سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:17 

هي ٻڌي ، جيتوڻيڪ پورشيا ”ائنٽونيو“ جهڙي سچي دوست ڏانهن هيتري محبت بيان ڪرڻ ڪري پنهنجي مڙس سان خفي نه ٿي. تڏهن به هي جواب ڏيڻ کان نه رهي ته ”جيڪڏهن تنهنجي زال هتي حاضر هجي، انهيءَ آڇ ڪرڻ ڪري تنهنجي زال هتي حاضر هجي ته انهي ڪري!“ تنهن کان پوءِ گرئشيانو، جنهن کي پنهنجي ڌڻيءَ وانگي گفتگو ڪرڻ جي مرضي هئي، تنهن نيريسا جي ٻڌندي چيو ته ”مون کي جيڪا زال آهي ، تنهن کي آءٌ تمام گهڻوپيار ٿوڪريان ـ اها جيڪر هينئر بهشت ۾ هجي ها ته چڱو ـ من خدا کي سوال ڪري هن ڪتي يهوديءَ جي بيرحم دل ڦيرائي ها!“ نيريسا ، جنهن ”پورشيا“ جي پاسي ۾ منڇي جي ڪپڙن ۾ ويٺي لکيو تنهن چيس ته ”اهي ڳالهيون تون سندس پرپٺ ٿو ڪرين، نه ته جيڪر گهر تپائي ڏيئي !“ تي شائلاڪ بيصبر ٿي دانهن ڪئي ته ”سائين، اسان جو وقت اجايو وڃي ٿو، ڀلائي ڪري فتوا ڏيو !“ پوءِ ساري محڪمي ۾ خوف جهڙي ماٺ ٿي  ويئي، ۽ سڀني جي دل ۾ ”ائنٽونيو“ جو ڏک هو.

پورشيا پڇيو ته ”گوشت تورڻ لاءِ ساهمي تيار آهي؟“ وري شائلاڪ کي چيائين ته ”شائلاڪ، ڪو جراح وٺي اچ ته متان هو رت ڇڏي ڇڏي مري وڃي.“ شائلاڪ جو ته مطلب ئي اهو هو ته ڀلي ائنٽونيو مري؛ تنهن چيو ته ”دستاوز ۾ ائين لکيل ناهي.“ پورشيا ورندي ڏني ته ”جي دستاويز ۾ ائين لکيل نه آهي ته اُنهيءَ جو ڇا؟ ايترو خير ڪندين، ته تنهنجي لاءِ چڱائي آهي.“ شائلاڪ چيو ته اها ڳالهه دستاويز ۾ ناهي، تنهنڪري ائين ڪين ڪندس!“ پورشيا چيو ته ”تڏهن ائنٽونيو جي گوشت جو هڪڙو پائونڊ تنهنجو آهي ـ قاعدو روا رکي ٿو ۽ منصف تو کي ڏياري ٿو ۽ اهو گوشت تون هن جي سيني مان ڪپي ڪڍ.“ اتي وري به يهودي خوش ٿي چيو ته ”آفرين هجي تنهنجي سمجهه ۽ انصاف تي !“ پوءِ ته هو پنهنجو وڏو چاڪو وري تکو ڪرڻ لڳو ، ۽ ائنٽونيو ڏي نهاري مرڪي چوڻ لڳو ته ”آءٌ، هاڻ سنبر....“

پورشيا چيو ته ”يهودي، ذرو ترس، ٻي به هڪڙي ڳالهه آهي. هن دستاويز موجب توکي ڪو به رت جو ٽيپو ملڻو ناهي : جيڪي لفظ صاف لکيل آهي، سي هي ته ”گوشت جو هڪڙو پائونڊ“! جيڪڏهن انهيءَ گوشت جي وڍيندي تون عيسائي رت جو هڪڙو ٽيپو وهائيندين، ته تهنجو مال متاع  قاعدي موجب ضبط ٿي ، وينس جي سرڪار  ۾ داخل ٿيندو !“ هاڻ شائلاڪ جي لاءِ ته اها ناشدني هئي، جو ائنٽوني جي بت تان گوشت جو پائونڊ ڪپي ۽ رت نه هاري ! اها حجت جا پورشيا ڪڍي ته دستاويز ۾ گوشت لکيل آهي نه رت، تنهن ائنٽونيو جي جان بچائي، ۽ سڀ ماڻهو هن جوان وڪيل جي اٽڪل ۽ دانائي ڏسي سندس تعريف ڪرڻ لڳا ، ۽ هن کي آفرين ڏيڻ لڳا. گرئشيانو شائلاڪ کي چيو ته ”يهودي، ڏس ته برابر هي سمجهه ۽ انصاف وارو آهي يا نه ، جيئن تو ٿي چيو !“

جڏهن شائلاڪ ڏٺو ته بازي هٿان ويئي، تڏهن نااُميد ٿي چوڻ لڳو ته ”چڱو مون کي پيسا ڏيو.!  بسئنيو، ائنٽونيو جي اوچتي ڇوٽڪاري ڪري خوش ٿي، رڙ ڪري چيو ته ”اجهي پيسا.“ پر پورشيا هن کي جهليو ۽ چوڻ لڳي ته ”هن يهوديءَ کي چَٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ملندو ! تنهنڪري، شائلاڪ، سگهو ٿي اُٿي گوشت وڍ ... پر سنڀال ڪج، متان رت هارين: جي گوشت تر جيترو گهٽ يا وڌ ٿيو ته وينس جي قاعدي موجب تو کي پنهنجي جان گنوائڻي ٿيندي، ۽ سڀ تنهنجي ملڪيت ضبط ٿي سرڪار ۾ داخل ٿيندي !“ شائلاڪ چيو ته مون کي پنهنجي پيسا ڏيو ته آءٌ هليو وڃان ...!“ بسئنيو چيو ته ”هان، وٺ، اجهي پيسا ...“

شائلاڪ پيسا پئي ورتا ته پورشيا وري به جهليس ۽ چوڻ لڳي ته ”يهودي، ترس ، اڃا ٻيو به توڏي حساب آهي : شهر جي هڪڙي رهاڪوءَ جي جان وٺڻ لاءِ جو تو منصوبو ڪيو ، تنهن ڪري وينس جي قاعدي موجب تنهنجي سڀ ملڪيت ضبطيءَ جوڳي آهي ، ۽ تنهنجي جان ڊيوڪ جي وس آهي، تنهنڪري نِوڙي هن کان انهيءَ جي معافي گهر !“ ڊيوڪ شائلاڪ کي چيو ته”معافي گهرڻ کان آءٌ توکي معاف ڪريان ٿو ـ انهيءَ لاءِ ته ڀلي توکي اسان عيسائين جي نيڪ ـ نيتيءَ ۽ رحمدليءَ جي خبر پوي ـ باقي تنهنجي ملڪيت جو اڌ ائنٽونيو کي ٿو ڏيارجي، ۽ اڌ سرڪار ۾ داخل ٿيندو.“ تڏهن سخي ائنٽونيو چيو ته ”سائين، مون پنهنجي پتي ڇڏي، رڳو شائلاڪ قبض لکي ڏئي ته سندس مرڻ مهل هو اها پتي پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺيءَ کي ڏيندو.“ سو هن ڪري، جو ائنٽونيو کي خبر هئي ته يهوديءَ کي رڳو هڪڙي ڌيءَ آهي ، ٻيو اولاد ڪونه هيس، ۽ اها سندس مرضيءَ جي برخلاف هڪڙي جوان ڪرستان ”لارينزو“ نالي سان پرڻي هئي، جو ” ائنٽونيو “ جو دوست هو ، ۽ انهيءَ شاديءَ ڪري ، شائلاڪ اهڙو ڪاوڙيو هو، جو هن پنهنجيءَ ڌيءَ کي لاوارث ڪري ڇڏيو هو. هن يهوديءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ انهيءَ طرح ، وير وٺڻ کان نا اُميد ٿي ۽ پنهنجو مال متاع ڦيرائي، چوڻ لڳو ته ”آءٌ بيمار آهيان، مون کي ڇڏيو ته گهر وڃان ، دستاويز منهنجي پٺيان ڏياري موڪليندا ته آءٌ ان تي صحيح وجهي ، پنهنجي اڌ مليڪيت ڌيءَ جي نالي ڪري ڇڏيان.“ ڊيوڪ چيو ته ”چڱو، وڃ، ۽ وڃي انهيءَ تي صحيح ڪر، ۽ جڏهن تون پيشمان ٿي ، ڦري عيسائي مذهب تي ايندين، ته سرڪار جي جيڪا تو تي تنهنجي اڌ ملڪيت جي چٽي پيئي آهي ، سا توکي معاف ٿيندي.“

پوءِ ڊيوڪ ائنٽونيو کي ڇڏي ڏنو، ۽ ڪچهري بند ڪيائين. هن انهيءَ جوان وڪيل جي عقل ۽ تجويز جي گهڻي تعريف ڪئي ، ۽ هن کي پاڻ وٽ مانيءَ جي دعوت ڪيائين. پورشيا جي مرضي هئي ته مڙس کان اڳڀرو ”بيلمانٽ“ ڏي موٽي وڃان، تنهن ورندي ڏني ته ”سائين، آءٌ اوهان جو گهڻو احسان مڃان ٿو، پر مون کي جلد پوئتي وڃڻو آهي.“ ڊيوڪ چيو ته ”مون کي افسوس آهي ته توکي مون سان گڏ ماني کائڻ جو وقت ڪونهي“، ۽ ائنٽونيو ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو ته ”هن جوان کي چڱو انعام ڏجئين ... آءٌ ڀانيان ٿو ته هن جو توتي تمام وڏو احسان آهي“ .

