سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :6

هڪ ڏينهن پنهنجين پريشانين ۾ منجهيل مڙس گهر پهتو ته هن کان پنهنجي ٽيڏين اکين واري زال جي تعريف وسري وئي. زال پئي اڳيان پويان ڦري ۽ نخرو ڪري.

”هونءَ ته توهان اچڻ سان منهنجي تعريف ڪندا آهيو.“ آخر زال شڪايت واري لهجي ۾ چيو.

”اهو ته اڄ به چوان ٿو ته بابا تون تمام سهڻي آهين.“ مڙس ڪجهه بيزاريءَ مان. ڪجهه جان ڇڏائڻ لاءِ چيو.

پر زال ان مان مطمئن نه ٿي ۽ وري ٿوري دير بعد چيو: ”ڀلا منهنجا چپ؟“

”اهي به سٺا آهن“ مڙس پنهنجو منهن فائيلن ۾ ئي وجهندي چيو جيڪي هو ضروري ڪم پوري ڪرڻ لاءِ گهر کڻي آيو هو.

”ڀلا اکيون.......؟“ ٿوري دير بعد زال وري ڊسٽرپ ڪيس.

”هون.......؟“ مڙس پنهنجي ئي پريشانيءَ ۾ مختصر چيو.

”مون چيو منهنجيون اکيون؟“ زال وري سندس خيالن ۾ رخنو وڌو.

”اهي به سٺيون آهن“ مڙس وراڻيو پر زال ان مختصر جواب مان مطمئن نه ٿي چيس:

”بس.....؟“

”بس ٻيو ڇا؟“ مڙس وڌيڪ بيزاريءَ جو اظهار ڪيو، جنهن تي زال ڪاوڙجي چيس: ”هون ته تون هميشه چوندو آهي ته منهنجيون اکيون عنيقه اوڍو سان ٿيون ملن؟“

باربار ڊسٽرپ ٿيڻ تي مڙس باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائينس: ”ڌوڙ ٿيون ملن عنقيه سان. پنهنجو پاڻ سان ئي نٿيون ملنئي.“

·       چريءَ چکي ڏٺو، چي هل ڪالهوڪي هنڌ.

·       هڪ ويٺي هئي رٺي ٻيو پيڪان آيس چٺي.

* (جهٽ فيصلو ڪرڻ. پر ان ۾ وڏو هٿ پيڪي کان نياپو اچڻ ۾ نه هو. جيئن چنيسر جي لاءِ چيو ويندو آهي ته هو ليلا سان فقط هار واري ڳالهه تي رٺو هو. اهو ته هڪ بهانو ٿيو. هونءَ هن جي دل ۾ روسامي لاءِ اڳهين خيال هو.

چنيسر جي چت ۾ اڳهين ڪو هئو،

تنهان پوءِ ٿيو، مامرو هار تان.

·     غريبن رکيا روزا ته ڏينهن ٿيا وڏا.

·     مور چڱو پر پير ڏنگا.

(هر ماڻهوءَ ۾ ڪونه ڪو عيب ٿئي ٿو)

·     عورتن کي عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.

(جڏهن دنيا ۾ گهڻا اديب، اخبار نويس، پرنٽر، پبلشر مرد حضرات هوندا ته پوءِ ظاهر آهي اهڙي ڳالهه عورت لاءِ ئي چئي ويندي. عقل ڏائي کڙيءَ ۾ هجڻ معنى. گهٽ عقل هجڻ پر تنهن هوندي به ڪيترن گهرن تي راڄ عورت جو آهي. بلڪ هاڻ ته ڪيترن ملڪن تي راڄ به عورت جو ٿيندو وڃي. عورت تي ڪيترن ئي ملڪن مختلف چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. ”عورت جو پيار ان نهر مثال آهي، جنهن جو پاڻي ڪڏهن به سڪي نٿو“ اها چوڻي اسان وٽ پاڪستان ۾ مشهور آهي. اهڙيءَ طرح عربي چوڻي آهي:

”عورت حيا جو گلدستو آهي. خدا جي نعمتن مان سڀ ۾ وڏي نعمت آهي.“

·     ترڪي چوڻي: ”عورت بنا گهر ۾ برڪتون نازل نٿيون ٿين.“

·     ڪُويتي چوڻي: ”عورت جي جڏهن زبان نٿي ڳالهائي ته هن جون اکيون ڳالهائين ٿيون.“

