سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :12

·     هر مرد جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙو ڏينهن به اچي ٿو جو هو فرشتو آهي ۽ عورت جي زندگيءَ ۾ اهڙو به ڏينهن اچي ٿو، جڏهن هوءَ شيطان مثل آهي.

·     ڪريل وڻ تي ڪڇون به چڙهي سگهي ٿو.

·     ماڻهو هاٿي ۽ شينهن جو شڪار ته ڪري سگهي ٿو، پر کٽ ۾ ڦاٿل منگهڻ کي ڇا ٿو ڪري سگهي.

·     ڪيلن جي جهيڙي جو فيصلو ڪڏهن به ڀولڙي کان نه ڪرائجي.

(نه ته اهو ٿيندو چور کي چوڪيدار بنائڻ)

·     عورت جتيءَ مثال آهي، جنهن جو ڪم مڙس جي پير جي حفاظت ڪرڻ آهي.

(عورت کي گهٽ سمجهڻ وارن پهاڪن مان هي به هڪ آهي، جنهن جو استعمال ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ پڻ اها چوڻي عام آهي ته: Anak dara tiga se _ Kupang معنى هتي ٽي ڪنواريون عورتون ٽن سينٽن ۾ ملن ٿيون. يعني انهن جو ڪو قدر ناهي. ٽڪي ٽيهه وارو حساب آهي)

·     پنهنجي به وڃائڻ ٻئي جي به وڃائڻ.

·     (ڪي ڪي بيوقوف ماڻهو پنهنجي موڙهيل مت پاڻ سان گڏ ٻين کي به منجهائيندا آهن.

ڪنهن بي روزگار کي سندس دوست هڪ نوڪريءَ بابت ٻڌايو. ”نوڪري آهي پر عجيب قسم جي اٿئي. ڪري سگهين پگهار سٺو ملندءِ. نوڪري هيءَ آهي. چڙيا گهر جو رڇ مري ويو آهي، جيسين رڇ جيئرو هو ته ٺينگ ٽپا ڏيئي ٻارن کي وندرائيندو هو ۽ چڙيا گهر جي چڱي ڪمائي ٿيندي هئي. هاڻ رڇ نه هجڻ ڪري ماڻهن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“

”پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ بيروز گار پڇيو.

”توکي ان مئل رڇ جي کل پائي رڇ جي پڃري ۾ ٺينگ ٽپا ڏئي ٻارن کي وندرائڻو پوندو.“ دوست ٻڌايس.

بيروزگار کي ڳالهه وڻي ۽ ٻئي ڏينهن کان رڇ جي کل پائي رڇ واري پڃري ۾ ٽپا ڏيڻ لڳو. هڪ دفعو ٻارن جو اچڻ شروع ٿي ويو. ٻار به خوش، چڙيا گهر جا مالڪ به خوش ۽ هي بيروزگار به خوش. هڪ ڏينهن ٻارن جي وڏين تاڙين وڄائڻ ڪري هي همراهه تمام گهڻو جوش ۾ اچي ويو ۽ اڃان به وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. هڪڙو ڪو ٽپ ڏنائين جو پنهنجي پڃري ۾ ڪرڻ بدران ڀر واري پڃري ۾ وڃي ڦهڪو ڪيائين، جيڪو شينهن جو پڃرو هو.

شينهن کي ڏسندي هن بيروز گار جو ساهه سڪي ويو ته هاڻ سر ويو. شينهن پنهنجي جاءِ تان اٿي رڇ ڏي وڌڻ لڳو ۽ پوءِ بلڪل رڇ جي اڳيان پهچي کيس ڪن ۾ چيو:

”نڀاڳا! پنهنجي نوڪريءَ جو فڪر نه اٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نوڪريءَ جو ته خيال ڪر.“)

·     عورت جي حوالي گهر ڇڏڻ ائين آهي، جيئن باندر جي هٿ ۾ سکان.

