سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:15 

اڃا بادشاهه ۽ ڪلاڊيو انهيءَ بينيڊڪ جي ويڙهه جو ذڪر پئي ڪيو، ته هڪڙي معاملن نبيرڻ واري سرڪاري عملدار بوراڪيو کي قيدي ڪري بادشاهه جي اڳيان آندو . بوراڪيو ڪنهن سنگتيءَ سان بيٺي ڳالهه ڪئي ته ڊان جان جي صلاح سان مون ههڙي حرڪت ڪئي آهي ، سا ڳالهه ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌي ورتي هئي، جنهن تي هن کي پڪڙيو هئائون. بوراڪيو بادشاهه جي اڳيان ۽ ڪلاڊيو جي ٻڌندي ساري ڳالهه جي سچي ڪئي، ۽ انهيءَ حرڪت جو قبولدار ٿيو ته جنهن زال هيرو جي پوشاڪ ۾ دريءَ تان بيهي ڳالهايو ٿي، سا مارگريٽ هئي، جنهن کي پري کان ڀُلجي خود هيرو سمجهيو هئائون. پوءِ ته بادشاهه ۽ ڪلاڊيو جي دل تي هيرو جي بيڏوهه هئڻ جي بابت شڪ ڪونه رهيو، ۽ پڪ ٿي وين. جي ڪو شڪ رهيو به هوندن ته اُهو به پوءِ ڊان جان جي ڀڄي وڃڻ ڪري لهي وين، ڇالاءِ جو ڊان جان پنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ کان پاسي ٿيڻ جي اِرادي سان ميسينا ڇڏي ڀڄِي ويو هو ، جو ڏٺائين ته منهنجيون لچايون ظاهر ٿي پيون آهن.

جڏهن ڪلاڊيو ڏٺو ته مون هيرو تي ڪوڙي تهمت ٻڌي هئي جنهن جي ٻڌڻ سان هو مري وئي، تڏهن هن جي دل ڏک کان ڏرڻ تي هئي، ۽ سندس پياريءَ هيرو جي شڪل هينئر اچي ياد پئيس، جهڙي پهرين ڏينهن ۾ هوندي هيس، جڏهن پهرين ڏينهن ۾ هوندي هيس، جڏهن هي مٿس عاشق هو . بادشاهه پڇيس ته ”جيڪي ٻڌو اٿئي سو لوهه وانگي تنهنجي ساهه مان لنگهي نه ويو؟“ جواب ڏنائين ته ”جنهن وقت بوراڪيو پئي ڳالهايو، تنهن وقت ڄڻ مون کي زهر مليو! “ ڪلاڊيو،پيشمان ٿي ، ٻڍي ليئانيٽو کان سندس ڌيءَ کي ايذاءُ پهچائڻ جي معافي گُهري، ۽ ساڻس انجام ڪيائين ته ”پنهنجي پياريءَ مڱينديءَ تي ڪوڙي تهمت وسهڻ ڪري، جيڪي مون کي چوندين سو ڪندس.“ ليئانيٽو چيس ته ”هيرو جي هڪڙي سؤٽ آهي جا هينئر منهنجي وارث آهي ۽ شڪل ۾ به هيرو جهڙي آهي، تنهن سان سڀاڻي جو سڀاڻي شادي ڪر!“ ڪلاڊيو، جيڪو انجام ڪيو هو تنهن تي نهاري، چوڻ لڳو ته ”آءٌ انهيءَ اڻڏٺل ۽ غير واقف زال سان به شادي ڪندس ـ پوءِ ڀلي اها شيدياڻي ڇو نه هجي!“ پر هن جي دل ڏاڍي ڏکاري هئي: هن اُها رات ڳوڙهن ڳاڙڻ ۾ گذاري، ۽ جيڪا قبر ليناٽو هيرو جي لاءِ جوڙائي هئي، تنهن تي ويٺي پڇتايائين ۽ ڏک ڪيائين.

جڏهن صبح ٿيو، تڏهن بادشاهه ڪلاڊيو سان گڏجي ديول ۾ ويو، جتي پادري ۽ ليئانيٽو ۽ سندس ڀائٽي هن ٻي شاديءَ جي پورائيءَ لاءِ اڳي ئي اچي گڏ ٿيا هئا، ۽ ليئانيٽو ڪلاڊيو کي سندس ڪنوار ڏيکاري ، جنهن کي برقعو پيو هو ـ اِنهيءَ لاءِ ته ڪلاڊيو سندس مُنهن نه ڏسي . ڪلاڊيو انهيءَ برقعي واريءَ زال کي چيو ته ”هن پاڪدل پادريءَ جي اڳيان مون کي پنهنجي هٿ ڏي، جيڪڏهن تون مون سان شادي ڪنديءَ ته آءُ تنهنجو مڙس آهيان.“ هن غير واقف بيبيءَ چيو ته ”جڏهن آءٌ جيئري هيس، تڏهن آءٌ تنهنجي ٻي زال هيس.“ ائين چئي، برقعو لاهي ڇڏيائين، ۽ ڏکاريائين ته اها ليئانيٽو جي ڀائٽي ڪين هئي، پر ان جي ڌيءَ خود ”هيرو“ هئي!

يقين آهي ته ڪلاڊيو جي لاءِ اها هڪڙي مزي ۽ عجب جهڙي ڳالهه ٿي ، جنهن جي خيال ۾ هو ته هوءَ مري ويئي. اهڙي خوش ٿيس، جو هن کي پنهنجي اکين تي ويساهه ئي نه آيو. بادشاهه جنهن کي پڻ تمام گهڻي حيرت لڳي، تنهن به رڙ ڪري چيو ته ”اڙي، هيءَ اُها هيرو ناهي جا مري ويئي هئي؟“ ليئانيٽو  ورندي ڏني ته ”سائين، هوءَ مري برابر ويئي هئي، پر اوستائين جيستائين گِلا جيئري هئي!“ پادريءَ انجام ڪين ته ”شاديءَ جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ آءٌ اوهان کي هن معجزي جهڙيءَ ڳالهه جو بيان ڪري ٻڌائيندس.“ اڃا نڪاح پڙهڻ تي هو، ته بينيڊڪ وچ ۾ پئي چيو ته ”منهنجو به هينئر ئي بيئاٽرس سان نڪاح پڙهجي!“ بيئاٽرس البت انهيءَ شاديءَ جي ٿيڻ ۾ گُس گُساءُ ڪرڻ لڳي ، پر بينيڊڪ صاف چيس ته ”تنهنجي مون سان محبت آهي، پوءِ نٽائين ڇو ٿي ؟“۽ ٻڌايائينس ته ”انهيءَ ڳالهه جي مون کي هيرو پڪ ڏني آهي.“ پوءِ جيڪا ڳالهه نڪتي، تنهن مان ظاهر ٿيو ته هنن جي پهريائين في الحقيقت هڪٻئي سان ڪابه محبت ڪا نه هئي، رڳو ٺڳي ڪري هنن کي اِهو ويساهه ڏنو هئائون، ۽ رڳو ڪوڙي چرچي جي زور ڪري جا محبت هنن جي وچ ۾ پيدا ٿي هئي سا اهڙو زور وٺي ويئي هئي ، جو سچي ڳالهه ظاهر ٿيڻ ڪري گهٽجي نه ويئي . بينيڊڪ جو هن شاديءَ جي رٿ ڪئي ، تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪا به ڳالهه جيڪا انهيءَ جي برخلاف ڪرڻ ۾ ايندي، سا ڪين ٻڌندس، سو، هو به اچي چرچي تي بيٺو، ۽ قسم کڻي بيئاٽرس کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ رڳو تو تي رحم آڻي تو کي قبول ٿو ڪريان، ڇا لاءِ جو مون ٻڌو آهي ته تون منهنجي عشق ۾ پئي مرين!“ بيئاٽرس وري پئي چيو ته ”مون رڳو هيترن ماڻهن جي منٿن ميڙن تي هائو ڪئي آهي، ۽ ٻيو وري ٻُڌم ته تون ڳرندو ٿو وڃين، سو تنهنجيءَ جان بچائڻ لاءِ ائين ڪيو اٿم!“ انهيءَ طرح ، هي ٻئي چرچائي ماڻهو پاڻ ۾ پرتا، ۽ ڪلاڊيو ۽ هيرو جي پرڻجڻ کان پوءِ پاڻ ۾ پرڻيا.

هو ڏي ڊان جان، جنهن هيتري ٺڳي ۽ حرڪت ڪئي هئي، سو ڀَڄَ ۾ وٺجي پيو، ۽ هن کي موٽي ميسينا ۾ وٺي آيا، ميسينا جي محلات ۾ سندس منصوبي جي اُبتڙ جي خوشيون ۽ مجلسون جاري هيون، سي هن خراب دل واري ماڻهوءَ جي لاءِ وڏيون سزائون هيون.

جيڪا تنهنجي مرضي

 

جن ڏينهن ۾ فرانس جو ڏيهه صوبن ۾ ورهايل هو، تن ڏينهن ۾ اُنهن صوبن مان هڪڙي ۾ هڪڙو غاصبي ڊيوڪ (امير) حڪومت ڪندو هو، جنهن ظلم ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ، حقدار ڊيوڪ، کي تخت تان لاهي لوڌي ڪڍيو هو.

هن ڊيوڪ کي جو پنهنجي ملڪ مان شهر نيڪالي ملي، سو ڪن ٿورن ايماندار ماڻهن سان ”آرڊين“ جي ٻيلي ۾ اچي گوشي نشين ٿيو. اُتي هو پنهنجن دوستن سان پيو رهندو هو، جن سندس خاطر پاڻ کي پاڻيهي شهر نيڪالي ڏياري هئي، هنن جي زمينن ۽ اُنهن پيدائش مان هو ڪوڙو غاصبي حاڪم پيو پنهجو خزانو ڀريندو هو . انهيءَ  حالت ۾ هو اهڙو هِري ويا، جو شاهي درٻار جي تجمل ۾ رهڻ کان هنن کي هِتي بيفڪريءَ ۽ آرام ۾ گذارڻ وڌيڪ پسند پئي آيو. ڪيترائي ٻيا جوان امير ڏهاڙي هن ٻيلي ۾ ايندا هئا، ۽ پنهنجو وقت آرام ۾ گذاريندا هئا ـ جيئن اڳي سَت ـ جُڳ وارا ماڻهو ڪندا هئاـ آرڙهه جي ڏينهن ۾ هو ٻيلي جي وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ سُمهندا هئا، ۽ جهنگلي هرڻن جا تماشا ڏسندا هئا. اهي سهڻا جانور جي انهيءَ ٻيلي جا اصل رهاڪو هوندا هئا، سي هنن کي اهڙو وڻندا هئا جو کائڻ جي لاءِ گوشت جي لالچ تي هنن کي مارڻ تي دل نه چوندي هين . جڏهن سياري جو ٿڌو واءُ ڊيوڪ کي پنهنجي برگشتي نصيب ۽ مصيبت جي يادگيري ڏياريندو هو، تڏهن هو صبر ۽ تحمل سان ڏک سهي ويندو هو ، ۽ چوندو هو ته ”هي سيءُ ۽ واءُ جي منهنجي بت کي لڳن ٿا ، سي مونکي چڱي نصيحت ڪن ٿا : هو خوشامد نٿا ڪن ، پر جيڪا منهنجي سچي حالت آهي سا مون کي ڏيکارين ٿا، ۽ جيتوڻِيڪ هو سخت ڏنڀين ٿا، مگر اُنهن جو ايذاءُ اهڙو سخت ناهي، جهڙو نامهربانيءَ ۽ بيشڪريءُ جو. ماڻهو گهڻو ئي مصيبت ۽ ڪمبختيءَ جي گلا ڪندا آهن، مگر آءٌ ڀانيان ٿو ته اُنهن مان گهڻا ئي چڱا نتيجا نڪرن ٿا ـ جهڙي طرح اهو مَڻيو ٿيندو آهي جو دوا جي ڪري گهڻو قيمتي آهي ، جو زهر دار ڪني ڏيڏر جي مٿي مان نڪرندو آهي“. انهيءَ طرح هي صبر وارو ڊيوڪ جيڪي ڏسندو هو تنهن مان هڪڙي نه ٻي نصيحت پيو ڪڍندو هو . انهيءَ قسم جي هلت ۽ گذاريءَ مان ۽ ماڻهن جي گوڙ کان پري رهڻ ڪري هن کي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ وڻن ۾ زبانون، ۽ وهندڙ نندين ۾ ڪتاب، ۽ پهڻن ۾ نصيحتون، ۽ سڀ شيءِ ۾ چڱائي موجود آهي.

