سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ

باب: 5

صفحو : 11

جئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، باوجود ان حقيقت جي ته ”الوحيد“ سنڌي مسلمانن جي ديني، سياسي ۽ سماجي خدمت کي ترجيح ڏني ٿي، پر ان هوندي به اخبار وقت جي مجموعي صورتحال کان بي خبر ۽ غافل به نه هئي. هندستان ليول تي، ابتدائي دور ۾، قومي ويچارن جو زور هو ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ضرور ٿي سمجهيو ويو ته هندو-مسلم اتحاد قائم رهي. تنهن ڪري ان جي لکڻين ۾ متانت، سنجيدگي ۽ غيرجذبايت غالب رهندي هئي ۽ ڪڏهن به بي واجبي ۽ خوامخواهه هندن جي دل آزاري نه ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي آخر ۾، هندن جي تعصب ۽ تنگ نظري سبب، الوحيد، مسلمانن جي انفرادي سوچ ۽ مفاد طرف جهڪڻ لڳي ۽ وقت گذرڻ سان اها خليج وڌندي وئي. مجبوري هيءَ هئي ته هندستان ۾ هلندڙ مجموعي سياست جو دٻاءُ ڪجهه اهڙو پيو هو. مسلمانن هندن جي فرقيوارانه ذهنيت کان تنگ ٿي رهيا هئا ۽ هتي سنڌ ۾، هندن طرفان سنڌ جي علحدگي واري سوال تي اختيار ڪيل عجيب روش مسلمانن جي دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪري رهي هئي. ”الوحيد“ انهن لاڙن ۽ ڦيرن جي صحيح عڪاسي ڪري رهي هئي. اها حقيقت آهي ته ”الوحيد“ بنيادي طرح مسلمانڪي سياست ۽ خلافت جي معاملي ۾ بين الاقوامي ميدان ۾ مسلمانن ۽ ترڪن سان ٿيل بي انصافين جي تدارڪ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. هن جو اسلامي چهرو ۽ مسلمانڪو مهانڊو ته سندس مونوگرام مان ئي ظاهر هو جتي نالي جي وچ ۾ چنڊتاري سان سينگاريل ٻه جهولندڙ جهنڊا ۽ الوحيد جي ”د“ جي وچ ۾ الڳ چنڊ ۽ تارو. نالي جي بلڪل وچتي مٿان ”سنڌ جي واحد اسلامي روزاني اخبار“ جي اوچي ڳاٽ عبارت تحرير ٿيل هوندي هئي. نالي جي پاسن کان قرآني احڪامات يا حديثون درج هونديون هيون. اهي چنڊ تارا بعد ۾ اسان جي پاڪستان تحريڪ جا نشان بڻيا.

”الوحيد“ 1957ع تائين،(1) وچتي ننڍن ناغن جي، سنڌ جي مسلمان جي خدمت ڪئي جا وڃي 37 سالن کان ڌڪ هڻي ٿي. ون يونٽ جي قهري ڪوٽ اڏڻ وقت هن تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان جي ايڊيٽر جناب مولوي عبدالغفور سيتائيءَ کي سندس ڳوٺ ۾ رکيو ويو هو. ان عرصي دوران، 20 مئي 1948ع تي، الوحيد لميٽيڊ وارن نالو بدلائي ”سنڌ“ رکيو ۽ اهڙي طرح اخبار نڪرندي رهي. پر ان کان به گهڻو اڳ، صحافتي سچائي ۽ قلم جي حرمت ۽ پاسبانيءَ ۾ ۽ سنڌ جي مسلمانن جي آواز اٿارڻ جي پاداش ۾، ”الوحيد“ جا ايڊيٽر جيل ويندا رهيا. مرحوم قاضي عبدالرحمان ته پهرين شڪار ٿيو ليڪن مرحوم شيخ عبدالمجيد مرحوم ته متعدد ڀيرا قيد ڪيو ويو ۽ مرحوم مخلص جي مٿئين شعر مطابق، ”الوحيد“ اخبار جي آفيس هڪ قيد بڻجي پيو هو.

 

انهيءَ ڊگهي عرصي ۾ ”الوحيد“ گهڻي ترقي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ هڪ بهترين اخبار جي پوزيشن حاصل ڪئي. شروع ۾ خبرن جا سرا نه ڏنا ويندا هئا ليڪن بعد ۾ 1926ع ڌاري اخبار ۾ گهڻو ڦيرو آيو. خبرن کي هيڊنگون ڏيڻ ۾ آيون ۽ 1929ع دوران ڇهن صفحن مان وڌائي اٺن صفحن تائين توسيع ڏني وئي. شروع واري عرصي ۾، وڌ ۾ وڌ حصو خلافت تحريڪ جا ڪارگذارين کي ٿي مليو. شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ان جون شاخون ٿي کوليون ويون، ميٽنگون جلسا جلوس الڳ. ماڻهن کي انهن ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب ٿي ڏني وئي. عربستان ۾ آيل سياسي تبديلن جو ذڪر اذڪار هو ۽ مسلمانن کي ٻڌايو ٿي ويو ته هو غلط، گمراهه ڪن ۽ شر انگيز خبرن کان متاثر نه ٿين ۽ صحيح صورتحال سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. بعد وارين حالتن ۾ مکيه مسئلو سنڌ جي بمبئي کان جدا وارو هو، جنهن لاءِ مسلمانن کي تيار ڪيو ويو ۽ هندن کي مقبوليت پسندي جي رويي اختيار ڪرڻ جون صلاحون ئي ڏنيون ويون. سنڌ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ، نئين صوبي کي نئين سر اڏڻ جون تلقينون ۽ ڪوششون هيون. ان ڪم ۾ سنڌ جي مجموعي مفاد کي آڏو رکيو ٿي ويو ۽ ڪڏهن به مسلمانن جي انفرادي ۽ الڳ مسئلي ۽ مطالبي کي هوا نه ڏني وئي. ايتري قدر جو سنڌ الڳ ٿيڻ تي، سنڌ جي مسلمانن طرفان نوڪرين ۾ بي انصافين جهڙي جائز مسئلي کي جذباتي رنگ ڏيڻ بدران صوبي جي اجتماعي ڀلي وارين ڳالهين تي زور ڏنو. ان سوچ جي عڪاسي، سنڌ آزاد نمبر واري اشاعت وارو ايڊيٽوريل ڪري ٿو. الڳ صوبي بڻجڻ تي خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ سان گڏ، ”الوحيد“ واٽ اها ڏسي ته:

”....... جي سوال سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي سان تعلق رکن ٿا تن جو هن ڳالهه سا ڪوبه واسطو ڪونهي ته ڪو سرڪاري نوڪر مسلم آهي يا غيرمسلم..... هر قومي خيرخواه جو فرض آهي ته پنهنجي قوم مان  بزدلي ۽ غلاميءَ جون لعنتون دور ڪري ۽ انهن ۾ خودداري ۽ آزاديءَ جو جذبو زنده ڪري، انهن ۾ آزاد سياسي پارٽيون قائم ڪري، انهن جي آزاد اخبار جي اشاعت ڪري، انهن ۾ ووٽرن کي سمجهائي ته آزاد خيال عيوضي چونڊي موڪلين. تنهن کانپوءِ، مسلمانن جي قوم کي انهيءَ ڳالهه تي ماتم ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي ته ڇوته ڪافي تعداد ۾ مسلمانن کي نوڪريون نه ڏنيون وڃن ٿيون ڇاڪاڻ ته اسان کي پورو يقين آهي ته هڪ آزاد راءِ ۽ آزاد خيال ۽ سجاڳ قوم سان نوڪرين خواه ٻين سوالن ۾ ڪابه بي انصافي نه ٿيندي.“

37 ورهين جي طويل عرصي ۾، الوحيد اخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر ٿيا جن ۾ مکيه طرح قاضي عبدالرحمان، قاضي خدا بخش شيخ، عبدالمجيد سنڌي، شيخ عبدالسلام، مير الله بخش ٽالپر، رئيس علي محمد مري بلوچ، مولانا دين محمد وفائي، دين محمد عليگ، مولانا عبدالڪريم چشتي، نبي بخش سرڪي، حڪيم شمس الدين، علاوءالدين سمون، مولوي عبدالغفور سيتائي، مشتاق ابڙو ۽ شيخ عبدالرحيم شامل آهن.(1) ان سلسلي ۾، جناب حافظ خير محمد اوحديءَ جو خيال هنڊائڻ جهڙو آهي:

