سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 7

صفحو : 14

 

باب ستون

مسلم پريس

ٻئي طرف، نسبتناً هندن جي ڀيٽ ۾، سنڌ جا مسلمان صحافت جي ميدان ۾، ڪجهه اڳ داخل ٿيل ڏسجن ٿا. جيڪڏهن شروع ۾، فارسي ۾ ڇپجندڙ اخبارن ۽ رسالن منهن ڪڍيو ته انهن جا هلائڻ وارا به ، مرحوم شمس العلماء مرزا مخلص علي پارا (مفرح القلوب 1855ع) هئا. پر 1860ع ۾ ان ساڳئي شخص ”مطلع خورشيد“ اخبار جاري ڪئي جنهن جي ٻن ڪالمن ۾ ورهايل صفحن تي هڪ طرف فارسي زبان استعمال ٿيل هوندي هئي ته ٻئي پاسي سنڌي ٻولي. ان لحاظ کان، پنهنجي راءِ ۾، سنڌي صحافت جي ابتدا اتان تصور ڪرڻ گهرجي. پر جيڪڏهن ان مفروضي کي نه ٿو مڃيو وڃي ۽ 1866ع ۾ شروع ٿيندڙ (سرڪار پاران) ”سنڌ سڌار“ تي به هندن ۽ مسلمانن جو هڪ جيترو حصو سمجهيو وڃي، تڏهن به 1881ع ۾ ته مسلم صحافت جو پاسو ڀاري ظاهر ٿئي ٿو جڏهن مرزا صادق ”معين السلام“ جي نالي ۾ هڪ خالص سنڌي اخبار جاري ڪئي. ان لحاظ کان، اها حقيقت مڃڻي پوندي ته هندن جي ڀيٽ ۾، مسلمانن، صحافت جو سفر سوير ڀرو شروع ڪيو هو.

 

اسان مٿي به ٻڌائي آيا آهيون ته سماجي ۽ تعليمي طرح ئي سهي، مرحوم حسن علي آفندي پاران، ”سنڌ محمد ايسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ مدرسه السلام“ ڪراچي جو بنياد هڪ قسم جو ثبوت مهيا ڪري ٿو ته، ايترو وقت اڳ، مسلمانن جو علحدگي ۽ انفرادي سوچ منهن ڪڍيو هو. هن سمجهيو پئي ته سندن تعليم ۽ سماج جون ضرورتون هندو قوم کان الڳ هيون جن جي حاصلات ۽ پورائي لاءِ کين پنهنجي جداگانه ڍنگ ۽ رنگ ۾ انتظام ڪرڻ گهرجي. انهن مقصدن ۽ تقاضائن جي اشاعت ۽ پرچار ڪرڻ لاءِ سندن رسالن ۽ اخبارن پنهنجو رول محسوس ڪيو ۽ ڪم به شروع ڪري ڏنو هو. پر ان ڪم جي سلسلي ۾، اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي کي ان ڪري خصوصي اهميت آهي جو ان دور ۾ خاص مسلماني سوچ جي نشاندهي ۽ نمائندگي لاءِ ”آفتاب سنڌ“ (1896) ۽ الحق (1899) ۾ جاري ڪيون ويون جن پنهنجي نموني سنڌ جي پٺتي پيل مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. ”الحق“ ۽ بعد ۾ ”سنڌ زميندار“ جي اجراء ۾ ته سرڪاري ڪامورن ۽ خيرپور رياست جي وزيرن جو وڏو عمل دخل هو جن جي پٺيان ڪنهن حد تائين وقت جي حڪومت جو رايو ۽ راضپو به موجود هو. دراصل 1920ع تائين ڪافي سياسي سجاڳي پيدا ٿي چڪي هئي. پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿي چڪي هئي ۽ ڪانگريس ۽ تحريڪ خلافت زور شور سان ڪم پئي ڪيو. جنهن ڪري انگريزن ۽ سندسن ساٿين محسوس ٿي ڪيو ته پيدا ٿيل عقل جي اکين تي کوٽ جهڙي کيل جا کوپا هاڻي چاڙهڻ ڏکيرا هئا. ان لاءِ ”امن سڀائن“ ۽ ”سنڌ محمد ايسوسيئيشن“ جهڙن جماعتن ۽ زميندارن تي هٿ رکيائون ۽ سندن هٿائون ”سنڌ زميندار“ جهڙيون اخبارون ڪڍرائي، وفاداريءَ جو وسامندڙ ڏيئو وڌيڪ وقت لاءِ روشن رکڻ ٿي چاهيائون. بهرحال ”آفتاب“ جي پوزيشن ڪجهه مختلف هئي ڇوته ان ۾ آزاد خيال مسلمانن جي نمائندگي پئي ٿي ۽ ان خود سر کي تقويت وٺائڻ ۾ مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جو هٿ هو جيڪو گهڻي ڀاڱي ان جو ايڊيٽر رهيو. ان اخبار جي سوچ عليڳڙه فڪر جي ويجهو هئي. هن اخبار جي مرڪزي لائين اها هئي ته آزادي ته تمام چڱي ۽ ضروري شئي آهي پر اها هندن سان گڏجي حاصل ڪرڻ ۾ نقصان اهو ٿيندو ته زياده سجاڳ ۽ تعليم ۾ اڪثريت ۾ هئڻ ڪري هندو مسلمانن کي کائي کپائي ويندا. انگريز جي هڪ مصيبت ويندي ته هندن واري ٻي مصيبت نازل ٿي ويندي. انگريز ته وري به ڌاريا هئا ۽ هڪ ڏينهن وڃڻا هئا پر هي هندو ته هتان جي مخلوق هئا. انهن مان جند ڇڏائڻ ۽ آزادي جو صحيح ۽ مٺو ميوو کائڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر هو. تنهن ڪري مسلمانن کي گهرجي ته پنهنجي مذهب ۽ معاشري جي مطابقت سان تعليم طرف توجهه ڏين. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مسلم علحدگي ۽ فرقيواريت واري پريس جو اصل خالص مرحوم ”بلبل“ هو.

 

ان زماني ۾ ڊاڪٽر ائني بسينت جي ”هوم رول ليگ“ جو گهڻو چرچو هو جنهن جو مطالبو هو ته هندو-مسلم گڏجي صوبن جي اندرين حڪومت، آدم شماري ۽ ٻين حقائق جي بنياد تي حاصل ڪن. ان تحريڪ ۾ قومي خيالن وارا ليڊر شامل ٿي ويا هئا. پر روزانه ”آفتاب“ جو ايڊيٽر مرحوم شمس الدين ”بلبل“ سخت مخالف هو. هن دليل ڏنو ته ”هوم رول جي معنيٰ سچي آهي به ”گهرو حڪومت“. جڏهن اسان گهرو معاملن ۾ يڪمشت ۽ کير کنڊ ٿيون، تڏهن پوءِ ملڪي معاملن ۽ حڪومت ۾ هٿ وجهون. نه ته ائين چئبو ته ”هنور دهلي دوراست“ مقصد اهو هوس ته اسان جا اندروني وڏا نفاق آهن. ڪنهن به عملي ميدان ۾ هڪجهڙائي نه آهي. تعليم ۾ اسان هندن کان گهڻو پٺتي آهيون. ملسم اقليت صوبن ۾ هندو فرقيوارايت زور آهي ۽ هر وڏي چڱي ڏينهن مسلمانن کي ماريو وڃي ٿو، لکي ٿو:

 

”ساري هندستان ۾ هندن جي مردم شماري 21 ڪروڙ، 75 لک، 86 هزار 892 آهي، تن ۾ پرائمري تعليم وارن جو عدد 1 ڪروڙ، 12 لک، 23 هزار، 596 آهي ۽ ملسمانن جي مردمشماري 6 ڪروڙ، 66 لک، 47 هزار، 291 آهي. پرائمريءَ ۾ 23 لک 59 هزار 266 آهي ۽ سيڪينڊري ۾ فقط هڪ لک 76 هزار آهن. پوءِ ڪهڙي زور ۽ ڪهڙي منهن سان، اسان هوم رول جا طالبو ٿيون، جن ۾ تعليم جي ايتري ڪمي آهي. آهي ڪو اهڙو رول يا ڏيندو ڪو اهڙي گئرنٽي ته مسلمانن جا ڄٽ ڄاموٽ، ملا ملواڻا، گريجوئيشن جي مٽ ڪبا، ته پوءِ هوند اسين ٻنهين هٿن سان هم رول لاءِ ٻک وجهون.