هن ديس - نِڪال ڪيل ڊيوڪ کي رڳي هڪڙِي ڌيءَ هوندي هئي ، جنهن جو نالو ”روزلنڊ“ هو. اُنهيءَ کي هن غاصبي ڊيوڪ، فريڊرڪ ، پڻس کي لوڌي ڪڍڻ وقت پاڻ وٽ رنڊي ويهاري ڇڏيو هو ، انهيءَ لاءِ ته سندس ڌيءَ ”سيليا“ جي سهيلي ٿي رهي . هنن ٻن زالن جي وچ ۾ گهري سينڌ هوندي هئي، جا سندس پيئن جي اڻبڻت ڪري به ڀڄي نه سگهي ـ پاڻ سيليا کان جيترو پڄي ٿي سگهيو ، اوترو سندس پيءُ جيڪا ظلم جي هلت روزلنڊ جي پيءُ سان ڪئي هئي ، تنهن جي ڪري هن سان مهرباني ڪندي هئي. جڏهن ڪڏهن روزلنڊ پنهنجي پيءُ جي شهر نيڪاليءَ ۽ هن غاصب تي پنهنجي تعلق رهڻ بابت خيال ڪري ڏک ڪندي ۽ روئيندي هئي، تڏهن سيليا هن کي دلاسي ۽ دلداريءَ ڏيڻ ۾ ڪين گهٽائيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن سيليا، هميشه وانگي روزلنڊ سان مهربانيءَ جي رستي پئي ڳالهايو ۽ هن کي خوشدل رهڻ کاءِ پئي سمجهايائين، ته ڊيوڪ وٽان هڪڙو ماڻهو پيغام وٺي آيو، ۽ چيائين ته ”ڊيوڪ فرمايو آهي ته ٻه ڄڻا ڪُشتي ٿا وڙهن، سو جي اُنهيءَ تماشي ڏسڻ ڪاڻ اوهان جي دل هجي ته جلد محلات جي اڳيان اسان وٽ اچو“. سيليا ڄاتو ته انهيءَ ڪري روزلنڊ جي دل وندرندي، تنهن اهو تماشو هلي ڏسڻ قبول ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ڪشتيءَ جو به چڱو تماشو ليکجڻ ۾ ايندو هو، ۽ بادشاهن جي درٻار ۾ ۽ حسين شهزادين ۽ بيبين جي اڳيان ٿيندو هو، تنهنڪري انهيءَ تماشي ڏسڻ لاءِ سيليا ۽ روزلنڊ ٻئي وييون. هنن ڏٺو ته انهيءَ تماشي مان ڪو ڏک جهڙو واقعو نڪرندو: ڇالاءِ جو ڪشتي وڙهڻ وارن مان هڪڙو تمام قدآور ۽ سگهه وارو ماڻهو هو ، جو ڪشتيءَ جي هنر ۾ هوشيار هو ۽ جنهن اهڙين ويڙهين ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري وڌو هو، ۽ ٻيو هڪڙو ننڍو ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو هو ، جنهن کي انهيءَ  هنر جو گهڻو آزمودو نه هو ـ سڀني تماشي بين ماڻهن کي پڪ هئي ته اهو ماربو.

جڏهن ڊيوڪ سيليا ۽ روزلنڊ کي ڏٺو، تڏهن هنن کي چيائين ته ”ڪيئن، ابا، اوهين هيءَ ڪُشتي ڏسڻ آيون آهيو؟ اوهان کي هن مان ڪا گهڻي خوشي حاصل نه ٿيندي، ڇا لاءِ جو ٻئي طرف هڪجھڙا ناهن. هن جوان ماڻهوءَ تي مون کي اهڙو قياس ٿو اچي، جو جيڪر آءٌ وڙهڻ کان منع ڪريانس. هاڻي اوهين ڪي هن سان ڳالهايو، مَن اوهان جي چئي سمجهي ۽ نه وڙهي“. انهيءَ رحمدليءَ جي ڪم ڪرڻ ۾ هي ٻئي بيبيون گهڻو راضي هيون. پهرين سيليا هن جوان اجنبي ماڻهوءَ کي منٿ ڪئي ته تون وڙهڻ جي نه ڪر، پوءِ وري روزلنڊ  هن کي مٺي ڳالهائڻ سان سمجهايو ، ۽ جو خوف درپيش هوس تنهن بابت اهڙيءَ نرميءَ ۽ مروت سان صلاح ڏنائينس جو هن بس ته نه ڪئي ، پر اُٽلندو  انهيءَ خيال ۾ ٿيو ته هن حسين بيبيءَ جي آڏو همت ۽ بهادريءَ ۾ نالو ڪڍان. هن سيليا ۽ روزلنڊ جي منٿ نه مڃڻ بابت اهڙن مٺن ۽ نرم لفظن ۾ عذر واريو ، جو هنن کي پاڻ هن ڏي زياده ڌيان ٿيو. هن پڇاڙيءَ ۾ هيئن چين ته ”اوهان جهڙين خوبصورت ۽ چڱين بيبين جي ڪابه ڳالهه نه مڃڻ ڪري مون کي گهڻو ارمان دل ۾ آهي. پر، ڀلي اوهان جون اکيون ۽ اوهان جون دعائون مون سان همراهه هجن: پوءِ جي هن ويڙهه ۾ آءٌ جيتيس ته ڇا ٿيو، هڪڙو ماڻهو شرمندو ٿيندو جنهن کي شرم جي پرواهه ڪانهي، جي آءٌ ماربس ته ڇا ٿيو، هڪڙو ماڻهو مرندو جو مرڻ لاءِ ڪوڏيو هو! مون مان منهنجن دوستن کي اهنج ڪونه رسندو ، ڇا لاءِ جو مون کي ڪو دوست ڪونهي جنهن کي منهنجي مرڻ ڪري ڏک ٿيندو ، نه ڪو مون مان جهان کي ڪو ايذاءُ پهچندو ، ڇا لاءِ جو جهان ۾ منهنجو ڪي به ڪينهي: آءٌ دنيا ۾ رڳو جاءِ والاريو پيو آهيان، سا پاڻ منهنجي خالي  ڪرڻ ڪري بھتر ڀرجي سگھندي !“

پوءِ ته اچي ڪشتيءَ جو تماشو شروع ٿيو.سيليا کي فڪر هو ته شل هن غريب کي ڪو ايذاءُ نه پهچي ، پر گهڻي ڳڻتي روزلنڊ کي هئي. هن جو چيو هو ته ”مون کي دوست ڪونهي ۽ آءٌ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان، تنهنڪري روزلنڊ جي خيال ۾ آيو ته هي به ڪو مون وانگي بدبخت ماڻهو آهي!“ هن جي وڙهندي سندس دل ۾ ايترو رحم ۽ قياس پئي پيو، جو چئي سگهبو ته هوءَ انهيءَ مهل هن تي عاشق ٿي پئي هئي . هنن خوبصورت ۽ اشراف ببيبن جا هن اجنبي جوان ماڻهوءَ تي هيتري ڪهل ۽ مهرباني ڏيکاري، تنهن هن جي همت ۽ طاقت ايترو وڌائي ، جو هو قهر ڪري چڪو ... نيٺ پنهنجي دشمن کي دسي وڌائين ، جنهن کي اهڙو ڌڪ آيو جو ٿوري تائين ته ڳالهائي يا چري به نه سگهيو !

هن جوان غير واقف ماڻهوءَ جي همت ۽ سياڻپ ڏسي ڊيوڪ فريڊڪ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کان سندس نالو نشان پڇيائين، انهيءَ لاءِ ته هن کي پنهنجي سنڀال هيٺ رکي. هن چيو ته ”منهنجو نالو ”آرلانڊو“ آهي، ۽ آءٌ ”سر رولنڊڊي بائز“ جو سڀ کان ننڍو پٽ آهيان.“ سر رولنڊڊي آرلانڊو جو پيءُ گهڻا ورهيه ٿيا جو مري ويو هو، پر جڏهن هو جيئرو هوندو هو، تڏهن هو شهر نيڪالي ڏنل ڊيوڪ جو سچو خير خواهه ۽ ايماندار دوست هوندو هو، تنهنڪري جڏهن فريڊرڪ ٻڌو ته آرلانڊو منهنجي لوڌيل ڀاءُ جي يار جو پٽ آهي، تڏهن انهيءَ بهادر جوان ڏي جيڪا رغبت ٿي هيس سا ڦري نفرت ۽ ضديت ٿي پئي، ۽ هو خفي ۾ اُتان اُٿي هليو ويو. اگرچ هن کي پنهنجي ڀاءُ جي ڪنهن به دوست جي نالي ٻڌڻ کان ڪرهت ٿي ويئي، تڏهن به هن انهيءَ جوان جي بهادريءَ جي تعريف ڪئي ، ۽ هلڻ مهل چوڻ لڳو ته ”آرلانڊو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو پٽ هجي ها ته چڱو هو !“