”الوحيد“ کي سندس ابتدائي دور ۾ ئي تحريڪ خلافت جي حمايت، سنڌ جي مسلمانن جي جذباتي وابستگي ۽ شيخ عبدالمجيد، قاضي عبدالرحمان ۽ مولوي دين محمد وفائي جي قلم ايڏي بلند ترين درجي تي پهچائي ڇڏيو هو، جو ان کانپوءِ اچڻ واري دور ۾ هو پنهنجي شهرت ۽ مقبوليت کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به ايڊيٽر جي قلم جي مرهون منت نه رهي هئي. ان جي برعڪس الوحيد جا ايڊيٽر مشهوري ۽ هر دل عزيزي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه الوحيد جا ئي محتاج رهيا الوحيد پارس هئي، جنهن جو هٿ هن سان لڳي ويو، اهو سون بڻجي پيو.“ (2)

 

1938ع کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد پيو ۽ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جا مطالبا شروع ٿيا تڏهن ”الوحيد“ نون حالات جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ ۾ موءثر بهرو ورتو. سنڌ جي مسلمانن ۾ مسلم ليگ جا مقاصد مشتهر ڪيا، ڪن هندن ۽ ڪانگريس جي ڪرتوتن ۽ ڪڌن ڪمن کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو ۽ سنڌ جي مسلمانن کي منظم ٿيڻ جا مشورا ڏنا. اهو ڪم ان ڪري ڪٺن هو جو سنڌ ۾ مسلمانن جي ترجماني ڪرڻ جو ڪم فقط ”الوحيد“ جي ڪهلن تي هو ۽ ٻئي پاسي هندن جي مضبوط پريس هئي جنهن ۾ روزانه ”هندو“، ”سنسار سماچار“ ”هندو سنسار“ ۽ ”قرباني“ جهڙيون سنڌي اخبارون هيون ۽ ”سنڌ آبزرور“، ”ڊيل گزيٽ“ ۽ ”ڪراچي ڊيلي“ جهڙيون انگريزي اخبارون. اندازو لڳايو ته انهن سڀني هندو يا هندو نواز اخبارن جو هڪ ”الوحيد“ ڪيڏي نه جرئت ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو هوندو. ان جرئت مندي جو ئي نتيجو هو جو مرحوم قائداعظم محمد علي جناح ”الوحيد“ کي هميشه عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. ”الوحيد“ جي آخري ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم ان سلسلي ۾، هڪ ننڍڙو واقعو تحرير ڪيو آهي جنهن مطابق، ڪراچيءَ ۾ قائداعظم مرحوم کي ان وقت تائين پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب نه ڪيو هو جيستائين ان اخبار جو ”سنهڙو ڇوڪراٽ“ نمائندو نه اچي پهتو. ”۽ هيءَ اها تاريخي پريس ڪانفرنس هئي جنهن ۾ قائداعظم هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ هندو آبادي ۽ مسلمان آبادي مان تبادلي جي رٿ ڏني هئي. قائداعظم کي انهيءَ ڇوڪري جو انتظار ڪونه هو، پر کيس ان عظيم اخبار جي عيوضيءَ جو انتظار هو جيڪا سڄيءَ سنڌ جي مسلمانن جو آواز هئي. اها هئي حيثيت ”الوحيد“ جي، ۽ اهو هو وقار ۽ دٻدٻو اڪيليءَ مسلم اخبار جو.“(1)

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، هن اخبار جي مالڪي عوام کان ڦري چند ماڻهن جي هٿن ۾ ايندي رهي، جن ظاهراً ته ٽيلي پرنٽر به هڻائي ڏنا ۽ ٻاهر نمائندا به مقرر ڪيا پر هنن جي پنهنجي ذاتي خيالن ۾ عوام جي جذبن جي گنجائش نه رهي هئي. اهو عڪس عدم موجود هو جيڪو هڪ اخبار يا اداري کي عمل جو جوش ۽ مقصد بخشيندو آهي. ان جي اڻ هوند ڪري، اخبار پنهنجو اثر رسوخ وڃائڻ لڳي ۽ مقروض ٿيندي وئي، تان جو معاملو اچي هڪ ڏينهن نيلام ڪرڻ تي بيٺو. ان دل ڏاريندڙ واقعي تي تبصرو ڪندي، ان وقت جي روزانه ”مهراڻ“ لکيو ته”...............الوحيد جو بند ٿيڻ هڪ وڏو حادثو آهي جنهن تي جيترو رنج ڪجي اوترو گهٽ آهي...........دراصل الوحيد جو نيلام سنڌ جي عزت جو نيلام آهي. ڇا ڪوبه اهڙو شخص سنڌ ۾ موجود ڪونهي، جيڪو ان نيلام مان الوحيد کي بچائي سگهي؟“ ليڪن اهو نيلام ٿي چڪو. ڪنهن جو؟ ”الوحيد“ جو؟ اهو فيصلو ته تاريخ ڪندي. پر ماڻهن ٿڌو ساهه کڻي ائين چيو ته ”ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾؟“

ساڳئي سال، حيدرآباد مان به ماهوار رسالا ”جاسوسي ناول اخبار“ جي نالي سان ۽ ”سنڌي اسڪائوٽ“ جي سري هيٺ جاري ٿيا. ازانسواءِ، ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ حيدرآباد، ان ساڳئي سال ماهوار ٽرئڪٽ ”پنکڙيون“ نالي سان ڪڍيو هو جنهن جو مصنف ڀائي ويرسنگهه ۽ ترجمان وديار ٿي هو.

1921ع ۾، سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ“ تصوف ۽ ويدانت جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ”روح رهاڻ“ (1) نالي سان هڪ ماهوار رسالو حيدرآباد مان جاري ڪيو ۽ سکر مان، مولچند هريسنگ پندرهن روزه ناول اخبار ”سنسار چڪر“ جي عنوان سان ڪڍي. هن رسالي جي ذريعي ڪيترائي ناول، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ۽ تخليق ٿيا. ”روح رهاڻ“ رسالو “ ٿياسافي“ نظرئي تحت، سڀني مذهبن جي بزرگن، شاعرن ۽ فلاسفرن جي نظرين ۽ اصولن جو بيان ۽ تذڪرو ڪيو ويندو هو. جيئن مٿي ڄيٺمل پرسرام جي سوانح ۾ ٻڌايو ويو آهي، هي رسالو برهم وديا  يا علم الاهي جي تعليم تي زور ڏيندڙ هو. 1924ع تائين الڳ نڪرندو رهيو ۽ ان کانپوءِ ڀارتواسي اخبار سان ملائي ڇڏيو ويو، 1926ع تائين هي ٻئي رسالا گڏيل شڪل ۾ نڪرندا رهيا ۽ پوءِ بند ٿي ويا. وري دوباره ڄيٺمل پرسرام 1947ع ڌاري، ڪراچيءَ مان شروع ڪيو ۽ بعد ۾، هندستان مان به، سندس حياتي تائين نڪرندو رهيو. جولاءِ 1947ع واري پرچي ۾، ڄيٺمل پرسرام جي قلم مان، ”پيارو پيغبر“ جي عنوان سان مضمون ڇپيو هو جنهن ۾ اسلام جي پيغام پهچائيندڙ حضرت محمدﷺجي موزون نموني تعريف ڪئي هئائين. لکيو هئائين:

”ساري قرآن شريف ۾ ڪو لفظ هندستان جي آڏو نه آهي. پيغمبر صاحب جيوت ۾ ٻه دفعا چيو ته ڪهڙي نه خوشبوءِ ٿي ان طرفان اچي. ٻئي دفعي سانوري بني ڏي اشارو ڪيائين. ڪن حديثن جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته اهو اشارو ڪرشن ڪيئي ڏي ڪيل آهي.(1)

 

1925ع جنوري واري اشاعت مان معلوم ٿيو آهي ته ”روح رهاڻ“ جي ان وقت واري ادارتي عملي ۾ ڄيٺمل سان گڏ نادر بيگ فرزند مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ) به شامل هو. ان ئي پرچي ۾ شيوارام ڦيرواڻيءَ جو هڪ مضمون ”پارتيه شيوڪ سڀا جا ست ورت“ جي عنوان سان گهڻو معلوماتي ۽ دلچسپ آهي. ان مان هڪ اقتباس پڙهندڙن لاءِ ڏجي ٿو؛

