سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :10

”اهو ته آهي پر مونکي اها ڳالهه به ذهن ۾ هوندي آهي ته جيڪڏهن مونکي ڦاسي ڏني وئي ته هن کان به چئوڻو هجوم هوندو.“ چرچل جواب ڏنو.

·     حراميءَ جو هَر، واريءَ ۾ به نه هلي.

·     ڪُني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي.

·     تڪڙ ڪم شيطان جو.

(ٿي سگهي ٿو اها چوڻي صحيح هجي يا سست ماڻهن پنهنجي ڪمزوري لڪائڻ لاءِ گهڙي هجي. هونءَ سياڻن جو اهو پڻ قول آهي ته گهوڙو ۽ گهر وٺڻ ۾ جلد بازي نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ٻيون به ڪجهه شيون هجن جن ۾ پڻ جلد ازي نه ڪجي.

هڪ عورت سڄي دڪان جا تاڪيا کڻي کولرايا پر کيس ڪوبه ڪپڙو پسند نه پئي آيو. آخر بيزار ٿي ويچاري مڙس چيو: ”بيگم ! تون به ڪمال ٿي ڪرين. هيتري دير ٿي وئي آهي پر توکي ڪو وڳو پسند نٿو اچي. جلدي ڪر تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي.“

زال ڪاوڙ مان چيس: ”توهان مهرباني ڪري پنهنجو وات بند رکو ته سٺو. ان جلدبازيءَ ۾ ئي ته اچي توهان کي پسند ڪري ويٺيس ۽ هاڻ ڏهن سالن کان ان تڪڙ جي سزا ويٺي ڀوڳيان.“)

·     انڌن آندو، ڪتن کاڌو يا ٻلن چٽيو.

·     اڄاڻ کي جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.

مصري ۽ ڦٽڪي هڪ ئي رنگ جي ٿئي ٿي سندن شڪل پڻ هڪ ٻئي سان ڪافي ملي ٿي. اهو ماڻهو جيڪو ٻنهي کان اڻ واقف هوندو ان کي ڪهڙي خبر ته ڦٽڪي ڪهڙي آهي ته مصري ڪهڙي ۽ مصري مان ڪهڙا فائدا آهن ۽ ڦٽڪي مان ڪهڙا گڻ.

ان تان مونکي ياد آيو ته هڪ ٻيڙيءَ ۾ ڪو ٻار پهريون دفعو درياهه اڪري رهيو هو. ٻيڙي جڏهن وچ درياهه تي پهتي ۽ ٿورو لڏڻ سان گڏ پاڻيءَ جون ڇوليون مسافرن کي لڳيون ته ڊپ ۾ ٻار وٺي رڙيون ڪيون. هڪ هڪ کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو سرچي نه. آخر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هڪ داناءَ ٻين کي صلاح ڏني ته هن ٻار کي کڻي درياهه ۾ اڇليو، ٻه چار غوطا کائڻ بعد پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.

هنن ائين ڪيو پهرين ئي غوطي تي بچايو بچايو جي رڙين تي ٻار کي درياهه مان ڇڪي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيائون ۽ پوءِ سمورو وقت ٻيڙيءَ جي ڪنڊ جهلي ماٺ ۾ سفر ڪندو رهيو. داناءَ ماڻهوءَ انتي ٻين کي چيو: ”ڏٺانوَ، غوطا کائڻ کان اڳ نه هن کي ٻڏڻ جي تڪليف جي خبر هئي ۽ نه هن ٻيڙيءَ کي پنهنجي سلامتيءَ جو ذريعو سمجهيو ٿي. هاڻ هو ٻنهي ڳالهين کان واقف ٿي ويو آهي.“

·     سو اڄاڻ کي اصل حقيقت جي ڇا خبر.

·     طمع سندو طس، ڀريو ڀرجي ڪينڪي.

·     ليکو آچوکو ۽ چوکي آ پريت.

·     پرائيءَ ڌيءَ کان کارڪ به چڱي.

·     اڪ مان ڪمند نه ٿئي توڙي مصري جر وهي.

·     آهُر جي آسري جهنگ نه چري.

·     چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک.

ٻن سياسي ليڊرن ۾ گرما گرم بحث هلي رهيو هو. بحث هلندي هڪ ليڊر ٻئي کي چيو: ”آئون سمجهان ٿو ته تون ڪنهنجي اشارن تي نچين ٿو.“

ان تي ٻئي ناراض ٿي چيس: ”ها تنهنجي ڳالهه نٿي ٺهي ته تون سياسي بحثن ۾ منهنجي زال کي وچ ۾ آڻين ٿو.“)

·     ڪٿي واري ڪٿي ترڪاري.

