سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رُٺي آهي گهوٽ سان

باب: --

صفحو :16 

·     اکيون به ايترو ئي ڳالهائي سگهن ٿيون، جيترو وات.

   (بلڪ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي وات سان بيان نه ڪري سگهجن، اهي اکين سان سمجهائي سگهجن ٿيون.

   تڏهن ته طالب المولى چيو آهي ته:

اکــيــون ۽ مـيـنــهــن ٻــئــي نه اکـــــر هيڪڙي،

هو موسم جو محتاج ٿيو، هي وسن راتو ڏينهن،

هن ۾ نرجا نينهن هو طالب! وسن هر وقت تي.

يعني عشق جي معاملي ۾ ته اکيون ئي ڳالهائين ٿيون، اکيون ئي التجا ڪن ٿيون، اکين کي ئي محبوب ڏسڻ جو انتظار رهي ٿو)

·       بيواهه زال جي گهر ۾ ٿلها ڪوئا نظر نه ايندا.

   (ظاهر آهي مڙس بنان غريب عورت وٽ ايترو گهڻو نه هوندو)

·     بدڪردار زال سٺ خراب فصلن برابر آهي.

   (۽ بدڪردار يا خراب مڙس؟ان جو ذڪر جپاني پهاڪن توڙي ادب ۾ ڳولي به نٿو ملي)

·     نوان ڪپڙا پائڻ واري ڪنيز کان غريب مڙس جي زال ٿي رهڻ سٺي ڳالهه آهي، پوءِ ڀلي کڻي پائڻ لاءِ پراڻا ڪپڙا هجن.

·     عمر سان گڏ ادرڪ (سنڍ)، دال چيني ۽ ماڻهو ڌپ ڪريو وڃي.

·     سست ماڻهو کائڻ ۾ تکا ٿين ٿا.

·     ڦٽا ڪن ۽ بم بارودن تي ويٺل ماڻهو به ڏينهن ۾ ٽي دفعا سگريٽ پيئي ٿو.

·     ڪمزور ڪتو مالڪ لاءِ شرمندگي آهي.

·     هر ڏيئي جي هيٺان اوندهه ٿئي ٿي.

   (بقول اڙدو چوڻيءَ جي: چراغ تلي انڌيرا)

·     پيريءَ ۾ اولاد جو چيو مڃڻ کپي.

·     اگهاڙي ماڻهوءَ به ڪڏهن ڪجهه وڃايو آهي.

   (هو ڇا چوندا آهن ته ڍڳونه ڍور ڇا کڻندو چور)

·     سهن کي ڦاسائڻ کان اڳ سندن کلون نه ڳڻڻ کپن.

   (ٻين لفظن ۾ بيضا ڏسي ٻچا ڳڻڻ شروع نه ڪجن، نه ته گيهه جي دلي وارو حال ٿيندو)

·     ميڙ ميڙ آهي پوءِ ڀلي اهو فقيرن جو هجي.

·     غريب کي ئي غريب جو خيال ٿئي ٿو.

   (اها ڳالهه صحيح آهي ته جنهن ڏک نه ڏٺا هوندا ان کي ڏکويل جو ڪهڙو خيال)

·     اڻپورو ڪم ائين آهي جيئن پٺي ڪپيل کڙکٻيتو.

   (کڙ کٻيتي جي سونهن روشنيءَ سان آهي، جيڪا هن جي پڇ ۾ ٿئي ٿي ۽ ظاهر آهي، سندس پٺيون اڌ ڪٽجڻ تي هن جي ڪا حيثيت نٿي رهي)

·     ڇڻيل گل وري موٽي ٽاريءَ ڏي نٿو وڃي _ اهڙيءَ طرح ڀڳل آرسي وري سڄو اولڙو نٿي ڏئي.

·     سرءُ جي آسمان وانگر ماڻهوءَ جي دل بدلجندڙ ٿئي ٿي.

   (جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته انسان جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ڀروسو)

·     سچ ورلي سهڻو لڳي ٿو ۽ سونهن ورلي سچ ثابت ٿئي ٿي.

·     ڀتين کي ڪن ٿين ٿا ۽ بوتلن کي وات.

·     ڪوڙ بي ٽنگو ٿئي ٿو ۽ پر اسڪينڊل کي کنڀ ٿين ٿا.

