سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 5

صفحو : 12

”وڏيرڪي سياست تي ڪڏهن ڪڏهن تکي نڪته چيني ٿيندي ٿي رهي. جنهن ڪري ”سنڌ زميندار“ وارن وڌيڪ پرچن ڇاپڻ کان نابري واري مون وٽ نه سرمايو هو ۽ نه پريس جو ڪو انتظام. سخت مونجهاري جي حالت ۾، ميان ڪريم بخش وٽ ويس، جنهن نهايت حوصلي سان نه فقط رسالي ڇاپڻ جو بار پاڻ تي کنيو پر اوڌر ڪرڻ جو پڻ وعدو ڪيائين. ان کانپوءِ ڪيتري عرصي تائين ”الراشد“، ”الحنيف“ پريس مان ڇپبو رهيو ۽ ميان ڪريم بخش ڪڏهن به مون سان حساب ڪونه ڪيو......“(1)

 

ساڳئي سال، ميرپورخاص مان، محمد هاشم ”مخلص“ هفتيوار اخبار ”رهنما“ جاري ڪئي. جيڪب آباد مان ”فرنٽيئر گزيٽ“ (2) نڪرڻ لڳي ان جو ايڊيٽر مرحوم عبدالڪريم گدائي هو. مولانا عبدالڪريم چشتي جيڪب آباد مان، ”صداقت“ اخبار جاري ڪئي جا 5 مهينن کانپوءِ ”الحنيف“ جي ايڊيٽر مسٽر ٽانوري جي حوالي ڪيائين. ”مسلمان“ اخبار 18 جولاءِ 1927ع واري اشاعت ۾ هڪ اعلان ڇپيو هو جنهن مطابق هڪ رسالو نالي رساله جلوه طور مولانا وفائي ۽ مخلص جي ادارتي شراڪت تحت 37 صفحن تي عمدي ڪاغذ تي باتصوير ڇپجي رهيو هو. مرحوم محمد خان غني ان جو مئنيجر ڏيکاريل هو ۽ جاءِ اشاعت ميرپورخاص هئي.

ان کان علاوه، مولانا چشتيءَ شڪارپور مان ”جمهور“ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪڍي ۽ پڻ ”آزاد“ ڪراچي، ”قرباني“ روزانه اخبار ڪراچي ”مجاهد“ روزانه ڪراچي ۽ ”پاڪستان“ هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو.

 

1928ع ڌاري، هفتيوار ”خادم السلام“ حيدرآباد مان، مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جاري ڪئي ۽ سکر مان ”دعوت اسلام“ ڊاڪٽر محمد يامين ڪڍي. حيدرآباد مان ”حيدرآباد گزيٽ“ به نڪتي جيڪا پوءِ به نڪرندي رهي ۽ هينئر به بمبئي مان نڪرندي رهي آهي. ازانسواءِ هفتيوار اخبار ”پيسا“ به شڪارپور مان جاري ٿي. هن جي مالڪ ۽ هلائيندڙ جو نالو دولترام رهيجا هو جيڪو مشهور کنڊ جو واپاري هو.

1929ع ۾ 12 جولاءِ تي، مسٽر ڀوڄرام موٽومل (1) ”ڀارت“ نالي اخبار جاري ڪئي ۽ الوحيد مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ٻيراڻيءَ مان ”الامان سنڌ“ ۽ ٻين هنڌن تان ”پرتاب“، ”تيبح“ ۽ ”سکر گزيٽ“ به نڪرنديون هيون. مشهور شاعر علامه غلام احمد ”نظامي“ دره حيدري“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هو.

ساڳئي وقت ٻه هفتيوار اخبارون ”چوڏس“(2) ۽ پيغام جاري ٿيون. ”چوڏس“ آکاڻين جي اخبار هئي جيڪا ڪراچي مان مسٽر آسودومل اڌارام ماکيجي ڪڍندو هو. هن رسالي ۾ هندو توڙي مسلمان لکندا هئا. جن ۾ دين چند جيسارام کتري، لڇيرام بکاڻي، ڪرن، گورڌن شرما، درگداس شهاڻي، کيمچند مهتاڻي، جڳت ڀاٽيا، حبيب الله ڀٽو ۽ محمد يوسف ”مجرم“ شامل هئا. رسالي ۾ افسانا، شاعري ۽ مختصر خبرون ڇپبيون هيون.

”پيغام“ هڪ ڪتابچي جو نالو هو جيڪو مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي ان وقت شايع ڪندو هو، جڏهن انگريز جي منافقانه پاليسي سبب ڪٽر ۽ معتصب هندو، مسلم جماعتن پاران غيرمهذب ۽ سخت رويي اختيار ڪرڻ سبب، ان ويهاريل هندستان اندر هندو-مسلم ڪشيدگي منهن ڪڍيو هو. ان خطرناڪ حالت جي مقابلي ڪرڻ لاءِ، هن پمفليٽ ۽ قوم پرست ليکڪن جا ليک پوڻ لڳا جنهن جي ذريعي سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ چڱن پاڙيسرين واري زندگي گذارڻ جي تلقين ڪيل هوندي هئي. هي رسالو شڪارپور مان نڪرندو هو. (3)

ساڳئي سال، مشهور ٿياسافسٽ، عالم ۽ صحافي، مسٽر ڄيٺمل پرسرام(1) ”پرڪاش“ اخبار جاري ڪئي جنهن جي 23 آڪٽوبر 1929ع واري اشاعت ۾ هڪ مزيدار ناٽڪ ”زماني جي لهر“ تي راءِ زني ڪئي وئي هئي. ان مان ظاهر آهي ته اخبار ادبي خدمت ۾ به مشغول هئي.

غالباً ان ئي زماني ۾، ستاره منڊل پاران هڪ ماهوار ”مخزن ستاره“ جي نالي نڪتي هئي. اها مخزن سنڌيءَ کانسواءِ ٻين ڪيترين زبانن ۾ جهڙوڪ انگريزي، فرينچ، اسپينش، ناريوجن، پولش، روسي، اقالين، ڊئش ۽ ڪيترين هندستاني زبانن ۾ به نڪرندي هئي. هي رسالو جيئن ته ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ سان وابسته هو، تنهن ڪري منجهس برهم وديا، ويدانت، تصوف، اخلاق، تعليم ۽ سائنس تي مضامين هوندا هئا، سندس مواد نثر توڙي نظم تي مبني هوندو هو اڪثر ڪري نظم ڪرشنا مورتيءَ جو ترجمو ڪري ڏنو ويندو هو جيڪو اصل ”ستاره“ جي مرڪزي ايڊيٽوريل بورڊ جو صدر هوندو هو. هن رسالي جي شاعري ذري گهٽ آزاد نظم هوندي هئي. سنڌي ايڊيٽوريل بورڊ جو صدر، ڪراچي جو مشهور سماجي ڪارڪن ۽ رحمدل نيڪ مرد جمشيد مهتا هوندو هو.

”هدايت الاخوان“ نالي هڪ ماهوار رسالو، پير مظهرالدين شاهه راشدي (1276- 1318) ڌاري درگاهه ٺلاهه شريف (لڳ باقراڻي) ضلعي لاڙڪاڻه، مان جاري ڪيو ويو. هيءُ رسالو سال کن هليو. پير مظهر هي رسالو پنهنجي ئي پريس مان ڇپائيندو هو ۽ ان ۾ گهڻو ڪري پير صاحب پنهنجا مضامين تصوف، مذهب، طب ۽ سياست تي پيو ڇپيندو هو. انهن مختلف عنوانن مان ئي ظاهر آهي ته پر مظهرالدين شاهه راشدي وسيع مطالعو رکندڙ بزرگ هو. ساڳئي نالي سان رسالو مرحوم صاحب ڏنو ڳاڙهي موري مان ڪڍيو هو. شايد ان ئي زماني ۾، شڪارپور مان، مسٽر هندوراج هڪ هفتيوار اخبار ”همدرد“ جاري ڪئي هئي.

1930ع ۾، مسٽر عبدالرحيم ”آزاد“، سکر مان هڪ رسالو ”المنار“ نالي جاري ڪيو جو شروع ۾ ماهوار هو ۽ بعد ۾ هفتيوار ٿيو. ان زماني ۾، ٽنڊي محمد خان مان هڪ اخبار ”همدرد“ نڪتي ۽ سلطان ڪوٽ مان مولانا صاحبداد ماهوار ”الاسلام“ جاري ڪيو. لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”عالمگير“ (1) جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر غلام علي قريشي هو. ساڳئي سال، مشهور ڪهاڻي نويس، امر لعل هنڱوراڻيءَ هڪ مخزن ”ڦلواڙي“ جي نالي سان جاري ڪئي جنهن ۾ ننڍا ناٽڪ ڇپيا ويندا هئا. ”ڦلواڙي“ ۾ آسانند مامتورا ج ”اَما ۽ وناويڪ“، منگهارام ملڪاڻيءَ جو ”پاپ جو ڪيتو“ ۽ محمد حنيف صديقيءَ جو ”شريڪا جو پيش پوڻ“ ناٽڪ ڇپيا هئا. ان ئي سال، مولوي خير محمد نظاماڻيءَ ڪراچي مان، ماهوار ”طالب العلم“ جامعه يتيم خانه، عبدالله هارون جي سرپرستيءَ ۾ ڪڍيو جيڪو 6 مهينا کن هليو هڪ روزانه اخبار ”سنڌ شيوڪ“ (2)ڪڍي وئي. اخبار حيدرآباد مان تولارام ٻالاڻيءَ جاري ڪئي هئي.