·     بلغاري چوڻي: ”ڪنهن سهڻي عورت کان انڌي وڌيڪ ڪامياب زال ثابت ٿئي ٿي.“

·     اطالوي چوڻي: ”عورت جي دل جيترو نرمائيءَ سان پيار ڪري ٿي. اوترو ئي سختيءَ سان بدلو وٺي ٿي.“

·     هندستاني چوڻي: ”انسان جي ڪاميابي ۽ خوشين ۾ عورت جو ئي هٿ ٿئي ٿو.“

·     فرانسي چوڻي: ”عورت ۽ گدري جي چونڊ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.“

·     جپاني چوڻي: ”سهڻي عورت ۽ ڳاڙهي مرچ ٻنهي کان هوشيار رهجي.“

·     مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو. عورت پڙهي ته گهر پڙهيو.

جپاني، چيني ملئي زبانن ۾ ته عورتن تي ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا آهن. پر گهڻو ڪري سڀ انهن جي خلاف. جن مان ڪجهه هن ڪتاب جي آخري حصي ۾ ڏنل آهن.

آفريڪي ملڪن ۾ ته ورلي ڪو پهاڪو عورت جي تعريف ۾ هجي.

·     هر خرابيءَ جي پاڙ عورت سمجهي وڃي ٿي ۽ بقول پروفيسر منيڪي شپر جي.

·     In African Proverbs woman are Consistantly at

·     the receiving end”

توهان ڏينهن ٻه آفريڪا جي شهر ۾ رهو ۽ ٿي نٿو سگهي ته ڪو هڪ ٻه پهاڪو عورتن بابت نه ٻڌو. ڪجهه پهڪا جي هن وقت ياد اٿم:

·     ”عورت مرد ٿي نٿي سگهي“ يعني هوءَ ڪمزور ئي رهندي.

·     پنهنجن پيرن کان وڏن پيرن واري عورت سان هرگز شادي نه ڪجي.“

·     ”عورت کي وات نٿو ٿئي“ يعني سٺو ڳالهائڻ نٿو اچيس.

·     ڏاڙهيءَ وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي.“

يعني مرد هميشه گامون سچار ٿين ٿا، عورتون ڪوڙيون.

·     ”بنا مرد جي عورت: ٻج بنا ڌرتي آهي.“

(اڪيلي سر عورت ڪجهه به نه آهي. عورت جو شان مرد سان آهي)

”شاديءَ لاءِ جيڪا ڇوڪري انڪار ٿي ڪري، ان کان تڏهن خبر پڇجو، جڏهن عمر گذرڻ تي ڇاتيون لڙڪي پوندس.“

(يعني جوانيءَ ۾ عاشقن جي لوڌ کي ڏسي عورت کي مغرور نه ٿيڻ کپي، ڇو جو پوءِ پيريءَ ۾ هن کي ڪير به نٿو پڇي ۽ هن کي مڙس جهڙي سهاري جي سخت ضرورت محسوس ٿئي ٿي)

·     ”بد مزاج عورت جو علاج موچڙو ئي آهي.“

·     ”جيڪڏهن توکي پنهنجي زال سان پيار آهي، ته هن کي مار به ڏيندو ڪر.“

·     ”ڪڪڙ مادي کي ڪهڙي خبر آهي ته صبح ڪنهن وقت ٿئي ٿو. هوءَ هميشه ڪڪڙ نر جي وات ڏي نهاري ٿي“

(يعني ڪڪڙِ وانگر عورت کي به ايترو چئيوان ٿيڻ کپي جو جڏهن مڙس چوي ڏينهن ٿيو آهي ته ڏينهن سمجهي)

·     ”سهڻي عورت سماجي بيماريون پيدا ڪري ٿي.“

·     فصل لڻڻ جي موسم ۾ مست عورتون ئي پيٽ سان ٿين ٿيون.“ وغيره وغيره

(مطلب ته عورت ڪمزور آهي، ان ڪري هن تي هر ڳالهه جو الزام لڳايو ويو آهي. هر ڳالهه ۾ کيس نشانو بنايو ويو آهي. ڪا عورت سهڻي آهي ته ان کي نيچ ڏيکارڻ لاءِ به پهاڪا آهن جي ڪوجهي آهي ته به ڪيترائي پهاڪا آهن. پڙهيل آهي ته به ان کي بدڪردار چئي سگهجي ٿو، اڻ پڙهيل آهي ته به هن کي ڄٽ چئي ڌڪاري سگهجي ٿو. ڇو جو هن دنيا کي ڪيترا ”مرد جي دنيا“ سمجهن ٿا)

·     جيڪي ڪني ۾ هوندو سوئي پاٽ ۾ پوندو.

