سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :11 

·     ڄؤر کي هميشه نانگ بنجڻ جي سڌ هوندي آهي.

ظالم ۽ خراب ماڻهو نيڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ نقصانڪار ٿيڻ چاهيندو آهي. ملئي زبان ۾ ڄؤر تي ٻيا به ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون مشهور آهن. ڪو دعوت ۾ ماني کائڻ بعد يڪدم اٿڻ جي ڪندو ته ميزبان چوندس ته ڪجهه دير ته ويهي ڪچهري ڪر. بنهه ڄؤر نه ٿي، جيڪا پيٽ ڀرجڻ تي کڻي پاڻ ڇڏيندي آهي.

·     ڪيلي جو وڻ هڪ دفعو ئي ڦل ڏئي ٿو.

·     ان کي مُنڊي سوکڙيءَ طور ڏيڻ، جنهن جون آڱريون ڪپيل هجن.

(ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي مدد ۾ اها شيءِ ڏجي، جيڪا هونءَ کڻي قيمتي هجي، پر هن کي ڪم ۾ نه اچي. ڪنهن ملڪ جي بادشاهه هڪ غريب شاعر جي شاعريءَ مان متاثر ٿي کيس انعام ۾ اڇو هاٿي ڏنو. جيڪو جيتوڻيڪ قيمتي آهي ۽ وڏا ماڻهو شان خاطر رکن ٿا. پر هن غريب شاعر لاءِ اهو نه ڏهڻ جو ۽ نه ڪهڻ جو. سندس گاهه پاڻيءَ جي خرچ ئي هن کي وڌيڪ کُٽائي ڇڏيو. سو اهڙو تحفو وڏن ماڻهن لاءِ ته عزت ۽ خوشيءَ جو باعث بنجي سگهي ٿو. پر غريب لاءِ ويتر ويلي تي بار يا ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته اهڙي شيءِ اٽي تي چٽي)

·     انڌي ڪڪڙ لاءِ جهڙا ميرا چانور، تهڙا ڌوتل.

(انڌي ته ڇا پر اکين واري ڪڪڙ کي به ان جو ڪهڙو قدر. سنڌيءَ ۾  ڪجهه اهڙي مطلب واري چوڻي آهي ته انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين. يا کڻي چئجي ته انڌي اڳيان روئڻ اکين جو زيان)

·     پکيءَ جي طاقت کنڀن ۾ ٿئي ٿي ۽ کيکڙي جي طاقت چنبن ۾.

·     وڏن بنڊن مان ڇوڏا به وڏا نڪرن ٿا.

(جڏهن ڪنهن شاهوڪار جي ملڪيت ورهائي وڃي ٿي ته ان جا حصا به وڏا ٿين ٿا)

پنهنجو پاڻ کي ڪڪڙن جي ٽولي ۾ ڏسين ته انهن سان گڏ ٻانگون ڏجانءِ. مطلب اهوئي آهي ته جنهن وٽ رهجي، انهن جو ئي نمونو اختيار ڪجي، ملائشيا گهڻ قومو Multi-racil ملڪ آهي. جنهن ۾ نه فقط ملئي مسلمان رهن ٿا پر چين جي ڪيترن علائقن جا مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ۽ رسمون رواج رکندڙ چيني ۽ ننڍي کنڊ جا تامل، پنجابي، سنڌي، بنگالي، سِک ۽ هندو رهن ٿا. پُر سڪون ۽ امن امان ۾ رهڻ جو اهوئي نسخو آهي ته هڪ ٻئي جي ريتن رسمن ۽ رواجن جو خيال رکجي. ڪنهن وٽ مهمان ٿي رهڻ وقت ائين ڪجي جيئن ميزبان چاهي. ملئي ماڻهو صبح جو سوير اٿن ٿا ۽ چمپل يا بوٽ در وٽ لاهي پوءِ گهر ۾ گهڙن ٿا. سندن گهر ۾ رهڻ وقت انهن ڳالهين جو خيال ڪجي. هندو ماڻهو ماءُ وانگر ڳئون کي به سمجهن ٿا، جيڪا ٻالڪ کي کير مهيا ڪري ٿي، ته هڪ هندوءَ جي پاڙي ۾ رهي ڳائي گوشت جي گُهر ڪرڻ يا ڳئون ڍڳيءَ کي گهٽيءَ ۾ ذبح ڪرڻ اخلاقي طرح به سٺي ڳالهه ناهي. بهرحال مٿئين پهاڪي جهڙا پهاڪا ڪيترين ئي زبانن ۾ موجود آهن، جيئن انگريزيءَ ۾ اها چوڻي عام آهي ته WHILE IN ROME, DOAS ROMAN DO روم ۾ روم جي رهاڪن وانگر هلجي يا سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته هڪ ٽنگي جي ملڪ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي. يا جنهن جي وڃجي گهر، تنهنجي ڪجي پر.

