سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :4

سنڌ ۾ انگريز، 75-1758ع وارو دور

سنڌ ۾ انگريزن جي پهرين واپاري ڪوٺي مغل حڪمراني واري عرصي ۾ شروع ٿي هئي ۽ اورنگزيب جي تخت نشين ٿيڻ وقت پيدا ٿيل وڳوڙي وايومنڊل جي ڪارڻ ان ڪوٺيءَ جو انت آيو. سنڌ ۾ انگريزي ڪوٺيءَ جو ٻيو دوران وقت شروع ٿيو، جڏهن غلام شاه ڪلهوڙو پنهنجي ڀائرن سان تخت نشينيءَ جي مسئلي تي وڙهي رهيو هو. ان جي ختم ڪرڻ جو سبب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور جي بدانتظاميءَ سبب پيدا ٿيل فساد هئا، جن ڪمپنيءَ جي پريقين تجارتي سلسلي کي ناممڪن بنائي ڇڏيو هو. غلام شاه جي حڪمرانيءَ وارو ٿورڙو عرصو ڪمپني جي تجارت لاءِ خوشحاليءَ وارو دور چئي سگهجي ٿو. اهو سڄو سارو نقص ڪلهوڙن جي مٿان نٿو مڙهي سگهجي. کين پنهنجي قسم جون مشڪلاتون هيون، جن کي به منهن ڏيڻو هئن. انهن مصيبتن مان هڪ مصيبت هئي افغان آفت، جيڪا سالياني خراج جي صورت ۾ آڏو هئي، تنهن کي هلڪي ۾ هلڪو ڪهڙيءَ عقلمنديءَ سان ڪجي. اها هڪ نياري صورت هئي جنهن ۾ ڪمپني واپار ڪري رهي هئي. شورو سنڌ مان خريد ڪري رهي هئي، اوني مال پٺاڻن کي وڪرو ٿي ڪيائين. ان وايومنڊل ۾ حڪمران گهراڻي طرفان رنڊڪن ۽ مشڪلاتن وجهڻ کان سواءِ ٻي توقع ڪري نه پئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن چاهيو ٿي ته پٺاڻن کي ڏن جي هڪ حصي طور اوني ڪپڙو ڏجي، جيڪو انگريز واپارين کان سستو وٺي پٺاڻن کي ڏن جي حصي ۾ مهانگو ڪري کڻائجي. ڪلهوڙن جي مرضي هوندي هئي ته هو اوني ڪپڙا ڪمپنيءَ کان خريد ڪري پوءِ پٺاڻن کي ڏين ۽ پٺاڻن جي مرضي هوندي هئي ته هو ڪمپنيءَ کان سڌو پنهنجي گماشتن ذريعي اوني مال خريد ڪن. اهڙيءَ ريت مفادن جو ٽه پاسائون ٽڪراءُ هو. ڪمپنيءَ جي به خود اها مرضي هئي ته افغان حڪومت پنهنجن گماشتن ذريعي اوني مال خريد ڪري پر ان جي برخلاف سنڌ حڪومت، افغانستان جي ڪابل حڪومت کي ناجائز ۽ ڌارين ظالم حڪومت سمجهي، ان جي حياتيءَ کي هروڀرو سولو ۽ سهنجو بنائڻ ڪونه پئي چاهيو. ڪلهوڙن جو زور ان ڳالهه تي هو ته تجارت کي سنڌ جي سرحدن اندر رکيو وڃي ته جيئن اوني مال تي سنڌ جو ضابطو رهي ۽ ان جي محصولن جو منافعو سنڌ کي پهچي. اهو محصول ۽ روانگي چنگي ايترا غير معقول ۽ ظالماڻا هئا، جيترا مغل دور ۾ هئا. ان جي برخلاف افغان حڪومت جي مرضي هئي ته سنڌ جي واديءَ وارو رستو مٽائي، سنڌ جي محصول وارن سرڪاري آفيسرن جي مصيبت کان لنوائي ڪراچي، مڪران ۽ قلات وارو نئون رستو اختيار ڪجي. انهيءَ مان کين لامحدود فائدا هئا، جو ڪلهوڙن ۽ هزارين محصولي اهلڪارن جي وصوليابي کان جان ڇڏائي ٿي سگهيا.