·     ڪتو ۽ ڪپات ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپات وهارجي وچ ۾.

(ڪپات معنى ڪپتيو ماڻهو، نالائق، سپات معنى سپتيو، سٺو ماڻهو ۽ ٽوڙهو معنى رسو. لچ کي ويجهو نه آڻجي، اشراف کي پيار ڏجي)

·     مئا پَرُ پٽجن هيل

(گذريل ڳالهيون وري نه دهرائجن)

·     جهڙا روح تهڙا ختما.

(جيڪو جهڙو ماڻهو هوندو، ان جي اهڙي ڳالهه ٿيندي)

·     ڪوڙي جي ڳالهه کڏ جي ڊوڙ. (ڪوڙي جي ڊوڙ مسيت تائين)

·     دولتمندن جا ڏاند ويامن.

(پئسي وارن جا ناممڪن ڪم به ممڪن ٿيو وڃـن)

·     ڪاڏي ڪوري ڪاڏي ترار.

(ڪوريءَ جو ڪم ڪپڙو اڻڻ ۽ وڪڻڻ آهي. هو ڇا ڄاڻي جهيڙي جنگ ۽ بارود بمن مان)

·     همراهه سرڳ ۾ وڃي يا نرڳ ۾، هن جو ڪم ڪفن سان.

(قبر کوٽڻ وارو جيڪڏهن هر جنازي تي ويهي منهن مٿو پٽي ۽ روئي رڙي ته انڌو ٿي پوي. هن جو ڪم آهي پنهنجي ڊيوٽي ڏيڻ. يعني قبر کوٽڻ يا ڪفن غسل جو ڪم ڪرڻ. فوتي جنت ۾ وڃي يا دوزخ ۾، ان سان هن جي ڪا سروڪار ناهي)

·     سوڙهي جتيءَ کان پير اگهاڙو ڀلو.

·     گهر جي جهيڙي کان جهنگ منهن ڀلو.

(جهڙي طرح سوڙهي جتي عذاب آهي، توڻي ٻئي ڪنهن کي محسوس نه ٿئي تهڙي طرح گهر جو جهيڙو انسان جو ذهني سڪون چٽ ڪري ٿو. ان کان گهر کان پري رهڻ بهتر آهي. هڪ سب مئرين جهاز تي خلاصين جي يڪي ڇهه مهينا موڪل ٿي ٿي، ته ڇهه مهينا ڊيوٽي، هڪ کان پڇيو ويو ته اها ته سخت تڪليف واري ڊيوٽي ٿي. ان تي سب مئرين وارن کلي چيو: ”نه، اسان ان قسم جي ڊيوٽي پسند ڪيون ٿا جو سڀ خوش گذارين ٿا.“

·     ”اهو وري ڪيئن؟“ ٻئي پڇيو.

”اهو هن ريت ته جيڪي خلاصي پنهنجين زالن سان ٺهيل آهن انهن کي ڇهه مهينا خوش گذارڻ لاءِ مليو وڃن ۽ جيڪي ٺهيل نه آهن، کين زال ڏٺي به نٿي وڻي ته انهن جو به ڇهه مهينا گهر کان پري سٺو وقت گذريو وڃي.“)

·     ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگو تيلي.

(ڪنهن غريب جو وڏي ماڻهوءَ سان پاڻ ڀيٽڻ)

·     اٽڪل سان الله، ڪورين ڦاسايو ڪنڊ ۾.

·     ابي جو موت ڏسي، پنهنجو مرڻ تان ارواح کڄي ويو.

·     ستو ته ڪتو، جاڳيو ته جن.

(ڏنگو ماڻهو)

·     وفاداري وڙ ڪتي جو.

(ڪتو ۽ گهوڙو انسان جا وفادار دوست چيا وڃن ٿا. ڪنهن ٻار کي اسڪول ۾ وفاداريءَ تي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو. هن لکيو، وفاداري ڪتي جو وڙ آهي. هيءَ خاصيت ڪن ڪن انسانن ۾ ٿئي ٿي پر تمام گهٽ.....)

