سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:10 

پهريندي ته ”ليئر“ کي اعتبار ئي نٿي آيو ته جيڪي ڏسان ٿو يا ٻڌان ٿو سو سچ آهي ، يا اها جيڪا شوخيءَ سان ڳالهائي ٿي سا منهنجي ڌيءَ آهي . هو وسهي نٿي سگهيو ته جنهن کي مون پنهنجو ڇٽ هٿن سان لاهي ڏنو آهي سا منهنجا نوڪر ڪڍي ڦٽا ڪندي ، يا جيڪا عزت هن پيريءَ ۾ هن کي ملڻ لائق آهي سا نه ڏيندي پرجڏهن هن ورجهائي چيس ۽ زور رکيس ، تڏهن هن پرئي مڙس جي ڪاوڙ جاڳي ، تنهن پنهنجي ڌيءَ کي اجايو سجايو ڳالهايو ۽ چيائينس ته، ”تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين !“ سو هوءَ هئي به برابر ڪوڙي، ڇا لاءِ جو بادشاهه جا سؤ سوار سڀ چونڊيل اشراف ۽ چڱي چال وارا ماڻهو هئا، ۽ ڏاڍي لياقت ۽ ادب اخلاق وارا هئا، ته ئي نشئي ٿي گڙٻڙ ۽ گوڙ ڪرڻ جهڙا. هن يڪدم حڪم ڏنو ته گهوڙا سنڀرايو ته اسين پنهنجيءَ ٻيءَ ڌيءَ ”ريگن“ وٽ هلون هو ڏک کان چوڻ لڳو ته ” بيشڪري تمام خراب شيءِ آهي، ڪنهن وڏي آفت اهڙي خراب نه ٿي لڳي“ جهڙي اولاد ۾.“ هن پنهنجي وڏيءَ ڌيءَ ”گانرل“ کي اهڙا پارتا ڏنا ۽ پٽيو، جو ٻڌندي پئي خوف ٿيو . خدا کان پئي گهريائين ته ”شل هن کي اولاد ڪونه ٿئي، يا جي ٿئيس ته اهڙو هجي جو جيئن پاڻ مون سان جٺيون ڪيون اٿس تئين هن سان ڪري ، ته ڀلي سماءُ پئيس ته نا صالح اولاد رکڻ مان جو عذاب ٿو اچي، سو نانگ جي ڏنگ کان به تکو آهي!“ ”گانرل“ جو مڙس عذر ڏيڻ لڳو ته ”زال جي نامهربانيءَ ۽ بيمروتيءَ ۾ منهنجو هٿ ڪونهي ،“ پر ”ليئر“ هن جي ڳالهه ڪانه ٻڌي ۽ غسي ۾ حڪم ڏنائين ته گهوڙن تي زينون رکو .“ هو سگهوئي پنهنجن خذمتگارن سوڌو پنهنجي ٻي ڌيءَ ”ريگن“ جي رهڻ جي جاءِ ڏانهن روانو ٿيو .

”ليئر“ دل ۾ چيو ته ”جي ”ڪارڊيليا“ جي ڪا تقصير کڻي هئي ته، اها سندس ڀيڻ جي قصور جي مقابلي ڪري ڪيتري نه ننڍي هئي !“ پوءِ روئڻ لڳو. وري شرم آيس ته ”گانرل“ جهڙي زال مون جهڙِي مڙس کي اهڙو ڪري، جو روئاري ڇڏي!