(هنڌ سنڌ جي عورت وانگر ملئي چيني جپاني عورت پڻ مرد اڳيان مجبور آهي، جنهن عورت کي هر مصيبت جو سبب بڻايو آهي)

·     جيڪو پنهنجي ٻار تي آسرو رکي ٿو، اهو هڪ اک کان ڪاڻو آهي،

جيڪو ڌارئين ماڻهوءَ تي آسرو رکي ٿو، اهو ٻنهي اکين کان انڌو آهي.

·     ٿُڪ ڦٽي ڪر ته پيءُ ٿو مري. واپس ڳهڻ سان ماءُ ٿي مري.

(يعني هڪ اهڙي حالت جنهن ۾ هر نموني سان ڪجهه نه ڪجهه نقصان ٿيڻو آهي)

يا جيئن سنڌ ۾ چوڻي آهي ته: ”اڳيان ڀت، پويان باهه.“

·     سڪل مڇيءَ مان رت ڪڍڻ سولو آهي پر ڪنجوس مان پئسو ڪڍڻ ڏکيو ڪم آهي.

(سڪل مڇيءَ ۾ جيتوڻيڪ رت نه ٿئي ۽ اهو ڪڍڻ ناممڪن ڳالهه آهي پر ڪنجوس مان پئسو ڪڍڻ ان کان به ڏکيو ڪم آهي، جنهن لاءِ پاڻ وٽ چوندا آهن: ”ڏاند ڏهڻ“)

·     ٻار مري ته ڀلي مري پر رسم مرڻ نه کپي.

(ملئي ماڻهو رسم پوري ڪرڻ جي معاملي ۾ تمام سخت آهن. مري جُهري، قرض کڻي به زماني جي وهنوار کي منهن ڏين ٿا)

·     جونءِ مٿي کي نه کائيندي ته ٻيو ڇاکي کائيندي.

(يعني هن لاءِ اها ئي هڪ شيءِ آهي، جتي گذارو ڪرڻو اٿس)

·     ٻڪرين جي وچ ۾ هجين ته ٻيڪار، مينهن جي وچ ۾ هجين ته بان بان ڪر.

(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي)

·     الله پٿر ۾ بند ٿيل جيت کي به رزق پهچائي ٿو.

·     گانگٽ مڇيءَ کي ٿو گڪو چوي.

(سامونڊي مخلوق ۽ سڀ کان گڪو گانگٽ آهي. اهو ٻئي کي، خاص ڪري مڇيءَ کي جيڪا بيحد لسي ٿئي ٿي، ڪيئن ٿو گڪو چوي. اها سراسر بيوقوفي ائين آهي جيئن پاڻ وٽ مينهن لاءِ چوڻي آهي جيڪا پاڻ سڄي ڪاري آهي پر کيس ڪارنهن نظر نٿي اچي رڍ کي ٿي چوي: ”هل ڙي پڇ ڪاري هل“ يا پرڻ چوي ٽوئي کي  ”هل ڙي ٽي ٽنگا هل“ يعني پرڻ کي پنهنجا انيڪ ٽنگ نظر نٿا اچن پر ٽوئي جا ٽي ٽنگ نظر اچنس ٿا)

·     ڪڪڙ جي کنڀن ۾ ڍڪيل گدڙ کان به ڊڄڻ کپي.

·     ڇاڻي ڇا سج کي لڪائيندي.

(جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته کاريءَ هيٺ سج لڪائي نٿو سگهجي يا واريءَ کي ٻڪن ۾ جهلي نٿو سگهجي. سلطانا وقاصيءَ جو هڪ آزاد نظم آهي:

”مــان پــــــنهـــنــجو پــــــاڻ کــــــي ڳــــوليو آ،

مـــان پـــــنــهـنــجو پــــــــــاڻ کــــي وڃـــايو آ،

پاڻـــــــــــــيءَ جــــــــــــــــــــــــــي وهـــــــڪ کي،

ٻـــــــــــڪن ســــــــــــــــــــــــــــــــــان روڪـــــــي،

وٿـــــــــــــين مــــــــــــــــــــــــــــــان وهـــــــــــــايو آ“)

 

·     ڪي ماڻهو ايترو هوشيار ٿين ٿا، جو ٽپ ڏيندڙ مڇيءَ جي جنس ٻڌايو وڃن ته نر آهي يا مادي.