ڊيوڪ ۽ سندس مشير اٿي هليا ويا، تنهن کان پوءِ بسئنيو پورشيا کي چيو ته ”سائين، آءٌ ۽ منهنجو دوست آئنٽونيو ٻئي اڄ تنهنجي سياڻپ ڪري وڏي سزا کان ڇٽا آهيون، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته اهي ٽي هزار ڊڪٽ جي يهوديءَ  کي ملڻا هئا، سي تون قبول ڪرين“. آئنٽونيو چيو ته ”انهيءَ کان وڌيڪ اسين تنهنجو احسان مڃينداسين، ۽ پاڻ کي تنهنجا نوڪر سمجهنداسين“.

پورشيا ڪنهن به حيلي پيسا قبول نه ڪيا، پر بسئنيو زور پئي ڪيس ته ڪو انعام وٺ ، تنهن تي چوڻ لڳي ته ”مون کي پنهنجا دستانا ڏي، آءُ اهي تنهنجي نشاني ڄاڻي پائيندس“. جڏهن بسئنيو دستانا لاٿا، تڏهن هن جي منڊيءَ تي نظر پيئي. پورشيا جو ته اصل مطلب هو ته اها منڊي هن کان ڇڏايان، ته پوءِ جڏهن وري ملانس تڏهن ساڻس چرچو ڪريان، سا منڊي ڏسي چوڻ لڳيس ته ”جي تون زور ڪرين ٿو ته آءُ هيءَ منڊي توکان وٺنديس !“ بسئنيو کي اچي دل ۾ ولولو پيو ته جيڪا شيءِ آءُ پاڻ کان پري ڪري نه سگهان سا ٿو هي وڪيل گهري ... سو منجهي جواب ڏيڻ لڳو ته ”آءٌ اها منڊي ڏيئي نٿو سگهان، ڇا لاءِ جو اها مون کي پنهنجي زال جي ڏنل آهي، ۽ مون وعدو ڪيو هو ته اها آءٌ هٿان نه ڇڏيندس_ پر جي تنهنجي اهڙي مرضي آهي ، ته آءُ توکي ٻي اهڙي قيمتي منڊي ڏيندس جا ساري وينس ۾ ڪانه لڀندي ! تي پورشيا، ڪوڙ ڪري، البت رنج ٿي، ۽ اُٿي هلي، چوندي ويئي ته ”سائين، تون مون کي سيکارين ٿو ته فقير کي جواب ڪيئن ڏجي !“ آئنٽونيو چيو ته ”پيارا بسئنيو کڻي منڊي ڏينس : منهنجيءَ محبت ۽ هن صاحب جي خذمت ۽ احسان جي پٺيان پنهنجيءَ زال جي ڪاوڙ کڻي سهه“. بسئنيو نا احسانمنديءَ جي شرم کان کڻي هائو ڪئي، ۽ گرئشيانو کي منڊيءَ سان پورشيا جي پٺيان روانو ڪيائين ـ وري وڪيل جي منشيءَ ، نيريسا، جنهن پڻ گرئشيانو کي منڊي ڏني هئي، تنهن به هن کان منڊي گهري، ۽ گرئشيانو به سخاوت ڪرڻ ۾ پنهنجي ڌڻيءَ کان پوءَ پوڻ نه گهريو، تنهن منڊي کڻي ڏنيس . هي ٻئي زالون اندر ۾ کلنديون پئي ويون، جو ڄاتائون ته ”جڏهن هي گهر ايندا، تڏهن منڊين ڏيڻ سان ساڻن جهيڙو ڪنديونسين، ۽ قسم کڻي چونديونسين ته اوهان اهي منڊيون ڪن زالن کي ڏنيون آهن !“

جڏهن پورشيا موٽي گهر آئي، تڏهن سندس دل اهڙي خوش ۽ سرهي هئي، جهڙي اُنهيءَ ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي، جو ڪو چڱو ڪم ڪندو آهي. سڀ شي ڏٺي مان هن کي خوشي حاصل پئي ٿي. چنڊ هن کي اڳي ڪڏهن اهڙو روشن ڏسڻ ۾ نه آيو هو. جڏهن چنڊ ڪڪر جيي پٺيان اچي ويو، تڏهن سامهون ”بيلمانٽ“ تي سندس گهر مان جا بتي پئي چمڪي سا هن کي ڏاڍي پسند آئي، ۽ نيريسا کي چوڻ لڳي ته ”اِها بتي جا ٻري پيئ، سا منهنجي صفحي واري آهي، اها ننڍڙي بتي ڪيتري نه پنڌ تي چمڪندي ڏسجي ٿي ! انهيءَ طرح، هن دنيا ۾ چڱو ڪم ۽ نيڪي بي چمڪي ٿي“. جڏهن پنهنجي گهر مان باجي جو آواز ڪنن تي پيس، تڏهن چوڻ لڳي ته ”منهنجي خيال ۾ ته اهو باجو ڏينهن کان وڌيڪ مٺو لڳي ٿو“. نيٺ پورشيا ۽ نيريسا وڃي گهر ۾ گهڙيون، ۽ پنهنجو ويس ڍڪي مڙسن جي لاءِ منتظر ٿي ويٺيون. اُهي به سگهو ئي سندن پٺيان آئنٽونيو سوڌا اچي نڪتا. بسئنيو پنهنجي پياري دوست جي پورشيا سان وقفيت ڪرائي، ۽ هن اڃا مبارڪون پئي ڏنين ته هنن کي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ نيريسا پنهننجي مڙس سان جهيڙو ڪندي ڏسڻ ۾ آئي. پورشيا چيو ته ”اڳي ئي جهيڙو لڳو آهي، ٻيو ته خير آهي؟“ گرئشيانو ورندي ڏني ته ”بيبي، هڪڙي ڪين جهڙي گلٽ ٿيل منڊي نيريسا، مون کي ڏني هئي، جنهن تي چاڪونءَ جي ڦر وانگي اکر لکيل هئا ته ”مون کي پيار ڪجئين، پر مون کي ڇڏجئين نه“ ـ اُنهيءَ تي جهيڙو آهي“. نيريسا چيو ته ”انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي، ۽ انهيءَ منڊيءَ جو قدر ڪهڙو آهي؟ جڏهن مون اها توکي ٿي ڏني، تڏهن تو قسم کنيو هو ته آءُ مرڻ گهڙيءَ تائين پاڻ وٽ رکندس، ۽ هاڻ تون ٿو چوين ته مون وڪيل جي منشيءَ کي ڏيئي ڇڏي ! مون کي خبر آهي ته تو ڪنهن زال کي ڏني آهي !“ گرئشيانو چيو ته ”مون کي قسم آهي، جو جوان بندري، تنهنجي قد جيڏي، ڇوڪري کي ڏني ! جنهن سياڻي وڪيل بحث ڪري آئنٽونيو جي جان بچائي، انهيءَ جو هو منشي هو، انهيءَ بڪبڪي ڇوڪري مون کا اجوري ۾ گهري، ۽ آءٌ هن کان رکي نه سگهيس“. پورشيا چيو ته ”“گرئشيانو، اهو تنهنجو ڏوهه آهي، جو پنهنجيءَ زال جي پهرين ڏنل شي هٿان وڃائيه . مون به پنهنجي گهر واري بسئنيو کي منڊي ڏني هئي، ۽ مون کي يقين آهي ته هو ڪنهن به طرح اُها ڪنهن کي نه ڏيندو“. گرئشيانو پنهنجي ڏوهه جي عذر خواهيءَ ۾ چيو ته ”منهنجي رئيس، بسئنيو پنهنجي منڊي وڪيل کي ڏني، پوءِ انهيءَ ڇوڪري، وڪيل جي منشيءَ، جنهن هلاڪي ڪري ڪورٽ ۾ ويٺي لکيو، تنهن  مون کان منهنجي منڊي گهري ورتي“.