 

”مگر جن ڀائرن (يعني هندن) جو هي حال آهي جو هاڻي ئي ڪنهن لائق مسلمان کي قسمت سان ڪا جاءِ ملي ٿي، ته هندو اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا پئجي ٿي وڃي، پوءِ جي کين هوم روم مليو ته اسان کي ڏوين سان نه ڏيندا.“ (1)

1911ع ڌاري، هندن جي مخالفت ۽ مطالبن جي ڪري، انگريزن بينگال جو ورهاڱو روڪيو جنهن ڪري وري مسلمانن ۾ ناراضپو پيدا ٿيو. مسلمانن کي زياده خوف ان ڳالهه ڏياريو ته اڪثريت ۽ سياسي جاڳي جي زور تي هندو ڪهڙو به ڪڌو ڪم ڪري ۽ ڪرائي سگهن ٿا نتيجي ۾ مسلمان پاڻ کي سياسي طرح غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳا. ان لحاظ کان، ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي دوران، مذڪوره سنڌي اخبارن، هندو سوچ خلاف خوب لکيو. ”آفتاب“ خلاف متعدد ڪيس داخل ڪيا ويا جيڪي هندن جي شرارتن جو نتيجو هئا. ”الحق“ اخبار تي انڪري هندن بدناميءَ جو ڪيس ڪيو هو جو ان جي ايڊيٽر ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپل تي نڪته چيني ڪئي. ڪيس مرحوم ڀرڳڙيءَ ڳايو پر جڏهن ان هوندي به مئجسٽريٽ ايڊيٽر کي ڏوهي ٺهرائي 500 رپيا ڏنڊا وڌائينس ته اهو ڏنڊ مرحوم ڀرڳڙي (1) پاڻ ڀريو.

 

هڪ طرف جيڪڏهن انهن اخبارن مسلمانن کي هندن کان الڳ ٿلڳ رهڻ جو مشورو ٿي ڏنو ته ٻئي طرف وري ڪي اهڙا به سياسي حقائق ۽ عوامل هئا جن ان اثر کي، هڪ طرح زائل ڪرڻ جو ڪم ٿي ڪيو. مثلاً ان زماني ۾، مرحوم غلام محمد ڀرڳري مسلمانن جو روح روان هو جنهن حيدرآباد ۾ وڪالت جي بهاني، ديرو دمايو هو. ان شخص جا قومي خيال کيس مسلمانن توڙي هندن ۾ مقبول بڻايو بيٺا هئا. ڀرڳڙي صاحب وسيع القب ۽ ڳڻ ڳوت وارو سياستدان هو جنهن پنهنجي چوڌاري مسٽر عبدالقادر خافط بئريسٽر، مسٽر عبدالرحمان بئريسٽر ۽ مسٽر عبدالجبار پارا مسلمان نوجوان وڪالت سکڻ لاءِ ڪٺا ڪيا هئا ۽ ٻئي طرف گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش سان، مسٽر جيرامداس، دولترام، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ مسٽر سنتداس منگهارام پارا هندو هن وٽ جمع هئا. مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي به نئون مسلمان ٿي اچي ساڻس مليو ۽ سندس سياسي مشير ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. بعد ۾ کيس ”الامين“ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين.

       

ازانسواءِ ان زماني ۾، ”منٽو مارلي رفارمس“ تحت 1909ع کان سنڌ مان بمبئي ڪائونسل تي چار نمائندا چونڊجڻ لڳا هئا ۽ ڪجهه نه ڪجهه هيانءَ جي باهه نڪرندي ٿي رهي. ساڳئي وقت مرحوم ڀرڳڙيءَ پارا مقبول سنڌي ليڊر ڪانگريس سان گڏ مسلم ليگ جي ڪانفرنسن ۾ به شريڪ ٿي رهيا هئا. انهن سڀني ڳالهين سبب، هندن جي خلاف وري به ڪجهه ماٺائپ هئي. تنهن ڪري باوجود ”آفتاب“ جي لکڻين جي، مسلم پريس ۾ فرقيوارانه سوچ اڃا زور نه ورتو هو. اڃا مقدلانه ماحول هو ۽ سنجيده سڀني جي خير واري سوچ غائب هئي.

 

1920ع ۾ ”الوحيد“ جهڙي بااثر اخبار جو اجراء ٿيو جيڪا ظاهراً نالي ۽ مقصد جي مناسبت مان ”مسلمانڪي فرقيوارانه اخبار ٿي لڳي پر حقيقت ۾ ائين نه هو. ”الوحيد“ جي نڪرڻ جو مکيه ڪارڻ خلافت عثمانيه کي پاره پاره ٿيڻ کان بچائڻ ۽ انگريزن جي مسلمانن خصوصاً ترڪن خلاف سازشي رول کي بي نقاب ڪرڻ ته هو پر تحريڪ خلافت جنهن جي هيءُ اخبار ملڪيت بڻي هئي ان ۾ قومي ويچارن واري ڪانگريس به شامل هئي. ان جماعت جي مرڪزي حيثيت وارو شخص مهاتما گانڌي ته وچ ۾ بيٺو هو. انهن سببن جي ڪري،  ”الوحيد“ به قومي خيالن جي پٺڀرائي ڪندڙ اخبار بڻجي اٿي. وري سون تي سهاڳ جو ڪم اهو ٿيو جو مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙو سنجيدو، دور رس نگاهه وارو ۽ بي تعصب سياستدان ۽ صحافي، ”الوحيد“ اخبار جو روح روان هو. ان ڪري هيءَ اخبار فرقيواريت ۽ تنگ دليءَ کان پاسو پلو ڇڏائي هندستان ۾ ان وقت جي قومي سوچ جي علمبردار ٿي اٿي ۽ اڀري. جيتوڻيڪ بعد ۾ هندن پاران سنڌ جدائي جي مخالفت، هندو آريه سماج ۽ مهاسڀائن طرفان تنگ نظري ۽ سنجوڳي شيخن کي هندو ڪرڻ جهڙن مسئلن ”الوحيد“ کي لوڏن ۾ وجهي ڇڏيو  کانئس ”مسلمانڪي“ ۽ فرقيوارانه نوعيت جو عمل ڪرايو. پر پوءِ به مجموعي طرح هن اخبار پنهنجي قومي سنجيده ۽ غيرفرقيوارانه رخ گهڻي حد تائين برقرار ۽ بحال رکيو. انهن لوڏن لمن جي ئي ڪري، ”الوحيد“ جي لاءِ، ممتاز موءرخ پير حسام الدين شاهه راشدي هڪ دفعي راءِ ڏني ته ”سنڌي روزانين مان مسلمانن جي فقط، ”الوحيد“ هئي جيڪا ڪڏهن خالص مذهبي، ته ڪڏهن ٺيٺ وطن پرست، ڪڏهن فرقه پرست ته ڪڏهن قوم پرست، ڪردار ٿي ادا ڪيو.“

 

ائين ضرور هو ته ”الوحيد“ سنڌ جي مسلمانن جي صحيح ترجماني ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه گٿي چاهي ائين ڪرڻ سان سندس قوم پرستي واري پاليسي مجروح ٿي ۽ کيس هلائيندڙ کي تنگ نظر جا تعنا سڻڻا ۽ سهڻا  پيا. مسلمانن جي جذبن ۽ خواهشن جي نمائندگي ڪرڻ واري مقصد لاءِ ”الوحيد“ کي بعض اوقات سنڌي هندن ۽ سندن اخبارن جي ناجائز لکڻين کي بي نقاب ڪرڻو پيو ٿي. 4 جون 1926ع تي“ الوحيد“ پنهنجي اداريه جي ذريعي هندن جي مذهبي جنون وارين ڪاررواين ۽ سندن اخبارن جي ان تي خاموشي ۽ پرده پوشي کي سخت نديو ۽ للڪاري پڇيو ته ڪٿي آهن صلح ۽ مذهبي ڀائيچاري واري فضا جا قائل ۽ علمبردار هندو. ”الوحيد“ جي ان اداريه جا ڪي ٽڪرا ان مقصد لاءِ ڏجن ٿا ته پڙهندڙن پاڻ ان وقت جي حالتن ۽ انهن کي خراب ڪندڙن جون ڪارروايون ڏسن ته سنڌي پريس کي هندو ۽ مسلم خانن ۾ ڇو تقسيم ٿيڻو پيو.