1931ع ۾، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، حيدرآباد مان، ”گلزار“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هو ۽ لڳ ڀڳ ان عرصي ۾، ساڳئي ميمڻ مرحوم جي ڪوششن سان، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي سالياني اجتماع کانپوءِ، ”ادبي تحفو“ ڪڍيو ويو، جيڪو هر سال اهڙي موقعي کانپوءِ ڇپيو ويندو هو جنهن ۾ ڪوٺايل مشاعري ۽ طرح جي سٽا تي موڪليل اشعار ڇاپيندا ويندا هئا پر نثر جا بهترين مقالا شايع ٿيندا رهندا هئا. واقعي اهو رسالو ”نثر ۽ نظم جو بهار“ هو جو ان تي نالو رکيو ويو هو. اپريل 1931ع ڌاري، ڪراچي مان ڪانگريسي نوجوان سيٺ شونداس هفتيوار ”آزاد“ جاري ڪئي جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر مددگار ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. اخبار قومي خيالن جي هئي. ساڳئي سال 12 آڪٽوبر تي، شڪارپور مان هڪ ٻي روزانه اخبار ”قرباني“(3) جاري ڪئي وئي هيءَ اخبار شروع ۾ ڪانگريسي خيالن جي پبلسٽي ڪندي هئي ۽ مشهور اخبار نويس خاندان ويرومل بيگراج وارن جي هئي. سندس فرزند رامچند سنڀاليندو هو. جنهن کان بعد ۾“ جناب جي- ايم سيد خريد ڪئي هئي ۽ ڪراچيءَ مان نڪرڻ لڳي هئي. هيءَ اخبار مهاتما گانڌيءَ جي ڄمڻ واري ڏينهن تي جاري ڪئي وئي هئي ۽ 1945ع تائين نهايت باقاعدگي سان نڪرندي رهي. 1935ع ۾ جڏهن رامچند کي جيل اماڻيو ويو تڏهن سندس پٽ هيرا لعل ان جو ايڊيٽر ٿيو هو 1937ع کان 1939ع تائين اخبار ڪراچي مان نڪتي. ان وقت سندس ايڊيٽر ايم- آر- مائيراساڻي هو. ان کان پوءِ اخبار وري واپس شڪارپور آئي جتان، ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي 1945ع ۾وري ڪراچي منتقل ٿي جتي جي-ايم سيد سندس مالڪ ٿيو ۽ مولوي خير محمد نظاماڻي ايڊيٽر ٿيس. ڪجهه عرصي کانپوءِ پير علي محمد راشدي سنڀاليس. پير صاحب جي مشهور تصنيف ”فرياد سنڌ“ پهريائين هن اخبار ۾ قسطوار ڇپيو هو. کهڙي وزارت جي دور ۾، اخبار کي ضبط ڪيو ويو، ڇوته ان ۾ مسلم ليگ ۽ ان جي ليڊرن خلاف سخت تنقيد وارا ايڊيٽوريل ايندا هئا. ان جي ايڊيٽرن ۾ حافظ اوحدي، مير محمد شاهه ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي به شامل آهن. اخبار ”قرباني“ خاصي اهم رهي آهي. افسوس جو ان جي شروعاتي دور جو رڪارڊ نه ٿو ملي جنهن ڪري اخبار جي ادارتي افاديت ۽ خبرن جي سٽا بابت ڪا راءِ زني نه ٿي ڪري سگهجي. پر بعد واري عرصي جا ڪي اداريه به مليا آهن. اسان هتي ان اخبار جي 7 مارچ 1946ع جي اشاعت واري ايڊيٽوريل جا ڪي اقتباسات ڏيون ٿا، جنهن تاريخ تي، مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي، اخبار جي ايڊيٽري سنڀالي هئي ۽ پنهنجي نين ذميدارن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو. اخبار جناب جي-ايم- سيد جي ٿي چڪي هئي. هن اداريه مان اخبار قرباني ۾ سندس نئين ايڊيٽر جي ادارتي پاليسيءَ ۽ پروگرام تي روشني پوي ٿي ۽ مرحوم چشتي جا صحافت جي باري ۾ ڪهڙا رايا هئا، ان جي به آگاهي ٿئي ٿي. ان مذڪور اداريه جو عنوان هو ”عرض حال“.

”قرباني جي پاليسي ۽ پروگرام“

”آزاد“ اخبار جي ايڊيٽري ڇڏڻ کانپوءِ مون نه ٿي ڀانيو ته وري دوباره ڪنهن اخبار جي ايڊيٽري جي جوابداري جو بار کڻڻو پوندو. اخبار ملڪ ۽ قوم جي زندگي ۾ وڏي اهميت رکندڙ شئي آهي. ايڊيٽر ملڪ ۽ قوم کي فائدو به وڏو پهچائي سگهي ٿو ته سندس قلم قوم لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ هاڃيڪار ۽ نقصان رسان به ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۽ قوم کي بلنداخلاق، اعليٰ تخيل ۽ بهترين مذاق طرف به رسائي سگهي ٿو، ته ملڪ ۽ قوم جي ذهنيت کي خراب ڪرڻ جو باعث به ٿي سگهي ٿو.

 

آءُ پاڪ پروردگار کي حاضر ناظر ڄاڻي گذارش ڪري رهيو آهيان ته منهنجي عقيدي ۾ ايڊيٽري اخبار جي جيڪڏهن صحيح پاڪيزه بنياد تي ڪئي وڃي ته ملڪ ۽ قوم جي وڏي خدمت آهي. انهيءَ ئي مدنظر تي، مون باوجود هن جي ته طبيعت آزاد رهڻ ۽ علمي مشغولي ۾ هجڻ چاهيندي آهي، اخبار ”قرباني“ جو ايڊيٽر ٿيڻ قبول ڪيو آهي. اميد ته ڌڻي سڳورو مون کي سگهه بخشيندو ۽ سندس رهبري ۽ نظر عنايت سان آئون سنڌ ۽ عام ڀائرن جي مدد ڪري سگهندس. صبحاڻي کان وٺي منهنجي ايڊيٽري هيٺ، ”قرباني“ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي رهندي.“

 

اخبار جي پاليسي ۽ مقاصد بيان ڪندي، مولانا چشتي مکيه طرح اٺ ضرورتون بيان ڪيون. انهن مان ڪي هي هيون:

قرباني سنڌ جي مسلمانن ۾ صحيح ۽ نج اسلامي تعليم جو پيغام پهچائيندي. اسلام جي امن ۽ سلامتي قائم ڪندڙ فرمودن کي سندن اڳيان رکندي.

عام پبلڪ ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم لاءِ قربان ٿيڻ جو جذبو جاڳائڻ، قرباني جو اهم مقصد رهندو.

قرباني سنڌ مان نفرت ۽ تعصب جي پيدا ٿيل فضا (وايو منڊل) کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندي، سنڌ جي رهواسين ۾ هندو- مسلم اتحاد ۽ هڪٻئي سان قرب ۽ سهڻي سلوڪ رکڻ جي تبليغ ڪندي.

قرباني سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جي هر جائز مدد ڪرڻ ۽ سندن واجبي حقن جي حمايت ڪرڻ پنهنجو فرض تصور ڪندي رهندي.

 قرباني ملڪ جي ترقي پسند ۽ آزاديءَ جي علمبردار جماعتن جي نيڪ ڪوششن جي تائيد ڪندي رهندي ۽ ساڳئي وقت رجعت پسند ۽ سامراج کي مضبوط ڪندڙ جماعتن جي قابل اعتراض پاليسي ۽ ڪارگذارين جي برخلاف جهاد ڪندي رهندي.“

آخر ۾ چيائين: 

”مون کي اميد آهي ته سنڌ جا سڄڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جا سچا خادم هندو توڙي مسلمان بزرگ ۽ ڀائر مون سان مدد ڪندا رهندا.“

 

انهيءَ سال، حيدرآباد مان، هڪ ٻيو ماهوار رسالو ”آريه وير“ جاري ٿيو جنهن جو ڪڍندڙ مسٽر ٽهلرام آئلداس هو. هيءُ رسالو ”شڌي“ ۽ هندو ”سنگٺن“ (1) تحريڪ جي پيداوار ۽ آريه سماج هندن جي تبليغي نوعيت جو هو. رسالي جي نالي هيٺان ”سڄي سنسار کي آريه بڻايو“ جو نعرو لکليل هوندو هو.

1932ع ۾ ئي هڪ ماهوار ادبي رسالو ”سنڌو“(1) نالي سان شڪارپور مان، مسٽر بولچند راجپال جاري ڪيو جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ، ميان جي ڳوٺ ڏانهن منتقل ٿيو ۽ وري سال 1935ع دوران جيڪب آباد مان نڪرڻ لڳو. هڪ سال کان پوءِ، ساڳيو رسالو وري شڪارپور نيو ويو ۽ ماڌوداس شوالومل ايڊيٽر ٿيس. هن رسالي جيڪي علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، سي وسارڻ جون نه آهن. هن ڪيترا نوان ليکڪ پيدا ڪيا ۽ اڀاريا ۽ متعدد شاعرن ۽ ادبين کي لکڻ جي واٽ ۾ پڪو پختو ڪيو. وڏي ڳالهه ته هندو توڙي مسلمان، چوٽيءَ جا اديب ۽ شاعر هڪ جهڙي چاهه سان ان ۾ لکندا هئا ۽ اهو پڙهندا هئا.