·     جيڪي ڇاٻا ڏيندا، سي ئي چاٻا ڏيندا.

(سارين ۾ رونبي کان اڳ ۾ پاڻي بند ڪرڻ لاءِ ڇاٻون ڏبيون آهن ته جيئن زمين ۽ پوک سيڪ وٺي ۽ سارين جو فصل جهجهو ٿئي)

·     ويچارو ٽماٽو نه ڀاڄين ورتو نه ميون پرتو.

·     ڇڻندڙ ڇاٽن کي، ڪيڏيون ڏبيون ڇاٻون.

(مينهن کي ڪيڏا بند ڏئي ڪيڏا ڏبا)

·     ڏئي ڏئي پٽ نه ڏيندو، زال ته ڪونه کسيندو.

·     ڇاڪر ماءُ کي ڪنيءَ تائين آسرو.

(ڇاڪر، مڇيءَ جو اهو قسم آهي جيڪو جلدي نه مرندو آهي، تنهن ڪري چيو ويندو آهي ته ڇاڪر جي ڪني ۾ وجهي پچڻ تائين هن جي ماءُ کي سندس ورڻ جو آسرو هوندو آهي)

·     کٽل واڻيو کنديون سنڀالي.

·     سڀڪو سپنا ماڻي، ساڀيان ماڻي ڪو ڪو.

(خيالن خوابن جي دنيا ۾ ته هرڪو رهي ٿو پر ٿورا آهن جن جا جواب صحيح ثابت ٿين ٿا)

·     تنهنجي مرڻ جو ارمان ڪجي، جنهن جي جيئڻ مان ڪو فائدو هجي.

(منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه ويندي جانورن لاءِ به صحيح آهي. مالڪ نوڪر کي چيو: ”ٻلي منهنجي مئي آهي.تون ڇو پيو روئين؟“

نوڪر وراڻيو: ”سائين هاڻ آئون کير پي ڪنهن جي نالي هڻندس.“)

·     ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس.

(هڪ بس ڊرائيور ۽ پادريءَ هڪ ئي وقت وفات ڪئي. ميدان حشر ۾ به ٻئي گڏ پهتا. بس ڊرائيور کي جنت ۽ پادريءَ کي دوزخ ۾ موڪليو ويو. پادريءَ ٻاڏايو: ”ياالله آئون ته هميشه واعظ ۾ نصيحتون ڪندو هوس.“

جواب مليو: ”جڏهن تون واعظ ڪندو هئين ته سامهون ويٺل ماڻهو سمهي رهندا هئا ۽ جڏهن هي ڊرائيور بس هلائيندو هو ته سڀ مسافر دعا گهرندا هئا)

·     سونهن سِڪي سون ڪاڻِ،  سون سِڪي سونهن ڪاڻِ.

·     آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي ويٺي بورچياڻي.

·     اَنَ جو منهن جنڊ ڏي، جنڊ جو منهن اَنَ ڏي.

·     بکيو گدڙ شينهن سان گڏ کائيندو آهي.

·     کنئي کپي ڪانه، ڳولي لڀي ڪانه.

·     عقل جو انڌو، ڪهڙو ڪندو ڌنڌو.

(واقعي عقل ئي اهڙي شيءِ آهي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ڪري ٿو، پر ضروري ناهي ته جانور پکي بنا عقل جي هجن. ڪي ڪي ته انسانن کان به ڏاها ٿين ٿا ۽ عجيب ڪم ۽ ڪرتب ڪري ڏيکارين ٿا)

هڪ ڪتي کي پتي راند کيڏندو ڏسي آيل مهمان گهر جي ڀاتين کان پڇيو: ”ڇا ڪتي کي به پتي راند اچي ٿي؟“

”ها“ هنن ٻڌايس. ”پر سٺو رانديگر ناهي، جڏهن به سٺا پتا اچنس ٿا ته خوشيءَ ۾ پڇ لوڏڻ شروع ڪريو ڏئي.“

·     نَمُ ته ٿيئي ڪم.

(انسان کي هميشه نياز ۽ نِوڙت کان ڪم وٺڻ کپي. ميويدار وڻ هميشه نمي بيهي ٿو. نمي ڳالهائڻ وارو نوڪر هميشه مالڪ کي وڻي ٿو. ائين ته نمي ڳالهائڻ وارو مڙس زال کي به وڻي ٿو.

