سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 14

صفحو : 17

باب چوڏهون

هندستان ۾ سنڌي پريس

(اخبارن جي لسٽ)

 

سنڌي هندن، هندستان وڃڻ کانپوءِ، ان نئين ملڪ ۾ ۽ نين حالتن هيٺ، سنڌي اخبار نويسيءَ کي ڪين وساريو ۽ پنهنجي وت آهر ان جا گهڙا ڀريا. ايتري معلومات ته نه ملي آهي جو اسان سندن سمورين اخبارن رسالن ۽ مخزنن جو تفصيلي جائزو ۽ احوال ڏئي سگهون. پر جيڪي هٿ آيو آهي اهو اسان ان لاءِ ڏيون ٿا ته جيئن صحافت جي کيتر ۾، سنڌي هندو اخبار نويسين جي پورهئي جو پتو پوي ۽ ”ٻئي دور“ ۾ ڏنل اخباري احوال جو، هندن واري حصي جو تسلسل قائم رهي سگهي.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته، سنڌي اخبارن جو سلسلو پهريائين بمبئي ۾ شروع ڪيو ويو جتان ٻه روزانيون اخبارون ”هندستان“ ۽ ”سنسار سماچار“ جاري ڪيون ويون ۽ بعد ۾ اجمير مان ”هندو“ به نڪتي. انهن ٽنهي اخبارن ۾ ”سنسار سماچار“ چڱو نالو ڪڍيو ٿو ڏسجي جيڪا پوءِ ڪن مشڪلاتن سبب نه هلي سگهي. ”هندستان“ اخبار لڳاتار ترقي ڪندي رهي ۽ هن وقت به چڱي شان سان نڪري رهي آهي. بعد ۾ اجمير مان ”هندو“ کان علاوه ”ڀارت ڀومي“ جو به اضافو ٿيو. ان وچ ۾، ڪن نوجوان هندو صحافين ۽ ليکڪن گڏجي ”سنڌو سنسار“ نالي هڪ اخبار ڪڍي جيڪا ٽي سال هلڻ کانپوءِ، نه هلي سگهي. هفتيوار ”ڀارتواسي“ شروع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ، روزانه بڻجي شام جو نڪرڻ لڳي هئي، پر آرٿڪ سنڪٽ اها به نه سهي سگهي. ”سنڌو سنسار“ جو ايڊيٽر مسٽر اي-جي- اتم آهي.

”هفتيوار اخبارون اڄ به ايتريون ٿيون نڪرن جو انهن جا نالا ٻڌائيندي به ڪي جا نالا رهجي وڃن ته عجب آهي! ”هندواسي“ سڀني کان وڌيڪ مشهور آهي، جيڪا سڄي ڀارت ۾ پهچندي آهي ۽ ان ڪري ڀارت جي سڀني سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي رکڻ جي ڄڻ ته هڪ ڪڙي آهي.“ (1) ان کان علاوه، ”ڀارت جيون“، پندرنهن روز اخبار نڪرندي آهي ۽ سرڳواسي هوندراج داس جي نالي تي، سندس پٽ راجا داس، ”نيو سنسار سماچار“ ڪڍندو آهي. الهاس نگر مان هفتيوار ”دنيا“، ”رهبر“، ”ڪلياڻ سماچار“ ”چنگاري“ ۽ روزاني ”نگرواسي“ نڪرن ٿيون. پر نارائڻ ڀارتيءَ جي ”سنڌي ٽائيمس“ سڀني کان وڌيڪ هلي ٿي. اهڙي طرح پوني مان ”نرگس“ ۽ ”هلچل“، اندور ۽ اجمير مان ”هندوڀومي“، ”ڏاهرسين“، احمدآباد مان ”جهولي لعل“، ڀوپال مان ”چئلينج“ ۽ ڪانپور مان ”سنگهٺن“ نڪري رهيون آهن.