 

”............2 جون واري ”سنڌ آبزرور“ بجاءِ شريرالنفس شيطاني پرچار هندن تي ملامت ڪرڻ جي اچي مٽي آهي ”مسلمان“ ۽ ”الوحيد“ اخبارن تي ۽ سڄي سندس مضمون مان خواهش اها ٿي ظاهر ٿئي ته ٻنهي اخبارن کي ٻوساٽي بند ڪري انهن جي ايڊيٽرن کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏجي. ڇو؟ ڇالاءِ؟ رڳو انهيءَ ڪري جو سندن وڏو ڏوهه اهو آهي ته هندن جي شرانگيزين ۽ مفسدانه ڪاررواين تان رڳو پنهنجي قلم جي وسيلي پرده لاهي کين بي پرده ڪري دنيا جي اڳيان ظاهر ڪري دنيا کان انصاف جو مطالبو ڪن ٿا....... هندو اخبارون پنهنجن جا عيب لڪائي مفت ۾ مسلمانن کي ملزم بڻائي هڪٻئي جي تعريف جا گيت ڳائين پر اهو سڀ ڪيستائين؟ سرڪار هندن جي رڙين کان ڏڪي ويندي هوندي، ساده دل انسان سندن چال بازين جي ڄار ۾ ڦاسي مٿن اعتبار ڪندا هوندا پر نيٺ اهو خدا جو هندن خود مسلمانن جو هڪ ئي مالڪ هڪ ئي پيدا ڪندڙ جيارڻ ۽ مارڻ وارو آهي تنهنکي ته ڪو ٺڳي نه ٿو سگهي... حقيقتون ۽ ثبوت سي ته اسين وقت بوقت ظاهر ڪندا رهنداسين ڪو ٻڌي يا نه ٻڌي ڪٿي آهي مسٽر ڄيٺمل، اسان جو صوفي سنت مهراج جو ”مسلمان“ اخبار جي بي ضررناڪ مضمونن جا لنبا لنبا مرچ مصالح سان تر جي ڪري بمبئي سرڪار کي کيس سزا ڏيڻ لاءِ ليلائيندو آهي؟ ڪندو ڪو ويچار هيٺين حقيقتن جو؟

 

”پڙهي ڏسو پوني واري مرهٽا اخبار 23 مئي واري لکي ٿي ته سنڌ مان هميشه خبرون پيون اچن ته اتي مندرن جي برحمتي ٿي رهي آهي، مندرن ۾ بت ٽوڙيا پيا وڃن ۽ خود زالن جي شرمن ۾ به پيا هٿ پون اهڙي بي بنياد هل اٿارڻ سان هندن کي فساد لاءِ تيار ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪهڙي مراد ٿي سگهي؟ وڃي پڙهي ڏسو اهي تقريرون جي وقت بوقت آريه سماجي پنهنجي جلسن ۾ ڪري رهيا آهن. تازو سکر آريه سماج جلسي ۾ هڪ آريه پرتاب سنگهه هي تقرير ڪئي جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ ۾ ڪي هندو موجود آهن جي فساد ڪرائڻ گهرن ٿا ۽ هڪ به هندن جي اخبار اهڙن فسادي هندن ئي نه اڄ تائين ملامت ڪئي آهي ۽ نڪا آئينده ڪندي........ انهي ليڪچرار ڀرئي جلسي ۾ هڪ زهريلي تقرير ڪندي چيو ته رواداري ۽ اتفاق جا ڏينهن گذري ويا. سنڌ جا هندو بزدل ۽ گانڊو آهن جو مسلمانن کان ڊڄن ٿا. آءُ آريه مسافر مشنري جو هڪ ڀڄنيڪ آهيان ۽ مسلمانن جي طريقي کي ناس ڪرڻ منهنجو ڌرمي اصول آهي. هندوو! توهان کي پنهنجي ٻل جي خبر نه آهي. هڪ دفعو اسلامي ماڪوڙن جا گردن ڀڃو ته سڀ خوف توهان جي دلين مان نڪري ويندو. ڇا ڪرشن، ارجن ۽ ڀيم راڪشن جو ناس نه ڪيو هو پوءِ توهان گئو هتيا ڪندڙن تي ڪهڙي ديا ٿا ڪريو. جيڪڏهن هڪ گئو جي بجاءِ توهان ڪراچي کان مڪي تائين مسلمانن جو خون ڪري ڇڏيو ته به ڪجهه نه آهي وغيره هن ليڪچرار پنهنجي تقرير ۾ ائين به چيو ته ”جيتوڻيڪ توهان جي ڌرم ۾ جانورن جو ماس واپرائڻ جائز نه آهي تڏهن به هندوجاتي جي دشمنن جي خون پيئڻ ۾ گهٽتائي نه ڪريو.“

 

”اڳتي هلي پرتاب سنگهه هيٺيون بيت پڙهي هندن کي جيڪا تعليم ڏسي سا به هندو اخبارن جي نظر ۾ شايد هن ڏاڍو چڱو ڪم ڪيو.

هن چيو:

قصابون سي گاءِ اب بچاني پڙيگي

تمهين تيغ اب يهان اڻهاني پڙيگي

دبا ڪرڪي مسجد بنائينگي مندر

همين ان کي مسجد گراني پڙيگي

اگر اب سنڀلتي نهين هين مسلمان

همين ان کي درگت بنائي پڙيگي.

 

”جيڪو عقل جو انڌو آهي، جيڪو ٿورو انصاف جو ذور به دل ۾ رکي ٿو سو سمجهي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ فساد برپا ڪرڻ ۽ خون جي ندين وهائڻ لاءِ اڄ هندو سرگرمي سان ڪوششون ڪري رهيا آهن. وڌيڪ حقيقتون اڃا به ٻئي دفعي پيش ڪنداسين.“

 

ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي اها خصوصيت رهي آهي ته ان ۾، ماضيءَ جي تعليمي ۽ سماجي ڪوششن واري فصل ميوو ڏيڻ شروع ڪيو هو. جنهن بيداريءَ لاءِ ٽيهارو سالن کان ڪم ٿي رهيو هو، تنهن هاڻي جوانيءَ ۾ پير پاتو هو ۽ هندو توڙي مسلمانن پنهنجي پنهنجي جاءِ تي انفرادي حقن جي حفاظت جو شديد احساس ٿي رکيو. (1) اهڙي قسم جي سجاڳيءَ مسلمانن ۾، جيڪي هندن هٿان اقتصادي طرح تباهه ٿي رهيا هئا، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي جي ضرورت وڌائي ڇڏي ۽ جيئن وري هندن ان جي مخالفت ڪئي تيئن مسلمانن کي سنڌ جي جدائي ۾ ڀلائي ۽ فائدي جو يقين ٿيندو ويو ۽ هو پنهنجي ڪوششن جي رفتار تيز ڪندا ويا. ٻئي طرف هندن ۾، ڪٽر گروهن خصوصاً آريه سماج ۽ مهاسڀا وارن وري مختلف ذريعن سان ڪمزور اعتقاد شيخن کي ۽ عام مسلمانن کي پڻ سنگهٺن  ۽ شڌي تحريڪن هيٺ هندو بڻائڻ لاءِ واجهه وجهڻ شروع ڪيا. ڪن متعصب هندو عالمن اسلام ۽ ان جي پيغمبر محمد رسولﷺتي بي بنياد حملا ۽ الزام لڳايا ۽ ڪتابڙا لکي تقسيم ڪيا. مسلمانن واري انهن ڪتابن ۾ حملن جي جواب ۽ رد ۾ ڪتاب لکيا ۽ تحريڪون هلايون.

ان قسم جي نفرتن جي هوا اهڙي تيز هلي جو سياسي ميدان کان ڳالهه ٻاهر وڃي مذهبي ماحول کي پنهنجي وڪڙ ۾ ورتو بلڪ ادب به اڙجي ويو. هندن جي اهڙن لکيل ڪتابن ۾ اسلام ان جي پيغمبر فوجي جرنيلن ۽ سلطانن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل هئي مثلاً سندري ”قتل حقيقت راءِ“ ۽ ”ويردر گداس“ جي نالن ۾ آندا ويا. ان تي اڪتفانه ڪئي وئي ۽ قرآني الله سائينءَ جي تصوير، ”قرآني الله سائينءَ جي صنعت“ ڪتاب ۽ اسلامي بهشت جو فوٽو شايع ويا ڪيا. ظاهر آهي ته اهڙيون ڳالهيون مسلمان ڪيئن ٿي درگذر ڪري سگهيا؟ جواب ڏنا ويا ته ان لاءِ مرحوم مولانا دين محمد وفائي ”لاجواب تحرير“ ۽ ”قرآني صداقت“ ڪتاب لکيائين ۽ ”ترقي“ رسالي جي ايڊيٽر مولوي عبدالخالق مورائي پنهنجي رسالي ۾ ”سندري“ نالي هڪ ناول قسطوار ڏيڻ شروع ڪيو، ”شڌي جو سانگ“ نالي هڪ ناٽڪ لکيائين ۽ واڻڪي شاعري، جي عنوان تحت تمسخرانه انداز ۾ ڪجهه بيت شايع ڪيائين.

 

وقت گذرڻ سان ان معاملي طور پڪڙيو ۽ چوٿين ڏهاڪي کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. (1) سنڌ بمبئي کان جدا به ٿي وئي پر هندن جا ”اهي لاٽون اهي چگهه“ اسلامي تاريخ سان هٿ چراند ٿيڻ لڳي ۽ اهڙا ڪتاب نصابن ۾ شامل ڪرايا ويا. مثلاً سندن هڪ ڪتاب ”مغل رنگ محل“ بي- اي جي ڪورس تي رکيو ويو ۽ ”مغل شيش محل“ واري انعام طور ۽ لئبريرين لاءِ منظور ڪرايا ويا.

