سيڪشن: ادب

ڪتاب: دلپسند قصا

باب:

صفحو:16

هن دوا جي اثر بابت جيڪو هيلينا جو خيال هو سو ڪوڙو نه هو. ٻه ڏينهن به برابر پورا نه ٿيا، ته بادشاهه ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو. هن پنهنجي درٻار جا سڀ جوان جوان امير آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ ته پنهنجيءَ خوبصورت طبيبڻ سان انجام پاڙي ۽  انعام ۾ هن کي مڙس ڏئي. هن هيلينا کي چيو ته ”هاڻ هنن سڀني اميرن ڏي نهاري وڃ، ۽ جيڪو مڙس وڻيئي سو چونڊي ڪڍ.“ هيلينا به دير ڪانه ڪئي: انهن جوان اميرن ۾ ڪائونٽ راسلين کي به ڏٺائين، ۽ برٽرام ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي ته ”اجهو، هي ماڻهو! ... سائين، مون کي اِها طاقت ڪانهي جو چوان  ته آءٌ تو کي وٺان ٿي، پر جيسين آءٌ جيئري هونديس، تيسين آءٌ پاڻ کي ٻانهي ڪري توکي ڏيان ٿي !“ بادشاهه چيو ته ”برٽرام، چڱو ٿيو ـ تون هن کي هٿ ڪر، هيءَ تنهنجي زال آهي.“پاڻيهي آڇيل هيلينا کي جو بادشاهه انعام ڪري برٽرام جي حوالي ڪيو، تنهن هن پي پسند نه ڪيو، ۽ ڪُرڪي چوڻ لڳو ته ”هيءَ هڪڙي غريب طبيب جي ڌيءَ آهي، ۽ منهنجي پيءُ جي خرچ تي پئي پلي آهي، ۽ اڃا به مهنجيءَ ماءُ وٽ خيراتي ٽُڪر تي پئي گذاري!“ هيلينا اهي نفرت ۽ ناپسنديءَ جا لفظ ٻڌي ، بادشاهه کي چيو ته ”قبلا، آءُ گهڻو خوش ٿي آهيان جو تون ته چڱو ڀلو ٿئين، باقي ٻيءَ ڳالهه جي حرڪت ڪانهي.“ پر بادشاهه جيڪو حڪم ڏنو هو ، تنهن تان مڙيو ڪين ـ ڇالاءِ جو فرانس جي بادشاهه کي اِهو به اختيار هوندو هو ته پنهنجن اميرن کي پنهنجي مرضيءَ پٺيان پرڻائي ـ تنهن ڪري اُنهيءَ ڏينهن برٽرام ۽ هيلينا جي شادي ٿي. برٽرام جي لاءِ اِها زور جي شادي هئي، ۽ هن ويچاريءَ زال کي به اُن مان خوشيءَ جي اُميد ڪانه ٿي سُجهي . هن پنهنج جيءُ جوکي ۾ وجهي ۽ ساهه سهسائي دلپسند مڙس ورتو سهي، مگر جهڙو مڙس هو تهڙو نه هو ... دل جي محبت ته ڀلا فرانس جو بادشاهه هن جي مڙس ۾ ڪين وجهي سگهي ها!

پرڻي کان پوءِ يڪدم برٽرام هيلينا کي چيو ته ”بادشاهه کان منهنجو موڪلاءِ، ته ڪي ڏينهن ٻئي هنڌ هلي رهون.“ جڏهن هوءَ موڪل وٺي آئي، تڏهن برٽرام چيس ته ”هن اوچتيءَ شاديءَ ڪري منهنجي دل البت بگڙي وئي آهي، تنهنڪري جيڪو رستو وٺان، تنهن تي تون عجب نه ڪج.“ پر جڏهن هيلينا کي معلوم ٿيو ته هو مون کي ڇڏڻ جي ٿو ڪري، تڏهن عجب ڪرڻ جي بدران ڏک ڪرڻ لڳي. هن حڪم ڏنس ته ”گهر وڃي منهنجي ماءُ وٽ ويهي رهه.“ هي نامهربانيءَ جو حڪم ٻڌي ، هيلينا ورندي ڏني ته ”هن بابت مون کي ٻيو چوڻو ناهي، باقي آءٌ تنهنجي تابعدار ٻانهي آهيان، ۽ ڪوشش ڪري اُهو گُڻ وڏائينديس جنهنڪري منهنجي قسمت کوٽي ٿي پئي آهي.“ هيلينا جي هن نياز ۽ نوڙت ڪري مغرور برٽرام کي پنهنجيءُ غريب زال تي رحم نه آيو، ۽ هو هن کي ڦٽو ڪري هيلو ويو ـ کانئس نالي جو موڪلايائين به ڪين.

هيلينا لاچار موٽي پنهنجي بيبيءَ ڏي آئي. هن پنهنجو پنڌ سجايو ڪيو، ۽ بادشاهه جي  حياتي بچايائين، ۽ پنهنجي دلگهرئي رئيس ڪائونٽ راسلين سان شادي ڪيائين، پر هاڻ ته هيءُ نا اُميد ۽ ردي ٿي پنهنجيءَ سس وٽ موٽي آئي. اڃا اندر گهڙي، ته برٽرام وٽان هڪڙو خط آيس، جنهن اصل دل ڀڃي رکيس. بيبيءَ هن جي گهڻي آڌرڀاءُ ڪئي ـ ڄڻ ته هوءَ سندس پٽ جي دلگهُري زال آهي، ۽ وڏي درجي واري بيبي آهي ـ ۽ برٽرام جو هن کي شاديءَ واري ڏينهن ئي بيرحمي ڪري گهر موڪلي ڏنو، تنهن لاءِ هن کي دلاسو ۽ دلداري ڏنائين. پر هن مهربانيءَ ۽ آڌرڀاءُ  جي ڪري هيلينا جي دل جو رنج نه لٿو، ۽ چوڻ لڳي ته ”بيبي، منهنجو مڙس مون کان ويو ـ هميشه لاءِ ويو!“ پوءِ هن برٽرام جي خط مان هي لفظ پڙهيا: ”جڏهن تو کي منهنجي  هٿ جي منڊي ملي ـ جا ڪڏهن منهنجيءَ آڱر مان نڪرڻ جي ناهي ـ تڏهن تون مون کي پنهنجو مڙس ڄاڻج ، پر انهيءَ ”تڏهن“ جي معنى آهي ”ڪڏهن نه !“ هيلينا چيو ته ”هي موتمار جملو آهي !“ بيبيءَ چيس ته ”تحمل ڪر، جي هاڻ برٽرام هليو ويو آهي، ته تون منهنجي ڌيءَ ٿي : تون ته اهڙي مڙس جي لائق آهين، جنهن کي برٽرام جهڙا کريل ڇوڪرا رئيس ڪري مڃين، ۽ تو کي رئيسياڻي ڪري سڏين!“ پر هن ويچاريءَ سسُ پنهنجيءَ ننهن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي خوشامديون ڪيون، پر انهيءَ مان ڪي به حاصل نه ٿيو. هيلينا ايئن ئي اکيون خط ۾ وجهيو ويٺي هئي، ۽ روئي پڙهڻ لڳي ته ”... جيسين مون کي زال نه هوندي، تيسين فرانس سان منهنجو ڪم ڪونهي !“ بيبي ءَ پڇيس ته اِهي لفظ به خط ۾ آهن ڇا ؟“ ويچاريءَ هيلينا چيو ته ”هائو، بيبي“.