افغانستان جي اهائي خواهش هئي، جنهن جي ڪري ڪراچيءَ هڪ بندرگاه ۽ تجارتي مرڪز طور پهريون ڀيرو اهميت حاصل ڪئي، ۽ ايئن شاه بندر جي قرباني ڏيئي ڪيو ويو هو، جيڪو لاهري بندر تي لٽ جي ڄمي وڃڻ کان پوءِ اسري آيو هو. اهو انگريزي ڪوٺيءَ جو پهريون دور هو. ايئن ئي ٺٽي جو زوال آيو هو. ان جو سبب اهو هو ته سنڌو درياه جي هيٺئين وهڪري ۾ آمدرفت ۾ مشڪلاتون وڌي ويون هيون. مٿين نقطن جي سبب ڏيساوري واپار جي مَدَ ۾ ڪلهوڙا حڪومت ۽ ڪمپنيءَ جي وچ ۾ سرچارءُ ڏاڍو ڏکيو هو. ڪمپنيءَ کي غيرتجارتي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ اڀاريو پئي ويو. غلام شاه جي اها خواهش هئي ته ڪمپني، ڪڇ خلاف جنگي مهم ۾ جهاز مهيا ڪري ۽ گجرات ۾ رهندڙ هڪ واپاري کان سندس ڦٻايل مال وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪري. انهيءَ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪمپني پنهنجي ادارن ۾ پڪي هئي ۽ اهڙي قسم جون شيون ۽ لالچون کيس لوڏي ڪونه سگهيو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ڪمپنيءَ جا اهلڪار جيڪي خطرناڪ سياست جي برف جي سنهڙي تهه تي مسلسل اسڪيٽنگ کيڏي رهيا هئا، سي ڏاڍي حرفت سان ان سنگين صورتحال مان نڪري آيا. سنڌ ۾ موجود ڪمپنيءَ جي اهلڪارن جي دانشمندي جي تعريف نه ڪرڻ ناممڪن آهي، جن پنهنجي سياسي حڪمت عمليءَ کي غيرجانبدار رکيو ۽ سندس صبر ۽ تحمل کي ڪيئن نه ساراهجي. هنن پنهنجي جائز تجارت جاري رکڻ ۾ ڪيتريون ناراضگيون ۽ مشڪلاتون سَٺيون. ارڙهين صديءَ جي وڳوڙي دور ۾ اسان، ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل ٺٽي ۽ شاه بندر ۾ رهندڙ نمائندن کي خاص اختيارن استعمال ڪرڻ وقت ڏاڍا ڏاها ۽ دورانديش ڏسون ٿا ۽ ڪمپنيءَ جي انتظامي ڏاهپ ان وقت به محسوس ڪريون ٿا، جڏهن ڪلائيو بنگال جو ديوان ٿيو ته ان تجارتي ڪارپوريشن کي سياسي قوت بنائي ڇڏيو، جيڪا مطلق العنان حيثيت ۾ شهري حق به استعمال ڪري پئي سگهي. بهرصورت، سنڌ ۾ اهڙي صورتحال ڪڏهن به ڪونه آئي. ڪمپني، سنڌ حڪومت جو ڄڻ هڪ ڊڄڻو مهمان رهندي پئي آئي، جيڪا پنهنجي ڪمزورين کان خبردار هئي، جيئن ڪو ڌاريو ماڻهو ڪنهن ڌارين ڌرتيءَ تي هجي، جيڪا ان جي آجيان نه ڪرڻ چاهيندي هجي. ڪمپنيءَ جو صدر مقام گهڻي وقت کان بمبئيءَ ۾ هو. تجارتي جهازن جو آرماڙ ڏاڍو خوبصورتيءَ سان سينگاريو ۽ گهڻي مضبوطيءَ سان هٿياربند ڪيو ويو هو. هر قسم جي حملي آور کي منهن ٽوڙ جواب ڏيئي پئي سگهيا، سامونڊي ڌاڙيلن کي ماري ختم ڪرڻ جي صلاحيت منجهن هئي، جيڪي ان وقت گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان وڏو آزار بڻيل هئا. تجارتي، سوچيل سمجهيل ۽ خبرداريءَ سان اختيار ڪيل سٽاءَ ۾ هلي رهي هئي. حساب ڪتاب صحيح نموني رکيو پئي ويو ۽ ڪمپنيءَ ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي ۾ جديد تجارت جون علامتون ظاهر هيون. هاڻي هن ڪوٺيءَ جي شڪل اڳوڻي سنڌ ۾ قائم ڪيل صورت کان بلڪل مختلف هئي. اڳي ٻيڙن کي هاڪارڻ ۾ بدنظمي ۽ غيريقيني مٿاهين حد تائين موجود هئي. واپاري ڪوٺيءَ جا اهلڪار ٿوري پگهار جي ڪري پنهنجي خانگي ڌنڌن ۾ رڌل رهندا هئا، رابطي ۾ مشڪلاتون هيون. ڏيساوري دشمنن خلاف ڪنهن به معقول تحفظ جو بندوبست ڪونه هو، جنهن ۾ ڊچ ۽ پورچوگيزن جي دخل اندازي جو خوف به شامل هو. 1758ع ۽ ان کان پوءِ ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ ڪنهن سامونڊي دشمن کان ڪو خطرو ڪونه هو، جيتوڻيڪ ڪمپنيءَ کي سنڌ جون اندروني حالتون اهڙيون مليون، جهڙيون سندن پيشرو کي هڪ صدي کن اڳ مليون هيون پر هن وقت اها مضبوط پوزيشن ۾ هئي، جو هو هڪ غير معقول ۽ ڪمزور حڪومت سان معاملو ڪري ٿي سگهيا.

75-1758ع واري دور جو سارو رڪارڊ بمبئي رڪارڊ آفيس ۾ موجود آهي. اهي فريملن، اسڪريونر ۽ سپلر جي لکتن وانگي ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ خوش بيانيءَ سان لکيا ويا آهن ۽ عوامي رويي جي موجوده معيارن مطابق پرکبو ته، ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو دور ڏاڍو اڙانگو ۽ بي حس هو. هيڻي ۽ ڪمزور کي مارڻ وارن کان ڪجهه پڇيو ڪونه ويندو هو ۽ نه وري ماڻهن جي ڏکن ۽ مصيبتن تي رحم کائڻ جي اجازت هئي. انهيءَ ڏس ۾ هي دور وچ ارڙهين صديءَ واري خاصيت رکي ٿو. ان دور ۾ انگلينڊ جي محفوظ ۽ ورسايل ملڪ ۾ خوشي ڏيندڙ ۽ اطمينان بخش تهذيب پيدا ٿي ۽ اها ڳالهه جانسن جا شاگرد ڀلي ڀت سمجهي سگهن ٿا. اهو دور خاص خوبين جي نقطهءِ نگاه کان جاگيرداراڻي ماحول کان ٻاهر بهتر رَوَين، شاهي طور طريقن ۽ فضيلت جي اوج ۽ انتها کي نه پهچي سگهيو، ڇو جو اهي پنهنجو هڪ مخصوص انداز رکندا هئا.

ڪمپنيءَ جا نوڪر سادا ۽ اٻوجهه پر ڌٻڙ ڌئونس تي هريل هئا. اهي تڪليف ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏيندا هئا، اڄوڪي شريف ۽ سڌريل دور ۾ اها حياتي جي خوشي ۽ مزي ۾ ڄڻ ڳنڀير قسم جي دخل اندازي نظر اچي ٿي.