روزلنڊ کي ته نهايت گهڻي خوشي ٿي جو ٻڌائين ته هي نئون واقف منهنجي پيءُ جي جهوني دوست جو پٽ آهي. هن سيليا کي چيو ته ”منهنجي پيءُ سر رولنڊڊي بائز کي گهڻو ڀائيندو هو ، ۽ جي مون کي خبر هجي ها ته هي جوان ماڻهو انهيءَ جو پٽ آهي ، ته هن جي ڪشتيءَ وڙهڻ کان اڳي منٿن سان گڏ سندس اڳيان ڳوڙها به ڳاڙيان ها !“ پوءِ هي ٻئي بيبيون هن وٽ ويون ، ۽ ڊيوڪ جي اوچتيءَ ڪاوڙ ڪري جو هن کي شرمندو ڏٺائون ، سو هن کي دلاسو ڏيڻ ۽ همتائڻ لڳيون . جڏهن اُٿي هليون، تڏهن روزلنڊ موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي يار جي بهادر پٽ سان وڌيڪ مهربانيءَ جا لفظ ڳالهائڻ بيٺي، ۽ پنهنجي ڳچيءَ مان هڪڙي زنجيري لاهي، هن کي چوڻ لڳي ته ”ها، هي منهنجي طرفان ڍڪ ... منهنجو نصيب زور ناهي، نه ته توکي ڪو وڌيڪ قيمتي انعام ڏيان ها.“ جڏهن هي بيبيون هيکليون ٿيون ۽ روزلنڊ کي اڃا به آرلانڊو جي پچار هئي، تڏهن سيليا سهي ڪيو ته سنديس سؤٽ هن جوان ڪشتيءَ وڙهڻ واري تي عاشق ٿي آهي. هو روزلنڊ کي چوڻ لڳي ته ”اها ڳالهه ٿيڻي آهي ڇا ته تون اهڙو اوچتو عاشق ٿي پوين؟“ روزلنڊ ورندي ڏني ته ”منهنجي پيءُ جي هن جي پيءُ سان گهڻي دل هوندي هئي ...“ سيليا چيو ته ”اهو ڪو سبب آهي ڇا ته ضرور تنهنجي به هن جي پٽ سان گهڻي دل هجي؟“ انهيءَ حجت تي ته پاڻ آءٌ هن کي ڌڪاريان، ڇو جو منهنجو پيءُ هن جي پيءُ کي ڌڪاريندو هو، پر انهيءَ هوندي به آءٌ آرلانڊو کي ڌڪاريان نٿي.“

سر رولنڊڊي بائز جي پٽ کي ڏسي فريڊرڪ اچي ڪاوڙيو، جو هن کي لوڌيل ڊيوڪ جا گهڻائي دوست اچي ياد پيا، انهيءَ کان اڳي ئي پنهنجي ڀائٽيءَ تي چڙيل هو، جو ماڻهو سندس نيڪين جي تعريف ڪندا هئا، ۽ سندس پيءُ جي ڪري مٿس رحم کائيندا هئا، سو هاڻ پاڻ وڌيڪ خفي ٿيو. اڃا سيليا ۽ روزلنڊ پاڻ ۾ آرلانڊو جو ويٺي ذڪر ڪيو، ته فريڊرڪ اندر گهڙي آيو، ڪاوڙ مان روزلنڊ کي حڪم ڏنائين ته ”هڪدم محلات مان نڪري وڃ، ۽ پنهنجي پيءُ جي پٺيان ديس ـ نيڪاليءَ ۾ وڃي رهه !“ سيليا کي چيائين ته ”مون هن کي هيستائين رڳو تنهنجي خاطر هتي رهڻ ڏنو هو.“ سيليا منٿون ڪرڻ لڳي ، چوڻ لڳي ته ”انهن ڏينهن ۾ مون اوهان کي هن جي رهائڻ لاءِ عرض ڪونه ڪيو هو ، ڇا لاءِ جو تڏهن آءٌ ننڍي هيس ۽ هن جي قدر جي مون کي خبر نه هئي، مگر هاڻي جڏهن مون کي هن جو قدر پيو آهي، جڏهن اسين هيترا ڏينهن گڏ اٿيون ويٺِيون آهيون، ۽ گڏ پڙهيو کيڏيو ۽ کاڌو اٿئون، تڏهن آءٌ هن جي سنگت کان پري رهي ڪين سگهنديس !“فريڊرڪ چيو ته ”هيءَ تنهنجي لائق ناهي. ۽ هن جي ماٺيڻائي، هن جو صبر ۽ هن جو تحمل ماڻهن سان ڳالهائي ٿو، جي مٿس رحم کائن ٿا ! تون بيعقل نه ٿي ، ۽ هن جي پاران نه ڳالهاءِ، ڇا لاءِ جو هن جي وڃڻ کان پوءِ تون پاڻ زيادهه نيڪ ۽ چڱي ڏسڻ ۾ ايندينءَ ، تنهنڪري هن جي فائدي ۾ هڪڙو اکر به نه ڪڇ. جيڪا سزا مون هن کي ڏني آهي ، سا وري ڪين ڦيرائيندس !“

جڏهن سيليا ڏٺو ته آءٌ روزلنڊ کي پاڻ وٽ رهائي نٿي سگهان، تڏهن هن سچائي ڪري ساڻس گڏ هلڻ لاءِ سندرو ٻڌو، ۽ انهيءَ رات ، پيءُ جي محلات کي ڇڏي ، پنهنجي ساهيليءَ سان گڏ روزلنڊ جي پيءُ جي ڳولا ۾ نڪتي، جو لوڌيل ڊيوڪ ”آرڊين“ جي ٻيلي ۾ رهندو هو. رواني ٿيڻ کان اڳي سيليا خيال ڪيو ته ٻن جوانن زالن کي ههڙن قيمتي پوشاڪن ۾ مسافري ڪرڻ مان وڏو جوکو آهي، تنهن ڪري هن رٿ ڪئي ته اسين ڪپڙا بدلائي ٻهراڙيءَ جي غريب زالن جا ڍڪيون، ته سڃاپڻ ۾ نه اچون. روزلنڊ چيو ته ”اڃا به زيادهه سلامتي انهيءَ ۾ آهي ته اسان مان هڪڙي مڙساڻو ويس ڍڪي.“ پوءِ ٻنهي ستت ئي پاڻ ۾ صلاح ڪري ٺهرايو ته روزلنڊ، جا قد ۾ البت ڊگهي آهي، سا ٻهراڙيءَ جي جوان مڙس جا ڪپڙا ڍڪي، ۽ سيليا ٻهراڙيءَ جي زال جا_ ۽ پوءِ هو ڀاءُ ـ ڀيڻ سڏائين. روزلنڊ چيو ته ”آءٌ پنهنجو نالو ”گانيميڊ“ ٿي رکان“، ۽ سيليا پنهنجو نالو ”ايلينئيا“ رکيو. انهيءَ طرح، ويس بدلائي ۽ خرچ پکي لاءِ پيسا ۽ جواهر پاڻ سان کڻي، هي ٻئي حسين شاهزاديون اُٿي پنڌ پيون، ڇا لاءِ جو آرڊين جو ٻيلو تمام پري هو، ۽ ڊيوڪ جي ملڪ جي حد کان ٻاهر هو.

ಃಃಃಃಃಃಃ

بيبي روزلنڊ، جنهن کي هاڻ ”گانيميڊ“ سڏڻ گهرجي - مُڙساڻي پوشاڪ ۾ هئڻ ڪري مرداني همت ورتي. سيليا روزلنڊ سان گڏ هلڻ ۽ هيتري پنڌ ڪرڻ ۾ جيڪا سچائي ۽ محبت ڏيکاري، تنهن جي بدلي ۾ هن نئين ڀاءُ به هن کي دلاسي ڏيڻ ۽ خوش ڪرڻ ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي_ ڄڻ ته اهو سچي پچي گانيميڊ هجي، ۽ غريب ڄٽڻ ڇوڪريءَ ايلينئيا جو وڏيءَ دل وارو ڀاءُ هجي. جڏهن نيٺ هو پنڌ ڪري اچي آرڊين جي ٻيلن ۾ پهتا، تڏهن جيڪي مسافرخانا ۽ ٻيا سهنج رستي ۾ ڏٺا هئائون، سي اُتي نه ڏٺائون_ اچي بـُک لڳين ۽ ننڊ کنيُن. گانيميڊ جو سڄي واٽ پنهنجيءَ ڀيڻ کي چڱيون چڱيون ڳالهيون ٻڌائيندو ۽ چرچا ڪندو هن کي خوش رکندو آيو، سو پاڻ چوڻ لڳو ته ”هاڻ آءٌ اهڙو ٿڪجي پيو آهيان، جو پنهنجيءَ مرداني پوشاڪ کي لڄائي زال وانگي روئڻ تي آهيان“، ۽ ايليئينا به چيو ته ”اڳتي هلڻ جي مون ۾ طاقت ڪانه رهي آهي .“ وري گانيميڊ کي دل ۾ آيو ته اِهو مرد جو ڪم آهي ته زال کي دلاسو ۽ دلبري ڏئي، ۽ ظاهريءَ ۾ همت وارو ڏسڻ ۾ اچي، تنهن ڀيڻ کي چيو ته ”ادي ايليئينا، دل نه هار، همت جهل، اسين آرڊين جي ٻيلي ۾ آيا آهيون، ۽ اچي پڇاڙيءَ واري منزل تي پهتا آهيون!“ پر ڪوڙي بهادريءَ ۽ زور جي همت ڀلا ڪيترو هليندي؟ جيتوڻيڪ هو آرڊين جي ٻيلي ۾ هئا، تڏهن به هنن کي خبر نٿي پئي ته ڊيوڪ کي ڪٿي ڳولي لهون.

اِتي هي ٻئي ٿڪل شاهزاديون رستو گم ڪري منجهي ويهي رهن ها، ۽ بک جي وگهي مري وڃن ها، پر خدا تعليٰ  اوچتو ساڻن سبب ڪيو. هو ٿڪجي ، ٽٽجي، نااُميد ٿي، گاهه تي ويٺيون هيون ته هڪڙو ٻهراڙي جو ڄٽ اچي  اتان لنگهيو گانيميڊ وري به مرداڻي همت جهلي هن کان پڇيو ته ”اي ميان ريڍار، هن بيابان ۾ جيڪر جيڪڏهن پيسن ڏيڻ سان اسان کي کاڌو ملي سگهي ته مهرباني ڪري اسان کي آڻي ڏي ، ڇا لاءِ جو هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ پنڌ ڪري ٿڪجي پيئي آهي، ۽ مانيءَ نه ملڻ ڪري بک کان ماندي ٿي ٿئي.“ هن ماڻهوءَ جواب ڏنو ته “آءٌ رڳو هڪڙي ريڍار جو نوڪر آهيان، ۽ منهنجي ڌڻيءَ جو گهر هينئر وڪامڻ تي آهي، تنهنڪري اوهان کي پورو کاڌو ملي نه سگهندو ، پر جيڪڏهن اوهين مون سان گڏجي اوڏي هلندو ته جيڪو حال هوندو سو اوهان جي آڏو رکبو.“ هو هن جي پٺيان اُٿي هليا، ۽ هن ڇوٽڪاري جي اُميد ڪري البت منجهن ساهه پيو. هنن انهيءَ ريڍار جو گهر ۽ ڌڻ خريد ڪيو، ۽ جيڪو ماڻهو هنن کي اتي وٺي آيو هو، تنهن کي انهيءَ جي سنڀال لاءِ پاڻ وٽ رکيائون. انهيءَ طرح، هنن کي چڱو سبب ٿيو جو چڱي خاصي ڀونگي ملي وين، ۽ کاڌي پيتي جو سامان به هٿ اچي وين.