ٻئي ڏينهن صبح جو هيلينا نظر ڪانه آئي : هوءَ هڪڙو خط ڇڏي ويئي ته سندس وئي کان پوءِ بيبيءَ کي ملي، جنهن ۾ هن کي اوچتي نڪري وڃڻ جو سبب ٻڌايو هئائين. لکيو هئائين ته ”برٽرام کي جو مون پنهنجي وطن کان ۽ پنهنجي گهر کان ڪڍي ڇڏيو آهي ، تنهنڪري پنهنجي ڏوهه کان توبهه ڪرڻ جي لاءِ ۽ پاپ لاهڻ لاءِ آءُ”سينٽ جاڪيزلي گرانڊ“ جي قبر تي زيارتڻ ٿيو ٿي وڃان، سو تون ڀلائي ڪري پنهنجي پٽ کي خبر ڏج ته جنهن زال کي تون هيترو ڌڪاريندو هئين، سا هاڻ هميشه لاءِ تنهنجو گهر ڇڏي وئي آهي !“

برٽرام پيرس ڇڏڻ کان پوءِ فلارنس ڏي ويو. اُتي فلارنس جي ڊيوڪ جي لشڪر ۾ وڃي هڪڙو عهديدار ٿيو، ۽ هڪڙيءَ لڙائيءَ ۾ فتح کٽي  ۽ بهادري ڏيکاري نالو ڪڍيائين. انهيءَ کان پوءِ ستت ئي هن کي ماءُ جو خط پهتو، جنهن مان هن کي معلوم ٿيو ته هاڻي هيلينا کان ڇٽي پيس. اها خوشخبري ٻڌي ، هو گهر موٽڻ لاءِ پئي سنبريو ته هيلينا پاڻ زيارتڻ جي ويس ۾ فلارنس منجهه اچي پهتي. جيڪي زيارتي سينٽ جاڪيزلي گرانڊ ڏي ويندا هئا، تن جو رستو هميشه فلارنس جي شهر مان هوندو هو. جڏهن هيلينا هتي آئي، تڏهن ٻڌائين ته هڪڙي رنڙ زال آهي، جا مهمانن جي خدمت چڱي ڪندي آهي.، ۽ جيڪي زالون مٿئين سينٽ جي قبر تي وينديون آهن، تن کي پنهنجي گهر رهائيندي ۽ ماني ٽڪي کارائيندي آهي . اِنهيءَ زال وٽ هيلينا ويئي. هن چڱي آڌرڀاءُ ڪيس ، ۽ انهيءَ مشهور شهر ۾ جيڪي عجيب غريب ڏسڻ جھڙيون جايون هيون تن جي ڏسڻ لاءِ چيائينس. هي به چيائينس ته ”جي تنهنجي مرضي هجي ته ڊيوڪ جو لشڪر ڏسان، ته توکي اهڙيءَ جاءِ تي وٺي هلي بيهندس جتان سڀڪي ڏسي سگهندينءَ: انهيءَ لشڪر ۾ تون پنهنجو ڳوٺائي به ڏسندينءَ، جنهن جو نالو ڪائونٽ راسلين آهي، ۽ جنهن ڊيوڪ جي جنگين ۾ نالو ڪڍيو آهي.“ جڏهن هيلينا برٽرام جو نالو ٻڌو، تڏهن هڪدم وڃڻ لاءِ تيار ٿي. آخر ٻئي گڏجي اوڏانهن وييون. هيلينا کي پنهنجي پياري مڙس جي منهن ڏسڻ لاءِ هڪڙي غم جهڙي خوشي پئي ٿي. هن مائيءَ پڇيس ته ”هو خوبصورت جوان ناهي ؟“ هيلينا دل جي سچائيءَ سان جواب ڏنس ته ”مون کي ته گهڻو ٿو وڻي.“ جيسين هنن پنڌ پئي ڪيو، تيسين هن رن زال رڳو برٽرام جي بابت پئي ڳالهيون ڪيون. هن هيلينا کي ٻڌايو ته ”برٽرام شادي ڪئي هئي پر پوءِ پنهنجيءَ غريب زال کي ڇڏي اچي ڊيوڪ جي لشڪر ۾ بيٺو، انهيءَ لاءِ ته زال سان گڏ رهڻ کان ڇٽي.“ هيءَ  پنهنجي ڪمبختيءَ جي ڳالهه هيلينا صبر ڪيو پئي ٻڌي. جڏهن اها پوري ٿي، تڏهن اڃا برٽرام جو سڄو احوال ٻڌائي ڪين چڪي هئي، ڇا لاءِ جو انهيءَ رن زال وري وچ ۾ ٻي ڳالهه آڻي وڌي، جنهن جو هڪڙو هڪڙو لفظ هيلينا جي دل ۾ چڀندو ويو ـ  هن ڪري جو هن ٻڌايس ته ”برٽرام منهنجي ڌيءَ تي عاشق آهي !“

جيتوڻيڪ براٽرام کي زور جي شادي پسند نه هئي، تڏهن به ايئن ڪين هو ته منجهس محبت ئي ڪانه هئي يا اصل شاديءَ جي خوشي ڪانه هيس، ڇا لاءِ جو جڏهن فلارنس ۾ لشڪر سان رهندو هو ، تڏهن هن رن زال جي سهڻيءَ ۽ جوان ڌيءَ ”ڊئيانا“ تي عاشق ٿي پيو هو. ڏهاڙي هن جي تعريف ۾ راڳ ٺاهي اچي سندس دريءَ جي هيٺيان ڳائيندو  ۽ وڄائيندو هو، ۽ اهو عرض پيو ڪندو هو ته ”مون کي موڪل ڏي جڏهن گهر جا ڀاتي سڀ سمهي رهن تڏهن اچي لڪچوريءَ تنهنجي مالاقات ڪري وڃان.“ پر ڊئيانا اهڙي اجائي ڳالهه قبول نٿي ڪئي، تنهنڪري هن ڏي گهڻو خيال ڪونه ٿي ڪيائين، جو خبر هيس ته هو اڳي ئي پرڻيل آهي. ڊئيانا اگرچ هاڻ غريب حالت ۾ رهندي هئي، مگر ماڻس سياڻي هوندي هئي، ۽ ”ڪاپيوليٽ“ جي وڏي گهراڻي مان هئي، تنهن جي سنڀال ڌيءَ تي چڱي رهندي هئي ـ انهيءَ سبب ڊئيانا پاڻ به سمجهو  ۽ نيڪ زال هوندي هئي.

اها ساري ڳالهه ـ پنهنجي ڌيءَ جي سياڻپ ۽ نيڪيءَ جي، ۽ کيس پنهنجيءَ تعليم ۽ نصيحت ڏيڻ جي ـ هن رن زال هيلينا کي ڪري ٻڌائي، ۽ ڌيءَ جي تعريف ڪرڻ لڳي. هيئن به چيائينس ته ”سڀاڻي صبح جو سوير برٽرام فلارنس مان وڃڻو آهي، تنهنڪري اڄوڪي رات ملاقات ڪرڻ لاءِ ڊئيانا کي ڏاڍيون منٿون ۽ آزيون ڪيون اٿس.“ جيتوڻيڪ هن رن زال جي ڌيءَ سان برٽرام جي جيڪا محبت هئي تنهن جو ٻڌي هيلينا کي گهڻو ڏک ٿيو، مگر انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ مان هيلينا جي شوق واريءَ دل ۾ هڪڙي مزي جهڙي صلاح آئي، جنهنڪري اڳوڻي نا اميدي وسري وئيس، ۽ پنهنجي کريل مڙس کي هٿ ڪرڻ جو آسرو ٿيس. هن انهيءَ مائيءَ سان سچي ڪئي ته ”آءٌ برٽرام جي اُها زال هيلينا آهيان“، ۽ هن کي منٿ ڪرڻ لڳي ته ”ڀلائي ڪري تون ۽ تنهنجي ڌيءَ ڇڏيو ته ڀلي برٽرام ملاقات تي اچي، ۽ آءٌ ڊئيانا  ٿي هن سان ملان: انهيءَ مان منهنجو فقط اهو مطلب آهي ته هن جي مُنڊي هٿ ڪريان، جو هن مون کي پاڻ چيو هو ته ”جڏهن تون منهنجي مُنڊي هٿ ڪرين، تڏهن آءٌ تو کي پنهنجي زال ڪندس“.