انگريزي ڪوٺي غلام شاه ڪلهوڙي جي پرواني مطابق 22- سيپٽمبر سن 1758ع ۾ قائم ٿي. هن پرواني کان پوءِ 11- ڊسمبر 1758ع تي نئون فرمان جاري ٿيو، جنهن ۾ وڌيڪ رعايتون ڏنيون ويون هيون. ڪمپنيءَ جو گماشتو جنهن ساڻن ڳالهيون ڪيون سو مسٽر رابرٽ سمپشن هو. ٻنهي پروانن ۾جيڪي ڪجهه لکيل آهي، اهو بمبئي سرڪار جي رڪارڊ ۾ محفوظ آهي ۽ انهن جو پوسٽنس به ذڪر ڪيو آهي. هي ٻڌائي ٿو ته ’اهي پروانا هن خيال کان ڏنا ويا هئا ته جيئن سنڌ ۽ هندستان جي ٻين علائقن جي وچ ۾ واپاري رشتن جي همت افزائي ٿئي.‘ انهن ۾ عام اجازت کان سواءِ ڪجهه رعايتن ۽ محصولن ۾ ڇوٽ به ڏني ويئي هئي، جيڪي ان زماني ۾ وڏي قيمت قدر واريون سمجهيون وينديون هيون. جيڪي سنڌ جي حڪمران ۽ هندستان ۾ رهندڙ انگريزن جي وچ ۾ بهترين دوستاڻن لاڳاپن پيدا ڪرڻ جي خواهش جو ثبوت مهيا ڪن ٿيون. هنن دستاويزن ۾، ڪيترن محصول اوڳاڙيندڙ سرڪاري اهلڪارن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته منڊي جي حساب کان وڌيڪ، ڏيڍ سيڪڙو محصول انگريزن جي برآمد لاءِ خريديل مال تي ورتو وڃي. درآمدي مال جيڪي مقامي واپاري خريد ڪن ٿا، انگريزن کان ان جو اڌ اوڳاڙيو وڃي. ڪنهن به آفيسر يا اهلڪار کي وڌيڪ مطالبي جو حق ڪونهي. انگريزن کي بنا ڪنهن خوف خطري جي واپار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.(1) وڌايل فقرن ۾ انهن شرطن کي طئي ڪيو ويو هو ته ان مال تي محصول نه مڙهيو ويندو، جيڪو نيڪال نه ٿي سگهڻ جي حالت ۾ واپس ڪيو ويندو ۽ جيڪو مال جهازن رستي ويندو، ان تي به محصول جي ڇوٽ هوندي، جيڪڏهن مسٽر سمپشن بندر يا ٺٽي ۾ گهر ٺهرائڻ يا خريدڻ، مال گدام ٺهرائڻ يا خريدڻ چاهيندو ته ڪلهوڙي حڪمران جي رعايا جو هر فرد ان جي معقول مدد ڪندو ۽ گماشتي جي تجارت جي مد ۾ هر سهائتا ڪئي ويندي ۽ ايئن سمجهيو ويندو ته ڄڻ اها سهائتا حڪومت جي ڪئي ويئي آهي. پر (هڪ فقري هن کان پوءِ ڄڻ هڪ ڏکيائي پيدا ڪري وڌي) ٻئي ڪنهن به انگريز کي اهڙي سهائتا ۽ گهر وغيره جي رعايت ڪانه ملندي. ان ۾ وڌيڪ اها گنجائش رکي ويئي هئي ته اَنياءَ وارا سڀ محصول واپس ڪيا ويندا پر ڏيساوري مال تي بدستور قائم رهندا. وڌيڪ اهو ته، ان خواهش جو اظهار ڪيو ويو هو ته مسٽر سمپشن ڪو ماڻهو موڪلي شاهبندر وٽ ڪارخاني يا جاءِ ٺهرائڻ لاءِ ڪنهن معقول جڳهه جي چونڊ ڪندو. محصول جي ڇوٽ ان شرط تي عنايت ڪئي ويندي، جڏهن هو پنهنجي رهائش اُتي اختيار ڪندو، ڪمپني هن ’ٻئي ڪنهن به انگريز‘ واري منجهائيندڙ فقري کي پسند نه پئي ڪيو ۽ ان جاءِ تي ’ڪنهن يورپيءَ کي‘ وارو فقرو داخل ڪرائڻ پئي چاهيو. پر 1761ع تائين هن اعتراض جوڳي فقري کي ڪڍرائي ڇڏڻ ۽ صحيح فقري کي داخل ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪونه ويا.

22- اپريل سن 1761ع تي جڏهن مسٽر ارڪسن پاڻ ڪلهوڙن وٽ هلي ويو تڏهن کيس هڪ پروانو ڏنو ويو هو، جنهن ۾ اهو فقرو لکيل هو ته انگريزن کان سواءِ ڪنهن ٻئي يورپيءَ کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ جي اجازت ڪونه هوندي. هن ٻيءَ سَند ۾ ٻن قيمتي رعايتن جي بخشش ٿي. اها هيءَ ته جهاز جي تباهيءَ جي حالت ۾، ڪمپنيءَ کي مال جي تباهي يا نقصان جي حالت ۾ جي ڪو ڇيهو رسندو ته ان جهاز جي بچاءَ جي معاوضي طور، اها سنڌ حڪومت جي اهلڪارن کان مدد وٺندي ۽ اهو تباه ٿيل ۽ نقصان رسيل سامان سنڌ ۾ رهندڙ ڪنهن رعيت جي ماڻهوءَ کي ڏئي، موٽ ۾ جهاز جي بچاءُ ۾ آيل خرچ جيترو معاوضو وٺي سگهندي.