(هي ائين آهي جيئن اڙدوءَ ۾ چوندا آهن، ”اڏامندڙ جهرڪيءَ جا پر ڳڻي وٺڻ“)

·     ڏينڀن جي ککر مٿان پير نه رکجي.

(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته نانگ جي ٻر ۾ پير نه وجهجي)

·     گوشت ۽ چرٻي ٻين حوالي ٿي وئي اسان لاءِ بچيا هڏا ۽ کنڀ.

منهنجي هڪ ملائيشيا جي دوست سيشل راجيندرا پنهنجي انگريزي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو مٿئين ملئي چوڻي مان BONE & FEATHERS” رکيو آهي.

·     “The flesh & fat have gone to others,

·     We are left with bones & feathers”.

·     ڪڪڙ هلي وئي فقط سندس وِٺِ رهجي وئي.

·     نانگ ويو نڪري، ليڪو ويٺو ڪٽجي.

·     اهو جنهن کي رستي جي خبر ناهي پڪ واپس ئي موٽندو.

·     وات ڪري جسم ڀري.

(هڪ جو غلطيءَ جو ڏوهه ٻيو ڀري. انڪري وات تي ضابطو رکڻ ضروري آهي، يا جيئن چوندا آهن: ”وات کائي، اکيون لڄائن“)

·     پئسي ختم ٿيڻ بعد فقط بيوقوف ئي خريداريءَ جو سوچين ٿا.

·     جهڙو وچ تي تهڙو پاسي تي.

(ڪيترين ڳالهين ۾ ان جي اهميت ناهي ته ڪير اڳيان ويٺل آيا يا پٺيان، پاسي تي آهي يا وچ تي)

·     ڦڏي ٿنڀي جو پاڇو ڪڏهن به سڌو نه ٿيندو آهي.

(پر سڌي شيءِ جو پاڇو ته سڌو اچڻ کپي. ڪو همراهه پنهنجي سس جي گلا ڪري رهيو هو ته هوءَ فقط ڏسڻ ۾ سڌي آهي پر اندر جي ڏنگي آهي. ايتري قدر جو سندس پاڇو به ڏنگو ڦڏو اچي ٿو.

ملان نصيرالدين جي سس درياهه ۾ لڙهي وئي. هو هن کي درياهه جي وهڪري سان گڏ لهوارو ڳولڻ بدران اوڀارو ڳولڻ لڳو. ڳوٺ جي ماڻهن سمجهايس ته وراڻيائين:

”بابا توهان کي خبر ناهي ته منهنجي سس ڪيڏي ابتي دماغ جي هئي. مرڻ کان پوءِ به هن ابتو رستو اختيار ڪيو هوندو“)

·     قسمت ۾ نه هوندو ته وات ۾ پيل گرانهه به ڪري پوندو يا جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”پڪي ماني يا نصيب“

(ان ڪري ته انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:

·     There is always a slip

·     Between cup and lip.”

جيڪو گرانهه جنهن جي نصيب ۾ آهي ان کي ئي ملي ٿو. جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي: ”داني داني پر لکها هي کهاني والي کا نام.“

۽ اڄ ڪلهه جي پوليس ۽ ٿاڻن جي حالتن تان ان چوڻيءَ مان اها به ٺاهي وئي آهي ته:

”تهاني تهاني په لکها هي، آني والي کا نام.“

·     مينهن جي ڌڻ تي پهرو ويهاري سگهو ٿا پر انسان جي سوچن تي هرگز نه.

·     جيڪڏهن منهن نانگ جو اٿس ته پڇ مڇيءَ (EEL) جو ٿي نٿو سگهي.