هي ٻڌي پورشيا ظاهري ڏاڍو خفي ٿي، ۽ منڊي ڏيڻ ڪري بسئنيو کي طعنا هنيائين، ۽ چوڻ لڳي ته ”نيريسا اڳي ئي مون کي پڪ ڏني آهي ته اها منڊي هڪڙيءَ زال وٽ آهي !“ بسئنيو پنهنجيءَ زال کي رنج ڪرڻ سبب ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ قسم کڻي چوڻ لڳو ته ”ڪنهن زال وٽ ناهي، مگر هڪڙي وڪيل وٽ آهي، جنهن ٽي هزار ڊڪٽ نه ورتا، ۽ هيءَ منڊي گهريائين، ۽ جڏهن مون نه ڏيڻ جي ڪئي، تڏهن رسي اُٿي هليو. پياري پورشيا منهنجو ڪهڙو وس هو: آءٌ نا احسانمنديءَ جي شرم کان لاچار ٿيس جو اها منڊي ڏنيم. هاڻي ڀلائي ڪري مون کي معاف ڪر ! جيڪڏهن تون پاڻ اُتي حاضر هجين ها، ته جيڪر مون کان منڊي وٺي وڪيل کي ڏين ها“.آئنٽونيو چيو ته ”افسوس، هنن جهيڙن جو سبب آءُ نڀاڳو آهيان !“

پورشيا آئنٽونيو کي چيو ته ”ارمان نه ڪر، انهيءَ هوندي به اسين تنهنجي آئي گهڻو خوش ٿيا آهيون“. تڏهن آئنٽونيو چيو ته ”ڪنهن وقت ته مون پنهنجو جسم به بسئنيو جي پاران ڏنو هو ، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجي مڙس منڊي ڏني، سو جي واهر نه ڪري ها، ته هينئر آءٌ مئو پيو هجان ها: آءٌ  وري به پنهنجي جان تي ذمو ٿو کڻان ته تنهنجو گهر وارو ڪڏهن توسان سچائيءَ جو انجام نه ڀڃندو“. پورشيا چيو ته ”تڏهن تون سندس ضامن ٿو پوين؟ ...هاڻي هي منڊي ڏينس، ۽ سمجهائينس ته هن کي اڳئين کان وڌيڪ سنڀالي !“

جڏهن بسئنيو منڊي ڏٺي، تڏهن سهي ڪيائين ته هيءَ ته اُها ساڳي اڳين آهي ـ ڏاڍي حيرت لڳيس ! تڏهن پورشيا ٻڌايس ته ”آءٌ اهو جوان وڪيل ٿي آئي هيس، ۽ نيريسا منهنجو منشي ٿي هئي !“ بسئنيو کي عجب به لڳو ، ۽ خوش به ٿيو ته اِهو منهنجيءَ زال جي سياڻپ ۽ همت ڪري هو، جو آئنٽونيو جي جان بچي.

پورشيا وري به آئنٽونيو جي آڌرڀاءُ ڪئي، ۽ کيس ڪي خط ڏنائين، جي اتفاق سان هٿ آيا هئس، ۽ جن ۾ آئنٽونيو جي جهازن جو سارو بيان ڏنل هو ته اُهي ٻڏا ڪين هئا، صحيح سلامت بندر تي اچي پهتا هئا.

انهيءَ طرح، هن دولتمند سوداگر جي ڳالهه جو ڏک وارو مهڙ سندس پڇاڙيءَ واري اوچتي ڀاڳ ڪري وسري ويو. اُنهن منڊين جي چرچي واري اتفاق تي، ۽ مڙسن پنهنجن زالون نه سڃاتيون تنهن تي ، ڪيترو وقت پئي کليا، گرئشيانو چرچي مان چوڻ لڳو ته ”جيسين جيئرو هوندس، تيسين ٻيءَ ڪنهن شي کان اهڙو نه ڊڄندس، جهڙو نيريسا جي منڊيءَ جي سنڀالي رکڻ کان !“

ويرونا جا ٻه سکر ماڻهو

 

”ويرونا“ جي شهر ۾ ٻه جوان سکر ماڻهو رهندا هئا، جن جا نالاهئا ـ ”والينٽيئن“ ۽ ”پروٽيوز“. انهن جي وچ ۾ گهڻن ڏينهن کان گهاٽي دوستي هلندي آئي هئي. هو پڙهندا به گڏ هيا، ۽ پنهنجو فرصت جو وقت گڏ گذاريندا هئا، مگر ڪڏهن ڪڏهن پروٽيوز سو پنهنجي منهن هڪڙِي بيبيءَ جي ملاقات تي ويندو هو، جنهن تي هو عاشق هوندو هو، ۽ جنهن جو نالو ”جوليا“ هوندو هو. پروٽيوز جي جوليا سان محبت، ۽ هنن جو ملاقاتون _ رڳو اهي ئي ڳالهيون هيون، جن تي هنن ٻنهن يارن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيندو هو، ڇا لاءِ جو والينٽيئن پاڻ عاشق نه هوندو هو، تنهنڪري سندس دوست جو پنهنجي جوليا بابت گهڻو ڳالهائيندو هو، سو هي ڪڏهن ڪڏهن ڪڪ ٿي پوندو هو، ۽ پروٽيوز تي کلندو هو : عشق جي نسبت ۾ چرچا ۽ ٺٺوليون ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته ”اهڙا اجايا خيال منهنجي مغز ۾ ڪين گهرجن ، مونکي هي پنهنجو ڇوٽ ۽ آرام جو گذر پسند آهي، ۽ عاشق پروٽيوز وارا ڊپ ، اميدون ۽ انتظار نه گهرجن“.

هڪڙي ڏينهن والينٽيئن پروٽيوز وٽ آيو ، چيائين ته ”آءٌ ملن ڏي وڃان ٿو، تنهنڪري پاڻ کي ٿوري وقت تائين جدا ٿيڻو پوندو.“ پروٽيوز کي پنهنجي دوست جي جدائي ڏکي لڳي ، تنهن هن کي گهڻو ئي سمجهايو ته مون کي ڇڏي نه وڃ پر ، والنٽيئن چيس ته ”پيارا پروٽيوز ، مون کي گهڻو نه چوء آءٌ پنهنجي جواني سستن وانگر گهر ويهي ڪين نه گذاريندس. جيڪي جوان گهر ۾ گهڻو رهندا آهن تن کي عقل به اهڙو ستادو ٿيندو آهي. جيڪڏهن تون پنهنجي جوليا جي عشق ۾ ڦاٿل نه هجين ها ته جيڪر آءٌ توکي منٿ ڪريان ها ته مون سان گڏجي هلي ٻاهرينءَ دنيا جا عجائب غرائب ڏس، پر تون ته آهين عاشق جيئڙو، سو ڀلي پيو عشق پچاءِ ... شل تنهنجي عشق ۾ برڪت پوي !“ هنن گهڻي پيار سان هڪٻئي کان موڪلايو. پروٽيوز چيس ته ”مٺا والينٽيئن، هاڻي خدا کي پرتين، جڏهن مسافريءَ ۾ ڪا مزي جهڙي شي ڏسين ته مون کي ياد ڪجئين. ۽ پاڻ سان سـُک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جي دعا ڪجين.“

انهيءَ ڏينهن والينٽيئن اٿي مِلن ڏي هليو. پروٽيوز پنهنجي دوست جي وٽس وڃڻ کان پوءِ ويهي جوليا ڏي خط لکيو، جو هن سندس خدمتگارڻ ”ليوسيٽا“ کي ڏنو ته پنهنجي ڌياڻيءَ کي پهچائي ڏي. جوليا جي دل به پروٽيوز سان اهڙي هوندي هئي ، جهڙي هن جي ساڻس هئي، مگر هيءَ بيبيءَ عاليٰ  دماغ واري هئي، تنهن ڀانيو ٿي ته آسانيءَ سان ريجهڻ ۽ هن سان ٺهڻ مناسب نه آهي. تنهنڪري هن ڪوڙ ڪري هن جي عشق کان بيپرواهي ٿي ڏيکاري، ۽ هن کي سندس ڪوششن ۾ گهڻي بي آرامي ٿي ڏنائين. جڏهن ليوسيٽا جوليا کي خط ڏيڻ جي ڪئي تڏهن هن نه ورتو، ۽ پنهنجي خدمتگارڻ کي ڇڙٻون ڏنائين ته ڇا لاءِ پروٽيوز کان خط ورتائين ۽ حڪم ڪيائينس ته هڪدم جاءِ مان نڪري وڃ ... پر هن کي به انتظار هو نه ڏسان ته خط ۾ ڇا لکيو اٿس، تنهن وري پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي سڏي ورتو. جڏهن هوءَ آئي، تڏهن پڇيائينس ته ”ڪيترا لڳا آهن؟“ ليوسيٽا ته صحيح ڪيو ته بيبيءَ کي خط پڙهڻ جي خواهش آهي ، وقت جي خبر لهڻ جو ضرور ڪونهيس؟ تنهن سوال جي جواب ڏيڻ ڌاران وري اهو خط آڇيس. جوليا جو ڏٺو ته منهنجي نوڪرياڻيءَ ، گستاخي ڪري ، منهنجي دل جي منشا پروڙِي آهي ، سا ڪاوڙ جي ويئي، ۽ خط ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڦٽو ڪيائين، ۽ نوڪرياڻي کي وري به چيائين ته جاءِ مان نڪري وڃ !“ ليوسيٽا ٻاهر ويندي بيهي ڦاٽل خط جا ٽڪرا چونڊڻ لڳي، پر جوليا جي مرضي نه هئي ته اهي ٽڪر هٿان ڇڏي، تنهن ڪوڙ واري ڪاوڙ ۾ چيس ته ”وڃ، نڪري وڃ، اهي ڪاغذ ڀلي اتي پيا هجن، انهن کي هٿ لائي مون کي نه ڪاوڙاءِ ! “