هاڻي هنن ٺهراءُ ڪيو ته جيسين اسان کي خبر پوندي ته ٻيلي جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ ڊيوڪ رهي ٿو، تيسين هتي پيا رهندا سين . جڏهن ٿڪ ڀڳن ۽ آرام وتائون تڏهن هنن کي پنهنجي نئين حالت پسند اچڻ لڳي، ۽ ائين ٿي سمجهيائون ته جهڙا ريڍار ۽ ريڍارڻ بڻجي نڪتا آهيون ، اهڙا ئي سچ پچ آهيون. تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن گانميڊ کي ياد ايندو هو ته ”ڪن ڏينهن آءٌ ”روزلنڊ“ هيس، ۽ هن بهادر ”آرلانڊو“ کي پيار ڪندي هيس ، ڇا لاءِ جو هو منهنجي پيءُ جي يار سررولنڊ جو پٽ هو !“ اگرچ گانميڊ ائين ٿي ڄاتو ته آرلانڊو اتان گهڻا ميل پري آهي ـ ايترو پنڌ پري آهي ، جيترو هلاڪي سان اسين ڪري هتي آيا آهيون ـ تڏهن به پوءِ سگهو ئي معلوم ٿيو ته آرلانڊو به انهي آرڊين جي ٻيلي ۾ هو ۽ هن طرح اهو چڱو اتفاق ٿيو.

آرلانڊو، سررولنڊڊي بائز جو سڀ کان ننڍو پٽ هو. جڏهن سررولنڊ مئو، تڏهن هي تمام ننڍو هو، تنهنڪري هن کي سندس وڏي ڀاءُ ”آليور“ جي حوالي ڇڏي ويو، ۽ هن کي پارت ڪيائين ته هن کي چڱي تعليم ڏجئين، ۽ خانداني درجي موجب هن جي پرورش جو بندوبست ڪجئين. آليور ته نالائق ڀاءُ ٿي پيو، ۽ پنهنجي پيءُ جي وصيحت تي ڌيان ڪو نه ڏنائين : ڀاءُ کي مڪتب ۾ پڙهڻ ڪونه ويهاريائين، تنهنڪري هو اڻپڙهيل رهجي ويو، ۽ سندس ڪابه سنڀال نه ٿي . پر طبيعت ۽ سڀائي لياقتن ۾ آرلانڊو پنهنجي پيءُ سان ايتري مشابهت ٿي رکي، جو تعليم ملڻ کان سوئي هو اهڙو پئي ڏٺو، جهڙو ڪو چڱو پاليل ڇوڪر هجي، آليور کي هن پنهنجي آڻپڙهيل ڀاءُ جي لياقت تي ايترو حسد آيو، جو نيٺ هن جي ناس ڪرڻ جي پٺيان پيو. انهي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ، هن ماڻهن کي چوريو ته آرلانڊو کي ٺڳاري هن مشهور ويڙهوءَ سان ڪشتي وڙهائينس ، جنهن ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري وڌو هو. اها ئي هن ظالم ڀاءُ جي هلت هئي، جنهنڪري آرلانڊو پئي چيو ته ”مون کي هن دنيا ۾ ڪو دوست ڪونهي، ۽ آءٌ مرڻ ۾ خوش آهيان.“

جڏهن هن جي خراب نيت جي اُبتڙ هن جو ڀاءُ فتحمند ٿيو، تڏهن هن جو حسد ۽ ساڙ بيحد گهڻو ٿيو، ۽ هن قسم کڻي ڇڏيو ته ”جنهن ڪوٺيءَ ۾ آرلانڊو سُمهي ٿو ، انهيءَ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندس !“ انهيءَ قسم کڻندي هن کي ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌي ورتو، جو سندن پيءُ جو نمڪحلال نوڪر هوندو هو ، ۽ جو آرلانڊو کي پيءُ سان مشابهت رکڻ ڪري گهڻو گُهرندو هو . هي پير مرد وڃي رستو وٺي بيٺو، ۽ جڏهن آرلانڊو ڊيوڪ جي محلات مان موٽيو ۽ هن کي گڏيو ، تڏهن هن کي چوڻ لڳو ته ”او منهنجا ننڍا رئيس“ او منهنجا مٺا ڌڻي ، او سررولنڊ جي نشاني ، تو ڇا لاءِ اهڙو نيڪ ۽ لياقت واري ٿيو آهين، ڇا لاءِ اهڙو مروت وارو ۽ بهادر ٿيو آهين ، ڇا لاءِ اهڙي ناميئين ويڙهوءَ کي جيتيئه؟ ... تنهنجي تعريف تو کان به اڳي گهر اچي پهتي آهي!“، هي ڳالهيون ٻڌي، آرلانڊو کي حيرت وٺِي ويئي ، تنهن پڇيس ته ”انهيءَ جي معنى ڇا آهي؟“ هن پير مرد بيان ڪري ٻڌايس ته ماڻهو تو کي گهڻو چاهين ٿا، تنهنجي ريس کان، ۽ ڊيوڪ جي محلات ۾ تو جيڪا هاڻي سامهون فتح کٽي آهي تنهن جي حسد کان ، تنهنجي شرير ڀاءُ توکي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي : هو اڄوڪي رات تنهنجي ڪوٺِيءَ کي باهه ڏيندو... سو، بهتر آهي ته هڪدم ڀڄي وڃي پنهنجو ساهه بچاءِ !“ هن کي خبر هئي ته آرلانڊو وٽ پئسو ڪونهي، تنهنڪري هن نيڪ مرد، جنهن جو نالو، ”آڊم“ هو ، تنهن وٽ جيڪي حاضر هو سو به ڏنائينس، ۽ چيائينس ته ”مون وٽ پنج سو ڪرايون آهن جي مون تنهنجي پيءُ جي نوڪريءَ ۾ ڪمايا هئا ۽ رکي ڇڏيا هئم ته جڏهن ڪمائي ڪري نه سگهندس تڏهن ڪم ايندم“، سو هاڻ تو وٺ ـ منهنجي پاڻيهي خدا سنڀال لهندو. هاڻ، هي اٿئي .. هي سڀ سون آءٌ تو کي ڏيان ٿو. مون کي موڪل ڏي ته آءٌ تنهنجو نوڪر ٿي رهان. جيتوڻيڪ آءٌ ڪراڙو ڏسجان ٿو، تڏهن به سڀ ڪمن ۾ ۽ مشڪلاتن مهل آءٌ توکي جوان ماڻهوءَ وانگي ڪمائتو ٿيندس.“ آرلانڊو چيو ته ، ”او نيڪ مرد، تو ۾ اڳوڻي زماني جي وفا ۽ ايمانداري ڪهڙي نه چڱي ٿي نظر اچي ! تون هن زماني جي ڊول جو ناهين. پاڻ ٻئي گڏجي هلنداسين ۽ تنهنجي جوانيءَ جي ڪمائي خرچڻ کان اڳي آءٌ ڪو اپاءُ ڪندس جنهنڪري پاڻ ٻئي پلجي سگهنداسين.“

انهيءَ طرح، هي ڌڻي ۽ نوڪر ٻئي گڏجي اٿي هليا. خبر ڪانه پين ته ڪيڏي ٿا هلون_ پئي پنڌ ڪيائون ، جيسين ڪ آرڊين جي ٻيلي ۾ اچي پهتا. اتي هنن کي به بک جي ڪري ساڳي لاچاري درپيش آئي جا گانيميڊ ۽ اليئينا کي آئي هئي، هيڏي هوڏي رليا ته من ڪو ماڻهو جو گهر هٿ اچي پر ، نيٺ بک ۽ ٿڪ کان ڇڄي پيا. آخر آڊم چيو ته ”منهنجا پيار ڌڻي، آءٌ بک ٿو مران، مون ۾ اڳتي هلڻ جي طاقت ڪانهي!“ ائين چئي ، زمين تي ليٽي پيو، ڄاتائين ته اجهو ٿو مران ـ ۽ پنهنجي ڌڻي کان به، موڪلايائين. آرلانڊو هن کي هن ضعيفي جي حالت ۾ ڏسي ، ڀاڪر وجهي کڻي ڪن گهاٽن وڻن جي ڇانو هيٺ آندو، ۽ چوڻ لڳس ته ”ٻڍا آڊم، دل جهل ۽ هتي ٿورو آرام وٺ ۽ مرڻ جي ڳالهه نه ڪر.“

پوءِ آرلانڊو ٻيلي ۾ هيڏي هوڏي کاڌي جي ڳولا ڪئي. اوچتو اتي اچي نڪتو، جتي ڊيوڪ رهندو هو. هي ڊيوڪ ۽ سندس سنگتي ماني کائڻ تي هئا، ۽ گاهه تي ويٺا هئا. وڻن جي ڇانوَ کان سواءِ ٻيو ڪو مٿان ڍڪ يا پردو ڪونه هون. آرلانڊو کي ته بک بيتاب ڪري وڌو هو ، تنهن پنهنجي ترار ڪڍي ٻاهر ڪئي ـ انهيءَ ارادي سان ته زور سان ماني ڇڏائي ـ ۽ چوڻ لڳو ته ”بس ڪريو، متان وڌيڪ کاڌو اٿو، آءٌ ضرور اوهان جي ماني هٿ ڪندس!“ ڊيوڪ پڇيس ته عذابن ڪري اهڙو بهادر ٿيو آهين، يا اصل بيحيا ۽ بي لياقت جهنگلي ماڻهو آهين؟“ آرلانڊو چيو ته ”آءٌ بک سان ٿو مران ...!“ پوءِ ته ڊيوڪ سڏي پاڻ سان گڏ مانيءَ تي ويهاريس. آرلانڊو هن کي اهڙِيءَ مهربانيءَ سان ڳالهائيندو ڏسي پنهنجي ترار کپ ۾ وڌي، جنهن بي حيائيءَ سان ماني، ڇڪي ٿي ورتائين تنهن کان شرمندو ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”يارو، مونکي معاف ڪجو! مون ڄاتو ٿي ته هتي سڀ ڪا شيءِ جهنگلي هوندي، تنهنڪري مونکي اهڙي شوخي ڪرڻ جي ضرورت ٿي.“ پر ـ اوهين ڪير به آهيو، جي هن سڃ ۾ گهاٽن وڻن جي ڇانوءَ ۾ پنهنجو وقت بي پرواهيءَ سان پيا گذاريو – ”جيڪڏهن اوهان ڪي بهتر ڏينهن ڏٺا آهن ،جيڪڏهن اوهين اهڙن هنڌن رهيا آهيو جتي ديولن ۾ گهنڊ وڄن ٿا، جيڪڏهن اوهين ڪنهن چڱي ماڻهوءَ جي مجلس ۾ مانيءَ تي ويٺا آهيو ، جيڪڏهن اوهان ڪڏهن پنهنجين اکين مان ڳوڙهو وهايو آهي، ۽ خبر اٿو ته رحم ڪرڻ ڪهڙي شئي آهي، ته تڏهن ڀلي شل نرم ڳالهائڻ سان اوهان جي دل ۾ اچي ته منهنجي گهڻي آڌرڀاءُ ڪريو.“ ڊيوڪ ورندي ڏني ته ”اهو سچ آهي ته اسين اهڙا ماڻهو آهيون جهڙا تون چئين ٿو، ۽ بهتر ڏينهن به ڏٺا اٿون: جيتوڻيڪ هينئر اسين هن ٻيلي جا رهاڪو آهيون تڏهن به وڏن شهرن ۾ رهيا آهيون، پاڪ گهنڊن جو آواز ٻڌي ديولن ۾ ويا آهيون ، چڱن ماڻهن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيا آهيون، ۽ رحم کان اکين مان ڳوڙها به اگهيا اٿئون، تنهنڪري تون ويهي رهه ۽ جيترو دل چوئيي اوترو ماني کاءُ .“ آرلانڊو چيو ته هڪڙو ڪراڙو غريب ماڻهو آهي، جو محبت جي ڪري مرندو جهرندو منهنجي پٺيان آيو آهي، سو پيريءَ ۽ بک جي عذاب کان ماندو ٿي ڪري پيو آهي.... جيسين اهو خوش نه ٿيندو ، تسين آءٌ ٽڪر کي به هٿ نه لائيندس!“ ڊيوڪ چيو ته ”وڃ وڃي هن کي هٿ ڪري هيڏي آڻ، جيسين تون موٽندين، تيسين اسين هٿ جهلي ويٺا هوندا سين.“ آرلانڊو اٿي ڀڳو ـ ڄڻ ته ڪا هرڻي پنهنجي ٻچي کي ڳولي لهڻ ۽ کير ڏيڻ لاءِ ڊوڙي وڃي، هو جهٽ ۾ آڊم کي ڀاڪر ۾ کڻي آيو. ڊيوڪ چيس ته ”انهيءَ پير مرد کي لاهي هتي ويهار، اوهين ٻئي ڀلي اچي اسان سان ماني کائو.“ هنن ڪراڙي کي کارايو، ۽ هن کي دلداري ڏنائون. نيٺ هن ۾ ساهه پيو ۽ وري چڱو ڀلو ٿيو، ۽ همت جهلي ويٺو.

