سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 12

صفحو : 17

 باب ٻارهون

پاڪستان کانپوءِ جا حالات ۽ سنڌي پريس

(ڪراچيءَ جي علحدگي- ون يونٽ- اقتصادي ناانصافيون زبان ۽ قوميت- اردو پريس جي روش)

 

جيڪڏهن صحافت جو مکيه فرض اهو آهي ته پنهنجي حلقئه اثر واري علائقي ۾ رهندڙ باشندن جي مطالبن، مقصدن، معاملن، جذبن، امنگن جي آئينيدار رهي ۽ سندن صحيح ترجماني ۽ رهنمائي ڪري، ته پوءِ ان خطي جي ماڻهن جي مڙني مسئلن ۽ مرادن، مايوسين ۽ حاصلات کي مدنظر رکڻو پوندو جن سان کين ڪنهن خاص دور ۾ دوچار رهڻو پيو ۽ پلئه اٽڪيو. ان نقطئه نظر کان، جڏهن اسان، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جي سنڌ سان تعلق رکندڙ حالتن تي غور ڪريون ٿا ته نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اُهي هتي جي ماڻهن جي اميدن ۽ آسرن جي گهڻي ڀاڱي برعڪس ۽ مايوس ڪندڙ رهيون. ان حقيقت کان ڪوبه عقلمند ۽ غيرجانبدار ماڻهو انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته 1936ع ۾ سنڌ صوبي کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان الڳ ڪرائي، هن صوبي جي مسلمانن، ان وقت جي گڏيل هندستان ۾ پهريون دفعو، عملي طرح ان بيداريءَ جو مظاهرو ڪيو هو ته بي انصافيءَ کي ڪنهن به شڪل ۾ روا نه ٿو رکي سگهجي ۽ ناسازگار ماحول جي باوجود حق جي لاءِ لڙيل لڙائي ڪاميابيءَ جي ڪناري پهچائي ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ خالصتاً اقتصادي ۽ سياسي نوعيت جي هئي ۽ هندن جي طرفان اقليت ۾ رهڻ جي باوجود مسلمانن کي معاشي طرح تباه ڪرڻ واري واٽ تي هلڻ جو نتيجو هئي پر ان ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ اڳتي هلي مسلمانن کي هندستان جي ليول تي ايڏو ته حوصلو ڏنو جو هو سياسي ميدان ۾ ۽ نظرياتي طرح الڳ اسلامي تشخص جي احساس ڏيارڻ جو ڪارڻ بڻي. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته سنڌ جي مسلمانن طرفان سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ واري عمل، پاڪستان جي حصول واري جدوجهد ۾ تيزي ۽ تحرڪ آندو، نشاندهي ۽ رهنمائي ڪئي ۽ آخر هن ملڪ جي شڪل ۾ الڳ وطن ڏياريو. هن صوبي جي مسلمانن جي اها ڪا گهٽ خدمت ڪانه هئي. خود 23 مارچ 1940ع تي پاس ڪيل ٺهراءُ، جيڪو پاڪستان جي حصول لاءِ آخري مرحلي واري جدوجهد جو بنياد بڻيو، سو سنڌ ۾ آڪٽوبر 1938ع دوران، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تجويز ڪيل ٺهراءُ جي پيداوار هو. (1)

 

ساڳي طرح، اها به حقيقت آهي ته ”ڪل جي خير گهرندڙ“، سچي صوفي شاهه عبدالطيف ڀٽائيؒ جي سرزمين ۾ امن ۽ آشتيءَ ۾ رهندڙ سڌن سنون مسلمانن جي مذهب اسلام کي ڪڏهن به خطرو ڪونه رهيو ۽ هو محبت ۾ مچي ۽ رواداريءَ ۾ رچي اهڙو ته راس ٿيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اها حالت هئي جو خود هندو به اعتقاداً ذري گهٽ  سندن همنوا بڻجي پيا هئا ۽ سندن درويشن ۽ بزرگن جي در جا پانڌياڻي ۽ پياسي ٿي پيا هئا. بعد ۾ جنهن ڳالهه سنڌي مسلمانن کي هندن جي خلاف اڀاريو سا هئي وياج خور واڻين جون ڪڌيون ڪارروايون، جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال مسلمانن جون زمينون ۽ ملڪيتون وياجن ۾ ويا ٿي هٿ ڪندا ۽ گروي رکندا. تعليم ۾ اڳتي هئڻ سبب، واپار وڙو، ڌنڌو ڌاڙي، سرڪاري نوڪريون ۽ ويندي سياست تي غلبي تائين. مسلمانن جي ڀيٽ ۾، زياده حاصل ڪري ويا هئا. تنهنڪري، سنڌ جي علحدگي هجي يا پاڪستان جو حصول يا بعد ۾ ون- يونٽ مان سنڌ جي آزادي- انهن سڀني مقصدن جي پٺيان بنيادي طرح سان سنڌ جي اقتصادي خوشحالي ۽ سياسي آزادي وارو نظريو هو.

 

بدقسمتيءَ سان، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي مسلمانن جي توقعات جي خلاف ڪجهه اهڙا واقعا رونما ٿيا، جن هتي جي ماڻهن ۾ مايوسي پيدا ڪئي. اهڙن واقعن جي ابتدا ڪراچي شهر جي سنڌ صوبي کان علحدگيءَ سان ٿي. وچ تي، ون- يونٽ روزيءَ مڙهيو ويو، مقامي مسئلن جي حل لاءِ تقاضائن کي صوبائيت پسندي ۽ ملڪ سان دشمني تصور ڪيو ويو، زمين ۽ نوڪرين جي معاملن ۾ ناانصافي ٿي ۽ سنڌي زبان جي ماضيءَ ۾ مڃيل حيثيت کي چئلينج ڪيو ويو. ان کان علاوه اردو پريس پنهنجي قومي حيثيت جي درجي مطابق قلبي وسعت جو مظاهرو نه ڪيو. انهن مڙني مسئلن سنڌ جي ماڻهن کي اڪيچار مشڪلات سان منهن مقابل ڪيو. انهن مايوسين ۽ مونجهارن جو سنڌي پريس پورو نوٽيس ورتو ۽ هتي جي ماڻهن جي جذبات جي ترجماني ڪندي، پنهنجو فرض ادا ڪيو. وڌين هيءَ ٿي جو بجاء ان جي جو سنڌي پريس کي اهو موقعو فراهم ڪيو وڃي ها ته اها سنڌ جي واجبي مسئلن ۽ مطالبن جي حل جي گهر ڪري ۽ ان لاءِ تجويزون ڏئي، اهڙا ناروا ۽ غير منصفانه قدم کنيا ويا جو سنڌي اخبارون پنهنجي دفاع واري دنگ تي وڃي بيٺيون چه جائيڪ پاڪستان جي آزاد ماحول ۾ نون امنگن سان مخالفت رکندڙ خوشحالي جا مطالبا ڪري ۽ ماضيءَ ۾ هندن پاران ملڪيتن جي باري ۾ ٿيل ناانصافي جي تلافي گهري.