”....... بس اهڙي طرح جيڪو تصوف جي طريقي يا ڪنهن به طرح من درست ڪري ٿو، سو پنگتي شيوا چڱي طرح ڪري سگهي ٿو ۽ شيوا منجهان اڻ ملهه لعل لهي سگهي ٿو. اهڙي طرح من درست ڪري، جي پاڙي پاڙي ۾، ڳوٺ ڳوٺ ۾، شهر شهر ۾ ماڻهو ڪٺا ٿي ساڌ سنگت يا شيوڪ سنگ جوڙين ۽ جيڪي انساني ذات جو سرو ساماينه سڀني لاءِ هڪ جهڙيون ضرورتون آهن، انهن کي دور ڪرڻ لاءِ محبت سان معصوميت شامل ڪري، محنت ڪري دور ڪن، ته هو سچا صوفي به ٿيندا ۽ پنگتي شيوڪ به ٿيندا. پنگتي شيوڪ ڏسن ٿا ته هر هڪ انسان کي تندرستيءَ جي ضرورت آهي ۽ تنهن ڪري پاڙي پاڙي ۾، تندرستيءَ وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ وديا جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪوشش ڪندا ٿا رهن. اهي ڏسن ٿا ته هر هنڌ هنر محنت روزگار جي ضرورت آهي ته اها ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڏسن ٿا ته هر هنڌ خوشي ۽ خوشنمائي ۽ وندر جي ضرورت آهي اها وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڏسن ٿا ته هر هنڌ انصاف ضرورت آهي ته اهو سستو ۽ سولو هر هڪ لاءِ موجود ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڏسن ٿا ته هر انسان کي چڱي رهت ۽ چڱي جي ضرورت آهي ته چڱي چال آڻڻ ۽ پاڻ سڌارڻ جي ڪم ۾ هر هڪ کي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ طرح سامي جن فرمايو آهي:

 

سنتن ست ڪرم سمجهي رکيو سر تي،

سيل سنتوکه نر ويرتا شيوا ديا ڌرم،

تپ تيرٿ جڳه هوم برت سامي سڪ مرم،

ميٽي بولو ڀرم ڪن ڪرتارٿ ڪل کي.

 

يا وري چيو اٿن:

سو ساڌو جن ڄاڻ سنسار ۾ من سڌ ڪري،

دک سک لاڀ الاڀ ۾ رهي ثابوتيءَ ساڻ،

سامي سڀ ڪنهن جو ڪيول گهري ڪلياڻ،

ڪڍي پنهنجو پاڻ ٻئي پياري  رام راس.

”اهو آهي صوفي پڻي، ساڌو پڻي ۽ پنگتي شيوا جو رستو.“

اسلام به سيکاريو آهي ته انسان ذات جي خدمت بهترين عبادت آهي. شاهه ڀٽائي رحه ان ڪري ته فرمايو:

 

روزا نمازون اي پڻ چڱو ڪم

اهو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي

 

1922ع ۾ مسٽر سچانند(1) جي ادارت هيٺ، هفتيوار ”شڪارپور سماچار“ جاري ٿي. اها اخبار ڪانگريس جي زيرنگراني نڪتي هئي جنهن ۾ اڪثر ڪانگريس بابت خبرون ۽ ان جا پروگرام وغيرهه شايع ٿيندا هئا.

1923ع ۾، سه روزه ”سنڌ زميندار“(2) سکر مان، ماهوار مذهبي اصلاحي ۽ تاريخي رسالو ”توحيد“ ڪراچي مان ۽ بزم مشاعرو لاڙڪاڻي طرفان ماهوار ”گلدسته“ جاري ٿيا. ٽنهي کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت حاصل آهي. پهرين اخبار وڏي سائيز تي نڪرندي هئي ۽ اٽڪل ٽيهن سالن تائين اخلاص سان سنڌ جي مسلمانن جي سماجي، علمي ۽ سياسي خدمت ڪيائين ۽ ٻي وچتي 7 سالن جي ناغي کانسواءِ، 1950ع تائين جاري رهي مذهبي ۽ تاريخي ميدان ۾ بي بها ڪم ڪيائين.

ماهورا ”گلدسته“ جي سرپرستي ”سنڌي سڌار سوسائٽي“ ڪري رهي هئي جنهن جو بنياد ”لاڙڪاڻي ساه سيبباڻي“ ۾ 1915ع ڌاري پيو هو جنهن جو بانيڪار مرحوم حڪيم ميان علي محمد قادري هو. جيتوڻيڪ هن سان گڏ ان ڪم ۾ برابر جا شريڪ فقير ميان غلام سرور قادري. نواز علي ”نياز“ ۽ حاجي محمود ”خادم“ به هئا. هن سوسائٽيءَ شاعرن جو آواز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ هو رسالو ”گلدسته“ جاري ڪيو هو، جنهن جي ادارت جا فرائض ميان علي محمد قادري پڻ سنڀاليا. ان زماني ۾، لاڙڪاڻي جي جهوني ادبي اخبار ”الحقيقت“ به اوج تي هئي جنهن سوسائٽي رول ادا ڪيو. مشاعرن جون ڪارروايون ۽ انتخاب هن اخبار ۾ 1941ع تائين پيا ڇپبا هئا.

”سنڌ زميندار“(1) اخبار ڪڍڻ ۾، سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو هٿ هو. هن جا ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب، مسٽر علي احمد ”عليگ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي رهيا. اوحدي صاحب جي خيال ۾، 1936ع ۾ هيءَ اخبار مالڪن جي بي  توجهيءَ سبب ۽ اهڙن هٿن ۾ وڃڻ سبب، جي سندس ادارتي ذميواريون سنڀالي سگهڻ جهڙا نه هئا، پنهنجو وقار وڃائي ويٺي ۽ هوريان هوريان ختم ٿي وئي.“

جناب پير علي محمد راشدي لکي ٿو:

”...........خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن جو اثر ان کانسواءِ هو. پڙهيل لکيل عوام ۾ آزاديءَ جو جذبو جاڳي چڪو هو ۽ انگريز مجبور ٿي پيا هئا ته مسلمانن خاص طرح زميندارن تي هٿ رکن، کانئن اخبارون ڪڍرائين“ ”امن سڀا“ ۽ ”سنڌ محمد ائسوسيئيشن“ جهڙيون وفادار ۽ فقط نوڪريون گهرندڙ جماعتون قائم ڪرائين ۽ حڪومت سان وفاداري جي وسامندڙ ڏئي کي نئين هوا ڏياري، ان کي قائم ۽ روشن رکن.

”سنڌ زميندار“ اخبار جو جاري ٿيڻ ان عين پاليسي پٽاندڙ هو ۽ ماستر عبدالوهاب مرحوم پنهنجا فرائض بلڪل چڱيءَ طرح سان بجا آندا سندس انتقال کانپوءِ مسٽر احمد علي خان عليگ ايڊيٽر مقرر ٿيو، ۽ مئي 1929ع ۾، مون پاڻ وڃي مسٽر احمد علي جي ڇڏيل ڪرسي سنڀالي. منهنجي ڏينهن ۾ اخبار جي پاليسي بلڪل ڦري وئي. ان ڪم ۾ قدرت به مدد ڪئي. اصلوڪا ڊائريڪٽر مري کپي چڪا هئا. پريس جو سارو انتظام خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي قبضي ۾ اچي ويو هو. اهو صاحب پاڻ نوجوان هو، خوددار هو ۽ ايڊيٽر جي ڪم ۾ ڪابه دست اندازي ڪانه ڪندو هو. ساڳئي وقت عام حالتن ۾ به تبديلي اچي وئي هئي تنهن ڪري اخبار جي تحريرن کي تيز ڪندي، منهنجي رستي ۾ ڪابه رڪاوٽ ڪانه هئي. البت ڪيترا ڀيرا وقت جا عملدار ناراض ٿي  پيا. هڪ دفعي ڪوشش به ڪيائون ته مون کي ڪڍرائي، مرحوم عبدالوهاب جهڙو ڪو پوڙهو رٽائرڊ سنڌي ماستر آڻي، ايڊيٽر ڪري ويهارين، پر کهڙي صاحب بنهن تريءَ تيل ڪونه ڏنن ۽ سال 1933ع تائين آءُ پنهنجي جاءِ تي بحال رهيس. اهو هو قصو”سنڌ زميندار جو.“ (1)