 

مکيه ادبي مخرنن ۾ جن وارو وڄايو ۽ بعد ۾ بند ٿي ويون سي ”نئين دنيا“، ”سهڻي“ ۽ ”راڻي“، ”آکاڻي“، ”رابيل“، ”ڪويتا“، ”ساهت ڌارا“، ”سنڌو ڌارا“، ۽ ٽماهي ”سنڌو“ آهن. 1960ع ڌاري، ”ڪونج“ رسالي جو پايو پيو ۽ اڄ ان ويهه سال پورا ڪيا آهن. ان کانسواءِ، ”رچنا“، ”زندگي“، ”راجفلستان“ ۽ ”گلستان“ رسالا نڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ وڏي خدمت ڪري رهيا آهن.

هندستان ۾ موجوده وقت نڪرندڙ روزانه، هفتيوار، پندره روزه ۽ ماهوار اخبارن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

اخبار جو نالو        ايڊيٽر جو نالو                   هنڌ

1- ڀارت ڀومي     رميش رامچنداڻي          اَلهاس نگر

2- نگرواسي       ڪي-آر- هر چنداڻي         اَلهاس نگر

3- هندستان      هاسومل ايسرداس ماکيجاڻي  بمبئي

4- هندو        ڪشن   ورياڻي                اجمير

(هفتيوار)

1- امر جوت   ڀيمسين- جي دادواڻي               بڙودا

2-  پريم پرچارڪ   نرسنگهه موٽومل ”گهايل“    بمبئي

3- ڀارتواسي        ٻلديو گاجرا                    بمبئي

4- جهنڪار         تيج پارواڻي                   پونو

5- جهولي لال   ديال لعلچند موٽواڻي             احمدآباد

6- چنگاري      ارجن آريه                         الهاس نگر

7- چڻگون       مهيش هنسراج پنجابي            احمد آباد

8- چئلينج          لڇمڻ ڪيسواڻي                 ڀوپال

9- چيٽي چنڊ      پريم گيهيمل کلياڻي             نڙياد

10- دنيا           ڏيپو املراءِ سڀاڻي                 الهاس نگر

11- سماج سڌار    داموندر لعل ٽيڪچند مورجاڻي  احمدآباد

12- سماجواد سنگرام ڪندن لعل سندرداس          ناگپور

13- سنڌو ڪرانتي  جي-ڊي- ڇاٻڙيا                   گواليار

14- سنڌو متر        گنگارام سمراٽ                احمدآباد

15- سنڌي ٽائيمس    نارائڻ ڀارتي                  الهاس نگر

16- سنڌ نيوز          ٽيڪمداس سنباڻي            پونو

17- سنڌي ويڪلي    سچانند اين- تلريجا           الهاس نگر

18- سنگهٺن          گوبندرام پاکراڻي             ڪانپور

19- فرض         راجيش رانجهومل اڏاڻي ”گائيڊ“     ڀوپال

20- ڪام ديو     ڀڳوان داس هرچنداڻي                ڀوپال

21- گانڌي ڌام سماچار       هوندراج دکايل           آديپور

22- گيان ڌارا      سدورو مل راجپوت           ڀوپال

23- نيو سنسار سماچار      راجا هوندراج داس   بمبئي

24- هلچل                  اجيت ڪشور        پونو

25- هند واسي            تيرٿ سڀاڻي         بمبئي

26- هند واسي          ڪشن موٽواڻي         اجمير

27- هندو ڀومي       ديپڪ ڪوڏواڻي          انڊور

28- هندو ڀومي      نانڪرام ايسراڻي          اجمير

29- يگ ڌارا        ڪرشن لعل بجاج        الهاس نگر

(پندرهن روزه)

