سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 8

صفحو : 15

باب اٺون

وطن جون تحريڪون ۽ سنڌي صحافت

صحافت، معاشري جي معاملي، هڪ اهڙي بي بدل بئراميٽر جي حيثيت رکي ٿي، جنهنجي ذريعي، عام ماڻهن طرفان، مذهبي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ميدانن، ڪنهن خاص عهد ۽ دور دوران، اختيار ڪيل ذهني روش ۽ اندر جي آنڌمانڌ جي پوري پئمائش ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اهو دور، امن آشتي، انصاف، عروج ۽ خوشحالي وارو آهي ته انهن حالتن جي عڪاسي اخبارن ۽ رسالن ۾، اخوت، ڀائيچاري، برداشت ۽ رواداري ۾ نمودار ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن ملڪ ۾ ڏول ڏمر، قحط ۽ قهر هوندو، ته ان وقت جي پريس خبرن، ادارين ۽ تبصرن بلڪه تصويرن تائين، ان جي مطابقت وارا دل خراش ۽ هنئين کي هيسائيندڙ اشاد ۽ اهڃاڻ ملندا آهن. ان لحاظ کان، اخبارون ڄن ته هر دور جو آئينو آهن جنهن ۾ ان وقت جي صورتحال جا صحيح خدوخال چٽي طرح نظر ايندا آهن. ان ڪري ڪنهن به دور جي جيڪڏهن سچي ۽ سڄي ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته هڪ منو ٿي ان عرصي جون اخبارون پڙهجن. ان کان بهتر ۽ وڌيڪ معتبر ذريعو صحيح حالتن معلوم ڪرڻ جو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي.

 

اها به حقيقت آهي ته صحافت هڪ اهڙو پيشو آهي جنهن جي وسيلي هڪ دور جي ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن، لاڙن ۽ خواهشن، مطالبن ۽ مسئلن جي نهايت اثرائتي انداز ۾ ترجماني ٿئي ٿي. ترجماني يڪرڻ واري ان خوبي ۽ خاصيت جي روشنيءَ ۾، اسان جڏهن پنهنجي سنڌي صحافت کي جاچيون ٿا ته اسان کي ان جي ادا ڪيل ڪردار تي مسرت ۽ فخر محسوس ٿئي ٿو. اهو سنڌي اخبارن جي ادارتي صاف گوئي جو نتيجو هو جو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ تي دور رس نتيجن وارو اثر پيو، ماڻهن ۾ عام بيداري پيدا ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته هتي جي ماڻهن ۾ سياسي وفاداريون ۽ وابستگيون پيدا ٿيون يعني ماڻهن جي رهنمائي ٿي ته اهي نين حالتن هيٺ ڪانگريس ۾ وڃن يا مسلم ليگ جو رخ اختيار ڪن، ان کان علاوه اهو به سنڌي پريس پاران راهن جي نشاندهي ڪرڻ جو ئي نتيجو هو جو هتي جي عوام کي پنهنجن فوري مسئلن ۽ مقصدن ۽ مطالبن جي ڄاڻ ملي ۽ هو ان ڏس ۾، پنهجي قوتن ۽ وسيلن کي بهتر طرح استعمال ڪرڻ جهڙا ٿي پيا ۽ ترقي جي راهه تي اڳتي وڌيا.

تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي

متان ٿئي اونداهه- پير نه لهين پرينءَ جو

حقيقت هيءَ آهي ته انهن مقصدن جي حالات جي تڙپ ۽ تلاش، هندن ۽ مسلمانن کي، ڪيترن ئي ديني، سماجي، تعليمي ۽ سياسي جماعتن ۽ ٽولن ٺاهڻ جي خواهش ڏياري ته جيئن انفرادي توڙي اجتماعي طرح اڳتي وڌن.

اسان مٿي ٻڌائي چڪا آهيون ته سنڌي صحافت جي پهرين دور ۾، جيڪو 1910ع ڌار پورو ٿئي ٿو، هتي جي حالتن ۾ خاموشي ۽ ٺاپر هئي. هنگامه آرائي ۽ هيجان جو ڪو اهڃاڻ ڪونه ٿو ملي ۽ مکيه طبقن يعني هندن ۽ مسلمانن پاران، صحافتي ميدان ۾ به ميٺ محبت ۽ غيرفرقيواريت جو نمايان مظاهرو ٿي رهيو هو، پر اهو ڪو دور اهڙو هو.

هلندڙ صديءَ جي پهرين پنجاه کن سالن ۾، دنيا وڏا ڦيرا ۽ انقلاب ڏٺا. ڪيتريون ئي تحريڪون اٿيون، هلچلون متيون، حڪومتون ڊٺيون ۽ ٺهيون، جنگيون لڳيون، ماڻهو مئا، تهذيبون برباد  ٿيون ۽ ملڪ ناس ٿيا. انهيءَ ڪشمڪش  ۽ ويڙهه ۾،  تصورات ۽ خيالن ۾ فرق آيا، سوچون ۽ لوچون بدليون ۽ اهڙي طرح زندگيءَ جا نوان زاويا مليا ۽ قدر بدليا.“ اسان جي هن خطي ۾ به گهٽ اٿل پٿل ڪانه ٿي. انگريز ”فيل مست جي اهڙي حڪمراني جنهن جي”بادشاهي تان سج نه ٿي لٿو“ سو ٻن وڏين جنگين ۾ ملوث ٿي، پاڻ به سڪي سوڙهو ٿيو ۽ اسان کي به آزارن ۾ وجهي ويو. ان عذاب جي پردي پويان، اسان کي آزاديءَ جي نعمت ته عطا ٿي پر گهٽ اسان به ڪونه سٺو. وڏين آفتن ۽ باهين مان لنگهياسين صبر ڪياسين ۽ ڏک ڏٺاسين.

نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين

سڙين سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري

انهن حالتن جي تاريخ (جيئن اسان جي صحافت ۾ محفوظ آهي) جاچڻ لاءِ ان دور جون تحريڪون ۽ تبديليون غور سان ڏسڻيون پونديون. هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ ڪيتري قدر تعاون ڪيو يا هڪ ٻئي کان رستا ۽ الڳ راهون اختيار ڪيائون. ان سڄي ماجرا کان واقف ٿيڻ لاءِ، ان دور جي سماجي، مذهبي، تعليمي ۽ سياسي تحريڪن جو تجزيو ڪرڻو پوندو ته جيئن پريس جي رخ ۽ راءِ جو پتو پوي. انهن تحريڪن اسان جي صحافت تي ڪهڙا اثر ڇڏيا ۽ ان کي ڪهڙي دڳ لاتو يا خود صحافت جواب ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيتري اثرانداز ٿي، اهو هڪ نهايت وڏو ۽ دلچسپ اڀياس آهي.

شروع واري دور ۾، سڄو ڌيان تعليمي ۽ سماجي سڌارن تي هو جنهن ڪري سياسي رقابتون ۽ مخالفتون ڪونه اڀري سگهيون. مسلمانن پاران ”سنڌ محمد ائسوسيئيشن“ ۽ هندن طرفان ”سنڌ سڀا“ جهڙا اڻ ڏکوئيندڙ ادارا ڪم ڪري رهيا هئا ۽ جيڪي ٿوريون گهڻيون اخبارونهيون تن عام طرح تبليغي انداز ۾ مواد ڇپي، گهڻي ڀاڱي سنڌ جي تعليمي ۽ سماجي افاديت ۽ مفاد واريون ڳالهيون پئي ڪيون. انگريزن جي آمد کان پوءِ، ملسمان ئي سياسي طرح محروميت جو شڪار ٿيا هئا ۽ ان ڪري ٿورو پاسيرو پئي هليا. ان صورتحال جو فائدو هندن چڱيرو ورتو ۽ انگريزي تعليم ۾ گهڙي وڏا عهدا ماڻڻ لڳا. جنهن وقت مسلمانن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ۽ حالتن کي حقيقت پسنديءَ واري نگاهه سان ڏسڻ لڳا. تڏهن ڪافي دير ٿي چڪي هئي ۽ هندو نين تقاضائن جي پورائي واري سفر ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا. ڪامورا شاهي ۾ حصيدار بڻجڻ سبب، هندو سرڪاري اثر رسوخ کي پنهنجي جاني ۽ قومي مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪرڻ واري بابت ۾، بهتري پوزيشن ۾ هئا. بعد ۾ مسلمانن کي، ان حقيقت به گهڻو احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري وڌو هو ۽ نتيجي ۾ آزادي جهڙي اهم ڳالهه ۾ هندن سان ڀائيوار بڻجڻ کان اڳ ، مسلمان تعليم تي زور ڏيڻ لڳا. پوءِ توڙي کڻي اها ضرورت انگريزن جي راڄ کي انگهائڻ جو ڪارڻ بڻجي. حقيقت ۾ مسلمانن جي ان مجبوريءَ کي انگريزن سان وفاداريءَ جي غلط معنيٰ پهرائي وئي. ٻيا ته ٺهيو پر جناب پير علي محمد راشدي صاحب پڻ ان صورتحال کي، رحم جي نگاهه سان ڏسڻ بدران، ٺٺوليءَ جي مواد طور هيئن چوڻ کان به نه هٻيڪو ته ”.... جن ڏينهن جو آءُ ذڪر ڪري رهيو آهيان، انهن ڏينهن ۾ وفاداريءَ جي وبا جو خاص زور هوندو هو. مثلاً 1919ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، ارل مارٽيگو،ل تحقيقات ڪرڻ آيو ته هندستان جي ماڻهن کي سياسي سڌارا ۽ خود حڪومت جا حق ڏجن يا نه؟ اهو فخر فقط سنڌ کي ئي حاصل ٿيو ته اتانهون جي مسلمانن نمائندن سندس اڳيان وڃي سپاسنامو پيش ڪيو جنهن ۾ هيءَ ارداس ڪيل هئي ته سنڌ جا مسلمان چالو ڪمشنري راڄ مان بلڪل راضي آهن ۽ کين ڪنهن به قسم جا سياسي سڌارا ڪونه گهرجن............“ (1)

ٿي سگهي ٿو ته اهڙن عرض گذارن ۾، ڪي ”سرڪار نامدار“ جا چاپلوس ۽ گهڻگهرا به شامل ٿي ويا هجن ليڪن منهنجي نماڻي راءِ ۾، مجموعي طرح، حقيقت اها هئي ته ملسمان هندن کان خائف هئا ۽ اهو ڀوءَ رڳو ان ڪري هين جو تعليم ۾ پٺتي هئڻ سبب، هندن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه نه ٿي ساريائون. ان صورتحال کي کليءَ طرح مڃيندڙن ۾، مشهور صحافي، ”آفتاب“ جو ايڊيٽر مرحوم شمس الدين ”بلبل“ نمايان جڳهه والاري ٿو. (2) ان ئي ڳالهه تان، هو مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ سندن اخبار ”الامين“ جو مخالف ۽ نڪته چين بڻيو هو. پر حقائق جي داٻ هيٺ، هندن سال مصالحت ۽ ٺاهه جي خواهش رکندڙن جي خود هيءَ اخبار پڻ سري واري صفحي، ٻين ٽن شعرن سان گڏ هي بيت اچارڻ تي مجبور هوندي هئي ته:

”ٿئي خير خواه قوم جي هر وقت هر زمان

سرڪار سان سدائين وفادار الامين.“

اخبار جو اهو رويو غالبن ان ارادي سان ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل  هجي ته ڪنهن طرح وجود قائم رکڻ گهرجي. ورنه ساڳئي اخبار چاپلوس قسم جي اڳواڻن جي خوب ”ڇنڇري“ ٿي لاٿي.

