سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :7 

وتائي فقير جي به گڏهه چوري ٿي وئي ته هيڏانهن هوڏانهن شهر ۾ ڳولڻ بدران سڌو اچي قبرستان ۾ ويهي رهيو. ڪنهن چيس چور کي ڳولڻ بدران هتي ڇا ويٺو ڪرين؟ وراڻيائين:

”چور جو اڳ وٺڻ آيو آهيان. آخر ته هڪ ڏينهن مري هيڏانهن اچڻو اٿس.“

·     جڏهن ڏند هئا ته حلوو نه هو ۽ هاڻ جڏهن حلوو آهي ته ڏند نه آهن.

·     (زندگيءَ جو اهو دستور آهي. ضروري ناهي ته هر وقت سڀ خوشيون ملن. هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا نه اچي سگهندا آهن. ان ڪري ته چوندا آهن ته ڪڏهن ڏينهن وڏا ڪڏهن راتيون. اهو پهاڪو پڪ ملائيشيا انڊونيشيا ۽ ٻين خط استوائي ملڪن جي ماڻهن نه ٺاهيو هوندو، جتي جا ڏينهن ۽ راتيون هڪ جيڏيون ٿين ٿيون. چوندا آهن، ته انسان کي زندگي شڪر ۽ صبر ۾ گذارڻ کپي ۽ نه ان روسي عورت وانگر ڪنجهندي ته ”جڏهن نُنهن هيس ته سَسُ سٺي نه مليم ۽ جڏهن سَسُ ٿي آهيان ته نُنهن سٺي نه ملي اٿم.“ ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ سندس ئي ڏوهه هجي. جيئن هڪ ٻيو روسي پهاڪو آهي ته ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجي لکڻي ۽ پرائي زال وڻندي آهي.“

·     هونءَ روسي پهاڪا به دلچسپ ٿين ٿا. آئون گهڻو وقت روس ۾ نه رهيو آهيان. ڪنهن زماني ۾ اوڊيسا ۾ رهي چڪو آهيان. هينئر تازو سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ دوران ڪيترائي آذربائيجان، آرمينيا ۽ بيلاروس جا همراهه مونسان گڏ رهيا هئا. کانئن ٻڌل ڪجهه روسي پهاڪا هن ريت آهن:

·     محنت جي ڪمائي اٺ جي پڇ جهڙي ٿئي ٿي. ڪڏهن نٿي وڌي.

·     انڌن جي شهر ۾ اکيون بند رکڻ گهرجن.

·     ڪجهه ماڻهو ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهن ته دوزخ ۾ به رشوت هلي ويندي.

·     بيضا ڏيڻ واري ڪڪڙ کي رڙيون ڪرڻ جو حق آهي.

·     سمهي جيئڻ کان بيهي مرڻ بهتر آهي.

·     خچرن جي ولديت فقط پوليس ئي معلوم ڪري سگهي ٿي.

·     ڪنهن ٻليءَ جي دماغ ۾ اها غلط فهمي کڻي وڌي ته هنجو ڪاڪوس اڪسير آهي.

·     خوبصورت وارن واري ڇوڪري ٻن ڇوڪرين برابر ٿئي ٿي.

·     مهمان ٻئي مهمان سان ۽ ميزبان ٻنهي سان نفرت ڪري ٿو.

·     ڌراڙ کي انهن رڍن جو افسوس آهي، جيڪي هليون ويون ۽ بگهڙ کي انهن رڍن جو جيڪي بچي ويون.

·     بي سواد کيرڻي سهڻي چمچي سان کائڻ کپي.

·     ٻليون جي هٿن ۾ جوراب پائين ته ڪوئا ڪيئن جهلين.

·     ميڻ بتيون مهنگيون ٿيڻ جو انڌن کي ڪهڙو ملال.

·     گهوڙي جي اڳيان ۽ ڪتي جي پٺيان لنگهڻ کپي.