1- آريه مارگ      اشوڪ ويڙهو مل ڪشوراڻي           بمبئي

2- ڀارت جيون     پونم چندرو ملاڻي                    بمبئي

3- ديشواسي       بچارام جيئندرام مولچنداڻي        الهاس نگر

4- سمراٽ ڏاهرسين     ڪمل ڪمار سچديو             بمبئي

5- سنڌو واسي         موهن امل مل ڦتناڻي            الهاس نگر

6- نرگس سنديش      راڌيڪا منسکاڻي               بمبئي

(ماهوار)

1- امن- اي- هند      ديو جهوڙاڻي                 ڀوپال

2- آسان راهه         موتيرام منڌياڻي ۽ ڪنيا لعل ايسراڻي    جبلپور

3- ڀارت ٽائمس     رميش رامچنداڻي         الهاس نگر

4- ڀيروي             ڪويت ارجن ڀمڀاڻي      احمدآباد

5- جاڳو              ڪي-سي- شوداساڻي      بمبئي

6- زندگي            شيام رامر کياڻي         احمدآباد

7- سرسوتي         ساوتري گربخشاڻي        بمبئي

8- سنڌي ايڪسپريس    نند ڀارتي          الهاس نگر

9- شام           ستي ٿڌاڻي              پونو

10- شڪتي ڌارا      پرشوتم چيلارام ڀڳتاڻي    بمبئي

11- شڪنتلا        ديپڪ ڪوڏواڻي                  انڊور

12- فلم ۽ فيشن    اندر ڪشنچند لعلواڻي           الهاس نگر

13- ڪلياڻ سماچار   ساڌو داس جئرامداس ڇتاڻي      الهاس نگر

14- ليڊر آف الهاس نگر    ڊي- سي- گوءسواڻي       الهاس نگر

15- نرگس         تيج پاسواڻي                       پونو

16- واپاري نيوز    ڪنعيا لعل گوپلاڻي              احمدآباد

17- واريئر          اين- پي-ڪي ساني               بمبئي

انهن اخبارن کان علاوه، ڪي هفتيوار ۽ ماهوار اهڙيون به آهن جيڪي وجود رکن ٿيون پر باقائدگي سان ڪونه ٿيون نڪرن. اهڙين اخبارن ۾ الهاس نگر جون ”ديش ڀڳت“، ”رهبر““ ”هندشڪتي“ ۽ ”راجيش“، اجمير جون ”نوءڀارت“ ۽ ”ويروجيه“، پوني جي ”هير“، ۽ جئپور جي ”سنڌو درش“ شامل آهن.

ازانسواءِ هيٺ اهڙين اخبارن جي لسٽ به ڏجي ٿي جيڪي ماضي ۾ نڪتيون، چمڪيون ۽ بعد  ۾ڪن سبب ڪري بند ٿي ويون:

الهاس نگر مان: هفتيوار: ”سنڌو ساگر“ ۽ ”سوشلسٽ“. ماهوار ”ڌرم واڻي“ ”سنڌڙي“ ۽ ”سوجهرو“.

احمدآباد مان: هفتيوار: ”آشاواڻي“ ،”پياري سنڌ“،  ”تمنا“  ۽  ”گلشن“ ماهوار.

اجمير مان: هفتيوار: ”جئه هند“ ۽ ”اجالا“.

بمبئي مان هفتيوار: ”نرمل جوت“.

دهليءَ مان: هفتيوار: ”نوان ويچار“ ۽ ماهوار ”ملاح“ ۽ ”سنڌ جي سڪ“.

پوني مان: ماهوار ”سونو ڀارت“.

راجڪوٽ مان: ”سنڌو ڀارتي“ ۽ ”ٻال سنڌي پرڪاش“.

انڊور مان: ماهوار ”سنڌو واڻي“.

گانڌيڌام مان هفتيوار: ”ڌرتي ماتا“ ۽ راڻيپور مان هفتيوار: ”سنڌڙي“.