·     گهر ۾ شينهن ٻاهر ڪوئو.

·     سٺي هنرمند کي نوڪري ڳولڻ جي ضرورت ناهي.

   (هن وٽ ماڻهو هلي اچن ٿا)

·     عورت جي زبان اهو خنجر آهي، جنهن کي ڪڏهن به ڪٽ نٿي لڳي.

   (ٿي سگهي ٿو ته اها چوڻي ڪنهن لوهار ٺاهي هجي، عورت کي هر ماڻهو پنهنجي نموني سان ڏسي ٿو، جيئن هڪ هنڌ ”عورت _ عوام جي نظر“ ۾ پڙهيو هوم جيڪو ڪجهه هن ريت آهي :

·     بقول ڪاسائيءَ جي: ”عورت اها ڪاتي آهي، جيڪا ذبح ته ڪري ٿي پر رت نٿي وهائي.“

·     بقول صحافيءَ جي: ”عورت خبرون ٺاهڻ جي مشين آهي.“

·     بقول شاگرد جي: ”عورت اهو ڪتاب آهي جيڪو هر مرد جي سليبس ۾ شامل آهي.“

·     بقول ڌوٻيءَ جي: ”عورت اهو ميرو ڪپڙو آهي جيڪو تعريف جي صابڻ سان ڌوئي سگهجي ٿو.“

·     بقول بورچيءَ جي: ”عورت اها ديڳڙي آهي، جيڪا فيشن جي چلهه تي سڙي ٿي.“

·     بقول ڊرائيور جي: ”عورت اها گاڏي آهي، جنهن جون بريڪون اڪثر خراب رهن ٿيون.“

·     بقول درزيءَ جي: ”عورت اهو لباس آهي، جيڪو پراڻو ٿيڻ تي ڏسڻ جهڙو نٿو رهي.“

·     بقول سائنسدان جي: ”عورت اهو چقمق آهي، جنهن جي ڪشش کان ڪوبه مرد محفوظ ناهي.“

·     بقول شاعر جي: ”عورت قدرت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن جي پهرين ايڊيشن حوا جي نالي سان دنيا جي مارڪيٽ ۾ آئي.“

·     بقول فلمساز جي: ”عورت هڪ ئي وقت محبوبا ۽ زال جو رول ادا ڪري نٿي سگهي.“

·     ميڙ کي ڏسي پوءِ ان موجب واعظ شروع ڪجي.

   (يعني جنهن قسم ۽ سطح جا ماڻهو هجن، انهن جي ذهني سوچ مطابق ليڪچر ڏجي يا ”مُنهن ڏسي مٺائي گهرجي“)

·     ٻليءَ لاءِ نوٽ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا.

·     ڪوٽ ۽ ڪٽلي پراڻي ٿيڻ تي سٺي خذمت سرانجام ڏئي ٿي.

·     ٿڌي نهار ۽ ٿڌي کيڪار کان ٿڌو ڀت ۽ ٿڌي چانهن بهتر آهي.

·     گهٽ خرچائو زال سان شادي ڪجي پوءِ ڀلي ان جي ڳولا ۾ سڄو بوٽ گسي وڃي.

   (۽ ڀلا مڙس ڪهڙو هجي؟ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ڪو ٻيو؟)

   زال پنهنجي مڙس جي ٽائي کي محبت سان لوڏيندي چيو:

   ”توهان ڪڏهن به رومانٽڪ نٿا ٿيو. مون واري فلاڻي ساهيڙيءَ جو مڙس ته هر وقت هن کي چنڊ، تارو ۽ هير جهڙن رومانوي لفظن سان سڏي ٿو. توهان مونکي ڪڏهن ڍڳي ته ڪڏهن ٻڪري يا رڍ چئو ٿا.“ مڙس جواب ڏنس: ”تنهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس ماهر فلڪيات آهي ۽ توکي ته خبر آهي ته آئون ڊاڪٽر آف ڍور يعني جانورن جو ڊاڪٽر آهيان.“)

·     گل جي خوشيءَ ۾ پوپٽ کي ڪوريئڙي جو ڄار نظر نٿو اچي.

·     پيار آهي ته محبوبا جي منهن تي نڪتل ڦرڙي به تر لڳي ٿي.