جناب پير حسام الدين راشدي وري لکي ٿو:

”سکر واري ”سنڌ زميندار“ جنهن جو مان وڃي ايڊيٽر ٿيس، سا درحقيقت ”الوحيد“ جي مقابلي لاءِ، انگريزن جي چرچ تي، سرڪار پرست مسلمانن ڪڍي هئي. بظاهر ته زميندارن جي حقن جي محافظ ليڪن درپرده ”الوحيد“ جي ڦهلايل ”زهر“ لاءِ ”تيراق“ ان جا مالڪ، ان جا خريدار ۽ جن جو ان سان تعلق هو، سي سڀئي انگريزي اقتدار جا پروردائي پيدا ڪيل هئا، جيڪي لوڪ جي سبب ظاهر خاني پاڻ کي اعتدال پسند قومي رهنما سڏائيندا وتندا هئا. ”سنڌ زميندار“ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي بيٺي ليڪن ”الوحيد“ جو لکيو مسلمانن جي دل تي ۽ دماغ تان مٽائي ڪونه سگهي.......“(2)

اخبار ”سنڌ زميندار“ جو مئنيجر ڪجهه وقت آغا نظر علي خان هو جيڪو ٿورو عرصو ايڊيٽر به رهيو هو. ان جي فطرت ۽ هلت بابت، پير حسام الدين راشدي صاحب ڏاڍو مزيدار خاڪو ڏنو آهي. ملاحظه ڪريو:

”نئين انتظام هيٺ، اخبار جو مئنيجر آغا نظر علي خان ٿي آيو جيڪو هن طبعاً دل جو سست، همت جو ڍرو ۽ حڪومت کان قدري خائف رهندو هو، تنهن ڪري اخبار نويسيءَ لاءِ جيڪو اصول مقرر ڪيو هو سو اجهو هي هو. ڪم اهو ڪجي جنهن مان لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ٽٽي، يعني انگريزن کان حق بيشڪ طلب ڪجن، مسلمانن جي مسئلن تي لکجي ضرور ليڪن ”ڌيان طلب“ جي سرخيءَ هيٺ، ڏاڍي نوڙت ۽ نرمائي سان، سٺي زبان ۽ سهڻي لهجي ۾، وڻندڙ طريقي ۽ سهندڙ نموني ۾. ۽ آخر ۾ چوندو هو ته ”تدبر داشبندي درحقيقت ان طور طريقي جو نالو آهي.“ اهي سڀ اکر ۽ محاورا، ترڪيبون ۽ لفظ در حقيقت هن پنهنجي فطري هيڻائي جي آٿت لاءِ گهڙيا هئا، ورنه نه کهڙي صاحب جي جهل هئي ۽ نه اخبار جي نئين دور جي ڪا اها تقاضا هئي.....“

 

ساڳئي نظر علي خان جي باري ۾، وري جناب پير علي محمد شاهه راشدي جي راءِ ٻڌو هن جو ٺاهيل Men Picture به نظر مان ڪڍو:

”نظر علي خان جي حياتيءَ جا اصول هئا. مالڪ پريس (مسٽر کهڙي) ذات سان وفاداري، خرچ جي معاملي ۾ ڪفايت شعاري، بني نوع انسان تي بي اعتباري، هندو ذات کان بيزاري، اڇي چمڙي (يعني انگريز) اڳيان نيزاري، مسلماني نالي ۾ مستقل آه و زاري صحت جي معاملي ۾ خبرداري، مفت جي ماني ملي ته پيٽ کي پوري آزادي، بيماري جي حالت ۾ دانهن ڪوڪ سخت، مگر دوا ضرور ملي مفت، جيڪڏهن پيرين پنڌ هلڻ ممڪن هجي ته بگيءَ جو ڀاڙو خرچ ڪرڻ بدترين بدعت، صورت رعبدار. آواز گرجدار يارن جو يار ۽ مذاق، بذل سنچ........“

”سنڌ زميندار“ جي ٻئي خصوصيت هيءَ هوندي هئي ته ”تدارڪي خاطو“ يعني حل جو تلاشي خط لکلندڙ جي حوالي سان به اخبار ۾ شڪايتون شايع ٿينديون هيون. ازانسواءِ مزاحيه ڪالم ”کلو ۽ کنگهيو“ جي نالي سان لکيو ويندو هو.

 

جيستائين ماهوار ”توحيد“ جو تعلق آهي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي بيان ڪرڻ وقت ٻڌايو ويو آهي ته ان رسالي جون مذهبي ۽ سوانح جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن، ”توحيد“  جي ”سرورق“ جي وچتي تعريف ”مذهبي، علمي، اصلاحي، تاريخي ماهوار رسالو“ جهڙن لفظن ۾ ڪيل هوندي هئي ۽ ان جي مذهبي مهانڊي جو اعلان اقبال جي هن شعر سان ڪيل هوندو هو ته:

توحيد کي امانت سينون مين هـﻶ همارـﻶ،

آسان نهين مڻانا نام و نشان همارا.

پر ساڳئي وقت، هي رسالو، ان وقت جي سياسي حالتن ۽ ان سلسلي ضروري رهنمائي کان غافل به نه هوندو هو. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کانپوءِ پهريون دفعو هتي چونڊون ٿيون جنهن ۾ وڏي ويڙهه ٿي هئي. ان بابت، توحيد 1937ع ۾ پنهنجي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ تبصرو ڪيو جيڪو پڙهڻ وٽان آهي. اداريه جو عنوان آهي ”اليڪشن جا تجربا.“

”سنڌ جدا کانپوءِ، چونڊن جو جيڪو ملڪ ۾ هنگامو ٿي گذريو سو بيحد حيرت افزا هو. ملڪ جا سردار ڌر وارا ماڻهو ۽ آزاد خيال پهلو به پهلو هن ميدان ۾ هڪٻئي جي مقابلي ۾ نڪري پيا ۽ خوب زور آزمائي هلي. نتيجو جيڪو نڪتو آهي سو هڪ طرف مايوس ڪن آهي ۽ ٻئي طرف اميدا افزا به آهي. سنڌ جي مسلمانن ۾ ڏسجي ٿو ته قدري سياسي سجاڳي به پيدا ٿي رهي آهي. پر ان سان گڏ هنن ۾ عام جهالت پکڙيل آهي. هو ورهن کان وٺي وڏيرن جي، پيرن، سيدن ۽ مردارن جي چنبن ۾ گرفتار آهن. جنهن ڪري هنن کي ووٽ جهڙي شئ جي قدر و قيمت بلڪل معلوم نه آهي. هو ڪنهن به معمولي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجو ووٽ ڪنهن به نالائق اميدوار جي حوالي ڪري پاڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان قبر کي کوٽي ڇڏين ٿا.....“

هن رسالي جي صحفن تي، اهڙو ته مفيد ۽ معلوماتي مواد، خصوصاً مذهبي ميدان ۾، ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. جنهن مان چڱو خاصو الڳ هڪ ڪتاب ٺهي سگهي ٿو جيڪو موجوده روشنيءَ واري زماني ۾ به نهايت ڪارآمد ٿيندو. رسالو 50 کن صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ هن جي مستقل لکندڙن ۾، ان وقت جي چوٽيءَ جا عالم جهڙوڪ علي خان ابڙو، عبدالله چنا، مولائي شيدائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم مولانا محمد صادق، حاجي محمود هالائي ۽ مولوي در محمد ”خاڪ“ شامل هئا. هن رسالي ۾ ڪيترائي ديني ۽ فقهي مسئلا ڇڙيا ويندا هئا ۽ انهن جو جواب ۽ رد ڏنا ويندا هئا  ته جئن مسلمانن مان ضعيف الاعتقادي دور ٿئي ۽ وهمن ۽ وسوسن کان بچن. هڪ اشاعت ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي حوالي سان قاديانين کي گهمراهه قرار ڏنو ويو هو. هن رسالي ذريعي، خاڪسار تحريڪ تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويندا هئا ۽ مرحوم علامه مشرقي کي سخت ننديو ويندو هو ۽ الزام هنيو ويو هو ته هو اسلام جي روح جي خلاف ڪم ڪري رهيو هو. هي رسالو 1934ع ۾ ٻيهر جاري ڪيو ويو هو.

