سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:4 

سمجهه وارين زالن جو دستور آهي ته جنهن سان ڏاڍي دل هوندي اٿن، تنهن کي به پنهنجو وچ نه ڏينديون آهن: اُنهيءَ سان شوخي ڪنديون آهن، چڙنديون آهن، ۽ پهريندي صفا جواب ڏينديون ۽ گو شو ڪنديون آهن، ۽ ڪوڙ ڪري حيا يا بيپرواهي ڏيکارينديون آهن ـ انهيءَ لاءِ ته اڳيان هو ائين نه ڄاڻن ته هي سگهڙو ئي آسانيءِ سان ٺهي وييون ـ ڇاڪاڻ ته جيئين مطلب حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات هوندي، تيئن انهيءَ جو وڌيڪ قدر پوندو. ”جوليٽ“ به گهڻو ئي اهڙو ڍونگ ڪري ها، پر سندس حالت ۾ اهڙو دستوري عذر يا بيپرواهي هلي نه سگهي ها. ڀلا، ”روميو“ پنهنجن ڪنن سان ٻڌو جو هوءَ پنهنجيءَ زبان سان سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ جي قبول دار ٿي، جنهن مهل هن کي خيال ۾ به ڪين هو ته ڪو هو اهڙو ويجهو بيٺو آهي، تنهنڪري هيءَ، لاچار ٿي، صافدليءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي پهرين ڪيل ڳالهه جي تصديق ڏيڻ لڳي، ۽ هن کي چوڻ لڳي ته ”اي سهڻا مانٽيگيو (عشق اهڙي شي آهي ، جو کَٽي نالي کي به مٺو ڪيو ڇڏي ). آءُ جو اهڙو آسانيءَ سان تنهنجي عشق جي قبول دار ٿي آهيان ، تنهن مان تون ائين نه سمجهه ته منهنجي دل ڪا خسيس ۽ نالائق آهي ، پر جي اِهو ڏوهه چئبو ته اُهو رات جي اتفاق جو ڏوهه آهي ، جنهن اويسلائيءَ ۾ منهنجو راز ظاهر ڪيو. جيتوڻيڪ منهنجي هلت تو کي سياڻپ واري ڏس ۾ نه ايندي، جو اُها زالن جي رواج جي برخلاف آهي، تڏهن به جن جي سياڻپ ڍونگ ڪرڻ ۾ آهي ۽ جن جو حياءُ ٺڳي ڪرڻ ۾ آهي، تن گهڻين کان آءٌ وڌيڪ سچائي ڏيکاريندس!“

”روميو“ چيو ته ”اهڙي آبروءَ واريءَ عورت جي نسبت ۾ اهڙو به آبروئيءَ جهڙو خيال ڀلا آءٌ ڪيئن ڪري سگهنديس!“ ۽ انهيءَ لاءِ خدا جو قسم کڻڻ تي هو، ته هن جهليس ته قسم نه کڻ ، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ ”جوليٽ“ کي هن جي ڏٺي گهڻي خوشي حاصل ٿي ،تڏهن به انهيءَ رات جي ٺهراءُ ۾ هوءَ خوش نه هئي جو اهو تمام تڪڙو ۽ اوچتو ۽ بيخياليءَ جهڙو ڪم هو. پر، هن آڻي تڪڙ مچائي ته ”اڄوڪي رات ضرور مون سان محبت جو انجام ڪر“، تنهن ڪري ”جوليٽ“ چيو ته ”انهيءَ جي قبولداري ته مون تنهنجي گهرڻ اکان اڳي ئي ڏني آهي ، پر اهوهاڻي رد ڪري ، وري نئين سر انجام ڪريان ٿي ته ڀلي انهيءَ مان زيادهه خوشي پيدا ٿئي، ڇا لاءِ  جو منهنجي سخا به سمنڊ وانگي اڻ کٽ آهي ، جهڙي طرح منهنجي محبت سمنڊ وانگي اونهي آهي .“

هوءَ اُنهيءَ محبت جي گفتگوءَ هئي ، ته کيس سندس دائيءَ اچي سڏ ڪيو ، جاساڻس گڏ سمهندي هئي ۽ جا هاڻ پرهه ڦٽيءَ جو وقت ويجهو ڏسي کيس سمهڻ لاءِ چوڻ آئي هئي. هوءَ اوڏي ويئي، پر سگهو ئي موٽي اچي ”روميو“ سان ٽي_ چار لفظ ڳالهائڻ لڳي، جن جو مضمون هي هو ته ”جيڪڏهن تون سچ پچ مون کي پيار ڪرين ٿو، ۽ تو کي شادي ڪرڻ جي نيت آهي، ته سڀاڻي آءٌ توڏي نياپو موڪلينديس، ۽ شاديءَ جي لاءِ وقت ٺهرائي تو کي خبر ڪنديس ، پوءِ جيڪي مون وٽ آهي سو سڀ تنهنجي اڳيان رکنديس ، جهان ۾ توکي پنهنجو ڌڻي ڄاڻي تنهنجي پٺيان لڳنديس.“