·     گڏهه کي شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ جو دعوت نامون مليو ته هو سمجهي ويو ته هن کي ڄاڃين لاءِ پاڻي ڍوئڻو پوندو.

·     ڀريل پيٽ ڪڏهن به ڪجهه نه سکندو.

·     ڪجهه ماڻهو بگهڙ جي گهر ماني کائڻ بعد ٻڪرار جي گهر افسوس ڪرڻ وڃن ٿا.

·     قانون اميرن جي لاءِ ٿئي ٿو ۽ سزا غريبن لاءِ.

·     ڳرو پٿر کڻڻ وارو ڪنهن کي به هڻڻ نه چاهيندو. وغيره وغيره.

·     وات اڌ حڪيم آهي.

(ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر جي دوا کان وڌيڪ سندس وات سان ڏنل تسليءَ مان مريض کي سڪون ملي ٿو. ان پهاڪي جو مطلب اهو به آهي ته وات تي ضابطو رکجي يعني پرهيز ڪجي)

·     انڌن وڃي ملتان لڌو.

(ڪوشش سان هر شيءِ ملي سگهي ٿي. رستو پڇائيندا پڇائيندا انڌا وڃي ملتان کان پهتا هوندا يا ته ڪنهن هنن کي هڪ واريءَ صحيح ٽرين ۾ چاڙهيو هوندو ته انهن ئي ڏينهن وڃي ملتان کان نڪتا هوندا. بشر طيڪه اندر جا حواس سجاڳ رکيا هجن.

   هڪ شرابي نشي جي حالت ۾ ڪيترائي دفعا غلط ريل گاڏين ۾ ويٺو ۽ هر دفعي هن کي اها ٽرين مٽائڻي پئي ٿي. آخرڪار هڪ شخص هن کي ضرورت واري ٽرين ۾ چاڙهيو. ڀرسان ويٺل هڪ مولويءَ جڏهن شرابيءَ جي اها حالت ڏٺي ته ڪاوڙجي چيو، ”ڇا توکي خبر آهي ته جنهن رستي تي تون سفر ڪري رهيو آهين اهو وڏو خطرناڪ آهي جنهن جي ڪا منزل ناهي.“

شرابي اهو ٻڌي منجهي پيو ۽ چيو:

”آئون شايد وري ڪنهن غلط ٽرين ۾ ويهي رهيو آهيان.“

·     ويئي سڱن ڪاڻ ڪن به ڪپائي آئي.

·     جيترو ڀؤ اوترو ڌؤ.

·     جيترو قائدو اوترو فائدو.

(ٻيو ڪو چوي يا نه پر سنگاپور جو لي ڪئان يو سڄي زندگي پنهنجي قوم کي اهو سبق ڏيندو رهيو ته ڊسپلينڊ زندگي سٺو آهي. جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جا قاعدا قانون ٺاهي، ان تي عمل ڪرڻ سان انسان سکي زندگي گذاري ٿو. اڄ سنگاپور ۾ تمام گهڻا قاعدا قانون آهن. رستي تي ٿڪ اڇلائڻ تي به سخت ڏنڊ آهي. زور سان ريڊيو وڄائي پاڙي واري کي ڊسٽرپ ڪرڻ تي به سزا آهي ۽ ٻيا ڪيترائي سخت قانون آهن. پر اڄ اهو سنگاپور سڀ ۾ سهڻو، پُر سڪون ۽ ماڊرن سمجهيو وڃي ٿو)

·     دم دال جو آڪڙ پُلاءُ جي.

·     سڌيءَ آڱر سان مکڻ نه نڪري.

(مقصد کي ماڻڻ لاءِ محنت ضروري آهي پوءِ ڪڏهن ڪڏهن نموني بازي ڪرڻ به ضروري ٿيو پوي. هڪ همراهه پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي گهر مان ڪڍڻ چاهيو ٿي. نوڪرياڻيءَ به ڪم نٿي ڪرڻ چاهيو پر جيئن ته هن جو پگهار اڃان رهيل هو سو هوءَ بيماريءَ جو بهانو ڪري سمهي رهي، ڄڻ دورو پيو هجيس.