       

اڃا به اڳتي قدم وڌائي. 1940ع ۾ هندن پاران ”ستيارٿ پرڪاش“ ڇپايو ويو جنهن جو جواب مرحوم مولوي محمد عثمان ڏيپلائي ”ڏاهري رنگ محل“ سان ڏنو. ليڪن هندن پنهنجي اثر رسوخ مان فائدو وٺندي اهو ڪتاب ضبط ڪرايو. ڏيپلائي صاحب ۽ محمد بخش ”واصف“ گڏجي ٻين ڪتابن جهڙوڪ ”سنڌو هتياڪانڊ“، ”ويرڪ بم گولو“، ”منهنجي ايشوري مستي“ ۽ ”آريه ورت“ جا ٺاهوڪا جواب ٺاهيا. ڏيپلائي مرحوم ان سلسلي ۾ ”ڪتي جو پٽ“: ”سومناٽ جي سندري“ ”عيد جو چنڊ“ ۽ شيوا جي شيش محل“ ڪتاب لکيا جيڪي گهڻو هليا.

 

ان قسم جي ڏي وٺ، هندو مسلم ڪشيدگي کي گهرو ۽ وسيع ڪيو. ٻيا ته حدون ٽپندا ٿي ويا پر قومي خيالن وارا ماڻهو تعصب جي تيز وهڪري سبب، پنهنجا پير پختا نه رکي سگهيا. ڳالهه هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر نڪري رهي هئي. ان قسم جي ڇڪتاڻ قومپرست مسلمانن ۽ سندن اخبارن کي فرقيواريت جي فساد ڏي ڌڪيو. ”سنڌ زميندار“ اخبار جيڪا 1923ع ڌاري مسلمان زميندارن جي زرعي مفادن جي حفاظت لاءِ جاري ٿي هئي ۽ 1934ع ۾ مولانا وفائي بي ضرر ديني خدمت جي مقصد سان ”توحيد“ رسالو ڪڍيو هو ۽ ساڳئي سال ”مسلمان“ اخبار ميدان ۾ آئي، سي به پنهنجو پهلو نه بچائي سگهيا ۽ خاموش ويهي نه سگهيا ۽ هندن جي من گهڙت پروپيگنڊه جي جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي پيا. 1927ع ۾ ته مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻي ”نوراسلام“ نالي سان هڪ اخبار جاري ڪئي. اخبار جو ته نالو هو پر هڪ خطرناڪ بم گولو جيڪو هر هفتي پيو ڪرندو هو ۽ ساڙيندو هو. ان جي پهرين صفحي تي هي شعر سينگاريل هوندو هو:

نور حق نروار ٿيو بجلي ڪري باطل مٿي

انهن غيرمعمولي حالات ۾، حيدرآباد ۾، ان زماني ۾، مسلمانن پاران هڪ عام جلسو ڪوٺايو ويو هو جنهن جي ڪارروائي روزانه الوحيد 27 آڪٽوبر 1925ع ۾ تفصيل سان ڇپيل آهي. ٿيل تقريرن مان قاضي اسدالله شاهه جي شڪايت ٻڌڻ جهڙي آهي:

 

”مون هي 6- 7 سال هندن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آءُ صاف هن نتيجي تي پهتو آهيان ته هندو جو ڪجهه وقت لاءِ اسان مسلمانن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا هئا سو رڳو ذاتي عرض حاصل ڪرڻ لاءِ. هنن سمجهيو هو (جين مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي به چوندو هو) ته اسلامي حڪومتون ناس ٿي وينديون ۽ اسلام فنا ٿيڻ تي آهي. تنهن ڪري هنن جو رڳو اهو مقصد هو ته مسلمانن کي گهلي پاڻ سان شريڪ ڪري هندستان ۾ انگريزي راڄ جو خاتمو ڪري هندو راڄ جو بنياد وجهي ويهي رهن. پر سمرنا جي فتح کان پوءِ جڏهن هندن اسلام جي طاقت ڏسي ورتي ۽ هندستان جي مسلمانن جي دماغي ۽ سياسي قابليت ۽ انهن جي قرباني جا مثال ڏٺائون تڏهن هو ظاهر ظهور مسلمانن کان ڪناره ڪش ٿي مسلمانن ۽ اسلام جي مخالفت ڪرڻ تي آماده ٿي ويا.“

 

روزانه ”الوحيد“ لاءِ اهو ڏکيو ٿي پيو جو هنن حالتن هيٺ خاموش رهي. لهٰذا 3 جولاءِ 1929ع واري اداريه ۾ لکيائين:

 

”اسان جي غلطي ٿيندي جيڪڏهن اسان مسلمانن ۽ اسلام جي مخالفت ڌر آرين جي ڪوششن تي ڌيان نه ڏينداسين. سنڌ ۾ جنهن بلند همتي ۽ سرجوشيءَ سان آريه شڌي ۽ ارتداد جو ڪم جاري رکي رهيا آهن تنهن جي ڪن ٿورن ماڻهن کي سڌ هوندي. هنن جي ڪراچي جي مرڪزي جماعت (آريه ڀرتي نڌي سڀا) کانسواءِ، ساري سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن ۾ سماج قائم آهن ۽ لئبرريون آهن ۽ مختلف شهرن ۾ خاص اخبارون ۽ ماهوار رسالا آهن ۽ تمام چڱي انداز ۾ پرچارڪ (مبلغ) آهن جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ پهچي شڌي جي تبليغ ڪري رهيا آهن. ڪيترا اسڪول ۽ منڊيلون ۽ اسڪائوٽن جون ٽوليون سنڌ سماج جي ماتحت ڪم ڪري رهيون آهن. هندن جي پاران هنن جي حوصله افزائي لاءِ مٿن روپين جي برسات وسي رهي آهي.

 

ڪراچي آريه سماج جي ماتحت شڪارپور ۾ گذريل سال کان وٺي هڪ غريب خانه (اناٿ آشرم) کوليو ويو آهي  تنهن جي سمه ماهي رپورٽ اسان جي سامهون آهي جنهن مان ظاهر آهي ته اهو ”آشرم“ کوليو ئي ان لاءِ ويو آهي ته سنجوڳي شيخن جي ٻارن ۾ جو اسلامي عقيدا گهر ڪري رهيا آهن تن کي آشرم ۾ رکيو وڃي، ۽ سندن پڙهائي وغيره جو اتي انتظام ڪيو وڃي ۽ هندو سڀيتا ۽ هندو ويچارن کان واقف ڪري کين پڪو هندو بڻائجي.

 

”انهي آشرم جي پاران ٻه پرچارڪ خاص طرح مقرر ڪيا ويا آهن جي سنجوڳين ۾ هميشه لاءِ تبليغ ۽ پرچار جو ڪم ڪندا رهن ٿا...... آريه سماج جي انهي جدوجهد سان گڏ ”سنڌ هندو مهاسڀا“ جو هڪ پرچارڪ خاص پنهنجي پگهار تي مقرر ڪيو آهي جو پڻ سنجوڳين ۾ هندو ڌرم جي تبليغ ڪندو رهندو.

 

”هي آهن آريه سماج ۽ هندو سڀا جون سنڌ ۾ شڌي ۽ سنجوڳين شيخن جي مرقد بڻائڻ لاءِ ڪوششون. پر ان جي مقابلي ۾ اسان مسلمانن جي پاران به ڪجهه ٿي رهيو آهي يانه؟ ان جي حقيقت ان مان ظاهر آهي ته سنڌ جي واحد تبليغي جماعت ”انجمن نو مسلمانان سنڌ“ فقط مسلمانن جي لاپرواهي ۽ غلفت جي ڪري سخت مالي مشڪلات ۾ مبتلا آهي. ان حالت ۾ سنجوڳين جي اصلاح ۽ تبليغ جو  ڪهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو. بار بار اپيلون ڪيون ويون ۽ سنڌ جي مسلمانن جو ڌيان تبليغ ڏانهن ڇڪايو ويو مگر خدا ٿو ڄاڻي ته هنن تي الائي ڪهڙي غلفت جا پردا چڙهيل آهن جو ڪوبه توجهه ڪونه ڪيائون......“

 

”الوحيد“ اخبار کي ۽ مسلمانن کي اها به شڪايت هئي ته هندو اخبارن ڄاڻي واڻي زهريلي لکڻي اختيار ڪري هند- مسلم ڀائيچاري کي نه رڳو نقصان پهچايو آهي پر ٻنهي طبقن درميان فساد برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهنجي 22 جون 1937ع واري ادارئي وسيلي هڪ ڏينهن اڳ ”سنسار سماچار“ جي ادارتي الزام جو حوالو ۽ جواب ڏنائين جنهن ۾ هندو اخبار ڪراچي جي شڪارپور ۾ اڇي قبر واري محلي ۾ رهندڙ مسلمانن کي بدمعاش سڏيو هو. ”الوحيد“ لکيو ته ان جي جواب ۾، 23 معزز مسلمانن ”سنسار سماچار“ جي ايڊيٽر کي چئلينج ڏنو آهي ته هو ساري محلي ۾ هڪ به اهڙو مسلمان ڏيکاري جنهن هندن جي کونس ڪئي هجي ورنه ايڊيٽ رکي فتنه انگيز جو جوابدار ٺهرايو ويندو.“ ان جي هيٺيان ملسمانن جي دستخط شده اها چئلينج شايع ڪئي وئي هئي. هنن الزام هنيو ته اهڙين شرارتن ڀريل لکڻين سان ”هڪ طرف سرڪار جا ڪن ڀريا آهن ته کين مسلمانن سان سخت خطرو آهي انهيءَ لاءِ ته سرڪار وقت وٽ سندن اڳرايون لڪل رهن ته ٻئي طرف وري سڌي طرح پنهنجي قوم کي ڀڙڪائي رهيا آهن ته مسلمانن تي پنهنجي سگنهٺني طاقت آزمائي هر طرح کين تڪليف پهچائي سندن املاڪون خريد ڪري کين شهر کان لوڌي ٻاهر ڪڍن.“