·     ڦودني ۾ ڦيرو آهي يا وٽ ڪسا آهن.

·     پٿر پرايو سور پنهنجا.

(پٿر معنى ڪنهن جي قضيئي تي ان جي مائٽ سان وڃي همدردي ڪرڻ. ڪٿي ڪٿي ان کي تڏو به چئجي ٿو. ظاهر آهي ته جنهن جو پٿر هجي. اخلاقي طرح ان کي ياد ڪجي. ان لاءِ دعا ڪجي. پنهنجا سور کڻي نه وهجن. ان جهڙي هڪ ٻي به چوڻي آهي ته: جنهنجو تڏو تنهنجي ڳالهه ڪجي)

·     بيبي دُلي، ڍَڪي ڀلي.

·     ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.

(سنگاپور ۾ هڪ هندو دڪاندار اهو پهاڪو ڏاڍو استعمال ڪندو هو. هو پنهنجي دڪان ۾ ڪجهه اوچيون ڪجهه ٺڙڪ ٺڳيءَ جون شيون وڪڻندو هو. اسان کي رڳو ڪي خاص شيون وٺڻ لاءِ چوندو هو.

”موهن! اهو ڀلا ڇو. هي يوناني، جرمن، انگريز جهازي ته توکان هر شيءِ وٺيو وڃن. اسان ڇو نه؟“ هڪ دفعي مون پڇيومانس.

”بابا سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو،“ هن راز واري نموني سان ٻڌايو. ”توهان سڀ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ جيڪا به شيءِ وٺو ٿا ته گهر لاءِ وٺو ٿا. سڀاڻ ڪا شيءِ خراب نڪتي ته منهنجي گلا ٿي پوندي، ان ڪري آئون توهان کي ٺڳيءَ واريون ۽ نقلي شيون وٺڻ لاءِ نٿو چوان. باقي هي يوناني، انگريز، آمريڪن ڀلي وٺن. هتان وٺندا ٻئي پورٽ ۾ ڪنهن گرل فرينڊ کي ڏيندا. نه هنن جي گرل فرينڊ کي ياد نه کين ته ڪنهن کي ڏنائون ۽ ڪنهن کان ورتائون. ڌوٻي ڌوئي مالڪ روئي وارو حساب آهي هنن سان)

·     وڙهن گهوٽ ڪنوار، مار پوي وڪيلن تي.

(جيئن چوندا آهن ته وڙهن سان، لتاڙجن ٻوڙا)

·     هاٿيءَ جو بار هميشه هاٿي کڻندو آهي ۽ نه گڏهه يا ن جو ڪو ساٿي.

·     ڪڏهن ڪڏهن سُئيءَ جي پاکي مان اٺ لنگهيو وڃي.

(ڪڏهن ڪڏهن ته زندگيءَ ۾ ننڍا ڪم به نه ٿيندا آهن، ڪڏهن ته وڏا به ٿيو وڃن. جيتوڻيڪ اها هڪ ناممڪن ڳالهه آهي ته سئيءَ جي ننڍڙي سوراخ مان ڪو اٺ لنگهي سگهي. ان پهاڪي سان گڏ هڪ ٻيو به چيو ويندو آهي: ”سنڍ عورت کي ٻار ٿئي ٿو.“ اها ڳالهه اڄ جي سائنسي دور ۾ البت ممڪن ٿي رهي آهي.

·     جنهن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک مري سوئي.

(ضروري ناهي ته اهو هر وقت بک مري، ڪڏهن ڪڏهن ورهائڻ وارو بکيو مري ته ڪڏهن ڪڏهن ڦاٽي مري، يعني کيس پنهنجي لاءِ ايترو بچي جو کائي کائي پيٽ ڦاٽيس)

·     هڪ رعايت قاضيءَ جي سؤ شهادتن برابر آهي.

·     هڪ شينهن جو شڪار، سؤ لومڙيون ٿيون کائين.

·     دوست اهو جو آئيءَ ويل ڪم اچي.