·     مالڪ پنهنجي فئملي ڊاڪٽر کي سڏايو، جنهن جي تپاس وقت نوڪرياڻيءَ ڪن ۾ چيس: ”ڊاڪٽر صاحب آئون بيمار نه آهيان. گهر جي مالڪ مونکي ڇهن مهينن کان پگهار نه ڏنو آهي ان ڪري مون بيماريءَ جو مڪر ڪيو آهي. جيسين پگهار نه ڏيندو تيسين هتان نه ٽرنديس.“

ڊاڪٽر اهو ٻڌي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيو: ”ٿورو سِرُ ته آئون به اتي ئي سمهان.“

”پر ڇو؟! نوڪرياڻيءَ گهٻرائجي پڇيس.

”ٻن سالن کان مونکي به فيون نه ڏنيون اٿس.“ ڊاڪٽر چيو.

·     رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽورو ملي.

·     رڪ جا چڻا آنڊا چيرين.

·     رت ڏسي رمي هڻجي.

(ڪجهه هجي ته محنت به ڪجي. جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته خالي کوهه ۾ ڏول وجهڻ مان ڇا فائدو)

·     جهڙيون سٺ تهڙيون ٽي ويهيون.

(سٺ ۽ ٽن ويهين ۾ ڪوبه فرق ناهي. ڇو جو ٽي دفعا ويهه به سٺ ٿيا)

·     کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي.

·     مئا آهن، جيئرن جي وس.

·     منهن ڪونئري ڳلا پٽائي.

·     غريب گڏهه ٿيندو آهي.

(گڏهه کان وڌيڪ ٻيو ڪير غريب ٿي سگهي ٿو. گڏهه اڄ بک ۾ مالڪ جا موچڙا کائي بار ڍوئڻ بعد به صبر ۾ رهي ٿو.

هڪ ماڻهوءَ اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرايو: ”مونکي پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي جيون ساٿيءَ جي ضرورت آهي جنهن جو پڻ بنياد نج هجي، جيڪو وفاداري، سٺي طبيعت، شرافت ۽ خذمتگاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هجي. سهڻو هجڻ ضروري ناهي، پر سخت محنت کان نه گهٻرائي. جيڪو حڪم ڏيان ان کان انڪار نه ڪري ۽ رُکي سڪي کائي خدا جو شڪر ڪري. ذات پات، نسل، فرقي جو ڪو قيد ناهي.“

ٻئي ڏينهن هن جي دروازي تي هڪ گڏهه اچي بيٺو. هن جي ڳچيءَ ۾ هڪ ڪاعذ لڏي رهيو هو. جنهن تي لکيل هو: ”توهان جو اشتهار پڙهي توهان جي خذمت ۾ اچي حاضر ٿيو آهيان.“

·     منهن ڏسي تِلڪ ڏجي.

·     مئي کي مارڻ سورهيه جي گلا.

(مري ويل کي مارڻ ڪنهن به پهلوان جو ڪم ناهي)

·     ماريءَ جي گهرهڏن جو ڍير.

(ماري معنى شڪاري جيڪو پکي يا جانور ماري، ان جي گهر هڏن جو ئي ڍير هوندو)

·     اپڻي گهوٽ تو نشا هووئي.

(موالين جو قول آهي، ته پيئڻ واري کي خود به ڀنگ گهوٽڻ ۾ حصو وٺڻ کپي. ان جو نشو وڌيڪ ٿئي ٿو. هونءَ به پنهنجي هٿ سان جيڪو ڪم ڪجي ٿو اهو بهتر ٿئي ٿو يا گهٽ ۾ گهٽ بهتر لڳي ٿو. پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته پراوا ڪم به ڪندا رهجن.