 

ٻيو اهم مسئلو جو انهن ڏينهن ۾ کڙو ٿيو هو ۽ جنهن تي مسلمانن ۽ سندن پريس شڪايت وارو لهجو اختيار ڪيو هو، سو هندن جي اخبارن پاران پير صاحب پاڳاري مرحوم خلاف بي بنياد ليڪن سلسليوار پروپيگنڊه، توهين آميز قدم کنيا ۽ آخرڪار کيس گرفتار ڪيو هو. دراصل پير ڳوٺ ۾ هڪ مسجد جي بي حرمتي تان هڪ مسلمان غضي وچان ٻه خون ڪري وڌا ۽ پاڻ به هڪ هندو پوليس واري جي تعصبي قدم جو شڪار ٿيو ۽ ماريو ويو. مسجد جي واقعي وارو قدم جوش جو نتيجو ۽ انفرادي نوعيت جو هو ليڪن ان کي هندن طرفان هڪ سازش تحت فرقيوارانه ۽ نسلي رنگ اهو ڏنو ويو ته هو هڪ رٿابندي هيٺ ڪرايو ويو آهي ۽ پير پاڳارو ان جو خالق آهي. آخر پير صاحب گرفتار ٿيو ۽ سندس گرفتاريءَ سڄي سنڌ جي مسلمانن ۽ سندن اخبارن ۾ سخت غصي ۽ غم جي لهر پيدا ڪئي هئي.

 

”الوحيد“ 14 جولاءِ 1929ع تي، ”جناب پير صاحب پاڳاري ۽ هندن جو شور شغب“ جي عنوان هيٺ لکيو ته: ”اسان جي يارن (هندن) ملسمانن جي برخلاف جيڪو ڪوڙو ۽ بيهودو پروپيگنڊا جاري رکڻ جو ٺيڪو کنيو آهي تنهن جو بهترين مثال جناب پير صاحب پاڳاري جي معاملي مان ملي سگهي ٿو.“ اخبار ٻڌايو ته واقعي جي تقاضا اها هئي ته هندن کي پنهنجي پاڙيسري مسلمان ڀائرن جي احساس جو احترام ڪرڻ گهرجي ها ۽ ”سرڪار کي به کپندو هو ته پنهنجي عملدارن کي اهڙي فرمائش ۽ هدايت ڪري ها جو جن وڪرن ۾ مسجدون شريف آنديون ويون هجن اهي جيڪڏهن بلڪل رد نه ته ڪم از ڪم مسجدون (1) انهن مان متشنيٰ ڪيون وڃن.“ ”اخبار وڌيڪ راءِ زني ڪندي لکيو:

 

”بلڪه برخلاف ان جي هندو ليڊرن، هندو اخبارن ۽ هندو پئنچائتن مسلمانن جي مقتدر ۽ بااثر ماڻهن کي دٻائي پنهنجي زير ڪرڻ ۽ اهڙي طرح مسلمانن جي طاقت کي ٽوڙڻ جي غلط خيال واري پاليسي موجب وٺي جناب پير صاحب پاڳاره جي خلاف بدتهذيبي ۽ بيهودگي جو طوفان برپا ڪيو. نه رڳو ايترو پر پير ڳوٺ جي پئنچائت کي پير صاحب جي نوازشن ۽ بدسلوڪيءَ کي فراموش ڪري هروڀرو همت هارڻ ڪرڻ ۽ ڳوٺ مان لڏي وڃڻ جي ترغيب ڏني وئي. سڀ کان خراب هي ته پير صاحب کي نه فقط انهن ٻن خون لاءِ جوابدار ڪيو ويو ليڪن سنڌ ۾ مشڪل ڪو اهڙو خون ڇڏيائون جنهن جي جوابداري پير صاحب جن جي ذات تي نه رکي وئي ۽ ان سان گڏ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ پير صاحب جي اقتدار کي ٽوڙڻ جي بدنيت سان هنن پير صاحب ۽ سندس ڪن عزيزن جي وچ ۾ خانگي ڳالهين کي زور وٺائي پير صاحب جي مخالفن جي سازشن کي پنهنجي علم ۽ قلم جي زور سان رنگ ڏيئي شور و شقب شروع ڪيو.

 

”هڪ طرف اسان جي يارن ديده دانسته اهو ڪم فهمي ۽ بي سمجهي جو ۽ خطرناڪ رستو اختيار ڪيو ۽ ٻئي طرف سنڌ سرڪار ۽ ان جي عملدارن کي پاڻ گهٽ هلڪو ثابت ڪونه ڪيو. سنڌ سرڪار جا اڄڪلهه هندو عملي جي هٿ ۾ آهي تنهن کي اڌ ڊزن کن هندو اخبارن جي اجائي شور شرارتن کان ويترو هٿي ملي وئي ۽ بدقسمتي سان انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي گادي تي هسٽر گسبن جهڙو صاحب اچي ويو جنهن لاءِ عام طرح مشهور آهي ته هو بولشويڪ خيالن جو ماڻهو خاص ڪري خاندانن ۽ وڏن ماڻهن جي برخلاف آهي سو بنا سوچ ويچار ۽ دورانديشيءَ جي جناب پير صاحب تي گرفت شروع ٿي وئي.... هندن اخبارن ته ”ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن“ واريون خوب کڳيون به هنيون ته اجهو ٿو پير صاحب جو معافي پروانو رد ٿئي ۽ اجها هاڻي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ لکپڙهه شروع ٿي وئي آهي. اجهو ٿو پير صاحب نظربند ڪيو وڃي. اجها ٿي پير صاحب تي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي وغيره وغيره: مطلب ته جيڪي تي منهن سامهون آين سوئي جهنگ جهرڙيندا ويا. ڪنهن به جوابداريءَ جو ڪو خيال يا اخبار نويسيءَ جي تهذيب جو سڄي سنڌ سرڪار ۽ ان جون آفيسون سندن پٺڀرائي ۾ سندن اشارن تي ڪهڙن به قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن....“

 

هندن جي اخباري پروپئگنڊا ئي زور  جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ”الوحيد“ مسلمانن کي مکيه طرح تجويزون ڏنيون هيون: هڪ هيءُ ته مسلمانن کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ مڪمل اتحاد پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو ته پنهنجي اخباري قوت وڌائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تجربي ثابت ڪيو هو ته ڏوهه ڪري به جيڪڏهن اخبارن ذريعي زوردار رڙيون ڪيون ٿي ويون ته وقت جي سرڪار به انهن کي همدرديءَ جو مستحق ٿي تصور ڪيو.

 

مولوي نور محمد نظاماڻي واري ”نوراسلام“ 28 اپريل 1930ع تي ”پير صاحب پاڳاري جي گرفتاري تي ٻه چار لڙڪ“ جي عنوان هيٺ، هندن ۽ سنڌن اخبار جي روش جي سخت مذمت ڪئي ۽ سندن سازشي رول کي بي نقاب ڪيو. اخبار جا چند اقتباس حاضر آهن:

”جنهن وقت کان هندو دنيا کي مسلمانن جي غريب ۽ وچولي فرقي جي تباهي ۽ مٿن پنهنجي تسلط جو پورو ڀروسو ٿي چڪو تنهن وقت کان وٺي هنن هي تهيو ڪيو آهي ته هاڻي هڪ ٻه ڪري مسلمانن جي ايستاده افراد کي ڪيرائجي...... جنهن لاءِ گهڻي زماني کي وٺي هن تجويز تي عمل ٿي رهيو آهي ته اخبارن ذريعي هن جي حق ۾ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪري مٿن اهڙين مصبيتن جو پهاڙ ڪيرايو وڃي جو هو عمر لاءِ تباهه و برباد ٿي وڃن. مگر اسان جو دماغ آهي جنهن ۾ ”پدرم سلطان بود“ وارو پراڻو نشو اهڙو گهر ڪري ويو آهي جو حال ۽ استقبال تي اسان جي ڪا نظر نه ٿي پوي.