·     ڀولڙن جي گهڻي کائڻ تي هيٺين شاخن تي رهندڙ نوريئڙن جي شامت اچي ٿي.

(مطلب ته گهڻي کائڻ تي گهڻو هنگن ٿا، جيڪو هيٺين ٽارين تي ويٺل نوريئڙن تي ڪري ٿو)

·     ننڍيون ٽگ ٻيڙيون وڏا جهاز ڇڪين ٿيون.

(TUG – BOAT کي طاقتور انجڻ ٿئي ٿي. جهاز کي ڌڪو ڏيئي جيٽي سان لڳائڻ جو ڪم ٽگ ٻيڙيءَ کان ورتو وڃي ٿو. يا جهاز خراب ٿيڻ تي ان کي ٽگ ٻيڙيءَ سان ڇڪبو آهي. جهاز جيتوڻيڪ ڳرو ٿئي ٿو ۽ ڊيگهه ۾ کڻي ٽگ ٻيڙيءَ  کان ڏهوڻو وڏو هجي پر پاڻيءَ ۾ هن جو وزن گهٽ ٿئي ٿو ۽ ننڍڙي ٽگ بوٽ به هن کي ڇڪيو وڃي)

·       وڃايل زال جي بدلي ۾ ٻي حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر وڃايل ڪردار وري نٿو ملي سگهي.

(وڃايل ڪردار برابر واپس نٿو اچي، جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:

If money is lost nothing is lost

If health is lost something is lost

If character is lost everything is lost

·     پر هروڀرو ان مثال کي واضح ڪرڻ لاءِ زال جو مثال ڏيڻ به ضروري نه آهي.

ملئي، جپاني ۽ چيني زبانن ۾ ڪيترائي پهاڪا عورتن جي خلاف آهن اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه جيئن جيئن عورت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ حصو وٺي رهي آهي تيئن تيئن عورت بابت، گهٽ ۾ گهٽ اهي پهاڪا مجلسن ۾ گهٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نه فقط ملائيشيا ۽ جپان جي شهرن ۾ پر چين جي به ڪيترن شهرن ۾ هاڻ عورت کي مٿاهون درجو ڏنو پيو وڃي. يورپين وانگر ڪٿي ڪٿي ايشيائي مرد پڻ عورت کي اڳيان هلڻ جي عزت افزائي ڪري ٿو. نه ته عورت کي ڪو مڙس پاڻ سان گهمڻ لاءِ به وٺي نه هلندو هو. اڄ به ڪيترين دعوتن ۾ جپاني آفيسر پنهنجي محبوبا يا آفيس سيڪريٽري کي ساڻ وٺي اچي ٿو باقي زال گهر ويٺي سندس اوسيڙي ۾ اٻاسيون ڏئي.

هڪ برميءَ کان پڇيو ويو ته توهان جي ملڪ ۾ اها سٺي ڳالهه آهي، جو توهان عورت جي عزت ڪريو ٿا ۽ کيس اڳيان هلڻ ڏيو ٿا. ”ان ڪري جو.“ هن معصوميت مان وراڻيو، ”اسانجي ملڪ ۾ ٻي جنگ عظيم جا پوريل بم (MINES) اڃان تائين موجود آهن)

·     ننڍيون مڇيون ٺونگا هڻي مارين ان کان بهتر آهي ته ڪنهن واڳونءَ جي وات ۾ هليو وڃجي.

·     جڳ (JUG) جا ڪن ڪهڙا راز ٻڌي سگهندا.

·     غلط جوڙ جي شادي ائين آهي جيئن ڏينڀوءَ جي ڪوڙيئڙي جي ڌيءَ سان.

·     جڏهن سئي لنگهڻ جو بندوبست ٿيو آهي ته ڌاڳي گذرڻ جو به ٿي ويندو.