تعليم ۾ اڳڀرو هئڻ سبب، جماعتي ۽ قومي مفادن جي حفاظت جو زياده اونو به هندن کي ئي هو. اسان اڳ ۾ ٻڌائي آيا آهيون ته سنڌي لپيءَ جو هڪ اهڙو مسئلو هو جنهن جي پٺيان هندن جو اهڙو فرقيوارانه ويچار ڪار فرما هو ته ڪنهن طرح عربي رسم الخط کي ديوناگريءَ سان بدلجي جنهن لاءِ آڳاٽي زماني کان وٺي پئي ڪوشش ڪندا آيا پر ڪاميابي نه ٿين. ويهين صديءَ جي بلڪل ابتدا ۾، بينگال جي ورهاڱي وارو واقعو رونما ٿيو. منهنجي خيال ۾، اهو ٻيو وڏو حادثو هو، جنهن هندن جي فرقيوارانه ذهنيت سان پردو هٽايو هو. آخر گوڙ ڪرائي، 1911ع ڌاري، هندن انگريزن کان پنهنجو فيصلو رد ڪرايو. ظاهرن ته هندن کي هڪ سياسي ڪاميابي نصيب ٿي، پر اصل ۾ اهي قدم ان طرف کڄي رهيا هئا جيڪا منزل مسلمانن ۽ هندن درميان وٿيءَ کي ويڪرو ڪري رهيا هئا، متحد قوم پرستي وارن جذبن کي ڪمزور ڪري رهيا هئا، فرقيواريت کي طاقتور بڻائي رهيا هئا ۽ اهڙيءَ طرح هندستان جي ورهاڱي طرف مسلمانن کي ڌڪي رهيا هئا.

(الف) سماج، مذهب ۽ ادب

صحافت، جا ماڻهن جي هر قسم اوٻر ڪڍڻ جو ذريعو رهي آهي، تنهن تي پڻ، سنڌ ۾ هندن مسلمانن جي، مذهبي، سماجي ۽ ادبي تحريڪن ۽ ادارن جو اثر لازمي طرح پيو ۽ ڪن حالتن ۾ وري سنڌي پريس پنهنجي اثر جي لپيٽ ۾ وٺندي انهن تحريڪن جي راءِ متعين ڪئي.

ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو ته بيداريءَ جي هر لهر جو فيض ۽ ڀلائي ڪنهن به قوم ۾، سڀ کان زياده ڏتڙيل ۽ غريب طبقي جي فردن کي، پنهنجي دائره اثر ۾ وٺندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهو ئي طبقو پنهنجي مايوسي ۽ محروميت کي دور ڪرڻ لاءِ هت پير هڻڻ تي آماده ٿيندو آهي. اهو ئي طبقو آهي جيڪو پنهنجي غصب ڪيل حقن جي حاصلات جو احساس رکندڙ هوندو هو ۽ هر نئين روشنيءَ جي پهرئين ڪرڻي جو استقبال ڪندو آهي. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اخبار نويسيءَ جي آندل بيداريءَ جي لهر، سڀ کان وڌيڪ فائدو، سماجي طرح، هاري طبقي کي پهچايو جن جي حالت سبب، هنن لاءِ همدردي ۽ خيرخواهي پيدا ٿيڻ لڳا هئا. پهريون دفعو هن محروم طبقي کي منظم ڪري، سندن حقن جي حفاظت جو اونو، وينهن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ٿيل ٿو ڏسجي. ان خواهش ۾، هندو مسلم ٻنهي طبقن جا همدرد اڳواڻ شامل هئا جن هر دکي انسان جو ڀلو ٿي گهريو. ائين ضرور هو ته جيئن ته هارين نارين جو عام طرح واسطو مسلمان طبقي سان هو تنهن ڪري زياده لوڇ ۽ پوڇ مسلمانن اڳواڻن کي هئي. هونئن ته، سنڌ ۾، ”ساميه واد“ (Socialism) جو پهريون مبلغ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي هو جنهن ان عنوان تي هڪ ڪتاب لکي تيار ڪيو هو. ظاهر آهي ته اهڙي سوچ جي پٺيان به جيڪو مقصد ڪارفرما هو سو هيءُ هو ته دولت جي سازوسامان مان جوڳو حصو غريب ۽ بي سهاري هاريءَ کي به ڏياريو وڃي ۽ خوشحاليءَ ۾ سڀني کي ڀاڱي ڀائيوار بڻايو وڃي.

خود ڄيٺمل پرسرام جي اخبار ”پرڪاشش“ ان ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪيو ۽ هارين جي لاءِ همدردي جاڳائي. ان زماني جي هن اخبار جا پرچا ڏيکارين ٿا ته هيڻن هارين اقتصادي حالت ۾ سڌاري آڻڻ جي خيال کان، مضمونن ۽ تبصرن ذريعي هڪ طاقتور مهم هلائي پئي وئي، جن ۾ ٻهراڙين ۾ رهندڙ اڻپڙهيل ماڻهن کي بدرسمن ۽ وهمن کان نجات ڏيارڻ قرض کان بچڻ ۽ زميندارن ۾ ڪوآپريٽو تحريڪ کي مقبول ڪرائڻ لاءِ تلقين ۽ سبق هوندا هئا. اقتصادي طرح بدحال ماڻهن لاءِ سوچيندڙ بيشمار ليکڪن جا مضامين ڇپبا هئا. جن ۾ محترم جي-ايم- سيد صاحب به شامل هو. اهڙيءَ همدردي جي ترجماني ڪرڻ لاءِ، اسان ان وقت جي ”پرڪاش“ جي هڪ اشاعت ۾ غالبن مرحوم ”خليق“ مورائي جي ٺاهيل هڪ نظم جا چند بند ڏيون ٿا:

 

ويران خشڪ پوٺا سرسبز تون بنائين،

دم ساڻ تنهنجي قائم دنيا جو هي نظارو.

جهر جهنگ جي سونهن آهين شهرن جي توسان رونق،

سچ آهي قدر تنهنجو ڄاڻي ڪو قدر وارو.

اميد جي اکين سان توکي ڏسن سڀيئي،

آهين اکين جو تارو سڀني سندو پيارو.

ڪوڏر رکين ڪلهي تي پاڻي وڃي ورائين،

آڌي ڏسين نه مانجهي اونهارو يا سيارو.

نانگن مرن جو ناهي ڪجهه خوف تنهنجي دل ۾،

بيشڪ بهادري ۾ آهين تون ناميارو.

محنت تي تنهنجي ماڻن موجون پيا سدائين،

آهي عجب ته تنهنجو ڇو تنگ ٿيو گذارو.

ان پاڻ تون اپائين پوکين تون ووڻ پنهنجا،

لڱ تي سڄو نه ڪپڙو هر دم رهين بکارو.

ٻارن ٻچن هلٽ سان هر وقت تون ڳهين ٿو،

ساري عمر وڃائي پنهنجو ٻني نه ٻارو.

کيتي اتم جي آهي حالت نه ڇو اتم ٿئي،

هان پر هجي نه توتي جيڪر وياج مارو.

ماريل وياج جو ڪو سائو سگهو نه آهي،

پاري سٽيل سلو جيئن ٿئي ڪين ڪي سگهارو.

سرساڻ ملائج ٻڌ نار جو تون رينگٽ،

گاڏي تي ويهي ڳائج هي گيت منهنجو سارو.

ڪجهه شعر شاعري سان پنهنجو نه آ تعلق،

شايد ”خليق“ سمجهي هن ريت هوشوارو. (1)

ان احساس کي ذريعو بڻائي، هارين جي واهر ڪرڻ لاءِ، عملي پروگرام کڻڻ جي سلسلي ۾، پهريون دفعو جولاءِ 1929ع جي پهرين هفتي ۾ ميرپورخاص ۾ هڪ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن جي صدارت غالبن مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي هئي. ان موقعي جو فائدو وٺندي، ڪن ديني عالمن کان اهڙيون تقريرون ڪرايون ويون هيون جنهن جي ذريعي مذهبي معاشري ۾ ڏتڙيل هارين جي حقن جي اهميت جو سبق مليو ٿي. جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، ان ڪانفرنس توڙي ان تحريڪ ۾ زياده دلچسپي مسلمانن ورتي هئي. ان تحريڪ جو بهرحال سنڌي پريس نوٽيس ورتو هو.