 

”هي سڀ ان تجويز جا ڪارناما آهن جو ڪڏهن لاڙڪاڻي جي فرضي فساد ۾ مسلمانن کي چوکنڀو ٻڌي جيلن ۾اماڻيو ٿو وڃي، جتي سڄو سال کيتي ساڙي ساڙي هڪ وڏي برباديءَ کانپوءِ مس ڇوٽڪارو ملي ٿو، ته ڪڏهن وري خانبهادر دلمراد خان کي ڦاسايو ٿو وڃي. سردار واحد بخش ڀٽي کي گورنر بمبئي جو تار جي رستي آزاد ڪري ٿو ته هندو پبلڪ جي اندر هڪ اهڙو طوفان برپا ٿي وڃي ٿو جو سنڌ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين هر اخبار جي اندر اها رڙ مچي ٿي وڃي ته هاءِ گهوڙا! هي ڪهڙو ظلم ٿو ٿئي. نتيجو اهو نڪتو جو وري مٿس ڪيس هلائڻ لاءِ حڪومت مجبور ٿي پئي. آخر هي ڪهڙي طاقت آهي جا مسلمانن جي خلاف هيتري قدر ڪم ڪري رهي آهي. اهي اخبارون آهن، فقط اخبارون، جي اڄ بندوق ۽ تلوار کان زياده مسلمانن جي زندگي خطري ۾ وجهي رهيون آهن. مگر مسلمانن جي بي حسي اهڙي حد کي پهچي چڪي آهي جو پنهنجي تباهي جو ڪارڻ اصلي سڃاڻي نه ٿا سگهن. چون ٿا ته سردار واحد بخش ست اٺ لک رپيا ڪيس تي خرچ ڪري چڪو آهي. پر اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هو ڪيس جي شروعات کان گڏ فقط هڪ لک رپيه خرچ ڪري هڪ انگريزي روزانه انگريزي اخبار جاري ڪري ها ته نه کيس ايترو خرچ ڪرڻو پوي ها نه ايتري تڪليف ڏسڻي پوي ها جيتري ڏٺائين. تنهن کانسواءِ اها اخبار نه فقط انهي وقت مگر هميشه اهڙن نازڪ موقعن تي هزارها مسلمانن کي فائدو پهچائي ها. نالو تنهن کانسواءِ. مگر افسوس جو ايڏانهن ته اصلي ڪو توجهه نه ڏنو ويو.

 

”الغرض هندن جي مقرر ڪيل پروگرام مطابق اڄ هڪ اهڙو ماڻهو مصيبت جو شڪار ٿي پيو آهي جنهن کي سنڌ جو بادشاهه چئجي ته بلڪل بجاءِ درست آهي. پير صاحب پاڳارو اها شاندار ۽ مقبول هستي آهي جنهن کي 12 لک انسانن جي دلين تي اهڙو قبضو آهي جي هر وقت پتنگ وانگي سندس هڪ اشاري تي باهه ۾ ٽپي پوڻ لاءِ تيار آهن.

 

”مسلمانن جو اهڙو  مائيه ناز بزرگ اغيار جي اکين ۾ ڪهڙي نگاهه سان ڏٺو ويندو هوندو تنهن کي کولي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. جڏهن هي صاحب گاديءَ تي ويٺو تڏهن سندس عزيزن مان ڪي افراد جن کي پنهنجي ذاتي اعراض حاصل ڪرڻ لاءِ هن کي بدنام ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ڇو ته ننڍي عمر سبب نه هو اهڙن دشمنن کي سڃاڻي سگهيو ۽ نه سندن دشمنيءَ کي رفع ڪرڻ جي ضروت هن کي محسوس ٿي. اوهين سمجهون ٿا ته جڏهن خود گهر جي اندر دشمن پيدا ٿي پيا ته پوءِ ٻاهرين دشمنن کي هن معصوم گادي نشين جي حق ۾ ڪهڙا نه زرين موقعا ملي سگهيا هوندا.

 

”پير صاحب کي جن ڏوهن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي سي سچا يا ڪوڙا ان جو فيصلو آخر هڪ ڏينهن ڪورٽ جي وسيلي ٿي ويندو مگر جيڪي ٿي چڪو هو تنهن تي جيڪڏهن قياس جي نظر ڊوڙائجي ٿي ته هڪ حد تائين نهايت ئي حيرت لڳي ٿي وڃي. سندس گرفتاري کان مهينا جا اڳي هندو اخبارن سندس برخلاف ملڪ جي اندر اهڙو زهر پکيڙي ٿيون ڇڏين جو حڪومت ته حڪومت پر گهڻن مسلمانن جي دلين ۾ پير صاحب جي ذات لاءِ وڏي بدگماني پيدا ٿي وڃي ٿي ۽ اڃا اهو وهم و گمان به نه آهي ته ڪو پير صاحب کي ههڙي نازڪ حالت پيش اچڻ واري آهي ته هندو اخبارون بطور پيشن گوئي اڳي ئي به بانگ دهل ٻڌائي ٿيون ڇڏين  ته پير صاحب اجهوڪ اجهو گرفتار ٿيو. ان سان گڏ سرڪار کي پير صاحب کي قانوني شڪنجي ۾ ڦاسايو وڃي جنهن جي بنا تي پهريائين چٽي پوليس ٻئي پوءِ هٿيار ضبط ٿيا. اهڙي طرح رفته رفته رٿيل نوبت به اچي وئي. آخر هي ڇا ٿيو؟ عقل صاف جواب ڏئي ٿو ته پير صاحب جي خلاف درپرده ڪا وڏي سازش ڪم ڪري رهي هئي جنهن کيس اڄ هن منزل تي پهچايو. اسان کي پنهنجي تحقيقات مان جيڪي حقيقتون مليون آهن تن مان يقيني طرح معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب فقط دشمنن جي چالبازي کان بي خبر رهڻ ڪري هن مصبيت ۾ مبتلا ٿيو آهي. اسان جي دعا آهي ته هن عالمي خاندان مصعوم سجاده نشين کي الله تعاليٰ هر طرح جي تڪليف کان بچائي وٺي. آمين. سڄي سنڌ جي مسلمانن تي فرض آهي ته پير صاحب جي نجات لاءِ شب روزبارگاه الاهي ۾ دعائون گهرن ۽ سندن حق ۾ جيڪا به جائز مدد پهچي سگهي تنهن ۾ ڪو دريغ نه ڪن.“

حقيقت هيءَ آهي ته مذهبي ميدان ۾، نٿورام جي قتل ۽ سياسي ميدان ۾، سنڌ جي علحدگي کانپوءِ، هن صوبي ۾ رهندڙ هندن ۽ مسلمانن کي صاف نظر اچي رهيو هو ته هاڻي گڏ گذارو مشڪل آهي. 1940ع، دوران سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري واقعي جي نتيجي ۾ ٿيل فساد ۽ خونريزي ان مشڪل ڳالهه کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. ٻنهي فرقن جي عوام جي ترجماني ڪندي، سندن اخبارن به قوم پرستي وارا ويچار بي محل ۽ بي موقع تصور ڪيا ۽ کلي طرح پنهنجي پنهنجي انفرادي نقطه نظر جي پٺڀرائي ڪئي. 1938ع، ملسم ليگ جون پاڙون سنڌ ۾ پختيون ڪيون ويون ۽ روزانه ”الوحيد“ هاڻي پنهنجي روايتي ميانه وري ۽ قومي خيالن جي حمايت واري پاليسي ڇڏي چڪي هئي. ان جو مکيه ڪارڻ هي هو ته اخبار ان کان پوءِ مسلم ليگ اڳواڻي جي قبضي ۾ اچي چڪي هئي. اها روش ان زماني جي حالتن هيٺ، ڪا معيوب ڳالهه به نه هئي ڇو ته هندن ۽ مسلمانن جي باهمي نااتفاقي بلڪه نفرت پيدا ٿي چڪي هئي ۽ قائداعظم محمد علي جناح صاف طرح سان، 23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ کانپوءِ ٻن قومن جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو شروع ڪري ڏنو هو. سموري هندستان وانگر سنڌ جي مسلمانن به، ان علحدگي ۽ پاڪستان جو مطالبو زوردار آواز ۾ يڪمشت ٿي ڪرڻ شروع ڪيو هو. اهي احساس ڏسي، سنڌ جي مسلم پريس به پنهنجي تحريرن ۽ مقالن سان پاڪستان جي لاءِ ميدان هموار ڪرڻ جي اداردي سان، رات ڏينهن ڪم ڪيو.