هتي ڏٺو ويندو ته غلام شاه ڪلهوڙو انگريزن کي سهولتن ڏيڻ ۾ گهڻو ڪجهه اڳڀرو هو. جيڪڏهن ملڪ جون حالتون پُرامن ۽ پُرسڪون هجن ها، جيڪڏهن ڪن مادي مفادن يعني اوني مال جي درآمد ۽ وڪري تي انگريزن، سنڌ حڪومت ۽ پٺاڻ واپارين جي وچ ۾ تضاد ۽ ٽڪراءُ پيدا نه ٿئي ها ته ڪمپنيءَ جو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ واپار ڇو نه ترقي ڪري ها. بدقسمتيءَ سان اوني مال جي واپار، اهم سياسي مسئلي کي ڇيڙي وڌو ۽ سنڌ حڪومت جا محصول اوڳاڙيندڙ اهلڪار ڪمپنيءَ جي واپار ۾ ڪلهوڙا انتظاميا جي منجهيل محصول جي طريقهءِ ڪار جي ڪري رنڊڪن ۽ ضد وارو نمونو اختيار ڪندا هئا. سنڌ جو بادشاه انگريزن سان هميشه لفاظي ۽ مصلحت کان ڪم وٺندو هو ۽ اهي آفيسر جيڪي انگريزن جي واپار ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، انهن جي سهائتا به ڪندو هو. نتيجو اهو نڪتو، جو سندس لڳاتار لفظي مدد اچارڻ جي باوجود، انگريز واپارين محسوس ڪيو ته تجارت جي آزاديءَ کي هر موڙ وٽ روڪيو پئي ويو. سرفراز ڪلهوڙي جي زماني ۾ اهي ننڍڙيون چهنڊڙيون ۽ ٿورڙا ناراضپا ايترا ته لاڳيتا ۽ ديرپا رهيا، جو ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته ٺٽي ۾ انگريز واپاري ڪوٺيءَ جو قائم رهڻ لاڀائتو نه رهندو. هن فيصلي کي ترت عملي جامو ملڪ ۾ پکڙيل بدنظميءَ پهرايو، جنهن جو سبب سرفراز جا ظلم ۽ بي انصافيون هيون، جيڪي سندس خاتمي جو سبب بڻيون. ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ مختصر طور ڄاڻايل آهي ته ڪيئن ڪمپنيءَ سن 1775ع ۾ پنهنجي واپاري ڪوٺي پٽي ويئي. اهو سنڌ ۾ واپار جي حالتن تي مسٽر ڪيلينڊر جو لکيل احوال آهي، جيڪو بمبئي سرڪار جي تاريخي رڪارڊ (Archives) وٽ محفوظ آهي. مسٽر ڪيلينڊر جو بيان ايترو واضح ۽ ايڏو مفصل آهي، جنهن کي پوري جو پورو بيان ڪجي ته به صحيح ٿيندو:

”جڏهن مغلن جي حڪومت اوج تي هئي ته سنڌ جي حيثيت هڪ صوبي واري هئي. هر سال ڪنهن گورنر جي چونڊ اهڙن اميرن مان ڪئي ويندي هئي، جنهن جو فوجي ۽ ديواني خرچ محصولن کان وڌيڪ هوندو هو. ٺٽو، گاديءَ جو شهر، ان زماني ۾ هر شيءِ جي ججهائي جو مرڪز ۽ وڏن واپارين، اميرن ۽ نوابن جي رهڻ جي جاءِ هو، جن هميشه دهليءَ دربار جي حڪم ۽ همت افزائي سان ۽ شهنشاهيت جي مرڪز ڏانهن پئي تجارت کي پکيڙيو ۽ لاڀ پِرايو.

انگريز واپاري جيڪي مغل دور يا نادرشاه جي ايامڪاريءَ ۽ هتي رهندا هئا پر هنن ڪڏهن به هندستان ۾ اوني ڪپڙي جي طلب محسوس ڪانه ڪئي. پهريائين احمد شاه جي فوج جي ضرورت جي پيش نظر اوني ڪپڙي جي طلب کي محسوس ڪيو ويو. گهڻي عرصي تائين هر سال هن جا فوجي آفيسر، پٺاڻ گماشتن وسيلي اوني ڪپڙا ۽ فوجين جي زندگيءَ جي ضرورتن سان لاڳاپيل ٻيو سامان پيا خريد ڪندا هئا ۽ اهو ڪپڙو ٺٽي منجهه ئي ڪوٽن واسطي ڪٽيو ڪوريو ويندو هو. ان کان سواءِ هتي اڃان به اڳتي وارن اترين علائقن سان واپار جي شروعات ٿي ۽ اوني ڪپڙي جو ٿورو مقدار اتان جي واپارين کينو. ان ڪري ڪمپنيءَ کي اوني ڪپڙي جي کپت جي اميد ٿي، جنهن سان واپار جو هڪ ذريعو پيدا ٿي پيو هو، جيڪو اڳتي هلي ترقي ڪري ٿي سگهيو. احمد شاه جو ڌيان ٻاهرئين طرف هئڻ ڪري، سنڌ جو بادشاه آهستي آهستي سنڌ جي معاملن ۾ ڪجهه وڌيڪ آزاد ٿي ويو هو. پٺاڻ گماشتا جيڪي پنهنجي مالڪ احمد شاه جو پروانو کڻي ايندا هئا، سي سنڌ جي حڪمران لاءِ ڪجهه ناقابل برداشت بنجي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته اهي جيڪو ڪجهه خريد ڪري کڻي ويندا هئا، ان جو محصول ڏيندا ئي ڪونه هئا…“

ان وقت بادشاه غلام شاه پنهنجي ڪوششن ۾ گهڻي قدر ڪامياب ويو، جو هن ڏن گهٽائي گهٽائي اچي يارهن لکن تي بيهاريو. افغاني گماشتن جي خريداري مٿان سندس نظر هوندي هئي. هن قلعن جي تعمير ڪرائي ۽ ٻيڙن جي آرماڙ گڏ ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ پنهنجي حڪمرانيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ افغان بادشاه کان گهڻو لاپرواه ٿي ويو هو، ۽ پنهنجي رعيت مٿان به ظلم ڪرڻ شروع ڪيائين …

”هاڻي هندستان سان ڪنهن به قسم جو واپار ڪونه ٿو هلي. اوني ڪپڙي جي سنڌ اندر ڪابه کپت ڪانهي. اوني ڪپڙي جو اترين علائقن ڏانهن کڻي وڃڻ پٺاڻن تي مدار ٿو رکي ته هو ڪمپنيءَ جي واپارين جو ظلم کان بچاءُ ڪن ۽ انهن ملڪن ۾ امن ۽ امان پيدا ڪن جن مان اهي گذرن ٿا…“