انهيءَ مائي ۽ سندس ڌيءَ هن سان انجام ڪيو ته انهيءَ ڪم ۾ اسين توکي مدد ڏينديونسين. هنن جو ايئن ڪيو، سو ڪي هن ويچاريءَ وڇڙيل زال تي رحم کائي، ۽ ڪي انعام جي لالچ تي، جنهن جو هيلينا هنن سان انجام ڪيو، ۽ في الحال ناڻي جي هڪڙي ٿيلهي ڏٺائين به. اُنهيءَ ڏينهن بندوبست ڪري، هيلينا برٽرام کي پنهنجي مري وڃڻ جي خبر پهچائي، انهيءَ اميد تي ته جڏهن هن کي منهنجي مرڻ جي پڪ ٿيندي ، تڏهن مون کي ڊئيانا ڄاڻي مون سان ٻي شاديءَ جي هام ڀريندو. هيءُ يقين هوس ته جي هو مون کي پنهنجي مُنڊي به کڻي ڏئي ۽ شادي ڪرڻ جو انجام به ڪري، ته پوءِ ضرور انهيءَ مان مون کي اڳتي فائدو ٿيندو. شام جو اونڌاهي ٿيڻ کان پوءِ برٽرام کي ”ڊئيانا“ جي ڪوٺيءَ ۾ اچڻ ڏنائون، جتي هيلينا سندس ملڻ لاءِ تيار ويٺي هئي. هن جو محبت جون ڳالهيون ۽ خوشامديون ڪيون، سي ٻڌي هيلينا دل ۾ گهڻو خوش ٿي ـ جيتوڻيڪ خبر هيس ته اِهي سڀ ڊئيانا جي لاءِ آهن، نه منهنجي لاءِ. برٽرام به هن جي صحبت مان اهڙو راضي ٿيو، جو هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ۽ هميشه محبت ڏيڻ جو قسم تي انجام ڪيائين. هيلينا به دل ۾ پئي چيو ته ”خدا ڪري ته جڏهن تو کي خبر پوي ته آءٌ تنهنجي اصل وري ڌڪاريل زال آهيان، تڏهن مون کي ايتري محبت ڏيکارين ۽ منهنجي گفتگو مان خوش ٿين!“

برٽرام کي  اِها خبر بلڪل ڪانه هئي ته هيلينا ڏاڍي سمجهو ۽ هوش واري زال آهي، نه ته شايد اهڙو وساريس ڪين ها ـ هن کي جو روز بروز پيو ڏسندو هو ، سو هن جي حسن تي خيال ئي ڪونه رهندو هوس ـ جو منهن پهريندي سهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، سو به ذري ذري ڏسڻ مان وڃي پهريون اثر ڇڏيندو. هن جي سمجهه جي ڀلا هن کي ڪٿان خبر پئي سگهي هوندي، جو هوءَ محبت ۽ آداب کان هن جي اڳيان اکر به ڪونه ڪڇندي هئي. پر هاڻي جو ڄاتائين ته منهنجو اڳتي جو ڀاڳ ۽ منهنجي تجويزن جي خير جي پڄاڻي اچي انهيءَ ڳالهه تي بيٺي آهي ته اڄوڪيءَ رات جي ملاقات ۾ برٽرام جي دل تي چڱو اثر ويهاريان، تنهنڪري جيترو عقل هلي سگهيس اوترو هن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ هلايائين: سندس مزي جي گفتگو ۽ محبت ۽ فضيلت برٽرام کي اهڙو موهي وڌو جو هن ساڻس پڪو انجام ڪيو ته ”آءٌ توکي پنهنجي زال ڪندس“. ”هيلينا“ محبت جي نشانيءَ لاءِ کانئس سندس هٿ جي منڊي گهري، جا هن کيس ڏني، انهيءِ منڊيءَ جي بدران هن وري هن کي ٻي منڊي ڏني، جا بادشاهه هن کي انعام ڏني هئي . پرهه ڦٽيءَ کان اڳي هن برٽرام کي روانو ڪيو، جو انهيءَ دم پنهنجي ماءُ جي گهر ڏي اٿي هليو.

هيلينا اُنهيءَ مائيءَ ۽ سندس ڌيءَ ” ڊئيانا“ کي منٿون ڪيون ته اوهين مون سان گڏجي پيرس ڏي هلو، جو منهنجي مطلب پوري ٿيڻ ۾ اڃا اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. نيٺ جڏهن هو اُتي آيا، تڏهن ٻڌائون ته بادشاهه ”راسلين“ جي بيبيءَ جي ملاقات تي ويو آهي. هيلينا به وٺ ـ پڄ ڪري اوڏي ڀڳي .