(انگريزيءَ ۾ به چوڻي آهي ته: (A Friend in need is a friend

·     indeed

هڪ شخص پنهنجي ڪنهن شاهوڪار دوست سان گڏ بازار ويو. بازار پهچي هن پنهنجي دوست کي چيو: ”سؤ رپين جو ڪجهه سامان وٺڻو هوم پر ٻٽون گهر وساري آيو آهيان. ڇا تون منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو.......؟“

شاهوڪار دوست جواب ڏنس: ”ڇو نه. دوست اهو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. اچي هي چار آنا وٺ ڪنهن بس ۾ چڙهي گهران وڃي پنهنجو ٻٽون کڻي اچ.)

·     ڌڪ ڌيءُ کي ته سِکي نُنهن.

(ننهن جي فضول خرچ آهي، سست آهي، بي پرواهه اهي ته کيس سنئون سڌو چوڻ بدران پنهنجي ڌيءَ کي چئجي جيئن هوءَ ٿوري به عقلمند آهي ته هن لاءِ اشارو ڪافي آهي. هونءَ سس کي کپي ته پٽ کي پرڻائڻ کان اڳ سندس ٿيندڙ ننهن کان پٽاٽا ڇلرائي. جيڪڏهن هوءَ ٿلهيون کلون لاهي ته سمجهي وڃجي ته هوءَ تمام فضول خرچ آهي، جيڪڏهن هوءَ پٽاٽن جا خراب ۽ ڪارا داغ ڇڏيندي وڃي ته معنى سست ۽ ڪاهل آهي. جيڪڏهن پٽاٽن کي فقط هڪ دفعو ڇلي ته معنى جلد باز آهي. جيڪڏهن رڌيندي پٽاٽا ساڙي رکي ته معنى بيحد بي پرواهه آهي. اهڙي عورت کي ننهن ناهي، ڌيءُ کي دڙڪا نه ڏجن ته بهتر)

·     هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي نه لهي.

(شل نه ڪا عادت پوي ۽ خاص ڪري خراب عادت نشي پتي يا چوري چڪاريءَ جهڙي ته هڪ دفعو پوڻ بعد وري نڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي ۽ نڪرندي نڪرندي به ڪجهه اثر ڇڏيو وڃي. هو ڇا چوندا آهن ته چور چوريءَ کان وڃي ته به هيرا ڦيريءَ کان نه وڃي)

·     بگهڙن جو چڱو مڙس چراخ.

(خراب ماڻهن جا اڳواڻ يا دوست ساٿي به اهڙا ئي ٿين ٿا. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته چور کا ڀائي جيب ڪترا)

·     اڻندو اها جا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي.

(سٺي يا خراب اڻت، سولو يا ڏکيو چٽ، سنهي يا ٿلهي تند کڻڻ جو مدار ڪوريءَ تي آهي، جيڪو ڪپڙي جو خالق آهي. ائين به چئي سگهجي ٿوته سڀ ڪم رب پاڪ جي هٿ وس آهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪو لکيو آهي، جيڪي پروردگار چاهي ٿو.

وتائي فقير کي جڏهن چيو ويوته هر ڳالهه الله جي اختيار ۾ آهي ته ٿوري دير سوچي وراڻيائين:

”بلڪل صحيح ٿا چئو. پر هڪ ڳالهه امان جي به اختيار ۾ آهي. وڻيس ته ماني پچائي، وڻيس ته چانور.“)

·     اهوئي ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.

(ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪجهه ڪرڻ کپي)

·     اڻ گهريو ماءُ به پٽ کي ببو نه ٿي ڏئي.

(جيستائين ٻار روئي نٿو، ٻين لفظن ۾ گُهر نٿو ڪري يا هٿ پير نٿو هڻي، تيسين ماءُ به هن کي ٿڃ نٿي ڏئي)

وتائي فقير جڏهن ٻڌوته رب رزاق آهي، هو هر هڪ کي رزق ڏئي ٿو ته هو ان کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيو ۽ هڪ وڏي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. هڪ ڏينهن گذري ويو ڪجهه نه ٿيو. ٻيو ڏينهن به ائين گذري ويو. ٽئين ڏينهن هڪ ڳوٺ کي ٻئي ڳوٺ ويندڙ ڄڃ ان وڻ هيٺان اچي آرامي ٿي. کائڻ لاءِ هنن هڪ ڀت جي ديڳ رڌي. وتائي فقير جو بک ۾ برو حال ٿي چڪو هو. پوءِ جڏهن هنن ويهي کاڌو ته هن جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو پر هي اڃان به امتحان وٺڻ جي موڊ ۾ هو. آخر جڏهن هو کائي  پي بچيل ڳنڍ ۾ ٻڌي هلڻ وارا هئا ته وتائي دل ۾ چيو ته هاڻ ته بک ۾ مري ويندس. گُهران کڻي نٿو پر سندن ڌيان ته پاڻ ڏي ڇڪايان. سور ٿوري کنگهڪار ڪيائين.