ٻه ساهيڙيون ڪيترن سالن بعد پاڻ ۾ مليون ته يڪدم مڙسن جون گلائون شروع ڪري ڏنائون.

هڪ چيو: ”منهنجي شاديءَ کي ڏهه سال ٿي ويا آهن پر منهنجو مڙس مانيءَ جي هر ويلي تي کاڌي مان اوڻايون ڪڍي ٿو.“

ٻيءَ چيو: ”اها ته عجيب مصيبت ٿي ان سان ته توکي سخت مونجهارو ٿيندو هوندو.“

پهرينءَ جواب ڏنو. ”مونکي مونجهارو ڇو ٿيندو؟ جيڪڏهن هن کي پنهنجي هٿن جو رڌل کاڌو نٿو وڻي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“)

·     هڪ ڏينهن عيد، ٻئي ڏينهن گيد، ٽئين ڏينهن ساڳي ماني ساڳ سان.       

·     کَرُ ماڻهو وڻ ٻاٻرو، ٻنهين ڏينهن کٽن.

(کَرُ ماڻهو معنى لچ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو معنى ٻٻر جووڻ جنهن مان ڪنڊا لڳن. سي نه ئي هجن ته سٺو)

·     چرين ڪهڙا چت مئن ڪهڙا معاملا.

·     شل نه ڪنهن ڪميڻي ۾ ڪم پوي.

(اهڙو ماڻهو وڏي دل ڪري مدد ڪرڻ بدران رلائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي يا سڄي ڏيهه ۾ خوار ڪندو وتندو ته فلاڻي جي مون مدد ڪئي، نه ته ڪٿي جو نه رهي ها. ساڳي چوڻي گدڙ لاءِ به ڏني ويندي آهي ته گدڙ جي گونهه جي ضرورت پوندي آهي ته هو جبل جي چوٽيءَ تي وڃي هنگندو آهي)

·     گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچن.

·     (گهگهيرو گهوڙو معنى جيڪو هلندي هلندي بيهي رهي، اِٽون هڻي. پيٽيرو ماڻهو معنى رڳو پيٽ تي ڪمائڻ وارو نوڪر)

·     چريءَ کي چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾ ڪڏهن ٻانهن ۾.

·     مادي ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني.

·     ميهار نڪتو مينهن مان، وڇن ڪهڙي پارت.

·     چڱا سي جن جا پويان چڱا.

·     ملڪ ۾ ڏيڍ کجور ميان ليٽي باغ ۾.

(مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور معنى ملڪيت ۾ فقط هڪ ٻه کجيءَ جو وڻ، ان کي باغ سمجهي کٽ وڇائي سمهڻ)

·     ميون ڳور لائق، بيبي سيڄ لائق.

(ميون ڳور لائق معنى مڙس پوڙهو قبر ۾ وجهڻ جهڙو، زال جوان جاڻ)

·     گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي.

(جيڪو جنهن نسل جو هوندو انکي اولاد به ان نسل جو ئي ٿيندو)

·     بي حيائي بادشاهي.

·     هجتي لعنتي.

(گهڻي هجت رکڻ سان ماڻهو بدتميز ٿيو وڃي ۽ ٿڪ بُجي، گار گند تي لهيو اچي. انگريزيءَ ۾ به ان قسم جي چوڻي آهي: Familiarity breeds contempt: سڌريل قومن جا ماڻهو دوستيءَ ۾ پنهنجائپ کي هڪ حد کان وڌڻ ٽپڻ نه ڏيندا آهن، ڇو جو پوءِ گهڻي فري ٿيڻ سان هڪ ٻئي جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي)

·     پنهنجي ڪئي جو ويڄ نه طبيب.

·     دل کوٽي عذر گهڻا.