ڊيوڪ آرلانڊو کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ جڏهن خبر پيس ته هو سندس جهوني دوست سررولنڊ ڊي بائز جو پٽ آهي تڏهن هن کي پنهنجي پناهه هيٺ ورتائين. انهيءَ کان پوءِ آرلانڊو ۽ سندس ڪراڙو نوڪر انهيءَ ٻيلي ۾ ڊيوڪ سان رهڻ لڳا.

آرلانڊو انهيءَ ٻيلي ۾ گانيميڊ ۽ ايليئينا جي اچڻ کان گهڻا ڏينهن پوءِ نه آيو هو . گانيميڊ ۽ ايليئينا کي حيرت لڳي جو روزلنڊ جو نالو وڻن تي اڪريل ۽ عشق جا غزل ٽارين سان ٻڌل ڏسندا هئا، جي سڀ روزلنڊ جي نالي هئا! انهن ڳڻتين ڪندي هنن کي آرلانڊو گڏيو ، ۽ جا زنجيري هن کي روزلنڊ ڏني هئي سا هن جي ڳچي ۾ پئي هئي، تنهن تي هنن سڃاتس.

آرلانڊو کي ته اهو خيال ئي ڪونه هو ته گانيميڊ اها ساڳي خوبصورت شاهزادي روزلنڊ آهي، جنهن مروت ۽ مهربانيءَ سان اهڙي دل موهي ڇڏي هيس جو هو پنهنجو سڄو وقت وڻن تي هن جي نالي اڪرڻ ۽ سندس حسن جي تعريف ۾ شعر ٺاهڻ ۾ گذاريندو هو، پر هن جوان ”ريڍار“ جي خوش خلقي ۽ مرڪندي شڪل ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن سان ڳالهين پيو. دل ۾ پئي آيس ته گانيميڊ ۾ سندس پياري روزلنڊ جا مهانڊا آهن، مگر اها وڏائي ۽ حشمت ڪانهي- تنهن جو سبب اهو هو جو گانيميڊ ٻهراڙيءَ جي جوان مڙسن جي هلت چلت ورتي هئي. گانيميڊ ڏاڍي تجويز سان آرلانڊو کي چيو ته ”هتي ڪو عاشق جيئرو آهي، جو هن ٻيلي ۾ رهي ٿو، ۽ اسان جا ننڍا وڻ خراب ڪري ڇڏي ٿو، جو انهن جي کل تي روزلنڊ، جو نالو ٽڪي ٿو ۽ غزل ۽ ٻيا دل جي درد جا شعر سڀ انهي روزلنڊ جي تعريف ۾ لکي ٽارين تي لڙڪائي ڇڏي ٿو: جيڪڏهن آءٌ انهيءَ عاشق سان کڻي گڏجان، ته جيڪر اهڙو علاج ڏسيانس جو هو انهيءَ عشق جي مرض کان ڇٽي پوي !“

آرلانڊو قبولدار ٿيو ته جنهن عاشق جي تون ڳالهه ڪرين ٿو اُهو آءٌ آهيان، ۽ هن کان سندس علاج پڇيائين. گانيميڊ جيڪو علاج ڏسيس، ۽ جيڪا صلاح ڏنائينس سا اها هئي ته آرلانڊو ڏهاڙي اُنهيءَ ڀونگيءَ ۾ اچي ، جنهن ۾ هي ڀاءُ ـ ڀيڻ رهندا هئا. گانيميڊ چيو ته ”پوءِ آءٌ ڪوڙ  ڪري روزلنڊ ٿيندس، ۽ تون به ڪوڙ ڪري مون سان اهڙيون محبت جون ڳالهيون ڪجئين، جهڙيون  جيڪر خود روزلنڊ سان ڪرين، ۽ پوءِ جيئن اڪثر زالون پنهنجن عاشقن سان انگل ماڻا ۽ نخرا ناٽ ڪنديون آهن، تيئن آءٌ به توسان ڪندس ... نيٺ تون پنهنجي عشق کان شرمندو ۽ کٽو ٿيندين ! انهيءَ عشق کان ڇٽڻ جو رستوآءٌ اهو ڏسيائين ٿو.“ آرلانڊو کي انهيءَ علاج ۾ گهڻو ويساهه نه ڄميو، ليڪن هن قبول ڪيو ته آءٌ ڏهاڙي گانيميڊ جي ڀونگيءَ ۾ پيو ايندس، ۽ ڪوڙ ڪري عشق جون ڳالهيون پيو ڪندس.

اُنهيءَ کان پوءِ ته هر روز آرلانڊو گانيميڊ ۽ ايليئينا وٽ ايندو هو، ۽ جيئن جوان مڙس پنهنجن معشوقن کي ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ۽ عرض احوال ڪندا آهن، تيئن پيو ڪندو هو. انهيءَ هوندي به ، ظاهري ڪري، آرلانڊو کي جيڪا روزلنڊ جي عشق جي بلا لڳل هئي، تنهن هن جي پچر نه ڇڏي. جيتوڻيڪ آرلانڊو ڄاڻندو  هو ته هي سڀ هڪڙو چرچو يا کيل آهي ـ اهو خيال ڪونه هوس ته گانيميڊ اُها ساڳي سندس روزلنڊ آهي ـ تڏهن به جيڪا دل جي باهه هيس، تنهن جي ڪڍڻ ۽ محبت جي ڳالهين ڪرڻ مان هن کي اهڙي خوشي حاصل ٿي ٿي ، جهڙي خود گانيميڊ کي ٿي ٿي ـ جنهن دل ۾ سچ پچ پئي ڄاتو ته هي سڀ ڳالهيون مون سا ن ئي ٿو ڪري.

انهيءَ طرح، هنن جوان ماڻهن گهڻائي ڏينهن گذاريا. ايليئينا به ڏٺو ته انهيءَ مان گانيميڊ کي خوشي حاصل ٿي ٿئي، تنهن ڇڏيو ته ڀلي هوءَ پنهنجو رستو وٺيو هلي، ۽ انهيءَ ڪوڙي عشق مان مزو ماڻي. گانيميڊ کي ياد نه ڏياريائين ته روزلنڊ اڃا پنهنجي پيءُ ڊيوڪ وٽ هلي پاڻ ظاهر نه ڪيو آهي، جنهن جو ڏس هنن کي آرلانڊو کان پيو هو ته انهيءَ ٻيلي ۾ رهي ٿو. هڪڙي ڏينهن گانيميڊ ڊيوڪ کي گڏيو هو ، ۽ هن سان ڳالهايو ٻولايو به هوائين. ڊيوڪ پڇيس ته ”تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ گانيميڊ جواب ڏنس ته ”آءٌ اهڙي نسل جو آهيان جهڙي جو تون آهين.“ ان تي ڊيوڪ مرڪيو، ڇالاءِ جو هن کي هو شڪ ڪونه هو ته اهو ريڍار ڇوڪر ڪو شاهي نسل جو آهي . پوءِ جڏهن گانيميڊ ڏٺو ته ڊيوڪ چڱو ڀلو ۽ خوش آهي ، تڏهن هن به مناسب ڄاتو ته ڪي ڏينهن اڃا به اُپٽار ڪانه ڪجي ۽ ماٺ ڪري گذارجي.

هڪڙي ڏينهن جيئن آرلانڊو گانيميڊ جي ملاقات لاءِ ٿي ويو ، تيئن هن ڏٺو ته هڪڙو ماڻهو پَٽ تي سمهيو پيو آهي، ۽ هڪڙو وڏو سائو نانگ ڳچيءَ کي وڪوڙيو ويٺو اٿس. آرلانڊو کي ايندو ڏسي نانگ کسڪي پاسي وارن ٻوڙن ۾ گهڙي ويو. آرلانڊو ويجهو وڃي ڏسي ته هڪڙي شينهن زمين تي مٿو رکي، ڄُڪ ماريو، ٻليءَ وانگي سنبريو ويٺي آهي ته ستل ماڻهو جاڳي ته ٽپ ڏيئي وٺانس (چوندا آهين ته شينهن مئي ۽ ستل شئي کي شڪار ڪين ڪندو آهي ). ڀانئجي ته قدرت آرلانڊو کي انهيءَ نانگ ۽ شينهڻ جي خوف مان انهيءَ ماڻهوءَ جي بچائڻ لاءِ موڪليو هو ، پر جڏهن آرلانڊو اُنهيءَ ماڻهو جي منهن ڏي ڏٺو، تڏهن سهي ڪيائين ته اهو ماڻهو سندس ڀاءُ آليور هو ، جنهن ساڻس هيتري ظلم جي هلت ڪئي هئي، ۽ کيس باهه سان ساڙي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي! هن کي ذري گهٽ دل ۾ آيو هو ته هن کي اُتي ڇڏي هليو وڃان. ته ڀلي بـُکي شينهڻ منجهانئس پيٽ ڀري، پر برادري محبت ۽ چڱي طبيعت ايئن ڪرڻ نه ڏنس. هن جي ڪاوڙ لهي ويئي، ۽ هو ترار ڪڍي شينهڻ تي ڪاهي آيو، ۽ ڌڪ هڻي ماري وڌائينس. انهيءَ طرح، پنهنجي ڀاءُ جي حياتي هن زهري نانگ ۽ خوفناڪ شينهڻ کان بچايائين. پر هن شينهڻ کي ماري وڌو، تنهن کان اڳي شينهڻ پنهنجي تکن نهن سان هن جي هڪڙي ٻانهن ڦَٽي ڇڏي.