کنگهڻ جو آواز ٻڌي ڄاڃين مٿي نهاريو ۽ پڇڻ لڳس: ”ابا فقير ڇا پيو ڪرين؟“

”ڪجهه به نه.“ وتائي فقير وراڻيو.

”ڀت کائيندين..........؟“ ڄاڃين پڇيس.

”هائو.“

”پوءِ اتي مٿي ڇا پيو ڪرين؟ لهي هيٺ آءُ نه.“ ڄاڃين ڀت جو پاٽوڙو اڳيان ڪندي چيس.

ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ جي ماڻهن وتائي کان پڇيو. ”ابا! ڪر خبر رب هر هڪ کي ڏئي ٿو يا نه.........؟“

وتائي وراڻيو: ”ڏئي ٿو، پر کنگهائي ڏئي ٿو.“

·     اٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.

(اٺ تي چڙهڻ يا لهڻ ائين سولو ناهي، جيئن ڪار يا جيپ ۾ وهجي. يا گڏهه يا گهوڙي تي وهجي. جن اٺن تي سواري ڪئي هوندي، انهن کي مٿئين پهاڪي جو احساس هوندو ته اٺ تي چڙهڻ ۽ لهڻ خواري آهي)

·     اڻائي به ويئي تڻائي به ويئي. وري ڪپهه جي ڪپهه.

(سڄي محنت برباد ٿي وڃڻ)

·     جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.

(جنهن وٽ پئسو آهي، ان جا ڪيترائي عيب ڍڪجيو وڃن)

·     کائڻ ويل گڏ سمهڻ وقت مسيت ۾.

·     کٽيو تو تان گهوريو وڃائج نه مور.

·     وَڇون کير ڏين ته مينهون ڇو ڌارجن.

·     انڌن آندو ٻلن چٽيو.

(شيءِ جي صحيح طرح نگهباني نه ٿيڻ ڪري، برباد ٿي وڃڻ)

·     جيڏي رات تيڏو سپنو.

·     کڻ کلو ٿيئي ڀلو.

·     جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو لهندي ڇا ڪندو.

·     وڻجن ٻير کائجن ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون.

(ڪمائي ٿورو خرچجي گهڻو، ته ڪهڙي ريت پت رهندي)

·     درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.

·     نه دشمن کي ڊپ نه سڄڻ کي آسرو.

(بي ضرر ماڻهو)

·     مالڪ وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وڃن گهوتا کائيندا.

·     جي وسي چيٽ ته ان نه ماپي کيٽ.

·     دال روٽي کاڌي ڌن کٽي ته کٽڻ ڏينس.

(دال کان وڌيڪ ٻي ڇا سستي شيءِ ٿيندي. هڪ ڪنجوس امير ماڻهوءَ کي ان کان وڌيڪ ڪهڙي پڪائي ڪرڻ کپي)

·     ماڻهو سڀ چڱا پر ڪي ڪِن سان، ڪي ڪن سان.

(جنهن کي توهان خراب سمجهو ٿا، ان جا به ضرور ڪي سڄڻ ساٿي هوندا، جن کي هو وڻندو هوندو، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته خراب ماڻهوءَ جا دوست به اهڙائي ٿين ٿا)

·     جيئرو ته لک جو، مئو ته ڪک جو.

(اهو حال آهي هڪ انسان جو ۽ شايد هر پکي پکڻ ۽ جانور جو، سواءِ هاٿيءَ جي. جنهن لاءِ سندس نيشن TUSKS ڪري چيو وڃي ٿو ته: جيئرو ته لک جو مئو ته سوا لک جو)

·     گنجو کنهڻ کان نه رهي.

(عادت کان مجبور ماڻهو پنهنجي عادت پوري ڪري ٿو. وار ۽ جؤون ختم ٿيڻ بعد به گنجي جو هٿ مٿي ڏي هوندو آهي)

·     جيڪي لکيو آهي سو لوڙهه.