·     ڏکويل دل کي ماکي به کٽي لڳي ٿي.

(جيءُ خوش ته جهان خوش. پر انسان کي اندر ۾ ڪا جهوري لڳل آهي ته هن کي ڪابه ڳالهه نٿي وڻي)

·     مٺي ڪمند کي چوسڻ لاءِ سخت پاسا ڇلڻا پون ٿا.

(ڏکن پٺيان سک آهن. محنت ۾ راحت آهي)

·     جوا ۾ هارائڻ ڦلهير مثل آهي ۽ کٽڻ ڪوئلي مثل.

(جيئن پاڻ وٽ جواريءَ لاءِ چوڻي آهي ته جوا ۾ جيڪو کٽي ان جو اڌ منهن ڪارو، جيڪو هارائي ان جو سڄو منهن ڪارو. مطلب اهو ته جوا ۾ ڪنهن به ڌر کي ڪجهه به هڙ حاصل نٿي ٿئي. وقت ۽ صلاحيتن جو زيان آهي)

·     بي خياليءَ سان ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته نه ڪجي.

·     اڃايل کي پاڻي ڏجي ۽ بکايل کي چانور.

(جنهن انسان کي جنهن شيءِ جي گهرج هجي ان جي اها ضرورت پوري ڪجي يا جيئن شاهه سائين چيو آهي ته: اڃيو تان آب گهري بکيو تان طعام“)

·     ماڻهو سمنڊ تي ٻڏندا آهن، اسين زمين تي ئي ٻڏي ويا آهيون. سنڌيءَ ۾ عام چوڻيءَ آهي ته ٻڏڻ واري لاءِ ڍڪڻ ۾ ڍُڪ ڪافي آهي.

·     پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي. تازي شادي شده جوڙي وٽ گهمڻ نه وڃجي.

·     مڇر مارڻ سان خارش نه ويندي.

·     بدڪردار عورت ناريل جي خالي کوپي وانگر آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ ڪڏهن هيڏي رُخ رکي ٿو ته ڪڏهن هوڏي.

·     عشق جي باهه مرضيءَ سان ٻاري ۽ ساڙي.

تڏهن ته چاچي غالب چيو آهي ته:

·     عشق پر زور نهين يه وه آتش هي غالب

·     جو لگائي نه لگي اور بجهائي نه بجهي

ٻي ڪنهن باهه ۾ سڙڻ بعد وري به ڪجهه نه ڪجهه بچندو آهي پر عشق جي باهه ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو وجود به وڃائي وهندا آهن. تڏهن ته شايد ”ميران“ چيو آهي:

·     لکڙي جل بهئي کوئله، کوئله جل بهيو راکهه

·     مين پاپن ايس جلي نه کوئله بهئي نه راکهه

·     هارايل فوجيءَ کي بهادريءَ جون ٻٽاڪون نه هڻڻ کپن.

ملايا جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم ۾ هارايو پر هتي ڪيترا ملئي، پاڪستان هندوستاني ۽ انگريز پوڙها سپاهي ملندا جن جو مشغلو پنهنجون سچيون ڪوڙيون ۽ خيالي ڳالهيون ٻڌائي ٻين کي مٿي ۾ سو وجهڻ آهي. شايد اهڙي هڪ فوجيءَ جي هيٺين ڳالهه آهي.

هڪ رٽائرد فوجيءَ پنهنجي دوست اڳيان نقشو وڇائي چيو:

”ڏس هيءَ اها جاءِ آهي جتي جپانين جي فوج سان اسانجي وڏي ويڙهاند ٿي. هن جاءِ تي منهنجي ٻانهن ڦٽجي پئي هئي ۽ هن جاءِ کان سوا کن وال پري هي جيڪو وڻن جو جهڳٽو آهي اتي منهنجو کاٻو پير مڙي پيو............“

ٻڌندڙ جيڪو بيزار ٿي رهيو هو تنهن سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيس:

”هاڻ اها جاءِ ڏيکار جتان تنهنجو دماغ خراب ٿيو هو.“

·     موت اهو جو انسان سان گڏ هن جا مسئلا به ماري.