ساڳئي، سال هڪ هفتيوار اخبار ”ڌرم اپڪار“ جي نالي سان جاري ٿي هئي جيڪا 1925ع تائين جٽاءُ ڪري سگهي. هن ۾ گهڻو ڪري، هندو مت جا مضمون شايع ٿيندا هئا. اخبار ايڊيٽر ڪشن ڀاٽيا ۽ هريرام ڀٽ هئا. اخبار شڪارپور مان نڪرندي هئي.

1924ع واري سال ۾ ڪافي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيا جن ۾ ميرپورخاص جي زميندارن پاران هفتيوار ”ملسمان“(1) کي سڀني کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان جو ايڊيٽر معروف شخصيت مرحوم محمد هاشم ”مخلص“ هو جيڪو اعليٰ شاعر ۽ وڏو طنزنگار هو. سندس تحرير جو نمونو انفرادي ۽ معياري هو. هن اخبار جي معيار ڄاڻائڻ لاءِ، اسان ان جو هڪ اداريه ڏيون ٿا جنهن جو واسطو به اخبارن جي اهميت سان آهي. ”مسلمان“ 19 اپريل 1928ع جو مختصر ادارتي نوٽ ملاحظه ڪريو.

”مسلمانن جي حالت، روزانه اخبار جي قلت هوندي، جنهن بيڪسي ۽ بيدري جي حد تائين پهتي آهي ان جو اندازو به اهي ڪري سگهندا جن جيون دليون قوم جي دردن سان لبريز هونديون.

 

دنياوي عيش عشرت، سير تفريح لاءِ هر هڪ صاحب نهايت فراخدليءَ سان ۽ بيباڪيءَ سان هزارها روپين تي پاڻي ڦيري ڇڏيندو آهي ۽ هر ڪنهن صاحب جي اها تمنا رهندي آهي ته اهڙن بيباڪ خرچيندڙن جي صف اول ۾ سندس نالي کي شمار ڪيو وڃي. ليڪن جڏهن قوم غريب جي بربادي ۽ حل مشڪلات جو ڪو سوال اٿندو ته يارن جو دم چڙهي ويندو آهي. سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته: ”جنهن جي جاءِ نه آهي ان جي جوءِ به نه آهي.“ پر دراصل چوڻ هيئن گهرجي ته: جنهن قوم ۾ اخبار نه آهي، اها قوم ئي نه آهي.“

 

محترم محمد ڪامل شاهه ۽ مسٽر نور محمد (ٻئي ايم- ايل- سي) کي گذارش ڪندي اخبار لکيو ته:.......اها غريب قوم جنهنجي طفيل اوهين هيڏي عزت جي درجي تي پهتا آهيو، ان جي دردن ۽ مصيبتن جي هٽائڻ جو اپاءُ ڪريو. اوهان جي عزت، اوهان جو شان، اوهان جو افتخار قوم جي سلامتيءَ سان ٻڌل آهي تنهن ڪري انهيءَ قوم کي جيئرو رکڻ ٿا چاهيو ته پوءِ اوهان تي فرض آهي ته اهڙي قوم جي ڪشتي کي سلامتيءَ جي ڪناري پهچايو ۽ اها ڳالهه اوهان لاءِ سخت غيرت جو باعث آهي جو هڪ هڪ اخبار به جاري ڪري نه ٿا ڪري سگهو.“

 

شڪارپور مان هفتيوار اخبار ”شڪارپور گزيٽ“ ”الحنيف“ ۽ ماهوار ڪتابي سلسلو ”غنچئه اسد“ (1) جي نالي ۾ جاري ٿيا. ان ساڳئي سال جي اردگرد، هڪ ٻئي هفتيوار ”تنظيم“ (2) نڪتي جنهن جو ايڊيٽر نواب خالقداد خان ”عاجز“ هو ۽ ڳوٺ جاڳڻ، تعلقه شڪارپور، ضلعي سکر جو رهاڪو. تعليم يافته ۽ روشن خيال نوجوان هو ۽ ڏتڙيل طبقي لاءِ وڏي همدردي رکندڙ هو. ان زماني جي لڳ ڀڳ هڪ هڪ هفتيوار اخبار ”اتحاد“ نوابشاهه مان جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر علي محمد خان مري هو تنهن کانسواءِ سوامي گووندانند ناٿاڻي ”ڪيسري“ اخبار جاري ڪئي هئي جيڪا موادي پاليسي سبب منفرد مقام رکي ٿي.

”مسلمان“ اخبار جون نوڪون جهوڪون، ان زماني ۾، ڪيترن ئي مشهور صحافين ۽ اخبارن سان هلنديون هيون جن مان مکيه ”نوراسلام“ وارو مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ سندس اخبارون، ميرپورخاص گزيٽ ۽ ان جو ايڊيٽر گرڏنومل ۽ الوحيد جو هلائيندڙ ۽ روح روان شيخ عبدالمجيد سنڌي  ۽ ”تنظيم“ جو ايڊيٽر ”عاجز“ صاحب. انهن سڀني تي خوب ڇوه ڇنڊيا ويندا هئا. انهن کانسواءِ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين ”بلبل“ ۽ پير جهنڊي وارو خلاف به، مرحوم ”مخلص“ مضمون لکيا. هن اخبار ۾ ڀرڳڙي صاحب جي رسائي ۽ لاپي واري هٿ ۾ کنيل مسئلي کي چڱي طرح وضاحت سان سمجهايو. ”مخلص“ مرحوم پنهنجي قلم ۽ شاعري جا وڏا ڪرتب ڏيکاريندو هو. مسلمان اخبار جي ٻي خصوصيت هيءَ هئي ته ان جا صفحا، شروع ۾، تحريڪ خلافت، ترڪن جي همدردي ۽ ٻين سمورن خارجي اسلامي مسئلن سان ڀريل هوندا هئا. ”مخلص“ اهڙو موقعو ڪڏهن به نه وڃائيندو هو جڏهن هنن سان همدردي ۽ حمايت جي ضرورت هوندي هئي. اندروني طرح، گرڏنيمل ۽ سندس اخبار ميرپور گزيٽ جون خبرون وٺندو هو. بهرحال، مسلمانن ۽ سندن دين اسلام جي هن اخبار به بهترين خدمت ڪئي. ”مخلص“ مرحوم جي وفات کانپوءِ، ان اخبار جي ادارت سندس لائق ڀائٽي محمد خان ”غني“ جي حوالي ٿي جنهن پاڻ کي پنهنجي چاچي جو صحيح جانشين ثابت ڪيو. ”غني“ مرحوم 1938ع ۾، ”مخلص“ جي ياد ۾ ”مخلص“ رسالو به حيدرآباد مان جاري ڪيو هو. ”مسلمان“ جي ٻين ايڊيٽرن ۾ محمد اسماعيل  ڀرڳڙي ۽ رسول بخش، محمد حيات بلوچ شامل آهن.“ ”شڪارپور گزيٽ“ اخبار هندو طبقي ۾ ڪافي مقبول هئي.

 

ان کان علاوه، ان ساڳئي سال، جي اهم هفتيوار اخبار ”نوراسلام“ جي نالي سان، مرحوم مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ٽنڊوالهيار مان جاري ڪئي ۽ ديال سنگ ريلومل ۽ پروفيسر تاراچند گاجرا، شڪارپور مان هفتيوار ”ميلاپ“ ڪڍي جيڪا 1935ع ۾ بند ٿي وئي. ”نوراسلام“ 1929ع تائين هلي ۽ ٽنڊوالهيار کانپوءِ، ميرپورخاص ۾ ”مسلمان“ پريس ۽ ڪجهه وقت ٽنڊومحمد خان مان به نڪرندي هئي. ازانسواءِ، مختلف هنڌن تان ٻيا ڪيترائي رسالا ماهوار ۽ هفتيوار شڪل ۾ نڪتا، جهڙوڪ، ”ترقي“، ”الخيف“، ”ديپڪا“، ”گيان“ ۽ ”شيوا منڊل“ وغيره. ان کانسواءِ هڪ ٻيو ”سچتر ماسڪ پتر“ رسالو نڪتو جنهن جو ايڊيٽر مولچند ٺارومل هو. هن رسالي ۾ مذهبي ۽ اخلاقي قسم جو ادب ڇپبو هو. ساڳئي مولچند ٺارومل هڪ ٻيو ماهوار رسالو ”سرسوتي ساهتيه“ نالي جاري ڪيو هو جنهن ۾ ناول ڇپبا هئا.