”سنڌ جا مکيه تعلقات پٺاڻن ۽ سکن سان آهن. سنڌ جي بادشاه افغان حڪمران جي زور ڀرڻ تي سکن سان نالي ماتر روايتي تعلقات قائم ڪيا آهن ۽ پٺاڻ جو ڏن ڀريندڙ آهي. مون اڳيئي مشاهدو ڪيو آهي ته هو افغان حڪمران جي اختيار کي تمام گهٽ عزت ڏي ٿو. آءٌ ان جو هڪ وڏو مثال ڏيندس، ته افغانستان جو موجوده گماشتو جيڪو ٺٽي ۾ رهي ٿو، تنهن کي پنهنجي گهر ۾ پورا چار مهينا بند رکيو ويو هو، کيس ڪنهن سان به، سواءِ ٻن ٽن دلالن جي، ملڻ جي اجازت ڪانه هئي، جيڪو سنڌ سرڪار جا سيکاريل پڙهايل هئا ۽ جيڪو به سامان هن کي ڏنو ويو هو، ان جي مٿان 50 سيڪڙو محصول وڌائي هنيو ويو هو. احمد شاه ۽ نادر شاه جي زماني ۾ ڪنهن گماشتي کي اهڙو بڇڙو ڪونه ڪيو ويو هو …“

”سنڌ جيتوڻيڪ، ڌرتيءَ جو هڪ ننڍڙو ڀاڱو آهي جيڪو سرسبز، شاداب قدرتي طرح زرخيز آهي، اهو دولتمند حصو آهي ۽ منجهس گهڻا ماڻهو رهندا هئا پر بدقسمتي سان 55،25 سال کن کان وٺي جڏهن کان هن خاندان جي حڪمراني هيٺ آيو آهي ته انهي عرصي کان آهستي آهستي بدحاليءَ جو شڪار رهندو آيو آهي…“

”هن جي ثابتيءَ لاءِ مان ٽي مثال ڏيندس، جيڪي ڪمپني جي ڪارخاني جي قائم ٿيڻ واري وقت 1758ع کان پراڻا ناهن. ڪنهن وقت هتي ملتان جي تمام معتبر ۽ وڏن ساکائتن واپارين جا ٽيهه گهر هوندا هئا، جيڪي ٺٽي ۾ آباد هئا. اهڙيءَ ريت سورت جي واپارين جو به اُتي وڏو ويڙهو آباد هو. اڄ ڪلهه ته سورت جي واپارين مان ڪو وانگي به ڪونهي ۽ ملتان وارن گهراڻن مان ڪو ساک پت وارو گهر ته رهيو ئي ڪونه آهي. ڪنهن زماني ۾ ٺٽي ۾ ٽن سون کان چئن سَوَن ڳٺڙين تائين سال کن ۾ ڪچو پٽ ايندو هو. هاڻي چئن سالن کان وٺي آءٌ هتي آهيان ته، هتي وچولي وزن جون 40 ڳٺڙيون پَٽَ جون آيون ته ڇيهه ٿيو. هن وقت ملڪ ۾ هڪ تصوراتي معيار جو سڪو هلي ٿو، جنهن کي رپيو سڏجي ٿو. انهن جو نسبتي قدر هيئن آهي: 120 رپيا برابر ٿيندا 100 چانديءَ جي رپين جي. موجوده وقت هلندڙ نسبت هيئن آهي: 145 رپيا چانديءَ جي سؤ رپين جي برابر آهن. ٺٽي ۾ چانديءَ جي ايڏي اڻاٺ آهي، جو ويهن هزارن رپين جي اوچتي وڏي طلب پيدا ٿي ويئي ته 150 رپين جي چاندي 100 رپين جي برابر وڃي بيهندي.“

هن شهر ۽ شڪارپور جي وچ ۾ وڏو واپار هلندڙ هو. جتان کان سال ۾ ڪيترائي واپاري تجارتي مال ۾ (Putchuk) ۽ ڪچو پٽ، ڀرت ڀريل شالون (Ring Shawl) ۽ روڪڙ کڻي ايندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ ڏيساوري درآمد ٿيل مال جو وڏو مدار کڻي ويندا هئا، جيڪو سڄي ملڪ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ هوندو هو. پر سنڌ حڪومت جي ڏاڍ ۽ ظلم، هروڀرو دير ڪرڻ واري عادت ۽ وڏي محصول جيڪو مختلف علائقن جا راڄوڙا عوام مٿان مڙهيندا هئا، جي ڪري ڪو واپاري اٺن يا ڏهن سالن ۾ وڏي مشڪل سان اڀريو هوندو. ان قسم جي واپار جي رهيل اثر سبب هتان جو واپار پنهنجي آزاد صورت ڌاري وڌي ويجهي ۽ اپڙي نه سگهيو. ان واپار جو مرڪز هاڻي ڪراچي بڻيو آهي، جتي بادشاهه جي عمل دخل کان رستا صاف آهن. هنن جي ظلم جو هڪ مثال آءٌ هيئن ڏيندس ته پٺاڻ واپاري جن کي قنڌار جي بادشاهه طرفان تحفظ مليل آهي، سنڌ جي بادشاهه وٽ سندن محصول طئي ٿيل آهن، ته هر مال تي اَڍائي سيڪڙي شرح سان محصول ورتو ويندو، پر عملي طور اها ڳالهه ايڏي ته تڪليف ڏيندڙ آهي، جو دلال ان جي دلالي ڌار اوڳاڙي ٿو ان کان سواءِ سنڌ ۽ افغانستان جي بادشاهن جي وچ ۾ مفادن جي ٽڪراءُ سبب ويڇا هئڻ ڪري مون کي پورو يقين آهي ته اهي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ واپاري مال تي محصول ڏئي آجا ڪونه ٿي سگهندا هوندا ۽ محصول به 15 سيڪڙو کان وڌيڪ ڀريندا هوندا.(1)

ڪمپني جي ڊائريڪٽرن مٿين اعتراضن سب نيٺ واپاري ڪوٺي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهڙو فيصلو 24- آڪٽوبر 1775ع تي ڪيو ويو.