 

هي رسالو پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندو رهيو. مرحوم پروفيسر احسان احمد بدوي مطابق، هن رسالي لڳاتار پندرنهن سال جا سنڌي زبان جي خدمت ڪئي آهي، سا سنڌ وارن جي دلين تان ڪڏهن به ڀلجي نه ٿي سگهي. مسٽر بولچند کانپوءِ، جيڪو نوجوان ماڌو داس رسالي جو ايڊيٽر بڻيو، تنهن پنهنجي سياسي لاڙي سبب، هن خاص ادبي رسالي کي ڪانگريسي سياست ڏانهن گهلي ويو. ان ڪري ان جي ادبي حيثيت متاثر ٿي. هي رسالو 52 صفحن تي مشتمل، سهڻي سائيز ۾، اوچي پني تي، تصويرن سان نڪرندو هو. هن ۾ گهڻي جاذبيت هئي.

 

پروفيسر ملڪاڻيءَ موجب، هيءَ علمي مخزن رامانند چئڙجي جي ڪلڪتي مان نڪرندڙ نامور انگريزي مخزن ”ماڊرن رويو“ جي اصولن ۽ شڪل شبيهه تي، باوجود انيڪ مشڪلاتن جي جاري رهي. ادبي مضمونن کانسواءِ، هن مخزن قومي ميدان ۾ به خدمت ڪئي ۽ سندس 1946ع وارو ”نئين سنڌ“ نمبر ياد رهندو. رسالي ۾ مزاحيه ڪالم ”چرچن جي چٽڻي“ باقاعدگيءَ سان پوندو هو جنهن جو لکندڙ منوهرداس ڪوڙومل هوندو ۽ سندس هيءَ لکڻيءَ عام مقبوليت واري درجي تي پهتي هئي.

 

ساڳئي سال، ڀوڄرام لوڪومل واڌواڻي“ سيپٽمبر مهيني دوران، ”پريم“ نالي هڪ ماهوار چوپڙي سائيز رسالو شروع ڪيو. رسالي جي نالي هيٺان، هيءَ رباعي هميشه يادگار رهندي.

پريم جي چالي نرالي چال هر ڪنهن کان جدا

وير، ساڙي، حسد ٻيائي کان سواءِ آهي صفا

ترڪ تعصب کي ڪري پوءِ پريم جو پرڪاش پس

ڏس اکيون کولي ته آهي پريم ئي پر ماتما....!

هن رسالي ۾، مضمون، شاعري، ڪهاڻيون، وچن ۽ ٻيو ويدانتي ادب شايع ڪيو ويندو هو. نظم واري حصي ۾، لڇمڻ داس، ”سائل“ ماستر خانچند ڪار کوڙائي، رگهومل جيوترام؛ ايم- شيوڪرام، ”مستانو“ جي- ايل- ڀاٽيا جهڙن هندو شاعرن جو ڪلام ڇپبو هو. نثر واري حصي ۾، پروفيسر نوٽاڻي ڪشچند، اڌارام ريواچند گلراجاڻي، ماستر راڄومل بيکارام، ڀڳتراءِ ايسرداس، ڪرم چند هنڱوراڻي، ماستر گنومل ۽ مهاراج ٽوپڻ مل شرما لکندا هئا. رسالو حيدرآباد مان نڪرندو هو.

 

ان ساڳئي سال، مشهور معروف هاري اڳواڻ مرحوم حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد مان، هفتيوار اخبار ”هاري حقدار“ جي نالي سان ڪڍي جيڪا هارين نارين جي حقن ۽ وڏيرن ۽ سندن سرڪار جي زيادتين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وقف ڪيل هئي.

1933ع (1) ۾ جيڪب آباد مان، مرحوم نبي بخش سرڪي هفتيوار اتحاد (2) جاري ڪئي جيڪا هن وقت به نڪري رهي آهي. نبي بخش مرحوم اهو ئي صاحب آهي جو تحريڪ خلافت واري دور ۾ الوحيد جي ايڊيٽري به ڪجهه عرصي لاءِ سنڀالي هئي. هن دلير صحافي آزادي جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان جي صلي ۾ قيدوبند جون سختيون سٺيون هيون. بعد ۾ حصول پاڪستان جي جدوجهد ۾ به ڀرپور حصو ورتو آهي.......“(1)

 

ساڳئي سال، نوابشاهه مان، 16 صفحن تي مشتمل هفتيوار ”هند سماچار“، جيوترام طوطلداس ڏامواڻي ڪڍي. ان ئي سال دوران، مرحوم مولانا قاضي عبدالرزاق ڪراچي مان، ماهوار رسالو ”ڪاميابي“ جاري ڪيو هو ۽ شڪارپور مان فقير ممتاز علي هفتيوار ”صداقت“ ڪڍي جڏهن ته شيوڪ ڀوڄراج ماهوار رسالو ”گلشن ڪڍيو“ هن رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ تي ڀاورتي گدواڻي ۽ لعل چند امر ڏنو مل لکيا هئا. هيءُ پهريون رسالو هو جنهن جي ذريعي ٻارن جي شخصيت ۽ ڪردار متعلق شعور پيدا ڪرڻ لاءِ منظم ڪوشش ڪئي وئي هئي. رسالو ڪراچي مان نڪتو هو.

ازانسواءِ، جناب مولوي خير محمد نظاماڻي، ڪراچي مان هفتيوار ”بيداري“ (2) جاري ڪئي، جنهن جو پرنٽر مشهور بزرگ صحافي مرحوم شيخ عبدالعزيز سکر وارو هو. هن هفتيوار اخبار جي پهرين اداريه جو عنوان هو ”عشق جي ابتدا“ ۽ شاهه ڀٽائي رحه جو هي بيت ان جي زينت بڻيو هو، ”ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري.......“ هي رسالو سال کن هليو ۽ ان عرصي ۾ ان ۾ وڏي پائي جا علمي مضمون ۽ ادبي تنقيدون ڇپبيون هيون. جيڪي ”پارکو“ جي نالي سان مرحوم شيخ عبدالله ”عبد“ لکندو هو. ان جي ايڊيٽر محترم مولوي خير محمد نظاماڻي جي سندس الفاظ ۾ ” ان وقت خلافت ختم ٿيڻ سبب، مسلمانن جو هڪ مرڪز وڃائجي چڪو هو تنهن ڪري ترقي ڪرڻ ته درڪنار، سندن سامهون اهم مسئلو زنده رهڻ جو هو. ان جذبي هيٺ، آءُ صحافت طرف لڙيو هوس. مقصد مسلمانن کي سجاڳ ڪرڻ هو ۽ پنهنجي شاندار ۽ تابناڪ ماضيءَ ڏانهن توجهه ڇڪائڻو هو.“ نظاماڻي صاحب جي لکڻي غضب جي هئي ۽ ٿوريئي عرصي ۾، جوشيلي ليڪن مدلل عبارت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيائين. سندس هڪ مضمون ڏسي ان وقت جو ڪهنه مشق صحافي، مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي چيو هو ته ”جيڪڏهن اهي ترجمو نه آهي ۽ طبع زاد لکڻي آهي ته خير محمد يقينن اڳتي هلي نالو ڪڍندو.“ اها پيشن گوئي واقعي صحيح ثابت ٿي ۽ خير محمد نظاماڻي پنهنجي دور ۾ قلمي قوت جو غيرمعمولي مظاهرو ڪيو.

        1934ع ۾، پير علي محمد راشدي، جناب نبي بخش خان ڀٽي جي سرمائي سان، خاص اليڪشني هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ، سکر مان، ”هفتيوار ستاره سنڌ“ (1) جاري ڪئي ۽ شيخ عزيز مطابق، ساڳئي سال، هن ڪراچي مان روزانه اخبار  ”صبح سنڌ“ (2) ڪڍي جيڪا 1938ع تائين هلي. حافظ اوحدي مطابق، ”ستاره سنڌ“ به روزانه اخبار هئي. مرڪزي اسيمبليءَ جي سنڌ لاءِ ٽن سيٽن تي جڏهن لٺ لڳي، ان کان ٿورو وقت اڳ، خانبهادر محمد ايوب کهڙي راشدي صاحب کي ”سنڌ زميندرا“ تان هٽائي ڇڏيو. پير صاحب، اتان نڪري وڃي ڀٽن سان مليو. کيس اخبار هلائڻ لاءِ پريس به کولي ڏني وئي. اليڪشني پروپيگنڊا تي مشتمل هجڻ جي باوجود، هن اخبار جا مضمون وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا هئا. جيستائين سياسي فهم، شعور ۽ اليڪشن مهم کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ جي رنگ ڍنگ ۽ پروپيگنڊا جي هٿيار کي موقعي تي استعمال ڪرڻ جو واسطو آهي، هيءَ اخبار پنهنجي همعصر ۽ حريف اخبارن کان گهڻو اڳتي وڌي وئي هئي (1) اخبار مختلف موقعن تي نمبر به ڪڍيا جن ۾ ”عورت نمبر ۽ ”بهار نمبر“ مشهور آهن. ان اليڪشن جو احوال خود پير علي محمد راشدي کان ٻڌو:

”ان کان پوءِ، ستت ئي سينٽرل اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. ٻن جاين تي ٽي اميدوار بيٺل سر عبدالله هارون مرحوم، شيخ عبدالمجيد صاحب سنڌي ۽ نبي بخش خان ڀٽو. ساريءَ سنڌ کي ووٽ ڏيڻا هئا. عبدالله هارون اڳ ۾ ئي ميمبر رهندو آيو هو، تنهن ڪري سندس لڳ لاڳاپا ورڪر ۽ ايجنٽ موجود هئا. شيخ عبدالمجيد صاحب جي هٿ ۾، ”الوحيد اخبار“ جا سنڌ جي مسلمانن جي تنها روزاني اخبار هئي ۽ خلافت تحريڪ جي ڏينهن کان وٺي، هلندي ٿي آئي. خاطو ۽ مددگار جن کي ”الوحيدي ٽولو“ سڏيو ويندو هو، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيا پيا هئا. ٽي چار مهينا ورڪ هليو، پنهنجي وس پڄندي ڪنهن به اميدوار ڪونه گهٽايو. آخر نبي بخش خان پهرئين نمبر ۾، ۽ سر عبدالله هارون ٻئي نمبر ۾ ڪامياب آيو. شيخ عبدالمجيد صاحب هارايو، شيخ صاحب بعد ۾ اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي جا پڻ رد ٿي. (2)