هو انهيءَ ڳالهه جي ٺهراءَ ۾ هئا ته ”جوليٽ“ کي دائيءَ ڪيترائي ڀيرا سڏيو، جو هوءَ اندر وڃي وري موٽي ٿي آئي ، ڇا لاءِ جو هن جي دل نٿي چيو ته ”روميو“ مون وٽان هليو وڃي. جيئن نه ڪا ڇوڪري ڪنهن پکيءَ جو رسو وٺي هٿ ۾ سوگهو جهليندي آهي، هوءَ هيڏي هوڏي پيو ٽپندو آهي، پر هوءَ هن کي ڇڏي نه ڏيندي آهي ، ڍر ڏيئي وري ڇڪي وٺندي آهي. نڪي وري ”روميو“ جي دل ٿي چيو ته هن کي ڇڏي هليو وڃ ، ڇا لاءِ جو محبت وارن جي لاءِ سڀ کان مٺو آواز رات جو هڪ ٻئي جي زبان جو آواز آهي. پر، نيٺ هو هڪ ٻئي کي دعائون ڪندا جدا ٿيا.

پرهه ڦٽڻ تي هئي، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. ”روميو“ کي ته پنهنجي محبوب سان تازي ڪيل ملاقات جي خيالن پچائڻ ڪري ننڊ ڪانه آئي، سو گهر وڃڻ جي بدران سڌو هڪڙيءَ ڀر واريءَ مڙهيءَ ۾ آيو جتي ”لارينس“ فقير کي هٿ ڪرڻو هوس. اهو نيڪ راهب فقير اڳي ئي اُٿي عبادت کي لڳو هو، تنهن جڏهن ”روميو“ کي اهڙو سوير ايندو ڏٺو، تڏهن سهي ڪيائين ته هن رات ننڊ ڪانه ڪئي آهي، ڪنهن جوانيءَ ۽ عشق جي چوٽ کان بي آراميءَ ۾ رهيو آهي. هن جو خيال ڪيو ته ”روميو“ عشق جي سبب رات جاڳيو آهي، سو خيال پورو هو، پر هن جو سمجهيو ته هن ”روزلين“ جي لاءِ اوڄاڳو ڪڍيو هوندو، سو خيال برابر  نه هو. جڏهن ”روميو“ هن کي ”جوليٽ“ جي محبت جو ڳجهو حال ڏنو ۽ چيائينس ته ”مهرباني ڪري اسان جو نڪاح اڄوڪي ڏينهن پڙهي ڇڏ“، تڏهن اهو ديانتدار فقير پنهنجا هٿ اکيون مٿي ڪري ”روميو جي دل ۾ ههڙي اوچتي ڦير گهير ٿيڻ کان حيرت ۾ پيو ڇا لاءَ جو هن کي ”روميو“ ۽ ”روزلين“ جي محبت جي خبر هئي ، جو هن ڪيترا ئي وٽس ”روزلين“ جي بيپرواهيءَ ۽ ڌڪار جون شڪايتون آنديون هيون، ۽ هو چوڻ لڳو ته ”جوان ماڻهن کي سچ پچ دل ۾ محبت ڪانه ٿي رهي، رڳو اکين ۾ ٿي رهي !“ پر ”روميو“ جواب ڏنس ته تون پاڻ مون کي ڪيترا ڀيرا منع ڪئي هئي ته روزلين جي لاءِ ڇو ٿو مرين، جو هن جي تو سان دل ڪانهي ، پر جوليٽ سان ته منهنجي دل آهي، ۽ جوليٽ جي مون سا ن دل آهي.“ جڏهن هن فقير اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن هن ٿورو گهڻو ”روميو“ جي رٿ پسند ڪئي ۽ ڄاتائين ته ”جوليٽ“ ۽ ”روميو“ جي وچ ۾ شاديءَ جو بندوبست ڪرڻ هئڻ ڪري ”ڪئپيوليٽ“ جي گهراڻن جي وچ ۾ جا قديم اڻ بڻت هليل آهي ، سا نڪري ويندي. هي فقير ويچارو ٻنهي خاندانن جو خير خواهه هو ، ۽ اڳي به گهڻائي ڀيرا هنن کي پاڻ ۾ پرچائڻ لاءِ مٿا هنيا هئائين، پر انهيءَ مان حاصل ڪي ڪين ٿيو هو ، ۽ سو انهن جي اداوت ۽ ناسازيءَ جي جهڙي هن کي ڳڻتي هئي اهڙي ٻي ڪنهن کي نه هئي. هن جي جوان ”روميو“ سان گهڻي خاطر هئي، جنهن جي هو هميشه مرضي رکندو. ڪي انهيءَ محبت ڪري ۽ ڪي اها بهتر صلاح ڄاڻي، انهيءَ پير مرد هنن ٻنهي جي نڪاح ڪرڻ جو انجام ڪيو.