”ريگن“ ۽ سندس مڙس پنهنجيءَ محلات ۾ وڏي شان ۽ تجمل سان رهندا هئا، ۽ ”ليئر“ پنهنجي نوڪر ”ڪائيئس“ کي اڳواٽ خطن سان پنهنجيءَ ڌيءَ ڏي موڪليو، انهيءَ لاءِ ته سندس ۽ سندس نوڪرن جي لاءِ پورو بندوبست رکائي، پر ڀانئجي ٿو ته انهيءَ قاصد جي پهچڻ کان به اڳي ”گانرل“ پنهنجي ڀيڻ ”ريگن“ ڏي خط پٽ  لکيا هئا جن ۾ پنهنجي پيءُ تي شوخي ۽ چڙ جي هلت ۾ تهمت رکي هئائين، ۽ ڀيڻ کي به صلاح ڏني هئائين ته ”جيڪو نوڪرن جو لشڪر پاڻ سان وٺيو ٿو اچي، تنهن کي پاڻ وٽ جاءِ نه ڏجئين.“ اهو ”گانرل“ جو قاصد به تڏهن پهتو جڏهن ”ڪائيئس“ آيو ۽ هي ٻئي پاڻ ۾ گڏيا. مڄاڻ جو اهو ساڳيو ”ڪائيئس“ جو اڳوڻو دشمن خانساما هو، جنهن کي اڳين ڀيري ”ليئر“ سان بيحيائيءَ ڪرڻ ڪري ڦڙتي هڻي ڪيرائي وڌو هئائين. ”ڪائيئس“ کي هن جو منهن نه وڻيو ۽ سهي به ڪيائين ته ڪهڙي ڪم آيو آهي، تنهنڪري هن کي گهٽ_ وڌ ڳالهائڻ لڳو ۽ وڙهڻ لاءِ هوڪاريائينس ، پر هن نٽائي ڇڏيو. هن کي جا چڙ آئي، تنهن خوب مار ڏنئينس. جهڙيءَ جو اِهو فتوري ۽ فسادي قاصد لائق هو. جڏهن ”ريگن“ ۽ سندس مڙس اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن اُنهن ”ڪائيئس“ کي کڻي ڪاٺ ۾ وجهايو_ جيتوڻيڪ هو سندس پيءُ بادشاهه جو قاصد هو، تنهنڪري وڏي عزت جو لائق هو . انهيءَ طرح، جڏهن ”ليئر“ هنن جي محلات ۾ گهڙيو، تڏهن پهرين شيءِ جيڪا ڏٺائين سا اها ته سندس ايماندار نوڪر ”ڪائيئس“ انهيءَ بي آبروئيءَ حالت ۾ ويٺو هو.

اِنهيءَ بڇڙي سڳڻ مان هن کي معلوم ٿيو ته مون کي هتي ڪهڙي آڌر ڀاءُ ملندي، پر مليس انهيءَ کان به بڇڙي . جڏهن هن پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس مڙس جو پڇيو، تڏهن جواب مليس ته هنن سڄي رات پنڌ ڪيو آهي، ۽ ٿڪجي پيا آهن، تنهنڪري نڪري نه ٿا سگهن، ۽ جڏهن نيٺ هن ڪاوڙ ۽ حڪم مان زور لڳايو ته آءٌ ضرور هنن سان ملندس تڏهن هو نڪري آيا، ۽ اچي کيڪاريائونس، پر بادشاهه ڇا ڏسي ته اها بيحيا ”گانرل“ اڳي ئي هنن سان گڏ ويِٺي آهي، جا هنن کي پنهنجو سارو حال ڏيڻ ۽ هنن کي چورڻ آئي هئي ته پڻس سان ساڳيون جٺيون ڪن.