·     هو سوڙ پاند نه ڏين، هيءَ وچ سمهندي.

(پنهنجو پاڻکي زوريءَ وڻائڻ ۽ ان سان ملندڙ هڪ ٻيو پهاڪو آهي ته:

·     هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.

·     عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪونه ٿيلهيندو.

·     ويٺيون نه مڱن، مڱيون نه پرڻجن ته جڳ ڪيئن هلي.

·     هڙ سکڻي لوڏ گهڻي.

(هڙ ۾ ڪجهه نه باقي آڪڙ وڏي)

·     هنڱ سهانگي ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي.

(هنڱ هڪ اگري ڌپ واري شيءِ ٿئي ٿي. اها پاٽ _ يعني ڏريل ان جي رٻ ۾ ڪيئن ٻرڪبي. گهورڻ معنى ٻرڪڻ)

·     جنهن جو تڏو  تنهنجي ڳالهه.

·     ذات ڪانون کي به پياري هوندي آهي.

(هرهڪ ماڻهوءَ کي پنهنجو وڻي ٿو)

·     پلئه پراڻو نه ٿيندو آهي.

بدلو ڪڏهن به وٺي سگهجي ٿو. پر ڪنهن کي معاف ڪرڻ ان کان وڏو اجر جو ڪم آهي)

·     ڏٺو پير پني مراد.

·     هنڌ ڏسي ها سي ڪجي.

(هاسي معنى کل مسخري، هر ڳالهه مهل ۽ موقعي مطابق سونهي ٿي)

·     هٿ سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کڻي.

(ٻين لفظن ۾ اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ٻي. منهن ۾ موسى اندر ۾ ابليس وارو حساب)

·     ڪک جي هيٺان لک.

·     ٺوڙهن کي ڦڻوٽا ڇا ڪندا.

(هر ماڻهو ان شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو. جنهن جي هن کي گهرج آهي. ٺوڙهن کي ڦڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت. پر جيڪڏهن ڪو ٺوڙهو ڦڻي رکي ٿو ته وڏو بيوقوف آهي يا وري سياڻو جو ڪي ڪي ماڻهو گنجي سان چرچا ڪرڻ لاءِ پڇندا آهن: ”ڀائو توهان وٽ ڦڻي هوندي“)

·     جيئن موتين ۾ هيرو، تيئن راڳن ۾ ڪلياڻ.

·     مورک سڀ ڄمار، سگهڙ ساعت هڪڙي.

·     ٻوڙن سان ڪهڙا سرٻاٽ ڪبا.

(ظاهر آهي ٻوڙو ماڻهو جيڪو زور سان به نه ٻڌي اهو ڇا سرٻاٽ يعني ڀڻ ڀڻ  ٻڌندو)

·     ننگ ۽ وڙ ڇني نه ڇنجن.

(دوستي ته ختم به ٿي سگهي ٿي پر مائٽي مٽي ڇنڻ سان به نه ڇڄي)

·     من ۽ موتي ڀڳو، سڄو نه ٿيندو

جي سڄو ٿيندو ته به سنڌو.

(سنڌو معنى نشان. موتيءَ وانگر انسان جي دل به هڪ دفعو ڀڳي ته وري ٺهڻ ڏکي. پر جي ٺاهه ٿي وڃي ته به اهو پهريون پيار ۽ اعتماد نٿو رهي)

·     گهڻا هر ٻنيءَ کي ڏبا آهن.

(ڪو ماڻهو ذري ذري اڳ ٻڌي ڪا ڳالهه کوٽڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي مٿيون پهاڪو چئي سگهجي ٿو. ٻنيءَ کي جيترا هر ڏبا اوترو سٺو پر انسان اهو سٺو جيڪو هڪ دفعو چوڻ تي ئي ڪم ڪري)

·     ويلو نه وقت، ليلان چڙهي تخت.

(ڪي ماڻهو نه وقت ڏسن نه مهل، هر وقت نخرا ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن)

·     تتر ڏيکاري ڀتر ڏيڻ.

(سٺي شيءِ ڏيکاري خراب ڏيڻ. خاص ڪري ٺڳ دڪاندارن جو اهو وهنوار آهي)

·     گڏهه به ڪڏهن گج پاتو.

·     ڏاهو ڪانگ ٻپيرو ڦاسي.