(جڏهن ڪو ڪنهن ڪم لاءِ راضي ٿيو آهي ته وڌيڪ لاءِ به راضي ٿي ويندو)

·     ايڏو هٻڇي جيڏو ڊچ ماڻهو ڌرتيءَ لاءِ.

(ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي ڊچن جي حڪومت رهي ۽ هو هڪ ٻئي پويان هن طرف جا ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪندا ويا. ان تي هي پهاڪو ٺهيو. هونءَ به ڊچن به ملڪ هالينڊ (نيدرلئنڊس) ڌرتي گهٽ ۽ سمنڊ گهڻو آهي. جنهن کي ڊچ مٽيءَ سان ڀري ڌرتيءَ جي ايراضيءَ هر سال وڌائيندا رهن ٿا)

·     ڪاوڙ جو تکو جلدئي پوڙهو ٿئي ٿو.

(هونءَ ملئي ماڻهو ڪاوڙ گهٽ ڪن ٿا يا گهڻي پر گهٽ ۾ گهٽ ان جو اظهار نٿا ڪن)

·     ڪتو سهي کي وساري سگهي ٿو، پر سهو ڪتي کي هرگز نه.

(ڏاڍو ڪمزور کي وساري سگهي ٿو پر ڪمزور جنهن پنهنجو موت اکين سان ڏٺو هجي اهو ڪڏهن به ڏاڍي / ظالم کي _ وساري نٿو سگهي)

·     هر گانگٽ جي پنهنجي لذت آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ آهي.

·     پير ترڪڻ تي جسم جو نقصان ٿئي ٿو.

زبان ترڪڻ تي تعلقات ۽ ناڻي جو نقصان ٿئي ٿو.

·     سمنڊ جي اونهائي معلوم ڪري سگهجي ٿي، پر انسان جي اندر جي هرگز نه.

(انسان جو اندر اونهو ٿئي ٿو. هن جي اندر ۾ ڇا وهي واپري ٿو ان جو ٻيو ڪو اندازو نٿو لڳائي سگهي)

·     گُليءَ جو هڪ ڦڙو کير جو سڄو جڳ خراب ڪري ٿو.

(ڪڏهن ڪڏهن ٿوري شيءِ گهڻي کي خراب ڪريو ڇڏي)

·     ڏيڏر کڻي ڏينهن رات مينهن ۾ پاڻ پُسائي ته به هن جي کل اهائي کهري رهندي.

(جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته سوين ڪرين سينگار ته به کودڙو پٽ کودڙي جو)

·     رولاڪ عورت ان باغ مثال آهي جنهن مان جانور جو ڌڻ لنگهي ويو هجي.

(۽ رولاڪ مرد؟ پڪ عالم ۽ هوشيار. تڏهن ته هڪ پهاڪو آهي ته پٽ کي هوشيار بنائڻ چاهين ٿو ته هن کي سفر جي ترغيب ڏي. يعني ٻين لفظن ۾ هن کي رولاڪ بناءِ. باقي عورت لاءِ منفي سوچ آهي)

·     ان کي نه ڊاهجي جيڪو ٺاهي نه سگهجي.

·     ڪڪرن جي هڪ گوڙ تي پنهنجا دلا خالي نه ڪجن.

هي پهاڪو ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته ڪڪر ڏسي دلا نه ڀڃجن. يا بيضا ڏسي ٻچا نه ڳڻجن.

·     وڏي گجگوڙ وارو شينهن ماڻهو نه کائيندو.

(ظاهر آهي سندس گجگوڙ ماڻهن کي سامهون اچڻ کان خبردار ڪري ٿي. هي مثال شايد ائين هجي جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڀونڪندڙ ڪتو ورلي ڏاڙهي، يعني چڪ هڻي. هڪ ڀؤنڪندڙ ڪتي کان هڪ همراهه ڊڄي رهيو هو. تنهن تي ٻئي چيس ته ڊڄين ڇو ٿو؟ ڪتاب ۾ نه پڙهيو اٿئي ته ڀونڪندڙ ڪتو چڪ نه هڻندو آهي. تنهن تي پهرين وراڻيو: ”پڙهيو ته مون به آهي پر ڪهڙي خبر ته هن ڪتي پڙهيو آهي يا نه.“)

·     ڪلهو اهوئي کڻي ٿو، جيڪو هٿ کڻي.