هن کي اُتي آيل ڏسي ۽ ”ريگن“ کي سندس هٿ هٿ ۾ ڏسي ، هن پير مرد کي ڏاڍو درد ٿيو ، ۽ هن ”گانرل“ کي چيو ته ”تو کي منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ جو به ننگ نٿو پوي !“ ”ريگن“ وري سمجهايس ته ”تون موٽي ”گانرل“ سان وڃ ۽ ساڻس صلح ڪري وڃي رهه، پنهنجن نوڪرن مان اڌ ڪڍي ڇڏ ، ۽ جيڪي گذريو آهين تنهن جي هن کان معافي گهر ، ڇا لاءِ جو تون پير مرد آهين ، ۽ عقل ٿورو اٿئي ، ضرور آهي ته ٻيا ماڻهو جن کي تو کان زيادهه عقل آهي ، سي توکي هلائين!“. ”ليئر“ چيو ته اها ڪهڙي نه اوندهي ڳالهه ٿيندي جو آءٌ گوڏن ڀر ويهي ڌيءَ کان کاڌي ۽ ڪپڙي جو سوال ڪريان ! “ انهيءَ نسبت ۾ هو هجت ۽ دليل ڏيڻ لڳو ته اهو ڪم اصل سڀائي رستي جي اُبتڙ آهي، ۽ پنهنجو پڪو ارادو ڏيکارڻ لڳو ته ”آءٌ پنهنجي سو سوارن سان ”ريگن وٽ رهندس، موٽي ”گارنل“ ڏي نه ويندس.“ هن ”ريگن“ کي چيو ته ”بادشاهيءَ جو اڌ جيڪو تو کي ڏنو هوم، سو تو وساري نه ڇڏيو هوندو ، ۽ تون ”گارنل“ جهڙي شوخ ۽ بيحيا نه آهين، پر نرمدل ۽ مهربان آهين. آءٌ جو پنهنجو اڌ نوڪرن جو ڪڍائي ۽ موٽي گانرل ڏي وڃان تنهن کان ڇو نه لنگهي فرانس ۾ وڃان، ۽ اُتي بادشاهه، جنهن منهنجي ننڍي ڌيءَ کي ڏاج کان سواءِ پرڻيو هو ، تنهن کان خيراتي پگهار گهران !“

پر هن جا ”ريگن“ کان بهتر هلت جي اُميد رکي هئي، تنهن ۾ گهڻو ڀُليو . هوءَ ته پاڻ ڀيڻ کان به ڪي رتيون ڪسر ويئي ، ڇا لاءِ جو پيءُ کي چوڻ لڳي ته ”منهنجي نظر ۾ تنهنجي لاءِ پنجاهه سوار به تمام گهڻا آهن پنجويهه بس آهن !“تڏهن ”ليئر“ دلشڪستو ٿي ”گانرل“ڏي منهنجي ڪري چيو ته ”ڀلا آءُ تو سان موٽي هلندس، جو تنهنجو پنجاهه وري به ريگن جي پنجويهن کان ٻيڻو آهي!“ پر اُتي ”گانرل“ نٽائي چوڻ لڳي ته پنجويهن جو ڪهڙو ضرور؟ نڪي ڏهه يا پنجن جي درڪار آهي، منهنجا ۽ منهنجي ڀيڻ جا نوڪر تنهنجي خذمت پياڪندا.“ انهيءَ طرح هنن ٻنهي ناصالح ڌين، جنهن پيءُ ساڻن هيتري ڀلائي ڪئي تنهن سان ظلم ۽ عقوبتن ڪرڻ سان ڪين ٿي گهٽايو . هنن جي مرضي هئي ته ٿورو ٿورو ڪري هن جا سڀ نوڪر ۽ هن جي نالي جي جيڪا آبرو رهي هئي سان گهٽائي ڇڏيون . سچ آهي ته گهڻا ۽ تجمل وارا نوڪر سک يا آرام لاءِ ضرور ناهن ، مگر يڪدم بادشاهه مان فقير ٿيڻ ۽ هزارن   تي حڪم هلائڻ بدران هڪڙو نوڪر به نه رکڻ ، جي تمام مشڪل آهي . انهن جي نه هئڻ ڪري هن کي ايترو ڏک نٿي ٿيو ، جتوڻيڪ انهن جي انڪار ڪرڻ ۽ سندس ڌيئن جيڪا بيحيائي ۽ بيشڪري ٿي ڏيکاري تنهنڪري ٿي ٿيو . انهيءَ ڳالهه هن ويچاري ٻڍي بادشاهه جي دل کي جهوري وڌو . هڪڙي ٻن طرفن کان خراب هلت ، ۽ ٻيو انهيءَ جو خفو ته ناحق بيوقوفي ڪري پنهنجي بادشاهي ڏيئي ڇڏيم، تنهنڪري هن جي ڪَل ڦري ويئي . ڪڏهن ته چوندو هو ته ”مون کي ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي“ ۽ ڪڏهن چوندو هو ته ”هنن بيحيا رنن کان آءُ ضرور اهڙو وير وٺندس، جو انهن کي ڏسي جهان پيو خوف ڪندو !“