هن جي وئي کان پوءِ ، جوليا اٿي اهي ٽڪر ڳنڍڻ لڳي . پهريائين ٽڪر ملائي هي لفظ لڌائين : ”عشق جوڦٽيل پروٽيوز“ . ڦاٽل ٽڪرن مان محبت جا لفظ سهي ڪري ، هن گهڻو ارمان ظاهر ڪيو، ۽ انهن لفظن سان ڳالهائڻ لڳي ته ”آءٌ اوهان کي پنهنجي ڇاتيءَ جي بستري تي رکنديس، جيسين ڪ جيڪي ڦٽ مون ڦاڙڻ سان اوهان کي ڏنا آهن سي ميٽجي وڃن، ۽ انهيءَ حرڪت جي بدلي آءٌ هڪ هڪ ٽڪر کي چمنديس ...“ انهيءَ طرح هن ٻارن وانگي پنهنجي منهن ڳالهيون پئي ڪيون، ۽ جڏهن ڏٺائين ته آءٌ سڄو خط ڳنڍي پڙهي نٿي سگهان ، تڏهن، اهڙن مٺن ۽ محبت وارن لفظن کي ڦاڙڻ ڪري پنهنجي ناشڪريءَ ۽ بيوفائيءَ تي خفي ٿي، پروٽيوز ڏي اهڙو مهربانيءَ جو خط لکيائين، جو اڳي ڪڏهن نه لکيو هئائين.

پروٽيوز هن سڻائي جواب اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. خط پڙهندي خوشيءَ کان رڙ ڪري چوڻ لڳوته ”ڪهڙي  نه مٺي محبت ، مٺي چٺي ۽ مٺي حياتي !“ انهيءَ خوشيءَ جي وچ ۾ پڻس اچي مٿان پيو. پرئي مڙس چيو ته ”ڪيئن، اهو ڪهڙو خط ٿو پڙهين؟“ پروٽيوز جواب ڏنو ته ”سائين، منهنجي دوست والينٽيئن مِلن مان لکيو آهي“. پڻس چيو ته ”مون کي ته ڏيکار، ڏسان ته ڪهڙي خبر لکي اٿس“. پروٽيوز ڏڪندي چيس ته ”سائين، منجهس ٻي اهڙي خبر ڪانهي، باقي لکي ٿو ته مِلن جو ڊيوڪ مون تي گهڻو مهربان آهي، ۽ ڏهاڙي مون تي ٿورا ڪندو آهي، ۽ مونکي چوي ٿو ته ههڙي سک ۾ جيڪڏهن تون مون سان ڀائيوار هجين ته چڱو.“ پڻس پڇيو ته ”پوءِ انهيءَ بابت تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟“ پروٽيوز چيو ته ”مون کي دوست جي صلاح سان ڪهڙو ڪم، مون کي اوهان جي مرضيءَ تي هلڻو آهي.“

اتفاق ائين ٿيو هو جو پڻس اڳي ئي ڪنهن پنهنجي دوست سان انهيءَ مضمون بابت تازو ذڪر هلائي آيو هو. سندس دوست چيس ٿي ته ”مون کي عجب آهي ته تون پنهنجي پٽ کي جوانيءَ جا ڏينهن گهر ۾ گذارڻ ڏين، ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجا پٽ نوڪرين جي خاطر ٻاهر پيا موڪلين ! ڪي جنگين ۾ وڃيو پنهنجو نصيب آزمائين، ڪي پري پري وڃي ٻيٽ ڳوليو ڪڍن، ۽ ڌارين ملڪن جي مدرسن ۾ وڃيو پڙهن. هن جو سنگتي والينٽيئن به ته مِلن جي ڊيوڪ ڏي ويو آهي. تنهنجو پٽ انهن مان ڪنهن به ڪم ڪرڻ جهڙو آهي. جي جوانيءَ ۾ سفر نه ڏسندو، ته وڏي هوندي سندس واسطي گهڻو نقصان آهي “.

پروٽيوز جي پيءُ کي پنهنجي دوست جي صلاح وڻي ، ۽ جڏهن پروٽيوز چيس ته ” والينٽيئن  چوي ٿو ته ههڙي سک ۾ جيڪڏهن تون مون سان ڀائيوار  هجين ته چڱو“، تڏهن هن هڪدم پنهنجي دل ۾ پڪو ٺهراءُ ڪيو ته پٽ کي مِلن ڏي ڏياري موڪليان. هن جو دستور هو ته پٽ تي حڪم هلائيندو هو ، هن سان حجت نه هلائيندو هو ، تنهن ، اوچتي ارادي جي سبب ڏيڻ کانسواءِ ، هن کي چيو ته ”منهنجي به اها مرضي آهي جيڪا والينٽيئن  جي آهي!“ جڏهن ڏٺائين ته پٽس گهٻرائجي ويو آهي، تڏهن وري چوڻ لڳو ته ”مون جو اوچتو ٺهراءُ ڪيو آهي ته ڪي ڏينهن وڃي ملن جي درٻار ۾ گذار ، تنهن تي توکي حيرت ڇو لڳي آهي ؟ جيڪا منهنجي مرضي آهي ، سا بس آهي ـ توکي انهيءَ تي هلڻ گهرجي. سڀاڻي سنڀري روانو ٿي. ٻيو عذر بهانو ڪونه ڪجئين، منهنجو حڪم ڦرڻ جو ناهي.“ پروٽيوز ڄاتو ته پيءُ سان مهاڏو اٽڪائڻ اجايو آهي، جو پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف هلڻ نه ڏيندو آهي، ۽ پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ لڳو ته ناحق جوليا جي خط بابت پيءُ سان ڪوڙ ڳالهايم، جنهن ڪري هينئر کائنس جدا ٿيڻ لاچار ٿيم.

جڏهن جوليا ڏٺو ته هاڻي مون کي پروٽيوز کان گهڻن ڏينهن تائين جدا رهڻو ٿيو، تڏهن وڌيڪ بيپرواهيءَ جو  ڍونگ ڪونه ڪيائين. هو محبت جي ٻولين سان ڏک منجهان هڪ ٻئي کان موڪلائڻ لڳا. هنن هڪ ٻئي جو منڊيون بدلائي ورتيون ، ۽ انجام ڪيائون ته اهي هڪ ٻئي جي نشاني ڪري هميشه تائين پاڻ وٽ رکنداسين . انهيءَ طرح موڪلائي، پروٽيوز ملن ڏي روانو ٿيو، جتي سندس دوست والينٽيئن رهندو هو.

جيئن پروٽيوز ڪوڙ ڪري پيءُ کي ڪوڙ ڪري چيو هو، تيئن سچ هو ته والينٽيئن ملن جي ڊيوڪ وٽ برک هو. وري هن جي ٻي حالت ٿي هئي، جنهن جو پروٽيوز کي خيال ئي ڪونه هو، ڇا لاءِ جو جنهن آزاديءَ جو والينٽيئن اڳي فخر ڪندو هو، سا ڇڏي ڏني هئائين، ۽ پروٽيوز وانگي ڇتو عاشق ٿي پيو هو. جنهن بيبيءَ والينٽيئن جي دل ۾ رولو وڌو هو سا ”سلويا“ ملن جي ڊيوڪ جي ڌيءَ هئي، جنهن جي پڻ دل هن سان هوندي هئي، پر هو پنهنجي محبت ڊيوڪ کان لڪائيندا هئا، ڇا لاءِ جو جيتوڻيڪ هو والينٽيئن تي گهڻو مهربان هوندو هو ۽ هر روز هن کي پنهنجي محلات ۾ گهرائيندو هو، تڏهن به هن جي مرضي هئي ته پنهنجي ڌيءِ هڪڙي جوان امير ”ٿيوريو“ کي پرڻائي ڏي، سلويا جي هن ٿيوريو سان نه پوندي هئي، ڇا لاءِ جو هن ۾ والينٽيئن واريون لياقتون ڪين هيون.