بادشاهه اڃا تائين چڱو ڀلو هو ، ۽ هن کي پنهنجيءَ طبيبڻ جو احسان ايتريقدر اڃا ياد هو جو جڏهن راسلين جي بيبي کي ڏٺائين، تڏهن چيائينس ته ”هيلينا هڪڙو قيمتي جواهر هئي، جو تنهنجي پٽ بيوقوفي ڪري اُڇلي ڦٽو ڪيو“ ... پر جڏهن سهي ڪيائين ته انهيءَ ڳالهه چورڻ ڪري بيبيءَ کي هيلينا جي مرڻ جو ڏک تازو ٿيو آهي، تڏهن چوڻ لڳو ته  ”بيبي، مون سڀ ڳالهه وساري ڇڏي آهي، ۽ انهيءَ بابت مون کي ٻيو دل ۾ ڪين آهي.“ پر ٻڍو نيڪ مرد ”لافيو“، جو اُتي حاضر هو، تنهن پنهنجيءَ پياريءَ هيلينا جي ڳالهه اهڙي جلد وسارڻ نه ڏني، ۽ چوڻ لڳو ته ”هيترو سو آءٌ چوندس ته اهو جوان ڪائونٽ، بادشاهه جي، توڙي پنهنجيءُ ماءُ جي، توڙي پنهنجيءَ زال جي وڏي بيعزتي ڪري چڪو، ۽ پاڻ سان ته تمام وڏو نقصان ڪيو اٿس، جو هن اهڙي زال هٿان وڃائي، جنهن جي حسن هر ڪنهن کي حيران ڪيو هو، ۽ جنهن جي گفتگو سڀڪنهن کي موهي وڌو هو، ۽ جنهن جي چڱائي ڏسي سڀني ماڻهن جي دل ۾ پئي آيو ته هن جي واهر ڪن!“ بادشاهه چيو ته ”ويئيءَ شي کي سارهاڻ مان نئين سر يادگيري پوي ٿي. چڱو، برٽرام کي هيڏي سڏيو.“ برٽرام اچي حاضر ٿيو، ۽ جڏهن ظاهري ڪري پڇتائڻ لڳو ته برابر مون ويچاريءَ هيلينا کي ڏکيو ڪيو هو، تڏهن بادشاهه سندس پيءُ ۽ ماءُ ڏي ڏسي کيس کڻي معافي ڏني ، ۽ ورائي پاڻ وٽ ساڳيو درجو ڏنائينس. پر جڏهن بادشاهه جيڪا منڊي پاڻ هيلينا کي ڏني هئائين سا برٽرام جي هٿ ۾ ڏٺي ، تڏهن چهرو بدلائڻ لڳو ، ۽ ياد پيس ته هيلينا اُنهيءَ مهل سڀني اوليائن کي شاهد ٿي ڪيو ته اِها منڊي آءٌ ڪڏهن به هٿان نه ڇڏينديس، مگر جڏهن ڪنهن آفت ۾ ڦاسنديس تڏهن سو رڳو بادشاهه ڏي موڪلينديس . بادشاهه برٽرام کان پڇيو ته ”توکي اها منڊي ڪيئن هٿ آئي ؟“ تڏهن هن هڪڙي ناممڪن ڳالهه ٺاهي ٻڌايس ته ”هڪڙي زال مٿان دريءَ مان اُڇلائي مون کي ڏني“ ـ ۽ اصل مُڪري ويو ته شاديءَ جي ڏينهن کان پوءِ مون هيلينا کي ڪونه ڏٺو آهي. بادشاهه کي خبر هئي ته برٽرام جي زال سان ڪين پوندي هئي، تنهنڪري شڪ پيس ته متان هن کي کپائي ڦٽو ڪيو هجيس، ... سو هن پهريوارن کي حڪم ڏنو ته ”برٽرام کي پڪڙيو“، چوڻ لڳو ته ”مون کي دل تي خطرو ٿو گذري ته هن هيليناکي زور زبردستيءَ ماريو آهي !“ اتي ”ڊئيانا“ ۽ سندس ماءُ اندر گهڙي آيون، ۽ بادشاهه کي آڻي هڪڙي عريضي ڏنائون، جنهن ۾ اهو عرض ڪيل هو ته ”بادشاهه برٽرام کي حڪم ڏيندو ته ڊئيانا سان شادي ڪري، جو هن سان قسم تي انجام ڪيو هئائين.“ برٽرام بادشاهه جي ڊپ کان مڪري ويو ته مون اهڙو انجام ڪونه ڪيو آهي. تڏهن ڊئيانا منڊي ڪڍي ڏيکاري، جيڪا هيلينا سندس هٿ ۾ وجهي ڇڏي هئي، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه جي سچائي ثابت ڪرڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته ”مون بدلي ۾ وري برٽرام کي اها منڊي ڏني هئي، جا هاڻ پيئي اٿس.“ هي ٻڌي بادشاهه سپاهين کي حڪم ڏنو ته ”هن کي به پڪڙيو!“ هن منڊيءَ جي بابت جيڪا ڳالهه ڪئي، سا برٽرام جي ڳالهه کان ٻيءَ طرح جي هئي، تنهنڪري بادشاهه کي پاڻ زياده شڪ پيو، تنهن چيو ته ”جيڪڏهن اوهين سچي نه ڪندؤ ته هيءَ هيلينا جي منڊي اوهان وٽ ڪيئن آئي، ته آءٌ اوهان ٻنهي کي مارائي ڇڏيندس !“ ڊئيانا عرض ڪيو ته ”منهنجيءَ ماءُ کي رخصت ملي ته جنهن جواهريءَ کان مون اها منڊي خريد ڪئي آهي، تنهن کي وٺي اچي.“ بادشاهه موڪل ڏني، ۽ هو رن زال ويئي ۽ سگهو ئي هيلينا کي ساڻ ڪري موٽي آئي.

راسلين جي ٻڍي ۽ نيڪ نيت بيبي، جنهن ماٺ ڪيو پنهنجي پٽ جي خوف واريءَ حالت تي افسوس پئي ڪيو، ۽ اهو به خطرو هوس ته پٽس تي زال مارڻ جو شڪ قوي آهي، سا پنهنجي پياري هيلينا کي جيئرو ڏسي اهڙي خوش ٿي جو ڪپڙن ۾ نه ماپي سگهي، ۽ بادشاهه کي به خوشيءَ جي گهڻائيءَ ڪري ويساهه ئي نه پئي آيو ته هيءَ ڪا هيلينا آهي . چوڻ لڳو ته ”هيءَ زال جيڪا منهنجي اکين جي اڳيان بيٺي آهي، سا سچ پچ برٽرام جي زال آهي ڪيئن؟“ هيلينا، جنهن سمجهيو ٿي ته اڃا به منهنجو مڙس مون کي قبول نه ڪندو، تنهن ورندي ڏني ته ”نه، قبلا، اهو جيڪي ڏسين ٿو سو هن جي زال جو پاڇولو آهي ـ زال ناهي، پر رڳو زال جو نالو آهي“.برٽرام دانهن ڪري چيو ته ”مون کي معافي ڏي ـ تون ٻي آهين ... ٻي آهين!“ هيلينا چيو ته ”سائين، جڏهن مون ڪوڙ ڪري هن حسين ڇوڪريءَ جي جاءِ ورتي، تڏهن ته تون مون تي نهايت مهربان هوئين! ... ڏس هي پنهنجو خط!“ پوءِ انهيءَ خط منجهان اُهي ساڳيا لفظ مرڪندي پڙهڻ لڳي، جي اڳي روئندي پڙهيا هئائين ته، ”جڏهن تو کي منهنجي هٿ جي منڊي ملي ...“ پوءِ چوڻ لڳي ته ”مون ايئن ڪيو: تو مون کي منڊي ڏني هئي نه ڪنهن ٻيءَ کي! مون تو کي ٻه ڀيرا کٽيو آهي. هاڻي ته منهنجو ٿيندين، ڪين اڃا به نه؟“ برٽرام جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن تون ثابت  ڪندينءَ ته اُنهيءَ رات تون هئينءَ جنهن سان مون ٿي ڳالهايو، ته پوءِ آءٌ عمر تائين تو کي پيار ڪندس !“ اهو ته ڪو مشڪل ڪم نه هو ، ڇا لاءِ جو هوءَ رن زال ۽ ڊئيانا ٻئي انهيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ هيلينا سان گڏجي اتي آيون هيون. بادشاهه ڊئيانا سان هيلينا کي مدد ڏيڻ جي ڪري اهڙو راضي ٿيو، جو هن سان انجام ڪيائين ته تو کي ڪو امير مڙس ڏيندس ـ ڇالاءِ جو هيلينا جي قصي مان هن کي معلوم ٿيو هو ته جيڪا زال چڱا پورهيا ڪري، تنهن کي انعام چڱو مڙس ڏيڻ بادشاهن کي واجب آهي.

انهيءَ طرح ، نيٺ ”هيلينا“ کي پڪ ٿي ته سندس پيءُ جو ورثو بيشڪ برڪت وارو ۽ سڀاڳو هو، ڇا لاءِ جو هوءَ هاڻ پنهنجي پياري ” برٽرام“ جي سهاڳڻ زال ٿي، ۽ پنهنجي ڌڃاڻيءَ جي ننهن ٿي، ۽ پاڻ ”راسلين“ جي اميرياڻي ٿي.