·     مڇرن کي ماري، پنهنجي چمڙي خراب نه ڪجي.

(ملائيشيا پاسي جي جهنگلن ۾ تمام گهڻو مڇر ۽ جيت جڻيا آهن. رات جي وقت ٻاهر نڪرڻ تي انهن کي رومال سان تڙي سگهجي ٿو. مارڻ (ڦيهڻ) سان منجهائن نڪرندڙ رت ۽ گند چمڙي يا ڪپڙن کي خراب ڪري ٿو ۽ هنن ملڪن ۾ ڪير ڪيترا ماري ڪيترا ماري سگهي ٿو)

·     مئل ماڪوڙي ڏسڻي اٿئي ته کنڊ جي پيالي ڏي نظر ڪر.

·     اهڙو ڇتو جهڙو بانس ۾ ڏينڀو.

(ڏينڀو جي ڏنڊيءَ ۾ وڃڻ بعد منجهي پوندو آهي. سمجهه ۾ نه ايندو اٿس ته ڪيئن نڪران ۽ ان هڻ هڻان ۾ ڇتو ٿي پوندو آهي)

·     واعدا هاٿيءَ جي نيشن (Tusks) وانگر هجڻ کپن، جيڪي هڪ دفعو نڪرڻ تي وري وڃي نه سگهن.

(يعني هڪ دفعو واعدو ڪجي ته ان کي ضرور پاڙجي. واعدو ڪري ڦري وڃڻ، مڙسن جو ڪم ناهي)

·     انسان ڄمڻ کان اڳ پيٽ ۾ قيد رهي ٿو ڄمڻ بعد ريتن رسمن جو قيدي ۽ مرڻ بعد قبر ۾ قيد ٿئي ٿو.

(ملائيشيا _ انڊونيشيا پاسي رسم رواج جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هڪ چوڻي آهي ته اولاد جي وڃي ته ڀلي وڃي پر رواج نه وڃي)

·     کيکڙو پنهنجن ٻچن کي سڌو هلڻ ڇا سيکاريندو؟

کيکڙي جون ٽنگون اهڙيون ٿين جو هو پاڻ به سڌو هلڻ بدران هميشه ڦڏو هلي ٿو. مطلب اهو ته اهو استاد جنهن کي خود به علم نه هجي ته اهو پنهنجن ٻچن يا شاگردن کي ڇا سيکاريندو.

·     آزمايل کي وري آزمائڻ بيوقوفي آهي.

سنڌيءَ ۾ پڻ چوڻي آهي: ”آزمائي کي آزمائڻ، ڌوڙ منهن ۾ پائڻ“

(هڪ طوطي جي باري ۾ مشهور هو ته هن کي انگريزي، سنڌي اڙدو ۽ پنجابي زبانون اچن ٿيون. هڪ همراهه هن جو امتحان وٺڻ لاءِ چيو: ”هائون ڊو يو ڊو؟“

طوطي وراڻيو: ”آءِ ايم فائين. هائو آر يو؟“

”ڇا حال آهي تنهن جو؟“ هن هاڻ سنڌيءَ ۾ پڇيس.

”سٺو آهي ڀائو.“ طوطي جواب ڏنس.

”سنائو کيسي هو؟“ هاڻ طوطي کان اڙدوءَ ۾ پڇيائين.

”مين ٺهيک هون.“ طوطي هاڻ ڪجهه بيزاريءَ مان جواب ڏنس.

”کيا حال اي تيرا.“ هاڻ هن صاحب پنجابيءَ ۾ سوال ڪيس.

”اوئي اُلو دي پتر کچهه هور گل وي کر که حال اي پچهي جائين گا.“

·     توکي تنهنجي وارن جو اسٽائيل نيبهه هجي ۽ مون کي منهنجي ٽوپي.

(هر هڪ کي اهو ڪرڻ کپي جيڪو هن کي پسند اچي)

·     بدڪ جا بيضا ڪڏهن ڪڏهن ڪڪڙ ڦوڙيندي آهي.

·     مٺي کنڊ ۾ هميشه ٿوري واري به ٿئي ٿي.

·     ست گهر بدلائڻ غربت جي نشاني.