ضروري ناهي ته موت بعد ماڻهوءَ جا مونجهارا به ختم ٿي وڃن. ڪيترا ماڻهو مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران موت کي پنهنجو ڪن ٿا. پر ضروري ناهي ته مرڻ بعد انسان دنيا جي مشڪلاتن مان نجات حاصل ڪري سڪون ماڻي سگهندو. تڏهن ته اڙدوءَ جي هڪ شاعر چيو آهي ته:

·     اب تو گهبرا کي يه کهتي هين که مرجائين،

·     اگر مر کي بهي چين نه آيا تو پهر کهان جائين گي.

ظاهر آهي جنهن موت کي همدرد سمجهي ڪو چنبڙي پوي اهو جيڪڏهن ايترو به سک نه ڏئي جيترو زندگيءَ ۾ هو ته پوءِ اهڙي موت مان ڪهڙو فائدو.

ان تان مون کي مشتاق يوسفي جي ڪتاب زرگزشت جو هڪ ڪردار پٺاڻ چوڪيدار ياد اچي ٿو، جيڪو جمع نماز تي خطبو ٻڌي رهيو هو، جنهن ۾ مولوي صاحب ٻڌائي رهيو هو ته جيڪو مسلمان مومن چڱا ڪم ڪندو، ان کي قيامت بعد جنت ۾ سندس زال حور ٿي ملندي. اهو ٻڌي پٺاڻ ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”ايسي مرني سي کيا فائدا!“

·     نالو دل جو ٿئي ٿو پر مزو اکيون پسن ٿيون.

محبوب ڏي اشارو آهي ته اکيون ئي ان جو انتظار ڪن ٿيون. اهي ئي ديدار پسن ٿيون. شايد ان ڪري هي شعر چيو ويو آهي:

·     ”کانگا سب تن کهائيو، چن چن کهائيو ماس،

·     دو نينان مت کهائيو، انهين پيا ملن کي آس.“

·     اکيون ته نُور نه ته ڀتر.

اکيون جسم جو اهم حصو آهن، اکين جي روشني يعني نور قائم آهي ته سڄي دنيا پسي سگهي ٿي بنا نور جي اکيون ڀترن برابر ئي ٿيون. پر انهن ماڻهن جو ڇا چئجي، جن کي اکيون هوندي به انهن جو استعمال نٿا ڪن.

رات جي وقت موٽر سائيڪل تي ويندڙ هڪ سک جو سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي ويو. ڪورٽ ۾ جج ٽرڪ واري کان پڪ ڪرڻ بعد ته ٽرڪ جون بتيون ٻريون پئي سک کان پڇيو: ”جڏهن تو سامهون ايندڙ ٽرڪ ڏٺي ته وچ مان بدران پنهنجو پاسو ڇو نه ڪئي؟“

سک وراڻيو: ”سائين مون سمجهيو ته سامهون ٻه موٽر سائيڪلون پيون اچن ۽ آئون انهن جي وچ مان لنگهي ويندس.“

·     عقلمند لاءِ اشارو ڪافي آهي.

بلڪ ڪيترا دفعا عقلمند يا ڏاهو بنا اشاري جي به ڳالهيون سمجهيو وڃي ۽ غلط ڪم کان پاڻ کي پر رکي ٿو. ڀلا هن ڏاهي سمجهدار ڳوٺاڻي بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟

هڪ ڳوٺاڻي جو گڏهه مسجد ۾ گهڙي آيو. امام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. لٺيون هڻي گڏهه کي ٻاهر ڪڍيائين ۽ ٻاهر بيٺل سندس مالڪ کي چيائين:

”ڪجهه ته خيال ڪر، گڏهه کي کڻي مسجد ۾ ڇڏيو اٿئي.“

ڳوٺاڻي مسڪين صورت ٺاهي چيس: ”مولوي صاحب گڏهه بي زبان ۽ بي سمجهه آهي، تڏهن تنهنجي مسجد ۾ هليو آيو. آئون ڪو ڪڏهن تنهنجي مسجد ۾ آيو آهيان.“

چيني پهڪا ۽ چوڻيون

·     ايماندار جج جا ڏٻرا نوڪر ٿين. نالي چڙهي ديوتا جا متارا ٻاوا ٿين.