الف: ڪراچي جي علحدگي

پاڪستان ٺهڻ جي ٻئي سال، سنڌ جي پراڻي گادي ڪراچي کي سنڌ صوبي کان الڳ ڪيو ويو ۽ ان کي پاڪستان جو تخت گاهه بڻايو ويو. ان قدم جي، سنڌ جي عوام طرفان ڪيتري مخالفت ٿي هئي، ان جو اندارو، روزانه ”مجاهد“ اخبار جي هڪ اداريي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جيڪا اخبار ان وقت جي سنڌ جي وزيراعليٰ مرحوم پير الاهي بخش جي جاري ڪيل هئي جنهن پاڪستان سرڪار سان ان مسئلي تي ساٿ ڏنو هو. 24 جولاءِ 1948ع تي، روزانه ”مجاهد“ اهو مذڪوره اداريو تحرير ڪيو جنهن جو عنوان هو ”ڪراچي وئي.“ اداريه ملاحظه ڪريو:

”پاڪستان سرڪار جون عنايتون!!

مرغ دل مت رو يهان آنسون بهانا هـﻶ منع

ڪراچي! عزيز ۽ محبوب ڪراچي!! سنڌ کان جدا ٿي چڪي! ڪراچيءَ جو کسجڻ ڪهڙي سنڌي پئي قبول ڪيو؟ ڪنهن جي دل پئي ڪراچي جي جدائي تي خوش ٿئي؟ سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪراچيءَ کي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پر پاڪستان سرڪار جي ضد ۽ هٺ کي ڏسي پاڪستان سرڪار جي گورنر جنرل قائداعظم جي زور ۽ اصرار کي ڏسي وقت جي نزاڪت ۽ حالتن جي پيچيدگيءَ کي محسوس ڪري سنڌ اسيمبليءَ پارٽي ڪن واجبي ۽ معقول شرطن ۽ مطالبن سان ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو ته جيئن سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان سرڪار جو تصادم ۽ جهڳڙو نه ٿئي، جيئن سنڌي ۽ غيرسنڌي ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي، جيئن پاڪستان ۾ گهرو لڙائي نه لڳي، جيئن فلسطين، دکن ۽ ڪشمير جي مشڪلاتن سان گڏ مسلمانن لاءِ هڪ نئين وڌيڪ مشڪل ۽ مصيبت پيش نه اچي. الله شاهد آهي ته اسان منڍ کان وٺي امن پسندي ۽ آئيني طور هلچل هلائڻ جي فائدي ۾ هئاسون ۽ آهيون. ڪراچي کي هرگز نه ڇڏيو وڃي. اها اسان جي راءِ هئي ۽ آهي پر جڏهن سڀني حالتن جو اندازو ۽ احساس ڪري صوبي کي گورنر راڄ کان بچائڻ ۽ مرڪز سان ترش ۽ تلخ نه پوڻ ۽ دشمنان پاڪستان کي کلڻ جو موقعو نه ڏيڻ جي نيڪ ارادي سان مسلم ليگ اسميبلي پارٽي شرطو ٺهراء ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جو پاس ڪيو، تڏهن اسان فقط جماعتي ۽ دستوري ضابطي، ڊسپلن ۽ احترام جي مدنظر تي پنهنجي برخلاف راءِ هوندي، پنهنجي راءِ کي جماعتي فيصلي تي قربان ڪري بادل ناخواسته پاس ٿيل ٺهراء جي زوردار تائيد ڪئي ۽ اسان صدارت سان محسوس ڪيو ته انهن شرطن ۽ مطالبن جي پوئيواري جي صورت ۾ ٺاه ئي بهتر آهي. تصادم ۽ جهڳڙو هن نازڪ وقت ۾ پيدا ڪرڻ هرگز سياڻپ ڀريو ڪم نه ٿيندو. جيڪڏهن مرڪزي سرڪار پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ضد ۽ هٺ تي قائم رهي ته کڻي اسان اسلامي مفاد ۽ پاڪستاني وقار خاطر ضد ڇڏيون. پنهنجو بچاء ۽ سلامي به وٺون ۽ دورانديشيءَ کان ڪم وٺي ڪراچي طوعاً نه پر ڪرهاً مرڪز جي حوالي ڪريون. انهيءَ ۾ لعل به لڀندو ۽ پريت به رهجي ايندي.

 

مگر افسوس جو اسان جي انهيءَ سلامت روي ۽ اعتدال پسندي جو به اڳ قربانين ۽ وفادارين وانگر پاڪستان سرڪار ۽ پاڪستان جي گورنر جنرل ڪو به قدر ۽ احساس نه ڪيو!!

”فالذ الله المشتڪرا“

”قال انما اشڪو بئي و خزني الي الله“

پاڪستان جي سرڪار سنڌ اسيمبليءَ پارٽي جي ٺهراء ۽ ان ۾ ذڪر ٿيل مطالبن جي صفائي ڪانه ڪئي، ڪوبه صلح ۽ رضامندي جو طريقو اختيار نه ڪيو. سنڌ جي چاليهه لکن انسانن جي خواهشن ۽ تمنائن سان لاپرواهي ڏيکاري، پاڪستان فيصلو ڪرڻ ضروري نه ڄاتو. پاڪستان سرڪار گورنر جنرل جي حڪم موجب ڪالهه سنڌ سرڪار کان ڪراچيءَ جو قبضو ورتو ۽ ڪراچي اسان کان وئي!

 

هينئر سواءِ صبر جي ڪهڙو رستو آهي؟ جو اختيار ڪريون! ڇا دشمن کلايون؟ ڇا امن برباد ڪريون؟ هرگز نه!! هينئر صبر کانسواءِ ٻيو رستو ڪونه آهي. سياڻپ ۽ اسلامي مفاد صبر جي تلقين ٿا ڪن!!“

 

نئين ملڪ پاڪستان ۾ نون ڀائرن جي آمد تي، هتي جي مقامي ماڻهن جيڪو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون، تنهن کان ڪوبه انڪار نه ٿو ڪري سگهي. ليڪن افسوس جو ترت ئي، ردعمل طور اختيار ڪيل روش ڪا معقول ۽ وڻندڙ ڪانه هئي. حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ هفتيوار اخبار ”نيا زمانه“ پنهنجي 20 اپريل 1948ع واري اشاعت ۾، ان تي افسوس جو اظهار هن طرح ڪيو هو:

 

”.......... جڏهن سنڌ يا پاڪستان ۾ آيا تڏهن سنڌي مسلمانن وڏي دل سان سندن استقبال ڪيو. شاندار خدمت ڪئي، کارايو پياريو، جهڳيون ڏنيون. روزگار ۽ نوڪرين سان لڳايو، دک درد ميٽڻ ۾ مدد ڪئي، سندن آسائش لاءِ سڀ حق قربان ڪيا، غرض ته کين دل ۾ سانڍيو ۽ صدين کان ويٺل باشندن هندن کي هندستان ڏانهن رواني ڪرڻ سندن مرضي مطابق هليا ليڪن ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ اسين ڇا ٻڌايون اهو ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مٿي تي هڻڻ. هندن جون خالي جڳهيون، زمينون، نوڪريون وغيره پناهگيرن کي ڏنيون ويون........ اخبارون ڪڍي سنڌ جي اصلي باشندن کي گاريون ڏيڻ لڳا. ميٽنگن ذريعي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا..........“