(ظاهر آهي ته غريب ماڻهوءَ کي مسواڙ نه ڏيڻ تي گهر ڇڏڻو پوي ٿو. پاڪستان هندستان ۾ مسواڙيءَ کي ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ ۾ سڄي عمر ڪيس پيا هلندا آهن. پر ملائيشيا جو قانون ان سلسلي ۾ اهڙو سخت آهي جو مسواڙ نه ڏيڻ تي يا گهر جي مالڪ کي گهر واپس گهڙڻ تي مسواڙيءَ کي گهر هڪدم خالي ڪرڻو پوي ٿو)

·     جهاز جي تباهي، شارڪ جي مهماني.

(شارڪ مڇي خطرناڪ سمجهي وڃي ٿي. هوءَ نه فقط سڄي ماڻهوءَ کي ڳهيو وڃي پر پنهنجن وڏن تکن ڏندن سان ڪپيو به ڇڏي. هوءَ سمنڊ ۾ هر وقت شڪار لاءِ انسانن جي ڳولا ۾ رهي ٿي. جهاز جي ڀڄڻ تي ظاهر آهي هن لاءِ عيد ٿيو وڃي)

·     هڪ ڪڪڙ جي ٻانگ نه ڏيڻ ڪري سج اڀرڻ ۾ ڪو دير نه ڪندو.

(ڪيترا ماڻهو پاڻ کي غير ضروري طور اهم سمجهن ٿا. هو اهوئي سمجهن ٿا ته هر ڳالهه انهن ڪري ٿئي ٿي. هاڻ جي ڪو ڪڪڙ اهو سمجهي ته سندس ٻانگ ڏيڻ تي سج اڀري ٿو ۽ هو جي ٻانگ نه ڏيندو ته سج نه اڀرندو ته اها سندس سراسر غلطي ۽ بيوقوفي چئبي)

·     ٽٽل ڌاڳو ڳنڍجي سگهي ٿو پر ڀڳل ڪوئلو ڪڏهن به نٿو جڙي.

·     عورت جي زبان ڳڙ به آهي ته زهر به.

(نشي ۾ ڌت هڪ شرابيءَ رات جو ٽين وڳي ڪنهن ڌارئين گهر جو بيل وڄايو ان گهر ۾ رهندڙ عورت دريءَ مان نهاري چيس: ”ڀڄي وڃ لفنگا ڪٿي جا! هي تنهنجو گهر ناهي موالي ڪنهن جاءِ جا. ٽرين ٿو يا سڏيان پوليس کي!“

شرابيءَ ڀُٽڪندي چيو: ”ڪمال آهي. زبان ته بلڪل منهنجي زال جهڙي آهي.“)

هڪ اهڙي بدگفتار زال بابت ”قتيل شفائي“ جو شعر ياد اچي رهيو آهي:

ايک شوهر ني دعا مانگي

سن! اي ميري رب جليل:

يه جو ميري بيوي بدگفتار هي

جان کا آزار هي

يا تو سيدها راسته اُس کو دکها

يا اسي بيوه بنا

·     ڪانگ کي ڪيترو به گلاب جي پاڻيءَ سان وهنجاريو پر اهو اڇو ٿي نٿو سگهي.

(ڪانگ ڪارو ئي رهي ٿو، چاهي هن کي ست ٽٻڪيون ڏنيون وڃن)

·     هڪڙي ڪتي جي ڀؤنڪار جبل نٿي ڏاري.

·     ڪُمي هزارين بيضا به ماٺ ۾ ڏئي ٿي، ڪڪڙ هڪ بيضو لاهڻ مهل سڄي ڳوٺ کي ٻڌائي ٿي.

(ڪي ماڻهو ڪُميءَ جيان ماٺيڻي طبيعت جا ٿين ٿا ۽ وڏا وڏا ڪم خاموشيءَ سان سرانجام ڏيندا رهن ٿا، پر ڪي ماڻهو معمولي ڪم به ساهي ساهي ڪندا ڄڻ جڳ تي ٿورو پيا ڪن)

·     ڪڏهن ڪڏهن گلاب جو گُل، ڀولڙيءَ جي به ور چڙهيو وڃي.

(ڪڏهن سٺيون شيون نااهل ماڻهن کي مليو وڃن)

·     شينهن جي ٻچي کي گوشت کائڻ جي سکيا جي ضرورت ناهي.

·     ڄاريءَ ۾ ڪوبه هوا جهلي نٿو سگهي.

·     سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي پوڻ سان مٺو نٿو ٿئي.