هڪ ڪلارڪ پنهنجي صاحب کان پڇيو: ”سر توهان شادي شده ماڻهن کي ئي فرم ۾ ڇو ٿا رکو؟“

صاحب وراڻيو: ”ان ڪري جو هو پهرين ئي گارين ۽ دڙڪن کائڻ جا عادي هوندا آهن.“)

·     سکڻي ڪني گهڻو اڀامي.

(گهڻن ماڻهن جو رتبو گهڻو هوندو آهي، پر لئه وڏي رکندا آهن.

هڪ ڦاٽڪ واري پنهنجي نئين شادي ڪيل ڪنوار کي لئه ڏيکارڻ لاءِ ايندڙ ريل گاڏيءَ جو ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيو. گاڏي ويجهو اچي بريڪ هڻي بيهي رهي. انجڻ ڊرائيور ڪاوڙ مان لٿو ۽ ڦاٽڪ واري کان رڙ ڪري پڇيو:

”اڙي خوامخواهه گاڏي ڇو بيهارائي؟“

”مون پنهنجي زال کي پنهنجي اهميت ٿي ڏيکاري.“ ڦاٽڪ واري چيو. ان تي انجڻ ڊرائيور ٿڦڙ وهائي ڪڍيس ۽ دروازو کولائي گاڏي وٺي روانو ٿي ويو. گاڏي وڃڻ بعد ڦاٽڪ واري زال کي چيو: ”ڏٺئي منهنجو پاور. گاڏي بيهاري ڇڏيم.“

”۽ ڀلا ڊرائيور توکي ٿڦڙ ڇو هنئي؟“ زال پڇيس.

”اهو هن پنهنجو پاور ڏيکاريو.“ ڦاٽڪ واري چيو.

·     هوند ته هونگار آ.

·     ناهه گندي، ناهه سيءُ.

·     تڪبر، ڪنڌ ڀر.

·     سج کاري هيٺان نه لڪندو آهي.

·     پنهنجو ماري ڇانوَ ۾ وهاري.

·     گونگي ڏنيون گاريون دل ئي دل ۾.

·     گهر جي ڪڪڙ دال برابر.

(اصل پهاڪو شايد اڙدوءَ جو آهي. مطلب اهوئي ته گهرجي سٺي شيءِ به سادي لڳي ٿي. ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي سهڻي زال کان آفيس جي ڪوجهي سيڪريٽري بهتر لڳندي آهي ۽ ياد به ان جي گهڻي ايندي آهي.

هڪ اهڙي همراهه گفٽ شاپ تان عطر جي شيشي خريد ڪئي. دڪاندار ان کي سهڻي پني ۾ پئڪ ڪري چيو:

”سائين هي عطر توهان جي زال کي ضرور پسند ايندو.“

همراهه ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”چڱو جو ياد ڏيارئي. هڪ شيشي ٻي به پئڪ ڪجانءِ.)

·     جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهڻ.

·     پئسي جي تار به بري،  ته تانگهه به بُري.

·     ماڻهو ڌن جو داس (غلام) ٿي نه پر ڌن جو ڌڻي ٿي ڪمائي.

·     جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پُڙ کڻ ته پُڙ ڳورو.

·     آهي ته ڌمڻ ڌما، نه ته لنگهڻ سُمهان.

·     بُکي جون اکيون چلهه ۾.

·     ماءُ مُوري پيءُ بصر، ڌيءُ داناءُ گل زعفران.

·     وٺو ته ٿر نه ته بر.

·     ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪک لاءِ پيا سڪن.

·     هٽ کان ٻاهر واڻيو ٽڪو به نه لهي.

·     پنهنجو سُڄو به ڌارئي سائي کان سَٻَرُ.

·     غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.

·     وَهو ڍڳي تي مارَ.

·     سڪي سڪي مڙس ڪيائين. ٻي جا ٻڌائين سڳي،

·     اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻ لڏڻ لڳي.

·     ڪِني اڳڙي ڪنڊ ۾ ڌوئجي.

·     وڙهن سپاهي نالو سردار جو.

·     جو ڊوڙندو سو ٿڪبو.

·     پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀنگو نه ڊاهجي.

·     بدن ۾ دم نه، نالو زوراور خان.

·     ڪُتِي کي پيٽ ۾ سور، سرائيءَ جو پڇ تي زور.

·     جهڙا روح تهڙا ختما.

·     ٻار مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس تيڏانهن وري.