 

ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري فيصلي تي سڄي سنڌ ۾ ڪيترو غم غصو هو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته مرحوم مولانا دين محمد وفائي جهڙو سنجيده ۽ ڳڻ ڳوت وارو صحافي به پنهنجي ماهوار رسالي ”توحيد“ (اپريل 1948ع) ۾ ان عنوان تي قلم کڻڻ تي مجبور ٿي پيو. ان اداريه جي لب لهجي مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ عالم ۽ اديب به سخت ڪاوڙ ۾ هو. ”توحيد“ جو مذڪور اداريو ملاحظه ڪريو:

 

”قائداعظم يا ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح ۽ ان جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان جو درالحڪومت ڪراچي بڻايو ويندو ۽ ڪراچي کي سنڌ کان ڇني مرڪزي حڪومت جي ملڪيت ۾ ڏنو ويندو ۽ سنڌي وزيرن ۽ اميرن کي بسترا ويڙهائي اسٽيشن روانو ڪيو ويندو. مسٽر محمد علي جناح زبردست ضدي طبيعت جو مالڪ آهي. ان ڪري هو ان فيصلي کان ڪڏهن به باز اچڻ وارو نه آهي سواءِ ان جي ته سنڌ بلڪل علحدگي جو اعلان ڪري هڪ مستقل اسٽيٽ جي صورت ۾ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪري. باقي موجوده صورت ۾ جيستائين مسلم ليگ جو ڪرتا ڌرتا قائداعظم رهندو، ان وقت تائين اهو ممڪن ئي نه آهي ته اهل سنڌ پنهنجي تحريڪ ۾ ڪامياب ٿي سگهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان قائداعظم کي واجب الاطاعت امير تسليم ڪريون ٿا ته پوءِ اسان کي ڪهڙو حق حاصل آهي جو هن جي ڪنهن به حڪم يا ارشاد کان انحراف يا انڪار ڪري سگهون. پنجاب شروع کان قائداعظم جي ڪنهن به حڪم جي تعميل تي آماده نه ٿيو. پنجاب وانگر جيڪڏهن سنڌ به خودداريءَ  جو مظاهرو ڪري ها ته ڪراچي ڪنهن به صورت ۾ مرڪز جي حوالي نه ٿي سگهي ها ۽ نه وري اسان کي اهي ڏينهن ڏسڻا پون ها جو ”الوحيد“ جو سالن جا سال مسلمانن کي قائداعظم جي اطاعت جي تبليغ ڪندي رهي، اڄ اها اخبار به آل پاڪستان مسلم ليگ ۽ مرڪز پاڪستان جي خلاف اهڙي انداز سان لکي ٿي جو ڪا ڪافر اخبار به ائين نه لکي.“

 

16 مارچ 1957ع واري اشاعت ۾ ”خدا کان ڊڄو“ جهڙي چتاءَ واري عنوان هيٺ هڪ اداريي ۾ روزانه ”مهراڻ، ٻين ڳالهين سان گڏ لکيو:

 

”............سنڌ ڪراچي جي اڏن ۽ مڏڻ تي پنجاه ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ پئسا خرچ ڪري چڪي هئي ليڪن سنڌ اسيمبليءَ جي مفتق مخالفت (1) جي باوجود هڪ ئي ڌڪ سان ڪراچي کي سنڌ کان ڪاٽي مرڪز جي ماتحت ڪيو ويو ۽ سنڌ جا خرچ ڪيل ڪروڙين رپيا بنا ڍڪار هضم ڪيا ويا..............“

 

وري 18 سيپٽمبر 1960ع تي، ساڳي ”مهراڻ“ سنڌ جي باشندن پاران پاڪستان لاءِ قربانين جو ذڪر ڪندي لکيو ته:

 

”.......ليڪن اسان کي سخت افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته گذشته دور جي حڪومتن سنڌ سان اها روش اختيار ڪئي ته زمين جو اهو خطو مال غنيمت طور کين مليو آهي، سنڌ جي باشندن جو پاڪستان تي برابر جو حق نه آهي بلڪ هو مفتوح قوم جا افراد آهن. اهي ڪي ٺلها تاثرات نه آهن پر حقيقتون آهن جن کان ڪوبه اکين وارو انڪار ڪري نه سگهندو. مثال طور شروع ۾ ئي سنڌ جي صوبن کان ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي واري ڪافي ايراضي طاقت جي زور سان ڦري ويئي............. ڪراچي جي سنڌي باشندن جا حق غضب ڪرڻ شروع ڪيا ويا. سنڌين کي نفرت ۽ حقارت جي نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو ويو. چنانچه پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم مرحوم لياقت علي خان جا اهي تير جهڙا تکا الفاظ اڃا سنڌ جي باشندن جي سيني ۾ چڀي رهيا آهن ته سنڌي صرف گڏهه هڪلي ڄاڻن ۽ هو هندن جا غلام هئا.“.....................“

ب- ون يونٽ

 دراصل ون يونٽ زوري مڙهڻ وارو عمل ئي، پاڪستان ۾ اهڙو پهريون وڏو سياسي قدم هو جنهن جي اثر ۽ ڏنگ کي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي پريس وڏي پيماني تي محسوس ڪيو هو جنهن مان اهو صاف معلوم ٿي رهيو هو ته هن ملڪ ۾ سياسي طرح ڪنهن وڏي سازش جي ابتدا ڪئي وئي هئي. ننڍن صوبن خصوصاً سنڌ پهريون دفعو پاڻ کي غيرمحفوظ محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هو. هيءَ ڪا ٿوري ڳالهه ڪانه هئي. سياسي بي اعتماديءَ جي فضا پيدا ٿيڻ لڳي هئي. جنهن ٻڌڇوڙ ۽ زور زبردستيءَ سان، سنڌ ۾ ماڻهن جي آواز کي دٻايو ٿي ويو، ان ته هيڪاري ون يونٽ پٺيان بدنيتيءَ جو يقين ٿي ڏياريو. ڪراچيءَ جي بدران، حيدرآباد ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو ويو جنهن تي سنڌ جي معمر ۽ پاڪستان تحريڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻ، مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي چيو ته:

“Hyderabad was converted into a military camp to decide a purely constitutional issue. The unification proposal has been passed with the aid of province-wise intimidation, coercion, repression and suppression of public opinion.” ·

پاڪستان جي ان وقت واري صدر، مرحوم اسڪندر مرزا چيو:

“One unit is a steam roller. Have you seen a steam roller being stopped by small pebbles on a road….

…… None can stop the formation of West Pakistan’s One unit. No doubt should be entertained in this connection.” (1)

 

سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۽ پريس کي ان ڪري صدمو پهچي رهيو هو جو کين معلوم هو ته ڪيڏين قربانين کانپوءِ، سندن صوبو بمبئيءَ کان علحده ٿيو هو ۽ پنهنجو پراڻو تشخص قائم ڪري سگهيو هو جيڪو هاڻي پنهنجي نئين حاصل ڪيل ملڪ ۾ ختم ٿي رهيو هو.