وينس جو واپاري

 

”شائلاڪ“ يهودي، وينس جي شهر ۾ رهندو هو. هو ڏاڍو وياجخور هو، ۽ عيسائي مذهب وارن واپارين کي ڳري ڳري وياج تي اڌارا پئسا ڏيئي گهڻو ڌن گڏ ڪيو هئائين. شائلاڪ بيرحم ۽ سختدل ماڻهو هوندو هو، تنهنڪري پنهنجو کڻايل قرض ماڻهن کان اهڙيءَ سختيءَ سان ڇڪي وٺندو هو، جو سڀ چڱا ماڻهو ڌڪاريندا هئس. خاص ”آئنٽونيو“ وينس جي هڪڙي واپاريءَ جي ته اصلي ساڻس نه پوندي هئي ، ۽ شائلاڪ پاڻ به آئنٽونيو کي ڌڪاريندو هو، ڇالاءِ جو آئنٽونيو تنگيءَ جي وقت ۾ ماڻهن کي اوڌر کڻائيندو هو، ۽ وياج ڪين وٺندو هو، تنهنڪري هن لالچي يهوديءَ ۽ هن سخي سوداگر آئنٽونيو جي وچ ۾ ڏاڍي دشمني هوندي هئي. جڏهن ڪڏهن آئنٽونيو ۽ شائلاڪ صرافخاني يا واپار گهر ۾ گڏبا هئا، تڏهن آئنٽونيو هن کي وياجخوريءَ ۽ بيرحميءَ جا طعنا هڻندو هو، ۽ هو يهودي ماٺ ڪري سهي ويندو هو، مگر اندر ۾ وير وٺڻ جي لاءِ پيو واجهائيندو هو.

آئنٽونيو تمام رحمدل ۽ چڱيءَ حالت وارو ماڻهو هو، ۽ مروت ۽ مهرباني ڪرڻ کان ٿڪبوئي ڪين هو. حقيقت ڪري اٽليءَ ڏيهه ۾ رهڻ وارن ماڻهن مان جهڙو هن ۾ قديم روم جو مان ۽ شان ڏسڻ ۾ ايندو هو، اهڙو ٻئي ڪنهن ۾ نه ڏسبو هو .هن کي شهر جا سڀ ماڻهو گهڻو گهرندا هئا، پر هن سان گهري دوستي وينس جي هڪڙي امير ماڻهوءَ ”بسئنيو“ جي هوندي هئي، جنهن پنهنجي پوري پئي ميراث وڏن وڏن خرچن ۾ هلائي آڻي پڇاريءَ تي بيهاري هئي ـ جيئن ٿوريءَ وسعت وارا وڏي گهراڻي جا جوان ماڻهو اڪثر ڪندا آهن. جڏهن ڪڏهن ”بسئنيو“ کي پيسي جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن آئنٽونيو هن کي مدد ڏيندو هو . هو اهڙو پاڻ ۾ گهائل مائل هوندا هئا، جو ڀانئجي ته دل به هڪڙي هين ۽ کيسو به هڪڙو هون.

هڪڙي ڏينهن بسئنيو، آئنٽونيو وٽ آيو، ۽ چيائينس ته ”منهنجي مرضي آهي ته هڪڙيءَ دولتمند زال سان شادي ڪري ساهه پٽيان: انهيءَ مان منهنجي گهڻي دل آهي ۽ انهيءَ کي هاڻ ٿورا ڏينهن  ٿيندا جو پيءُ جي مرڻ ڪري وڏو ورثو مليو آهي : پڻس جي جيئري آءٌ سندن گهر ويندو هوس، تڏهن به ڪنهن ڪنهن مهل مون کي نظر ايندو هو ته هن جي دل مون ڏي راضي آهي، پر، مون وٽ پيسو ڪونه آهي. جو ٺهي ٺڪي هن کي ريجهائڻ واسطي وڃان، جيئن ههڙي دولتمند بيبيءَ جي سڱ گهرڻ واري کي لازم آهي، سو جيئن هيتريون مهربانيو ڪيون اٿئي، تيئن هان به مون کي ٽي هزار ڊڪٽ (سڪا ) اُڌار ڏي“. آئنٽونيو وٽ انهيءَ مهل پيسو موجود ڪو نه هو جو هن کي ڏئي ، پر سمهيس ٿي ته سگهوئي ڪي جهاز مال سان ڀرجي اچڻا آهن، تنهنڪري چيائين ته ”شائلاڪ وڏي شاهوڪار وٽ وڃي اُنهن جهازن تي پيسا اُڌارا کڻان“.

آئنٽونيو ۽ بسئنيو ٻئي گڏجي شائلاڪ ڏي ويا. آئنٽونيو هن کان ڪهڙي به وياج تي ٽي هزار ڊڪٽ اڌارا گهريا، ۽ جهازن واري مال مان پئسن موٽائي ڏيڻ جو انجام ڪيائين. شائلاڪ دل ۾ خيال ڪيو ته ”جيڪڏهن هڪ دفعي هن کي پنهنجي چنبي ۾ آڻيندس، ته پوءِ پاڻيهي هن کان اڳيون پويون ڪسرون وٺندس. هي اسان جي يهودي قوم کي ڌڪاري ٿو، هي ماڻهن کي مفت ۾ پيسا اُڌارا ڏئي ٿو،۽ واپارن جي وچ ۾ مون تي ٽوڪون ڪري ٿو، ۽ منهنجي حق حلال جي ڪمائيءَ تي وياج جو نالو رکي کلي ٿو ـ ۽ لعنت هجي منهنجي قوم تي، جي کڻي آءٌ هن کي ڇڏيان !“ آئنٽونيو ڏٺو ته هو ڳڻتيون پيو کائي ، جواب ڪونه ٿو ڏئي، سو پئسن وٺڻ لاءِ تڪڙو ٿي چوڻ لڳس ته ”شائلاڪ، ٻڌين ٿو يا نه ... مون کي پيسا اُڌارا  ڏيڻا اٿئي يا نه؟“ يهوديءَ جواب ڏنو ته ”مهربان، آئنٽونيو صرافن جي بازار ۾ ته تو ڪيترائي ڀيرا مون کي منهنجن پيسن ۽ وياجن جا طعنا هنيا آهن، جي آءٌ صبر ڪري سهي ويو آهيان، ڇالاءِ جو صبر ۽ تحمل اسان جي قوم جي نشاني آهي، تنهن کان سواءِ تو مون کي ڪافر ۽ بي ايمان ۽ گلو ڪپيندڙ ڪتو سڏيو آهي، ۽ منهنجن ڪپڙن تي تو ٿُڪون وڌيون آهن، ۽ پير سان مون کي ٿُڏا هنيا اٿئي، ڄڻ ته آءٌ ڪو ڪتو هجان ...! هاڻي ڏسجي ٿو ته توکي منهنجي مدد جو ضرور ٿيو آهي، هاڻ اچي ٿو مون کي چوين ته ”شائلاڪ مون کي پئسا ڏي“. سو ڀلا ڪتي وٽ ڪي پيسا هوندا آهن ـ ڪتو ڀلا ڪهڙي طرح ٽي هزار ڊڪٽ ڏيئي سگهندو؟ هاڻي آءٌ نوڙي چوان ته ”سائين، تو گذريءَ اربع تي مون کي ٿڪون هنيون، ۽ ٻئي وقت وري مون کي ڪتو سڏيئي ... اهڙي مان ڏيڻ ڪري آءٌ توکي پيسا اُڌارا ڏيان ٿو!“ آئنٽونيو ورندي ڏني ته ”آءٌ هاڻ به جيڪر توکي ائين سڏيان ۽ ٿڪون هڻان ۽ لتون ماريان ـ  اِهي پيسا جي تون ڏيڻ گهرين ته مون کي دوست ڄاڻي نه ڏي ، دشمن ڄاڻي ڏي، جو جي انجام ڀڃان ته آسانيءَ سان مون کان ڇڪي وٺين ۽ چٽي به ڀرائي ڇڏين.“ شائلاڪ چيو ته ”هاڻ ڏس، سائين، ڪهڙو نه گوڙ مچايو اٿئي! منهنجي دل ٿي گهري ته توسان ڳنڍيان، ۽ تنهنجي محبت هٿ ڪريان: آءٌ گذريون شرم جون ڳالهيون سڀ وساري، توکي وياج کان سواءِ پيسا ڏيان ٿو!“ هي ظاهريءَ ڪري مهربانيءَ جي آڇ ٻڌي آئنٽونيو کي گهڻو عجب لڳو. شائلاڪ، مهربانيءَ جي بهاني سان ۽ آئنٽونيو  سان دوستي رکڻ جي انتظار ڏيکارڻ لاءِ، وري به چوڻ لڳو ته ”آءٌ تو کي ٽي هزار ڊڪٽ  وياج کان سواءِ ڏيان ٿو، مگر تون فقط هيترو ڪر جو ٻه ـ ٽي پير ڀري هڪڙي وڪيل وٽ هلي چرچي ۾ هڪڙي دستاويز تي صحيح ڏيئي آءُ ته ”جيڪڏهن فلاڻي ڏينهن پيسا موٽي پهچائي نه ڏنم، ته آءٌ چٽيءَ ۾ پنهنجي بت جي گوشت جو هڪڙو پائونڊ، جتان شائلاڪ چوندو اُتان وڍي ڏيندس“!“