انهيءَ ڪري ”روميو“ پاڻ کي وڏو نصيب وارو ٿي ڄاتو، ۽ جوليٽ، جنهن پنهنجي ڪيل واعدي موجوب هن ڏي نياپو موڪليو، تنهن کي انهيءَ ساڳي ماڻهوءَ جي معرفت جا اهي خبر ملي، سا سوير ئي اچي ”لارينس“ فقير جي مڙهيءَ وٽ نڪتي جتي هنن جو نڪاح ڪيو ويو ، ۽ ويچاري فقير خدا کي سوال ڪيو ته ”هنن جي شادي سڀاڳي ڪر، ۽ هنن جوان ڪئپيوليٽ ۽ مانيٽيگيو جي ميلاپ ڪري سندس ڪٽنب جي پرڻي جهيڙي ۽ قديم اداوت کي دفع ڪر!“

نڪاح جي رسمن پوري ٿيڻ کان پوءِ جوليٽ وري سگهو ئي گهر آئي ، جتي ايندڙ رات جي لاءِ منتظر رهي، جو ”روميو“ باغيچي ۾ اچي کيس ملڻ جو انجام ڪيو هو، جنهن هنڌ اڳينءَ رات هنن جي گڏجڻ جو اتفاق ٿيو هو. پر اهو  وچ وارو عرصو هن جي نظر ۾ اهڙو ڊگهو آيو ٿي، جهڙو ڪنهن ٻار کي وڏي عيد جي اڳين رات پيئي نظر ايندي آهي . ڇا لاءِ جو جيڪي چڱا ڪپڙا هن کي ملندا آهن ، سي صبح ٿيڻ کان اڳي ڍڪي ڪين سگهندو آهي.