·     پوڙهو اٺ ٻه ڪنواٽ لهي.

·     ونڊي کاءُ سک پاءُ.

·     جيڪو ترندو سو ٻڏندو.

(جيڪو پاڻي ۾ لهندو يعني ترندو، ان جا ئي ٻڏڻ جا امڪان هوندا. باقي جيڪو پاڻي ۾ نه لهندو سو نه ٻڏندو)

·     بک ۾ ماڻهو ذهن بدران پيٽ سان سوچيندو آهي.

(هڪ ويران گهٽيءَ مان لنگهندي ڪنهن مسافر کي هڪ همراهه بيهاري چيو: ”سائين منهنجو هڪ سوال آهي. مون غريب بکايل جي مدد ڪرڻ توهان جو فرض آ. آئون قسم کڻي ٿو چوان ته مون وٽ هن پستول کان علاوه ڪجهه نه آهي ۽ هن پستول ۾ فقط ڇهه گوليون ڀريل آهن.“)

·       اهو وڻ ناهي جو واءَ نه لوڏيو هجي.

(بلڪ ڪيترن بارشي طوفانن وڻن کي پاڙن کان پٽي ٻاهر ڪيو هوندو. هڪ سال ڏاڍو مينهن وٺو. هڪ محفل ۾ ڪنهن چيو: ”زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي هن دفعي ٻاهر نڪري ايندو.“

ملان نصيرالدين گهٻرائجي چيو: ”يا الله! منهنجيون ٽي زالون ٻاهر نڪري آيون ته منهنجو ڇا ٿيندو.“)

پهرين پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا.

ملئي پهاڪا ۽ چوڻيون

·     فصل جو فڪر اٿئي ته گاهه کي ڪڍي ٻاهر ڪر.

(هي پهاڪو فئملي جي خيال رکڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هتي فصل جو اشارو فئملي ڏانهن آهي ۽ گاهه جو مطلب ڌاريا ماڻهو آهن. يعني جيڪڏهن پنهنجي فئملي کي صحيح رکڻ چاهين ٿو ته ڌارين کي پري رک. جيئن فئملي بابت ملئي ۾ هڪ ٻي چوڻي آهي ته

ANAK ORANG, ANAK ORANG JUDA

·     ماءُ جي ٿڃ کان ڪو به ڀڄي نٿو سگهي.

·     بيلٽ ۾ پئسو ناهي ته ويجها مائٽ به پراوا ٿيو وڃن.

(هيءَ دنيا پئسي جي آهي. چيو وڃي ٿو پئسو آهي ته ڪيترائي دوست يار ۽ مٽ مائٽ ٿيو پون. غريب جو ڪير نٿو ٿئي. ملئي ماڻهو گوڏ ٻڌن ۽ گوڏ مٿانويڪري پٽي ۾ ٺهيل کيسي ۾ پئسا رکن. هن قسم جو بيلٽ اڄ ڪلهه حاجي به احرام تي ٻڌن ٿا) نقصان کان اڳ فڪر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. نقصان بعد فڪر ڪرڻ مان ڇا فائدو.

(ملا نصيرالدين لاءِ چون ٿا ته پنهنجي پٽ کي مهمان لاءِ، شيشي جي گلاس ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. پر ان کان اڳ هن کي ٿڦڙ هڻي خبردار ڪيو ته متان گلاس ڀڳو اٿئي. آيل مهمان وائڙو ٿي چيس ته هن کان گلاس ڀڄي ها ته پوءِ سزا ڏيوس ها. ملا جواب ڏنس ته پوءِ ان مان ڪهڙو فائدو)

·     جنهن هنڌ روزگار ملي ته اهو ڇڏي ٻي ڏي جلدي نه ڀڄجي.

(پورهيت اهو سٺو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ئي مالڪ وٽ ٽِڪي ڪم ڪري. ان ڳالهه تي جپان کان علاوه ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو عمل ڪن ٿا. هو زال کي ڇڏي ڏيڻ عيب نٿا سمجهن پر مالڪ يا ڪمپنيءَ کي ڇڏڻ بيحد خراب سمجهن ٿا.

پر ڪيترن ڏاهن جو اهو به چوڻ آهي ته هڪ ئي هنڌ رهڻ سان پاڻي ڌپ ڪري ٿو. انسان کي هر وقت بهتر کان بهتر جي ڳولا ۾ مشغول رهڻ کپي)

·     ڌارئين ملڪ ۾ ڪُڪڙ ٿي هلجي.

(ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ جتي ڪڪڙيون آهن اتي بدڪون پڻ آهن. جتي ملئي ڪڪڙيون کائڻ جا شوقين آهن، اتي چيني بدڪون کائڻ جا. بدڪ اڪيلي يا ٻچن سان رستو ٽپندي ته به پوري عزم سان سڌو پئي ويندي، پر ڪڪڙ هيڏانهن هوڏانهن جانچي جونچي پوءِ هلندي. ڪنهن کان خوف محسوس ڪندي ته يڪدم پٺتي پاسيري ٿي ويندي. سو هن چوڻيءَ مطابق ڌارئي ملڪ ۾ ڪڪڙ وانگر سوچي سمجهي قدم کڻجي)

·     اُکري هلي آهي مهري کي ڳولڻ.

(يا کڻي چئجي ته حمام هليو آهي دستي کي ڳولڻ. هي پهاڪا انهن عورتن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪي تمام گهڻو فارورڊ قسم جون آهن، جيڪي پاڻ پنهنجا عاشق ڳولين ٿيون)

·     مضبوط پاڙن وارو وڻ طوفانن تي کِلي ٿو.

(مضبوط دوستي يا سچي عشق واري کي ڪنهن جي به پرواهه نٿي ٿئي. هو ڇا چوندا آهن. انگريزي ۾ ته:

“Love is an ever _ fixed mark,

that looks on tempests and is never shaked”

·     ويندي ديڳڙو ۽ ڏوئي به پاڻ ۾ وڙهن ٿا.

(ڪڏهن ڪڏهن سٺن دوستن جو به پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو پوي. مٿئين قسم جو هڪ ٻيو ملئي پهاڪو آهي: ”ڪڏهن ڪڏهن ڏند زبان کي چڪ هڻن ٿا.“ مطلب ته اهي جهيڙا ۽ غلط فهميون ٿوري وقت لاءِ سمجهڻ کپن)

·     هاٿي پنهنجن ڏندن تي ناز ڪري ٿو، زيبرا (پٽاپٽي گڏهه) پنهنجن پٽن تي.

·     جتي مردار هوندو اتي ئي ڳجهون نظر اينديون.

·     مک جي اڏر ڦٽ ڏي.

(مک وري وري اڏامي جسم جي ان حصي تي وهي ٿي جتي ڦٽ ڦڙري آهي)

·     جتي چئن ٽنگن وارو هاٿي ٿاٻڙجيو پوي، اتي ٻن ٽنگن واري انسان جو ڪهڙو ڏوهه.

·     ڪڏهن ڪڏهن بيٺل پاڻيءَ ۾ به واڳون ٿين ٿا.

(واڳون گهڻو ڪري وهندڙ پاڻيءَ ۾ خاص ڪري درياهن جي ڪنارن تي هوندا آهن، جتي ماڻهن يا جانورن جي پاڻي پيئڻ يا ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ اچ وڃ رهي ٿي جن کي هو جهپ هڻي شڪار ڪن ٿا، يا لنگهندڙ ٻيڙيءَ تي حملو ڪن ٿا. بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪهڙو شڪار. پر اهو هميشه لاءِ به صحيح ناهي، مٿئين چوڻيءَ موجب ڪڏهن ڪڏهن بيٺل پاڻيءَ ۾ به واڳون ٿين ٿا. مطلب اهو آهي ته انسان کي هر وقت خبردار رهڻ کپي)

·     ڇاڻ جي قسمت ۾ ترڻ، ڀترن جي قسمت ۾ ٻڏڻ لکيل آهي.

·     کوهه جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪڏهن به اڃ وگهي نٿو مري.

·     نانگ کي پڇ کان بيوقوف ئي جهلي ٿو.

(ملائيشيا جيتن جڙن، نانگن بلائن جو ملڪ آهي، ڳوهه يا اگئونا جهڙي جانور کي پڇ کان جهلي اڇلي يا ڦيرائي ڦيرائي پٽ تي هڻي ماري سگهجي ٿو، پر نانگ کي سوگهو جهلڻ لاءِ کيس منڊيءَ کان ئي وٺجي. پڇ کان جهلڻ سان هو ور کائي ڏنگي سگهي ٿو. ساڳي طرح نانگ کي مارڻ لاءِ سندس منهن چچرجي. ان بنا ڀلي کيس چار ٽڪر ڪجن ته به هو ڏنگي سگهي ٿو. بلڪ چوڻي مشهور آهي ته زخمي نانگ وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org