 

هندو اخبارن کي ان ڪانفرنس مان به فرقيواريت جي بوءِ ٿي آئي، شايد ان ڪري جو زمينداري ڌنڌو گهڻي ڀاڱي هندن ڏانهن منتقل ٿيندو ٿي ويو ۽ هاري جيڪي عام طرح مسلمان هئا. انهن جي حقن جي ڳالهه، هنن پاڻ تي سنئو سڌو وار ٿي تصور ڪيو. ڪيترن هندن اخبارن، الزام هنيو ته مسلمان ڪانفرنس جي نالي ۾، هندن جي خلاف، سياسي ميدان هموار ڪري رهيا آهن. ان جي جواب ۾، روزانه ”الوحيد“ (مورخ 9 جولاءِ 1929ع) ”هاري ڪانفرنس ۽ هندن جي واويلا“ عنوان تحت، ادارتي نوٽ لکي، ان قسم جي الزام تراشين کي رد ڪيو ويو. اخبار لکيو ته:

 

”........ ته رڳو انهيءَ ڪارروائي (ڪانفرنس) ۾ هندو مسلمان شريڪ ٿيا هئا پر سرڪار جي پوليس، صوبيدار ۽ رپورٽر به هئا. اهڙي حالت هوندي به هي مشهور ڪرڻ تي هاري ڪانفرنس ۾ مسلمان هارين کي هندن جي خلاف بڇ ڪئي وئي، ايڏو بدترين ڪوڙ آهي جو تعصبي هندن کانسواءِ ٻئي ته ڪنهن به شريف انسان جو ذهن ۽ وهم ۾ اچي نه ٿو سگهي......“

 

ان ڪانفرنس جي رپورٽنگ مان ائين ٿو لڳي ته ان ميڙ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي اهڙن ديني عقيدن جا حوالا ٻڌايا ويا هئا جن ۾ غريب پورهيت طبقي جي مفاد جي حق جي حفاظت جي تلقين ڪيل هئي. ”الوحيد“ ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي لکيو ته جنهن کي هندو الزام ۽ ڪوڙ سمجهي رهيا آهن:

 

”.... سو هندن ڌرمي ڪتابن، ويدڀڳوان يا منوشاستر مان ورتل هئا جن جا باقاعده حوالا پئي ڏنا ويا ۽ اصل ڪتاب به ميز تي موجود هئا ۽ انهن ٽڪرن جو بجنسي لفظي ترجمو بيان ڪنهن نڪته چيني جي پڙهي ٻڌايو پئي ويو. پوءِ جيڪڏهن انهن حالتن هوندي به هندو هاءِ گهوڙا ڪن ۽ مسلمانن جي خلاف پنهنجي قوم ۾ زهر هارين ۽ سرڪار کي برغلائين ته ان جو انساني عقل موجب ڪوبه علاج نظر ڪونه ٿو اچي. ان مان سندن ڪا ڳري سازش ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن جي تعمير واسطي اکيون پوري سچ کي سلام چئي ڄاڻي ٻجهي نسورو ڪوڙ ۽ بهتان ڦهلائي رهيا آهن. ڪوڙ يا غلط فهمي پکيڙڻ جي ڪا حد هوندي مگر هي يار ليکي کان لنگهيل ٿا سڏجن.“

هفتيوار ”نوراسلام“ (19 مئي 1929ع) کان چئن قسطن ۾ ”زميندارن ۽ هارين جي تباهي ليڊرن جي خودغرضي ۽ حڪومت جي بي پرواهي“ جي عنوان هيٺ، ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت تي، هڪ نهايت مفيد ۽ مدلل ايڊيٽوريل تحرير ڪيو هو ۽ جنهن جي اختمام جا ريمارڪ سوچڻ جهڙا آهن:

 

”.......افسوس جو مقام آهي ته هندستان جي ڪاروباري ۽ تمدني ترقيءَ جو جڏهن به ڪو دستوارالعمل تيار ٿئي ٿو تڏهن ان وقت فقط ڏه في صدي انسانن جو مفاد پيش نظر رهي ٿو جو شهرن ۾ آباد آهي ۽ جنهنجو زميندارن جي وجود کانسواءِ پنهنجو ڪو وجود نه آهي. باقي 90 فيصدي جو ڪنهن کي دل ۾ خيال به پيدا نه ٿو ٿئي (1) اسڪول کلن ته شهرن ۾ اسپتالون کلن ۽ شهرن ۾حفظان صحت جو انتظام ته شهرن ۾ مطلب ته زندگي جي جنهن شعبي ۾ اصلاح ۽ ترقي طرف قدم کنيو ٿو وڃي ته اهو شهرن تائين مخصوص رهي ٿو ۽ ديهاتي غريب خلص جا سڄي دنيا کان کٽي کارائي ۽ جن سان ئي ملڪ جي قسمت وابست آهي، جن سان ملڪ جو شان ۽ عظمت، دولت ۽ عظمت ۽ حڪومت قائم آهي، بلڪل ڪسمپرسي جي حالت ۾ هميشه وسريل ئي وسريل رهي ٿي.“

 

هن قسم جي حالتن جو بي ريا ۽ آزادانه تجزيو اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿيندو رهيو. وقت گذرڻ سان، علم جي واڌاري ۽ سياسي سجاڳي سبب، هاري، طبقي سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي جو احساس به شدت سان وڌندو رهيو ۽ سندن هيڻائي ۽ لاوارثي، دلين تي گهاءُ ڪنديون رهيون. شاعر ۽ سماجي سڌارو چاهيندڙن جو ڌيان هن حالت طرف مبذول ٿيندو ويو. نتيجي ۾ اهڙن ماڻهن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ هارين جو صحيح نقشو چٽڻ شروع ڪيو ۽ سندن خوشحالي جا خواب ڏسندا رهيا.

”سنڌو“ (1) ماهوار مخزن (فيبروري 1941ع) پنهنجي اشاعت ۾ هڪ ليک ڇپيو، جيڪو هن قسم جي شروع ٿيل سوچ جي هڪ ڪڙي سمجهڻ گهرجي جنهن جو سرو هو ”سنڌ جي وڳوڙ جو بنيادي سبب“ ملاحظه ڪريو:

 

”مسٽر جمشيد مهتا سچ چيو آهي ته سنڌ جي وڳوڙ جو بنيادي سبب آرٿڪ اڻورائي (Economise disparity) آهي. کيتي ڪندڙن مان گهڻن کي انچ به زمين جو پنهنجو ڪونهي. سڄي سنڌ جي پوکيل زمين جون ٽي پتيون فقط 50 زميندارن جي ملڪيت آهن. ويهه زميندار ته اهڙا آهن، جن مان هر هڪ کي ٻه لک ايڪڙ آهن. سرڪار کي ڍل ملي زميندارن کان، پوءِ هنن کي جيئن وڻي تيئن هارين سان هلن. اهڙيون حالتون جهوني زماني جون پيون لڳن پر سنڌ ۾ اهي حقيقت آهن. خود سنڌ جي گورنر انهي سرداري سرشتي جي خلاف رايو ڏنو آهي. سنڌ جي فائدي جي مدنظر هيءَ شرستو ڊاهڻ گهرجي. پر اهڙي جرئت ڀرئي قدم کڻڻ لاءِ مغز کپي جو اڃا ته اسان جي وزارتن ۾ ڪونه ٿو نظر اچي. اسان جي وزيرن جي اڳيان وڏو سوال ته سندن وزيري زندگيءَ جو هوندو آهي. جن کي هميشه جي پنڊ جي لڳي پئي هوندي تن کان اهڙن زبردست مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اميد رکي سگهبي؟ جيسين سنڌ هاري جي مالي حالت نه سڌرندي تيسين هونڪي ڪٽرشڪتين (Fanatic Forces) جي چنبي کان آزاد ٿيندو ۽ نه ڪي وري منجهس ڪا قومي جاڳرتا ئي ايندي. زميندار ته هميشه ائين ئي چاهيندو ته هاري گڏ ۾ پيو هجي، جيئن اسري حق نه طلبي. هاريءَ جي سجاڳي معنيٰ زميندارن جي عيش عشرت، نادرشاهي، چاپلوسي ۽ غريبان مار جو خاتمو. اهي سڀ عيب ناس ٿيڻ گهرجن، جي ملڪ کي ساڄو ٿيڻو آهي ۽ اهي تڏهن ناس ٿيندا جڏهن هاري سکيو ٿيندو ۽ هاري تڏهن سکيو ٿيندو يا سکيو دم ڀريندو جڏهن کيس زمين پنهنجي هوندي ۽ هو سڌو سرڪار سان جوابدار هوندو. سنڌ جي همدرد نواسين کي هن باري ۾ قدم کڻڻ گهرجي.“

 

سنڌ کي ان جاڳرتا جي نتيجي ۾، بهترين همدرد ملڻ ۾ دير ڪانه ٿي، جنهن ان ڏس ۾ نهايت جرئمتمندانه قدم کنيا ۽ هارين نارين ۾ انقلابي سوچ جو ٻج پوکيو. اسان جو اشارو مرحوم حيدر بخش جتوئي ڏي آهي جنهن چڱي خاصي نوڪري کي لت هڻي، وڏيرن ۽ سندن سرڪار جي مخالفت جي وچ ۾ ٽپي پيو. ڏسندي ڏسندي، سندس چوڌاري هارين جي همدردن جا ٽولا گڏ ٿيندا ويا جن هارين جي حق رسائي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون شروع ڪيون ۽ ”هاري حقدار“ اخبار ذريعي، هن هيٺئين طبقي جي حقن کي مڃرايو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان سوچ ۽ ساڃهه ۾ اڃا به وڌيڪ سگهه آئي. بعد ۾ جيڪي زرعي سڌارا ملڪ ۾ آيا، سي دراصل ان تحريڪ ۽ آواز جي داٻ جو نتيجو هئا. اهو آهي سنڌ ۾هاري تحريڪ بابت سنڌي پريس جي رول جو مختصر احوال جيڪو هڪ لحاظ کان سماجي سڌاري سان تعلق رکي ٿو.

 

پر ٻئي طرف مذهبي ميدان ۾ به اهڙي قسم جو گهڻو ئي ڪم ٿيو، سنڌ ۾ مذهبي معنيٰ ۾، پهرين جماعت سازي 1901ع ڌاري، ڪراچي ۾، ”سناتن ڌرم سڀا“ جي نالي سان ٿي، جنهن ستت ئي ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي. هن هندڪي اخبار، مسلمانن خلاف ته حملا ڪيائي ٿي، پر جا خاص ڳالهه هئي سا هيءَ ته خود هنن جي ٻين فرقن جهڙوڪ هندو آريه سماج تي پڻ خوب جلهون ڪيون. نتيجي ۾ هندن جي مختلف فرقن ۾ وڏا وڳوڙي مناظرا ٿيڻ لڳا ۽ ڪافي ڇڪتاڻ پيدا ٿي. خود مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي اسلام قبول ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ هندن درميان باهمي مذهبي نفرت هئي. ”هڪ دفعي هندن جي ٻن فرقن سناتن ڌرم ۽ آريه سماج جي وچ ۾ مذهبي بحث مباحثي لاءِ  سميلن ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ هيءُ (يعني شيخ صاحب) به ٻڌڻ ويو. اتي ڏٺائين ته ٻئي طرف هڪ ٻئي تي سخت نڪته چيني ڪري رهيا هئا جا ڳالهه هن کي نه وڻي ۽ غمگين ٿي گهر موٽيو. سندس وڏي ڀيڻ ان جو سبب پڇيو، پاڻ حقيقت ٻڌائي، چيائين ته مذهبي ڳالهين ۾ هڪٻئي کي جدا راءِ رکڻ تي حملا ڪرڻ ٺيڪ ڪم نه آهي، ڏسو، مسلمان جدا مذهب رکن ٿا پوءِ انهن کي برو يا ڀلو چئبو ڇا؟ سندس ڀيڻ جواب ڏسن ته ادا، ٺيڪ ٿو چوين، هر مذهب ۾ پنهنجون خوبيون آهن، مسلمانن ۾ به ڪي نهايت عمديون ڳالهيون آهن. ڀيڻ جي اها ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي....... جيئن ته هي (يعني شيخ صاحب) هندو گهر ۾ پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري سندس دل ۾ اتي جي ماحول خلاف ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو هو.“ (1) شيخ صاحب 1908ع ۾ مسلمان ٿيو.