انهيءَ ساڳئي ڏينهن ٻپهر جو، ”روميو“ جي دوستن ”بن ووليو“ ۽ ”مرڪيوشيو“ کي، ويرونا جي گهٽين ۾ گهمندي، ”ڪئپيوليٽ“ جي طرف وارن جي هڪڙي ٽولي گڏي، جن سان شوخ ”ٽئباليٽ“ به هو. اِهو اُهو ساڳيو ”ٽئباليٽ“ هو، جو ”ڪئپيوليٽ“ واري مجلس ۾ ذري گهٽ ”روميو“ سان وڙهي پيو هو. هو ”مرڪيوشيو“ کي ڏسي عتاب ڏيڻ لڳو ته روميو مونٽيگيو سان سنگت ڪرڻ کان تو کي شرم اچڻ گهرجي ”مرڪيوشيو“ ته پاڻ شوخ ۽ رتيءَ وارو جوان هو ، تنهن هن کي ساڳيءَ شوخيءَ سان جواب ڏنو ”بن ووليو“ گهڻو ئي هنن جي ڪاوڙ ڍري ڪرڻ لاءِ مٿا هنيا، پر هو ٽرياڪين. هٿين پوڻ تي هئا، ته اوچتو روميو پاڻ اچي اتان لنگهيو ، تنهن کي ڏسي ، مڇريل ”ٽئباليٽ“ ”مرڪيشيو“ کي ڇڏي، ”روميو“ ڏي منهن ڪيو، ۽ هن کي لچ سڏيائين. ”روميو“ جي ته خاص ”ٽئباليٽ“ سان جهيڙي ڪرڻ کان نٽائڻ جي مرضي هئي ، ڇا لاءِ جو هو، ”جوليٽ“ جو عزيز هو ۽ کيس گهڻو پيارو هو، تنهن کان سواءِ هي جوان ”مانٽيگيو“ طبيعت ۾ ڏاهو ۽ ڌيرج وارو هو، تنهنڪري ڪڏهن به ڪٽنب جي معاملي ۾ دست اندازي ڪانه ڪئي هئائين، ۽ ”ڪئپيوليٽ“ ته سندس پياريءَ بيبيءَ جو نالو هو، تنهن کي ٻڌي ته پاڻ هن جي ڪاوڙ وڌيڪ ٿيڻ جي بدران اصل لهيو ٿي ويئي. تنهن ويچاري ”ٽئباليٽ“ سان آهستي ڳالهايو، ۽ هن کي ”مهربان ڪئپيوليٽ“ ڪري سڏيائين، ڄڻ ته پاڻ مانيٽيگيو هوندي به هن کي انهيءَ نالي وٺندي ڪا لذت ايندي هجي ! پر، ”ٽئباليٽ“ ته اصلي ”مانٽيگيو“ ذات جو جاني دشمن هو، تنهن هن جي ڳالهه به ڪانه ٻڌي، ۽ يڪدم ترار ڪڍي ٻاهر ڪئي.”مرڪيوشيو“، جنهن کي ”ٽئباليٽ“ سان صلح ڪرڻ جي ”روميو“ کي ڇا لاءِ ايتري خواهش هئي، تنهن جو سماءُ ڪونه هو، ۽ جنهن ڄاتو ٿي ته هو بيشرم۽ بي ايمان ٿي مُڙيو ٿو وڃي ، تنهن اَجائي سجائي ڳالهائڻ سان ”ٽئباليٽ“ کي وري چيڙايو، جو وري ساڻس ڳنڍجي پيو. هي ٻئي ايسيتائين وڙهيا جيسيتائين ”مرڪيو شيو“ زخمي ٿي ڪري پيو، ۽ ”روميو“ ۽ ”بن ووليو“ جن هنن کي ڇڏائڻ لاءِ گهڻائي مٿا هنيا، سي نيٺ بس ڪري بيهي رهيا. جڏهن ”مرڪيوشيو“ مُئو ، تڏهن ”روميو“ به ڪاوڙ جهلي نه سگهيو، ۽ جيئن ”ٽئباليٽ“ پهريندي کيس سڏيو هو، تيئن پاڻ به هينئر هن کي ”لُچ“ ڪري سڏيائين... پوءِ ته اچي وڙهڻ لڳا. نيٺ، ”ٽئبالٽ“ کي ”روميو“ قتل ڪري وڌو. هيءَ خونريزي، جا ڏينهن ڏٺي جو شهر جي وچ ۾ ٿي، تنهنڪري سگهو ئي اُتي اچي گوڙ متو، ۽ ٻين سان گڏ ”ڪئپيوليٽ“ ۽ ”مانٽيگيو“ جا پير مرد سردار به پنهنجين زالن سوڌو اچي نڪتا. انهن کان پوءِ سگهوئي شهر جو حاڪم آيو ، هو ”مرڪيوشيو“ جو مائٽ هو، جنهن کي ”ٽئبالٽ“ ڪُٺو هو، ۽ اڪثر هنن ”ڪئپيوليٽ“ ۽ ”مانٽيگيو“ جي طرف وارن جي جهيڙن جهڳڙن ڪر سندس ملڪ جي صلح ۾ وڳوڙ پوندو هو. سو هينئر پڪي ارادي سان سنبري آيو ته جيڪو ڏوهاري ٺهرندو ، تنهن کي قاعدي موجب سخت سزا ڏبي.

”بن ووليو“، جنهن کي انهيءَ دنگي جي اکين ڏٺي شاهدي هئي، سو حاڪم جي حڪم پٺيان بنياد کان وٺي سچي ڳالهه ڪري ويو_ نڪي ”روميو“ جي برخلاف ويو، پنهنجي سنگتين جي دست اندازيءَ جي ضرورت ۽ لاچاري لڪايائين. وڏي بيبي ”ڪئپيوليٽ“ جنهن کي پنهنجي مائٽ ”ٽئبالٽ“ جي مارجڻ ڪري گهڻو ڏک ٿيو ۽ وير وٺڻ جو گهڻو انتظار ٿيو، تنهن حاڪم کي منٿون ڪري چيو ته ”بن ووليو جي شاهديءَ ڏي نه ڏس، ۽ خونيءَ کي سخت سزا ڏي، ڇا لاءِ جو بن ووليو روميو جو دوست ۽ مانٽيگيو آهي، تنهن پاسخاطري ڪري ڳالهي ڪئي آهي.“ انهيءَ طرح، هن پنهنجي، نئين ناٺيءَ جي برخلاف فرياد ڪئي. پر اڃا اِها خبر نه هيس ته اِهو شخص منهنجو ناٺي، ۽ ”جوليٽ“ جو مڙس آهي. هوڏي وري بيبي مانٽيگيو پنهنجي اولاد جي ساهه بچائڻ لاءِ پئي حجت ڪئي ۽ پئي چيائين ته ”ٽئبالٽ کي مارڻ ڪري روميو سزا جو لائق نٿو ٿِي سگهي، ڇا لاءِ جو هن تي ته اڳي ئي مرڪيشيو کي مارڻ جي ڪري موت جي سزا قاعدي موجب اچڻي هئي .“ پر حاڪم ته هنن ڇُڙيل زالن جي رڙين ڏي ڌيان ڪو نه ڏنو ... سنڀال سان جانچ ڪري، پنهنجي فتوى ڏنائين ته ”روميو“ کي ”ويرونا“ مان شهر نيڪالي ڏجي.