·     ماڪوڙيءَ لاءِ چند ڦڙيون مينهن جون به ٻوڏ مثال آهن.

·     جڏهن عقاب ننڊون ڪن ٿا تڏهن ننڍڙا پکي سک سان لاتيون لنون ٿا.

·     زندگيءَ جا چار ڏهڪاءَ آهن: زلزلو، گوڙ، باهه ۽ پيءَ.

·     غربت چار سؤ چئن بيمارين کان به خراب آهي.

·     شاعري عورت ۽ مرد جا تعلقات بهتر ڪري ٿي.

   (ياد رهي ته شاعري ۽ نه شاعر. پوڪوهاما (جپان جي هڪ شهر) جي بڪ اسٽال تان ڪتاب وٺي رهيو هوس ته ڀر ۾ بيٺل هڪ جپاني ڇوڪريءَ پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ورتو.

   ”شادي شده آهيو؟“ مون پڇيو مانس.

   ”نه.“ هن وراڻيو.

   ”پڪ توهانجو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“

   ”باهه ڏيان شاعر کي. ان کان بهتر ڪنهن رازي، واڍي، ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪريان. ها البت شاعري پسند اٿم.“)

·     رڌل ڀت وڻن تي نٿو ڦٽي.

·     مائٽ بيوقوف، ٻار عقلمند.

   (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.“ تيئن جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي آهي ته ”اويا باڪا، ڪوريڪو.“)

·     گهٽ لاڏ ڪوڏ ۾ پليل عورت وڌيڪ چاهي ٿي.

   جبل جي سونهن سندس اوچائيءَ ۾ نه پر ان تي بيٺل وڻن ۾ آهي. ماڻهوءَ جو مان سندس ٿولهه جي ڪري نه پر سندس عقل جي ڪري آهي.

·     بيوقوف کان وڌيڪ ٻي ڪا خطرناڪ شيءِ ناهي.

·     ڪنجين جي پهري تي چور وهارڻ.

   (پنهنجي جلدي ڀينگ ڪرائڻ)

·     رئندڙ ٻار ۽ مئجسٽريٽ تي ڪنهن جو وس.

·     مري ويل ٻار جي عمر ڳڻڻ.

   (اهو ڪم ڪرڻ جنهن مان ڪو فائدو نه هجي)

·     جيڪي جيئن ٿا، انهن کي ضرور مرڻو آهي.

·     جيڪي ملن ٿا، انهن کي ضرور وڇڙڻو آهي.

·     (جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي:

·     We meet to depart & depart to meet.

·     عورت جي پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. ”اچي

   اوشي.“ (پهرين همت)، ”ني ڪاني (ٻي دولت) ۽ ”سان اوتوڪو.“ (ٽي شڪل شبيهه)

·     پهرين نمبر تي بيضوي منهن پوءِ گول.

   (اهي جپاني عورت جي منهن جا درجا آهن. يعني پهرين نمبر تي سهڻي شڪل واري اها آهي جنهن جو منهن بيضوي آهي ۽ ٻي نمبر تي گول منهن واري. ان بعد ٽئي نمبر تي اچي ٿو تانگهو منهن، چوٿين تي چورس ۽ پنجين تي ڊگهو منهن. اهو جپاني پهاڪو ٻڌي پنهنجي ننڍي کنڊ جي سونهن ۽ سيرت جو معيار ۽ عورت جا چار قسم ڌيان ۾ اچن ٿا. پدمڻي، ڪامڻي، استري ۽ آخري نمبر تي شنکڻي.

·     چوڻي آهي ته:

پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر ڪامڻي.

اڌ رات جاڳي استري اور سورج جاڳي سنکڻي

يعني پدمڻي فقط پل اڌ ننڊ ڪري ٿي ۽ ڪامڻي پهر کن. استري اڌ رات سمهي پوءِ اٿي ٿي ۽ سنکڻي سج اڀرڻ تائين سمهي ٿي.

   پـــدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي ڪامڻي.

   تين برسي استري اور ٻارهين ماسي سنکڻي.

   پدمڻيءَ جهڙي نازڪ ۽ خوبصورت عورت سگهو سگهو ٻار نٿي ڄڻي، پر ستن سالن کانپوءِ ڄڻي ٿي. ڪامني پنجن سالن جي انٽرول کانپوءِ استري ٽن سالن کانپوءِ ۽ سنکڻي هر ٻارهين مهيني)

·     باندر ٻئي باندر جي ڳُئي ڏسي کلي ٿو.