 

رسالا ۽ مخزنون

 

(ماهوار)

نالو                        ايڊيٽر جو نالو                     هنڌ

1- اتم درش               ديپچندر تلوڪچند ٻيلاڻي         اجمير

2- آردش                  ايم- آر- وليڇا                    اجمير

3- آريه پريمي             موهن لعل تيجواني                اجمير

4- آريه وير                 ديپچند تلوڪچند ٻيلاڻي          اجمير

5- پره ڦٽي                لعل پشپ                          بمبئي

6- جوت                   جڳتراءِ ڪيولرام مولچنداڻي        بمبئي

7- درويش درشن           رام امباڻي ”ريلر“                 احمدآباد

8- راجفلستان              شيلا ڄيٺانند لعلواڻي            بمبئي

9- سناتن سارٿي            جڳت آڏواڻي                   بمبئي

10- سنت مالها            آتم واسواڻي                    پونو

11- سنڌ اپڪارڪ         ڀاونسنگهه تلريجا               الهاس نگر

12- سنگيتا                آنند ٽهلراماڻي                  بڙودا

13- شيوا مارگ            ديپچند تلوڪ چند ٻيلاڻي        اجمير

14- ڦلواڙي                      ”          ”                 اجمير

15- ڪونج                        هري موٽواڻي              بمبئي

16- ڪلپنا                      ساڌورام سوماڻي             لکنو

17- گلستان                    هوندراج بلواڻي             احمدآباد

18- مارئي                      رجني پنجابي               احمدآباد

 

”ٻه هفتي“

1- لوڪ راجيه            اندرا گيهاڻي                       بمبئي

 

”ٻه ماهي“

 

1- سنڌيت                 ڀڳوان کلناڻي                   لکنو

 

 

”ٽماهي“

1- اسٽيج         ڄيٺومل لالواڻي                  احمدآباد

2- اظهار         هوندراج بلواڻي                   احمدآباد

3- رچنا           لکمي کلاڻي، واسديو موهي ۽       ڪلڪتو

                    پريم پرڪاش           

4- سنڌي گلشن   راڌا ڪرشن عالمچنداڻي         لکنو

5- نرنڪاري مشن   پيسو سنگهه منشا سنگهه    الهاس نگر

 

(ساليانه)

 

1- الڪا (جنوري 1968ع)    ڇپائيندڙ: رزرو بئنڪسنڌي  بمبئي

                        سمپادڪي منڊل سڀا           

2- آهار                 صاحب فتح شهاڻي            الهاس نگر

3- پشپ               هولارام هسيجا               ٿانا (ايسٽ)

4- جيجل          جسونت ڪمار منسکاڻي         بمبئي

5- جيون جوت      لڇو ڀاوناڻي                     بمبئي

6- جيون سنگرام    رام چنداڻي                   گانڌيڌام

7- جهاز راني         لڌارام ڪي چنديراماڻي      الهاس نگر

8- چانڊوڪي       موهن لعل ڪي نانگديو       آگرو

9- سرسوتي        موهن لعل ڪي نانگديو ۽ نرسنگهه

                             لعل منگهواڻي             آگرو

10- سرهاڻ        رام- جي- ڪڪڙيجا        الهاس نگر

11- سورٺ        واسديو ”نرمل“                بمبئي

12- سوکڙي          هوندراج ”سڪايل“     نئين دهلي

13- ڪٻير: (1 مارچ  1980ع)             ڇپائيندڙ: اسٽيٽ

بئنڪ اسٽاف   سپادڪي منڊل سنڌي سڀا   بمبئي

14- مومل : 1953ع  سمپادڪي منڊل     سينٽرل ريلوي سنڌي سڀا      

                     بمبئي

15- وندر (1968ع)   نارائڻ ٽي واسواڻي      الهاس نگر

16- هلچل             لعل پنجواڻي ”مجرم“    بمبئي

 

------------ پورو ٿيو----------------


 


(1)  ”ساهتيه ڪيلا درستي“ هري هوتومل تنواڻي ”نماڻو“- ص، 321.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org