هڪڙي ڏينهن ٿيوريو ۽ والينٽيئن ٻئي سلويا جي ملاقات تي آيا هئا، ۽ جيڪي ٿيوريو پئي ڳالهايو تنهن تي والينٽيئن مسخري ڪري سلويا کي پئي کلايو ، ته اوچتو ڊيوڪ پاڻ جاءِ ۾ گهڙي آيو ۽ والينٽيئن کي سندس دوست پروٽيوز جي اچڻ جي خوش خبري ڏنائين. والينٽيئن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڊيوڪ وٽ پروٽيوز جي تعريف ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين جيتوڻيڪ مون پنهنجي وقت گهمڻ ڦرڻ ۾ پئي وڃايو آهي، تڏهن به منهنجي دوست پنهنجا ڏينهن سجايا ڪم آندا آهن، ۽ سکرن ۽ خانداني ماڻهن لاءِ جيڪي گڻ ضروري آهن سي سڀ هن ۾ موجود آهن.“ ڊيوڪ چيو ته ”تڏهن هن کي سندس لياقت موجب آڌر ڀاءُ ڪجو. سلويا ۽ ٿيوريو آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان، والينٽيئن  کي ته منهنجي چوڻ جو ضرور ڪونهي.“ اتي پروٽيوز به گهڙي آيو ۽ والينٽيئن هن جي معرفت سلويا سان ڪرائي ۽ چيائين ته ”مهربان بيبي، هن کي به مون وانگي نوڪر ڪري ڄاڻج“

جڏهن والينٽيئن ۽ پروٽيوز ملاقات ڪري موٽيا، ۽ ٻئي گوشائتا ٿيا، تڏهن والينٽيئن چيس ته ”ادا، هاڻي ڳوٺ جي خبر ٻڌاءِ ته ڪهڙِي حال ۾ آهي؟ تو واري بيبيءَ ڪيئن آهي، ۽ اوهان جو عشق ڪيئن پيو هلي؟“ پروٽيوز جواب ڏنو ته ”منهنجون عشق جو ڳالهيون تو کي ڪڪ ڪري ڇڏينديون هيون، سو مون کي خبر آهي منهنجي عشق جي گفتگو تو کي هاڻي به ڪين وڻندي.“ والينٽيئن چيو ته ”هائو، پروٽيوز ، پر اهي ڏينهن گذري ويا. عشق کي ڌڪارڻ کان مون توبه ڪئي آهي. آءٌ عشق تي کلون ڪندو هوس، انهيءَ جي بدلي ۾ عشق منهنجين اکين مان ننڊ ئي هڪالي ڪڍي ڇڏي آهي.“ او پيار پروٽيوز، عشق عالي جناب ۽ زبردست آهي. مون کي اهڙو ذليل ڪري وڌو اٿس، جو آءٌ قبول ٿو ڪريان ته هن جي سزا جهڙو دنيا ۾ ٻيو ڏک ڪونهي ۽ هن جي تابعداري ڪرڻ جهڙو ٻيو سک ڪونهي. مون کي هاڻي عشق کان سواءِ ٻي گفتگو ئي ڪانه وڻندي آهي. هاڻي منهنجو کاڌو پيتو ، اٿڻ ويهڻ ـ سڀ عشق جي نالي تي آهي !“

والينٽيئن جي طبيعت ۾ عشق جيڪا ڦير گهير وڌي هئي ، تنهن جي قبول داري ٻڌي پروٽيوز ڏاڍو خوش ٿيو. پر پروٽيوز جي دوستي ته پوري ٿي وئي، ڇا لاءِ جو جنهن زبردست عشق جو هنن ذڪر پئي ڪيو، تنهن پروٽيوز جي دل ۾ آڻي گڙٻڙ وڌي هئي. اهو ساڳيو ماڻهو جو هيسيتائين سچي محبت ۽ پڪي دوستي جو چڱو نمونو هو، سو سلويا سان ههڙي ٿورڙي ملاقات جي عرصي ۾ ڪوڙو دوست ۽ بيوفا عاشق ٿي پيو، ڇا لاءِ جو سليوياکي ڏسڻ شرط جوليا سان جيڪا هن جي محبت هئي، سا ويندي رهي، نڪي والينٽيئن سان جا هيترن ڏينهن جي دوستي هيس ، تنهن جو ننگ پيس، پاڻ هن جي جاءِ والارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ جوليا کان منهن ڦيرائڻ ۽ والينٽيئن جو دشمن ٿيڻ پهريندي هن کي البت ڏکيو لڳو ـ ڇا لاءِ جو چڱي سڀاءُ وارا ماڻهو هميشه جڏهن خرابي جي پٺيان پوندا آهن، تڏهن پهريائين ڳڻتيون کائيندا آهن ـ تڏهن به هن نيٺ پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري ڇڏي ڏني ۽ بيحيا ٿي نئين عشق تي ڪمر ٻڌائين.

والينٽيئن ته هن کي سڄڻ ڄاڻي پنهنجو سڄو حال ٻڌايس ، ۽ چيائينس ته ”اسين ڊيوڪ کان اها ڳالهه لڪائيندا آياآهيون، ۽ ٻيو ته ڊيوڪ جي راضي ٿي موڪل ڏيڻ جي مون کي اميد ڪونهي، تنهنڪري مون ۽ سلويا پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي ته اڄ هوءَ پنهنجي پيءُ جي محلات مان نڪري مون سان مانٽيوئا ڏي هليندي.“ پو وري هن کي رسن جي هڪڙي ڏاڪڻ ڏيکاريائين، جنهن جي وسيلي هن جي رٿ هئي ته سج لٿي، اونداهي کان پوءِ سلويا کي محلات جي هڪڙي دريءَ مان لاهي وٺي وڃي .

پنهنجي سچي دوست جي ڳجهي احوال کان ٻڌڻ ڪري ، پروٽيوز جي دل ۾ آيو ته آءٌ ڊيوڪ وٽ وڃي اها ڳالهه ظاهرڪريان. هن ڪوڙِي دوست ڏاڍي تجويز ڪري ڊيوڪ سان اها ڳالهه چوري . چوڻ لڳو ته ”دوستي جي حقن موجب ته جيڪي آءٌ ظاهر ڪريان ٿو سو لڪائڻ گهرجي، پر حضور جي جيڪا مهرباني مون تي آهي، ۽ جيڪا نمڪحلالي مون تي لازم آهي ، تنهنجي ڪري مون کي لاچار اُها ڪرڻي ٿي پوي، جا جيڪر ڪنهن به دنيائي فائدي جي لالچ تي نه ڪريان.“ پوءِ ٻڌايائينس ته ڪهڙِي طرح والينٽيئن جي دوستي سلويا سان آهي، ۽ هنن اڄ رات ڀڄي وڃڻ جي رٿ ڪئي آهي، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ هڪڙي رسن جي ڏاڪڻ ٺاهي اٿن،  جا والينٽيئن پنهنجي چوغي جي اندر لڪائي ٺهرايل وقت تي محلات جي دريءَ وٽ کڻي ايندو.

پروٽيوز جي پنهنجي دوست جي ڳجهي رٿ خراب ڄاڻي لڪائڻ جي بدران پاڻ ظاهر ڪئي، تنهن جي ڪري ڊيوڪ ڄاتو ته هن جهڙو سچو ۽ ايماندار ماڻهو ڪو ٿورو هوندو، تنهن هن کي گهڻي آفرين ڪئي ، ۽ پڪ ڏنائييس ته آءٌ والينٽيئن کي ڪين ٻڌائيندس ته مون کي اها خبر ڪٿان پئي، آءٌ اهڙي تجويز ڪندس ، جنهن ڪري هو پنهنجو ڳجهه پاڻهي ظاهر ڪندو.