ويچاري ”جوليٽ“، جا اڃا رڳو ڪن ٿورن ڪلاڪن جي ڪنوار هئي، تنهن جي لاءِ هيءَ تمام بد خبر هئي، جو انهيءَ فتوى ڪري گويا هن کي هميشهه جي لاءِ طلاق ملي. جڏهن اها خبر سندس ڪنين پيئي ، تڏهن پهريندي شرط اچي ”روميو“ تي ڪاوڙي ، جنهن سندس پياري سوٽ جو خون ڪيو هو ـ هن کي سهڻو ظالم ، ملائڪ جهڙو شيطان ، ڪانگ جهڙو ڪبوتر ، بگهڙ جي سڀاءُ وارو ڇيلو ، گل جهڙي منهن ۽ سَپ جهڙيءَ دل وارو ، ۽ ٻين اهڙن مختلف نالن سان سڏيو ، جنهن مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته سندس دل ۾ عشق ۽ ڪاوڙ جي وچ ۾ چٽاڀيٽي پئي هلي. پر نيٺ عشق غالب پئجي ويو، ۽ سوٽ جي مارجڻ ڪري جي ڏک جا ڳوڙها ٿي ڳاڙهيائين، سي ڦري وري خوشيءَ جون هنجون ٿي پيون، انهيءَ ڪري جو اڃان مڙس حيات هو ، جنهن کي جيڪر ”ٽئبالٽ“ ماري وجهي ها. تنهن کان پوءِ وري ٻيا تازا ڳوڙها اکين ۾ آيا، جو رڳو ”روميو“ جي شهر نيڪاليءَ  جو لفظ هن جي لاءِ گهڻن ئي ٽئبالٽن جي موت کان وڌ هيبت وارو هو.

انهن دنگهن کان پوءِ  ”روميو“ ڀڄي وڃي لارينس فقير جي مڙهيءَ ۾ پناه ورتي هئي. اُتي  هن کي خبر ملي ته حاڪم هيءَ فتوى جاري ڪئي آهي، سا ٻڌي، هن جي هانوَ ۾ موت کان به وڌيڪ ڌڪاءُ پيو. هن جي نظر ۾ ته ”ويرونا“ شهر جي ديوار کان ٻاهر دنيا ئي ڪانه هئي، ۽ ”جوليٽ“ کان پري جيئڻ ڪو نه هو! فقير ويچاريو هن کي حڪمت جو ڳالهيون ٻڌائي گهڻو ئي تسلي ڏئي ها، پر هن جوان ماڻهوءَ اُنهن جي ٻـُڌڻ جي نه ڪئي، چرين وانگي پنهنجا وار پٽڻ ۽ زمين تي ليٽڻ لڳو. ڄڻ ته اجهو ٿو مري . انهيءَ خراب حالت مان هن کي سندس پياريءَ بيبيءَ جي پيغام اُٿاريو، جنهن البت هن جي پيٽ ۾ ساهه وڌو. پوءِ هن فقير به سمجهايس ته ائين ڪرڻ وڏي نامردي آهي. هن چيس ته تو ”ٽئبالٽ کي ته ماريئه، پر پاڻ کي به ماريندين، ۽ پنهنجيءَ پياريءَ بيبيءَ کي به ماريندين ڇا جا رڳو تنهنجي آسري پئي تڳي! انسان ۾ جيڪڏهن دل جي همت نه هجي، ته پوءِ هن جي ۽ ميڻ جي مـُورت جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ قاعدي جي ڪري تو سان گهڻي مروت ٿي آهي، جو تو پاڻ کي موت جي سزا جو لائق ڪيو هو، پر اُن جي بدران حاڪم رڳو تو کي شهر نيڪاليءَ جي سزا ڏني، تو ٽئبالٽ کي ڪُٺو، پر ٽئبالٽ توکي ڪهي ها_ انهيءَ ۾ به هڪڙي خوشي آهي، جُوليٽ اڃا جيئري آهي، ۽ تو کي اُميد به ڪانه هئي جو هوءَ اچي تنهنجي زال ٿي، انهيءَ ڪري نه تو جهڙو نصيب وارو ٻيو ڪو ٿورو هوندو: اِهي سڀ ڀلايون تون ناداني ڪري ڌڪي پاڻ کان پري ڪرين ٿو، پر تو کي خبر هجي ته جيڪو نااميد ٿيندو آهي، اُهو نيٺ عذاب کائي مرندو آهي!“ آخر جڏهن ”روميو“ کي ٿورو گهڻو صبر آيو، تڏهن هن صلاح ڏنيس ته ”اڄ رات لڪڇپ  ۾ وڃي پنهنجيءَ پياريءَ زال کان موڪلائي اچ، ۽ پوءِ سڌو ”مانٽيوئا“ شهر ڏي روانو ٿي، اُتي تون ايستائين ترسي پئجئين، جيسيتائين آءٌ وجهه ڏسي اوهان جي شادي جي ڳالهه ظاهر ڪريان، جنهنڪري اُميد ته ٻئي طرف خوشي کان پاڻ ۾ پرچي سرچي ويندا. پوءِ يقين آهي ته حاڪم کي به معافيءَ جي لاءِ عرض ڪندا، ۽ تو ساڳيو جيتري ڏک سان هتان وڃين ٿو انهيءَ کان ويهه ڀيرا وڌيڪ خوشيءَ سان هتي موٽي ايندين.“ ”روميو“ کي فقير جي اِها سياڻپ واري مصلحت دل سان لڳي ، ۽ هو موڪلائي نڪتو، اِنهيءَ لاءِ ته پهريائين پنهنجيءَ زال سان ملاقات ڪري، پوءِ اڪيلو ”مانٽيوئا“ ڏي وڃا . فقير ساڻس انجام ڪيو ته توڏي آءٌ انهيءَ شهر ۾ وقت بوقت خط پٽ پيو لکندس، ۽ ڳوٺ جي خبر چار پيو رسائيندس.