 

ساڳئي سال، لاڙڪاڻي مان، هڪ ماهوار فلمي رسالو ”ستما سماچار“ نالي جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ٽي- ڊي- سياڻي ۽ جوائنٽ ايڊيٽر بي- بي موٽواڻي هئا. ان ئي سال، لاڙڪاڻه جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول، هڪ ساليانه مخزن ”لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول مسلني“ جي نالي سان شروع ڪئي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ ٻين ليڪکن توڙي شاعرن جون تخليقون ڇپبيون هيون. ان جي پهرين پرچي جا ليکڪ هري ”دلگير“، ”بيوس“ ڪرمچند هنڱوراڻي، راءِ پرتا براءِ، عبدالرحيم، موتي- ايس واسواڻي، جشن  بي- آر- لاهوري ۽ پرڀو ڇڳاڻي هئا. ان ئي زماني ۾، مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي ”مرغ فلڪ“ اخبار جاري ڪئي. ان کان اڳ، ”طيراً ابابيل“ جي قراني نالي سان هڪ اخبار ڪڍي هئائين. ان سال مرحوم شيخ عبدالمجيد حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ”نومسلم“ جاري ڪئي ۽ پڻ ميرپورخاص مان حاجي محمود هالائي ”همدرد“ ڪڍي. ان دور ۾ ٻه ٻيون هفتيوار اخبارون ”فتح“ ۽ ”چاند“ حيدرآباد مان نڪرنديون هيون جن جا ايڊيٽر مرچو مل ۽ هريرام تولارام هئا. هنن اخبارن ۾ فرقيوارانه مواد گهڻي انداز ۾ پوندو هو. ان ساڳئي سال ڪراچي مان، ”ڪراچي رابندرناٿ ڊراماٽڪ ڪلب“ پارنا، سنڌي انگريزي ۾ ساليانه شڪل ۾ ”انڊس“ رسالو جاري ٿيو هو. ان جو ايڊيٽر، سنڌي زبان جو مشهور عالم ۽ اديب پروفيسر منگهارام، اڌارام ملڪاڻي هو. ان جي لکندڙن ۾، ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل مهرچند اڏواڻي، ليکراج ”عزيز“، آسانند ماموترا، هيرانند آڏواڻي، پرڀداس ڀيرومل ۽ پروفيسر ڪرشن ڪرپلاڻي شامل هئا.

ان عرصي ۾، ”تتوگيان“ نالي هڪ ماهوار انتخاب (ڳٽڪو) رسالي جي شڪل ۾، ”شري ويدانت پرڪاشڪ منڊل“ پاران شايع ٿيو. جنهن ۾ سوامي رات تيرٿ جا وياکياڻ ۽ ويدانت تي کليل مضمون ۽ شعر پوندا هئا. هن منڊل جون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هيڊ آفيسون هونديون هيون ۽ لاڙڪاڻه، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ شهداپور ۾ شاخون هيون. 

ڪن جو چوڻ آهي ته ”صبح سنڌ“ اخبار 1936ع ۾ جاري ٿي هئي ۽ نه 1934ع ۾. هيءَ اخبار ”اتحاد پارٽي“ جي ترجمان هئي. انهي پارٽيءَ کي عوام ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ چونڊن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ، 1937ع واري اليڪشن دوران ماڻهن ۾ ورهائي ويندي هئي. سندس سمورا رنگ ڍنگ ”ستاره سنڌ“ جهڙا هوندا هئا. ان وقت ڪراچي مان، علاوءالدين سمي مرحوم هفتيوار اخبار ”حريت“ جي نالي سان ڪڍي ۽ ٻيا رسالا جهڙوڪ ”انتي“، ”ٻالڪ“، ”پوشيده خزانو“، ۽ ”رتن“ جاري ٿيا. ”ٻالڪ“ جو ايڊيٽر عبدالله عباسي هو ۽ سب ايڊيٽر ڀگوان داس رنگاڻي هو. رسالو ٻارن لاءِ وقف ٿيل هو ۽ 1930ع ۾ بند ٿي ويو. ”پوشيده خزانو“ اخبار جي شڪل ۾، ڪراچي مان نڪتو ۽ ان جو ايڊيٽر مهاراج نارائنداس بصرمل شرما هو. ان رسالي ۾ آکاڻيون، مضمون ۽ شعر ڇپبا هئا. مرڪزي مقصد هندو مناسب جي تبليغ ۽ اسلام جي مخالفت هو.

ساڳئي سال سيٽپمبر کان ”رتن ساهيته منڊل“ پاران ماهوار رسالو ”رتن“ جاري ڪيو ويو جنهن جو ايديٽر پارومل ڪيول راماڻي هو. هن رسالي ذريعي سنڌي ادب جي چڱي خدمت ٿي. ان ۾ قسطوار ناول ۽ ناٽڪ ڏنا ويندا هئا. 1944ع ۾ ”آئرلينڊ جي آزادي جون آکاڻيون“ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو جنهن تي حڪومت ايڊيٽر کان هڪ هزار رپيا ضمانت طور ڊپازٽ رکرايو. هن رسالي ۾ ان وقت جي هر مشهور اديب ۽ شاعر لکيو. هن تي سال، 28 جون کان، ”هندو“ اخبار ڪراچي کان نڪرڻ لڳي ان کان اڳ حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي.

1935ع ۾، ڪراچي مان ماهوار ”مکڙي“ نڪتو جنهن جو ايڊيٽر صوڀراج- ايس واڌواڻي ۽ سب ايڊيٽر منگهارام- ٽي- تلسياڻي هو. ساڳئي وقت، ٽوپڻ داس- ٽي- کيمواڻي ماهوار رسالو ”موتين جو هار“ ۽ آغا بدرالدين مرحوم جي سرپرستيءَ ۾ هفتيوار ”پيغام صلح“ (1) جاري ٿيا. آغا بدرالدين دراني ڳڙهي ياسين مان ”آشيانه ادب“ نالي هڪ رسالو پڻ ڪڍيو.

ساڳئي سال، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي شعرن جي انتخاب جي شڪل ۾ ”بهار اخلاق“ هڪ رسالو شايع ڪيو جيڪو پنهنجي جدت خيالي، سادگي ۽ رواني سبب ڏاڍو مقبول ٿيو. ان بابت، مرحوم سيوهاڻي پاڻ لکيو ته ”........آءُ مناسب بلڪه ضروري ٿو سمجهان ته اسڪولن ۾ پڙهندڙن سمجهدار شاگردن لاءِ ڪو اهڙو شعر ۽ ڪلام پيش ڪجي جو وقت جي ضرورتن مطابق هجي جنهن ۾ قادر جي قدرت ۽ حب وطن، ملڪي خدمت ۽ قومي محبت جا جذبا ڀريل هجن، مگر انهي هوندي خالي خشڪ به نه هجي. منجهس گل جو ناز ۽ بلبل جو نياز، شمع جو سوز ۽ پرواني جو گداز، راز جي طروت ۽ بهار جي تازگي به هجي، جنهن ۾ دنيا جي ابر ڦير ۽ سردي گرمي، لاه چاڙهه ۽ هيٺ مٿ جا

فلسفا ۽ حڪومتون به هجن.....”قادر جي قدرت واري سري هيٺ  چند بند پڙهڻ ۽ هنڊائڻ جهڙا آهن.

”تنهنجي حسن تي هندو حيران آهن، تولئه پارسي پڻ پريشان آهن،

يهودي نصارا به نالان آهن، تو تان مسلمان قربان آهن.

 

تون مولا مڙين جو ۽ تون سڀ جو سائين

تو سونهي جو ڪجهه پاڻ کي تون سڏائين.“

ان ئي سال، مولوي خير محمد نظاماڻي حيدرآباد مان پندرنهن روزه ”خادم السلام“ (1) جاري ڪئي جيڪو ستت ئي ميرپورخاص مان هفتيوار شڪل ۾ نڪرڻ لڳو.