آرلانڊو شينهڻ سان بيٺي وڙهيو، ته آليور جاڳيو. جڏهن معلوم ٿيس ته منهنجو ڀاءُ آرلانڊو جنهن کي مون هيترا ڏجها ڏنا هئا، تنهن پنهنجي جان تان آسرو کڻي خوفناڪ جانور کان منهنجي جان بچائڻ جي ڪئي، تڏهن هو ڏاڍو شرمندو ۽ پشيمان ٿيو، پنهنجي ڪيل نالائقيءَ جي هلت کان پڇتايائين، ۽ روئي هن کان معافي گهرڻ لڳو. آرلانڊو هن کي اهڙو پشيمان ڏسي گهڻو خوش ٿيو، ۽ هن کي معاف ڪيائين. هنن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي آليور آرلانڊو کي سچي برادري محبت سان پيار ڪرڻ لڳو ـ جيتوڻيڪ هو ٻيلي ۾رڳو هن کي مارڻ جو ارادو ڪري آيو هو.

آرلانڊو جي ٻانهن ۾ جو ڦٽ هو ، تنهن مان ايترو رت وهي ويو هو جو هو ضعيف ٿي پيو، ۽ گانيميڊ تائين وڃڻ جو ست نه ساريائين، تنهنڪري ڀاءُ کي چيائين ته ”گانيميڊ، جنهن کي آءٌ چرچي ۾ پنهنجي روزلنڊ ڪري سڏيندو آهيان، تنهن کي ڀلائي ڪري هن اتفاق جي خبر وڃي ٻڌاءِ .“ آليور اوڏي ويو ۽ گانيميڊ ۽ ايليئينا کي ٻڌايائين ته آرلاندو هيئن منهنجي حياتي بچائي آهي.جڏهن هو هنن سان آرلانڊو جي بهادريءَ ۽ پنهنجي بچي وڃڻ جي ڳالهه پوري ڪري رهيو هو، تڏهن هنن کي ٻڌايائين ته ”آءٌ آرلاندو جو ڀاءُ آهيان، جو هيستائين هن سان ظلم جي هلت ڪندو رهيو هوس، پر هاڻي اسين پاڻ ۾ پرتا آهيون.“

آليور جو سچائيءَ ۽ ايمان جي سلامتيءَ سان پنهنجا ڏوهه باسيا ۽ پشيماني ظاهر ڪئي، تنهنڪري ايليئينا جي دل تي اهڙو اثر ٿيو جو هوءَ مٿس عاشق ٿي پيئي. آليور به جڏهن سهي ڪيو ته هوءَ منهنجي پشيماني ڏسي مون تي گهڻو قياس ڪري ٿي، تڏهن هو به مٿس عاشق ٿي پيو. هيڏي ايليئينا ۽ آليور جي دلين ۾ عشق پئي کاٽ هنيو، هوڏي گانيميڊ آرلانڊو جي ڦٽجڻ ۽ خوفناڪ حالت ۾ هجڻ جو ٻڏي ماندو ٿي ويو. جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيائين ته ”مون روزلنڊ جي خيالي حالت ۾ ماندگائيءَ جو ڍؤنگ ڪيو هو!“ گانيميڊ آليور کي چيو ته ”وڃي پنهنجي ڀاءُ آرلانڊو کي چئجئين ته آءٌ ڪوڙ ڪري ڪهڙيءَ نه طرح ماندو ٿيو هوس !“ پر آليور هن جي شڪل جي رنگ  ڇڏي وڃڻ مان سهي ڪيو ته هو سچي پچي ماندو ٿي ويو هو ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ جي ضعيفائيءَ تي عجب ۾ پئي هن کي چوڻ لڳو ته ”جيڪڏهن تو ڍونگ ڪيو هو، ته هاڻي دل جهل ۽ ڍونگ ڪري مڙس ماڻهو ٿي !“ گانيميڊ جواب ڏنو جو في الحقيقت سچو هو ـ ته ”آءُ ته ائين ڪريان ٿو، پر سچي ڪري ته مون کي زال ماڻهو ٿيڻ گهرجي، نه مڙس ماڻهو !“

آليور هنن وٽ گهڻي تائين ترسيو، نيٺ جڏهن موٽي ڀاءُ وٽ آيو، تڏهن هن کي گهڻيون ئي خبرون ڏنائين. سندس ڦٽجڻ جي خبر ٻڌي گانيميڊ جي ماندي ٿيڻ جي بيان کانسواءِ، هيءَ ڳالهه به آليور ٻڌايس ته آءٌ هن خوبصورت ريڍارڻ ايليئينا تي عاشق ٿي پيو آهيان، ۽ هُن انهيءَ پهرينءَ ئي ملاقات ۾ مون تي گهڻي مهرباني ڪئي آهي۽ محبت ڏيکاري آهي. هن ڀاءُ کي پڪ ڏني ته ”آءٌ ضرورو ايليئينا سان شادي ڪندس، پنهنجو گهر ۽ جاگير ڳوٺ ۾ توکي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ريڍار ٿي هتي گذاريندس، جو منهنجي هن ڌڻارڻ سان ڏاڍي دل ٻجهي ويئي آهي.“

آرلانڊو چيو ته ”آءٌ اِنهيءَ ۾ راضي آهيان. تون سڀاڻي ئي کڻي شادي ڪر، ته آءٌ ڊيوڪ ۽ سندس دوستن کي سڏ ڏيئي وٺي ايندس. وڃ، وڃي پنهنجيءَ ريڍارڻ کي ريجهائي انهيءَ ڳالهه تي بيهار. اوجهو، سندس ڀاءُ اچي ٿو ... هوءَ هينئر هيکلي هوندي !“

آليور ايليئينا ڏي ويو، ۽ گانيميڊ جو پريان آيو ٿي، سو پنهنجي زخمي دوست آرلانڊو جي خيرعافيت پڇڻ ٿي آيو. جڏهن آرلانڊو ۽ گانيميڊ پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪيون، ۽ آليور ۽ ايليئينا جي اوچتي عاشق ٿيڻ جو ذڪر چوريائون، تڏهن آرلانڊو چيس ته ”مون پنهنجي ڀاءُ کي سمجهايو آهي ته پنهنجيءَ خوبصورت ريڍارڻ کي وڃي ٺڳاري ته سڀاڻي سندن شادي ٿئي ... پر ڪهڙي نه خوشيءَ جي ڳالهه ٿئي ها، جي آءٌ به انهيءَ ساڳين ئي ڏينهن پنهنجي روزلنڊ سان شادي ڪريان ها!“ گانيميڊ کي ته اها صلاح گهڻو پسند هئي، تنهن چيو ته ”جيڪڏهن تو سچي پچي روزلنڊ کي ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تون ڳالهه ٿو ڪرين، ته تنهنجي مراد ضرور پوري ٿيندي، ڇا لاءِ جو سڀاڻي آءٌ انجام ٿو ڪريان ته خود روزلنڊ کي آڻي حاضر ڪندس، ۽ هن کي توس سان شادي ڪرڻ قبول ڪرائيندس !“

گانيميڊ ته پاڻ روزلنڊ هئي، تنهن کي اهو ظاهر ڪري حيرت جهڙو ڪم ڪرڻ ته ڏاڍو سولو هو ، پر هن ڪوڙ ڪري چيو ته ”مون پنهنجي هڪڙي چاچي کان جادو سکيو آهي، تنهن جي زور سان آءٌ اهو ڪم ڪندس.“ ويچاري عاشق آرلانڊو کي وساهه ٿيو ڪي نه ٿيو، تنهن گانيميڊ کا پڇيو ته ”چرچو ٿو ڪرين يا ساڀيان ٿو ڳالهائين؟“ گانيميڊ چيو ته ”آءٌ قسم کڻي ٿو چوان  ته آءٌ ساڀيان ڳالهه ٿو ڪريان، تنهنڪري سڀاڻي تو چڱا ڪپڙا ڍڪجئين، ۽ ڊيوڪ ۽ سندس دوستن کي دعوت ڏيئي پنهنجي شاديءَ تي آڻجئين. جي تنهنجي سچ پچ روزلنڊ سان سڀاڻي پرڻجڻ جي مرضي آهي، ته هوءَ ضرور هتي ايندي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو آليور ، ايليئينا جي قبولداري ۽ رضامندي وٺي، هن سان گڏجي ڊيوڪ وٽ آيو، ۽ ساڻن آرلانڊو به گڏيو آيو. هن ٻٽيءَ شاديءَ جي ڪرڻ لاءَ هي سڀ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. جڏهن اڃا رڳو هڪڙي ڪنوار حاضر هئي، تڏهن سڀني ويٺي خيال پچايو ـ ۽ گهڻو ڪري سڀني کي پڪ هئي ته گانيميڊ آرلانڊو سان رڳي مسخري ڪئي آهي.

جڏهن ڊيوڪ ٻڌو ته اِها سندس ڌيءَ هئي جا انهيءَ عجيب رستي سان ٿي آئي، تڏهن آرلانڊو کان پڇيائين ته ”تو کي اعتبار ۾ اچي ٿو ته جيڪي انهيءَ ريڍار ڇوڪري چيو آهي ، سو سچ پچ ڪندو ؟“ آرلانڊو چيو ته ”چئي نه ٿو سگهجي ته ڪندو يا نه ڪندو ...“ ايتري ۾ گانيميڊ اندر گهڙي آيو، ۽ ڊيوڪ کان پڇيائين ته ”جيڪڏهن آءٌ تنهنجي ڌيءَ هتي آڻيان، ته تون آرلانڊو سان هن جي شاديءَ جي موڪل ڏينديين ؟“ ڊيوڪ چيو ته ”ها، آءٌ موڪل ڏيندس... پاڻ جيڪڏهن مون کي ڪو ملڪ هٿ ۾ هجي، ته اهو به ساڻس گڏ جيڪر ڏيئي ڇڏيان !“ تڏهن گانيميڊ آرلانڊو کي چيو ته ”تون چوين ٿو ته جيڪڏهن آءٌ هن کي هتي آڻيندس، ته تون هن سان شادي ڪندين؟“ آرلانڊو چيو ته ”هائو، آءٌ ڪندس ـ پوءِ جي کڻي گهڻن ملڪن جو بادشاهه هجان، ته به جيڪر نه رهان!“ پوءِ گانيميڊ ۽ ايليئينا ٻئي گڏجي وييون ... گانيميڊ مردانا ڪپڙا لاهي ۽ زنانو ويس ڍڪي، جادوءَ کان سواءِ، جهٽ ۾ روزلنڊ ٿي پيئي، ۽ ايليئينا ٻهراڙيءَ جا ڪپڙا لاهي، اُچا شاهاڻا ڪپڙا ڍڪي، آسانيءَ سان بيبي ”سيليا“ ٿي پيئي.

هنن جي وئي کان پوءِ ڊيوڪ آرلانڊو کي چيو ته ”انهيءَ ريڍار گانيميڊ جي مهانڊا سو منهنجي ڌيءَ روزلنڊ سان گهڻو ٿي لڳا“، ۽ آرلانڊو چيو ته ”منهنجي خيال ۾ به ائين هوندو هو !“ اڃا هنن پئي خيال پچايا ته اِها ڳالهه الائجي ڪيئن ٿيندي، ته روزلنڊ ۽ سيليا پنهنجن اصلوڪن ڪپڙن ۾ اندر گهڙي آيون. روزلنڊ اچڻ سان ٻيو ڪو جادوگريءَ جو ڍونگ ڪونه ڪيو ـ سامهون اچي، پيءُ جي اڳيان گوڏن ڀر ويهي، نوڙي، هن دعا گهريائين. جيڪي حاضر هئا، تن کي اهڙي حيرت لڳي ويئي جو بيشڪ سڀڪنهن کي اِهو هڪڙو جادوءَ جو ڪم نظر اچي ها، پر روزلنڊ پنهنجي پيءُ سان وڌيڪ مسخري ڪانه ڪئي، ۽ پنهنجي شهر نيڪاليءَ توڙي ٻيلي ۾ پاڻ ريڍار ۽ پنهنجيءَ سوُٽ سيليا جي سنديس ڀيڻ ٿي رهڻ جو سارو بيان ڪري ٻڌايائينس.