 

”نوراسلام“ جتي سنجيده ٺوس مذهبي ۽ سياسي ويچارن جي ِڏک ڏئي ٿو اتي، بعض اوقات طنز جا تير ڇوڙيندي ڪيترن کي ڪهندي ۽ ڪيرائيندي به نظر اچي ٿو. مولوي صاحب ”مخلص“ مرحوم وانگر هڪ بهترين طنزنگار به هو. ان سلسلي ۾ ”نوراسلام“ 9 جون 1929ع واري اشاعت جو هڪ مختصر نوٽ پيش ڪريون ٿا جنهن جو عنوان هو ”مسلمانن جي موجوده سخاوت، ريش دراز ۽ ريش تراش جو تفاوت“. ملاحظه ڪريو:

 

”انقلاب زمانه جهڙي طرح ماڻهن جون شڪليون ڦيرائي ڇڏيون آهن، تهڙيءَ طرح سندن دلين تي به شڪلين وارو اثر غالب ٿي ويو آهي.

 

هڪڙي ريش تراش ۽ هيٽ پوش مسٽر ڪراچي مان چنده جي غرض تي نڪري ٿو ۽ جنهن مسلمان وٽ وڃي ٿو، سو سندس حاڪمانه هيت ۽ مقبول پوشاڪ کان مرغوب ۽ متاثر ٿي هن کي ٻه چار سو رپيه ڏيڻ ضروري ٿو سمجهي ته ٻئي طرف هڪ ريش دراز ۽ پڳڙي پوش ملا اخبار جي امداد لاءِ انهيءَ ساڳئي صاحب وٽ پهچي ٿو ته هن کي ملن ٿا پنج يا پندرنهن رپيه ڇو ته هو جينٽلمين- هو ولايت جو صاحب، هو مشير وطن، هو وڏي پوزيشن وارو، هن کي گهٽ ڏيڻ پنهنجي ۽ هن جي هڪ عزت جو باعث ۽ هي ريش دراز فول ملا بيڪار هستي، ملڪ تي چٽي، مذهبي ماڪوڙو هن ۽ هن ۾ زمين آسمان جو تفاوت.

ڀلا زمانا تنهنجا کيل!

وڏو بدبخت سو چئبو ٿيو جو مولوي ملا،

ڀلا ڀائي سو بختاور جو ڊپٽي ڊاڪٽر هوندو.

چپڙ چٽ جنهن جي ڏاڙهي ۽ مڇون اڌ ڪوڙيون هونديون،

اهو مسٽر هو بابو وڏو اڄ ذي وقر هوندو.“

1924ع ۾ جاري ٿيل ”ترقي“ ۽ ”الحنيف“ ڪافي اهم رسالا هئا. ”ترقي“ ڪراچيءَ مان، مرحوم عبدالخالق مورائي ڪڍيو. هي رسالو مذهبي، تاريخي ۽ ادبي نوعيت جو اعليٰ مواد سبب ممتاز حيثيت رکي ٿو. رسالو 36 صحفن تي مشتمل هو ۽ سال ۾ هڪ نمبر به ڪڍيو ويندو هو، جنهن جي ضخامت ڏيڍ سوء صفحن تائين هلندي هئي. انهن نمبرن ۾ ”آخري رسول“ ”فاتح سنڌ“، ”آخرين مذهب“ ۽ ”قرباني“ مشهور آهن. هن رسالي جي خصوصيت هيءَ هئي ته ان ۾ اردو شاعري به ڏني ويندي هئي.

 

”الحنيف“ جمعيت الاءِ حناف جي ترجمان هئي. شروع ۾ مذهبي رنگ هوس پر بعد ۾ سياست ۾ به ڪاهي پئي. سندس ايڊيٽرن ۾ مسٽر غلام نبي قريشي، مولوي محمد ابراهيم ”خليل“،  ڪريم بخش ٽانوري،  محمد حسين کهاوڙ ۽ حافظ خير محمد اوحدي شامل هئا. هيءَ اخبار ملڪيت محمد حسن کهاوڙ جي هئي ۽ جيڪب آباد مان نڪرندي هئي. ان کان اڳ ٿورو عرصو شڪارپور مان به نڪتي. حافظ اوحدي جي چوڻ مطابق ”الحنيف“ سنڌ کان ٻاهر بلوچستان جي به سياسي ۽ سماجي خدمت ڪئي. ”الحنيف“ جو آواز ڄڻ اسرائيل جو صور هو، جنهن صدين کان ستل قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪيو ۽ کيس (بلوچ قوم) برطانوي سامراج جي خلاف ميدان ڪارزار ۾ آڻي کڙو ڪيائين. پهرين آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس، سندس جدوجهد جا خوشگوار نتيجا هئا.“ (1) حافظ اوحدي صاحب، مولوي محمد حسين کهاوڙ جي صحافتي خوبين جي گهڻي ساراهه ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته:

”نه فقط پاڻ صحافت جي ذريعي ملڪ ۽ ملت جون گرانقدر خدمتون بجا آنديون پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي نوجوانن کي صحافت جي ميدان ۾ قدم رکڻ جي ترغيب پڻ ڏنائين جي سندس ئي ترغيب ۽ تربيت سان نامور صحافي بڻيا ۽ صحافت جي آسمان تي آفتاب ۽ ماهتاب وانگر چمڪڻ لڳا.“

 

بزرگ صحافي پير علي محمد راشدي صاحب، ان سلسلي ۾ ٻڌائي ٿو:

”الوحيد“ جي مقابلي ۾، حنفي حضرات ”الحنيف“ نالي هڪ هفتيوار پرچو شڪارپور مان جاري ڪرايو. مرحوم مغفور حضرت پير آقا محمد حسن جان صاحب سرهندي (ٽنڊو سائينداد، ضلع حيدرآباد) حنفي جماعت جا اڳواڻ هئا. انهن جي سرپرستي هيٺ ”الحنيف“ جو اجراء عمل ۾ آيو ۽ ان مقصد لاءِ هڪ پريس به قائم ڪئي وئي. ان پريس جو مئنيجر ۽ ”الحنيف“ اخبار جو ايڊيٽر ميان ڪريم بخش ٽانوري بڻيو...........“ راشدي صاحب ان جو پسمنظر هن طرح ٻڌايو آهي ته ان زماني حنفي ۽ وهابي عالمن جي وچ ۾ سخت ڪشيدگي پيدا ٿي پئي هئي.“ جيڪڏهن ستت ئي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فساد شروع نه ٿي پون ها، ته مسلمانن جا اهي باهمي جهيڙا ڪو وڏو خلم مچائين ها.“ (1)


1924ع ۾ ئي، ”ڏيارام گدومل ڪاليج“ حيدرآباد طرفان ساليانه انگريزي- سنڌي مخرن ”ڦليلي“ شروع ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻنهي استادن ۽ شاگردن جا اعليٰ درجي جا مضمون ڇپجڻ لڳا. 1947ع ۾ مخزن جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر جناب اتم هو جنهن ”پريت نگر“ ۽ ”سوويت ڀومي“ جي عنوانن سان ٻه عمدا مضمون لکيا هئا.

”غنچئه اميد“ هڪ ماهيانه علمي ۽ ادبي مخزن هئي جنهن جو ايڊيٽر مسٽر عيدنمل مينگهراج هو ۽ حيدرآباد جي ڪرشنا پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيو هو ۽ سنڌ جاگيردار ۽ زميندار انجمن جي سهاري هيٺ نڪرندو هو.

”ترقي“ رسالي جي باري ۾، هتي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿا سمجهون ته هن رسالي ذريعي ان وقت ڪن هندن طرفان اٿاريل مذهبي ڇيڙڇاڙ جا جواب ڏنا ويا هئا. مورائي صاحب هن رسالي ۾ ”سندري“ ناول ڏيڻ شروع ڪري رکيو هو. ازانسواءِ ”شڌي جو سانگ“ هڪ ٻيو ناول لکيائين ۽ قسطوار ڇپيائين ۽ ”واڻڪي شاعري“ جي هيڊنگ تحت، ڪجهه بيت شايع ڪيائين جن مان مراد حملي ڪندڙ هندن جي تذليل هئي.