انهيءَ ڪم لاءِ ڊيوڪ سانجهين جي وقت والينٽيئن جي اچڻ واسطي منتظر ٿي رهيو. سگهوئي ڏسڻ ۾ آيس ته والينٽيئن تڪڙو تڪڙو محلات ڏي ٿو وڃي، ۽ سهي ڪيائين ته چوغي جي اندر ڪا شيءِ به ويڙهيل اٿس، ۽ سمجهيائين ته اها رسن جي ڏاڪڻ هوندي. اتي ڊيوڪ بيهاريس ۽ پڇيائينس ته ” والينٽيئن، ڪيڏانهن اهڙو تڪڙو ٿو وڃين؟“ والينٽيئن چيو ته ”سائين، ڪو قاصد ترسيو ويٺو آهي ، تنهن کي پنهنجي دوستن ڏي خط ڏيڻا اٿن.“ والينٽيئن جو هي ڪوڙ به ايترو بيٺو، جيترو پروٽيوز وارو جيڪو هن پنهنجي پيءُ کي چيو هو. ڊيوڪ پڇيس ته ”اهي خط اهڙا ضروري آهن ڪيئن؟“ والينٽيئن چيو ته ”نه قبلا رڳو پيءُ ڏي لکيو اٿم ته آءٌ حضور جي خدمت ۾ سکيو پيو گذاريان.“ ڊيوڪ چيو ته ”تڏهن حرڪت ڪانهي ، ذري تائين بيهي مون سان ڳالهاءِ. مونکي ڪا تو سان پنهنجي جند بابت صلاح ڪرڻي آهي.“ پوءِ اٽڪل ڪري والينٽيئن جي ڳجهه ڪڍڻ لاءِ هن کي هڪڙي ڳالهه ٻڌايائين ته ”توکي خبر آهي ته مون کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ٿيوريا سان ڪرڻي آهي، پر هوءَ اهڙي هٺيلي ۽ نافرمان ٿي بيٺي آهي جو، نڪي سمجهي ٿي ته پاڻ منهنجي ڌيءَ آهي، نڪي ڊڄي ٿي ته آءٌ سندس پيءُ آهيان. متان خفي ٿيان، انهيءَ ڪري کانئس منهنجي محبت مٽجي وئي آهي . مون کي اميد هئي ته پيريءَ ۾ اولاد ٿي پنهنجي تابعداري سان مون کي خوش رکندي. پر هاڻي مون ارادو ڪيو آهي ته آءٌ پرڻجي پوان ، ۽ هن کي هڪالي ڪڍان ـ جنهن کي وڻي ، سو وٺي وڃيس. هن کي پنهنجو حسن ڏاج ۾ بس آهي، منهنجي ۽ منهجي مال متاع جي هوءَ لائق ناهي .“

والينٽيئن، جنهن پئي فڪر ڪيو، ته هيءُ قصو الائجي ڪٿي بيهندو، تنهن ورندي ڏني ته ”سائين، انهيءَ ڪم ۾ مون کي ڇا ڪرڻ جو حڪم آهي؟“ ڊيوڪ چيو ته ”ڇو، جنهن بيبيءَ سان مون کي شادي ڪرڻ جو ارادو آهي، سا تمام لڄاڙو ۽ نازڪ طبع آهي، ۽ مون ٻڍي جو ٻوليون هن کي  خوش نٿيون لڳن، تنهن کان سواءِ ، منهنجي جوانيءَ  کان پوءِ محبت ڏيکارڻ جو طرز ئي ٻيو ٿيو آهي، تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته تون مون کي سيکارين ته ڪيئن بيبيءَ کي ريجهائي پنهنجو ڪريان.“ والينٽيئن هن کي جيڪي عام دستور جوان ماڻهو پنهنجن محبوبن کي ريجهائڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن، تن جو مختصر بيان ڪري ٻڌايو ـ جهڙيءَ طرح  سوکڙيون موڪلڻ ، جلد جلد ملاقات تي وڃڻ، وغيرهه. ڊيوڪ ورندي ڏني ته ”اها بيبي سوکڙيون به موٽائي ٿي موڪلي، نٿي وٺي، ۽ وري مٿس پڻس جي اهڙي سخت نظر آهي، جو ڏينهن جو ته ڪو به ماڻهو وٽس وڃِي نٿو سگهي“.والينٽيئن چيو ته ”تڏهن اوهين رات جو وٽس وڃو“. اٽڪل وارو ڊيوڪ هاڻ اچي پنهنجي مطلب کي ويجهو پيو هو، تنهن چيس ته ”رات جو ته سندس دروازن کي ڪلف اچيو وڃن، ڪنهن جي لنگهڻ جي جاءِ ڪانهي.“

انهيءَ تي والينٽيئن کي نڀاڳ ٿو کڻي، سو ٿو چويس ته سائين، اوهين رات جو رسن جي ڏاڪڻ سان انهيءَ بيبيءَ  جي جاءِ ۾ لنگهي وڃو، ۽ جي اوهان جي مرضي هوندي ته اهڙي هڪڙي ڏاڪڻ اوهان کي هٿ ڪري ڏيندس، سا ههڙي وڏي چوغي جي اندر لڪائي پاڻ سان کڻي وڃجو !“ ڊيوڪ جو ته هن ڊگهيءَ گفتگو مان مطلب ئي اهو هو ته هن جو چوغو لهرايان، تنهن چيس ته ”ڀلا اهو چوغو ته مون کي ڏيئي ڇڏ. ايئن به چئي، هن والينٽيئن جي چوغي ۾ هٿ وڌا. اڃا کڻي اٿلايس، ته نه رڳو رسن جي ڏاڪڻ نڪري پيئي، پر سلويا جي هٿن جو لکيل هڪڙو خط به لڀي پيو، جو هن هڪدم کولي پڙهيو. انهيءَ ۾ هنن جي ڀڄي وڃڻ جي منصوبي جو سمورو احوال لکيل هو. ڊيوڪ پهريائين ته والينٽيئن کي طعنا هنيا ته ”مون توسان هيتريون ڀلايون ڪيون تنهن جو بدلو اهو آهي، جو تون منهنجي ڌيءَ ڀڄائڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين“، پوءِ هن کي هميشه لاءِ پنهنجيءَ دربار مان ، توڙي ملن جي شهر مان، لوڌي ڪڍيائين. والينٽيئن  کي لاچار ٿيو، جو انهيءَ رات سلويا کي ڏسڻ ڌاران نڪري هليو ويو.“

هيڏي پروٽيوز مِلن ۾ والينٽيئن کي پئي هي خرابيون پهچايون، هوڏي جوليا ويرونا م پروٽيز جي جدائيءَ ۾ پئي ارمان ڪيو. نيٺ محبت اهڙو بي آرام ڪيس جو هن، ٻيون سڀ ڳالهيون وساري، ارادو ڪيو، ته ويرونا ڇڏي مِلن ۾ پنهنجي عاشق سان ملان. رستي جي خوف کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن پاڻ به مردانو ويس ڍڪيو، ۽ پنهنجي  نوڪرياڻيءَ ليوسيٽاکي به ڍڪايائين. انهيءَ بدليل ويس ۾، هو نڪري اُٿي هليون. والينٽيئن پروٽيوز جي حرڪت سان ملن شهر مان تڙجي نڪتو، تنهن کان پوءِ سگهوئي هي اُنهيءَ شهر ۾ وڃي پهتيون.

جوليا ٻپهرن ڌاري مِلن ۾ آئي، ۽ هڪڙي مسافرخاني ۾ لهي پيئي. هن کي رڳو پنهنجي پياري پروٽيوز جو فڪر هو، تنهنڪري مهماندار سان ڳالهائڻ لڳي، ته من منجهانئس پروٽيوز جي ڪا خبر پوي. اهو مهماندار ههڙي سهڻي جوان جي گستاخي چوٽ گفتگو ڏسي خوش ٿيو، ۽ ڀانيائين ته هي ڪو وڏي نسل وارو ماڻهو ٿو ڏسجي، پاڻ به چڱي سڀاءَ جو ماڻهو هو، تنهنڪري هن کي البت غمزدو ڏسي ڏکارو ٿيو، ۽ پنهنجي جوان مهمان جي دل وندرائڻ لاءِ هن کي چيائين ته ”اڄ رات هڪڙو ماڻهو پنهنجي محبوب کي خوش ڪرڻ جي لاءِ چڱو راڳ ڳائيندو وڄائيندو، سو هلي ڏس“.

جوليا جو اهڙي غمگين ۽ اُداسڻ ٿي ڏٺي، سو هن ڪري جو خبر نه هيس ته پروٽيوز منهنجي هن بيحيائيءَ جي هلت ڪري الائجي ڇا سمجنهندو، ڇا لاءِ جو ڄاتائين ٿي ته هو منهنجي عالي دماغ ۽ اشرافت تي عاشق هو، ۽ هاڻ متان منهنجو قدر گهٽجي وڃي . انهيءَ ڳڻتيءَ ڪري، هوءَ موڳي ۽ اُداسڻ پئي نظر آئي.