(ظاهر آهي ايماندار جج نه پاڻ رشوت وٺندو نه پنهنجن نوڪرن کي مال کارائيندو)

·     اونهاري ۾ ٻنيون نه ڇڏجن، سياري ۾ گهر نه ڇڏجن.

(هي اتراهين چين جو پهاڪو آهي، جتي سخت سيءُ ٿئي ٿو ۽ اونهاري ۾ ئي ماڻهو پوک ڪري سگهي ٿو. سو اونهاري وارو وقت هيڏانهن هوڏانهن وڃائڻ بدران ٻني ٻاري تي لڳائجي ۽ سياري جا سخت ٿڌا ڏينهن گهر ۾ ئي گهارجن)

·     روزانو وارن کي ٺاهڻ وارو دل به ٺاهي سگهي ٿو.

·     ڪامياب ماڻهو ورلي آرام ڪن ٿا، آرام ڪرڻ وارا ورلي ڪامياب ٿين ٿا.

(مطلب ته ڪاميابيءَ جي ڪنجي محنت آهي)

·     شام جو ڪئين سوچون صبح جو ساڳي سستي.

(سست ۽ ڪاهل ماڻهو رات جو سمهڻ مهل ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچي ٿو ۽ ارادو ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن کان سخت محنت ۽ پورهيو ڪندس. صبح ٿيڻ تي وري ساڳيو ٽوٽپڻو)

·     عورت کي راز ٻڌائڻ ائين آهي. جيئن پاڻيءَ جي ڦلو ڪڻي ۾ سئي چڀڻ.

(مطلب ته ڪيترو به جهلڻ هوءَ راز فاش ڪريو ڇڏي)

·     هڪ خوشي سوين غمن کي ڀڄايو ڪڍي ٿي.

(هڪ دوست ٻئي کي شاديءَ جي فائدن بابت ٻڌائيندي چيو: ”شادي اها خوشي آهي، جنهن سان سوين غم وڃن.“ ۽ شادي کان سال ٻه بعد ملاقات تي هن احوال ورتس. شادي شده دوست ڪاوڙجي چيس:

”شادي بعد نه خوشي آئي نه غم ڀڳا. البت زال آئي جنهن منهنجن مڙني مائٽن کي ڀڄائي ڪڍيو)

·     استعمال ۾ ايندڙ دروازي جي انجيسن کي ڪڏهن به ماڪوڙي نٿي لڳي.

(چرپر واري شيءِ سلامت رهي ٿي. چوڻي مشهور آهي ته حرڪت ۾ برڪت آهي)

·     زبان جي گندي ماڻهوءَ تي ڪا دعا اثر نٿي ڪري.

(هڪ ماڻهو جيڪو زبان جو خراب آهي گار گند ڪري ٿو اهو ڪنهن به دعا سان سلڇڻو ٿي نٿو سگهي)

·     اهو جاهل ماستر آهي، جيڪو سپاهيءَ کي نرم دل ٿيڻ جو سبق ڏئي ٿو.

·     نئون گهر وٺڻ کان اڳ پاڙ ي جو ضرور جائزو وٺجي.

(گهر کڻي ڪيڏو به سٺو ٺهيل هجي پر پاڙي جا ماڻهو جيڪڏهن سٺا نه آهن، گهٽيءَ جا رستا، گٽر صحيح نه آهن ته اهڙي گهر مان ڇا فائدو)

·     ٻنيءَ کي هَرَ ڍڳو ڏئي ٿو، پر اَن گهوڙي کي کارايو وڃي ٿو.