ان ئي سال ڪراچي مان، شاگرد برادريءَ پاران هڪ هفتيوار ”دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ“ سنڌي انگريزي اخبار جاري ڪئي وئي جنهن جو اعزازي ايڊيٽر ايم-ايم ڪرپلاڻي هو. هن اخبار ۾ سنڌي شاگردن جي ان وقت جي مسائل ۽ مطالبن جون خبرون ڇپبيون هيون. ازانسواءِ سورپڻي تحريڪ، اسڪائوٽ موومينٽ ۽ جسماني نشونما متعلق مضامين پوندا هئا. هن اخبار جي پهرين پرچي ۾ ٻين ليکڪن سان گڏ مرحوم مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ محمد صديق جا مضمون شايع ٿيا هئا.

1925ع ۾، ”ديش متر“ (ديس جو دوست) نالي هڪ هفتيوار (1) اخبار سنڌي- انگريزي ۾، مسٽر کيمچند ڊيٽارام واسواڻيءَ ڪراچيءَ مان جاري ڪئي هئي. هن اخبار ۾ گهڻو ڪري سماجي سڌارن متعلق مضمون پوندا هئا. هيءَ اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندي رهي. هن ۾ مکيه ليکڪ ديوان واڌومل گنگارام هوندو هو. 1929ع ۾ ”ديش متر“ جي انگريزي ڪالمن ۾ پروفيسر لالسنگ آجواڻي هڪ اهم مضمون لکيو هو جنهن ۾ پنگتي خرابين لاءِ زال کان وڌيڪ مرد کي ذميدار ٺهرايو هئائين. انهيءَ جي جواب ۾ وري آجواڻي صاحب سنڌي قلم آزمائي ڪندي هڪ نهايت دلچسپ مضمون لکيو هو جنهن جو عنوان هو ”پنگت جي خامين لاءِ زالون جوابدار آهن ڇا؟“

ساڳئي سال، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”الجامع“ نالي رسالو جاري ڪيو. هن رسالي جي اجراء ۾ مرحوم سر عبدالله هارون جي امداد حاصل هيس. رسالو ڪراچي جي کڏي واري مدرسي مان نڪرندو هو ۽ ان ذريعي مسلمانن جي گهڻي ديني خدمت ڪئي وئي. هن ”علم“ نالي هڪ رسالو پڻ ڪڍيو هو.

ان بهاني سان، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ٿورو ذڪر بي جاءِ نه ٿيندو. هن مرد مجاهد ۾ به ڪيتريون ئي خوبيون هيون. ديني عالم ته بنيادي طرح هو پر وقت جي سياست، صحافت ۽ علم و ادب سان به چڱو خاصو وابسته رهيو ۽ انهن ميدانن ۾ اڻ مٽندڙ نقش ڇڏي ويو. سياسي طرح، سنڌ ۾ ڪانگريس مائل هو ۽ جمعيته العلماء سنڌ جو شايد پهريون سيڪريٽري هو. شاعر به سٺو هو ۽ خصوصيت هيءَ هئي ته روايتي انداز واري شعر و شاعري يعني عشق فشق جو فساد، گل ۽ بلبل جي بيان ۽ شمع ۽ پرواني کان پري رهيو. هن جو زور ان ڳالهه تي هو ته شعر به اسان جي روز مره واري عملي زندگي سان هئڻ گهرجي، جيڪو حقيقت سان همڪنار هجي ان سان واسطو ۽ واهپو رکندو هجي. مرحوم حڪيم صاحب انسان ذات جي وسيع برادري جو قائل هو ۽ هندو- مسلم ايڪتا ۽ اتحاد پيدا ڪرڻ تي توجهه ڏيندو هو. زبان جي سادگي ۽ رواني ۽ مٿين نظرين جي شهادت طور به چار شعر ڏجن ٿا.

 

خلق ساري آهي، پياري پنهنجي پالڻهار کي،

سهڻو سائين آ بڻايو هن سڄي سنسار کي،

ڪيئي قومون ڪيئي فرقا ڪيئي رنگ ڪيئي روپ،

سڀ ڏسي ساراهه رب جي جوڙ ۽ جنسار کي.

هڪ نظر سان ٿو ڏسي خالق پنهنجي مخلوق کي،

لنگڙي، لولي، انڌي، ڪاڻي، ٻڍي ۽ ٻار کي.

هو خدا سڀ ڪنهن جو آهي، خاص ڪنهن جو ڪين آه،

رزق روزي ٿو رسائي نيڪ ۽ بدڪار کي،

رب آهي عالمن جو ٻاجهه وارو ڀرجهلو،

ٿو سنڀالي سو سٻاجهو ڪافر و ديندار کي.

سندس طرز تحرير معلوم ڪرڻ لاءِ، حڪيم صاحب جي تصنيف، ”ميرن جي صاحبي“ مان هڪ ننڍو اقتباس ڏجي ٿو:

”....... سبحان الله! ڪهڙي ڳالهه ڪجي رهت جي! راڄ مهاڄڻ جو پاڻ ۾ سلوڪ ۽ سٻنڌ، ”پريم ۽ پيار“،

الفت ۽ اتفاق هو، منجهن جو قرب ۽ محبت، ياري ۽ غمخواري، دوستي ۽ دلداري هئي. تنهنجو ڪهڙو جواب!

”........ جيڪڏهن ويهي ذري ذري جو تفصيل لکان ته هوند اڄوڪا ماڻهو وسهن ئي ڪين ۽ هن سچي حقيقت کي به ڪوڙي ۽ جڙتو آکاڻي يا پراڻي ڏند ڪٿا سمجهن. پر خدا ڄاڻندڙ آهي ته سچ آهي جيڪو مون لکيو آهي ۽ ڪوڙ آهي جيڪي هلايل ۽ هليل آهي. آءُ ته صاف چوان ٿو ته پنهنجي هن سچ چوڻ تي ڀروسو اٿم ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ هندو مسلمانن کي سنڌ ۾ هڪڙي قسم جو سوراج حاصل هو.“

 

بهرحال، ان زماني ۾، مرحوم سيوهاڻيءَ جي هنن خيالن جو سرڳواسي پرمانند ميوارام رد ڪد ڏنو هو ۽ ”ميرن جي صاحبي موٽي اچي ڇا؟“ جي عنوان واري مضمون ۾ لکيو هئائين ته ميرن جي ڏينهن ۾ ايتري ته خودمختياري ۽ زبردستي هوندي هئي جو ان جو موٽي اچڻ هاڃيڪار ٿئي ها.

ان ئي سال، ڪراچيءَ مان هندو پريس وارن ”هندي هندو“ (1) نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو هو. ازانسواءِ مرحوم قاضي عبدالرزاق 1927ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”علمي دنيا“ جي نالي سان جاري ڪيو. هي رسالو باتصوير علمي هو ۽ ان ۾ ادبي، تاريخي ۽ مذهبي مضمونن کان سواءِ دل وڻندڙ قصا، نتيجا خيز افسانا ۽ سلسله وار ناول شايع ٿيندا هئا. 1925ع ۾ ڪراچي مان، مرحوم عبدالله عباسيءَ ”گلشن“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو.

”ديپڪا“ ماهوار رسالو، حيدرآباد مان ڪيولرام بلوڪشي پريس مان ڪڍندو هو. هن رسالي ۾ ٿياسافيءَ جي اڳواڻن، مبلغن جي هلت چلت ۽ تقريرن ۽ تحريرن کان پڙهندڙن کي واقف ڪيو ويندو هو ۽ ان کانسواءِ هن رسالي ۾ تعليم، سائنس ۽ اخلاق تي مضامين ۽ نظم پنگتي چتڪا ۽ ڪهاڻيون ڏنيون وينديون هيون. رسالو سورهن صفحن تي مشتمل هوندو هو.

هڪ ٻيو رسالو ”ديپڪ“ هفتيوار شڪل ۾، شڪارپور مان مسٽر چندر ڀاٽيا جاري ڪيو هو جنهن جو دائرو شعر تائين محدود هوندو هو.