 

اهي واقعا ته ٿيا موجوده صديءَ جي شروع جا، پر اصل هندن مسلمانن درميان مذهبي ويڙهه 1920ع کانپوءِ ٿي جڏهن ٻنهين ڌرين کي پنهنجي پنهنجي مذهبي اصولن کي اجاري پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ان زماني ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جو خاتمو ٿيو هو ۽ ان کانپوءِ انگريز سرڪار هندستان کي، وعده ڪيل سڌارن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٿوريون سهولتون مليون پر انهن تي هي ٻئي فرقا راضي نه ٿيا هئا. ازانسواءِ انگريزن خلافت جي علمبردار ترڪن سان وڏيون زيادتيون ڪيون ۽ کين سندن حقن ۽ مستحق پوزيشن بحال ڪرڻ کان نابري واري ويٺا. ان ڳالهه تان مسلمان سخت ناراض ٿيا ۽ خلافت تحريڪ هلائڻ لڳا. ان زماني جي لڳ ڀڳ، هندن وري عدم تعاون (Non- Cooperation) هلچل هلائي. مهاتما گانڌي جي مصالحتي رول اختيار تي، هي ٻئي تحريڪون پاڻ ۾ ملي ويون ۽ سرڪار جي ذهني پريشانيءَ جو باعث بڻيون. (2)

پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:

”ان وچ ۾ هندو مهاسڀا تحريڪ شروع ٿي. خلافت هلچل جي ناڪامي بعد، هندستان اندر هندو مسلمان ڇڪتاڻ وڌي وئي. هندن شڌي تحريڪ (مسلمانن کي زوري هندو ڪرڻ) شروع ڪئي ۽ مسلمانن وري تبليغ اسلام تحريڪ. مرڪز ٻنهي تحريڪن جو دهلي هو. هڪ جو اڳواڻ هو سوامي شر ڌانند، جنهن کي ڪجهه عرصي بعد هڪ مسلمان ڇرو هڻي ماري وڌو، ٻئي جو سرڪردو هو خواجا حسن نظامي مرحوم. ساري ملڪ ۾ هندو- مسلم فساد شروع ٿي ويا. شرڌانند، جي موت بعد ضرورت محسوس ڪئي وئي ته شڌيءَ جي هلچل کي عزت ڀريو جامو پهرايو وڃي، تنهن ڪري هندو مهاسڀا کڙي ڪئي وئي.“

شڌي تحريڪ رڳو يوپي ۾ 30 هزار ملڪانه راجپوت مسلمان، هندو شڌ آريه بڻايا. ڪن جو چوڻ آهي ته هندو-مسلم اتحاد کان گهٻرائجي. انگريزن ٻنهي فرقن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو پروگرام رٿيو. ان تجويز تحت، هندن جي سوامي شرڌانند ۽ مسلمانن پاران مرحوم نظاميءَ کي ميدان ۾ لاٿو ويو. سوامي ته ان وقت ست سال سزا هيٺ جيل ڀوڳي رهيو هو جنهن کي آزاد ڪيو ويو. ٻئي طرف مرحوم خواجا حسن نظامي، تبليغ اسلام تحريڪ جي نالي ۾ مسلمانن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.    (2)نظامي صاحب 1922ع ۾ روزانه اخبار ”منادي“ نالي سان ۽ ماهوار رسالا ”درويش“ ۽ ”پيشوا“ ۽ ”مولوي“ ڪڍيا جن هڪ طوفان مچائي ڇڏيو. (1) چوڻ وارن ته اهو به چيو ته ميرپورخاص جي ٻن هفتيوار اخبارن ”مسلمان“ ۽ ”ميرپورگزيٽ“ جي مالي اعانت به ان ساڳئي فند مان ٿيندي هئي جن وري سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ چڱو ويڙهايو. حيدرآباد جي هفتيوار ”هندو هستي“ اخبار پڻ ان پروگرام جي ڪڙي هئي جنهن ساڳئي مقصد جي حصول لاءِ پئي ڪم ڪيو. ساڳئي سوامي جي تحريڪ تحت ادرو ۾ ”تاريخ اسلام“ جهڙو بهتانن سان ڀريل ڪتاب لکيو ويو جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو نٿورام ڪيو هو جنهن کي وري ڪراچي ۾ ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي هڪ پٺاڻ ماري وڌو هو. مطلب ته هنن واقعن سنڌ ۾ وڏو خلم مچايو ۽ هندن مسلمانن درميان نفرتن جون ديواريون کڙيون ڪيون. نتيجي ۾ خلافت ۽ عدم-تعاون واريون تحريڪون ناڪام ٿيون ۽ هندو-مسلم دشمنيءَ جو ٻج پيو ۽ اهڙيءَ طرح انگريزن پنهنجو مقصد حاصل ڪيو.

 

اها حقيقت آهي ته شڌي ۽ سنگهٺن تحريڪن سنڌ جي مسلمانن ۾ وڏو هيجان ۽ مخالفت پيدا ڪئي. ان زماني ۾ هندن جي مضبوط ”هندو جاتي“، ”سنسار سماچار“ ۽ هفتيوار ”ميرپورگزيٽ، ۽ انگريزي زبان ۾ ”سنڌ آبزرور“ ۽ ”ڊيلي گزيٽ“ پڻ شامل هيون. ٻئي پاسي مسلمانن جي فقط هڪ روزانه ”الوحيد“ ۽ هفتيوار ”مسلمان“ ڪم ڪري رهيون هيون، ڪم ڇا ڪري رهيون هيون رڳو جوابي ڪارروائيءَ ۾ پوريون هيون. بعد ۾ مرحوم نظاماڻي واري نور اسلام به شامل ٿين.

 

1928ع ۾، هڪ هندو داد ليکراج، حيدرآباد شهر ۾، ”او منڊلي“ نالي سان هڪ سماجي تحريڪ جو بنياد وڌو جنهن ان زماني ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي هئي. هن تحريڪ جو مقصد اهو هو ته مايوس ۽ نراس هندو عورتون هڪ مرڪز ۾ رکيون وڃن ۽ کين مڙسن جي صحيح سنڀال نه هئڻ سبب، ان جو بدلو ڌرمي عبادت سان سڪون جي حالت ۾ ڏنو وڃي. دراصل ڳالهه هيءَ هئي ته سنڌورڪي هندو، واپار سانگي دور دراز ديسن ۾ وڃي ڊگهي عرصي لاءِ رهندا هئا ۽ زالن کي وطن ۾ وڇوڙي ۾ رکندا هئا. اهڙيون عورتون زندگيءَ ۾ ڏکيون ۽ ذري گهٽ ڏهاڪڻ ٿي رهنديون هيون. ڪيتريون ته ان مايوس ڪن ماحول ۾ تنگ ٿي گهر ٻار ڇڏي، ڌارين ماڻهن سان ڀڳيون به ٿي جن ۾ مسلمان به شامل هئا. ظاهر آهي ته هيءَ صورتحال نهايت افسوسناڪ هئي ۽ ليکراج جهڙي حساس طبيعت ماڻهو جي دل تي گهڻو اثر ڪيو. هن جو مرڪز کولڻ ۽ بيشمار پرڻيل عورتن جو گهر ڇڏڻ. حيدرآباد ۾ اهڙو اوم مندليءَ جو مرڪز ان جڳهه ۾ هو جتي مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي رهندو هو. هندو عورتن جي اهڙي روش، هندو قوم کي تسلي ۽ تسڪين ڏيڻ بدران هيجان ۽ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو. هندن جي سڄي برادري ان تحريڪ جي خلاف اٿي کڙي ٿي ۽ سندن اخبارن اوم منڊلي وارن جي مخالفت ۾هڪ چڱو خاصو محاذ ٺاهيو ۽ خوب لکيو (1) آخر هندن هن تحريڪ خلاف مظاهرا ڪيا ۽ نوجوانن حملا ڪيا. وقت جي سرڪار پريشانيءَ ۾ پئجي ويئي. بعد ۾، ليکراج کي حيدرآباد مان نيڪالي ملي ليڪن هن وري ڪراچيءَ ۾ وڃي ساڳيو ڪم جاري ڪيو.

بهرحال وڏو ممڻ هندو آريه سماج مچايو جن پنهنجي هندومت کي زور وٺائڻ جي شوق ۾ سڀ ليڪا لنگهي بيٺا ۽ مسلمانن کي زوري هندو ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. شڌي ۽ سنگهٺن تحريڪون ان پروگرام جون مختلف ڪڙيون هيون. 1925ع ڌاري ۽ ٻيو دفعو 1929ع ۾، آريه سماج وارن سڄو زور لاڙڪاڻي ضلعي جي شهدادڪوٽ شهر ۾ رهندڙ سنجوڳي شيخن کي وري هندو ڌرم ڏانهن واپس آڻڻ تي ڏنو. علمي ۽ تبليغي ليول تي، ان شرارت جي مقابلي لاءِ، مرحوم مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا محمد صادق گڏجي نهايت موءثر طريقي سان ڪم پئي ڪيو. ”الڪاشف“ رسالو جاري ڪيو ويو جنهن جي هلائڻ ۽ لکڻ جي ذمه داري مولانا وفائي (1) جي حوالي ڪئي.