انهيءَ طرح، هن اجايا دڙڪا پئي ڏنا ته مٿان رات پئجي آئي، ۽ گوڙ ۽ کنوڻ ۽ مينهن زور سان ڪاهي آيو. سندس ڌيئون اڃا تائين سندس نوڪرن کي نه رهائڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺيون هيون، ته هن پنهنجا گهوڙا گهرايا_ ڀانيائين ته بيحيا ۽ ناصالح ڌيئن سان گڏ رهڻ کان سخت واچ ـ مينهن ۾ نڪري پوڻ چڱو آهي. انهن به چيو ته ”هوڏي ماڻهوءَ کي جيڪو اهنج ايذاءُ پهچندو، اُهو سندس لاءِ جوڳي سزا آهي.“ ائين چئي، هنن پنهنجو در کڻي پوريو، ۽ هن ويچاري کي انهيءَ حال ۾ ڇڏي ڏنائون ته ڀلي هليو وڃي .

جڏهن هي ٻڍو ماڻهو نڪري ٻاهر ٿيو، تڏهن واچ ۽ مينهن به آڻي زور ڀريو، اُنهيءَ کي به هن پنهنجين ڌيئن جي جُٺين جهڙو ڏکيو نه ڄاتو . ڪيترن ئي ڪوهن تائين ته اتي هڪڙو ٻُوڙو به ڪونه هو. انهيءَ ميدان تي، انڌاريءَ رات جو ”ليئر“ بادشاهه ههڙي طوفان ۾ هيڏي هوڏي پئي رليو، ۽ واچ ۽ گوڙ جي پرواهه ئي نه هيس . هن ته پاڻ هوا کي پئي چيو ته ”زمين کي اُڏائي نئي سمنڊ ۾ وجهه ، يا سمنڊ ۾ اهڙو جوش ڪراءِ جو لهريون چڙهي زمين کي ٻوڙي ڇڏين ، ته ماڻهوءَ جهڙو بيشڪر جانور اصل بچي ئي ڪونه !“ هن ٻڍي بادشاهه سان ويچاري مسخري کان سواءِ ٻيو ڪو سنگتي ڪونه رهيو ، اُهو اڃا به ساڻس لڳو آيو ، ۽ انهيءَ پنهنجين مٺين ۽ خوش طبعيءَ جي ٻولين ۽ خيال سان اُنهيءَ سختي ۽ مصيبت کي پاسي ٿي ڪيو . چوڻ لڳو ته ”پاڻيءَ ۾ ترڻ جي لاءِ ڏاڍي خراب رات ٿي آهي ، ۽ بادشاهه کي لازم آهي ته اندر هلي پنهنجن ڌيئن کان دعا گهري ، پر جنهن کي ٿورڙو عقل هجي، تنهن کي پنهنجيءَ قسمت جي کيل تي راضي رهڻ کپي .“

هي ڪنهن زماني جو وڏو بادشاهه انهيءَ خراب حال ۾ پئي گهميو ، ته سندس نمڪحلالي ۽ ايماندار نوڪر ”ڪينٽ“ ، جو بن جي ڪائيئس ٿيو هو ۽ سڃاپڻ کان سواءِ بادشاهه جو پاسو وٺيو ٿي آيو، سو اچي مليس ، ۽ چوڻ لڳس ته ”هي هي ، سائين، تون هن هنڌ آيو آهين ! جي جانور رات کي گهڻو گهرندا آهن، سي به ههڙين خراب راتين کان ڪڪ آهن ، هن خوفناڪ طوفان ڪري جهنگ جا مرون به ڀڄي وڃي پنهنجين چـُرن ۾ لڪا آهن ... اِنسان جو سڀاءُ اهڙو ڏک يا خوف سهي سگهڻ جو ناهي !“ ”ليئر“ هن کي چيو ته ”جتي وڏو درد کُتل آهي، اُتي اهڙن هلڪن اهنجن جي لَکائي ڪانهي. جڏهن دل آرام ۾ آهي، تڏهن جسم کي سُکي رهڻ جو وقت ملي ٿو ، پر منهنجي دل ۾ طوفان آهي، تنهن منهنجا ٻيا سڀ حواس گم ڪري ڇڏيا آهن ـ رڳو اهو بچيو آهي ، جو منهنجيءَ دل کي پيو ڏکوئي.“ ناصالح ۽ بيشڪر اولاد جي نسبت ۾ هو چوڻ لڳو ته ”اها اهڙي ڳالهه آهي ، جهڙوڪ هٿ ماني کڻي وات ۾ آڻي ، ۽ وات انهيءَ کي پٽي ڪڍي ، ڇا لاءِ جو مائٽ اولاد جي لاءِ هٿ به ۽ کاڌو به ۽ سڀڪجهه آهن.“