ساڳئي سال، شيوا منڊل ٽرئڪٽ ڳڙهي ياسين وارن هڪ ٽهه ماهي ٽرئيڪٽ ”شيوا ٽرئڪٽ“ نالي جاري ڪيو هو جنهن جو ساليانو چندو 4 آنه هو ۽ سندس پهريون انڪ (اشاعت ”مڙهيل ماڻڪ“ هو)

ازانسواءِ ان ئي سال، مسٽر مولچند نارومل هڪ ماهوار رسالو ”گيان آديه“ نالي سان جاري ڪيو جنهن جو پهريون پرچو ”هندو پريس“ ڪراچي ۾ ڇپيو. رسالي ۾ مذهبي، تاريخي ۽ سماجي مضمون ۽ شعر پوندا هئا ۽ سال ۾ خريدارن کي هڪ ڪتاب مفت ۾ ڏنو ويندو هو. هن رسالي جي پهرين سال جي پڇاڙيءَ ۾ خريدارن کي ”سندر ڪپري“ نالي ڪتاب ڏنو ويو. رسالي جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ ۽ برانچ آفيس حيدرآباد ۾ هئي ڪن جو خيال آهي ته 1927ع ۾ ”الوحيد“ ۽ ”ڪيسري“ کانسواءِ ”ماترڀومي“ ۽ ”هندو جاتي“ به روزانه اخبارون هيون. ائين ٿو لڳي ته مشهور روزانه ”هندو سنسار“ به انهن ڏينهن ۾ جاري ٿي هئي جنهن جو ايڊيٽر مسٽر ريجهو مل اگناڻي هوندو هو ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر مسٽر پارومل پمنداس هو. ٻي راءِ اها آهي ته ”هندو سنسار“ 1931ع ۾ جاري ٿي هئي. جنهن ڏينهن ۾، ڪيولراماڻي هڪ ماهوار رسالو ”رتن“ ڪڍندو هو جيڪو رتن ساهتيه منڊل پاران وجود ۾ آيو هو. ”هندو جاتي“ جو ان وقت ايڊيٽر دوارڪار پرساد شرما هوندو هو ۽ اخبار حيدرآباد مان نڪرندي هئي. هن اخبار جو وشنونيارام شرما به ايڊيٽر رهيو هو. ان وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ ٻي اهم اخبار ”هندو“ هئي جنهن جو ايڊيٽر هيرانند ڪرمچند هو. انگريزي زبان ۾، ان زماني ۾، ڪراچيءَ مان ڊيلي گزيٽ- ايس-ايس شرما جي ايڊيٽرشپ تحت نڪرندي هئي ٻيون انگريزي اخبارون هيون ”سنڌ آبروز“ ”نيو ٽائمز ڪراچي“، ”ڪراچي ڊيلي“، گزيٽ شام جي اخبار هئي ۽ ڊاڪٽر تارا چند لعلواڻي جو ”بنڪم ٽاڪس“ ڪالم ڏاڍو شوق سان پڙهيو ويندو هو. ان ئي دور ۾ غالباً 1928ع ۾، ڪراچي کان روزانه ”سنسار سماچار“ جاري ٿي هئي جنهن جو ايڊيٽر ٺاڪر داس آنگاڻي هوندو هو جيڪا ان ساڳئي عمارت مان نڪرندي هئي جنهن ۾ بعد ۾ 1955ع ڌاري روزانه مهراڻ اخبار نڪتي مسٽر ليلارام منگترام جي زير ادارت هڪ ماهوار رسالو ”سندر ساهتيه“ به نڪرندو هو.

ازانسواءِ ساڳئي سال، سکر مان، پير حزب الله شاهه راشدي عرف پير جيئل شاهه جي سرپرستي هيٺ، مرحوم مولانا دين محمد وفائي جي زيرادارت هفتيوار اخبار ”الحزب“ جاري ٿي. ستن مهينن کانپوءِ بند ٿي وئي.

ان سان گڏ، ان ئي سال پير علي محمد راشدي هڪ ماهوار رسالو ”الراشد“ جي نالي سان سکر مان جاري ڪيو. سندس پهريان پرچا ”سنڌ زميندار“ پريس مان ڇپايا ويا ليڪن بعد ۾، شڪارپور واري ”الحنيف“ پريس ۾ ڃپيو هو. ”الراشد“ لاءِ خود ان جو ايڊيٽر راشدي صاحب ٻڌائي ٿو ته ان ۾:


(1)  دراصل 1970ع واري چونڊ کان ٿورو الڳ ”الوحيد“ وري حيدرآباد مان ظاهر ٿي هئي، جڏهن سندس ايڊيٽر مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي ٿيا. پر اهو ٿوري عرصي وارو حصو هو.

(1)  مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته 1970ع واري عرصي دوران ”الوحيد“ جي ايڊيٽري مولوي خير محمد نظاماڻيءَ ۽ پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻيءَ به ڪئي.

(2)  ”مهراڻ تي مجلس“ سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ، حافظ خير محمد اوحدي، ص- 11.

(1)  ”الوحيد“، شيخ عبدالرحيم نئين زندگي، آگسٽ، 1968، ص، 61

(1)  ڀارتواسي، 12 اپريل 1921ع واري اشاعت ۾ روح رهاڻ بابت هڪ ليک پيل آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته ان ڏينهن تي مخزن کي هڪ سال پورو ٿيو.

(1)  سنڌي نثر جي تاريخ: پروفيسر ملڪاڻي

(1)  ساڳئي سچانند ”شڪارپور گزيٽ“ اخبار به جاري ڪئي هئي.

 

(2)  مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي لئبرري مان، ”سنڌ زميندار“ 4 مارچ 1922ع جي هڪ ڪاپي هٿ آئي. ان مان پتو پوي ٿو ته اخبار 1922ع ۾ نڪتي هئي. سنڌ گزيٽ اخبار جيڪب آباد مان حاجي محمود هالائي جاري ڪئي.

(1)   اخبار جي پهرين صحفتي تي ڪجهه ڪالم انگريزي زبان ۾ به هوندا هئا. هڪ ڪالم جي هيڊنگ هئي؛ Police Reduction (from our sindhi Columns) جنهن جي معنيٰ ته اڳ ۾ آيل ڪن سنڌي خبرن جو ترجمو ڪري انگريزي ۾ ان لاءِ ڏنو ويندو هو ته سرڪار کي آگاهي ٿئي.  

(1)   اهي ڏينهن اهي شينهن، پير علي محمد راشد

(2)  هو ڏوٿي هو ڏينهن: پير حسام الدين راشدي.

(1)  اخبار 4 جولاءِ 1924ع تي جاري ٿي هئي ليڪن سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته 6 مئي 1929ع واري اشاعت تي ”جلد ڏهون“ ڪيئن لکيل آهي. جولاءِ 1945ع جي هڪ ڪاپي تي انگريزي زبان ۾ هيٺيان الفاظ لکيل هئا.

 “The play Sindhi Muslim paper which is on the lits of Government of India for Advertisements.”

اخبار 12 ربيع الاول 1345هه مطابق 20 سيپٽمبر 1926ع جي موقعي تي 245 صفحن تي بهترين ميلاد نمبر ڪڍيو هو. 1928ع دوران اخبار جي ٽائيٽل تي محمد بن قاسم گهوڙي تي سوار تلوار هٿ ۾ جنگ ڪندي ڏيکاريل آهي ۽ ٻنهي پاسن کان ”مخلص“ جا شعر ڏنل آهن.

(1)  ”غنچو“ نالي هڪ ماهوار رسالو حيدرآباد مان نڪرندو هو جيڪو کيتيءَ سان تعلق رکندو هو.

(2)  ”تنظيم“ نالي سان حاجي محمد يعقوب ڪراچي مان ۽ غلام رسول شڪارپور مان بعد ۾، اخبارون ڪڍيون. ان کان علاوه تنظيم جمالي، حيدرآباد مان نڪتي.

(1)   ”مهراڻ تي مجلس“،  حافظ خير محمد اوحدي، ص- 16.

(1)   ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، پير علي محمد راشدي، ص- 255.

(1)  بزرگ هندو صحافي گرداس وڌواڻي جي خيال ۾، ديش متر روزانه اخبار هئي. هڪ ٻيو صحافي مسٽر ڪرانتي ڪمار منگهارام ڪرپالاڻي ديش متر جو ٻن سالن تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر هو ۽ هندستان ۾ ماترڀومي سان رهيو

(1)  انهيءَ نالي پٺيان ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪتا: جهڙوڪ ”هند رکشڪ“ سکر مان: ”هندو وير“ سکر مان: ”هندو سنگٺن“ سکر مان، ”هندو هستي“ حيدرآباد مان جاري ڪيا ويا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org