هن خوشيءَ سان مهماندار جي ڳالهه مڃي، ۽ راڳ ٻڌڻ لاءِ سنبري. دل ۾ اها آس هيس ته گهمڻ ڦرڻ سان پروٽيوز کي ڏسي به وٺان. پر جڏهن مهماندار هن کي هڪڙي محلات وٽ وٺي آيو، تڏهن هن جي دل تي وچوءن ٻيو اثر پيدا ٿيو، ...ڇالاءِ جو هيءَ ڏسي ته بيوفا پروٽيوز بيبي سلويا کي بيٺو باجو وڄائي ريجهائي، ۽ سندس تعريف ۽ پنهنجي عشق جا راڳ ڳائي ! هي رنگ ڏسي ، جوليا جو اندر سڙي ويو. جوليا ٻڌو ته سلويا دريءَ مان طعنو هڻي پروٽيوز کي ٿي چيو ته ”تو پنهنجي محبتڻ بيبيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي دوست والينٽيئن  سان دغا ڪئي آهي !“ ايئن چئي، سلويا دريءَ کان اندر گهڙي ويئي ، ۽ هن جو راڳ نه ٻڌائين، ڇا لاءِ جو هو پنهنجي لوڌيل عاشق والينٽيئن ڏي سچي هئي، ۽ سندس ڪوڙي دوست پروٽيوز کي سندس دغابازيءَ ڪري ڏاڍي نفرت ڪندي هئي.

جيتوڻيڪ مٿيون حل ڏسي جوليا گهڻو نااُميد ٿي، مگر اڃا به سندس دل هن بيوفا پروٽيوز کان نه مٽي هئي. هن کي ٻڌڻ ۾ آيو ته هن تازو ڪنهن نوڪر کي ڪڍي ڇڏيو آهي، تڏهن، پنهنجي خيرخواهه مهماندار جي واهر سان، تجويز ڪيائين ته پاڻ وڃي پروٽيوز  وٽ نوڪر ٿي بيهي. پروٽيوز کي ته خبر نه هئي ته هيءَ ڪا جوليا آهي ، تنهن هن کي سوکڙيون ۽ چٺيون ڏيئي سندس پهاڄ سلويا ڏي موڪليو، بلڪ جيڪا منڊي ويرونا ۾ هلڻ مهل جوليا نشاني ڪري ڏني هيس، سا بھ سندس هٿان هن ڏي ڏياري موڪليائين .

جڏهن هوءَ منڊي کڻي سلويا وٽ ويئي ، تڏهن هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ، جو سلويا پروٽيوز جي ڳالهه اصل نھ مڃي ، ۽ سوکڙيون موٽائي ڏنائين ؛ ۽ جو ليا يا ”سيباسشين‘‘ (جو نالو هن هاڻ ورتو هو) سلويا سان پروٽيز جي پهرين آشنا جوليا ، جنهن کي ڇڏي آيو هو ، تنهن بابت ذڪر هلايو .پاڻ پنهنجي تعريف ڪرڻ لڳي ، ۽ چوڻ لڳي تھ ” آءٌ جوليا جو واقف آهيان ؛ هو منهنجي ڌڻيءَ پروٽيوز تي حيران آهي ؛ هاڻي جو هن جي بيوفائيءَ جي خبر ٻڌندي ، تھ ڏاڍو غمگين ٿيندي.“  ۽ چوڻ لڳي تھ ”جوليا جو قد توڙي رنگ ، اکيون توڙي وار ، ساڳيا مون جهڙا آهن.“ حقيقت ڪري بھ جوليا ڇوڪر جي ڪپڙن ۾ ڏاڍو سهڻو جوان ڏسڻ ۾ ٿي آئي. هي ڳالهيون ٻڌي، سلويا کي انهيءَ غريب زال تي ڏاڍو رحم آيو، جنهن کي سندس عاشق بيوفائي ڪري ڇڏي آيو هو. جڏهن جوليا پروٽيوز جي ڏنل منڊي آڇي، تڏهن سلويا اُها نھ ورتي، ۽ چوڻ لڳي تھ ”هن کي تھ پاڻ کان وڌيڪ شرم اچڻ گهرجي جو مون ڏي اها منڊي موڪلي ٿو؛ آءٌ ڪين وٺنديس، ڇا لاءِ جو مون ڪيترا ڀيرا چيو اٿس تھ اها مون کي جوليا ڏني آهي. ڇوڪرا، تون جو هن ويچاريءَ غريب زال لاءِ ارمان ٿو ڪرين، تنهنڪري مون کي گهڻو وڻين ٿو. هان ، هي پيسا وٺ؛ هي تو کي جوليا جي لاءِ ٿي ڏيان“. هي مهربانيءَ جا لفظ پنهنجيءَ پهاڄ جي واتان ٻڌي، هن ويس بدليل بيبيءَ جي دل کي گهڻو آرام آيو .

هاڻ وري شهر نيڪالي ڏنل والنٽين جي ڳالهه ڪنداسين ، جنهن کي سمجهيو ئي ڪين ٿي تھ ڪهڙي پاسي وڃان ؛ نڪي اهڙن بڇرن حالن ۾ ، عزت آبرو وڃائي ، ڳوٺ پيءُ  ڏي موٽڻ دل ٿي چيس. هو ملن کي ويجهو هڪڙي سڃي ٻيلي ۾ پئي گهميو ، تھ اچي چورن ورايس ، ۽ سندس مال گهريائون . والنٽين هنن کي چيو تھ ”ٻيلي ، آءٌ ڪمبخت ماڻهو آهيان ، ۽ مون کي ديس نڪالي ملي آهي ؛ مون کي ٻيو پيسو ڪونهي ، رڳو اهي ڪپڙا بت تي اٿم.“ چورن هن جو ڏک ڀريو احوال ٻڌي ۽ هن جو اميري مهانڊو ۽ شرافت جو ڊول ڏسي، هن کي چيو تھ ”جيڪڏهن تون اسان سان رهندين ۽ اسان جو سردار ٿيندين، تھ اسين سڀ تنهنجا فرمانبردار رهنداسين؛ پر جي ناڪار ڪندين ، تھ اسين تو کي ماري ڦٽو ڪنداسين .“ والنٽين تھ پنهنجو سر سهسايو ويٺو هو ، تنهن چين تھ ”آءٌ  اوهان سان گڏ رهڻ  ۽ اوهان جو سرڪو دو ٿيڻ قبول ڪريان ٿو ، بشرطيڪ اوهين زالن ۽ غريب مسافرن کي نقصان نھ پهچائيندوء .“ انهيءَ طرح والنٽين اچي چورن ۽ ڌاڙيلن جو سردار ٿيو .

سلويا کي جو پڻس زور ڪري سندس مرضيءَ جي بر خلاف ٿيو ريو سان پرڻايو، تنهن نيٺ دل ۾ اهو پڪ ٺهراءُ ڪيو تھ والنٽين جي پٺيان مانٽيوئا ڏي وڃان . جتي ٻڌو هئائين تھ سندس عاشق وڃي پناهه ورتي آهي . پر اها خنر هن کي پوري نھ ملي هئي، ڇا لاءِ جو هو اڃا بھ ٻيلي منجهه چورن جي جماعت سان گذاريندو هو. هو اگرچ هنن جو سردار سڏبو هو، مگر ڦر مار ۾ هٿ نھ وجهندو هو، پاڻ هنن تي حڪم هلائيندو هو تھ ڦريل مسافرن تي رحم ڪن. سلويا، تجويز ڪري ، رستي جي بچاءُ لاءِ هڪڙي اشراف پير مرد ”ايگلامور“ نالي کي ساڻ ڪري، پيءُ جي محلات مان نڪري اٿي هلي .هنن جو رستو انهيءَ ٻيلي مان هو، جتي والنٽيئن ۽ چورن جي جماعت رهندي هئي. چورن مان هڪڙي سلويا کي جهلي وڌو ، ايگلامور کي بھ وٺن ها، پر هو ڀڄِي ويو.