1936ع ۾ ڪراچي مان، مرحوم فتح محمد سيوهاڻي سه روزه اخبار ”اصلاح“ (2) جاري ڪئي جنهن جو نائب ايڊيٽر مرحوم شيخ عبدالله ”عبد“ هوندو هو. ان اخبار ۾ حڪيم علي انور، مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ حافظ خير محمد اوحدي، ٿوري ٿوري عرصي لاءِ ادارت جو ڪم هلايو. حڪيم صاحب کان اها اخبار مرحوم پير الاهي بخش خريد ڪئي هئي ۽ هن کي روزانه بڻايو ويو هو. ان کان پوءِ، ان جو ذمو اوحدي صاحب تي رکيو ويو. اهو ٿورو احوال خود اوحدي صاحب کان ٻڌون ٿا:

 

”اهو انتهائي نازڪ دور هو، بلڪه ان کي سنڌ جي سياسي تاريخ جو تاريڪ ترين دور سڏجي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو. سنڌ جي پهرين گورنر انگريز جي مهربانيءَ سان سنڌ خانه جنگيءَ جي عذاب ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي. سنڌ جا سياستدان پنهنجون سموريون صلاحيتون سنڌ جي تعمير ۽ ترقي تي صرف ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي پاڙ پٽڻ ۾ صرف ڪري رهيا هئا، ۽ سياست جي نالي ۾ عياري ۽ مڪاريءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي پنهنجي ساسي استادن (انگريزن) کان به گوءِ کڻي ويا هئا، سازش ۽ سوديبازين جو زور هو.......“

 

”روزانه اصلاح انهيءَ دور ۾ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو جو هڪ حق گو، حق پرست ۽ ملڪ ۽ ملت جي بهي خواه اخبار کي ادا ڪرڻ گهربو هو. اصلاح اقتدار جي انهن بکين سياستدانن جو هڪ هڪ قدم تي مردانه مقابلو ڪيو. هنن جي سازشين ۽ سوديبازين کان مسلم عوام کي آگاهه ڪيائين. هنن دنيا کي دوکي ڏيڻ لاءِ مذهب جو جيڪو جبو پهريو هو، ان جي تاڃي پيٽو تار تار ڪري ڇڏيائين. هڪ ”رسوائي زمانه دستاويز“ جنهن جي ذريعي هنن عارضي اقتدار حاصل ڪيو ۽ لکها مسلمانن جي قسمتن کي سربازار نيلام ڪيائون، ان جون ٿڳڙيون اڏائي ڇڏيائين ۽ ان تي عمل درآمد کي روڪڻ لاءِ عام راءِ جي تائيد ۽ حمايت حاصل ڪري، سنڌ جي گوشي گوشي مان مٿن بي پناهه ملامتن جون بارشون برسايائين. هنن جي پٺڀرائي ڪندڙ اخبارن جو ناطقو بند ڪيائين ۽ هنن جي مساون ۽ مددگار اخبار نويسن جي هٿن مان قلم ڪيرائي وڌائين.“ (1)

ان ئي سال جي آخر ۾، حيدرآباد مان، روزانه ”سنڌ ڊيلي نيوز“ جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر ٽي – ايل پنواڻي هو ساڳئي وقت اها اخبار ڪراچي مان به شايع ٿيڻ لڳي. ان جو هفتيوار پرچو 14 صفحن تي مشتمل هوندو هو.

 

ساڳئي سال، جيڪب آباد مان، حافظ اوحدي صاحب هڪ هفتيوار اخبار ”نعره تڪبير“ جاري ڪئي ۽ حيدرآباد مان ”الڪمال“ ۽ ڪوٽڙي مان هفتيوار ”مسلم ليگ“ جاري ٿيون. ”الڪمال“ جو جاري ڪندڙ ۽ ڇپائيندڙ حيدرآباد جو مشهور سماجي ۽ قومي ورڪر سيٺ ڪمال الدين ميمڻ هو ۽ ايڊيٽر جو نالو جي- ايم- ميمڻ هو.

 

انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي مان سه روزه ”ايڪتا“ اخبار جاري ٿي جنهن جو مرڪزي پيغام، جيئن نالي مان ئي ظاهر آهي، هندو مسلم اتحاد تي زور هو. ان جو ايڊيٽر هڪ هندو صحافي قسمت راءِ ڇڳاڻي هو جيڪو مرحوم پير الاهي بخش جو دوست هو. ان اخبار کي ڪجهه عرصي لاءِ حافظ اوحدي به هلايو. اوحدي صاحب ٻڌائي ٿو ته: ”پير صاحب جي صلاح سان مون ايڪتا کي سه روزه جي صورت ۾ نئين سر شايع ڪيو ۽ جيستائين اصلاح جي ضمانت جو حڪم منسوخ نه ٿيو تيستائين ان کي ايڊٽ ڪندو رهيس.“ اوحدي صاحب ان باري ۾ وڌيڪ ٻڌائي ٿو:

 

”اصلاح روزانه جي صورت ۾ 1939ع جي آخر ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽ 1941ع جي آخر ۾، بند ٿي وئي. انهيءَ عرصي ۾، هي خود ستاني نه آهي، پر حقيقت جو اظهار آهي ته هن جنهن بي باڪي، حق پسندي ۽ ثابت قدميءَ سان پنهنجا منصبي فرائض ادا ڪيا ان جو مثال موجوده دور جي سنڌي صحافت جي تاريخ اڄ تائين پيش ڪرڻ کان قاصر رهي آهي. جيئن سنڌ جي سياسي تاريخ انهيءَ پرآشوب دور جي تفصيلن بيان ڪرڻ کان سواءِ مڪمل ٿي نه سگهندي، تئين سنڌي صحافت جي تاريخ به روزانه اصلاح جي گرانقدر خدمتن جي تفصيلي ذڪر کانسواءِ مڪمل نه سمجهي ويندي. (1)

 

اوحدي صاحب، اصلاح کان علاوه، هڪ هفتيوار ”انقلاب“ (1) 1937ع ۾ جيڪب آباد مان ڪڍي ۽ ٻي هفتيوار ”مسلم ليگ“ جا صوبه سنڌ مسلم ليگ جي ترجماني ڪندي هئي. آخر اخبار ڪراچي مان 1938ع ۾ جاري ٿي ۽ 1939ع ۾ ختم ٿي وئي. هفتيوار ”مسلم ليگ“ جي بند ٿيڻ جو سبب به اوحدي صاحب کان ئي ٻڌو ته بهتر ٿيندو لکي ٿو:

 

”منهنجي ڇڏي اچڻ ۽ هن اخبار جي بند ٿيڻ جو اصلي سبب هو شيخ عبدالمجيد جي مخالفت، شيخ صاحب صوبه سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري به هو ۽ الوحيد جو مالڪ ۽ مختار به. سندس مرضي هئي ته سنڌ مسلم ليگ جي ترجماني جا فرائض الوحيد بجا آڻي، ڇاڪاڻ ته کيس انديشو هو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جي نشان ثاني جي انهيءَ دور ۾ تحريڪ خلافت وانگر محبت ۽ عقيدت جو جذبو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو، الوحيد کانسواءِ ڪنهن ٻي اخبار مسلم ليگ جي ترجماني جا فرائض آندا ته مسلمانن جو رخ الوحيد کان مٽجي انهي اخبار ڏينهن ٿي ويندو.“ (2)

 

1936ع ۾ ئي، هڪ ادبي هفتيوار مخزن ”باغبان“ جي نالي سان افسانن ۽ ناولن تي مشتمل هر آچر تي نڪرندي هئي. سندس ايڊيٽر ”وديارتي“ هو ۽ رسالي طرفان هي ٽن مينهن کان پوءِ پکا ڪڍيا ويندا هئا. جنهن مطابق، 50 ورهين جي رقم مان، پهريون انعام 15 رپيا، ٻيو انعام 10 رپيا ٽيون انعام 5 رپيا ڏنا ويندا هئا. باقي پئسن مان ٻارنهن نمبرن کي ملن. ساڳئي نموني لکندڙن کي به هر ٽئين مهيني ٻه انعام ڏنا ويندا هئا. مخزن چاليهه صفحن تي هوندي هئي ۽ ان انگريزي گجراتي، روسي ۽ هندي ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن جون تخليقون شايع ٿينديون هيون.

الوحيد 31 جنوري 1937ع واري اشاعت ۾ پڙهندي معلوم ٿيو ته ”اصلاح“ جي نالي سان هڪ ٻي هفتيوار ٿرپارڪر ضلعي جي ڪنهن شهر مان نڪرندي هئي جنهن جي خلاف الوحيد جي ساڳئي پرچي ۾ به مضمون ڇپيل هئا جن ۾ الزام هنيو ويو هو ته اها اخبار اصلاح کان وڌيڪ تخريب ڏي مائل آهي. انهيءَ عرصي دوران، قمبر مان هفتيوار، ”طوفان ميل“ (1) نڪتي هئي ۽ شهدادڪوٽ مان ماهوار رسالا ”الهمايون“ ۽ ”السلام“ جاري ٿيا هئا.

 

1937ع ۾ ڪراچي مان هڪ ماهوار جاسوسي ناولس اخبار جاري ٿي هئي جيڪا ”سنسار چڪر“ (ڪراچي) جي مشهور بوڪ سيلر ۽ پبلشر هوندراج پهلاج راءِ، مارچ مهيني کان ڪڍي هئي. هي رسالو اڪثر ڪري هر مهيني جي پنجين تاريخ تي باقاعدي سان شايع ٿيندو هو. رسالي جي نئين گراهڪ کي هڪ ناول ۽ هڪ ڊائري مفت ڏنا ويندا هئا. ازانسواءِ هر ڇهه ماهيءَ تي، خريدارن کي هڪ ناول مفت ڏنو ويندو هو. هر هڪ پرچي ۾ پنج پروليون ڏيندا هئا جنهن جي سلڻ تي ڏيڍ سو رپين جا ڪتاب انعام ۾ ڏنا ويندا هئا. هن رسالي ۾ ڪيترائي ناول شايع ٿيا.