24- آڪٽوبر 1775ع واري رٿ، جنهن مطابق سنڌ ۾ قائم ٿيل واپاري ڪوٺي کي ختم ڪيو ويو.

”سنڌ ۾ رهندڙ ڪمپنيءَ جي اهلڪار وٽان پهتل خطن کي وري جاچي ڏٺو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي بادشاه جي غير معمولي مطالبي جو ذڪر آهي ته ڪمپني عام رواجي وڪري واري بها کان 50 سيڪڙو وڌيڪ ان اوني مال تي محصول ڏئي، جيڪو قنڌار جي بادشاه جي گماشتن کي وڪيو وڃي ٿو ۽ جڏهن اتان جي ريزيڊنٽ ان غيرمناسب رٿ تي ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته بادشاهه اسان جي واپاري ڪوٺي ۾ رکيل اوني مال تي وڪري جي مڪمل پابندي هڻي ڇڏي، جيڪا ڪجهه مهينن کان جاري آهي. هن موقعي تي ذاتي رايو اهو آهي ته اسان کي اهڙن مثالن جو اڳ ۾ تجربو آهي، جن ۾ بادشاهه جي ظلم واري لاڙي کي اسان محسوس ڪيو آهي ۽ اسان اهو به ڏٺو آهي ته هو معزز ڪمپنيءَ کي تمام گهٽ نظرن سان ڏسي ٿو. اهو به ظاهر آهي ته هن جي ظلم ۽ اَنياءَ سڄي ملڪ جي واپار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو اسان کي سندس ملڪ ۾ واپاري ڪوٺي رکڻ جو مستقبل نظر ڪونه ٿو اچي ۽ ٿوري فائدي جي به اميد ڪانهي. تنهن ڪري عزت مآب ڪمپني مهرباني ڪري پنهنجي حڪم نامي، تاريخ 16- اپريل 1770ع جي فقري موجب هيءُ نقطو اسان جي اختيار ۾ ڇڏيو آهي. تنهن ڪري اسان متفق راءِ سان قبول ڪيو آهي ته ڪمپنيءَ جو ڪارخانو ۽ ان جي جملي مال مڪيت کي بند ڪري سنڌ مان واپس گهرايون ٿا. اتان جي ريزيڊنٽ کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته اهو ڪم نهايت خبرداريءَ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪري، متان بادشاهه کيس روڪي ويهاري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري.“(1)

ڪمپنيءَ جي بمبئي واري رڪارڊ آفيس ۾ رکيل رڪارڊ، جيڪو ڪنهن به وقت ڏسي سگهجي ٿو. ان جي عام سمجهاڻيءَ جي نقطهءِ نظر کان اسان هيٺيون نچوڙ ڪڍي سگهون ٿا:

سنڌ ۾ غلام شاه ۽ سندس ڀائرن جي وچ ۾ جيڪا گهرو لڙائي شروع ٿي هئي، تنهن متعلق بمبئي قلعي مان هڪ خط 28 – اپريل 1758ع تي لنڊن ۾ ڪمپنيءَ ڏانهن موڪليو ويو هو، سو هيٺ ڏجي ٿو:

”توهان جو 4 مئي وارو حڪم نامو وقت سر پهتو هو، ان تي فوري عمل به ڪيو وڃي ها پر سنڌ جي سموري خطي ۾ حالتون سازگار نه هيون ۽ ٿوري عرصي ۾ گهڻا ئي انقلاب اچي چڪا آهن. جيئن مثال طور پٺاڻن دهليءَ ويندي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪست ڏني، ان کي پنهنجو ڏن ڀروُ بڻايو، جيئن ان کان اڳ ۾ اها ايران جي، نادر شاهه جي دهلي سلطنت کي فتح ڪرڻ واري وقت کان ڏن ڀرُو هئي. ان وقت جو بادشاهه جيڪو جهور ڪراڙو هو. سو ٿَڪَ جي ڪري وفات ڪري ويو ۽ سندس وڏو پٽ محمد يار خان تخت تي ويٺو، پر اهو طبيعت جو نيچ ۽ ظالم ثابت ٿيو، جنهن کي سندس ڀائرن مان غلام شاه تخت تان لاٿو پر ماريو ڪونه. هن حڪومت ڏاڍي چڱيءَ طرح هلائي ۽ سمجهه ۾ ايئن پئي آيو ته هو تمام سٺو بادشاهه ثابت ٿيندو، پر هن جو هڪڙو ٻيو ننڍو ڀاءُ عطر خان هو، جيڪو يرغماليءَ طور پٺاڻن جي دربار ۾ رهندو هو، سو ڪابل دربار ۾ اميرن وزيرن سان وڏا واعدا ڪري سنڌ جي حڪومت پنهنجي نالي ڪرائي، سنڌ پهتو، ته ساڳئي وقت اوهان عزت مآب جو حڪم نامو به پهتو. ان وقت ملڪي حالتون وڏي وڳوڙ جو شڪار هيون. پر اسان اوهان جي حڪم نامي جي تعميل جو اٽل ارادو ڪيو آهي ۽ جلد کان جلد ان تي عمل ڪيو ويندو. هن معاملي ۾ اسان اهو چاهيون ٿا ته پريزيڊنٽ جيڪو بمبئي پهچڻ کان اڳ ۾ هن ملڪ سان گهڻن سالن تائين واپار ڪندو رهيو آهي. سو وڌ ۾ وڌ سٺيون خبرون هٿ ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ جو هن جو هتي ڪڏهن پنهنجو گهر گهاٽ ۽ نوڪر هوندا هئا. گهڻو وقت هتي ڪم ڪري چڪو آهي ۽ کيس ٻين ماڻهن کان وڌيڪ خبر آهي ته هن ملڪ سان واپار ڪهڙي طريقي سان ڪجي. هن اسان کي اهو به ٻڌايو هو ته وٽس هڪ هوشيار ماڻهو مسٽر رابرٽ سمپشن آهي، جنهن وڳوڙ جي وايومنڊل ۾ پنهنجي مال مڏيءَ ۽ روڪڙ جو بچاءُ ڪيو هو. جڏهن ملڪي حالتن ۾ ٺاپر ايندي ته هيءُ، ان کي حڪم ڪندو ته جيئن ملڪي حڪومت سان ڪمپنيءَ جو دلپسند معاهدو ڪري سگهي.“(1)

”مسٽر سمپشن جي حيثيت بابت پڻ لکيو ويو آهي، جنهن کي ڳالهيون طئي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.