(اجائي ڪوشش ڪرڻ. اها هڪ ناممڪن ڳالهه آهي، سمنڊ جو پاڻي ايترو کارو ۽ ماپ ۾ گهڻو آهي جو دنيا جا سڀ درياهه سمنڊ ۾ وڃڻ بعد به ڪو فرق نٿو پوي)

·     مڇر ڀڄائڻ لاءِ ڇت کي باهه ڏيڻ.

(هي پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ آهي ته: ”جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ“)

·     منهن ۾ ماکي اٿس پر پڇ ۾ ڏنگ.

(ڪي ڪي ماڻهو زبان جا تمام مٺا ٿين پر اندر جا کُنڊا. انهن لاءِ ئي هي پهاڪو آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ملئي زبان ۾ هڪ ٻيو پهاڪو پڻ آهي ته: ٻاهران لسو لسو، اندران ڪپ وانگر تکو)

·     لوڏڻ سان گڏ ٻار کي چهنڊڙيون هڻڻ.

(اندر جو ميرو ماڻهو. يعني ظاهري طرح ٻار کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ پينگهي ۾ لوڏا ڏيڻ پر ڳجهه ڳوهه ۾ هن کي چهنڊڙيون هڻي رئارڻ يا جيئن چوندا آهن ته چاچي به چوڻ ۽ چهنڊڙيون به پائڻ)

·     ڌرتيءَ تي جتي ٽڪريون آهن، اتي ماٿريون پڻ آهن.

(زندگيءَ ۾ مٿاهين سان گڏ هيٺايون پڻ آهن. خوشين سان گڏ ڏک به آهن يا جيئن چوندا آهن، جيڏيون چاڙهيون، تيڏيون لاهيون، جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا)

·     ٻٽي منهن واري ڪارائي ٻيڻو نقصان رسائي ٿي.

(هوءَ اڳيان وڌڻ تي به ڪپي ٿي ته پاڻ ڏي ڇڪڻ تي به ڪپي ٿي)

·     وار کڻي سڀني جا ڪارا آهن، پر هر انسان جي دل مختلف آهي.

کٽڻ يا هارائڻ اهم ناهي. پر کيڏڻ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ اهم ڳالهه آهي.

·     لالانگ پوکڻ سان چانور نه اڀرندا.

(ملائيشيا ۾ اڀرندڙ بيڪار گاهه جو نالو ”لالانگ“ آهي، جيئن اسان وٽ ڊڀ ۽ ديويون. هي پهاڪو ائين آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪين لڻبي“)

·     هاٿيءَ جي چپن تي ڪمند پوکڻ.

(اهو پهاڪو ائين آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته جَوَ ڍاري گڏهه رکپال ڪرڻ. ڳنو يا ڪمند هاٿيءَ جي دلپسند شيءِ آهي، جنهن جي کائڻ لاءِ هو جان جي بازي لڳائي ڇڏيندو آهي ۽ اها شيءِ ويتر هن جي چپن تي هجي ته پوءِ ڀلا ڪيئن ٿي بچي سگهي)

·     نڪمو نينگر ماءُ پيءُ تي دائيءَ جي في جي چَٽي.

(ملائيشيا ۾ اڪثر عورتون پنهنجي ڏنگي ٻار کي دڙڪي ڏيڻ وقت چونديون آهن ته تو پٺيان دائيءَ جي في به وئي. يعني تنهنجي ڄمڻ کان ته بهتر هو ته نه ڄمين ها. گهٽ ۾ گهٽ دائيءَ کي ڏنل فيءَ جا پئسا بچن ها)

·     جبل جي گدامڙي ۽ سمنڊ جي لوڻ جو ميلاپ ڪني ۾ ئي ٿئي ٿو.

(ڪٿي جي ڪنوار ڪٿي جي گهوٽ جو جيڪڏهن لکيو آهي ته ميلاپ ٿيو وڃي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اغرب جي ڪنوار مغرب جو گهوٽ)

·     ننڍو آهي، پر آهي ته شينهن جو ٻچو.

(اهم شيءِ سان واسطو هجڻ)

·     ٻليءَ وانگر ڀلي وهجي پر چيتي وانگر ڇال ڏيئي اٿجي.

·     ڪجهه ماڻهن لاءِ ”چار“ اڪي انگي ٿئي ٿو ۽ ”پنج“ ٻڌي.