 

حيدرآباد ۾ ڪوٺايل سنڌي اسيمبليءَ جي اجلاس جي نهايت بيوسيءَ جي عالم ۾، ان وقت جي صوبائي روينيو وزير، جناب پير علي محمد راشديءَ ٻڌايو:

 

”جناب صدر! مان ننڍن صوبن کي عوام کي عرض ڪندس ته اهي ان تي سوچين ته ان ساري عرصي اندر انهن مرڪز جي مقابلي ۾، پنهنجي طاقت منظم نه ڪئي آهي. مرڪزي حڪومت فوراً آئين ساز اسيمبليءَ کي ختم ڪري سگهي ۽ ان جو سبب هيءُ آهي ته اسان ننڍا صوبا آهيون ۽ ايترا مضبوط نه آهيون جو طاقتور مرڪز جي مخالفت ڪري سگهون. جيڪڏهن مرڪزي حڪومت اسان کي چوي ته زمين ڇڏيو ته اسان کي ائين به ڪرڻو پوندو. توهان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته جنهن به ون يونٽ جي مخالفت ڪئي، ان کي جيل موڪليو ويو ۽ ڪيترن کي ڊسمس ڪيو ويو آهي. اسان جي سامهون 12 ڊسمس ٿيل وزيرن جا مثال موجود آهن. مان ميمبرن کي عرض ڪندس ته ان بحث کي ڇڏي ڏين ته ون يونٽ ٿئي يا نه ٿئي ڇو ته ون يونٽ ضرور قائم ٿيندي چاهي اسان راضي رهون يا رنج..........“ (1)

 

ون يونٽ جي مخالفت، سنڌ جي عوام جي جذبات مطابق، پوري سنڌي پريس ڪري رهي هئي سواءِ هڪ سنڌي روزانه اخبار ”نواءِ سنڌ“ جي، جيڪا مرحوم محمد ايوب کهڙي جي جاري ڪيل هئي. جيڪو ان وقت، سنڌ کي ٻين صوبن سان سلهاڙڻ لاءِ ڪمرڪشي بيٺو هو. ان وقت پنهنجي هلائڻ وارن جو اهڙو زور هو جو سچ چوڻ جي همت ڪنهن کي به نه پئي ٿي. خود مقامي سياسي ليڊرن ۾ خود مطلبي ۽ باهمي حسد ۽ ساڙ ان حد تائين چوٽ چڙهيل هئا جو هنن ”جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ، کان به نه ٿي ڪيٻايو. پنهنجي سنڌي سياست ۾ اهو الميو هو. پر ان جي برعڪس، سنڌي پريس پنهنجو پاڻ چڱو ملهايو ۽ حق جي ڳالهه چوڻ ۾ ڪنهن قسم جي گوٿناڪي ڪانه ڪئي. ظاهر آهي ته سرڪار وقت کي ”اها جرئت“ نا پسند هئي ۽ نتيجي ۾ روزانه ”نئين سنڌ“ ۽ ”الوحيد“ بند ڪيون ويون ۽ پريس خلاف ٻيا ڪيترائي دٻاءَ وارا اقدام ڪيا ويا.

 

سنڌي روزانه عبرت (26 اپريل 1958ع) لکيو:

”تقريباً ڏيڍ سال کان وٺي حڪومت پاڪستان طرفان اخبارن کي ريلوي ڪرائي ۾ رعايت ڏني پئي وڃي. پنجاب ۽ ڪراچيءَ جون اخبارون ايتري قدر ته ورسايون پيون وڃن جو هنن کي پاڪستان ته ڇا هندستان لاءِ به رعايتون وٺي ڏنيون پيون وڃن. پر اهي بدقسمت سنڌ جون اخبارون آهن جن جو ڪوبه ڌڻي ڌوڻي ڪونهي ۽ سنڌ جي اخبارن جو ڪوبه اهڙو آفيسر ڪونهي جنهن کي اهو درد هجي ته آخر پنهنجي ملڪ جي اخبارن جو حق هينئن ڇو مارجي رهيو آهي.“

 

ايڊيٽر عبرت کي مغربي پاڪستان جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري قريشي صاحب ٻڌايو ته اسين ته هتي لاهور جي اخبار وارن کي بلڪل فراخدليءَ سان اها رعايت ڏئي رهيا آهيون. خبر نه آهي ته توهان جا سنڌي اخبارن وارا ڇو اها رعايت طلب نه ٿا ڪن ۽ خبر نه آهي ته اوهان جي سنڌ جا آفيسر بي خيال بنيا ويٺا آهن جو پنهنجي حد جي اخبارن لاءِ ايترو به نه ٿا ڪن.

اسين سنڌ جي سڀني اخبارن وارن کي توجهه ٿا ڏياريون ته هو پنهنجي ادارتي ڪالمن ۾ پوري شور سان اهو مطالبو ڪن ته آخر سنڌ جي اخبارن کي ڇو نه ٿي ڪرايه ۾ رعايت ڏني وڃي؟ ڇا هو پاڪستان جا رهاڪو ئي ڪونه آهن؟

ساڳئي صفحي تي ٻي شڪايت ٻڌو:

”ون يونٽ حڪومت کي برپا ٿئي اڄ اڍائي سال ٿي ويا آهن ته اڃا تائين سنڌي ادبي بورڊ کي سندس جاءِ وڌائڻ لاءِ گرانٽ ڪانه ڏني ويئي آهي ۽ پنجابي چوڌري مخلتف حيلن سان پنهنجي سنڌي دشمنيءَ جو اظهار ڪري انهيءَ گرانٽ ڏيڻ کان نٽائي رهيا آهن ۽ سنڌي عوام کي چوڻ جو اهو وجهه ڏيئي رهيا آهن ته سنڌ جا ٽيهه ڪروڙ هڙپ ڪرڻ ۽ هنن کي سٺا ٿي لڳا پر سنڌي ادبي بورڊ لاءِ چند لک ڏيڻ کين ڪيڏا نه ڏکيا ٿا لڳن!“

 

ڏٺو ويندو ته ون يونٽ ئي هڪ اهڙو مسئلو هو جنهن تي ٽٽندڙ تسلسل سان، سنڌي پريس پورا 15 سال لکيو ۽ ان جي مخالفت جاري رکڻ ۾ ان ڳالهه جي قطعاً پرواهه نه ڪئي ته سرڪار وقت ڪهڙو هاڃيڪار قدم کڻي سگهي ٿي يا اشتهار وغيره بند ڪري سگهي ٿي جيڪي هر اخبار کي اصولن، سندس اشاعت جي آڌار تي ملڻ گهرجن، جيڪڏهن ٿورو غور سان ان حقيقت کي جاچيو ته ڏسبو ته ان قسم جي روش اختيار ڪرڻ تي سنڌي پريس کي وڏو مالي خسارو پيو، حڪومت جا ڪتاب نازل ٿيا، کين تنگ نظري جا طعنا ٻڌڻا ۽ سهڻا پيا. پر داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي جڏهن ڏسجي ٿو ته وسائل جي اڳ ۾ ئي کوٽ واري هن پريس، مالي مار جي ڪار پرواه ڪانه ڪئي ۽ صحافت جي بنيادي مقصد حق گوئي واري فرض کي هر ڳالهه تي ترجيح ڏني.