 ليڪن مسلمانن کي، هندن جي ان حرڪت کان آگاهه ڪرڻ ۽ خود شيخن کي پنهنجي ايمان ۾ پختو رهڻ لاءِ تلقين جو مکيه ڪم ان وقت جي روزانه ”الوحيد“ پئي سرانجام ڏنو. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ڪن ضعيف الاعتقاد سنجوڳي شيخن اسلام ۾ اچڻ تي پشيماني ظاهر ڪئي هئي جنهن ڪري آريه سماج وارن ۾ کين مرتد ڪرڻ جو جذبو جاڳيو. ”سنڌ ۾ فساد ڪرائڻ جون تياريون“ جي عنوان هيٺ، ”الوحيد“ 2 ۽ 4 جون 1926ع وارين اشاعتن ۾ سنگهٺي هندن ۽ سندن اخبارن پاران مسلمان خلاف زهر اڳارڻ تي سخت اعتراض ورتو ۽ سندن تقريرن ۽ تحريرن جا باقائده حوالا ڏيئي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ ڪنهن سازش هيٺ وڏي پيماني تي فسادن ڪرائڻ جو پروگرام طئي ڪيو ويو آهي. اخبار لکيو:

”......2 جون واري سنڌ آبزرور بجاءِ پنهنجي شريرالنفس شيطاني پرچار ڪندڙ هندن تي ملامت ڪرڻ جي اچي مٽي آهي ”مسلمان“ ۽ ”الوحيد“ اخبارن تي ۽ سڄي سندس مضمون مان خواهش اهائي ٿي ظاهر ٿئي ته ٻنهي اخبارن کي ٻوساٽي بند ڪري انهن جي ايڊيٽرن کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏجي. ڇو، ڇالا؟ رڳو انهيءَ ڪري جو سندن وڏو ڏوهه اهو آهي ته هندن جي شر انگريز ۽ مفسداز ڪاررواين تان رڳو پنهنجي قلم وسيلي پردو لاهي کين بي پروده ڪري دنيا جي اڳيان ظاهر ڪري دنيا کان انصاف جو مطالبو ڪن ٿا. سرڪاري دفتر اڄ هندن جي اثر کان خالي نه آهن ۽ جيتوڻيڪ مسٽر ڪئڊيل جهڙو ڪو يورپي عملدار پنهنجي بي ريائي ۽ خبرداري به کڻي ڏيکاري ته به هي جي هيتريون هندو اخبارون آهن سي گڏجي جڏهن خوامخواه به کڻي ”هاءِ گهوڙا ڦرياسين“ جون رڙيون ٿيون مچائين تڏهن قدرتي طور ايڏي گجگوڙ خود مسٽر ڪئڊيل جهڙي مستقل مزاج آدمي جي دل ۾ دڌڪو وجهي ڏيندي هوندي ۽ نه رڳو مجبور ٿي کيس شيطاني پرچار ڪندڙن هندن کي سزاياب ڪرائڻ کان هٿ روڪڻو پوندو هوندو پر شايد (حد ڪري) انهن هندن جي چالبازي جي چنبي ۾ اچي مسٽر ڪئڊيل به مسلمانن کي ئي ڏوهاري سمجهندو هوندو.....“

 

ان کانپوءِ اخبار، هڪ آريه سماجي پرتاب سنگ جي سکر ۾ ڪيل زهريلي تقرير جو حوالو ڏنو آهي ته جنهن هندن کي مسلمانن جي خلاف خوب اڪسايو هو. اخبار اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته اهڙي گهمراه ڪن پروپئگنڊا سنڌ جي امن ۽ صلح کي برباد ڪندي جا ڳالهه هندو توڙي مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي.

 

هندن جي هفتيوار ”ميرپورخاص گزيٽ“ مڙئي ان پروپيگنڊائي ۽ گمراهه ڪن مواد ڇاپڻ ۾ سڀني کان اڳري هئي، جنهن جا جواب وقت بوقت الوحيد کان علاوه، مسلمانن جي شيخن جي اڳواڻن پئي ڏنا ۽ ”الوحيد“ ۽ ”مسلمان“ اخبار پئي شايع ڪيا. اهڙو هڪ واقعو اسان کي ”الوحيد“ (25 آڪٽوبر 1925ع) جي اشاعت ۾ ملي ٿو جنهن ۾ حاجي گل محمد شيخ سنجوڳي لاڙڪاڻه جو هڪ خط ڇپيو هو جنهن ذريعي هن ”ميرپورخاص گزيٽ“ کي سندس الزام تراشين ۽ غلط بيانيءَ تي سخت چهنبيو هو ۽ چئلينج ڪيو هو ته اها پنهجي دعويٰ ثابت ڪري. هن لکيو:

 

”ميرپورخاص گزيٽ“ جي برخلاف اسان جي پرئي مڙس جي پاران هڪ ليگ ”الوحيد“ جي ڪنهن گذريل اشاعت ۾ ڇپيو جنهن کانپوءِ اسان کي گمان هو ته اهو ليک پڙهي انهيءَ آريه اخبار جو ايڊيٽر ڪجهه شرمندو ٿيندو ۽ پنهنجي شرارت کان مڙي ويندو ۽ آئينده اسان کي هندو نه سمجهندو ۽ نه وري پنهنجي اخبار تي اسان جي ذات وارن ڏانهن موڪليندو پر هاڻي ڏٺوسين ته هن ميرپورخاص گزيٽ جي تازي پرچي ۾ بجاءِ هن جي ته ڪو مٿس اثر پوي، رهندو وٺي بڪ سڪ ڪئي اٿس ۽ نه فقط ماڻهن کي برغلائڻ لاءِ اسان کي هندو لکيو اٿس پر اسلام پاڪ کي به گهڻيون گاريون ڏنيون اٿس، اهو ئي سندس ڏاج ۽ مرڪ آهي ته اجايو بڪ شڪ ڪندو رهي. اسان کيس پڪ ٿا ڏيون ته جيئن هو اسان جي برخلاف بيهودو لکي ٿو ته تيئن اسان کي ڏانهس وڌيڪ نفرت ۽ سندس ڌرم کان بيزاري ٿئي ٿي. هي گمان دل مان ڪڍي ڇڏي ته ڪو سندس اخبار وري بڪواز اسان تي اثر ڪندي هوندي... اسان وري به مهاشيه صاحب کي سمجهايون ٿا ته اسان جي قوم جو پيڇو ڇڏي ڏئي ڪجهه نه ورندس. اجايو پاڻي نه ولوڙي ۽ مفت غلط فهمي پکيڙي اخبار جا پنا ڪارا نه ڪري اسان جي قوم سنجوڳي جو جيڪڏهن ڪو بلڪل مسڪين هوندو ته به اوهان جي لالچ جي پراوهه نه ڪندو بلڪ پنهنجي اسلامي مذهب جي وڌيڪ پيروي ڪندو.“

 

ان کان اڳ،، آڪٽوبر 1925ع دوران، مسلمانن پنهنجي پاران هندن جي ان روش خلاف احتجاج ڪرڻ جي ارادي سان، حيدرآباد شهر ۾ هڪ وڏو پبلڪ جلسو ڪيو هو جنهن ۾ ٻين کان علاوه قاضي اسدالله شاهه ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سخت تقريرون ڪيون ۽ هندن کي ۽ سندن پريس جي ڪٽرپڻي جي نتيجن کان متنبهه ڪيو. حالت جي سنگيني ۽ خطري جو پتو ان حقيقت مان پوي ٿو ته معتدل ۽ معقوليت پسند شيخ صاحب جهڙو اڳواڻ به هندن خلاف ڇوهه ڇنڊڻ تي مجبور ٿي ڏٺو. (1) شيخ صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن هو هندن جي خلاف ڪجهه چوڻ تي مجبور هو ته ان لاءِ جوابدار ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ مسٽر جيرامداس (1) ۽ انهن جا هم خيال هندو آهن ۽ نه عبدالمجيد.“ شيخ صاحب پڇيو ته ”ڇا سنڌ ۾ اهڙو ڪو به هندو موجود نه آهي جو هندو اخبارن جو ٻوٿ بند ڪري انهن کي اسلام ۽ مسلمانن خلاف زهر ڦهلائڻ کان روڪي؟.....“ هندن جي ان الزام جو جواب ڏيندي ته مسلمان غنڊا سندن عورتون ۽ ٻار ڀڄائي وڃن ٿا تنهن ڪري هندن کي پوليس کاتي ۾ گهڻيون نوڪريون ڏنيون وڃن، شيخ صاحب چيو ته ”مون کي ذاتي طرح علم آهي ته اڄڪلهه ڳوٺن ۾ اها حالت آهي جو هڪڙي مسلمان لاءِ ڪنهن مسلمان زال کي ڀڄائي وڃن آسان ڪم آهي پر هڪڙي مسلمان لاءِ اهو تمام مشڪل آهي جو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن هندو زال ڏانهن بدنگاه سان نهاري ئي سگهي......“  (2) هفتيوار ”مسلمان“ (9 جنوري 1928) پنهنجي ”رازو نياز“ ڪالم ۾ هن طرح روشني وڌي:

”جيڪڏهن هندو اخبارن ۽ خاص ڪن شورشن پسند هندن ۽ شرافت سان گڏ انسانيت ۽ ان سان گڏ ڪا عزت هجي ها ته پنهنجي بدترين کان بدتر ۽ پروپئگنڊا ڪرڻ کان ڪنهن گندي ناليءَ ۾ گوتا (غوطا) کائي پنهنجي فساد انگيز زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏين ها ته ڪو وقت هندستان کي وري آرام نصيب ٿي پوي ها مگر جن ماڻهن جي سرشت ۾ ڪو وڏو رولو آهي سي باوجود بار بار ندامت کائڻ ۽ پشيماني حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي بڇڙي مقصد ۾ ٺوڪر کائڻ جي، اجائي اها گدڙ واري آڌي رات جا واناڙ هرگز نه ٿا ڇڏين. لاڙڪاڻي جي ڪيسن ۾ مسلمانن سان جيڪي ظلم ۽ مصيبت جا قهر ٿيا ۽ جنهن بي دردي سان غريب بي گناهه مسلمانن کي گهرن مان، دڪانن مان، امن امان جي جاين تان، هندو جماعت جي اشاري،، يا هندو عملدارن جي شور ۽ پشتي سان جيلن اندر اماڻي مهينن جا مهينا کين سخت گرمين ۾ ڪاڙهي ڪيترن غريبن جي زندگي جو خاتمو ڪيو ويو. ان جي ثبوت لاءِ اسپيشل مئجسٽريٽ جي فتويٰ جهڙو ٻيو ڪو دليل موجود ٿي نه ٿو سگهي جتي هندن جي شرارتن يا هنن جي مئجسٽريٽن جو شيريبياز ظاهر ٿي چڪو. ان کانپوءِ وري مسٽر ڀوڄسنگهه جي تحريڪ ۽ درخواست تي، بالا عملدارن نئين سر آزاد ٿيل بي واهن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي هلائي. ان کانپوءِ هنن کي بي ڏوهي سمجهي صفا آزاد ڪري ڇڏيو.  اهي سڀ حالتون آهن جي فسادي غنڊي لاءِ صد هزار ذلت ۽ خواري جي لائق آهي مگر شرم ۽ غيرت جا جانور است که پيش مردان يه آريه ۽ هنن جي اها دانهن اُليءَ جي مريض واري هلي اچي ته پاني لائو پاني لائو.