آئنٽونيو چيو ته ”قبول، آءٌ انهيءَ قبض تي صحيح وجهي ڏيندس، ۽ تنهنجو احسان مڃيندس.“ بئسنيو آئنٽونيو کي چيو ته ”منهنجي خاطر تون اهڙي دستاويز تي صحيح نه ڏي“، پر آئنٽونيو چيو ته ”ضرور آءٌ صحيح ڪندس، ڇا لاءِ جو پيسن موٽائڻ جي ڏينهن کان اڳي ئي منهنجا جهاز انهن پيسن کان گهڻي وڌيڪ قيمتي مال سان ڀرجي ايندا“.

هنن جي هيءَ گفتگو ٻڌي شائلاڪ چيو ته ”يا حضرت ابراهيم، هي عيسائي ماڻهو ڪهڙا نه شڪي آهن ! پاڻ ڏنگا ماڻهو آهن، تنهنڪري ڀانئين ته ٻيا به جهڙن هوندا. بسئنيو، مهرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ ته جي اڄ ئي هو اهو شرط کڻي ڀڄي ته انهي چٽيءَ وٺڻ مان مون کي ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ هڪڙو پائونڊ ماڻهوءَ جي گوشت جو ـ جو ٻڪريءَ يا ڏاند جي گوشت کان گهڻو گهٽ ملهه جو،  ۽ نڪمو آهي! آءٌ ته کيس خوش ڪرڻ جي لاءِ هيءَ دوستيءَ جي آڇ ٿو ڪريان ـ جي وٺي ته واه، نه ته خدا کي پرتو ...!“.

جيتوڻيڪ هن يهوديءَ پنهنجي چڱيءَ نيت بابت گهڻو ئي ڳالهايو، ته به پئسنيو جي مرضي نه هئي ته منهنجو دوست منهنجي ڪاڻ ههڙي خوفناڪ چٽيءَ جو ذمو کڻي ۽ تنهن آئنٽونيو کي گهڻو ئي جهليو، پر هو نه رهيو، ۽ وڄي قبض تي صحيح وڌائين ـ ڄاتائين ته جيئن يهودي پاڻ ٿو چوي تيئن هي رڳو چرچو آهي.

جنهن دولتمند بيبيءَ سان بسئنيو کي شادي ڪرڻ جو ارادو هو، سا وينس جي ويجهو ”بيلمانٽ“ ۾ رهندي هئي . هن جو نالو ”پورشيا“ هو. هوءَ جهڙي خوبصورت هئي، تهڙي پڙهيل ۽ هوشيار به هئي. بسئنيو کي جو سندس دوست آئنٽونيو پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهي پيسا اُڌارا کڻي ڏنا، سو وڏي تجمل سان هڪڙو سکر نوڪر ”گرئشيانو“ پاڻ سان ڪري ”بيلمانٽ“ ڏي روانو ٿيو. بسئنيو فتحياب ٿيو، ۽ سگهوئي ”پورشيا“ ساڻس شادي ڪرڻ منظور ڪئي.

بسئنيو پورشيا سان سچي ڪئي ته ”مون وٽ ڪو مال متاع ڪونهي، آءٌ رڳو پنهنجي اصل ۽ نسل تي فخر ٿو ڪريان“.هوءَ ته هن جي لياقتن ۽ اخلاقن ڪري هن تي عاشق هئي، ۽ ايتري دولت  واري هئي جو مڙس ۾ دنياداريءَ جي نظر ڪانه رکيائين، تنهن لڄ سان چيس ته ”منهنجي ته اها دل جي خواهش آهي ته منهنجو حسن اڃا به هزار ڀيرا زياده هجي، ۽ منهنجي مايا ڏهه هزار ڀيرا وڌيڪ هجي ، ته تهنجي زياده لائق ٿيان !“ پوءِ هو پنهنجي شڪايت ڪري چوڻ لڳي ته ”آءٌ اڻپڙهيل ناآزمودگار ڇوڪري آهيان، مگر اهڙي وڏيءَ عمر جي ناهيان جو اڳتي تعليم وٺي نه سگهان_ اميد آهي ته آءٌ سڀ ڳالهه ۾ تنهنجي چئي ۾ رهنديس، ۽ تنهنجيءَ هدايت جي تعميل ڪنديس. في الحال ته آءٌ پاڻ تنهنجي آهيان، ۽ جيڪي مون وٽ آهي سو سڀ تنهنجو آهي، پر، بسئنيو ڪالهه آءٌ هن مزي جهڙيءَ جاءَ جي مالڪياڻي هيس، ۽ پنهنجي پاڻ راڻي هيس، ۽ هنن سڀني نوڪرن جي رئسياڻي هيس، ۽ هاڻ هي گهر ۽ هي نوڪر ۽ آءٌ پاڻ_ سڀ تنهنجا آهيون، ۽ اهي سڀ آءٌ تو کي هن منڊيءَ سان ڏيان ٿي !“ ايئن چئي ، هن بسئنيو کي هڪڙي منڊي ڏني. ههڙي دولتمند ۽ اشراف بيبيءَ ههڙي مفلس آدميءَ کي قبول ڪيو، تنهنڪري حيرت ۽ احسان بسئنيو کي اهڙو موڳو ڪري وڌو، جو هو پنهنجي خوشي ۽ احسانمندي پوريءَ طرح ظاهر ڪري نه سگهيو ـ رڳو محبت ۽ شڪر گذاريءَ جا ڀڳل لفظ ڳالهائي سگهيو ۽ منڊي وٺي، انجام ڪرڻ لڳو ته ”آءٌ اها ڪڏهن پاڻ کان جدا نه ڪندس!“