   (جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”مينهن چوي رڍ کي هل ڙي پڇ ڪاري هل.“ تيئين جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي ته: سارو نو شري ورائي.“)

·     مئل ڪوئي کي ڪٿي به دفن ڪري سگهجي ٿو.

·     سک مان ڏک ڦٽي ٿو ۽ ڏک مان سک.

·     لاهين پٺيان چاڙهيون ۽ چاڙهيون لاهيون.

·     جيڪو پئسا کسي ٿو اهو جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، پر جيڪو حڪومت کسي ٿو اهو شهنشاهه سڏيو وڃي ٿو.

·     مهلن تي دوست ئي مدد ڪن ٿا.

   (پر دوست جي ضرور پڪ ڪجي ته دوست ئي آهي يا دوست جي روپ ۾ دشمن. شام جي وقت مڙس گهر ۾ گهڙيو ته زال پوسٽ ۾ مليل لفافو هٿ ۾ ڏنس، جنهن ۾ رات جي فلم شو جون ٽڪيٽون هيون. لفافي جي ٻاهران لکيل هو. ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي دوست وٽان آهن؟

   زال مڙس ٻن چئن ڄڻن جا ڌڪا هنيا ته فلاڻي يا فلاڻي دوست موڪليون هونديون. اتي فلم شروع ٿيڻ جو وقت به اچي ڀريو هو سو اهو فيصلو ڪيائون ته جلدي هلي فلم ته ڏسجي پوءِ پيا معلوم ڪنداسين ته ڪهڙي دوست موڪليون آهن.

   هنن جي فلم تي وڃڻ تي پٺيان چور آيو سو الهه تلهه چٽ ڪري وين. هي جڏهن فلم تان موٽيا ته سندن نالي لفافو پيل هو. کولي ڏسن ته اُن ۾ لکيل هو: ”هاڻ ته خبر پئجي ويئي هوندي ته ڪهڙي دوست فلم جي ٽڪيٽ موڪلي.“)

·     ڌارئين جي باغ جو گلاب هميشه وڌيڪ ڳاڙهو لڳي ٿو.

·     جيڪڏهن توهان کي پٽ سان پيار آهي ته هن کي سفر ڪرڻ ڏيو.

·     ان گهر ۾ جتي سڄو ڏينهن گهر جا ڀاتي ساز سرندا وڄائيندا رهن، ان جي رڌڻي ۾ کائڻ لاءِ ڇا هوندو.

·     سهڻي عورت کان ايترو ئي پري ڀڄڻ کپي جيترو ڳاڙهن مرچن کان.

·     ڌڪاريل ٻار کي ڪنهن جو ڊپ نٿو ٿئي.

·     ٻليءَ جو نڪ ۽ عورت جون دڏيون هڪ جيتريون ٿڌيون رهن ٿيون.

·     نوَ سؤ انوانوي نڪ ڪٽيل ڀولڙا نڪ واري ڀولڙي تان کلن ٿا.

·     کوهه ۾ ڏيڏر جي بڇڙي ٽان ٽان سندس محبوبا لاءِ مٺو راڳ آهي.

·     عورت جي سوچ سندس نڪ تائين رهي ٿي.

   (يعني ڪو گهڻو نٿي سوچي. ٻين  اکرن ۾ عورت بي عقل آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: ”عورت جو عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.“)

·     شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته چانور پوکجن.

   (پيٽ ڀريل آهي ته شاعري به پوءِ سمجهه ۾ اچي ٿي. بهتر اهو آهي ته محنت ڪري اهو ڪم ڪجي جنهن سان پيٽ ڀري سگهجي. ان بعد ٻيا شوق ڪجن)

·     تتر پنهنجو منهن ته لڪائي ٿو، پر پڇ جو خيال نٿو رهيس.

   (هي ائين آهي جيئن شتر مرغ جيڪو پنهنجو منهن مٽيءَ ۾ لڪائي سمجهي ٿو ته کيس ڪير نٿو ڏسي ۽ جهلجيو پوي)

·     ڪڏهن ڪڏهن ڀولڙا به وڻن تان ڪريو پون.