هندن جي ان اسلام ڪش لکڻين جو ٻين اخبارن به نوٽيس ورتو هو. مثلاً مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي جي هفتيوار ”صداقت“ مورخ (14 نومبر 1928ع) هڪ ايڊيٽوريل نوٽ لکيو جنهن جو عنوان هو ”آرين جي ڪمال گستاخي- خدائي طاقت سان مقابلو.“ اخبار لکيو:

 

”آريه سماجي هندن جلسا ڪري قرآن شريف جي ڏهين پاري جي ضبط ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪري خداوند قهار جي پاڪ طاقت ۽ اعليٰ قدرت کي چئلينج ڪيو آهي. مگر هنن ڌوتي بندن کان ڪو پڇي ته اوهان غلام ۽ بيوس انسان ڇا مگر دنيا جا ڪيئي باجبروت حاڪم انهي سور ۽ ساڙ ۾ ڳري  مري ويا. پر ڪري ڪجهه نه سگهيا. قرآن پاڪ خداوند قدوس جو ڪلام آهي ۽ ڪروڙين مومنن جي دلين ۾ محفوظ ٿيو پيو آهي. تنهن قرآن پاڪ جو پاره ته ٺهيو هڪ لفظ به نه ڪو گهٽائي سگهيو آهي ۽ نه گهٽائي سگهندو. انهي ارمان ۾ لارڊ ڪچز ۽ معرور مسٽر گيلڊ اسٽون هٿ مليندا ويا. اوهان ڇا ٿا ڪري سگهو.

 

”خدائي طاقت جو جنهن به مقابلو ڪيو سو تباه ۽ بڇڙو ٿيو. مصر جي سونهري تخت تي ويهي فرعون خدا سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ توريت مقدس تي چٿرون ڪيون مگر سندس برو انجام درياه نيل کان پڇو.

 

شام جي مرصع مزين تخت تي ويهي، نمرود به اهڙا ناپاڪ جملا ڪم آڻي ان وقت جي صالحن ۽ نبين کي ڏکويو ۽ وحي الاهي جي برخلاف بڪواس ڪئي هئي. مگر سندس ذليل انجام بابل جي ڍيرن ۾ وڃي ڳوليو.

 

”نينوا جي بلند ۽ باجلال منارن تان ها مان ڪافر به قهار خدا کي چئلينج ڏنو هو. پر سندس انجام اتي جي سرزمين کان پڇو.

”خدا جي پوئين ۽ سڀ کان پياري پيغمبر محمدﷺ جو خدائي فرمان (خط مبارڪ) جنهن ايران جي متڪبر بادشاهه ڦاڙيو هو، ان جي عاقبت ايران جي پهاڙن کان پڇو.

 

”آريه هندئو! ڪجهه وقت ترسو جو خدا قهار جو غضب پنهنجو حڪم ڪڍي، گنگا ۽ جمنا ندين جو پاڪ پاڻي جوش ۾ اچي ۽ اوهان کي حسد ۽ بغض جي گريبي کان ڇڏائڻ لاءِ اوهان کي ٽٻيون ڏياري غوطا کارائي ڪنهن جهنگل ۾ ڦٽو ڪري، جيئن فرعون جو لاش نيل ندي مان نڪري ٻاهر پيو هو ۽ پوءِ کيس ڪتن ۽ ڳجهن پنهنجو قوت ۽ لقمو بڻايو هو. توهان پڪ رکو، يقين سمجهو ته اوهان جون مرادون پوريون ڪونه ٿينديون. اوهان روز بروز قرآن ڪريم جي مقبوليت، عزت اثر ۽ رسوخ ڏسي، حسرت ۽ اونده ۾ اوٻاسيون ڏيئي مرندا  ڇو ته ”والله متم نوره و لوڪره الڪافرون.“

 

اهو ته ٿيو سماجي ۽ مذهبي ميدانن ۾ پيدا ٿيل سجاڳي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ پريس جو رويو. پر ان کان علاوه، ان عرصي دوران، ڪيتريون ئي تعميري ادبي اسڪيمون عمل ۾ آيون، ڪتاب لکيا ويا، رسالا ۽ مخزنون ڪڍيون ويون ۽ عملي پليٽ فارم جهڙوڪ مشاعره وغيره ٿيا جن پڻ سنڌ ۾ هڪ قسم جي لهر پيدا ڪئي هئي ” ”ساڃهه جي سفر“ تي هلندڙ قافلي کي اڳتي ڌڪيو هو. پر جا ڳالهه اهم هئي سا هيءُ هئي ته اسان جي اخبارن ۽ رسالن به پنهنجو ان سلسلي ۾، ڀرپور حصو ورتو.

 

مختصراً انهن ادبي ڪاوشن جو ذڪر ان طرح ٿيندو ته 1914ع، ۾، لعل چند امرڏنيمل جڳتياڻيءَ آکاڻيون (Novelets) ڇپبيون رهيون. 1922ع ڄيٺمل پرسرام ”نئين سنڌي لائبرريءَ“ جي نالي تحت علم و ادب جي خدمت جو آغاز ڪيو. 1915ع ۾، لاڙڪاڻي ۾، مرحوم ميان علي محمد راشدي ”سنڌ سڌار سوسائٽي“ جو بنياد رکيو جنهن اڳتي هلي شعر و شاعري کي ترقي وٺرائي ۽ هڪ ماهوار ادبي رسالو ”اديب سنڌ“ جاري ڪيو ۽ هلايو. غالباً 1931ع ڌاري حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“، جهڙي ادبي اداري جو بنياد پيو جنهن جي قائم ڪرڻ ۾ مرحوم سيد ميران محمد شاهه صاحب ۽ مرحوم خانبهادر محمد صديق اهم بهرو ورتو. هن سوسائٽي به علم و ادب ۾ چڱو چهچٽو پيدا ڪيو.

 

”هي سوسائٽي قائم ٿي ته وقت جي صحافت کي چوڻو پيو: اٽڪل 15 ورهيه اڳ سنڌي زبان ۾ذهبي علمي ۽ تاريخي ڪتابن جي ڇپائڻ ۽ انهن جي وڪري جو ڪم سڄي جو سڄو هندن جي هٿ ۾ رهيو. ان کانپوءِ هندن تعليمي سجاڳي سببان ڪن علقمند ۽ علم دوست مسلمانن جي ان ڪمزوريءَ کي سطور ڪري ذاتي طرح هيڪڙ ٻيڪڙ اهو ڪم الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي شروع ڪيو. مگر ڪٿي جماعت جو ڪم ۽ ڪٿي ٻن جو ڪم. نيٺ الله تعاليٰ مسلمانن کي زماني جي ٺوڪرن سان سيکاريو ته ڪو به ڪم جماعتي نظام کانسواءِ پڪي پائي تي ٿيڻ مشڪل آهي. ان اصول کي نظر ۾ رکي هينئر ڪن خدا جي بندن ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ شروع ڪئي آهي.“ (1)

هن سوسائٽي پاران هڪ رسالو ”ادبي تحفو“ جي نالي نڪرندو هو جنهن ۾ساليانه جلسه ۽ مشاعره وغيره جون ڪارروايون ۽ چونڊ مضمون ۽ شعر شايع ڪيا ويندا هئا. 1931ع ۾، ”سنڌو“ رسالو جاري ٿيو جيڪو هڪ ادبي تحريڪ جو درجو رکي ٿو. 1946ع ۾ ”بزرگ شاعر ۽ عالم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل“ جي مرڪزي رول ادا ڪرڻ سان، ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ وجود ورتو. جنهن سمورو توجهه سنڌي زبان جي شاعري جي اصلاح ۽ واڌاري طرف ڏنو. 1949ع ۾، مرحوم شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي سرڪودگيءَ ۾، سنڌي ادبي سوسائٽي جو پايو پيو جنهن بعد ۾ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ماهوار رسالو ”اديون“ جاري ڪيو جو اڄ سوڌو نڪري پيو. ٻين اهڙن ادارن ۾ سنڌالاجي، سنڌي ادبي سنگت، بزم طالب الموليٰ شامل آهن. جن پنهنجي پنهنجي انداز سان سنڌي زبان جي اوسر ۾ گهڻو بهرو ورتو آهي. خصوصاً سنڌ يونيورسٽي جو هي شعبو جيڪو سنڌالاجي جي نالي سان موسوم آهي ۽ جنهن جو روح روان متحرم ڊاڪٽر غلام علي الانا آهي.


 


(1)  اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي، ص- 133، جلد پهريون.

(2)  ان طرف عام ماڻهن جي روش ۽ غفلت نندڻ لائق هئي، جنهن جو نوٽس سنڌي پريس پئي ورتو. 9 مارچ 1918ع واري ”الحق“ جو ادارتي نوٽ، ان سلسلي ۾، غور ڪرڻ جهڙو آهي:

 

”ناظرين ”الحق“ کان اهو امر ڳجهو ڪونهي ته سنڌ ۾ پيسا فند قائم ڪرڻ لاءِ مسلمانن جي ڪوشش سان 1904ع کان وٺي هليل آهي. انهي سال ۾، سنڌ جي بعض مسلمان ميمبرن کي اهو خيال پيدا ٿيو ته مسلمانن جي تعليم لاءِ قومي چندو جاري ڪجي ۽ انهي چندي جو نالو پيسا فند رکجي. تجويز اها هئي ته هر ڪنهن مسلمان کان سندس آمدني سڀ ڪنهن روپئي تي سال ۾ فقط هڪ پئسو وٺجي. انهيءَ رت کي اٽڪل 14 ورهيه گذري ويا آهن پر اڃا تائين اها رٿ عمل ۾ نه آئي آهي ۽ انهيءَ لاءِ جيترو گهڻو افسوس ڪجي اوترو ٿورو آهي.

 

اسان سنڌ جا مسلمان دعويٰ ٿا ڪريون ته اسان به مسلمان آهيون. پر اسان کي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اها اسان جي مسلماني فقط نالي جي مسلماني ٿي ڏسجي ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن آهي ته اسين نيڪ ڪم لاءِ اسين سچي دل سان ارادو ڪريون تنهن کي 14 ورهين تاءِ عمل ۾ نه آڻي سگهون..... اسان سنڌ جي مسلمانن ۾ هڪ جيڪو نقص آهي سو اهو آهي جو اسان گهڻو ڪري پنهنجو ڀروسو ليڊرن تي رکريو آهي ته اهي سڀڪي اسان لاءِ ڪن ۽ اسين انهن جي پٺيان هلون.....