 

روزانه ”مهراڻ، 8 کان 11 آگسٽ 1967ع تائين، چئن قسطن ۾ هڪ طويل اداريو تحرير ڪري، ون يونٽ جي ”افاديت“ واري تاڃي پيٽي کي اڊيڙي ڦٽو ڪيو. طول جي ڊپ کان اهو سڄو اداريو اسان ڏيڻ کان قاصر آهيون پر ان جا ڪي اقتباس ان ڪري ڏيون ٿا ته پڙهندڙن کي خبر پوي ته سنڌي اخبارن ”مصلحت جي مقبوليت“ کان مٿڀرو وڃي، ان وقت جي آهني شخصيت فيلڊ مارشل صدر جنرل محمد ايوب خان جي به پرواه نه ڪئي. ان زماني ۾، پريس رپورٽن مطابق، صدر ايوب ۽ ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر ملڪ امير محمد خان پاران بلوچستان جو دورو ان ڪري هٿ ۾ کنيو ويو هو ته اتي جي ماڻهن کان ون يونٽ جي مخالفت جا اسباب معلوم ڪن. ان تي ”مهراڻ“ مذڪوره ڊگهو تبصرو ڪيو هو. اخبار لکيو ته حڪومت ٻيا چڱا ڪم به ڪيا!

 

”ليڪن ون يونٽ جي تشڪيل جو گناه ئي هو جنهن جي ڪفاره لاءِ ڪابه ڪوشش ڪئي ڪانه وئي. نه صرف اهو پر هٿان ون يونٽ کي دوامي زندگي بخشڻ لاءِ نئين آئين ۾ ٻه طرفيون حفاظتون رکيون ويون ۽ اهڙي ريت انقلابي حڪومت به پاڻ کي سابق سياستدانن جهڙو ئي ثابت ڪري ڏيکاريو. درحقيقت ون يونٽ جو مسئلو ئي اهو اهم ترين مسئلو آهي جيڪو پاڪستان جي مستقبل لاءِ نقصانڪار تصور ڪجي ٿو. سنجيده ۽ دورانديش نگاهون انهيءَ مسئلي جي خطرناڪ نتائج کي بخوبي ڏسي سگهن ٿيون. ليڪن افسوس سان ظاهرڪرڻو ٿو پوي ته ون يونٽ جا حمايتي اڃا تائين پنهنجي اکين تي انڌ جا کوپا چاڙهيو ويٺا آهن ۽ هو انهيءَ مسئلي کي ڪو مسئلو تصور ئي نه ٿا ڪن.

 

”صدر ايوب ۽ مغرني پاڪستان جي گورنر متعلق ون يونٽ جي باري ۾ جيڪي رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيون هيون تن مان محسوس ڪجي ٿو ته هو فقط ون يونٽ جي مخالفت جا اسباب معلوم ڪرڻ ٿا گهرن ۽ ون يونٽ جي ڪمزورين کي دور ڪرڻ جا خواهان آهن. باقي جيتري وقت ون يونٽ جي وجود جو تعلق آهي ته ان باري ۾ سندن موقف اهو ئي آهي جيڪو ون يونٽ جي حامين جو آهي. حالانڪه حقيقت کي ڏٺو ويندو ته ون يونٽ خود هڪ عظيم انتظامي ڪمزوري آهي جيڪو نه صرف متعدد ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو بنياد آهي پر پاڪستان جي بنيادي منشور جي خلاف ۽ جمهوري تقاضائن جي برعڪس پڻ آهي. نه صرف اهو پر ان جي وجود ۾ اچڻ سبب پاڪستان کي ايڏو وڏو نقصان پهتو آهي جنهن جي ازاله جي سواءِ ان جي ٻي ڪابه صورت ڪانه آهي ته ون يونٽ کي ختم ڪري مغربي پاڪستان ۾ لساني بنيادن تي دوباره صوبا بحال ڪيا وڃن ۽ انهن نقصانات جي تلافي ڪئي وڃي جيڪي ون يونٽ جي وجود جي خلاف ملڪ کي پهچي رهيا آهن. باقي ون يونٽ جي باري ۾ ماڻهن جي شڪايتن کي ٻڌڻ مان ڪوبه نتيجو ڪونه نڪرندو. ون يونٽ جي تشڪيل سبب جيڪي شڪايتون پيدا ٿيون آهن سي ون يونٽ جي وجود جو لازمي نتيجو آهن. جيڪڏهن ون يونٽ وجود ۾ رهيو ته انهن شڪايتن جو رهڻ پڻ يقيني آهي جن کي دفع ڪرڻ جي ڪابه صورت ڪانه آهي......“

 

آخري قسط جو هي اقتباس اکين کولڻ لاءِ ڪافي هو. لکيائين:

 

”پاڪستان جي قيام مان مراد درحقيقت اها نه هئي جيڪا ون يونٽ جا حامي ڪڍي رهيا آهن. پاڪستان پنجن علائقن جي باشندن جو ملڪ آهي جنهن تي هر علائقي جي باشندن کي هڪجهڙو حق آهي. ان ۾ هر هڪ کي زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا يڪسان موقعا ملڻ گهرجن. پاڪستان جي لاهور واري ٺهراء ۾ به انهي اصول کي تسليم ڪيو ويو هو. ليڪن ون يونٽ جي قيام سبب مغربي پاڪستان جي ننڍن علائقن جي پوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ اندازو اهو آهي ته ون يونٽ جو وجود اڳتي هلي انهن علائقن کي وڌيڪ نقصان پهچائيندو. اهو ئي سبب آهي جو ننڍن علائقن جا عوام ون يونٽ کي خود پاڪستان جي تقاضا جي برعڪس تصور ڪن ٿا.........“

عوام جي ترجماني جو حق ادا ڪندي، سنڌي اخبارون ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان نه وڃايو. آخر جنرل يحيٰ خان 1970ع ۾ ان جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ون يونٽ جي خاتمي تي سڀني ننڍن صوبن سک جو ساهه کنيو پر سنڌ ۾ بيحد گهڻي خوشي ملهائي وئي. ان موقعي تي سنڌي اخبارن جا اداريا ان حقيقت جي شاهديءَ لاءِ رڪارڊ تي موجود آهن. اهڙي طرح ون يونٽ ته ختم ٿيو پر 15 ورهين جي ولوڙ ۽ ويل کانپوءِ.