 

1938ع ۾، سنڌ جي معروف ليکڪ سيد صدرالدين شاهه بخاري، 1 آڪٽوبر تي هفتيوار ”الجماعت“ جاري ڪئي جيڪا پير جهنڊي جي جماعت ”احياء السلام“ جي حمايتي ۽ ترجمان سمجهي ويندي هئي. ساڳئي سال، نوابشاهه مان هفتيوار ”لو ڀارت“ جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر سچانند ڦيرومل هو. 19 مئي 1938ع واري الوحيد جي پرچي ۾ ٻين ٻن اخبارن ۽ رسالن جو پتو پوي ٿو: هڪ هئي ”سنڌ مسلم“ جا نوابشاهه مان نڪرندي هئي ۽ ٻيو رسالو هو ”رهبر سنڌ“ (2) پروفيسر ملڪاڻي لکي ٿو ته 1938ع ڌاري پروفيسر نرملداس گربخشاڻي ”وديا“ نالي اخبار ڪڍندو هو. ساڳئي سال اخبار ”علم“ (3) ڪراچي مان پير الاهي بخش (ان وقت جو وزير تعليم) جاري ڪراچي جنهن جو مقصد سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻ هو ۽ لعل چند امرڏنيمل هفتيوار ”سنڌڙي“ (1) اخبار جاري ڪئي. ان ۾ علمي ۽ تنقيدي مضمون شايع ٿيندا هئا. پروفيسر ملڪاڻي مطابق 1939ع ۾ لعل چند امرڏنيمل پنهنجي ”سنڌڙي“ اخبار ۾ ”نئون پراڻو“ جي تخلص (يعني عنوان) هيٺ، ڊاڪٽر صاحب (دائودپوٽو مرحوم) کي سندس شعر (شاهه ڪريم جو ڪلام) ۽ اکري شناس لاءِ داد ڏنو هئائين ۽ ٽيڪا ٽپڻي به ڪئي هئائين. اسان کي هڪ ”هندستان“ اخبار جو هڪ صفحو هٿ آيو آهي جنهن تي تاريخ ”سومر 4 ڊسمبر 1938ع“ آهي. خبر نه ٿي پوي ته اها هفتيوار هئي يا ماهوار ان جي صفائي نه ٿي سگهي آهي جنهن جو اسان کي افسوس آهي.

1939ع ۾ ڪراچيءَ مان مولوي محمد شفيع ماهوار  ”مجاهد“  جاري ڪيو جو سال کن هليو.

1940ع ۾، ڀارت جيون ساهيته منڊل حيدرآباد، جي بانيءَ ڄيٺانند لعلواڻي جي زير ادارت هڪ ماهوار رسالو ”ڀارت جيون“ جاري ٿيو جنهن ۾ ان وقت جي مشهور مسلمان توڙي هندو ليکڪن ۽ شاعرن جون تخليقون ڇپبيون هيون. انهن ۾ مولائي شيدائي، دلدار حسين موسوي، علي محمد مري، اين- ٽي- واسواڻي“ ٺاڪر ڪرپلاڻي، هوندراج ”دکايل“، (2) گورڌن شرما، مسٽر اهوجا ”طائر“، رام پنجواڻي، نانڪ مير چنداڻي وغيرهه شامل هئا. ان جي 1944ع واري اشاعت ۾ ”آزادي انڪ“ هو جنهن ۾ روس جي آزاديءَ جي ڪهاڻي ۽ مختلف ملڪن جي قومي ترانن جو ترجمو ڏنو ويو هو. انهيءَ آزاديءَ نمبر تي ايڊيٽر کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 8 مهينا جيل ڀوڳڻو پيو هوس.

ساڳئي سال ڌاري، شڪارپور مان ”الجماعت“ جاري ٿي جنهن جو سرپرست ڀرچوندي شريف جو سجاده نشين پير عبدالرحمان هو ۽ ايڊيٽر سيد صدرالدين شاهه بخاري هو. 1945ع جي ابتدا ۾، بخاري صاحب سان سرور شاهه به ايڊيٽر ٿيو. ٻنهي جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا جنهن ڪري سرور شاهه اها اخبار کڻي ڪراچي مان اردو ۾ ڪڍڻ لڳو ۽ بخاري صاحب شڪارپور مان اخبار ”تنظيم“ جاري ڪئي.

 

ان ئي سال، حاجي الله بخش سومري جي سرپرستيءَ ۾، گوبند مالهي ۽ قادر بخش نظاماڻي سندس مددگار هئا. روزانه ”آزاد“ جاري ٿي جنهن جو پهريون ايڊيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي ٿيو ۽ بعد ۾ مرحوم مولانا دين محمد وفائي ۽ مولائي شيدائي به ايڊيٽر ٿي رهيا. اها ”آزاد“ اڳتي هلي هفتيوار بڻي ۽ اڃا تائين علي نواز وفائي جي زيرادارت ڪراچي مان نڪري رهي آهي. مسٽر گوبند لوڪرام ڀاٽيه ”آزاد“ جو ايڊيٽر رهيو.

 

1941ع ۾، پراڻي صحافي، ريجهومل آگناڻي، روزانه سنسار سماچار کان جدا ٿي، پنهنجي روزانه اخبار ”هندو سنسنار“ (1) نالي جاري ڪئي. ساڳئي سال، لاڙڪاڻي جي سنڌ سڌار سوسائٽي پاران ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“ نڪتو جنهن جا مختلف وقتن تي مختلف ايڊيٽر هيا جن ۾ ماسٽر جمع خان ”غريب“ عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي ۽ رئيس ضياءالدين شامل هئا. هي رسالو 1952ع تائين باقاعدي نڪرندو آيو ۽ ان ذريعي سنڌي شعر و شاعري ۾ نون شاگردن جي ڪافي رهنمائي ڪئي وئي. ان رسالي ۽ تحريڪ جو روح روان مرحوم حاجي محمود ”خادم“ لاڙڪاڻوي هو. ساڳئي سال ”سندر ساهت منڊل“ پاران ميلارام واسواڻي ٻارن لاءِ ”گل ڦل، نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو جنهن ۾ ٻارن جي ڏانو جا مضمون ۽ آکاڻيون ڇپبيون هيون. هي رسالو 1947ع تائين خدمت ڪندو رهيو. ازانسواءِ 1441ع ۾ حيدرآباد مان سنڌ جي ڄاتل سڃاتل شخصيت مرحوم مولوي محمد عثمان ڏيپلائي هڪ ماهوار رسالو ”عبرت“ جي نالي سان جاري ڪيو جيڪو 13 فيبروري 1946ع تي هفتيوار بڻيو ۽ 1951ع ۾ قاضي برادران جي خريد ڪرڻ کانپوءِ روزانو ٿيو. ازانسواءِ 1 سيپٽمبر 1941ع تي، محمد اسماعيل زرگر جي ايڊيٽر تحت هفتيوار اخبار ”ٽالپر“ جاري ٿي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته نه رڳو مذهبي تفرقي بازيءَ کان پاڪ هئي پر صحيح صحافت جو مثال پڻ قائم ڪيائين، انهيءَ زماني ۾، مولوي خير محمد نظاماڻي ”باب الاسلام“، (1) ”غازي“ ۽ ”عوام“ روزانه ۽ هفتيوار اخبارون جاري ڪيون. مولوي نظاماڻي صاحب ان زماني جي سياسي تحريڪن ۽ پنهنجي قلم جي زور تي متعدد اخبارن ڪڍڻ سبب، گهڻو مشهور ۽ معروف ٿيو ۽ ان وقت جي نوجوان سياسي ورڪرن جي ڄڻ ته مرڪزي شخصيت بڻجي پيو هو. اهڙو پهريون اخباري اهڃاڻ، اسان کي مسلمان اخبار (18 آگسٽ 1938ع) جي اشاعت ۾ نمايان طرح ملي ٿو. ان زماني ۾ مسلم ليگ سنڌ جي زور وٺي رهي هئي ۽ هر طرف ان جو چرچو هو. ان اخبار ۾ هڪ خپر ”مسلم ليگ جي رفتار ۽ مسلمانن جو فرض“ جي سري هيٺ ڇپي هئي جنهن ۾ اهي خوشخبريون هيون ته محترم جي- ايم - سيد (غلام مرتضيٰ شاهه سنائي)، علي محمد مري، مولوي خير محمد نظاماڻي (ايڊيٽر خادم الاسلام ميرپورخاص) ۽ مولوي فضل احمد حيدرآباد ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ آيا هئا. خبر ۾ وڌيڪ هو ته اميد آهي ته ”مشهور نوجوان مير علي احمد خان جو پنهنجي دل ۾ وطن ۽ اسلام جي محبت رکي ٿو ۽ ڪجهه ٿورو ئي وقت گذريو جو هن کي ڪانگريس پليٽفارم تي ڏٺو ويو ٿي، سو به مولوي خير محمد صاحب جي نيڪ صحبت کان متاثر ٿي شايد جلد ئي ڪانگريس کان ڪڪ ٿئي.“

 

1942ع ۾، هفتيوار ”جنم ڀومي“ ميرپورخاص مان جاري ٿيو جنهن جو ايڊيٽر ڪانگريسي خيالن وارو هندو مسٽر هرداس پريمچند واسواڻي هو ۽ 1943ع کان فلمي ادب کي عام ڪرڻ لاءِ هڪ ماهوار رسالو ”فلمستان“ (2) جاري ٿيو. جاري ڪندڙ موتي تيج ڀاونداس مهتا هو.