(ڪن ماڻهن جي سوچ اونڌي ٿئي ٿي ۽ هو ان کي قائم رکڻ لاءِ ضد تي رهن ٿا)

·     جتي ڪو پکي نه آهي، اتي اڪ مڪڙ به عقاب سڏائي.

(جيئن پاڻ وٽ آهي ته: ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت.“ يا ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا.“)

·     سڄي سال جي گرمي مينهن جي هڪڙي وسڪاري ۾ هليو وڃي.

(ڪن ماڻهن جون مهربانيون ٻين جي زندگيءَ جا ڏک درد ختم ڪريو ڇڏين)

·     ڪانگ پاڻ نٿو رنڱائي پر ڄمي ئي ڪارو ٿو.

·     جيڪو پري کان بيهي زور سان ڀؤنڪي ٿو، ويجهو ٿيڻ تي پڇ ٽنگن ۾ لڪائي ٿو.

·     پڪل اَن ۾ ڳيرا دليريءَ سان هلن ٿا.

·     هر ماڻهوءَ جو پنهنجو دماغ ۽ پنهنجي سوچ ٿئي ٿي.

·     ڪنڊي کي تکو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت.

(جيڪا شيءِ اڳهين تکي آهي، ان کي ڇا چهنبدار ڪبو)

·     وڻنئي ته ڏهه کڻ، وڻنئي ته ٻه دفعا پنج کڻ.

(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”جهڙيون ٽي ويهون تهڙي سٺ“)

·     ٻرندڙ گهر جو دونهون ته هرڪو ڏسي سگهي ٿو، پر دکندڙ دل جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر.

·     اڏامندڙ پکيءَ کي ڏسڻ سان مسالا ڪٽڻ شروع نه ڪجن.

(ملئي عورتون مسالو تيار رکڻ بدران روز جو روز ڪٽين.مڙس ڳنڌڻ وٺي ايندو آهي يا وٺڻ ويندو آهي ته ان وقت ٻه چار ڳاڙها مرچ، هئڊ ٿوم جهڙيون شيون کڻي حمام وجهي دستي سان ڪٽ ڪٽ شروع ڪنديون آهن ۽ ان دستي جي ڪٽ ڪٽ ٿئي معنى پاڙي واري ٻوڙ رڌڻ واري آهي. پر هتي آسمان ۾ اڏامندڙ پکي ڏسي مسالا ڪٽڻ ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”بيضا ٻچا ڳڻڻ“ يا ”پاڻيءَ کان اڳ لٽا لاهڻ.“)

·     شينهن جي چنبن مان مينهن ڇڏائڻ.

(خوفناڪ ۽ جو کائتن ڪمن ۾ هٿ وجهڻ)

·     اهو سوچي ڍڳي سان ملهه نه وڙهجي ته هو سڱن بنا آهي.

·     هٿيار هٿ ۾ نه هجي ته آڻ ئي مڃجي.

(جتي پُڄي نه سگهجي اتي ڀڄي پاسو ڪجي. يا جيئن چوڻي آهي ته: ”جتي پڄي نه سگهجي، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو“)

·     سٺيون تجويزون سوچڻ ۾ وقت لڳي ٿو.

·     منڊي هاٿيءَ کي پاڻ سان وٺي هلڻ وارو نيٺ ته هن هيٺان چيڀاٽبو.

·     ٻوڙ سٺو ته ڀت خراب، ڀت سٺو ته ٻوڙ خراب.

(يعني هڪ ئي وقت ٻئي شيون سٺيون نه هجڻ ڪري ڳالهه خراب ٿي پوڻ)

·     رندي جي ڪم جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، پر ڪارائيءَ جي ڪم کي وساريو وڃي ٿو.

(ڪارائي جيڪا ڪاٺ کي وڍي، ان خاص شيءِ جي شڪل ۾ آڻي ٿي، ان جي ايتري ڳالهه نٿي ٿئي، جيتري رندي جي، جيڪو ڪرسي يا ميز کي آخري شڪل ڏئي لسو ڪري ٿو)

·     قيمتي هيرو ڇيڻي ۾ ڪرڻ سان پنهنجي قيمت نٿو وڃائي.

(اتم شيءِ اتم ئي رهي ٿي پوءِ کڻي ڪٿي به هجي، ان سان هن جو قدر ۽ قيمت نٿو گهٽجي. لعل گودڙيءَ ۾ به اوترائي اهم ٿين ٿا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org