·     ماڻهو جيڪڏهن پاڻ سڌو آهي ته سندس چٻي پاڇولي ڏي ڌيان نه ڏجي.

(يعني ڪو انسان نيڪ ۽ قابل آهي ته هن جي سادي پوشاڪ يا رهڻي ڪهڻيءَ کي ڌيان ۾ نه آڻڻ کپي)

·     چوريءَ کان پاسو ڪج چاهي بک ۾ مري رهيو هجين.

·     ڀائر ايئن آهن جيئن هٿ پير.

(جيئن انسان کي هٿ پير ڪم اچن ٿا، تيئن ڏکئي وقت تي ڀائر ئي ڪم اچن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا پُٽَ گهرجي سونهن“)

·     مڙس ڀلي زال کان ڏهه سال وڏو هجي پر زال مڙس کان هڪ سال به ننڍي نه هئڻ کپي.

(اهو چيني پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ آهي ته: ”انڌي هجي، منڊي هجي پر ننڍي هجي)

·     ڪنهن ننڍي مندر ۾ ديوتا کان بهتر آهي ته وڏي مندر ۾ شيطان ٿجي.

·     انسان فقط ارادا ڪري سگهي ٿو، انهن کي پورو ڪرڻ واري قدرت آهي.

·     هڪ ڍڳي هڪ کل.

·     ٽن کهرن کان هڪ نازڪ هٿ بهتر آهي.

·     ننڍڙي ڪهاڙي وڏن وڻن کي ڪيرايو رکي.

·     ڏهن مان نو عورتون حاسد ٿين ٿيون.

(ٻين لفظن ۾ شايد پهاڪي واري جو اهو چوڻ آهي ته مرد عورتن کان وڌيڪ بهتر آهن. پهاڪن جي دنيا ۾ پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي ته عورت کي بي عقل، ڪاهل، گهڻ خرچائو، گهر کي جنت بدران دوزخ بنائڻ وارو ڏيکاريو وڃي. ڇو جو پهاڪا ٺاهڻ، ٻڌائڻ، لکڻ ڇپڻ وارا مرد حضرات آهن)

هونءَ ائين به نه آهي ته مردن عورتن جي فقط گلا ڪئي آهي. عورت جي تعريف ۾ به ڪيئي مقالا، بيان ۽ Quotations آهن. مثال طور:

·     عورت مرد کان وڌيڪ عقلمند ٿئي ٿي ڇو جو هوءَ ڄاڻي گهٽ ٿي سمجهي گهڻو ٿي.

·     عورت: خوشبوءِ، راڳ، ناچ ۽ موسيقيءَ جو ٻيو نالو آهي.

·     عورت گاهه جو نرم پن /  تيلو آهي، جيڪو هلڪي هير تي ته جهڪي ٿو پر وڏا طوفان ان کي پاڙ کان پٽيو نٿا سگهن.

·     عورت هڪ غافل شينهڻ آهي. هن جون خوفناڪ قوتون جنهن وقت جاڳن ٿيون ته بادشاهتن جا تختا اونڌا ڪريو ڇڏين.

·     عورت رات جو تارو، صبح جو نور ۽ ماڪ جو ڦڙو آهي ۽ جيئن ڪنڊن ۾ گلاب ٿئي ٿو، تيئن هوءَ اونداهيءَ ۾ دلين کي روشن ڪرڻ واري هستي آهي.

·     عورت کي ڪڏهن به امتحان ۾ مبتلا نه ڪريو نه ته پڇتائيندائو.

·     عورت سج جي گرمي، چنڊ جي ٿڌاڻ ۽ گلن جي خوشبوءِ آهي. وغيره وغيره.

·     ڪوئا سو جهلي، پوءِ اها ٻلي رنگ جي کڻي اڇي هجي يا ڪاري.

·     پراڻي شيءِ جي حفاظت ڪر نئينءَ کي سمجهڻ لاءِ جستجو ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org