(ڪنهن ڪم يا پورهئي لاءِ دل نه چوڻ تي بهانا ٺاهڻ. جيئن چوندا آهن ته نچڻ نه اچي چوي ڀون سوڙهي. انگريزيءَ ۾ پڻ هڪ چوڻي آهي ته: (Where there is a will there are ways. 

·     اوڻٽيهه راتيون چور جون ٽيهين رات ساڌ جي.

(غلط ڪم ۾ ڪو به نٿو ڦٻجي. برائيءَ جو انجام برائي ئي آهي)

·     گهر جي کَنڊ ڪِر ڪِر ڪري، چوريءَ جو ڳڙ مٺو مٺو.

·     چيچ ڪپائي شهيدن ۾ داخل ٿيڻ.

(ٿوري محنت ڪري پاڻ کي وڏين ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ)

·     مٺو مٺو هڙپ هڙپ، ڪَوڙو ڪَوڙو ٿُو ٿُو.

(آسان ڪم اختيار ڪرڻ، ڏکئي ڪم کان پاسو ڪرڻ)

·     گهر جي دال ڀلي توڙي ٻاهر ملي پلو.

·     اهڙي خراب گهٽيءَ ۾ ئي ڇو وڃجي جو ڪتو کائي.

(اهڙي ڪِني صحبت ئي ڇو اختيار ڪجي جو بدنامي ٿئي)

·     نالي چڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي.

·     نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي.

·     ماءُ سارنگي پيءُ طنبور، ائين پيو نچي جيئن لنڪا جو لنگور.

·     نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي.

·     جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا.

·     لوڪ پسند پائجي، دل پسند کائجي.

(چوندا آهن ته ڪپڙا اهي پائجن، جيڪي ماڻهن کي پسند اچن ۽ کاڌو اهو کائجي جيڪو دل کي وڻي. پر اهڙو به ڪو ضروري ناهي. ٻئي ڳالهيون دل پسند به ڪري سگهجن ٿيون. هڪ ڪراڙو سِک ٻير جي وڻ تي فقط ڪڇو پائي، ٻير کائي رهيو هو. ڪنهن پڇيس سردار جي ڇا پيو ڪرين. وراڻيائين: ”رٽائرڊ ٿيڻ بعد هاڻ فقط ٻه شوق وڃي بچيا آهن. اوچو پهرڻ ۽ اوچو کائڻ.“)

·     مرد مري مانَ لاءِ. نامراد مري نان لاءِ.

·     گهر واريءَ جو هڪڙو گهر، بي گهريءَ جا سَوَ گهر.

·     لِڏ ۾ لعل لڪا پيا آهن.

·     مڪر چڪر جي ڪهاڻي، اڌ کير ته اڌ پاڻي.

·     مارجن ته مير، چاڪر ڇا چچلائجن.

·     نه پاروتو بچي، نه ڪتو ئي در تي اچي.

(جيئن ٿائي زبان ۾ هڪ پهاڪو آهي ته ”ڪتن کي به خبر پوي ٿي ته گهٽيءَ ۾ ڪهڙا گهر غريبن جا آهن.“)

ٿائي زبان ۾ به ڪيترائي دلچسپ پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جيڪي بئنڪاڪ ۾ ٿورا ڏينهن رهڻ وارو به مختلف دڪاندارن ۾ ٻاون ٻانڀڻن کان ٻڌي ٿو. ڪجهه ڪجهه، هن وقت مونکي به ياد آهن.

·     وارن سان ضرور پيار ڪريو، پر نه جُوئن سان.

·     ننڍي سوراخ واري سئيءَ ۾ خيال سان ڌاڳو وجهو.

·     سج کي ڪهڙي ضرورت کڙکٻيتي سان ريس ڪرڻ جي.

·     جيڪو وڻ ڇانوَ ڏئي، ان جي آسپاس وارو پٽ صاف رکجي.