جنهن باغيچي ۾ اڳينءَ رات ”روميو“ پنهنجي محبوب سان محبت جي ملاقات ڪئي هئي، تنهن مان لنگهي هو لِڪچوريءَ پنهنجي پياريءَ زال جي ڪو‎ٺيءَ تائين آيو. هڪٻئي جي وصال مان جيڪا هنن کي خوشي حاصل ٿي، تنهن کي گذريل ڏينهن جي جاکوڙن ۽ آئينده جي فراق جي ڏک جهَڪو ڪري ڇڏيو.

نيٺ ند وري پرهه ڦُٽي تڪڙو تڪڙو نڪري آئي ... ۽ جڏهن ”جوليٽ“ فجر جي پکين جي ٻولي ٻڌي، تڏهن خدا کي پئي سوال ڪيائين  ته شل اها رات جي پکين  جي ٻولي هجي! پر، سچ پچ، اُهو پر ڀات وارن پکين جو آواز هو، جو مٺو گهڻو ئي هو، پر ”جوليٽ“ کي تمام خراب پئي لڳو. صبح جو سوجهرو اُڀرندي کان ڏسڻ  ۾ آيو، جنهنڪري هنن عشق وارن جي جدائيءَ جو وقت تمام اچي ويجهو ٿيو. ”روميو“ مرندي جهرندي، پنهجي پياريءَ زال کان موڪلايو، ۽ انجام ڪيائين ته ”آءٌ هر روز ڪلاڪ_ ڪلاڪ ۾ ”مانٽيوئا“ مان تو ڏي خط  پيو لکندس،“ ۽ جڏهن هو مٿان ڪوٺيءَ جي دريءَ تان لهي هيٺ زمين تي اچي بيٺو، تڏهن انهيءَ غمگينيءَ جي حالت ۾ ”جوليٽ“ کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ هيٺ قبر جي تري ۾ مئو پيو آهي. ”روميو“ جي دل ۾ به اهڙو ساڳيوئي وسوسو گذريو، پر هينئر ته هن کي تڪڙ پڪڙ ۾ جدا ٿيڻ لا چار ٿيو،  ڇا لاءِ جو جي فجر کان پوءِ هو ”ويرونا“ شهر جي ديوارن جي اندر ڏسڻ ۾ اچي، ته هڪدم قتل ٿي وڃي!

هنن ڪمبخت محبت وارن جي مصيبت جي اڃا اها ته رڳي شروعات هئي. ”روميو“ کي نڪري وئي اڃا گهڻا ڏينهن ئي نه گذريا، ته ”ڪئپيوليٽ“ سردار پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ جي رٿ ڪئي . هن کي اها خبر هئي ته هن جي شادي اڳي ئي ٿي ويئي آهي، تنهنڪري، هن جي لاءِ جيڪو گهوٽ سنبرايو، سو ”ڪائونٽ ”پارس“ هو، جو جوان ۽ بهادر ۽ خانداني ماڻهو هو، ۽ جيڪڏهن ”روميو“ جي ملاقات جو اتفاق نه ٿئي ها، ته”جوليٽ“ جي ٻانهن لاءِ هي هر طرح لائق هو.“