نيٺ هي اشراف ”ڪائيئس“، منٿون آزيون ڪري، بادشاهه کي هڪڙيءَ ڀُونگيءَ ڏي وٺي ويو، جا اتي گاهه تي بيٺي هئي، ۽ جنهن ۾ هنن وڃي مينهن واءَ کان ڪنڌ ٿي لڪايو . پر پهرين جو مسخرو اندر گهڙيو، سو ڇرڪ ڀري ٻاهر نڪتو، ۽ چوڻ لڳو ته ”هن ۾ جُنّ ويٺو آهي!“ پر چڪاس وٺڻ سان معلوم ٿيو ته اُنهيءَ ۾ هڪڙو چريو فقير لڪو ويٺو هو. اهڙا چريا گهڻا هوندا هئا، جي سچ پچ ديوانا هوندا هئا،  يا تھ ڍونگ ڪري ديوانا ٿيندا هئا، انهيءَ لاءِ تھ ماڻهو مٿن رحم آڻي کين خيرات ڏين . هو بعضي بعضي پنهنجين ٻانهن ۾ سـُيون يا ڪليون يا ٻيون شيون هڻي، رت ڪڍي، ڪي دعائن ڪرڻ سان، ڪي پاراتن سان، ٻهراڙيءَ جي ڄٽن کان خيرات ڇڏائيندا هئا. هي چريو فقير بھ ڪو انهن مان هڪڙو هو. هن کي رڳي هڪڙي رلي رانن کي ويڙهيل هئي، ٻيو سارو بت اگهاڙو هوس . هن کي اهڙي خراب حال ۾ ڏسي، بادشاهه  اچي انهيءَ ڳالهه تي بيٺو تھ ”هي ڪو پيءُ آهي، جنهن پنهنجا وسلا سڀ پنهنجن ڌيئن کي ڏئي ڇڏيا آهن ،۽ پاڻ انهيءَ حال ۾ اچي ٿيو آهي ؛ ڇا لاءِ جو ناصالح ڌيئن رکڻ کان سواءِ ٻي ڪا بھ شيءِ دنيا ۾ ماڻهوءَ کي اهڙي خراب حال ۾ نھ آڻيندي.“

اهڙين ڳالهين ڪرڻ ڪري، ”ڪائيئس“ کي صاف معلوم ٿيو تھ هو پوري هوش ۾ نھ آهي، ۽ سندس ڌيئن جي خراب هلت هن کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي هي نمڪحلال ”ڪينٽ“ پنهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ اهڙي خذمت ۽ چاڪري ڪرڻ لڳو، جنهن لاءِ اڳي ڪو نھ وجهه مليو هوس. هن هيئن ڪيو جو جڏهن رات گذري، ڏينهن ٿيو، تڏهن بادشاهه جي ڪن نمڪحلال نوڪرن کي هٿ ڪري، انهن جي مدد سان ”ليئر“ کي کڻائي ”ڊوور“ جي قلعي ۾ آيو، جتي هن جا دوست ۽ خير خواهه بھ هئا، ۽ هن جي هلندي بھ هئي . پوءِ پاڻ فرانس ڏي روانو ٿيو ، ۽ وڃي ”ڪارڊيليا“ وٽ نڪتو . هن کي بادشاهه جي خراب حال ۽ سندس ڀيڻن جي بيحيائي ۽ ظلم جو بيان اهڙن اثر وارن لفظن ۾ ڪري ٻڌايائين ، جو هن محبت واريءَ صالح ڌيءَ کي روئڻ اچي ويو . هن پنهنجي مڙس کي چيو تھ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تھ پورو لشڪر پاڻ سان وٺي وڃي انهن ظالم ڌيئن ۽ سندس مڙسن کي ماري مڃائي، پنهنجي پير مرد پيءُ کي سندس تخت موٽي وٺي ڏيان!“ مڙسس اها موڪل ڏنيس، ۽ ”ڪارڊيليا“ هڪڙي شاهي ڪٽڪ سان اچي ”ڊوور“ ۾ لٿي .