 

 

ث: اقتصادي ناانصافيون زمينون

جئين مٿي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾، تقريباً هر جدوجهد جي پٺيان جا ڳالهه محرڪ رهي، سا هيءَ هئي ته ڪنهن طرح ڏتڙيل مسلمانن جي اقتصادي حالت کي بهتر بڻايو وڃي. بمبئيءَ کان سنڌ جي علحدگي کان وٺي پاڪستان جي تحريڪ تائين سنڌي مسلمانن جي جدوجهد جو اهو ئي مرڪزي نڪتو رهيو. کين خبر هئي ته هندن مان ائين جند نه ڇٽندي، تنهنڪري هو اهڙي تبديليءَ لاءِ ڪوشان رهيا جنهن ۾ هندن جي هڪ هٽيءَ کي ٻنجو اچي ۽ سندن قرض ۾ گروي ٿيل زمينن جي واپسي ممڪن ٿئي. ياد رهي ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ تائين سنڌي مسلمانن جي جملي زمينن جو 60 سيڪڙو حصو اهڙي طرح هندن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو. جو وياج خور واڻين ڏنل قرض ۽ روز بروز رکت تي کنيل شين جي قيمتن تي سود مٿان سود مڙهي ڪيترن ئي اڻ پڙهيل مسلمانن کي مجبور ڪيو هو ته هو پنهنجون زمينون هندن وٽ ان وقت تائين گروي رکن جيستائين قرض جي واپسي ڪري سگهن. قيام پاڪستان کانپوءِ هندن جون اهي زمينون منتقل ٿي نون آيل افراد کي ڪليم ۾ ڏنيون ويون. ان سان گڏ ٻيو ظلم اهو ٿيو جو جن مهاجرن وٽ هندستان ۾ ڪجهه به نه هو، انهن مختلف جائز ۽ ناجائز ذريعا اختيار ڪري ڪيترائي مڪان ڪليم ۾ حاصل ڪيا. ان جي مقابلي ۾ سنڌي مسلمانن کي شهرن ۾ بلڪل مڪانات نه ڏنا ويا ۽ سيٽلمينٽ جي قانون ۾ هي فقرو به رکيو ويو ته هر اهو گهر جنهن جي قيمت ڏهه هزار روپين کان زياده هجي، مقامي شخص کي نه ڏنو ويندو، ۽ دڪانن بابت هي شرط رکيو ويو ته ڪوبه دڪان ڪنهن به مقامي ماڻهوءَ کي نه ڏنو ويندو. 1947ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ هي قرارداد پاس ڪيو ته سنڌ ۾ مسلمانن جون جيڪي زمينون هندن وٽ گروي رکيل آهن، اهي اصل مالڪن کي واپس ڪيون وينديون. هي ٺهراء منظور ٿيو ليڪن مرڪز سنڌ اسيمبليءَ جي ان قرارداد کي نامنظور ڪيو، حالانڪه پنجاب ۾ اهو قانون نافذ ٿيو ۽ ان تي پوري طرح عمل به ٿيو..........“ (1)

 

ٻيون زمينون اهڙيون به هيون جن ۾ هندن سان گڏ مسلمانن هارين جا حصا هئا. اهڙين هارين کي آسرو هو ته هندن جي وڃڻ کانپوءِ، هندن جي حصي وارا ٽڪرا قابض، هارين کي قيمتاً ڏنا ويندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پيٽ ڀري کائيندا. پر ٿيو ائين جو انهن ٽڪرن جا مالڪاڻه حق ته ڪونه ملين پر هندن جي حصي تي جيڪي هارپ جا حق هين، سي به کانئن کسيا ويا بلڪ ڪن حالتن ۾ ائين به ٿيو جو ڪليم جي مالڪ کي، حصيدار مسلمانن جي زمين کي به هندوءَ جو حصو سمجهندي نئين آيل ڀاءُ کي ڏني ويئي ۽ هاري ويچارو ٿي وائڙو ٿيو ۽ پنهجي زمين جي حق لاءِ يا ته ڪورٽن جا در کڙڪائيندو رهيو يا ان کان محروم ٿي ويهي رهيو.

ج: ڪوڙا ڪليم

سنڌ ۾ ڪوڙن ڪليمن جو باب پنهنجي جاءِ تي هڪ دلچسپ داستان آهي. ”عمرڪوٽ ۾ مراد خان قائمخاني نالي هڪ صاحب ڪليم داخل ڪيو ته مهاراجا جيپور جو محل منهنجو ذاتي محلات هو. مون مسواڙ تي مهاراجا کي ڏئي رکيو هو. حالانڪه هي شخص رياستي فوج ۾ دفعدار (نائب) جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو......“ (1) ان ساڳئي مصنف ڪوڙن ڪليمن بابت ڪن بااثر ماڻهن جا بيان ۽ اخبارن جي خبرن جا حوالا ڏنا آهن.

 

”مارشل لا حڪومت (ايوب خان واري) ڪوڙن ڪليمن جي باري ۾ مارشل لا جو خصوصي قانون جاري ڪيو آهي، جنهن تحت جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙو ڪليم واپس نه ورتو يا زياده ڪليم ڏيکاريو يا وري 30 ڊسمبر 1958ع جي مدت گذرڻ کانپوءِ ڪنهن جو ڪليم ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان کي ست سال قيد سخت پورهئي جي سزا ڏني ويندي.“ (2)

 

”وزير آبادڪاري ليفٽيننٽ جنرل اعظم خان چيو آهي ته مهاجر ڪليمدارن جو هڪ اهڙو گروه موجود  آهي جيڪو پنهنجي ڪوڙن ڪليمن کي واپس نه ٿو وٺي ۽ زوري وڌايل ڪليمن کي واپس وٺي ٿو. هن اهڙن ماڻهن کي چتاءُ ڏنو آهي.“ (3)

 

انهن ڪوڙن ڪليمن خلاف، سنڌ جا ماڻهو لڳاتار دانهون ڪوڪون ڪندا رهيا پر ڪو خاص کڙتيل ڪونه نڪتو. ڪنهن حڪومت به ان مسئلي کي ايمانداريءَ سان زيرغور نه آندو ۽ نتيجي ۾ مقامي ماڻهو اقتصادي بي انصافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙبا رهيا. سنڌي روزانه توڙي هفتيوار اخبارون انهن قصن سان ڀريون پيون آهن. توجه مبذول ڪرائڻ لاءِ، اخبارن اداريه لکيا، اهو سلسلو هلندو رهيو. 6 نومبر 1974ع جي روزانه ”عبرت“ ۾ هڪ هنيانءُ ڏاريندڙ حقيقت، هڪ خط جي صورت ۾ شايع ٿي جنهن جو لکندڙ عبدالغفار، سنڌي ٻٽڙا، ضلعو دادو، هو. خط ملاحظه ڪريو:

 