 

جڏهن تمام مسلمانن کي قومي ڪمن ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي ۽ اسان مسلمانن جي ليڊرن جو اهو حال رهيو آهي جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، ته پوءِ اسان جا قومي ڪم ڪيئن ٿيندا؟ اسان مسلمانن کي جيڪڏهن ڪو رستو پاڻ کي مدد ڪرڻ جو ڪو رستو ياد آهي ته اهو هي آهي ته جيڪڏهن ڪو موقعو اسان کي ملي ٿو تڏهن پنهجا هٿ سرڪار نامدار جي اڳيان کڙا ڪيون ٿا ته اسان جي تعليم لاءِ پيسا ڏيو. پر اسان جيستائين پنهنجي ڄنگهن تي پاڻ نه بيهنداسون اسين انهيءَ کي هڪ معيوب ڳالهه سمجهون ٿا پاڻ پنهنجي مدد نه ڪريون ۽ ٻين جي اڳيان مدد لاءِ هٿ کڙا ڪريون.......“

(1)    ان قسم جي سماجي شعور پيدا ڪرڻ ۾، خلاف تحريڪ جو به وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌ ۾، ان تحريڪ سان نهايت مخلص ماڻهو منسلڪ رهيا جن مان هڪ ابو شوڪت حمزو خان ۽ ٻيو ماستر عبدالرزاق پيرزادو، سکر جا هئا. ٻئي ٻٽ هئا ۽ ماستر صاحب ابو شوڪت حمزو خان جي تقريرن کي شعر جي شڪل ڏيندو رهندو هو. آخر هڪ شعر جو ڪتاب ”انقلابي ڏنڊو“ تيار ٿي ويو. ان مان هارين جي حالت بابت چند اشعار پيش ڪجن ٿا.

خدا پاڪ توهان کان مدد ٿو گهران،

سمهن ٿا اهي ظلم جي سر مٿان،

تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان،

وڏيرن هٿان سود خورن هٿان،

لکان حال هارين غريبن سندو

وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي،

دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو،

نه طاقت قلم کي لکي ڇا لکي.

هجي عمر خضري ڪريان ان جي بيان،

نڪو دين تن ۾ نه دنيا وٽن،

نه پورو ٿئي ان جو هڪ داستان،

جهالت ڪيو آ برو حال تن،

اکين ۾ هجي آب تالاب جان،

ڏسڻ ۾ انسان آهن اهي،

وڃي خشڪ ٿي جي انهن تي روئان،

حقيقت ۾ حيوان آهن اُهي.

.

(1)  افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته وقت گذرڻ سان، ان قسم جي انداز فڪر ۽ ڪو خاص فرق نه  آيو آهي. ثبوت طور، اچو ته موجوده دور جي هڪ سڄاڻ صحافي شيخ علي محمد کي ٻڌون. 20 اپريل 1980ع تي ”آفتاب“ ۾ ”زرعي قرضن جون وصوليون“ جي عنوان تي ادارتي راءِ زني ڪندي، شيخ صاحب شڪايت ڪئي ”....... آبادگارن جو اهو مطالبو بلڪل جائز آهي ته کين وياج معاف ڪيو وڃي ۽ بقايائون آسان قسطن ۾ ورتيون وڃن. اسان وٽ شهري آباديءَ کي ڪروڙن رپين جا قرض هن کان اڳ معاف ٿي چڪا آهن. ڪچين بستين وغيره جي نالي ۾ ٻه ڪروڙ رپين جون معافيون ملنديون رهين ٿيون مگر افسوس ته آبادگارن سان ڪابه اهڙي رعايت نه ٿي ڪئي وڃي حالانڪه آبادگار طبقو اهڙي رعايت جو وڌيڪ مستحق آهي.

(1)  ”سنڌو“ جي ساڳي اشاعت ۾ ماستر قادر بخش ”حقير“ جو هڪ شعر ڇپيو آهي جو پڻ هارين جي همدرديءَ وارن جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو: چند بيت عرض رکجن ٿا.

1 سکن کان پري هڪ ڏکن جي آڀونگي  

ڪڏهن ڪين پهريم ڪلهن تي ڪالونگي

   پيل پٽ تي جئين رهي ٻوڙي گونگي       

ائين منهنجي حالت جهڪي ٿي آجهونگي

    نه مان ڄاڻندو ڪوبه ڦند ڦير آهيان         

ٻڌايو اي يارو ته مان ڪير آهيان؟  

2- جي هوندي ڪا بيگر ته مون کي گهرائن  

سيارو ۽ سانوڻ سڄو مون مان کائن،

   بنان پئسي بيگر وهايو وهائن                

رڳو هڪڙو مون کي ستايو ستائن،  

   ٿڪن ۽ بجن جو وڏو ڍير آهيان              

ٻڌايو اي يارو ته مان ڪير آهيان؟

3- منهنجو حال آهي مزيدار ڏاڍو             

ڪمائڻ جي هوندي به لاچار ڏاڍو

   بدن جي پگهر ۾ ئي بيزار ڏاڍو              

سڄو ڏينهن ڪمايان به نادار ڏاڍو،

    نمونو ئي هڪڙو ٻيو ڀير آهيان              

ٻڌايو اي يارو ته مان ڪير آهيان؟   

(1)  ”جنب گذاريم جن سين:“ جي-ايم- سيد، ص 165.

(2)  ان دور ۾ هندو- مسلم ليگ اتحاد جي سلسلي ۾، مختصراً ٻه اهم واقعا دهرائڻ چاهيون ٿا ته جيئن پڙهندڙن کي ان جو صحيح اندارو ٿئي. ”الحق، اخبار 21 جنوري 1920ع واري اشاعت ۾، نوابشاهه ۾ 23 جنوري تي ٿيل خلافت جلسي جي ڪارروائي بابت خبر ڇاپي هئي. ان خبر مطابق، ان ڏينهن هندو مسلمانن جو جلسو ٿيو جنهن ۾ حيدرآباد کان آيل ليڊرن جي پهچڻ تي پهريائين ٺڪاڻي ۾ آندو ويو جتي مسٽر ڄيٺمل ۽ مسٽر عبدالجبار هندو- مسلمان اتحاد لاءِ اپيل واريون تقريرون ڪيون. بعد ۾ جلسي ۾ ٻين کان علاوه....... ”مسٽر سنتداس وڪيل حيدرآباد واري خلافت تي تقرير ڪئي. جن مسلمانن ڪامورن خلافت جي برخلاف تحريڪ برپا ڪئي انهن تي اظهار افسوس ڪيو ويو. هڪ هندو ڀاءُ جي واتان خلافت بابت همدردي جو ٻڌي مسلمانن الله اڪبر جا نعرا بلند ڪيا....“ ان کان اڳ واري خبر ۾، ساڳئي اخبار لکيو... ته جڏهن مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ مولانا عبدالباري سکر پهتا ته هنن جي آڌرڀاءُ ڪندڙن ۾ هندو اڳواڻ به شامل هئا. مثلاً ويرومل بيگرام (ايڊيٽر ”سنڌي“) ان بگيءَ جي ڪوچوان جي جاءِ ورتي هئي جنهن ۾ هي اڳواڻ سوار ٿي سکر جي مکيه بازار مان لنگهيا هئا.

 

 ٻئي واقعي جو تعلق هڪ مسلمان جي اپيل سان آهي جيڪا هن افغانستان ڏانهن هجرت ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ديني ڀائرن کي ڪئي هئي. اها اپيل به ”الحق“ 30 جولاءِ 1920ع ۾ ڇپي هئي. اسان اها اپيل هوبهو نقل ڪريون ٿا: ”اسين تمام جلد پنهنجو پيارو وطن ڇڏي وڃڻ وارا آهيون ۽ انهيءَ عرصي ۾ هڪ آخري گذارش پنهنجي مسلمانن ڀائرن کي ڪرڻ ڌاران رهي نه ٿا سگهون ۽ اها هيءَ آهي ته سنڌ جي صوبي ۾ هندو- مسلمان اتحاد جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ اتحاد کي قائم رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ بلڪل ضروري آهي ته عيدالضحيٰ جي موقعي تي اسان جا مسلمان ڀائر فقط دنبن ۽ ٻڪرن جي قرباني ڪري پنهنجي هندو ڀائرن سان همدردي جو ثبوت ڏين. اسان کي معلوم ٿيو آهي ته مسلمانن اسان جي لکڻ کان اڳيئي ان جو ثبوت ڏنو آهي. هتي وري به يادگيري طور ٻه چار لفظ لکجن ٿا. اميد آهي ته مسلمان اسان جي آخري گذارش کي نه وساريندا.“ مسلمان اخبار کان سواءِ، ان دور جي هندو اخبارن ۾ به اهڙيون خبرون ۽ تبصرا ڏسي سگهجن ٿا جن مان مذهبي روارداري ۽ ميٺ محبت جا انوکا مثال ملندا. مثلن جڏهن ”هندو“ اخبار جو ايڊيٽر ۽ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ايڊيٽر ”الامين“ گرفتار ٿيا هئا ته ان دور جي هندو اخبارن ۾ به ان قسم جي فراخ دلي جا ڪيترائي اهڃاڻ ملن ٿا.

(2)  مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي جي راءِ ۾، انگريزن جي اشاري تي، قومي تحريڪ جي زور ٽوڙڻ لاءِ هندن طرفان ٻه تحريڪون جاري ڪيون ويون. (1) سوامي شرڌانند ۽ لالا لجپتراءِ ۽ ٻين آريه سماجي ليڊرن طرفان شڌي جي تحريڪ جاري ڪئي وئي. شڌ ڪرڻ معنيٰ پاڪ ڪرڻ يا هندو بڻائن. (2) پنڊت مالويه ڊاڪٽر مونجي ڀائي پرمانند ۽ مسٽر ساورڪر ۽ ٻين هندو سڀائن طرفان سنگهٺن جي هلچل جاري ڪئي وئي جنهن جو مطلب هو مسلمانن جي برخلاف محاذ قائم ڪري منظم ۽ متحد ٿي مسلمانن جي حقن کي تباهه ڪرڻ. هندن جي ان پروگرام جي مدافعت ۾ مسلمانن ٻه تحريڪون (1) تبليغ ۽ (2) تنظيم شروع ڪيون. پهرين جا سربراهه خواجا حسن نظامي دهلوي ۽ مولانا ثناءُالله امرتسري هئا ۽ ٻئي جا ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو امرتسري ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي هئا.“ ماهوار ”پيغام“، مارچ 1980ع.

(1)  مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي چوڻ مطابق، سندن پهريون مضمون روزانه ”منادي“ دهلي ۾ ڇپيو هو. جنهن جو تعلق محمد بن قاسم سان هو.

(1)          انهن لکڻين ۾ اهي بيان به شامل آهن جيڪي نوجوان ڇوڪرين کان ڪورٽين ۾ باسرايا ٿي ويا ۽ جيڪي ڪافي ڪريل هئا. حيدرآباد جي هفتيوار ”الڪمال“ (مورخ 6 فيبروري 1939ع)، ان باري ۾ پهرين صحفي تي نمايان طرح هيٺيون تبصرو ڇاپيو هو:

 

”ڳچ وقت کان اخبارن ۾ اوم منڊلي بابت چرچو پيو پڙهجي مگر تازو جيڪي ڪيسن جي ڪارروائي ۾ هليل نوجوان ڇوڪرين جا بيان ڊيلي سنڌ نيوز ڇپڻ شروع ڪيا آهن اهي ڪيتري قدر هڪ اخبار جي شايان شان ٿي سگهن ٿا، سو خود اخبار بين اصحاب سمجهي سگهن ٿا.