ڊيوڪ شاديءَ جي جيڪا منظوري اڳي ئي ڏني هئي ، سا بحال رکي. انهيءَ ساڳئي وقت آرلانڊو ۽ روزلنڊ ، آليور، ۽ سيليا جي شادي ٿي. جيتوڻيڪ هنن جي شادي هميشه جي دستور واري ڌوم ڌام سان نه ٿي، تڏهن به انهيءَ شاديءَ جي ڏينهن جهڙي خوشي ڪا ٻي مشڪل ڏٺي ويئي هوندي. هنن اڃا ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ هرڻ جو پڪل گوشت ويٺي کاڌو، ته اوچتو هڪڙو قاصد اچي نڪتو، جنهن ڊيوڪ کي خوشخبر ڏني ته ”توکي پنهنجو ملڪ وري مليو آهي!“ هي ٻڌي، سڀني جي خوشي اڳي کان زياده ٿي.

هو غاصب ڊيوڪ پنهنجي ڌيءَ سيليا جي ڀڄي وڃڻ ڪري ڏاڍو ڪوڙيو، ۽ جڏهن ٻڌڻ ۾ آيس ته هر روز وڏا وڏا ماڻهو ملڪ ڇڏيو حقي ڊيوڪ سان رهڻ جي لاءِ آرڊين جي ٻيلي ڏي ٿا وڃن ، تڏهن اچي اها ريس ٿيس ته ڇا لاءِ منهنجي ڀاءُ کي ههڙي ڪمبختيءَ ۾ به ماڻهو هيترو مان ٿا ڏين. پوءِ ته هڪڙو وڏو لشڪر سنبرائي، آرڊين جي ٻيلي تي ڪاهي آيو ـ  اِنهيءَ ارادي سان ته پنهنجي ڀاءُ  کي ۽ سندس ايماندر ۽ سچن دوستن کي ماري وجهي. پر خدا جي قدرت سان هن خراب ماڻهو اوچتو اهو پنهنجو خراب ارادو ڦيرائي ڇڏيو ، ڇا لاءِجو اڃا ٻيلي  ۾ گهڙيو ، ته هڪڙو ڪراڙو ديندار فقير گڏيس ، جنهن هن سان گفتگو ڪندي آخر هن جي دل سندس خراب ارادي کان ڦيرائي ڇڏي . انهيءَ کان پوءِ هن سچي پچي توبهه ڪئي، ۽ ارادو ڪيائين ته جيڪا حڪومت زور سان کسي هٿ ڪئي اٿم سا ڇڏي ڏيان، ۽ باقي حياتي جا ڏينهن ڪنهن مڙهيءَ ۾ وڃي ويهان ۽ عبادت ۾ گذاريان. توبهه ڪرڻ کانپوءِ هن جو پهريون ڪم اهو هو جو هڪڙو قاصد پنهنجي ڀاءُ ڏي موڪليائين ته ”اچي وري پنهنجو ملڪ هٿ ڪري، ۽ جيڪي تنهنجا دوست توسان گڏ آهن سي به پنهنجون جاگيرون وري اچي وٺن .“ اهو ساڳيو قاصد هو، جو مٿي ڊيوڪ وٽ آيو هو.

اها خوشخبري به اهڙي چڱي مهل تي اچي نڪتي جو شاهزاديءَ جي شاديءَ جي خوشي وڌي ويئي. سيليا پنهنجي سؤٽ کي سندس پيءُ جي وري ڀاڳ لڳڻ ڪري مبارڪ ڏني: جيتوڻيڪ پاڻ انهيءَ حڪومت جي وارثيءَ کان رد ٿي ويئي، ۽ هاڻ روزلنڊ وري حقدار وارث ٿي، تڏهن به هن کي سچيءَ دل سان دعائون ڪرڻ لڳي. هنن ٻنهي سوٽن جي محبت پاڻ ۾ اهڙي سچي هئي ، جو انهيءَ ۾ ڪو به غير غبار يا ريس ۽ حسد ڪونه هو.

ڊيوڪ کي هاڻي وجهه مليو ته جيڪي سچا دوست هن ديس نيڪاليءَ ۾ ساڻس گڏ رهيا هئا، تن کي انعام ڏيئي، ۽ اهي ايماندار ۽ نمڪ حلال ماڻهو جي هيسيتائين ساڻس ڏکن ۾ پئي رهيا، سي وري پنهنجي حقدار ڊيوڪ جي محلات ڏي صلح ۽ سانت سان موٽڻ ، ۽ وري آرام ۽ آبروءَ سان گذارڻ ۾ نهايت گهڻو خوش ٿيا.

جنهن ڪم جي پڇاڙي چڱي، سو سڄو ئي چڱو

 

”برٽرام“، ”راسلين“ جو ڪائونٽ، پنهنجي پيءُ جي مرڻ ڪري تازو سندس درجي ۽ ميراث جو مالڪ ٿيو هو . فرانس جي بادشاهه جي برٽرام جي پيءُ سان گهڻي خاطر هوندي هئي . جڏهن هن سندس مرڻ جي خبر ٻڌي ، تڏهن سندس پٽ کي پئرس ۾ پنهنجي شاهي ڪچهري ۾ گهرايائين ، ته جيئن اڳوڻي ڪائونٽ سان دوستي هيس تيئن هن سان به خاص مهرباني ڪري.

برٽرام پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو هو . اُتي ”لافيو“ نالي هڪڙيو فرينچ امير برٽرام کي بادشاهه ڏي وٺي هلڻ جي لاءِ آيو. فرانس جو بادشاهه هڪڙو ضدي حاڪم هوندو هو، ۽ هن جو اهو سڏ شاهي فرمان يا ضروري حڪم جي صورت ۾ هو ، جنهن  جي نه مڃڻ جو ڪهڙي به درجي واري رعيتي ماڻهو ءَ کي اختيار نه هو. تنهنڪري جيتوڻيڪ برٽرام جي ماءُ پنهنجي پٽ کان جدا ٿيڻ ائين ٿي ڄاتو جيئن پنهنجي مڙس کي ٻيو ڀيرو دفن ڪرڻ ، تڏهن به هن کي هڪڙي ڏينهن جي دير وجھڻ جي به جرئت نه هئي، ۽ موڪل ڏنائين ته پٽس کي ڀلي هڪدم وٺي وڃن. لافيو جو هن کي وٺڻ آيو هو، تنهن هن بيبيءَ کي سندس مڙس جي مرڻ ۽ سندس پٽ جي اوچتي کسجڻ جي ڪري گهڻي دلداري ۽ تسلي ڏني ۽ درٻاري اميرن جي خوشامد واري ٻولي ۾ چوڻ لڳس ته ” بادشاهه اهڙو مهربان حاڪم آهي، جو تون هن کي مڙس جي بجاءِ ڄاڻيندينءَ ، ۽ تنهنجي پٽ لاءِ هو پيءُ وانگر ٿيندو“ ـ

جنهن جو مطلب هو ته بادشاهه برٽرام کي وڏو درجو ڏيندو ۽ سندس مربي ٿيندو . لافيو ائين به چيس ته هيئن  به چيس ته ”بادشاهه اوچتو هڪڙي خفقان ۾ اچي پيو آهي، جو طبيب چون ٿا ته ڇٽڻ جو ئي ناهي،“ بادشاهه جي اڻچڱائي جو ٻڌي هن بيبيءَ گهڻو افسوس ظاهر ڪيو، ۽ چوڻ لڳي ته ”منهنجي خدمتگار هيلينا، جا هاڻ منهنجي اڳيان ويٺي آهي، تنهن جو پيءُ جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته ڪهڙو نه چڱو ، ڇا لاءِ جو مون کي پڪ آهي ته هو بادشاهه کي انهيءَ مرض کان ڇڏائي ڇڏي ها.“ هن لافيو کي هيلينا جو ٿورو گهڻو احوال ٻيو به ٻڌايو ، ۽ چيائينس ته ”هوءَ هڪڙي مشهور طبيب  ”جيرارڊ ڊي ناربان“ جي ڌيءَ آهي، جنهن طبيب کي ٻيو اولاد ڪونهي، اهو مرڻ مهل هن جي ٻانهن مون کي ڏيئي ويو هو، سو انهيءَ وقت کان وٺي هيلينا کي آءُ سنڀاليندي اچان“. پوءِ وري اها بيبي هيلينا جي نيڪ طبيعت ۽ چڱين خصلتن جي تعريف ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته اُهي هن کي گويا پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ مليون آهن. جيسين هنن ويٺي ڳالهايو تيسين هيلينا ماٺ ڪري ويٺي رنو، جنهن تي بيبيءَ کي گهڻن سمجھايو ته پيءُ جي مرڻ ڪري هيتري افسوس ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ؟

پوءِ ته برٽرام پنهنج ماءُ کان موڪلايو . ماڻس رني ۽ پٽ کي دعائون ڪرڻ لڳي ، ۽ لافيو کي پارت ڪري چوڻ لڳي ته ”مهربان امير صاحب اوهين هن کي صلاح مصلحت ڏيندا رهجو جو هو اڃا درٻار جي هلت چلت مان واقف نه آهي.“ برٽرام هلڻ مهل هيلينا کان به موڪلايو، ۽ چيائينس ته ”منهنجي ماءُ کي دلاسو ڏيندي رهج ، ۽ سندس گهڻي پوئواري لهجئين.“ هيلينا جي ته گهڻن ڏينهن کان برٽرام سان ڏاڍي دل هوندي هئي، ۽ هي جو ماٺ ڪيو پئي رنائين سو پيءُ جي لاءِ نه . هيلينا کي بيشڪ پيءُ سان به گهڻي دل هوندي هئي، پر هينئر جو هن کي برٽرام سان محبت ٻجهي وئي هئي ۽ اهو جدا ٿيڻ تي هو ، تنهن ڪري هن کي پنهنجو فوتي پيءُ به وسري ويو هو. هينئر جيڪا صورت خيال ۾ هيس سا برٽرام جي ، نه سندس پيءُ جي.