استادن جي منهن تي ساراهه ڪجي، پورهيتن جي ڪم پورو ڪرڻ بعد ۽ دوستن جي پرپٺ.

·     پئسو آهي ته پير آهي، جيئن انگريزيءَ ۾ آهي ته: No money no honey

·     ڇوڪريءَ کي چڱي طرح سڃاڻڻ لاءِ سندس ڏاڏيءَ جو جائزو وٺجي.

   اڏامندڙ پکين جون قطارون پٺيان ڪوبه نشان نٿيون ڇڏين.

·     بئنڪاڪ ۾ توهان پٿر اڇلايو ته اهو ڪنهن ڪتي کي وڃي لڳندو، يا

بکشو ٻائي کي يا بادشاهي گهراڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي.

·     پنهنجي دوست جي لڇڻن جي تعريف ڪري سگهو ٿا، پر ڌارئين ماڻهوءَ جي فقط ڪپڙن جي واکاڻ ڪري سگهجي ٿي.

·     گنجو ماڻهو ئي ڦڻي لڀي ٿو.

·     هڪ اک بهتر آهي ڏهن زبانن کان، ۽ هڪ هٿ بهتر آهي ڏهن اکين کان.

·     سُتي جيڪو آسمان ڏي ٿڪون اڇلائي ٿو ان کي واپس منهن ۾ لڳن ٿيون.

·     بيماري جبل جيان اچي ٿي، ماڪوڙيءَ جيان ڇڏي ٿي.

(يعني آهستي آهستي، ٿوري ٿوري ٿي جان ڇڏي ٿي)

·     ڪنڊي کي ڪنڊو ئي ڪڍي ٿو.

·     نانيءَ اڳيان هميشه ناناڻا ساراهجن.

·     بگهڙ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو.

·     سمجهه سمجهه ۾ فرق ٿئي ٿو.

(ڄم _ روڪ کاتي وارن ڳوٺ ۾ ٻه پوسٽر لڳايا. هڪ پوسٽر ۾ هڪ گدلو گهر ڏيکاريل هو جنهن ۾ ڊزن کن ٻار ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ اڳيان ٺينگ ٽپا ڏئي رهيا هئا. ٻئي پوسٽر ۾ هڪ صاف سٿرو گهر ڏيکاريل هو. جنهن ۾ زال مڙس پنهنجن ٻن ٻارن سان گڏ ماني کائي رهيا هئا.

پر پوءِ خبر پئي ته ڳوٺ جون زالون جڏهن به هنن پوسٽرن وٽان لنگهيون ٿي ته ٻئي نمبر پوسٽر کي ڏسي افسوس مان ٿڌو ساهه کڻي چيو ٿي:

”ابوه! ويچارن کي فقط ٻه ٻار آهن!“

·     وار ڪترڻ سان مڙدو ڪو هلڪو نه ٿيندو.

·     چار ڏينهن چاهه جا، پوءِ وٽ پاسا واهه جا.

·     واڻيو ڳڙ کائيندو آهي ته لڪي کائيندو آهي.

·     ڏيهه کي ٻڌائڻ ڏيرياڻيءَ کان لڪائڻ.

·     اهڙي هجي ها ته ڌڻي به نه ڌڪينس ها.

·     دوستي ڪرڻ سولي، نباهڻ ڏکي.

(پر ڪي ڪي ماڻهو ته ڇا پر جانور به دوستي نباهي ڄاڻن. ڪتو ۽ گهوڙو پڻ انهن جانورن مان آهن، پر هڪ اهڙي وفادار گهوڙي جو مالڪ هن مان خوش نه هو. ڳالهه هيءَ ٿي ته هو سواري دوران گهوڙي تان ڪري پيو. ”ڪرڻ سان منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي. هاڻ جهنگل ۾ منهنجي ڪير مدد ڪري.“ هن ٻڌايو.

”پوءِ ڇا ٿيو. گهوڙو اتي بيٺو رهيو يا اهو به توکي ڇڏي هليو ويو.“ دوست پڇيو.