”جناب اعليٰ، هي اوهان کي يقين ڏيارڻ گهري ٿو ته هن ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪو ٻيو ماڻهو ايڏو اهل آهي ئي ڪونه، جيڪو اها ذميواري سرانجام ڏيئي سگهي. نه فقط هي ٻئي زبانون: سنڌي، فارسي ڄاڻي ٿو، پر ملڪ ۾ دلچسپي رکي ٿو.“(1)

واپاري ڪوٺي واري هنڌ تحفظ واسطي هٿياربند پهريدار جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان سامونڊي قزاقن جو زور ۽ ميرمحمد ڪلهوڙي جو پتل جي توبن ٺهرائڻ لاءِ شوق هيٺينءَ لکت مان ظاهر آهي:

”عزت مآب ڪمپنيءَ کي به ڏاڍا مضبوط گهر هجڻ کپن، جن مان هڪ ٺٽي ۾ ۽ ٻيو اورنگابندر ۾ هجي، جنهن ۾ 25 يا 30 ننڍي درجي جا پهريدار مقرر ڪيا وڃن. اهي ڌاڙيلن جي لُٽ ڦر کان بچاءُ ڪندا ۽ ٻيڙيون جيڪي سمنڊ ۾ بيٺل جهاز مان سامان کڻڻ يا چاڙهڻ لاءِ پيون اينديون ۽ وينديون، انهن جو به بچاءُ ڪندا. اهو علائقو گيگاس (Gigos) ڌاڙيلن سان ڀريو پيو آهي. سامونڊي ڪناري سان درياه جا اولهه اوڀر وارا ٻئي پاسا بدمعاش ماڻهن سان سَٿيل آهن. جيستائين ملڪ جي ٻين صنعتڪارن جو تعلق آهي، اهي اسان سان پُڄي ڪونه سگهندا. انهن وٽ ٻين ملڪن مان به سوٽي ڪپڙو اچي ٿو، جيڪو کين ڪي قدر مهانگو لڳي ٿو. سيهي جي هتي کپت ڪانهي، جيڪو چئن پنجن سالن کان هتي پيل هو، سو به موٽائي بمبئي موڪليو اٿئون. اڳيون مرحوم بادشاه پتل جي توبن جو ڏاڍو شوقين هو. پر هاڻي اها ڳالهه به ناهي رهي، اهي ڪوبه جنگي سامان رکڻ چاهين ئي ڪونه ٿا.“

تاريخ 22- سيپٽمبر 1758ع جو فرمان، جنهن مطابق ڪمپنيءَ کي ڪي رعايتون ڏنيون ويون هيون. ڪمپنيءَ جي ريزيڊنٽ اهلڪار کانسواءِ ٻئي ڪنهن به انگريز کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. اهو فرمان سنڌ حڪومت جي گهڻن ڪارندن، خاص طور تي لاڙ جي سرڪاري آفيسرن کي مخاطب ٿيل هو:

”تاريخ 18- محرم يا 22- سيپٽمبر 1758ع جو فرمان، جيڪو سنڌ جي مختلف علائقن جي آفيسرن کي مخاطب ٿيل آهي، جنهن موجب ڪمپنيءَ کي ڪي رعايتون ڏنل آهن. فرمان جو ترجمو هيٺين ريت آهي:

”سڀني سپه سالارن، آفيسرن، فقيرن زميندارن، بندر جي اهلڪارن ۽ داروغن! لاري بندر، اورنگا بندر، ڪراچي ڌاراجا، ڇوٽڙا، مسولي، ناڪاس، باريندي، گالابجور، اگر گوزار راجا گنت، لوهي بار سرڪار، چچا گوم چڪر هالو، نصرپور، هالاڪنڊي، سرڪار سيوستان، ڪُدا ٻيگ، سرڪار نهر آبي ۽ سرڪار جي ٻين علائقن جي رهاڪن کي اطلاع ٿو ڪجي.“(1)

18- سيپٽمبر سن 1758ع وارو لکيل هڪ خط، جنهن ۾ مسٽر جارج بورشيئر کي واپاري ڪوٺي کولڻ لاءِ هدايت ڪيل آهي. ان جو مکيه ڪاروبار شوري جي واپار تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ هو. ڪمپني جو پريزيڊنٽ ۽ ڪائونسل 22- سيپٽمبر 1758ع واري فرمان ۾ لکيل اَکرن کان مطمئن ڪونه هئا. ڪائونسل، سنڌ جي ريزيڊنٽ آفيسر کي مسٽر سمويل بيون جي تقرر جو اطلاع ڪيو … ”جيئن اسان مقرر ڪيل ماڻهن مان ڪو ڏئي نٿي سگهياسين، ان ڪري اسان کيس مسٽر سمويل بيون کي 30 رپيا مهيني جي پگهار تي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هو ڏاڍو قابل ۽ اهل ماڻهو هو، جيڪو پريزيڊنٽ جي ڌنڌي هلائڻ ۾ مسٽر سمپشن جو مددگار به رهي چڪو هو. هن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پريزيڊنٽ مسٽر بورشيئر جيڪو ڪنهن وقت پاڻ به سنڌ ۾ رهي چڪو هو، تنهن پنهنجو خانگي قسم جو واپار ڪيو هو ۽ مسٽر سمپشن جي احوال مان به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسٽر بيون انهن جي ڪلارڪ طور ڪم ڪيو هو. دراصل مسٽر بيون پوءِ سنڌ جي ريزيڊنٽ مسٽر ارسڪن جي جاءِ تي ان وقت پريزيڊنٽ ٿيو هو، جڏهن بيماريءَ جي ڪري هن 1764ع ۾ سنڌ ڇڏي هئي. سندس مقرريءَ تي مسٽر جان هيلسيءَ سخت اعتراض ورتو هو. ڇو جو ايئن ڪندي کيس ڪمپنيءَ جو باقائده ملازم هوندي به نظرانداز ڪيو ويو هو. اها ڳالهه کيس ڪانه وڻي هئي.