جنهن چور سلويا کي پڪوڙيا هو ، سو هن کي خوف ۾ بيحال ڏسي دلاسو ڏيڻ لڳو تھ ” آءٌ تو کي رڳو هڪڙي غار ۾ وٺي ٿو هلان، جتي اسان جو سردار رهندو آهي ؛ تون بلڪل ڊڄ نھ ، ڇالاءِ جو اهو ڏاڍو اشراف ۽ رحمدل ماڻهو آهي، ۽ زالن تي گهڻو قياس ڪندو آهي .“ سلويا ڄاتو تھ مون کي قيدڻ ڪري چورن  جي سردار ڏي ٿو نئي ، انهيءَ ڪري ڪا دلجاءِ نھ آيس ، ۽ اندر مان آه ڪڍي چيائين تھ ”او والنٽين، هي سڀ تنهنجي خاطر آءٌ سهان ٿي !“ پر اڃا هن کي چور غار ڏي ٿو وٺيو ٿي ويو، تھ هن کي پروٽيز رستي ۾ بيهاريو. هن پروٽيوز جوليا کي ، جا نوڪر جي ويس ۾ هئي ، ساڻ ڪري، سلويا جي ڀڄڻ جو ٻڌي، سندس پيرن جي پٺيان ٻيلي ۾ آيو هو . هن سلويا کي چور کان ڇڏايو ؛ پر اڃا هن سندس شڪر گذاري مس ڪئي هئي، تھ وري هن سان پنهنجي عشق  ۽ محبت جو ٻوليون ڪري هن کي سرنو عذاب ڏيڻ لڳو .اڃا اُتي بيٺي پروٽيوز سلويا کي ساڻس شادي  ڪرڻ لاءِ زور ڪيو ۽ جوليا نوڪر ٿي پاسي کان بيٺي هئي ۽ پئي انتظار ڪڍيائين تھ شل هيتري احسان کان پوءِ سلو يا هن سان رازي نھ ٿي وڃي ، تھ اوچتو ٽيئي  ڄڻا والنٽيئن کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا . هن کي خبر پيئي هئي تھ چورن ڪا زال پڪڙي آهي ، سو انهن کي ڇڏائڻ ۽ دلجاءِ ڏيڻ آيو هو .

پروٽيوز، جنهن سلوياکي ويٺي مٺين ڳالهين سان ريجهايو، سو پنهنجي دوست کي ڏسي گهڻو ڦڪو ٿيو، ۽ هڪدم پشيمان ٿي سچي پچي پڇتائڻ لڳو، ۽ والنٽيئن جي اڳيان پنهنجي ناشائستي هلت جو قبولدار ٿيو. والنٽيئن تھ اشراف ۽ چڱي سڀاءُ وارو ماڻهو هو ، تنهن نھ رڳو ان کي معافي ڏني ۽ وري پنهنجو دوست ڪري سمجهيائينس ، پر وڏيءَ دل سان هن کي چوڻ لڳو تھ ” آءٌ توکي دليوءن بجانيوءن معاف ڪريان ٿو ، ۽ سلويا ۾ جيڪا طمع رکندو هوس سا سڀ تنهنجي خاطر ڇڏي ڏيان ٿو .“ جوليا ، جا پنهنجي ڌڻيءَ جي ڀر ۾ نوڪر وانگي بيٺي هئي ،  ۽ جنهن کي هيءَ عجيب آڇ ٻڌي دل ۾ خوف جاڳيو تھ پروٽيوز هاڻ سلويا کي ڪڏهن نھ ڇڏيندو، سا بيهوش ٿي ڪري پيئي .سڀني هن کي اٿارڻ ۽ هوشيار ڪرڻ ۾ لڳي ويا ، نھ تھ سلويا بھ هن طرح پروٽيوز جي حوالي ۾ اچڻ کان گهڻو خفي ٿئي ها. جيتوڻيڪ هن کي پڪ هئي تھ والنٽيئن جا ڪشاده دلي دوستيءَ جي ڪري ڏيکاري ٿي ، سا گهڻي تائين نھ هلي ها . جڏهن جوليا هوش ۾ آئي تڏهن چوڻ لڳي تھ ” مون کي وسري ويو هو، منهنجي رئيس مون کي هيءَ منڊي سلويا کي پهچائڻ لاءَ ڏني هئي “ . پروٽيوز منڊي ڏسي سهي ڪيو تھ هيءَ اها آهي جا مون جوليا کي ڏني هئي ، سندس منڊيءَ جي بدلي ۾ جا هن نوڪر جي هٿان سلويا ڏي موڪلي هيم. هو حيران ٿي چوڻ لڳو تھ ” سو ڪينء ؟ هيءَ تھ جوليا جي منڊي آهي ! ڇوڪرا ، توکي هيءَ ڪيئن هٿ آئي ؟ “ جوليا ورندي ڏني ” مون کي جوليا پاڻ هٿن سان ڏني ، ۽ جوليا پاڻ اها هتي کڻي آئي آهي“.

پروٽيوز جان چتائي منجهيس نهاري، تھ ڏسي تھ برابر هي         ”سيباسشين“ نوڪر نھ آهي، پر ساڳي بيبي ”جوليا“ آهي! هن جي هيتري وفاداري ۽ سچائي جا ڏٺائين، سا اهڙو دل ۾ چڀي ويئس جو سندس محبت وري نئين سئين هن جي دل ۾ پيدا ٿي. ۽ هن وري پنهنجي اصلوڪيءَ پياري بيبيءَ کي ورتو ، ۽ سلويا جي پچر ڦٽي ڪيائين، جنهن جو سچو ۽ حقي دعويدار والنٽيئن هو .  

پروٽيوز ۽ والنٽيئن پاڻ ۾ پرتا ۽ هنن کي پنهنجو دل گهريون بيبيون مليون . انهيءَ تي خوشيون پئي ڪيائون، تھ ڏسن تھ پري کان ملن جو ڊيوڪ ۽ ٿيو ريو پيا اچن، جي سلويا جي ڳولا ۾ اتي اچي نڪتا هئا .پهرين ٿيوريو نزديڪ آيو، ۽ سلويا کي وٺڻ جي ڪيائين، ۽ چوڻ لڳو تھ ”سلويا منهنجي آهي!“ تنهن تي والنٽيئن چڙ مان چيس تھ ” ٿيوريو، پري هٽي بيهه، جي وري چوندينءَ  سلويا منهنجي آهي ، تھ پنهنجي جان گنوائيندين ! اجها، هيءَ بيٺي آهي، هٿ لائي ڏسينس ... تو کي طاقت ناهي جو منهنجي معشوق کي ويجهو اچين!“ هيءُ دڙڪو ٻڌي نامرد ٿيوريو هٽي ويو، ۽ چوڻ لڳو تھ ” مون کي هن جي درڪار   ناهي، جي ڇوڪريءَ جي دل ڪانهي، تنهن جي لاءَ ڪو بيعقل وڙهندو !“

ڊيوڪ، جو پاڻ تمام بهادر مڙس هو، تنهن اتي ڏاڍي ڪاوڙ ۾ چيو تھ ”تو انهيءَ ٻانهن هٿ آڻڻ لاءِ جيڪي اُپاءَ ڪيا آهن، ۽ جن ڪين جهڙين ڳالهين ڪري هن جي دعوى ڇڏي ٿو ڏين، سي ڏيکارين ٿا تھ تون تمام خسيس ۽ نيچ ماڻهو آهين!“ پوءِ  والنٽيئن ڏي منهن ڪري چوڻ لڳو تھ ”والنٽيئن، تنهنجي همت ۽ مردانگيءَ تي آفرين آهي، تون ڪنهن شهزاديءَ جي محبت جو لائق آهين: آءٌ توکي سلويا جي ٻانهن ڏيان ٿو، جو تو پاڻ کي هر طرح هن جي لائق ثابت ڪيو آهي . “ والنٽيئن گهڻي نياز سان ڊيوڪ جي هٿ کي چمي ڏني، ۽ مناسب شڪر گذاري ڪري سندس ڌيءَ قبول ڪيائين . اهو خوشيءَ جي وجهه ڏسي ، والنٽيئن ڊيوڪ کي منٿ ڪرڻ لڳو تھ ” جن چورن سان آءٌ ٻيلي ۾ گڏ پئي رهيو آهيان ، تن کي معافي ملي ، پڪ آهي تھ جڏهن هي شهري ماڻهن سان اٿندا ويهندا ، تڏهن سڌري ويندا ۽ منجهائن گهڻائي چڱي نوڪري جا لائق ٿيندا.“ حقيقت ڪري انهن چورن مان گهڻا تھ والنٽيئن وانگي ديس نيڪال ٿيل هئا، جن کي اها سزا ڪنهن ڏوهه ڪرڻ جي لاءِ نھ ملي  هئي ، پر حڪومت جي برخلاف ڪمن ڪرڻ ڪري ملي هئي. والنٽيئن جو اهو عرض ڊيوڪ انهيءَ دم قبول ڪيو . هاڻي ٻي سڀ ڳالهه ٺهي ويئي ، باقي ڪوڙي دوست پروٽيوز کي ڦڪي ڪرڻ لاءِ رٿ ڪيائون تھ جيڪي بيوفائيءَ ۽ بي ايمانيءَ جا ڪم ڪيا اٿس ، تن جو سمورو بيان پنهنجي ڪنن سان ٻڌي . اها شرمندگي ۽ پشياني هن جي لاءِ ڪافي سزا ڄاتي ويئي . ائين ڪري ، پوءِ هي چارئي عاشق ملن ڏي موٽيا ، ۽ هن جون شاديون ڏاڍي تجمل ۽ شان سان ڊيوڪ جي سامهون ٿيون .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org