گرئشيانو ۽ پورشيا جي خذمتگارڻ ”نيريسا“ ٻئي انهيءَ مهل حاضر هئا، جڏهن پورشيا انهيءَ طرح بسئنيو، جي تابعدار  زال ٿيڻ قبول ڪيو. گرئشيانو هنن کي دعا ڪري ، پنهنجي به شادي ڪرڻ جي موڪل گهرڻ لڳو. بسئنيو چيس ته ”گرئشيانو، جيڪڏهن تو کي ڪا زال ملي سگهي، ته آءٌ گهڻو خوش ٿيندس“. تڏهن گرئشيانو چيو ته ”آءٌ بيبي پورشيا جي حسين خذمتگارڻ ”نيريسا“ تي عاشق آهيان، ۽ هن به مون سان انجام ڪيو آهي ته جي سندس بيبي اوهان سان شادي ڪندي ته هوءَ مون سان ڪندي“. پورشيا نيريسا کان پڇيو ته ”اها ڳالهه سچي آهي.“ ”نيريسا“ ورندي ڏني ته ”بيبي، جيڪڏهن تنهنجي مرضي هوندي ته بيشڪ ايئن ڪنديس“. جڏهن پورشيا خوشيءَ سان اجازت ڏني ، تڏهن بسئنيو چرچو ڪري چيو ته ”گرئشيانو، تڏهن اسان جي شاديءَ جي مجلس کي اوهان جي شاديءَ ڪري وڏو شرف حاصل ٿيندو !“

پر هنن عشق وارن جي خوشي انهيءَ گهڙيءَ مٽجي غمگين ٿي، جو هڪڙو قاصد اُتي آئنٽونيو جو خط کڻي آيو، جنهن ۾ ڪا خبر لکيل هئي.جڏهن بسئنيو آئنٽونيو جو خط پڙهيو، تڏهن سندس منهن جو رنگ اهڙو هارجي ويو جو ”پورشيا“ ڄاتو ته ڪنهن عزيز دوست جي مرڻ جي خبر آئي اٿس، ۽ هن کان پڇيائين ته ”ٻيو ته خير آهي؟“ هن چيس ته ”او پياري پورشيا، هن ۾ تمام ناخوشيءَ جهڙا لفط لکيل آهن. تو کي ياد هوندو ته جڏهن مون پهريندي تو سان محبت جون ڳالهيون ٿي ڪيون، تڏهن مون تو کي صاف چيو هو ته مون وٽ مايا رڳي اها آهي جا منهنجين رڳن جو اندر ٿي ڊوڙي، پر مون کي اِها ڳالهه وسري ويئي هئي، جو تو کي نه ٻڌايم ته نه رڳو  مون وٽ مايا ڪينهي، پر پاڻ مٿي تي قرض اٿم!“ پوءِ بسئنيو سربستي ڳالهه پورشيا کي ٻڌائي_ آئنٽونيو کان پيسن اڌارن وٺڻ جي_ ۽ آئنٽونيو جي شئلاڪ يهوديءَ سندس آئنٽونيو کان پيسن هٿ ڪرڻ جي ۽ هڪ پائونڊ گوشت ڏيڻ جي شرط سان دستاويز لکي ڏيڻ جي. تنهن کان پوءِ بسئنيو آئنٽونيو جو خط پڙهڻ لڳو ، جنهن جا هي لفظ هئا ؛ ”پيارا آئنٽونيو ، منهنجا سڀ جهاز ناس ٿي ويا، منهنجو يهوديءَ کي ڏنل دستاويز ضبط ٿيو ... ۽ جڏهن ڪيل شرط موجب منهنجو جيئرو رهڻ مشڪل آهي، تڏهن منهنجي مرضي آهي ته مرڻ مهل توکي اکين سان ڏسان! انهيءَ هوندي به تون پنهنجي خوشيءَ تي هلج ...جيڪڏهن تنهنجي محبت تو کي مون ڏي ڇڪ نه ڪري ، ته رڳو منهنجي خط جي پٺيان نه اچج!“ پورشيا چيو ته ”منهنجا پيارا جاني، سڀ ڪم پورو ڪري تون روانو ٿيءُ ! تنهنجيءَ چڪ ڪري تنهنجو اهڙو پيارو دوست هڪ وار جو ايذاءُ سهي، تنهن کان اڳي تون وڃي ويهه ڀيرا زيادهه پيسا ڏي. آءٌ تو کي ججهو خزانو ٿي ڏيان : جيئن تون مون کي گهڻي خرچ سان ملندين، تيئن آءٌ توکي گهڻو پيار ڪنديس.“ پوءِ پورشيا چيو ته ”بسئنيو جي وڃڻ کان اڳي آءٌ ساڻس شادي ڪنديس. ته منهنجي مال تي هو قاعدي موجب حقدار ٿئي“ پوءِ انهيءَ ڏينهن هنن جي شادي ٿي، ۽ ”گرئشيانو نيريسا“ سان پرڻيو. انهيءَ دم بسئنيو ۽ گرئشيانو وٺ ـ پڄ ڪري وينس ڏي اُٿي هليا، جتي بسئنيو آئنٽونيو کي اچي قيد ۾ ڏٺو. قرض ادا ڪرڻ جو ڏينهن گذري ويو هو، تنهنڪري بيرحم يهوديءَ بسئنيو جا آڇيل پيسا نه ورتا، ۽ آئنٽونيو جي گوشت جو پائونڊ گهرڻ تي زور رکڻ لڳو. وينس جي ڊيوڪ جي اڳيان هن خوفناڪ مقدمي هلائڻ لاءِ هڪڙو ڏينهن مقرر ٿيو، تيستائين بسئنيو منتظر ٿي ويهي رهيو.

جڏهن پورشيا پنهنجي مڙس کان جدا ٿي ٿِي، تڏهن هن کي دلاسو ڏيئي چوڻ لڳي ته ”موٽ ۾ پنهنجي پياري دوست کي به پاڻ سان وٺي اچج.“ انهيءَ هوندي به هن کي ڊپ ٿيو ته متان ڪا ائنٽونيو کي تڪليف پهچي ، سو جڏهن هيکلي ٿي، تڏهن دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳي ته ”ڪنهن رستي پياري بسئنيو جي دوست جي جان بچائڻ ۾ مدد ڏجي ته چڱو !“ جيتوڻيڪ اڳي محبت ۽ حيا مان پنهنجي مڙس کي چيو هئائين ته ”آءٌ تنهنجي حڪم پٺيان هلينديس ۽ تنهنجي هدايت تي عمل ڪنديس“، تڏهن به هينئر هن کي پنهنجي هوشياريءَ تي ڀروسو رکي، پنهنجي منهن هلڻ ضروري ٿيو، تنهنڪري هن هڪدم دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته وينس ۾ وڃي ائنٽونيو جي بچاءَ ۾ وڪيل ٿي ڳالهايان.

پورشيا جو هڪڙو مائٽ ”بيلاريو“ نالي قاعد يدان وڪيل هوندو هو، تنهن ڏي هن سارو احوال لکيو، ۽ هن جي انهيءَ بابت صلاح پڇيائين، ۽ هيئن به لکيائينس ته ”جواب سان وڪيلن جي پوشاڪ به مون ڏي ڏياري موڪلج.“ جڏهن قاصد موٽي آيو ، تڏهن هن وڪيل واري سربستي پوشاڪ به آندي ۽ ”بيلاريو“ جو خط به آندو، جنهن ۾ هن صلاح ڏني هيس ته ڇا ڪجي.