هيلينا ڪيترن ڏينهن کان برٽرام جي محبت دل ۾ سانڍيو ايندي هئي ، پر اها خبر هوندي هيس ته هو ”راسلين جو ڪائونٽ“ ۽ فرانس جي هڪڙي وڏي جهوني خاندان مان آهي، ۽ آءٌ هڪ غريب زال آهيان ، منهنجا مائٽ گمنام آهن ۽ هن جا سڀ مشهور خانداني ماڻهو آهن ، تنهنڪري هو برٽرام کي پنهنجو ڌڻي ڄاڻندي هئي، ۽ پاڻ کي هن جي ٻانهي ڪري سمجهندي هئي، ۽ هميشه اها مراد هوندي هيس ته شل سندس در تي پورهيو ڪري مري وڃان . پنهنجي ۽ هن جي درجي جي وچ ۾ هن کي ايترو تفاوت ڏسڻ ۾ ايندو هو، جو هوءَ چوندي هئي ته ”برٽرام مون کان ايترو مٿي آهي ، جو هن سان پيار ڪرڻ ۽ شادي جي اُميد رکڻ اهڙي ڳالهه آهي جهڙي ڪنهن چمڪندڙ تاري سان.“ برٽرام جي وڃڻ ڪري هن جون اکيون ڳوڙهن سان ۽ هن جي دل ڏک سان ڀرجي آئي ، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ انهيءَ محبت مان هن کي ڪا ٻي اميد ڪانه هئي، ته به ايترو هو جو ذري ذري هن کي ڏسي دل خوش ٿيندي هيس : هن جي ڪاري اک ۽ ڏنگا ڀرون ۽ پيچدار وار ويهي ڏسندي هئي ، جيسين ڪ هن جي منهن جا سڀ مهانڊا سندس دل ۾ ڄمي ويندا هئا.

جيرارڊ ڊي ناربان مرڻ مهل هن جي لاءِ ٻيو ڪو مال ڪو نه ڇڏي ويو هو، فقط ڪي عجيب ۽ آزمايل دوائن جا نسخا ڇڏي ويو هو، جي هن گهڻي مطالعي ۽ تجربي کان پوءِ گڏ ڪيا هئا، ۽ جي اڪٿر مرضن تي لڳندا هئا ۽ گسندا نه هئا. انهن مان هڪڙو نسخو انهيءَ مرض جو به هو ، جنهن ۾ لافيو ڳالهه ڪئي ته بادشاهه گرفتار آهي. جڏهن هيلينا بادشاهه جي بيماري جو ٻڌو ، تڏهن ، هيسيتائين جانااميدي ۽ غريبت رکندي هئي سا ڇڏي ، دل ۾ طمع رکي اهو ٺهراءُ ڪيائين ته پيرس ۾ وڃي بادشاهه جو علاج ڪريان . پر جيتوڻيڪ هيلينا وٽ ههڙو عجيب نسخو هو ، تڏهن به بادشاهه ۽ سندس حڪيمن کي جو اعتبار هو ته اهو مرض لا علاج آهي ، سي ڀلا ڪيئن هڪڙي غريب اڻپڙهيل ڇوڪريءَ جي ڳالهه تي پت ڪن. هيلينا کي حد کان وڌيڪ اميد هئي ته جي مون کي دوا ڪرڻ ڏنائون ته آءٌ ضرور فتحياب ٿينديس، ڇا لاءِ جو هن کي يقين هو ته اها دوا جا مون کي پيءُ کان ورثي ۾ ملي آهي، سا ڏاڍي سڀاڳي ۽ برڪت واري آهي، ۽ انهيءَ جي وسيلي آءٌ ڪائونٽ راسلين جي زال ٿينديس!“

برٽرام جي وئي کان پوءِ سگهوئي سندس ماءُ کي سندس خانسامان ٻڌايو ته هيلينا پنهنجي منهن پئي ڳالهايو، جنهن مان ايترو معلوم ٿيو ته هوءَ برٽرام تي عاشق آهي، ۽ سندس پٺيان پيرس ڏي وڃڻ جو ارادو اٿس. بيبيءَ خانسامان کي چيو ته ”هيلينا مون ڏي ڏياري موڪل، مون کي هن سان ڪي ڳالهائڻو آهي.“ هيلينا جي بابت جيڪي هاڻ ٻڌو هئائين ، تنهن بيبيءَ کي سندس اڳوڻا ڏينهن ياد ڏياريا، جن ڏينهن شايد پاڻ برٽرام جي پيءُ تي عاشق ٿي هئي . پاڻ کي چوڻ لڳي ته ”جڏهن آءٌ ننڍي هيس، تڏهن منهنجو به اهڙو حال هوندو. عشق هڪڙو ڪنڊو آهي، جو جواني جي گل سان گڏ ٿو رهي ، ڇا لاءِ جو جواني جي موسم ۾ سڀاءُ ڪري اسان ۾ اهي عيب ٿيندا آهن ـ جيتوڻيڪ اسين ڀائيندا آهيون ته عيب ناهن .“ هن طرح بيبيءَ ويٺي پنهنجي جواني جي خطائن تي خيال ڪيو ته هيلينا آئي. بيبيءَ چيس ته ”هيلينا، توکي خبر آهي ته آءُ تو کي ماءُ وانگيان آهيان. هيلينا چيو ته ”بيبي تون منهنجي وڏي ڌياڻي آهين.“ بيبيءَ وري چيو ته ”تون منهنجي ڌيءَ آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ماءُ آهيان ... ڇو، ڇالاءِ منهنجي ائين چوڻ تي  تنهنجو رنگ هارجي وڃي ٿو؟“ هيلينا کي ڊپ ٿيو ته منهنجي عشق جو شايد بيبيءَ کي شڪ پيو آهي، سا منهجي ويئي ۽ ڊڄي وري به چوڻ لڳي ته”بيبي، مون کي معاف ڪج تون منهنجي ماءُ ناهين : ڪائونٽ راسلين منهنجو ڀاءُ ڪين ٿي سگهندو ، نڪي آءٌ تنهنجي ڌيءَ ٿي سگهنديس ... !“  بيبيءَ چيو ته ”تڏهن، هيلينا، تون منهنجي ننهن ٿي سگهين ٿي ! آءُ ڀانيان ٿي ته تنهنجو مطلب به اهو ئي آهي، جو ماءُ ۽ ڌيءَ جي لفظن کان ڀڄين ٿي. سچ چئو ، هيلينا، تون منهنجي پٽ تي عاشق آهين ڇا؟“ هيلينا، ڊڄي جواب ڏنو ته ”بيبي، مون کي معاف ڪجئين ...“ بيبيءَ وري به ساڳيو سوال وڌس ته ”تنهنجي منهنجي پٽ سان دل ٻجهي وئي آهي ڇا؟“ هيلينا چيو ته ”بيبي، ڇو، تنهنجي هن سان دل ناهي ڇا ؟“ بيبي ورندي ڏني ته ”هيلينا،گسائي نه، سچي ڳالهه کڻي ڪر - تنهنجي محبت ساري ظاهر ٿي آهي !“ هيلينا گوڏن ڀر ويهي پنهنج عاشق هئڻ جي قبولداري ڏني، ۽ شرم ۽ خوف کان پنهنجي ڌياڻيءَ کان معافي گهرڻ لڳي ، ۽ چوڻ لڳي ته ”آءٌ خسيس پورهيت آهيان، ۽ ڪٿان ههڙي درجي واري ماڻهوءَ سان مـَٽ پوندس! ٺڪا منهنجن هن محبت جي برٽرام کي خبر ئي آهي. منهنجو حال اهڙو آهي، جهڙو ڪنهن سج جي پوڄاريءَ جو هجي، جو سج جي پيو پوڄا ڪري - سج روڳ ڏانهن پيو نهاري، ٻي خبر ئي ڪانه هجيس.“ بيبيءَ هيلينا کان پڇيو ته ”تو ڪو پئرس ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو آهي؟“ هيلينا مڃيو ته ”برابر، جڏهن مون لافيو کان بادشاهه جي بيماريءَ جو ٻڌو، تڏهن مون کي اوڏي وڃڻ جو ارادو ٿيو آهي. بيبيءَ چيو ته ”تڏهن پئرس ڏي وڃڻ لاءِ تنهنجو اهو ئي سبب هيو ڇا؟ سچي ڳالهه ڪجئينءِ!“ هيلينا ايمان سان ڳالهه ڪئي ته ”منهنجي ننڍي رئيس، تنهنجي پٽ ، منهنجي دل ۾ اهو خيال وڌو نه ته پئرس ۽ دوا ۽ بادشاهه مون کي ياد به ڪين هئا !“ بيبيءَ ماٺ ڪيو هن جي عشق جي قبول داري پئي ٻڌي ، ۽ نڪي پنهنجي پسندي نڪي ناپسندي ظاهر ڪيائين، مگر هيلينا کان زور ڪري پڇيائين ته ”اها دوا سچ پچ اهڙي آهي جا بادشاهه کي ضرور فائدو ڏيندي؟“ هن کان معلوم ٿيس ته جيراڊ ڊي ناربان وٽ جيڪي دوائون هونديون هيون ، تن سڀني مان اها هو زيادهه قيمتي ۽ ڪمائتي ڄاڻندو هو ، ۽ مرڻ مهل پنهنجي ڌيءَ کي ڏني هئائين. هيءَ به ڳالهه ياد پيس ته انهيءَ مهل هن ڇوڪريءَ بابت مون چڱي سنڀال جو انجام ڪيو هو، ۽ هاڻي هن جو نصيب ۽ بادشاهه جي حياتي هڪڙيءَ رٿ تي مدار رکندڙ ڏسڻ ۾ آيا، جا جيتوڻيڪ هڪڙي عشق ۾ ڦاٿل ڇوڪريءَ جي دل ۾ آئي هئي، تڏهن به هن بيبيءَ ڄاتو ته ڪهڙو عجب جي خدا جي قدرت سان بادشاهه ڇٽي به پوي، ۽ انهيءَ ڪري جيرارڊ ڊي ناربان جي ڌيءَ کي بخت لڳي وڃي. اهو خيال ڪري، هن هيلينا کي موڪل ڏني ته ڀلي جيئن دل ۾ اچيس تينءَ ڪري، ۽ جيڪي ضروري اُپاءَ ۽ ماڻهو مناسب ڏٺائين سي به ڏنائينس . انهيءَ طرح ، پنهنجي بيبيءَ جي رضا سان، کانئس دعا پِني، هيلينا پيرس ڏي رواني ٿي.

هيلينا پيرس ۾ اچي پهتي، ۽ پنهنجي خيرخواهه ڪراڙي امير لافيوُ جي مدد سان بادشاهه جي حضور ۾ وڃي نڪتي. هن کي اڃا به ڪي مشڪلاتون درپيش هيون، ڇا لاءِ جو بادشاهه اهڙو آسانيءَ سان هن خوبصورت جوان طبيبڻ جي دوا وٺڻ جي نه ڪئي، هن ٻڌايس ته آءٌ جيراڊ ڊي ناربان جي ڌيءَ آهيان. انهيءَ مشهور حڪيم جي تعريف بادشاهه به ٻڌي هئي. هن چيو ته ”هي قيمتي دوا منهنجي پيءُ  جي گهڻي تجربي ۽ هنر جو نتيجو آهي ، ۽ آءٌ انجام ٿي ڪريان ته جيڪڏهن هيءَ بادشاهه کي ٻن ڏينهن جي اندر نه ڇٽائي، ته مون کي بادشاهه مارائي وجهي.“  نيٺ بادشاهه دوا وٺڻي ڪئي . جي بادشاهه ٻن ڏينهن ۾ نه ڇٽو ، ته هيلينا کي سر ڏيڻو ٿيو، ۽ بادشاهه ساڻس انجام ڪيو ته ”جي تون فتحياب ٿينءَ ته ساري فرانس ۾، شاهزادن کان سواءِ، جيڪو ماڻهو چوندينءَ تنهن سان تنهنجي شادي ڪبي“ ـ ڇا لاءِ جو هيلينا پاڻ اها خواهش ڪئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org