پيءُ جي انهيءَ رٿ ڪري، ويچاريءَ ”جوليٽ“ جو ساهه ئي سـُڪي ويو، سا اچي غم ۽ مونجهاري ۾ پيئي. هن عذر ڪيو ته ”آءٌ اڃا ننڍي آهيان، ۽ منهنجي شاديءَ جي وهي ناهي، ۽ ٻيو، ”ٽئبالٽ“ جي مرڻ ڪري منهنجي دل ڏک سان ڀريل آهي، ۽ منهنجي حالت اهڙي ناهي جو خوشيءَ مان پنهنجو منهن مڙس کي ڏيکاريان_ ۽ ”ڪئپيوليٽ“ گهراڻي جي لاءِ اها ڪهڙي نه نامناسب ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي، جو اڃا هن جي ماتم جون رسمون مس پرويون ٿيون آهن، ته شاديءَ جي مجلس جي تياري ٿئي!“ انهيءَ طرح ، هن انهيءَ شاديءَ جي رٿ جي برخلاف گهڻا ئي دليل ڏنا، پر جيڪو سچو عذر سندس اڳ جي شاديءَ ڪرڻ جو هو ، سو ظاهر نه ڪيائين . پر پڻس سندس ڪا به ڳالهه نه مڃي ، ۽ هن کي تاڪيد سان حڪم ڏنائين ته ”هڪدم وڃي تياري ڪر، جو ايندڙ خميس جي ڏينهن تنهنجو ”پارس“ سان وهانءُ ڪبو. تنهنجي لاءِ مون کي دولتمند ۽ جوان ۽ امير مڙس هٿ لڳو آهي ـ اهڙو جو ويرونا جي سڀ کان اُتم زال هن کي خوشيءَ سان قبول ڪري_ سو آءٌ ڪو تنهنجيءَ لڄ ۽ حيا ڏي ڏسندس ڇا!“

اهڙي سختيءَ جي وقت ۾ ”جوليٽ“ صلاح مصلحت لاءِ ”لارينس“ فقير ڏي ڀڳي، جو هميشه ڏک ۾ سندس مددگار رهندو هو. هن پڇيس ته ”جي سر سهائڻ جي همت هجيئي، ته آءٌ تو کي هڪڙو نااُميديءَ جهڙو علاج ڏسيان.“ هن ورندي ڏني ته ”آءُ جيئري قبر ۾ پونديس ، پر پنهنجي پياري مڙس جي جيئري پارس سان شادي نه ڪنديس !“ تڏهن هن فقير چيس ته ”هاڻي تون گهر موٽي وڃ، ۽ ظاهر داري ڪري پاڻ کي خوش ڏيکار ۽ جيئن تنهنجو پيءُ چوي ٿو تيئن پارس سان شادي ڪرڻ قبول ڪر: ۽ سڀاڻي، شادي جي رات هيءَ ننڍڙيءَ شيشيءَ واري دوا جا تو ڏيان ٿو ، سا پي ڇڏج ، پيئڻ کان پوءَ ٻائيتاليهن ڪلاڪن تائين تون اهڙي سرد ۽ بيهوش ٿي ويندينءِ، جهڙو مردو، صبوح جو جڏهن تنهنجو گهوٽ تو کي وٺڻ ايندو، تڏهن ڄاڻندو ته تون مئي پيئي آهين، پوءِ، هتي جي رسم موجب، تو کي ڪنهن به ڪپڙي وجهڻ ڌاران کٽولي تي کڻي وڃي پنهنجي ڪڙم واري قبي ۾ رکندا ... سو، جيڪڏهن زال ماڻهو ٿي اهڙي ڳالهه کان ڊپ نه ڪرين ، ۽ اهڙيءِ هيبت واري رٿ جي منظوري ڏين، ته اِنهيءَ دوا پيتي کان ٻائيتاليهه ڪلاڪ پوءِ اهڙيءَ طري اُٿي کڙي ٿيندينءَ، جهڙيءَ طرح ڪو خواب ڏسي جاڳي_ ۽ تنهنجي جاڳڻ کان اڳي آءُ تنهنجي مڙس کي هن تجويز  جي خبر ڏيندس،  جو اُنهيءَ رات اچي تو کي ”مانٽيوئا“ ڏي کڻي ويندو!“ ”روميو“ جي محبت ۽ ”پارس“ سان شاديءَ ڪرڻ جي خوف کان، جوان ”جوليٽ“ هن خوفناڪ ڪم جي هام ڀري.هوءَ فقير کان شيشي وٺي رواني ٿي، ۽ هن سان انجام ڪيائين ته ”جيڪي تو مون کي سمجهايو آهي، اُنهيءَ تي عمل ڪنديس.“

هيءَ انهيءَ مڙهيءَ کان ٿي موٽي ٿي ، ته ”ڪائونٽ پارس“ گڏيس. ڪوڙي لڄ ڪري ، هن کي آهستي چوڻ لڳي ته ”چڱو ڀلا آءٌ تو سان شادي ڪرڻ ۾ راضي آهيان!“ ٻڍي ڪئپيوليٽ ۽ سندس زال جي لاءِ اها وڏي خوشخبري هئي، انهيءَ ڪري ويچاري پرئي مڙس ۾ ڄڻ ته نئين سنئين جواني پئي آئي. ”جوليٽ“ جنهن شاديءَ کان ناڪار ڪرڻ سان ”پارس“ کي رنج ڪيو هو، سا هينئر وري هن جي پياري منڱيندي ٿي، ۽ هاڻ هن جي فرمانبردار ٿيڻ جو انجام ڪيائين .