پوريشا پاڻ ۽ سندس خذمتگارڻ نيريسا کڻي مرداڻو ويس ڍڪيو . پوريشا وڪيلن جي پوشاڪ وڌي، ۽ نيريسا کي پنهنجو منشي ڪري ساڻ کنيائين. مقدمي هلڻ واري ڏينهن وينس ۾ اچي پهتا. ”ڊيوڪ“ ۽ صلاحڪار مشير محڪمي ۾ ويٺا هئا : انهن جي اڳيان مقدمو به شروع ٿيڻ تي هو، ته پوريشا اندر گهڙي آئي ۽ بيلاريو جو هڪڙو خط آڻي پيش ڪيائين، جنهن ۾ هن وڏي وڪيل ڊيوڪ ڏي لکيو هو ته ”جيڪر آءٌ پاڻ ائنٽونيو جي طرفان ڳالهائڻ اچان ها، پر بيماريءَ جي ڪري لاچار آهيان، ۽ منهنجي بدران ”بلٿاسر“کي ڳالهائڻ جي اجازت ملي.“ ڊيوڪ اهو عرض قبول ڪيو_ پر پورشيا، جا هاڻ بلٿاسر جي نالي هيٺ وڪيل جي پوشاڪ م هئي، تنهن جي صورت ۽ عجيب  ڏيک تي بلڪل گهڻو عجب لڳس.

پوءِ ته مقدمو هليو. پوريشا هيڏي هوڏي نهاريو : هن اُهو بيرحم يهودي ڏٺو، ۽ بسئنيو کي به ڏٺائين، پر هن کيس بدليل ويس ڪري نه سڃاتو . هو ائنٽونيو جي ڀر ۾ بيٺو هو، ۽ پنهنجي دوست جي غم ۽ ڊپ ۾ غرق هو.

جنهن ڪم ۾ پورشيا هٿ وڌو، سو باري ٿي ڏٺو، تنهنڪري هن نازنين زال جي همٿ وڌي، ۽ بهادريءَ سان اُن جي هلائڻ لاءِ ڪمر ٻڌائين. پهريائين هوءَ شائلاڪ سان ڳالهائڻ لڳي، ۽ قبول ڪيائين ته وينس جي قاعدي موجب ، دستاويز  ۾ جيڪو شرط آهي، تنهن جي پورائيءَ جو کيس حق آهي، پوءِ وري رحم جي خاصيتن جو اهڙو مٺو بيان ڏيڻ لڳي، جو بيرحم شائلاڪ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي دل نرم ڪري ڇڏي ها. هن چيو ته ”رحم مينهن جي بونڊ مثل آسمان مان هن زمين تي ڪري ٿو، رحم دوطرفي مهر آهي ، نه رڳو رحم ڪندڙ جي انهيءَ ۾ ڀلائي آهي، پر رحم ٿيل جي به، رحم بادشاهن کي سندن ڇَٽن کان وڌيڪ سهڻو لڳي ٿو، ڇو جو خدا تعاليٰ جو هي هڪ گڻ آهي، ۽ جيئن انصاف سان رحم جو وڌيڪ لاڳاپو هوندو ، تئين هن دنيا ۾ اختياريءَ وارا ماڻهو خدا جا پيارا ٿيندا“.پورشيا شائلاڪ کي چيو ته ”اسين سڀ انهيءَ رحم جي لاءِ دعا گهرندا آهيون، تنهنڪري اسان کي پاڻ رحمدل ٿيڻ کپي“. شائلاڪ ٻيو  ڪي ڪين چيو، پر قبض موجب شرطن جي پورائي ٿيڻ جو عرض ڪيائين. پورشيا تنهن تي پڇيو ته ”ائنٽونيو پئسا ڏيئي نٿو سگهي؟“ بسئنيو تڏهن يهوديءَ کي ٽي هزار ڊڪٽ ، جيترا ڀيرا هو گهري، اوترا ڀيرا ڏيڻ آڇيو، جن جي وٺڻ لاءِ شائلاڪ انڪار ڪيو، ۽ ائنٽونيو جي گوشت مان هڪ پائونڊ ملڻ تي زور رکيائين. بسئنيو هن جوان هوشيار وڪيل کي عرض ڪيو ته ”قاعدي کي ايئين ڦيراءِ جو ڪنهن به دستور ائنٽونيو جي حياتي بچي پوي“، پر پورشيا گنڀيرائيءَ سان چيو ته ”هليل قاعدو ڪڏهن به مٽجي نه سگهندو !“ شائلاڪ اِهي اکر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ڇو جو هن سمجهيو ته پورشيا سندس فائدي ۾ ٿي ڳالهائي، ۽ چيائين ته ”جوان وڪيل، تون عمر جو ننڍو آهين، ليڪن عقل انصاف ۾ وڏو ٿو ڏسجين !“

پوءِ پورشيا شائلاڪ کي چيو ته ”مون کي اهو قبض ته ڏيکار.“ جڏهن پڙهي ڏٺائين، تڏهن چوڻ لڳي ته ”هي قبض برابر ضبط ٿيو آهي ، ۽ هن جي زور تي هي يهودي قاعدي موجب گوشت جو پائونڊ وٺي سگهي ٿو، جو هو پاڻ ائنٽونيو جي دل جي ويجهي هنڌان وڍيندو.“ وري شائلاڪ ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي ته ”رحم ڪري پيسا وٺ، ۽ مون کي موڪل ڏي ته هي دستاويز ڦاڙي ڦٽو ڪريان.“ پر سنگدل شائلاڪ ڪو به رحم نه ڏيکاريو، ۽ چوڻ لڳو ته ”آءٌ پنهنجي ساهه جو قسم ٿو کڻان ته ڪو به ماڻهو مون کي هن ڳالهه تان سمجهائي ڦيرائي نه سگهندو !“ پورشيا چيو ته ”ائنٽونيو، تڏهن لاچار آهي، تون پنهنجو سينو چاڪو جي لاءِ تيار ڪر“. ۽ شائلاڪ پنهنجو وڏو خنجر گوشت وڍڻ جي لاءِ روهيءَ تي تکو ڪرڻ لڳو. پورشيا آئنٽونيو کي چيو ته ”توکي ڪي چوڻو آهي؟“ ائنٽونيو صبر ۽ تحمل سان ورندي ڏني ته ”آءُ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان ...مون کي ٻيو ڪي چوڻو ناهي.“پوءِ بسئنيو کي چوڻ لڳو ته ”بسئنيو، مون کي پنهنجو هٿ ڏي ـ هاڻي خدا کي پرتو آهين ! تون ارمان نه ڪجئين ته آءٌ تنهنجي ڪري هن آفت ۾ ڦاٿو آهيان. تون پنهنجي بيبيءَ کي منهنجا گهڻا سلام ڏجئين، ۽ ٻڌائجيئينس ته منهنجي تو سان ڪيتري نه محبت هئي !“ بسئنيو ڏاڍي ڏک ۽ پيار مان جواب ڏنس ته ”ائنٽونيو جنهن زال سان آءُ پرڻيو آهيان، سا ساهه وانگي مون کي پياري آهي، پر منهنجو ساهه ، منهنجي زال ۽ ساري دنيا منهنجي نظر ۾ تو جهڙي قيمتي ناهي ـ اُهي سڀ جيڪر آءٌ هٿان ڇڏيائين، ۽ هن شيطان کي تو تان گهوري ڏيان، پر تو کي بچايان !“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org