جي ماڻهو ”ڪينٽ“ بادشاهه جي سنڀال لاءِ ڇڏيا هئا، تن کان اتفاق سان ”ليئر“ بادشاهه ڀڄي نڪتو هو، ۽ ”ڊوور“ جي ويجهو ٻنين ۾ پئي گهميو . اُتي هن کي ”ڪارڊيليا“ جي ماڻهن ڏٺو، جو هو تمام خراب حال ۾ هو. چرين وانگي پنهنجي منهن پئي ڳالهائين، ۽ ڪکن ۽ پنن جو هڪڙو ڇٽ ٺاهي کڻي مٿي تي رکيو هئائين . ”ڪارڊيليا“ اها ڳالهه ٻڌي پيءُ کي ملڻ لاءِ ڀڳي، پر طبيبن صلاح ڏنيس تھ ”تڪڙ نھ ڪر، ڀلي جيڪا دوا اسان پياري اٿس تنهن جو اثر ٿئيس، ۽ سمهي آرام ڪري سامت ۾ اچي، تھ پوءِ وڃي ساڻس ملاقات ڪجئين.“ انهن طبيبن کي ”ڪارڊيليا“ پنهنجو سون ۽ جواهر ۽ سڀ مال باسيو تھ بادشاهه کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن . مس مس ”ليئر“ پنهنجي ڌيءَ کي ڏسڻ جهڙي حال ۾ آيو.

هن پيءُ ۽ ڌيءَ جي جا ملاقات پاڻ ۾ ٿي، سا ڏسي دل پئي پاڻي ٿي، ڪڏهن تھ هي ويچارو ٻڍو بادشاهه پنهنجي اڳوڻي لاڏلي ڌيءَ ڏسي خوش پئي ٿيو ۽ وري جنهن کي ڪاوڙ مان ڪين جهڙي قصور جي لاءِ ڪڍي ڇڏيو هئائين، تنهن کان جو هيتري محبت ملندي ڏٺائين ، تنهنڪري ڏاڍو شرمندو ٿي ٿيو. ٻيو وري جو اندر جو آزار لڳل هوس، ۽ دماغ بھ جاءِ نھ هوس، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن تھ سماءُ ئي ڪو نھ ٿي پيس تھ ڪٿي آهيان، ۽ جيڪو ماڻهو مون سان ويٺو ڳالهائي ۽ مون کي چميون پيو ڏئي سو الائجي ڪير آهي . وري جيڪي بيٺا هئا ، تن کي چوي تھ ”ٻيلي مون تي کلو متان، جو آءٌ هن زال کي پنهنجي ڌيءُ ڪارڊيليا ڪري سمجهان ٿو!“ پوءِ گوڏن ڀر ويهي، پنهنجي ڌيءُ کان معافي گهري؛ ۽ هوءَ اشراف وري پاڻ سندس پيرين پئي کانئس دعا گهري، ۽ چويس ته ”بابا سائين، تو کي نوڙڻ لائق ناهي؛ اهو منهنجو ڪم آهي، جو آءٌ تنهنجو اولاد آهيان...... آءٌ اها ساڳي تنهنجي ڌيءَ ڪارڊيليا آهيان!“ پوءِ وري چچميون ڏئي چوڻ لڳيس ته ”بابا، تون دل ۾ نه ڪر، جيڪي ظلم توسان منجهين ڀيڻن ڪيا آهن، سي سڀ آءٌ پنهنجين چمين سان ٽاريندس. هو پاڻهي شرمنديون ۽ پشيمان ٿينديون، جو هنن کي پنهنجي ٻڌي پيءَ جي اڇيءَ ڏاڙهيءَ جو به ننگ ڪونه پيو ، هن کي ههڙيءَ سرد هوا ۾ ڪڍي ڇڏيائون ! اهڙي وقت جڏهن منهنجي دشمن جو ڪتو، جنهن مونکي ڀلي ڏاڙهيو به هجي، سو لنگهي کڻي اچي منهنجي باهه جي ڀر ۾ بيهي ۽ پاڻ سيڪي ته جيڪر ڪين چوانس!“ هن پيءُ کي چيو ته ”آءٌ تو کي واهر ڏيڻ جي لاءِ فرانس مان سنڀري آئي آهيان.“ هن چيس ته ”ائين نه ڪر؛ جيڪي ٿي لنگهيو آهي، تنهن تان گذر ڪري وڃ، ڇا لاءِ جو آءٌ ٻڍو ۽ بيعقل آهيان، ۽ مون کي ايتري سا پڪ خبر پوي ٿي ته مون کي پيار نه ڪرڻ لاءِ تو کي وڏو سبب ۽ عذر آهي، پر تنهنجين ڀيڻن کي ڪونهي.“ ’’ڪارڊيليا‘‘ ورندي ڏني ته ”ايئين ڪرڻ لاءَ جهڙو هنن کي سبب ڪونهي، تهڙو مونکي به ڪونهي .“