شاديءَ جي تياري ٿيڻ لڳي، ۽ گهر ۾ وري ڪم ڪار جو گوڙ بگوڙ پئجي ويو. خرچ پکي ڏي ڪين ٿي ڏٺائون. اهڙو تجمل وارو بندوبست ڪيائون، جو ويرونا اڳي ڪو نه ڏٺو هو.

ورنديءَ اربع جي رات... ”جوليٽ“  اُها دوا پي ڇڏي. هن کي دل ۾ گهڻيون ئي ڳڻتيون آيون هيون ته متان فقير ڊنو هجي ته مون تي روميو سان هن جي نڪاح پڙهڻ جو عتاب اچي، تنهنڪري زهر کڻي ڏنو هجيس، پر اِها به پڪ هيس ته هو مشهور خدا ترس ديندار فقير آهي. وري اهو فڪر  هوس ته، متان روميو جي اچڻ کان اڳي قبي ۾ جاڳي پوان، ۽ جنهن جاءِ ۾ مئن جا هڏا پيا هوندا ۽ تازو ماريل ٽئبالٽ ڪفن ۾ ڳاڙهو ٿيو پيو هوندو، تنهن ۾ هيکلي رهڻ ڪري آءٌ چري ٿي پوان، وري قبرستانن ۾ جنن ۽ ڀوتن جي رهڻ جون ڳالهيون جي ٻڌيون هئائين، سي ياد اچڻ لڳيس. پر،”روميو“ سان جا هن جي محبت هئي ۽ ”پارس“ ڏي جا هن جي نفرت هئي، تنهنڪري هيءَ همت جهلي دوا پي وئي، ۽ اُتي جو اُتي بيهوش ٿي ليٽي پئي.

صبح جو سوير جڏهن ”ڪائونٽ پارس“ دهلن ڌمرن سان پنهنجيءَ ڪنوار کي وٺڻ آيو ، تڏهن هن کي جيئريءَ ”جوليٽ“ جي بدران ڪوٺيءَ ۾ سندس بيجان لاشو ڏسڻ ۾ آيو... ڪهڙو نه انهيءَ مهل هن جي هانو ۾ ڌڪاءُ پيو هوندو، ڪهڙي نه گڙٻڙ سڄي گهر ۾ پئجي ويئي هوندي! ويچاري ”پارس“ منهن مٿو پئي پٽيو، جو هن کي اجل پنهنجي ڪنوار سان ملائڻ کان اڳ ۾ هڪٻئي کان ڌار ڪيو. پر انهيءَ کان به وڌيڪ ڏک ته ”جوليٽ“ جي ڪراڙي ماءُ پيءُ کي روئندو پٽيندو ڏسي ٿي ٿيو، جو هنن کي اولاد ئي اهو هو؛ سندن ٻڍاپي جو آسروئي  اها ”جوليٽ“ هئي، سا جڏهن اچي وڏي ٿي، ۽ هي ان جي مراد ڏسڻ جهڙا ٿيا، تڏهن موت هنن کان ههڙي ڦر ڪري ويو! جيڪي شاديءَ جون تياريون ڪيون هئائون، سي هاڻ ڦري ماتم جون ٿي پيئون، پرڻي جي مجلس ڦري مرڻي جو معرڪو ٿي پيو ، خوشيءَ جا راڳ مٽجي ڏک جا مرثيا ٿي پيا، شاديءَ جي باجن وڄڻ جي بدران غم جا گهنڊ وڄڻ لڳا، ۽ جي گل ڪنوار جي رستي ۾ وڇائڻ لاءِ گڏ ڪيا هئائون، سي هينئر سندس جنازي تي وجهڻ ۾ ڪم آيا! نڪاح پڙهڻ لاءِ پادريءَ آڻڻ جي بدران، دفن ڪرڻ لاءِ هنن کي پادريءَ آڻڻ جو ضرور ٿيو، ۽ هن کي ديول جي قبي ۾ برابر کڻي ويا، پر مئن جي تعداد وڌائڻ لاءِ ، نه جيئرن جي خوشيءَ ۽ مراد پوريءَ ڪرڻ لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org