ان وچ ۾ روزانه ”الوحيد“ جي اک اهو ڏسي ورتو هو ته سياسي آزادي به صحيح معنيٰ ۾ تڏهن مفيد ۽ مقصد واري ٿيندي جڏهن سنڌ جا مسلمان عملي ميدان ۾ پنهنجون صلاحيتون ۽ هنر ۽ فن ڪم آڻيندا ۽ ساڳئي وقت جيڪي بدعتون ۽ ڪمزوريون هنن ۾ داخل ٿي ويون آهن تن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويندو. هڪ همدرد ساٿي ۽ رهنما جي حيثيت ۾، ”الوحيد“ سنڌ جي مسلمانن کان پنهنجي شاندار ماضيءَ کي دهرائڻ جي صلاح ڏيڻ جي ارادي سان 11 آگسٽ 1936ع تي هڪ نهايت عمدو ادارو لکيو هو جيڪو ان جي افاديت سبب اسان ڏيڻ تي مجبور آهيون بلڪه چند اقتباسات ڏجن ٿا:

 

”ڪو وقت هو جڏهن اسين پنهنجي اعتماد ۽ عمل جي لحاظ سان، دنيا ۾ ممتاز هواسين. اسان وٽ توحيد جي امانت هئي جنهن ڪري اسان کي موحد جو پيارو لقب مليو ليڪن اڄ اسان انهيءَ کي ضايع ڪري صورتحال سان ذري گهٽ مشرڪن جي ويجهو اچي پيا آهيون. ٻين کي ته مشرڪ ۽ ڪافر جا لقب ڏئي رهيا آهيون ليڪن اسان جا عمل سچ پڇو ته ڪافرن کان به پري آهن.... يا ته اهو وقت هو جو مسلمان انسانيت پرستي کان به پاسو ڪندا هئا يا وري هي وقت اچي جو اسين ڪنڊي ۽ ڪرڙ ۾ به بزرگ جو اعتماد رکون ٿا. جڏهن اسان به الله پاڪ جي سچي توحيد کان منهن موڙيو ته انعام هي ملي جو عزيز مان ذليل ٿي پياسين ۽ اڄ دنيا ۾ مسلمانن کي ڪٿي به عزت نه ٿي ملي.... انهن پڪن مسلمانن جي مقابلي ۾ اسين اهڙا ته ضعيف اعتقاد مسلمان پيدا ٿيا آهيون جو رڳو ماڻهن جي ٻڌل ڳالهين تي پنهنجي اعتماد جو بنياد رکون ٿا ۽ ڪڏهن به ان ڳالهه جي نه ڪنداسون ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول سڳوري وٽ اهو اعتقاد مقبول آهي يا مردود يعني قرآن پاڪ ۽ حديث جي لحاظ سان، اهو صحيح آهي يا غلط.....

 

........ ائين چوڻ بيجاءِ نه ٿيندو ته اڳيان مسلمان ئي بينظير تهذيب ۽ تمدن جا باني هئا. جو موجوده سهولتن جي اسبابن نه هجڻ هوندي به دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي ۽ پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهي اسلامي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا ۾ پکيڙيائون. بيڪاري ۽ بيسود ڪمن ۾ مشغول رهڻ کي اسلامي ڏوهه سمجهندا هئا. انهن جو اهو اصول هو ته دنيا ۾ اهي ڪم ڪجن جن سان دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي حاصل ٿئي ۽ خدا جي مخلوق کي به ان مان وڏو فيض پهچي. بخلاف ان جي اڄ ڏسون ٿا ته مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد پنڻ کي وڃي لڳو آهي ۽ پنڻ کي ادبي ڏاڏي جو فخر سمجهن ٿا. اسلام ان کي سختيءَ سان حرام ڪيو آهي ۽ حلال روزي ڪمائي کائڻ ۽ ٻچن کي کارائڻ فرض ڪيو آهي. ان تعليم صحابه ڪرام ۾ ايتري خودداري پيدا ڪئي هئي جو جيڪڏهن گهوڙي تي سوار هئڻ وقت ڪنهن جو لڪڻ ڪري پوندو هو ته هو پاڻ گهوڙي تان لهي کڻندو هو مگر ٻئي کي اهڙي تڪيلف ڏيڻ پسند نه ڪندو هو. اڄ ڪنهن مسلمان کي ٿورو به موقعو مفت خوري جو ملي وڃي ٿو ته ان تي سندرو ٻڌي وهي ٿو ۽ سندس هڏ حلال روزي ڪمائڻ کان ويهجي وڃن ٿا.... خيال ڪري ڏسو ته ان زماني ۾ جڏهن ڇاپخانه به ڪونه هئا، اسان جي اڳواڻن مسلمانن ايترو قلم هنيو آهي جو انهن جا پويان اڄ تائين انهن جملي ڪتابن جي ڇپائڻ ۾ پورا پئجي نه سگهيا آهن..... ڇا اهو سڀ ڪجهه ڪنهن به محنت کانسواءِ جمع ٿي ويو؟ اڄ به دنيا اکيون کولي گهمي انهن جي ڪارنامن جا جيئرا جاڳندا مثال ڏسو. اڄ به انهن جي ڪارنامن جا آثار دنيا کي انهن جي پرعظمت ڪارنامن جي گواهي ڏئي رهيا آهن. دنيا جي تاريخ انهن جي پر فخر ڪارنامن سان ڀرپور آهي. جن تي اڄ اسين رڳو فخر جو اظهار ڪرڻ ڪافي سمجهون ٿا ۽ گهرون ٿا ته دنيا اسان کي انهن جي صدقي ۾ عزت ڀري جاءِ ڏئي. ليڪن اها اسان جي غلط فهمي آهي. دنيا جي تاريخ جيڪڏهن انهن سونهري ڪارنامن کي تحرير جي صورت ۾ محفوظ رکيو آهي ته ان لاءِ نه ته اسين سست ۽ بيڪار ۽ تن پرست هجڻ هوندي فقط انهن تي فخر ڪندا ڦرون باقي پاڻ کي سو عمل کان عاري رکون. تاريخ انهن کي ان لاءِ محفوظ رکيو آهي ته اسين انهن جي پيروي ڪري بام ترقي تي پهچون.“

هلندڙ صديءَ ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾، ”الوحيد“ سان گڏ، ”مسلمان“، ”نور اسلام“، ”سنڌ زميندار“، ”طيراً ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“ هندو اخبارن پاران هلايل پروپئگنڊا ۽ الزامن تراشين جا جواب ڏنا ٿي، پر وزن ۽ اهميت وري به ”الوحيد“ جي موقف کي هوندا هئا ڇاڪاڻ ته سنڌي مسلمانن جي غالب اڪثريت جي ترجماني ڪرڻ جو فخر ۽ حق فقط ان اخبار کي هو. فرقيوارانه مواد جي لحاظ کان، ”نوراسلام“، ”مسلمان“، ”طيراً ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“ گهڻو اڳتي هيون. وچ تي ”ستاره سنڌ“ ۽ ”صبح سنڌ“ اخبارون به اڀريون ليڪن هڪ ته اهي گهڻو قت جٽاءُ نه ڪري سگهيون ۽ ٻيو ته انهن جي اجراء جو بنياد مقصد چونڊن جون چرچو ۽ کڙڪو پيدا ڪرڻ هو جيتوڻيڪ پير علي محمد راشدي بعض اوقات لاجواب تنقيديون به ڪيون ٿي ۽ هندن جي شوشن مان به هوا ڪڍي ٿي پر تنهن هوندي به خصوصاً ”ستاره سنڌ“ پنهنجي اميدوارن کي کٽرائي يا هارائي، عارضي وجود جو واڄٽ وڄائي ختم ٿي وئي جيتوڻيڪ سندس واڄٽ گهڻو وڏو هو ۽ دور دور ٻڌو ويو. پنجين ڏهاڪي ۾ ”آزاد“ ۽ ”قرباني“ اخبارن به مسلم پريس ۾ اضافو ڪيو ليڪن مواد ۽ مقصد جي لحاظ کان ڏٺو ويندو هت انهن اخبارن ان وقت مروج مسلم رويي جي نه رڳو حمايت نه ڪئي پر ان جي مخالفت ڪئي. روزانه ”آزاد“ اخبار مرحوم خان بهادر الله بخش سومري جاري ڪرائي هئي ۽ ”قرباني“ اخبار جناب جي - ايم - سيد ڪانگريسي هلائيندڙن کان خريد ڪئي هئي. پهريون ته شروع کان ئي قومي خيالن جو حمايتي هو ۽ آخر تائين ائين ئي رهيو ۽ ٻيو مسلم ليگ کان مايوس ٿي چڪو هو. ايترو ضرور مڃيو ته ڪم از ڪم سنڌ ۾، مسلم ليگ تي آخري ڏينهن ۾ گهڻي ڀاڱي قبضو انهن وڏيرن جو ٿي چڪو هو جن قربانين جي باب ۾ ڪجهه نه ڪيو هو ۽ هاڻي ان جي دنب ۾ رڳو ان ڪري چنبڙي پيا هئا جو کين يقين ٿي ويو هو ته ائين ڪرڻ سان اقتدار جي اٿاهه سمنڊ ۾ ٿڦڙي وڃي ڪناري جي ڪرسيءَ تي ويهندا. اهو حال ڏسي ڪيترائي سنڌ جي مفاد سان وفادار ۽ مفڪر عالم ۽ اديب جهڙوڪ مرحوم مولانا دين محمد وفائي، سياست ۽ صحافت کان پاسيرو ٿي وڃي سماجي ۽ علمي شعبن ۾ مقيم ٿيا. مولانا وفائي سڄي جواني ”الوحيد“ جي معرفت، سنڌ جي مسلمانن جي ديني، سماجي ۽ سياسي تنظيم ۽ تربيت ڪئي هئي سو به لاچار ٿي پيو ۽ مورڳو بعد جي ”الوحيد“ ۾ کپجي نه سگهيو مجبورن ٻاهر نڪري پنهنجي ”توحيد“ طرف توجهه ڏنائين جيتوڻيڪ مرحوم مولانا عبيدالله سنڌي جي متعقدي ۽ مرحوم سومري سان نيازمندي سبب، ”آزاد“ اخبار کي ڪجهه وقت سنڀاليائين. محترم سيد جي ”قرباني“ به ملسم ليگين جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا جنهن ڪري ائين چوڻ زياده درست ٿيندو ته هنن ٻنهي اخبارن جي لائين لٿي پٿي وري به وڃي ڪانگريس سوچ کي ويجهي پوي پئي. ان جي معنيٰ اها ٿي ته وري به ”الوحيد“ اڪيلي هئي ۽ مسلم ليگ جي نقطئه نظرکي عام ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ موجود هئي. فرق اهو هو ته اڳ هيءَ اخبار بنيادي طرح قومي خيالن جي داعي هئي ۽ گڏجي گذارڻ واري فلسفي جي قائل هئي (جيتوڻيڪ وقت مسئلن تي مسلمانن جي فرقيوارانه خيالن کان به ڪنڌ نه ٿي ڪڍائي سگهي) ۽ هاڻي مسلم ليگ جي علحده وطن وارن مطالبي جي حمايتي هئي. ان لحاظ کان، الوحيد ٻه مختلف ڪردار ادا ڪيا ۽ ٻنهي تقاضائن کي نهايت عمدگيءَ سان نباهيو. سنڌ جي مسلمانن کي پاڪستان جي حصول لاءِ آماده ڪندي ”الوحيد“ مسلم سياست ۾ نئون ۽ اهم رول ادا ڪيو. گويا ”الوحيد“ کي اهو فخر حاصل رهيو ته اجراء تي به منفرد مقام مليس ۽ زندگيءَ جي آخري ايام ۾ به انفرادي ۽ اهم ڪم سونپيو ويس ۽ اهڙي طرح مسلم اخبار جو درجو هن اخبار کي پلئه پيو. ان حقيقت مڃڻ کانسواءَ رهي نه ٿو سگهجي ته ان ڪم ۾، پير علي محمد راشديءَ جي اخبار ”مسلم وائس“ ساٿي ٿي رهيس. پاڪستان تحريڪ کي عام ڪرڻ جي ان ڪم ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ جو به ٿورو گهڻو حصو آهي.