ಃಃಃಃಃಃಃ

هاڻي اسين هن ٻڍي بادشاهه کي هن سندس فرمانبردار ۽ صالح ڌيءَ جي سنڀال هيٺ ڇڏينداسين، جتي ننڊ ۽ دوائن جي مدد سان جيڪا حرڪت هن کي سندس ڏيئن جي ظلم واريءَ هلت کان پهتي هئي، سا نيٺ هن دور ڪئي. هاڻي وري هنن ظالم ڌيئن جو ذڪر ڪنداسين.

اهي بيحيا زالون، جي پنهنجي پيءُ سان بي ايمان۽ ڪوڙيون ٿيون هيون، سي ڀلا ڪٿان پنهنجن مڙسن سان سچيون ٿي سگهن؟ سگهو ئي جيڪا ٿوري گهڻي نالي جي آبرو ۽ محبت هنن کي ڏينديون هيون، تنهن مان به ڪڪ ٿي پيئون، ۽ اهڙي هلت ورتائون جنهن مان صاف معلوم ٿيو ته هنن جي دل ڪنهن ٻئي سان لڳي آهي، اتفاق به اهڙو بنيو هيو، جو ٻئي ساڳي ماڻهوءَ سان ڦاٿل هيون. اُهو ’’ايڊمنڊگلوسٽر‘‘ جي ’’آرل‘‘ جو اڳ ڄائو پٽ هو، جنهن ٺڳي ۽ دغابازي ڪري پنهنجي ڀاءُ ’’ايڊگرل‘‘ حقي وارث، کي ٽاري پيءُ جو درجو هٿ ڪيو هو. اهڙو خراب ۽ پاپي ماڻهو ’’گائرل‘‘ ۽ ’’ريگن‘‘ جهڙين خراب زالن جي محبت جو هر طرح لائق هو. انهيءَ وقت ڌاري اوچتو ’’ريگن‘‘ جو مڙس ’’ڪارنوال جو ڊيوڪ‘‘ مري ويو ۽ ’’ريگن‘‘ هڪدم انهيءَ ’’ايدمنڊ‘‘ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. انهيءَ ڪري سندس ڀيڻ کي اچي ساڙ ورتو، ڇا لاءِ جو ڪيترا ئي ڀيرا انهيءَ خراب ماڻهو ’’گانرل‘‘ ۽ ’’ريگن‘‘ ٻنهي کي پنهنجيءَ محبت سان خوش پئي رکيو. نيٺ ’’گانرل‘‘ هيئن ڪيو  جو ڪنهن تجويز سان پنهنجي ڀيڻ کي زهر ڏيئي هلائي ڇڏيو، پر سندس مڙس کي جو سندس بڇڙن ڪمن جي خبر پيئي، تنهن يڪدم کڻي قيد ۾ وڌس. انهيءَ کان، توڙي سندس بدچاليءَ جا ظاهر ٿي تنهن جي نا اميديءَ ۽ چڙ کان، سگهو ئي پاڻ کي ماري وڌو. انهيءَ طرح قدرت نيٺ پنهنجي انصاف سان هنن شرير ۽ بيحيا ڌيئن کي سزا ڏني.