”ڪيتري عرصي کان عوام ڪوڙن ڪليمنٽن خلاف دانهون ڪندو رهيو آهي ته سنڌ ۾ هر هڪ ڪوڙو ڪليمنٽ ڪروڙن روپين جي زرعي زمين ۽ متروڪه املاڪ قبضي ۾ رکيو ويٺو آهي ۽ اهي پئسا سنڌ خلاف ڪتب اچي رهيا آهن. ڪيترائي ڪوڙا ڪليمنٽ ڪراچيءَ جا آهن جيڪي زرعي زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن. دادو ضلعي ۾ ڪيترا اهڙا آهن جو ڌڙاڌڙ زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن. ڪيتريون ته اهڙيون زمينون آهن جي مارشل لاءِ ريگيوليشن 89 موجب سرينڊر ٿيل آهن. اهي دوباره ڪوڙن ڪليمن ۾ اچي ويون آهن جيڪي هارين جي قبضي ۾ آهن. جنهن ڪري سنڌ ۾ فساد وڌي ويا آهن. دادو ضلعي جو ڌڻي ڌوڻي ڪونه آهي جو جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ڪوڙن ڪليمن خلاف آفيس ۾ وڃي ٿو ته ان کي ڌڪاري ڪڍيو وڃي ٿو. غريب عوام ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ ڪامورن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي سيٽلمينٽ ڪمشنر ڪاغذ بند ڪري ڇڏيا آهن. اها شڪايت عام آهي. سابق حڪومت جي وقت ۾، 65 ڪروڙن ڪليمن جا ڪاغذ بند ڪيا ويا جي اڃا تائين بند پيا آهن.“

 روزانه هلال پاڪستان، 12 نومبر 1974ع ۾ هي ڇپيل خط به پڙهو جيڪو محمد اسحاق سومري، دريا خان مري مان لکيو هو:

 

”دريا خان مريءَ جو محمد حنيف جنهنکي اڳ ۾ 5 دڪان ۽ 5 جايون شهر ۾ آهن ۽ ڪوڙن ڪليمن تي زمينون هٿ ڪري آباد ڪندو رهي ٿو. تازو سال 72- 1973ع کان، هڪ غريب هاري کٽيءَ کي زمين کان بيدخل ڪري ڪليم رستي روبڪاري ڪڍائي تپيدار ۽ ٻين سان شامل ٿي، غريب هاريءَ جا ٻچا بک ماريندو رهي ٿو. غريب هاريءَ جون درخواستون جناب وزيراعظم پاڪستان ۽ جناب چيف مسنٽر سنڌ وٽ پهتل آهن جيڪي تعلقي نوشهري فيروز جي آفيس ۾ پهچنديون رهن ٿيون مگر حد جو تپيدار گم ڪندو رهي ٿو. اختياري وارن کي گهرجي ته هن ڪليم جي جانچ ڪرڻ سان هاريءَ سان انصاف ڪن.“

 

24 اپريل 1975ع واري ساڳي اخبار ۾ هي واقعو ڇپيو آهي، جنهن ۾ کپري جي هارين مطالبو ڪيو هو ته هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج کان ڪوڙن ڪليمن جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

”تازو ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، ديه پٻڻ جي هارين جو ڪوڙن ڪليمن خلاف داخل ڪيل هڪ ڪيس جو فيصلو ڏنو ۽ هارين جو حق بحال ڪري ڪوڙو ڪليم رد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته هن علائقي (سنڌ) ۾ ڪوڙن ڪليمن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ڪوڙا ڪليمنٽ هزارين ايڪڙن تي ناجائز قبضو ڪري زمين وڪرو ڪري رهيا آهن. تعلقي کپري جي هارين وڏي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوڙن ڪليمن بابت هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن جج کان جاچ ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته هاءِ ڪورٽ هتان جي ڇٽيهن ڪليمن کي ڪوڙو قرار ڏئي چڪي آهي.“

 

اهي ته ٿيون سنڌ جون پراڻيون زمينون جن مان ڀاري ايراضيون مسلمانن جي پنهنجي غفلت سبب هندن جي هٿ چڙهيون ۽ بعد ۾ نون آيل ڀائرن کي مليون. پر قصو اتي ختم ڪونه ٿيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نوان بئراج تعمير ڪيا ويا جن تي پڻ پيسو  ظاهر آهي ته سنڌي عوام جو خرچ ٿيو ۽ جڏهن ورهاست جو وقت آيو ته اهي نيون ڀليون زمينون به ٻاهرين کي ڏنيون ويون ۽ مقامي ماڻهو محروم رهجي ويا. حڪومت جي ان قسم جي روش ۽ بي انصافيءَ تي پڻ سنڌي پريس بيحد گهڻو احتجاج ڪيو، بهتر ۽ مساوي حقن جو مطالبو ڪيو ۽ ان پاليسي تي ڪڙي تنقيد ڪئي پر ڪنهن نه ٻڌو.

 

حيدرآباد لڳ غلام محمد بئراج ٺهيو، ليڪن زمينون ڪامورن ڪڙن سابق فوجين ۽ غير سنڌين کي مليون ۽ مقامي هاري جيڪي آس لڳائي ويٺا هئا سي پنهنجي درن تي ٻين جا گهر تعمير ٿيندي ڏسندا رهيا ۽ سندن اهي ئي جهريل جهوپڙا آسماني آفتن جي حوالي رهيا. اها حالت ڏسي جابر جي دل به جهڄي ٿي پيئي. سنڌي پريس ته پنهنجن جي حقن جي حفاظت جو اونو رکيو سا ڪيئن ٿي خاموش رهي؟ ان زيادتيءَ خلاف سنڌي اخبارن جا بي انداز اداريه رڪارڊ تي آهن پر بجاءِ ٻڌڻ جي تنگ دليءَ جا طعنا ٻڌڻا پيا. روزانه ”مهراڻ“ پنهنجي 16 مارچ 1957ع جي اشاعت ۾ هڪ احتجاج جي شڪل ۾، اداريو تحرير ڪيو جنهن جو سرو هو ”خدا کان ڊڄو“ ۽ لکندڙ محترم ۽ خداترس مدير جناب خير محمد نظاماڻي صاحب هو. ان اداريه جا چند اقتباس حاضر آهن.

 

”حق ۽ انصاف جو مطالبو ڪرڻ نه صوبائي تعصب آهي ۽ نه وطن سان غداري ۽ انتشار پسندي.

جيڪڏهن حق ۽ انصاف جي مطالبي کان ڪنهن کي چڙ لڳي ٿي ته اهو پاڻ متعصب ۽ غدار وطن ۽ انتشار پسند آهي.

”فقط ايترو پر هو خودغرض، ظالم ۽ غاصب هجڻ سان گڏ قومي اتحاد ۽ اسلامي اخوت جو جاني دشمن آهي ۽ پاڪستان تي جيڪڏهن ڪا تباهي آئي ته اها اهڙن ماڻهن جي هٿان ئي ايندي جيڪي ٻين جي حقوق کي مارين ٿا ۽ ٻين جي معاشي زندگي جو گلو گهٽي سڀ ڪجهه پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا.

..........هڪ طرف سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه ۽ اباڻي وطن جي زمينن ۾ اکيون وجهيو ۽ آسرا رکيو ويٺا آهن ته ٻئي طرف وري مغربي پاڪستان جي حڪومت انهن زمينن جي تقسيم متعلق اسڪيمون ويچاري رهي آهي جيئن غريب سنڌين جي پيٽ ڀرڻ کان اڳ انهن زمينن ۾ ٻين کي ڀائيوار بڻايو وڃي.