 

1945ع ۾، سوراج شڪارپور جي مقابلي ۾، آغا بدرالدين مرحوم سکر مان روزانه ”انقلاب“ جاري ڪئي جيڪا 1948ع تائين جاري رهي. 5 نومبر 1946ع تي، حيدرآباد مان روزاني ”هلال پاڪستان“ جاري ڪئي وئي جنهن جو پهريون ايڊيٽر مرحوم رحميداد خان مولائي شيدائي هو ۽ بسمل ٽکڙائي به ان ۾ ڪم ڪندو هو. ساڳئ سال سنڌ سرڪار طرفان ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو جيڪو 1948ع ۾ بند ٿي ويو ۽ وري 1955ع ۾ شروع ڪيو ويو. ان جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ سنڌ جا معروف عالم ۽ اديب جهڙوڪ مرحوم عثمان علي انصاري، مولانا دين محمد وفائي، لعلچند امر ڏنومل ۽ ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي شامل هئا. ان ئي سال هڪ ماهوار رسالو”سدا بهار“ ٻارن لاءِ جاري ڪيو ويو هو. ان جي سرپرستي ”رتن ساهته منڊل“ ٿي ڪئي. 1946ع ۾ ئي، حيدرآباد مان ”نياز نامه“ ڍنگ جي نالي سان هفتيوار سنڌي اخبار جاري ٿي جنهن جو بانيڪار جي-ايم خان ۽ مدير مسئول محمد اسماعيل منشي هو. انهيءَ زماني ۾ ”نئين دنيا“ ۽ ”باغي“ رسالا به نڪتا جيڪي ترقي پسند تحريڪ جي نمائندگي ڪندا هئا. ان ئي سال جنوري ۾ روزانه ”قرباني“ جي ادارت جون ذميداريون مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي حوالي ٿيون جتي هو 3 مهينا کن رهيو. بعد ۾ ان ئي سال، هن هفتيوار ”باب السلام“ ڪڍيو. ساڳئي سال ٺٽي مان هفتيوار ”الحيدر“ ۽ ميرپورخاص مان ”ٿري گزيٽ“ جاري ٿيون.

 

1947ع ۾، ڪمار سنڌيءَ ڪراچي مان هڪ ماهوار رسالو ”تعمير“ جاري ڪيو. ڄيٺمل پرسرام ”روح رهاڻ“ وري جياريو ۽ ڪنيا لعل گابا ”پرستان“ شروع ڪيو. جون 1947ع ۾ پندرهن روزه ”چترڪار“ رسالو جاري ٿيو جنهن جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته ان ۾ ٻه صفحا اردو ادب متعلق ڏنا ويندا هئا. رسالي ۾ فلمي ادب، سوال جواب، ڪهاڻيون ۽ شعر وغيره شايع ٿيندا هئا.

 

جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، سنڌي صحافت جي ٻئي دور جي خصوصيت هيءَ رهي آهي ته ان جي پهرين ٽن ڏهاڪن تائين (يعني 1911ع کان 1940ع) ان ميدان ۾ ڪم ڪندي اهڙا صحافت سان لاڳاپيل ماڻهو به ملن ٿا جن جو ڪجهه عرصي لاءِ ئي سهي، پهرين دور جي پوئين زماني سان واسطو به رهيو آهي. عجب جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته اهڙن اخبار نويسن مان چند شخصن کي نهايت منفرد مقام حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي علحده طرز تحرير جا صاحب آهن. هنن ٻنهي دورن جي ڪن عرصن تي، پنهنجي انفرادي نوعيت جي لکڻين سبب، ڇانيل رهيا. اهڙن ممتاز صحافين ۽ ليکڪن ۾ مرحوم شمس الدين ”بلبل“، مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ ۽ سرڳواسي پرمانند ميوارام شامل آهن. هو پنهنجي دور جا بي مثال قلمي قوت جا مالڪ هئا ۽ سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ هميشه ياد ڪيا ويندا.

 

ٻئي دور ۾ به؛ ڪي بهترين صحافي ۽ ليکڪ پيدا ٿيا، اٿيا ۽ پنهنجي قلمي قوت مڃرايائون ۽ واهه جو وارو وڄايائون. انهن مان جيڪي هندو اخبار نويس فوت ٿي چڪا آهن تن ۾ مهاشيه ويرومل بيگراج، سرڳواسي تولارام ٻالاڻي، سرڳواسي لوڪرام نينارام شرما، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، سرڳواسي لعلچند امرڏنو مل جڳتياڻي، سرڳواسي، ڊاڪٽر تاراچند لعلواڻي، سرڳواسي هيرانند ڪرمچند، سرڳواسي ريجهولمل آگناڻي ۽ سرڳواسي بولچند راجپال شامل آهن. ٻئي دور جي مسلمانن مان اهڙا اخبار نويس جيڪي اسان کان جدا ٿي چڪا آهن، تن ۾ مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم قاضي عبدالرزاق، مرحوم عبدالخالق ”خليق“ مورائي، مرحوم قاضي خدا بخش، مرحوم قاضي عبدالرحمان، مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم رحميداد مولائي شيدائي، مرحوم دين محمد عليگ، مرحوم محمد خان ”غني“ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مرحوم مولوي عبدالغفور سيتائي شامل آهن.

 

جيڪي خير سان حال حيات آهن پر سندن تعلق ٻئي دور جي اخبار نويسيءَ سان به رهيو آهي، تن ۾ جناب مولوي خير محمد نظاماڻي، جناب حافظ خير محمد اوحدي، جناب پير علي محمد راشدي، جناب پير حسام الدين راشدي، جناب علي احمد بروهي ۽ جناب گرداس واڌواڻي (پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريزي صحافت سان وابسته ۽ هاڻي سنڌي صحافت سان واسطو رکندڙ) شامل آهن. انهن مان حافظ خير محمد اوحدي کانسواءِ، باقي پير علي محمد راشدي، صحافت کي ڇڏي سياست ڏي لڙي ويو، سندس ڀاءُ پير حسام الدين راشدي تاريخ ۽ ادب جو ٿي رهجي ويو ۽ بروهي صاحب سرڪاري نوڪريءَ ۾ اچڻ سبب، پنهجي صحافتي جولانن کي مزاحيه افسانه نويسيءَ ڏي ڦيري ويو.

 

ان کان علاوه، ٻئي دور جا رسالا نجات، خاڪسار سپاهي، ملا مخزن به آهن جن پڻ چڱي خدمت ڪئي ۽ اخبارن ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جي چنگاري، ڳوٺ سڌار، لاڙ گزيٽ، مائي فليگ، الحيدر، پنجتني، وطن، ڍنڍورو، ائٽم بم، مذهب انسانيت، اعلان حق ۽ ٻرڪار شامل آهن جن پڻ پنهنجي پنهنجي نموني ڄاڻ جي روشني ڦهلائي هڪ ٻي اخبار ”مسلم وائس“ نالي سان، ڪراچيءَ ۾ هفتي ۾ ٻه دفعا، معروف صحافي پير علي محمد راشدي ڪڍندو هو جنهن ۾ ٻه صفحا انگريزي ۾ ۽ ٻه صفحا سنڌيءَ ۾ ڇپبا هئا. هن اخبار جو هڪ خاص انداز تحرير جيڪو پير صاحب جي پلئه پيو، هو هر خاص و عام کي وڻندو هو. هن اخبار جو خاص ڪردار اهو هو ته پاڪستان تحريڪ جي ڄاڻ کي، روزانه ”الوحيد“ سان گڏ سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏنائين. ”ڍنڍورو“، ”وطن“ ۽ ”ائٽم بم“ هفتيوار اخبارون حيدرآباد مان نڪرنديون هيون ۽ ”مذهب انسانيت“ لاڙڪاڻي مان پير ذوالفقار راشدي جاري ڪئي هئي. ”ملا مخزن“ اخبار تعليم سان گڏ نڪرندي هئي ۽ سنڌ ۾ ملا مڪتبن ۾ تقسيم ڪئي ويندي هئي.


(1)  اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي، ص- 155.

(2)  ”فرنٽيئر گزيٽ“ جي باري ۾ حافظ اوحدي صاحب ٻڌائي ٿو ته سنجيده اخبار هئي ته سنجيده طبقي ۾ دلچسپيءَ سان پڙهي ويندي هئي. اها اخبار قيام پاڪستان کانپوءِ به زنده رهي. مهراڻ تي مجلس، ص، 17، صداقت جي نالي سان به متعدد اخبارون نڪتيون.

 

(1)  هن اخبار ۾، معلوم ٿئي ٿو ته خلافت تحريڪ خلاف گهڻو مواد ڇپيو هو. اخبار جي 25 آڪٽوبر 1930ع واري اشاعت ۾ ڇپيل مواد کي عام مسلم قوم ۽ سندس ليڊرن ۽ اسلامي اخبارن تي سخت ناجائز ۽ گهٽيا حملو قرار ڏنو ويو هو ۽ مطالبو ڪيو ويو هو ته ”جلد کان جلد هن درنده ذهن اخبار تي بندش وڌي وڃي ورنه نتيجو چڱو نه نڪرندو.“

(2)  اهو به معلوم ٿيو آهي ته روزانه اخبار ”سنسار سماچار“ هفتيوار ايڊيشن جو نالو ”چوڏس“ هو جنهن ۾ سٺا مضمون هئا.

(3)  ”پيغام“ جي نالي سان اخبارون ۽ رسالا پڻ جاري ڪيا. مثلاً ڪراچي مان شيخ عبدالحليم جوش، ”پيغام سنڌ“ شڪارپور مان محمد يوسف ”پيغام حق“ نوابشاهه مان محمد اسماعيل ملاح، ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين مان در محمد اويسيءَ ۽ ”پيغام زندگي“ ڪراچي مان حڪيم محمد يعقوب جاري ڪيا.

(1)  ماهوار ”پرڪاش“ جو هڪ ٻيو ايڊيٽر مسٽر چئنچلداس کيئلداس رامچنداڻي به هو جيڪو هفتيوار هندوجاتي ”ويرمارگ“، ماهوار ”آريه وير“ ۽ ”هندو“ جو به ايڊيٽر رهيو هو. پرڪاش نالي سان نوابشاهه ۽ حيدرآباد مان نڪرنديون هيون.

(1)  بعد ۾ ساڳئي نالي مان اظهار گيلانيءَ سکر مان هڪ اخبار جاري ڪئي.