هيڏانهن هنن جي مرڻ ڪري ۽ خدائي انصاف ٿيڻ ڪري سڀ ماڻهو خوش هئا، ته هوڏانهن وري اُهي ساڳيا ماڻهو بادشاهه جي ننڊيءَ ۽ نيڪبخت ڌيءَ  ’’ڪارڊيليا‘‘ جي سرهي پڄاڻي ڏسي خدا جي قدرت جي تعريف ڪرڻ لڳا. پر اهو نسورو سچ آهي ته هن دنيا ۾ نيڪي ۽ دينداري هميشه فتحياب نٿي ٿئي: جو لشڪر  ’’گانرل‘‘ ۽ ’’ريگن‘‘ گڏ سنڀرائي ’’ايڊمنڊگلوسٽر جي ارل‘‘ جي  سپهه سالاريءَ هيٺ موڪيلو هو، سو فتحمند ٿي پيو ، ۽ ’’ڪارڊيليا‘‘ قيد ٿي پئي، جتي هن پنهنجا ڏينهن پورا ڪيا. انهيءَ طرح خدا تعالى هن نيڪ زال کي ننڍي ڄمار ۾ پاڻ وٽ گهرائي ورتو، ۽ جهان کي ڏيکاريائين  ته اولاد کي مائٽ جو حق ڪيئن ادا ڪرڻ کپي. هن نيڪ ڌيءَ جي مرڻ کان پوءِ سگهوئي ”ليئر“ به مري ويو.

سندس مرڻ کان اڳي ”ڪينٽ“، جو منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سندس پٺيان لڳو آيو، تنهن ڪوشش ڪري سمجهايس ته آءُ ”ڪينٽ“ آهيان ۽ ”ڪائيئس“ جي نالي سان تو وٽ پئي چاڪري ڪئي اٿم،پر ليئر جو هوش انهي مهل جاءِ نه هو ، سو سمجهي ۽ وسهي نه سگهيو ته ”ڪينٽ“ ۽ ”ڪائيئس“ ٻئي هڪڙو ماڻهو ڪئن ٿي سگهندا، تنهنڪري ”ڪينٽ“ انهيءَ ڳالهه جي بابت اهڙي وقت هن کي زياده تڪيلف ڏيڻ مناسب نه ڄاتي . پوءَ سگهوئي ”ليئر“ دم ڏنو. سندس مرڻ کان پوءِ ، هن سندس ايماندار ۽ نمڪحلال نوڪر به پنهنجي ڌڻيءَ جي هلاڪيءَ جي ڏک ۽ پنهنجي ضعيفيءَ ۽ ٻڍاپڻ جي سور ۾ سگهوئي چالاڻو ڪيو.

هاڻي هتي هن ڳالهه جو بيان ڪرڻ اجايو آهي ته ڪيئن ”ايڊمنڊ گلوسٽر جي آرل“، جنهن جي دغا ظاهر ٿي پيئي، ۽ جنهن کي سندس ڀاءُ، پيءُ جي سچي وارث، وڙهندي ماري وڌو، تنهن کي خدا تعالى جوڳي سزا ڏني، ۽ ڪيئن ”گانرل“ جو مڙس ”آلبنيءَ جو ڊيوڪ“،جنهن جو ”ڪارڊيليا“ جي موت ۾ هٿ ڪونه هو، ۽ جنهن جي پنهنجيءَ زال کي پيءُ سان اجائي هلت ڪرڻ ۾ واهر نه ڏني هئي، سو ”ليئر“ جي مرڻ کان پوءِ ”برٽن“ جي تخت تي ويٺو. اسان جي ڳالهه جو واسطو هو ”ليئر“ ۽ سندس ٽن ڌيئن سان، سي چارئي ماڻهو مري ويا_ ٻيو احوال ڏيڻ هتي ضروري نٿو ڏسجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org