   (عقلمند ۽ قابل ماڻهن کان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون)

·     سفر هميشه ڪنهن ساٿيءَ سان ڪجي ۽ جي اهو زندگيءَ جو سفر آهي ته نهٺائيءَ سان ڪجي.

   (ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ کپي ۽ سٺو سمجهوتو هجڻ کپي، پر ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته:

   هڪ مئنيجر پنهنجي سهڻي سيڪريٽريءَ کي چيو:

   ”هاڻ شادي ته پاڻ ڪري ورتي آهي، اها ڳالهه منهنجي زال کان ڳجهي رکجانءِ ۽ هوشيار رهجانءِ جيڪڏهن هن کي پنهنجي شاديءَ جي خبر پئجي وئي ته هوءَ پنهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي.“

   سيڪريٽريءَ مرڪندي چيو: ”توهان کي به منهنجي مڙس کان خبردار رهڻو پوندو ڇو ته هو وڏو ظالم انسان آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ کڻيو پستول ڪڍي.“)

·     پيءُ جي دعا جبل کان به مٿاهين آهي، ماءُ جي دعا سمنڊ کان به گهڻي اونهي آهي.

·     بيوقوف ماڻهوءَ جو ڪو علاج ناهي.

·     پنهنجن چڱن اعمالن ذريعي پنهنجن وڏن جي ناموس وڌائڻ کپي.

   (پر اسان جهڙي ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن وڏن جي چڱن ڪمن تي پاڻ پڏايون ٿا)

·     زالون ۽ تڏا جڏهن نوان آهن ته سٺا لڳن ٿا.

·     هر سهڻي چمڙي واري عورت ۾ ست نقص به آهن.

·     جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو، پراهو جيڪو پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.

·     ڪئنچي ۽ بيوقوف ماڻهو سان خيال سان هلجي.

·     اڌاري آندل ٻلي شايد ئي ڪو ڪوئو جهلي.

   (پِنَ جي ماني کائڻ وارو ڪاڻو ملهه ڇا وڙهندو)

·     ڏهه ماڻهو ته ڏهه خيال.

·     جيڪو ماڻهو گهڻيون زالون رکي ٿو، اهو جهٽ کٽي پئي ٿو.

·     هر ماڻهو ولايت وڃڻ وقت پنهنجا اخلاق گهر ۾ ڇڏيو وڃي.

·     جنگجو ۽ سون ڀلي کڻي ائين پيو هجي ته به انهن تي ڪَٽُ نٿي چڙهي.

·     مرڻ وقت هرڪو سچ ڳالهائي ٿو.

·     افواهه يڪدم وڌيو ٻيڻ ٿيو پوي.

·     ڌارئين تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو هو چور هجي.

·     پنهنجي تعريف جڏهن ماڻهو پاڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ٻيو هرگز نٿو ڪري.

·     اڪيلائيءَ ۾ انسان کي پنهنجي ضمير سان سچو هئڻ کپي.

·     انسان پاڻ هڪ ٽهي جيئي ٿو، پر سندس نالو ڪيتريون ئي ٽهيون زنده رهي ٿو.

·     سٺيون تجويزون ڪاڪوس ۾ سوچڻ سان اچن ٿيون.

·     اوندهه ۾ يا پري کان بيٺل هر عورت سهڻي لڳي ٿي.

·     اهو ڪاسائي جيڪو رڍ جي منڍي ٽنگي ڪتي جو گوشت وڪڻي ٿو.

   (بدديانت واپاري)

·     هرڪو مڙس اهو سمجهي ٿو ته سندس محبوبا حسن جي چيني ديوي يانگ ڪئائي فاءِ جهڙي آهي.

·     گهڻو نرم دل ٿيڻ به سٺي ڳالهه ناهي.

   (چوندا آهن ته نه ايترو کٽو ٿجي جو هرڪو ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه ايترو مٺو ٿجي جو هرڪو ڳهي وڃي)

·     درياهه کڻي اونهو نه هجي، پر خبرداريءَ سان پار ڪجي.

·     وڏيون اميدون ڪڏهن ڪڏهن مايوسي آڻين ٿيون.

·     اونهارو ختم ٿيڻ تي وڻ جي ڇانوَه وسريو وڃي.