ُچو ماڻهو جڏهن ڦاسندو آهي ته پوءِ چڱيءَ طرح ڦاسندو آهي)

·     پارڻ کان مُڙڻ ڀلو.

(بدلو پارڻ کان بهتر آهي ته ٻئي کي بخش ڪري ڇڏجي يعني مڙي وڃجي)

هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو: ”بابا جڏهن توهان فيل ٿيا هئا ته ڏاڏا توهان سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو؟“

پيءُ وراڻيو: هن مون کي تمام گهڻي مار ڏني هئي.“

ٻار: ”۽ ڀلا جڏهن ڏاڏا فيل ٿيو هو تڏهن.........؟“

پيءُ: ”ته هن جي والد هن جو مٿو ڦاڙي رکيو هو.“

ٻار: ”آئون به فيل ٿي پيو آهيان. پر توهان جي ٿورو مون سان تعاون ڪريو ۽ ضد تان مڙي وڃو ته هيءَ خانداني ويڙهه ختم ٿي سگهي ٿي.“

·     ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.

·     (ڄاڻي معمولي ڪم به نه هٿ وجهي وڏن ۾)

·     ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.

·     ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.

·     اسين سنڌي به نه سمجهون، هو پارسيون پڇن.

·     چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.

(چاڪيءَ جو ڏاند ٻيو ڀلا وڃي به ڪيڏانهن سگهي ٿو. هن ٻيو گس ڪهڙو ڏٺو آهي. جيڏانهن وڃي. هن جي سڄي عمر گهاڻي جي چوڌاري ئي ڦرڻ ۾ گذري ٿي)

·     ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.

·     مينهن ڍائي هوري هلي، ٻڪري ڍائي ٺينگ ڏئي.

(انهن ٽرڙن ماڻهن ڏي اشارو آهي جن وٽ ٿورو اچڻ تي به هنن جا حواس خطا ٿي وڃن. سنگاپور ملائيشيا پاسي ڪيترا هندو واپاري پنهنجي اولاد کي سمجهائيندا آهن، ته بابا ڪيڏي به دولت اچي پر دم سان هلو، ٽرڙائي نه ڪريو. ۽ پوءِ کين مثال مينهن جو ڏيندا آهن ته ڍؤ جهلي هڪ مينهن ۽ ٻيو ڀاڀڙو.

·     ملن جي پريت طبق تائين، ڇوڪرن جي پريت سبق تائين.

(طبق معنى کاڌي جو خومچو. ختمي خيرات لاءِ مجاور ملي کي گهرايو وڃي ٿو ۽ جيستائين ماني آهي هو به موجود آهن، جيئن شاگرد جي دوستي به سبق تائين رهي ٿي)

·     وهندي پير ٻوڙ به چڱيءَ، بيٺل تار به نه چڱي.

(ٿوري ئي ٿوري ڪمائي هلندي رهي ته سٺي ڳالهه آهي. ڇو جو کاڌي ته کوهه به کٽيو وڃن)

·     هرڻي اڳي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.

(هرڻي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ جانور آهي. گهنڊڻي موڳي جانور کي به مستي ڏياري ٿي. هو هرڻي جهڙي جانور کي گهنڊڻي ٻڌڻ سان اهو ويتر گهڻا ٽپ ڏئي ٿو. هي پهاڪو اڪثر انهن ڇوڪرن يا ڇوڪرين لاءِ چيو ويندو آهي جيڪي اڳهين رولاڪ هوندا آهن. مائٽن جي وڌيڪ آزادي ڏيڻ تي هو هيڪاندو گهڻو ڇڙواڳ ٿي پوندا آهن)

·     ياد جنين کي يار، سي ياد هميشه يار کي.

·     نير جو ٽِڪو لهي وڃي، گلا جو ٽِڪو نه لهي.

·     موت ناهي مهڻو، شادي ناهي گار.

(پهاڪي جو مطلب شايد اهوئي ته هڪ ڏينهن هر انسان کي مرڻو آهي. بهرحال ان تان ياد آيو، ميڊيسن جو پروفيسر يونيورسٽيءَ جي شاگرد کي ليڪچر ڏيئي رهيو هو. ”ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته علاج جو طريقو ايلوپيٿي آهي يا هوميوپيٿي، آريو ويدڪ يا طب يوناني...... هر هڪ جو رستو قبر ڏي وڃي ٿو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org