 

”اسان سمجهي؛ ٿا سگهون ٿا ته هندوجاتي ڇو ايتريقدر ڪري چڪي آهي جي پنهنجي نياڻين کان کليل ڪورٽ ۾ بيان ڏياري رهيا آهن ته دادي ليکراج اسان سان هيئن ڪيو يا هونئن ڪيو. سچ ۽ ڪورٽ جو پتو پاڻهي پئجي ويندو. البت اهڙيون حقيقتون اخبار جو وڪرو وڌائڻ ۾ سو ڪارگر ثابت ٿينديون باقي قوم کي اهڙين حقيقتن ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ضرور ڪنڌ هيٺ ڪرڻ گهرجي.

(1)    مولانا وفائي مرحوم هڪ ٻئي رسالي ”توحيد“ جي ذريعي پڻ، انهن هندو تحريڪن خلاف خوب ڪم ڪيو. ان رسالي ۾ هڪ ادارئي ۾ لکيائين:

”سوامي صاحب (شرڌانند) جي تعليم جو پرتو ۽ اولڙو اڄ اسان جي ”قرآني الله ميان جي تصوير“ ۽ ”قرآني الله ميان جي صفت“ جهڙا مردود رسالي لکي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي. اهو حادثو اڃا تازو ئي هو ته وري رتي ديري ۾ هن سوامي جي هڪ سچي چيلي قرآن پاڪ جي بي عزتي ڪرڻ سان، پاڻ کي ان جو پورو پيروڪار ڪري ڏيکاريو. فساد ٿيندي رڪجي ويو....... ان وقت جي معروف طنزنگار شاعر مرحوم ”مخلص“ ”توحيد“ جي ساڳئي اشاعت ۾، ساڳئي حقيقت کي اثرائتي انداز سان هينئن بي نقاب ڪيو.

 

”سوامي جي اسان کي ڇا ڪندو هي سنگهٺن تنهنجو،

ڪري هلچل شڌي جو ڇو وڌي ويو آه، من تنهنجو.

 دلين ۾ جن جي عشق ذات پاڪ احمد مرسل،

اتي هلندو ته ڪو هرگز فريب و مڪر فن تنهنجو.

جتي اسلام جي بلبل ڪري نغمه سرائي ٿي،

اجائي ات ڪري ڪان ڪانه اهو داغ دهن تنهنجو.

چوڻ تنهنجو ته دنيا جا سڀئي مومن ڪندس ڪافر،

رکي ڪا ڪانه ٿو وقعت اهو وائي وچن تنهنجو.

 

”مسلمان“ 8 سيپٽمبر 1924ع تي ”رازو نيا“ ڪالم ۾. ”شرم ڪئي آهي؟“ جي عنوان تحت لکيو.

 
”حيدرآبادي ”هندوجاتي“ پرائي اک جو ڪک ڏسيو وٺي پر پنهنجي اک ۾ ٿنڀ جي به پروڙ ڪانه ٿي پويس. چوي ٿي ته هندو ملسم تڪرارن سبب، هندو مسجدن جي بي حرمت گهٽ ٿا ڪن پر مسلمان مندرن کي وڌيڪ اپوتر ڪن ٿا. پر اها خبر ڪانهيس ته خدا جي عبادتگاهن جي بي حرمتي جيڪڏهن مسلمان هندستان ۾ سکيا آهن ته هندن کان.

 

”ڪيتري وقت کان ۽ ڪيترن هندن کي غريب مسلمانن جون دانهون آهن ته هندو مسجدن ۾ بانگ ڏيڻ، مرمت ڪرڻ ۽ هنن کي آباد ڪرڻ کان روڪين ٿا. پري ڇا لاءِ ٿا وڃون، ٽنڊوآدم، شڪارپور، ڌاراتيرٿ جون مسجدون هندن جي شرارتن جون دانهون ڪري رهيون آهن. پر آهي ڪنهن هندو کي وطني غيرت ته خدا جي مسجدن تان پنهنجو ناجائز قبضو کڻي مسلمانن سان جهيڙا جهٽا ڇڏين؟ آره، شاهه آباد، ڪٽارپور، ۽ تازو ملتان ۾ هندن جي هٿان مسجدن جي بربادي ٿي تنهن کي ايترو جلدي وسارڻ ”هندو جاتي“ لاءِ ڏاڍو شرمناڪ آهي.“

(1)         ڏسو هن تي ”تحقيق“ جو صحفو 234 ۽ 235.

(1)         ياد رکڻ گهرجي ته اهي ٻئي هندو ليڊر ڪانگريسي هئا. جڏهن قوم پرستن جو اهو حال هو ته ٻين هندن بابت راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي.

(2)         ان جي تائيد ان اصلاح مان به ٿئي ٿي جيڪا جناب پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٻئي جلد ۾ صفحي 264 تي ڪئي آهي. سهواً اڳئين جلد ۾ لکي ويٺو هو ته هندو مسلم فساد جو بنياد لاڙڪاڻي ضلعي ڳوٺ ڳيريلي واري واقعي  وڌو هو جنهن ۾ هڪ هندو عورت ڪنهن مسلمان سان بدپيشي هئي ۽ بالاآخر ان سان ڀڄي وئي هئي.

ان جي تصحيح ڪندي، راشدي صاحب رقم طراز آهي.

”.... هندو مسلم فسادن جي شروعات لاڙڪاڻي مان ٿي، 1927 جي مارچ مهيني جي 29 تاريخ کان ۽ هڪ مسلمان عورت جي معاملي تان.

”اها عورت ڪريمان نالي ٻهراڙي جي هڪ مسلمان جي زال هئي، جنهن کي ان مسلمان مڙس مان 4 ٻار به هئا. ڪريمان هڪ هندوءَ سان بدراه ٿي لاڙڪاڻي ڀڄي اچي ٻارن سميت هندو آريه سماجين (جن شڌيءَ جي تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي) جي هٿ تي مرتد، ٿي، يعني ٻارن سميت هندو ڌرم ۾ داخل ٿي. شهر جي مسلمانن ٻارن جي قبضي وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ فرياد داخل ڪئي، پر ان شنوائي ڪانه ٿي. مسلمان پوءِ وفد ٺاهي ضلعي عملدارن وٽ ٻارن جي باري ۾ ملڻ ويا. هندن ان وچ ۾ ڪريمان کي ۽ ٻارن کي پاڻ وٽ لڪائي ڇڏيو هو. ڪليڪٽر وٽان نااميد ٿي نڪرڻ کانپوءِ وفد، ٻئي هجوم سان گڏ، حاجي امير علي خان مرحوم سان لاهورين ۾ ملڻو ويو ۽ اتان به مايوس ٿي موٽندي، رستي هلندي وفد ۾ شامل ڪن ڇوڪرن هندن جي ٻين ٻيڙين ۽ سگريٽن جي ڪاٺاين ڪيبن کي ڦريو ۽ هندو ڇوڪرن کي پٿر هنيائون. ان کانپوءِ شهر ۾ وڌيڪ چار پنج هندو دڪان ان فساد کان متاثر ٿيا. پر هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ننگاوتي ۽ مذهبي معاملي تي اشتعال پيدا ٿيڻ کانپوءِ به هندن جو ڪوبه جاني نقصان ڪونه ٿيو، نڪو ڪو هندو ماريو ۽ نه شديد زخمي ٿيو. دڪانن جي ڦرجڻ واري ڳالهه به ڪورٽن ۾ ڪوڙي ثابت ٿي، ڇوته ڦر جو ڪوبه مال ڪنهن مسلمان وٽان هٿ ڪونه آيو هو ۽ نه هندو خود ئي ثابت ڪري سگهيا هئا ته واقعي سندن دڪانن ي ڦر ٿي هئي. انگريز جج پنهنجي فتويٰ ۾ هندو شاهدن کي ڪوڙو ۽ بي ايمان ٺهرايو.

 

”هندو ان مختصر ۽ وقتي حادثي جو فائدو وٺي، مسلمانن کي پيڙهڻ لاءِ زوردار مهم هلائي. ڪوڙا ڪيس داخل ڪيائون. 80 کان وڌيڪ مسلمان جيلن ۾ وجهرائي ڇڏيائون. لاڙڪاڻي جي چونڊ مسلمان قومي ورڪرن کي خاص طرح ٻڌايائون. خود خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي، جو ان وقت بمبئي ڪائونسل ۾ لاڙڪاڻي جي مسلمانن جو چونڊيل نمائندو هو، ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ ان جو قصور فقط اهو هو ته هو مسلمانن جو همدرد هو ۽ نئين سر سياست ۾ اڀري رهيو هو. هندن ڪوشش ڪئي ته اهو نئون سلو اڀري وڻ ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي ان کي ڪاٽا ڪري ڇڏجي، پر خدا ڪيو جو ان ڪوشش ۾ هندو ڪامياب ڪونه ٿيا.

 

”پورو هڪ سال هندن جا کڙا ڪيل اهي ڪوڙا ڪيس هلندا رهيا ۽ مسلمان جيلن ۽ خرچن ۾ پيڙهيا رهيا. آخر ۾ انگريز سيشن جج مسٽر ڊي- آر نارمن مسلمانن کي بيقصور سمجهي آزاد ڪري ڇڏيو (ڏسو نارمن جي ججمينٽ مورخ 14 مارچ 1928ع)، ڪيس نمبر 84 سال، 1928ع) ڪيس هلندي مسلمانن جي ويچاريءَ جو هيءُ حال هو، جو کين بچاءُ لاءِ ڪوبه مقامي وڪيل ڪونه ملي سگهيو ۽ هنن کي وڏيون فيون ڏئي، لاهور مان انگريز وڪيل گهرائڻو پيو.

”مسلمان ڪوڙن ڪيسن مان آزاد نه ٿيا، پر جنهن مسلمان عورت ۽ ٻارن جي مرتد ٿيڻ تي معاملو هيو هو، سي سڀ هندن جي قبضي ۾ رهجي ويا ۽ هندن انهن کي ڪيڏانهن گم ڪري ڇڏيو، تنهنجو پتو ڪونه پئجي سگهيو. لاچار ٿي مسلمانن پوئاري ڇڏي ڏني پر غيرت جي چاڪ سندن دلين ۾ چڪندا رهيا. جيڪڏهن هو گهرن ها ته هندن سان پلئو ڪري سگهيا ٿي ۽ عيوض ۾ هندو عورتون ۽ ٻار زوري کڻي وڃي سگهيا ٿي.

(1)  پيغام مئي- جون 1980ع- سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ص- 44.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org