(2)  مسٽر شيوڪ ڀوڄراج ”کڙ کٻيتو“، ”سنڌ شيوڪ“ جو ايڊيٽر رهيو. ان کان علاوه هو ”هندوجاتي“ ۽ ماهوار رسالن ۽ اخبارن جهڙوڪ گلستان ”سنڌ اسڪائوٽ گزيٽ“ ۽ شيوا کي به ايڊٽ ڪيائين. انهن رسالن ۾ حيثيت نائب ايڊيٽر جي هئس.

(3)  بعد ۾ اخبار جي ايڊيٽرن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي، مير محمد نظاماڻي ۽ عبدالڪريم سعدي شامل آهن.

(1)  شايد ان ئي زماني ۾، سکر مان ”هندو سنگهٺن“ اخبار نڪرندي هئي جنهن جو مسٽر لعل چند آريه 12 سال ايڊيٽر رهيو هو. ان ساڳئي لعل چند آريه ”اشور مستي“ (1939ع) ۾ مهاراجا ڏاهوسين (1946) ۾ ڪتاب لکي ڇپايا، جن جا جواب مرحوم ڏيپلائي ڏنا.

(1)  ”سنڌو“ رسالو عمرالدين بيدار به جاري ڪيو هو. هاڻي هو ماهوار ”اديون“ ڪراچي مان جاري ڪري رهيو آهي. هونئن سنڌ سان نسبت وارا به ڪيئي رسالا ۽ اخبارون نڪتيون جن مان ”سنڌ سجاڳ“ امداد علي جيڪب آباد مان، ”سنڌ مسلم“ تاج محمد سکر مان، ”سنڌ معاون“ سيد تقي شاهه ناري شريف مان، ”سنڌ ميل“ لاڙڪاڻي مان اچي وڃن ٿيون.

(1)   ان ئي سال سکر مان مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيد محبوب علي شاهه ”مزدور“ نالي سان هڪ هفتيوار اخبار به جاري ڪئي.

(2)  هي اخبار روزانه ٿي آهي.

(1)  ”مهراڻ تي مجلس“: حافظ خير محمد اوحدي، ص- 18.

(2)  ”بيداري“ محمد عيسيٰ نظاماڻي به جاري ڪئي هئي.

(1)  ”ستاره سنڌ“ مولوي محمد صالح ”عاجز“ نوابشاهه مان ۽ غلام مصطفيٰ نوناري جيڪب آباد مان جاري ڪئي. ”ستاره“ اخبار وري گهڻو اڳ حيدرآباد مان مشهور سماجي ڪارڪن جمشيد مهتا جاري ڪئي هئي.

(2)  ”صبح سنڌ“ سان يوسف، عبدالڪريم گدائي ۽ برڪت علي آزاد به آهن. مظهر ڪراچي مان ۽ ڀون جيڪب آباد مان اخبارون نڪتيون.

(1)  ”مهراڻ تي مجلس“ حافظ خير محمد اوحدي.

(2)  ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، پير علي محمد راشدي، ص- 365.

(1)  ”پيغام“ سان نسبت رکندڙ ٻيون اخبارون ۽ رسالا به نڪتا ٽنڊي محمد خان مان لنواري حمايت پاران ”پيغام ڪل“ لاڙڪاڻي مان محمد علي جوهر ”پيغام نو“ ۽ نوابشاهه مان محمد اسماعيل ”پيغام روان“ جاري ڪيا. حيدرآباد مان بلڪ ”پيغام نو“ علي خان کوسي ڪڍيو هو.

(1)  ”خدمت“ نالي سان، اختر محمد شڪارپور مان هڪ اخبار جاري ڪئي هئي.

(2)  ”الاصلاح“ نالي هڪ اخبار محمد اسماعيل ٽکڙ مان ڪڍي هئي.

(1)  ”مهراڻ تي مجلس“ حافظ خير محمد اوحدي، ص- 25 اصلاح واقعي هڪ اهم اخبار هئي ۽ ان دور ۾ روزانه ”الوحيد“ جهڙي وڏي اخبار سان چڱي خاصي ڏي وٺ ٿيندي هئي. باقي ڏسو الوحيد 4 آڪٽوبر 1938ع واري اشاعت ۾ ”لٽڪا ڇٽڪا“ واري تفريحي ڪالم ذريعي اسان کي اصلاح اخبار جي قدوقامت جو پتو پوي ٿو. مزاحيا انداز ۾ ئي سهي اصلاح جي لکڻين مان الوحيد اخبار جي گهٻراهٽ ثابت ٿئي ٿي مذڪوره ڪالم ”حضرت رازدار“ جي قلم جي ڪاوش هو. اهو دور پڙهڻ جهڙو هوندو هو. ان زماني ۾، اهڙن ڪالمن جي زبان ”انپارليامينٽري“ هوندي هئي. اهو دور ئي اهڙو هو جنهن ۾ مخالف کي نيچ ڏيکارڻ جي مقصد لاءِ ڪريل ٻولي استعمال ڪرڻ کان به به لهرايو ويندو هو. ازانسواءِ ان ڪالم مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ان باب ۾ ”اصلاح“ به گهٽ ڪونه هئي. بهرحال، اسان ان ڪالم مان ڪي ٽڪرا پڙهندڙن لاءِ ڏيون ٿا ته ان زماني جي تحريري جڳهڙن ۽ ان وقت جي مسئلن تي ڪجهه روشني پوي:

”ڪراچي جي ڪن ملن ٿوري وقت کان وٺي ڪراچي بدبودار بڻائڻ لاءِ هڪ گندگي جو ڪيڙو يا ٻين اکرن ۾ ڪاڳرن جو هڪ چٿيڙو اسحال نه پر اصلاح جي نالي سان جاري ڪري رکيو آهي. جنهن ۾ خاص طرح سان بيٺارن ۽ .......... جي زبان کي مروج ڪري عجيب غريب انداز ۾ ملن تي گارين جي مشق ڪئي وڃي ٿي.

                

                *         *       *       *

 

۽ پرڳڻي جي مسخرن جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ انهي مبارڪ فن کي مٿين اخبار ۾ زندهه رکڻ لاءِ سندس دفتر ۾ ڪي اهڙا مسخرا مقرر ڪيا ويا آهن، جن لونگ ۽ نوري جهڙن مسخرن کي به مات ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڏينهن خالي ڪونهي جو مٿين اخبار جي ڪالمن ۾ ڪانه ڪا مسخري نه ٿي ڪئي وڃي. ڪنهن ڏينهن نئين نئين نموني جون گاريون ايجاد ڪري اشرافن جي حق ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن وري انسان جهڙي اشرف المخلوقات کي جانور جي نالي ياد ڪيو وڃي ٿو. مگر رواجي مسخرن جي مسخري ۽ هنن ۾ فرق فقط هي آهي جو هو سمورا ڪرتب هٿن سان ڪري ڏيکارين ٿا ۽ هي غريب ڪنهن ڊگهي ڏاڙهي واري کي مصنوعي پڇ بڻائي باندر نه ٿا بڻائين پر ان جي عيوض رڳو زباني ٺينگ ٽپا ڏئي پاڻ سڀني ماڻهن کي کلائين ٿا.

 

 

 

(1)  ”مهراڻ تي مجلس“ حافظ خير محمد اوحدي، ص- 25.

(1)  ”انقلاب“ نالي جون اخبارون در محمد اويسي سکر مان، عبدالڪريم گدائي جيڪب آباد مان، عبد عاقليءَ لاڙڪاڻيءَ مان جاري ڪيون.

(2)  ”مهراڻ تي مجلس“؛ حافظ خير محمد اوحدي، ص- 26.

(1)  ”طوفان“ اخبار، اظهر گيلاني سکر مان جاري ڪئي.

(2)  ”رهبر“ ۽ ”ديندار“ نالي هڪ رسالو ٽنڊي الهيار مان مراد علي ”مراد“ جاري ڪيو هو.

(3)  ”علم“ رسالو مرحوم فتح محمد سيوهاڻي جاري ڪيو هو.

(1)  ”سنڌڙي“ هفتيوار جو مسٽر جهامداس گوبندرام ”مسافر“ جو به ايڊيٽر ٿيو هو. ”سنڌ“ ۽ ”سرحد“ اخبارون برڪت علي آزاد ڪڍيون.

(2)  هوندراج پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هفتيوار ”دکايل“ (37- 1948) هلائي ۽ ڇڏڻ کانپوءِ ”ڌرتي ماتا“ ۽ گانڌي هفتيوار جاري ڪيون.

(1)  مسٽر ليلارام ڏيونداس رچنداڻي به ”هندو سنسار“ جو هڪ وقت ايڊيٽر ٿي رهيو. مسٽر رچنداڻي بابت معلوم ٿيو آهي ته ورهاڱي کان اڳ ”نئين دنيا“، ”مهراڻ“ ۽ ”سوکڙي“ رسالن ۾ لکندو هو ۽ ”هندو سنسار“ کان علاوه ”سنسار سماچار“ ۽ (روزانيون اخبارون) ۽ ”چوڏس“ هفتيوار کي به ايڊٽ ڪيو هئائين ۽ بعد ۾ ”سنڌو“ ”هندو سنسار“، ”هندو“ (روزانيون) ۽ هفتيوار ”پرڪاش“ ۽ ”جهولي لال“ جو به ايڊيٽر ٿي رهيو.

(1)  ان زماني ۾ خاڪسار تحريڪ زورن تي هئي. مولوي نظاماڻي ”بيدار“ ڪڍندو هو ۽ هاڻوڪو وزير دفاع مير علي احمد خان ٽالپر چنگاري هنن ٻنهي ٻئي اخبارون بند ڪري ۽ ”باب الاسلام“ جاري ڪيائون.

(2)  ”فلم سنگيت“ اخبار ڪراچيءَ مان موتي تيجنداس ڪڍي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org