   (ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو)

·     تڪڙي فقير کي ٿورو ملي.

·     وڏو پٽ کڻي بيوقوف هجي پر هن جو گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.

·     بيوقوف پريشانين کان ڇٽل رهن ٿا.

·     پنهنجو پاڻ کي فيوجي جبل سان ڀيٽڻ.

   (پنهنجو پاڻ کي وڏو ماڻهو سڏرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ)

الطاف شيخ جا تازا شايع ٿيل سفرناما

يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون

هن ڪتاب مان کنيل: پندرهن ويهه سال اڳ تائين هي يورپي بندرگاهه اگهاڙپ، اگهاڙن، ناچن، اگهاڙين فلمن، چڪلن کان مشهور هئا جن ۾ مڪاني ڊچ، جرمن، پولش، ڊئنش ڇوڪريون پنهنجي جسم جي نمائش يا سودي بازي ڪنديون هيون. هاڻ يورپ جي ايڪانامي اها خراب نه رهي آهي جيڪا ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترا ڏهاڪا سال رهي. هاڻ ته اهو ڦيرو آيو آهي جو گس ويندي به ڪا يورپي ڇوڪري نٿي ڳالهائي. مجبوري ۽ غربت انسان کي چور ۽ رنڊي بنائي ٿي. اڄ يورپ جو غريب به سکيو ستابو آهي. بندرگاهن واريون گهٽيون جيڪي يورپي عورتن جي چڪلن ۽ ناچ گهرن سان ڀريل هونديون هيون، انهن ۾ هاڻ آفيسون ۽ دڪان ٿيندا وڃن ۽ جيڪي ڪجهه چڪلا ۽ ناچ گهر ايڪڙ ٻيڪڙ آهن، انهن ۾ ورلي ڪا يورپي عورت جسم جي نمائش يا سودو ڪري ٿي. مون نائيٽ ڪلبن جي ٻاهران لڳل اڌ اگهاڙين نچندڙ عورتن جا فوٽو غور سان ڏٺا، منجهن ڪابه يورپي عورت نظر نه آئي. ٿائي، فلپينو، چيني ۽ آمريڪن ملڪن جون هيون. يورپي توڙي ايشين آفريڪن _ ڪابه عورت خوشيءَ سان رنڊي نٿي ٿيڻ چاهي. ”کيس ۽ سندس ٻچن جي سار سنڀال لاءِ سندس مڙس، سندس معاشرو، سندس ملڪ عزت جا ٻه ويلا مهيا ڪري ته هوءَ ڪڏهن به جسم جو سودو نه ڪري.“ ٽيونيشيا جي هڪ عورت جو اخبار ۾ بيان آيو هو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ نرس هئي. ”پوءِ ٻاهر نوڪري ڏياريندڙ ايجنسيءَ جي لالچ ۾ آئون ان نوڪريءَ تان استعيفى ڏئي، رکيل پئسو پونجي ايجنٽ کي في ۽ ٽڪيٽ طور ڏئي جڏهن فرانس پهتس ته خبر پئي ته مون کي اتي جي اسپتال ۾ سٺي پگهار تي نرس ٿي ڪم ڪرڻ بدران شراب خاني ۾ روزانو گراهڪن کي خوش ڪرڻو آهي. مون گهڻو ئي Protest ڪيو، پر مالڪ مون کي چٺ ۽ لٺ ڏيکاري مڃرائڻ لڳو. ڀڄي وڃڻ جي راهه نه هئي جو مون کي غير قانوني طور آندو ويو هو ۽ پاسپورٽ پهرين ڏينهن کان مالڪ پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. پوليس ۾ دانهن کڻي وڃڻ تي پوليس پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جو پاسو کڻي غير قانوني آيل کي جيل روانو ڪري ٿي ۽ ان بعد هٿين خالي ملڪ پهچڻ جو الڳ خوف. ان هوندي به هڪ ٻه دفعو ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي سخت ماريو ويو. هاڻ ان نشي ۾ اهڙي سوگهي ٿي وئي آهيان جو منهنجو ڏينهن رات فقط اهو مقصد رهيو آهي ته نشو حاصل ڪريان ۽ ان لاءِ ڀلي مون کي ڇا به ڪرڻو پوي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org