گهوڙي تي چڙ ڪندي چيائين: ”اهو مونکي وات ۾ جهلي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.“

”ته پوءِ تنهنجو گهوڙو بيحد وفادار ۽ عقلمندچئبو.“ دوست چيس.

”ها. پر ايترو به نه. هو نادان مونکي جانورن جي ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.“

·     گهاگهر ۾ ساگر سمائڻ.

(گهگهيءَ ۾ سمنڊ وجهڻ جيتوڻيڪ ناممڪن ڳالهه آهي، پر ڪنهن وڏي رام ڪٿا کي مختصر ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪوزي مين درياهه بند ڪرنا)

·     دنيا آهي چئن ڏينهن جو چٽڪو، ۽ حياتي آهي موت جو لقمو.

·     ٻه ٺڪر جا ٺولهڙا ٽين تڏي.

(تمام گهٽ سامان، تمام گهٽ مونجهارو)

·     ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾.

(ڪڏهن ڏک ۾ ڪڏهن سک ۾)

·     جيڪو لکيو آهي سوئي لوڙهبو.

·     زور اڳيان زاري سهي.

·     ڪوٽ ٺهيا به مڙسن لاءِ آهن ته ڪيرائيندا به مڙس.

·     ڇُري گدري تي ڪري يا گدرو ڇُريءَ تي، هر صورت ۾ نقصان گدري کي.

(گدري ۾ ڇري ڦاٿل ڏسي چئي سگهجي ته ڪير ڪنهن تي ڪريو. هڪ تمام ٿلهي زال کٽ تي ستي پئي هئي ته اوچتو زلزلو اچي ويو ۽ وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيائين. مڙس به ڀرسان ستل هو تنهنجي اک کلي پئي ۽ يڪدم پڇيائين:

”بيگم زلزلو اچڻ تي تون ڪري آهين يا تنهنجي ڪرڻ سان زلزلو آيو آهي؟“)

·     شينهن مري ته به ڊڀ نه چري.

(شينهن گوشت کائڻ وارو جانور آهي هو ڪڏهن به ٻڪري، رڍ، سهي وانگر گاهه نه کائيندو آهي. يعني هو مرندي مري ويندو آهي پر پنهنجو اعلى ”معيار“ قائم رکندو آهي. پر هو ڇا چوندا آهن ته ”بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.“ يقين ڪريو ڪراچيءَ جي چڙيا گهر (Zoo) ۾ بکايل شينهن ۽ لومڙن کي پاروٿي ڊبل روٽيءَ جا ڪَنا کائيندي ڏٺو ويو آهي)

·     جهڙي ڀِت تهڙو چِٽ.

(سٺي ڀت تي ئي سٺو چٽ ٺاهڻ تي دل وري ٿي)

·     ڦَرَ کان اڳ ڄر نه ڪڍجي.

·     اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.

·     ٻلي کائيندي ڪانه ساري، هنگندي ساري.

·     ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽَ گهر جي سونهن.

·     ڳل لڳڻيءَ کان وڃجي پر منهن لڳڻيءَ کان نه وڃجي.

·     ننگ جون پاڙون دوزخ ۾.

·     ادي چاڙهي، ابي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن به نه چاڙهي.

·     ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو لاهڻ.

·     (ٻئي کي لالچ ڏئي، موت جي حوالي ڪرڻ)

·     فقيرن پويان ڪئين ڪتا پيا  ڀؤڪندا.

·     نيم حڪيم خطره جان.

(اڻ پورو حڪيم جان جي لاءِ خطرو آهي. ڇو جو هن کي مرض جي چڱي طرح ڄاڻ نٿي ٿئي. پر ضروري ناهي ته رڳو نيم حڪيم مرض جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ته وڏا وڏا حڪيم ۽ سرجن به غلطيون ڪري سگهن ٿا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org