درجي کان مٿي آهيان ، ته به منهنجي حالت موچاري آهي، آءٌ اشراف ماڻهو آهيان...“ پوءِ وري وڏي آواز سان چيائين ته ”بيشڪ ، ائين آهي : هن جي زبان مان ، هن جي منهن مان، هن جي عضون مان، هن جي ڊول مان، هن جي همت مان ظاهر آهي ته هو سکر ماڻهو آهي.“ پوءِ چوڻ لڳي ته ”جيڪڏهن اهو سزيريو ڊيوڪ هجي ها، ته ڪهڙو نه چڱو! جڏهن سهي ڪيائين ته منهنجي دل هن سان اوچتو لڳي وئي آهي، تڏهن پاڻ کي عتاب ڏيڻ لڳي، پر پنهنجو عتاب پاڻ تي گهڻو اثر ڪين ڪندو آهي، ۽ ستت ئي بيبي ”آليويا“  پنهنجي ۽ انهيءَ ظاهري نوڪر ”سزيريو“ جي درجي جي وچ ۾ جو تفاوت هو سو، توڙي لڄ ۽ حيا، جو زال ذات جي لاءِ وڏو زيور آهي سو ، هڪدم وساري ڇڏيو . اچي دل ۾ پيس ته انهيءَ جوان ”سزيريو“کي ٺاهڻ جي ڪريان ، سو هڪڙي نوڪر جي مٿان هڪڙي هيري جي منڊي ڏياري موڪليائين.

انهيءَ بهاني تي ته هن آرسينو وٽان سوکڙي آندي هئي ، جا وساري هليو ويو آهي.“ انهيءَ عذر سان سندس مرضي هئي ته هن کي منڊي ڏيئي پنهنجي دل جي منشا جو اشارو ڏئي.

”ويولا“ کي به انهيءَ ڪري سچي پچي شڪ جاڳيو ، ڇا لاءِ جو پڪ هيس ته ”آرسينو“ ته منڊي ڪانه موڪلي هئي ، ۽ ڄاتائين ته ڳالهائڻ مهل به ”آليويا“ جو ڊول محبت ڏيکارڻ جهڙو هو ، تنهنڪري سهي ڪيائين ته منهنجي ڌڻيءَ جي معشوقه مون تي عاشق ٿي آهي. چوڻ لڳي ته ”افسوس، ويچاري بيبي انهيءَ کان ڪنهن پاڇولي تي ڇو نه عاشق ٿي! ويس بدلائڻ خراب ڪم آهي، ڇا لاءِ جو انهيءَ ڪري ”آليويا“  منهنجي لاءِ ايتريون اجايون آهون ڪيون هونديون، جيتريون مون آرسينو جي لاءِ پئي ڪيون آهن.“

”ويولا “ موٽي ”آرسينو“ جي محلات ۾ آئي، ۽ پنهنجي ڌڻيءَ کي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته ”جنهن ڪم لاءِ ويئي هيس سو پورو نه ٿيو، ۽ ”آليويا“ چئي ڇڏيو آهي ته مون کي وڌيڪ تڪليف نه ڏيو .“ انهي هوندي به، ”ڊيوڪ“ کي اُميد هئي ته ”سزيريو“ پيو مٿا هڻندو ته هڪڙي ڏينهن مڙئي ”آليويا“ جي دل نرم ٿيندي، ۽ منهجس رحم پوندو ،تنهنڪري هن ”سزيريو“ کي چيو ته ”سڀاڻي تو وري به وٽس وڃجئين.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org