چيو وڃي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون انهن زمينن جي تقسيم کي ترسائيندو رهيون آهن.

...........جڏهن پاڪستان قائم ٿيو هو ۽ پاڪستاني جي مرڪزي حڪومت وٽ ڪاغذ ۽ ڪتاب ڪين هئا، ٽيبلون ۽ ڪرسيون ڪين هيون ۽ قلم ۽ ڪپڙيون به ڪين هيون تڏهن انهيءَ وقت جي سنڌ جي صوبائي سرڪار سنڌ جا رزور فند جا سترنهن ڪروڙ روپيه مرڪز کي ڪڍي ڪونه ڏنا هئا؟

اهي سترهن ڪروڙ روپيه سنڌ جي ماڻهن جي رت جو عرق هئا يا مرحوم شيخ غلام حسين ۽ مسٽر کهڙي جي ذاتي ملڪيت؟

...........سنڌ جا هندو ڪوڙن قرضن ۽ وياجن ۾ پنجويهه ڪروڙن کان مٿي دلبي ۽ دولاب، ٺڳي ۽ فريب سان مسلمانن کان کڻي ويا هئا، صوبائي خودمختياري کانپوءِ، قيام پاڪستان کان ٿورو اڳ سنڌ اسيمبليءَ جي مسلمان ميمبرن دل جهلي انهن فريب ڪارانه وڪرن کي ناجائز ٺهرائڻ جو سنڌ اسيمبليءَ کان ٺهراءُ پاس ڪرايو، ليڪن ترت پاڪستان ٿي ويو ۽ پاڪستان جي مرڪزي حڪومت انهيءَ تي منظور ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري واڻين جي ڦريل ۽ ڦٽيل مسلمانن جون پنهنجين اباڻن زمينن جي موٽي ملڻ جون اهي اميدون به مٽي ۾ ملي ويون ۽ هو وات ساهون آيل گراه وڃائڻ کان پوءِ به رت جا ڍڪ ڀري ماٺ ڪري ويهي رهيا.

”اهي زمينون هينئر هندن جي ملڪيت ۽ ڪسٽوڊين جي قبضي هيٺ آهن ۽ مهاجرن کي ڀارت ۾ ڇڏيل ملڪيت جي عيوض ملڪيت بڻائي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترا سنڌي مسلمان جن جي ابن ڏاڏن جي جهالت ۽ مجبورين جو فائدو وٺي انهن زمينن تي چالاڪ هندن هٿ صاف ڪيا هئا سي اڄ به دربدر ۽ خاڪ بسر آهن.

ڇا اها قرباني جيڪا سنڌ جي مسلمانن کان حاڪمانه اثر جي زور تي زبردستي ورتي وئي آهي سا گهٽ آهي جو انهن کي وڌيڪ قرباني ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو؟

دين محمد جي گورنري دور ۾ سنڌ جا جيڪي 15 ڪروڙ رپيا قرض جي بهاني ٻين صوبن ۾ تقسيم ڪيا ويا هئا تن مان ڪا پائي واپس ملي؟ ڇا اهي پئسا سنڌ جي ماڻهن جي پگهر جي پورهئي مان پيدا ٿيا هئا يا ڪنهن ٻئي هنڌان.

پڇاڙي ۾ قائد سنڌ جناب محمد ايوب کهڙي ون يونٽ ۾ پنهنجي لاءِ وزارت جي ڪرسي محفوظ ڪرائڻ لاءِ جيڪي سنڌ جي آخري موڙي جا اٺٽيهه ڪروڙ رپيا ون يونٽ جي خالي خزاني ۾ جمع ڪرايا سي سنڌ جي ماڻهن جو رت پت هئا يا کهڙي صاحب جي ڪميٽيءَ جي ڪمائي؟

ڇا سنڌ کانسواءِ ڪو ٻيو سابق ۽ هاڻوڪو صوبو آهي جنهن ايڏيون قربانيون ڪيون هجن ۽ پاڪستان کانپوءِ ايترو سٺو هجي؟

........جڏهن ته سنڌ قربانيون ڪندي قربان ٿي چڪي آهي، تڏهن سنڌ کي معاف ڪيو وڃي ۽ هاڻي ٻين کي قرباني لاءِ چيو وڃي ۽ کين عرض ڪيو وڃي ته هو سنڌ جون زمينون سنڌ وارن لاءِ ڇڏي قرباني جو ثبوت ڏين، قومي اتحاد ۽ اخوت اسلامي جو ثبوت ڏين!...............“

ساڳئي ظلم و ستم خلاف، روزانه ”ڪاروان“ 24 ڊسمبر 1958ع ۾ ادارتي نوٽ لکيو جنهن جو اقتباس هيٺ ڏجي ٿو:

”..........سنڌ ۽ پاڪستان ٻه جدا شيون نه آهن بلڪ سنڌ جو سڀ ڪجهه پاڪستان جو آهي ليڪن ان اعتراف جي باوجود اسان هي چوڻ چاهيون ٿا ته جيڪي ماڻهو هتي رهن ٿا، زمينن تي انهن جو زياده حق آهي. سنڌي پنهنجي فطرت ۽ طبيعت جي ڪري ٻين علائقن ۾ آباد ٿين، اهو مشڪل آهي. ان ڪري ڪيترو نه سٺو ٿئي جيڪڏهن حڪومت ۽ پاڪستان جا ٻيا نمائندا سنڌ جي زمين هنن لاءِ ڇڏي ڏين جن کي پنهنجي ذهن ۽ ساخت جي بنياد تي سنڌ کانسواءِ باقي دنيا تنگ نظر اچي ٿي ۽ اهي پنهنجي پيءُ ڏاڏن جي جڳهن کي ڇڏي ٻين علائقن ۾ آباد ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن. سنڌ جي ماڻهن سان هي رعايت عدل ۽ انصاف جي پيش نظر ڪئي وڃي يا سخاوت ۽ فياضي جي جذبي جي بنا تي، ٻنهي حالتن ۾ هو پنهنجي حڪومت ۽ ڀائرن کان رعايت جا طلبگار ۽ انهن جي نوازش جا متمني آهن........“


(1)  ساڳي روزانه ”الوحيد“ جي ان اشاعت جي ڪاپي ڏنل

(1)  ون يونٽ جي مخالفت 110 ميمبرن مان 74 ڄڻن ڪئي هئي ليڪن بعد ۾ کهڙي صاحب کي آڻي زوري بل پاس ڪرايو ويو.

· Cited in M. Rafique Afzal’s ‘Political Parties in Pakistan’ page 168.

(1) Dawn of February 24, 1955, cited as above, page 167.

(1)  موجوده سياسي مسائل جي- ايم- سيد ص 7

(1)  سنده کـﻶ حالات کي سچي تصوير“: محمد موسيٰ ڀٽو- ص، 117

(1)  سنده کـﻶ حالات کي سچي تصوير“: محمد موسيٰ ڀٽو- ص، 118

(2)  ايضاً ”ص 118 (روزنامه ڪاروان، 29 نومبر 1958ع).

(3)  ايضاً ”ص 118 (روزنامه ڪاروان 6 ڊسمبر 1958ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org