(1)  ”جام جم“: شمس الدين ”بلبل“، ص- 95.

(1)  ان طرح ڏٺو وڃي ته مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي، سياست کان علاوه سنڌي صحافت جي ميدان ۾ پڻ، تعريف لائق اعانت ۽ رهبري ڪئي. ڪيتريون ئي اخبارون جاري ڪرايائين ۽ ملسمان اخبار نويسين کي همٿائڻ لاءِ، سندن ڏکئي وقت، مالي مدد به ڪيائين.

(1)  ان سلسلي ۾ روزانه الوحيد مورخ 1- 1925ع جي هڪ خبر ملاحظه ڪريو:

”خاطو لکي ٿو ته ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ جاءِ ميونسپالٽيءَ 40 ورهين کان گئوڪوس لاءِ مسواڙ تي ڏيندي ايندي آهي مگر هن سال هندن مخالفت ڪري ۽ جنرل باڊيءَ تائين اهو ٺهراء ڪري فيصلو ڪيائون ته اها جاءِ ڪوس واسطي نه ڏجي. مسلمان ميمبرن مخالفت ڪئي پر دال ڪانه ڳرين. هڪڙا ته هندن جا طرفدار ٿيا ۽ هڪڙا ماٺ. بهرحال هندو 40 ورهين کانپوءِ هن سال انهيءَ جاءِ لاءِ سجاڳ ٿي سنگهٺني جوش ڏيکاري چڪا.“

(1)  حيدرآباد ۾، 1935ع، ڌاري، هڪ هندو نٿورام اسلام جي پغيمبر تي حملن تي مشمل هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جنهن مسلمانن جي مذهبي جذبن کي سخت مجروح ڪيو ۽ جوش ۽ مخالفت ۾ هڪ طوفان کڙو ٿيو. ڪيس هليو جنهن ۾ هن کي حيدرآباد جي سيشن جج ڦاسيءَ جي سزا ڏني هندوءَ ان سزا خلاف ڪراچي جي ايڊيشنل ڪمشنر وٽ اپيل ڪئي. ان اپيل جي هلندي، ڪورٽ ۾ اندر ڪراچي جي هڪ جوشيلي ڪو جوان عبدالقيوم پٺاڻ ڇري سان نٿورام کي ماري وڌو. ان تي وڏو ممڻ متو. انگريز سرڪار جي حڪم تي پٺاڻ کي رات جي اونداهه ۾ دفنايو ويو. جتان ڪنهن طرح ٻئي ڏينهن تي صبح جو مسلمانن لاش ڪڍي جنازي جي نماز ادا ڪئي ۽ جلوس ڪڍيو. جلوس تي گوليون هليون ۽ اٽڪل 60 کن مسلمان شهيد ٿيا.

(1)  ان زماني ۾ مسجدن جي معاملي مسلمانن ۾ واقعي وڏو جوش پيدا ڪيو هو. غالباً 3 فيبروري 1930ع ۾، مرحوم مولانا عبدالڪريم چشتي واري ”پيغام“ اخبار ان ئي هڪ ادارتي نوٽ ۾ تنقيد ڪئي هئي، لکيو هئائين:

 

”پيغام واري زماني ۾ سنڌ اندر هڪ زبردست ۽ ڏکيو ۽ اهم معاملو درپيش ٿيو. انهيءَ وقت بئراج جي واهن جي کوٽائي پئي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ روهڙي تعلقي ۾ هڪ، سکر تعلقي ۾ ٻي ۽ ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ ٽئين مسجد اچي پئي وئي. ٽئي مسجدون واهن جي وچ ۾ پئي آيون. مسلمانن ان تي اعتراض ورتو. حضرت مولانا بزرگ امروٽ شريف واري ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. هيءُ بندو به (يعني چشتي مرحوم) حضرت سائين جو هڪ سپاهي هو. سندس رهبري هيٺ سندس اپر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن انهيءَ بنسبت ٿيندڙ جلسن ۾ جيڪي حضرت مرحوم جي صدارت ۽ اڳواڻي هيٺ پئي ٿيا هي بندو شامل رهيو. هڪ خاص پرچي ”پيغام“ جو بنام ”حفاظت مساجد نمبر“ شايع ڪيو ويو هو. ان پرچي جي ايڊيٽوريل جا هيٺيان ٽي ٽڪرا قابل مطالع آهن جن مان ان وقت جي جذبات جو اندازو لڳائي ٿو سگهجي.

 

1- مسلمانو! جيڪڏهن اسان جي زندگي ۾ مسجدون برباد ڪيون ويون ۽ اسان خاموش رهياسون ته خدا جا فرشتا ۽ آسمان جا تارا اسان تي ڦٽڪار ڪندا.

2- جيڪڏهن اسان پنهنجي جان، مال ۽ اولاد ۽ عيال جي حفاظت ڪري ٿا سگهون مگر مسجدن جي حفاظت اسان کان نه ٿي پڄي سگهي ته سنڌونديءَ ۾ غرق ڇو نه ٿيون.

 

3- جيڪڏهن خدا پاڪ ۽ رسول پاڪ جو دل ۾ پيار اٿو ته پنهنجو رت بئراج وارين مسجدن جي حرمت ۽ حفاظت تي قربان ڪري ڪٺور سرڪار جو ڪنڌ جهڪو ڪريو!!!

 الله جي قدرت! حضرت سائين بزرگ امروٽي جي برڪت، ڪرامت ۽ سندس جهاد جو اثر اهو ٿيو جو سنڌ سرڪار برطانيه سلطنت جي بي پناهه طاقت ۽ فرعوني اقتدار ۽ استدار هوندي هڪ بوريه نشين جوڙي پوش ولي الله جي اڳيان واقعي ڪنڌ نمايو. واهن کي ڦيرائڻ ته مشڪل هو مگر سرڪار بزرگ امروٽيءَ سان اريت مصالحت ڪئي جو واهن جي وچ ۾ سيمينٽ بجري ۽ پڪين سرن سان مسجدن کي چوگرد پختو ڪري ڇڏيو ۽ هميشه قائم رکڻ جو واعدو ڪيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org