مسٽر بيون ڏانهن 12- آڪٽوبر 1759ع جو لکيل خط، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سپاهي طور بمبئي لاءِ ڀرتي ڪرڻ واري غير اطمينان بخش بندوبست جي چٽائي ڪيل آهي. اهو طريقو هڪ ٺيڪيدار جي حوالي هو، جنهن کي پيسا اڳ ۾ ئي ڏنا ويندا هئا، جيئن هو سپاهين کي پگهار طور ڏيئي سگهي. خبر نه آهي ته اهي ڪهڙي قسم جا سپاهي هئا ۽ منجهن ڪهڙي قسم جون خاميون هيون جن تي بمبئيءَ ۾ اعتراض ڪيو ويو هو. جيئن ته اهو مشهور آهي ته سنڌي مسلمان سنڌ کي ڇڏڻ تي ڏاڍا ڏکي ٿيندا آهن. شايد سندن نوڪريون ڇڏي سنڌ ڏانهن ڀڄي اچڻ جي خيال کان کين بمبئي لاءِ نامناسب قرار ڏنو ويو هجي. سنڌ جي سياسي حالتن تي 25- جنوري 1759ع جو خط روشني وجهي ٿو. جنهن ۾ اهو ذڪر موجود آهي ته ان وقت غلام شاه، محمد يار خان ۽ عطر خان جي وچ ۾ ايراضيءَ جي ورهاست کان پوءِ ٿيل عارضي صلح ڏانهن اشارو هجي ۽ اهو معاملو فقط چئن مهينن تائين مس هلي سگهيو.

”25- جنوريءَ واري خط ۾ پريزيڊنٽ ڄاڻائي ٿو ته بادشاه ۽ سندس ڀائرن ۾ جڳڙو ختم ٿي چڪو آهي. ملڪي حڪومت ٽنهي ۾ ورهائي ويئي آهي. هن ٻڌايو آهي ته هن بادشاه سان ملاقات ڪئي، جنهن کيس پنهنجي دوستي ۽ سهائتا جو يقين ڏياريو آهي ۽ فرمان ۾ تبديلي تي به راضپو ڏيکاريو اٿائين. سندس خواهش آهي ته هڪ واپاري ڪوٺي ’گجي‘ ۾ به قائم ڪئي وڃي، جنهن کي هن بندر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن کي هر تجارتي مال تي محصول جي ڇوٽ ڏيڻ جو پروانو به ڏنو آهي.“(1)

ڪمپنيءَ جي جڳهن جي بندوبست جي معاملي تي گهڻا خط آهن. 14- مارچ 1759ع واري خط ۾ ريزيڊنٽ لکيو آهي ته:

”هن هڪ گهر مسواڙ تي ٺٽي ۾ ورتو آهي ۽ هڪ ڪچو گهر شاهبندر ۾ به جلد ٺهي جُڙي رهڻ جي لائق بڻبو. تجارتي مال درآمد ڪرڻ جي پرواني ۾ جلدي تبديلي ممڪن ٿي ويندي. سپاهين جون ڪمپنيون مڪمل ڪيون وينديون، اهڙيءَ ريت جو اڳين ويهن مان اٺ ڪمپنيون بنايون وينديون. وڏن فوجي آفسرن جون پگهارون جيڪي سال ۾ سورهن هزار ٿين ٿيون، سي ادا ڪيون وينديون.“(2)

سنڌ جو ريزيڊنٽ ڪلهوڙي خاندان جي حڪمران جي ورتاءَ کان ناراض هو، ان متعلق لکيل آهي ته:

”سنڌ جي حڪمران ۽ سندس ڪارندن ريزيڊنٽ سان ڏاڍو خراب ورتاءُ ڪيو آهي. هن کي ۽ اسان جي وڪيل کي زبردستيءَ بادشاه جي دربار ۾ حاضر ڪرڻ لاءِ وٺي ويا، انهن جا جيڪي اڳواڻ هئا، تن کي انڪار ڪيو ويو. اهي رات جو دير سان تاتاري عملدارن کي جهازن تي وٺي آيا هئا. کين پنهنجو نقطهءِ نظر ٻڌايو ويو ته انهن ريزيڊنٽ جي اُن ڪارڪردگي ۽ عذرداري کي قبول ڪيو، جنهن ۾ هن بادشاه جي دربار ڏانهن وڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پنهنجي وڪيل کي به دربار ڏانهن وڃڻ کان روڪيو هو ۽ سرڪاري اهلڪارن جي رويي خلاف احتجاج ڪيو هو. اسان جو خيال آهي ته مٿئين مثال ۾ ريزيڊنٽ جي سخت توهين ڪئي ويئي آهي. اسان سندس ڪارڪردگي ۽ خيال جي تائيد ڪريون ٿا ته جيستائين هي بادشاه کان ڪو ڍنگائتو جواب نه ٿو حاصل ڪري، تيستائين کيس باعزت طريقي سان گهرائي وٺون ٿا ۽ سندس سڀ معقول گذارشون قبول ڪريون ٿا. اهو اجايو ۽ نامناسب ٿيندو جو انهن خراب ڳالهين هوندي به سنڌ ۾ اڃان به هڪ وڌيڪ واپاري ڪوٺي کولي وڃي. اسان ان وقت تائين ايئن ڪونه ڪنداسون جيستائين بادشاه پنهنجيءَ سوچ ۾ صحيح تبديلي نه ٿو آڻي.“

سن 1759ع جي پڇاڙيءَ وارا خط اهو ڏيکارين ٿا ته سنڌ ۾ گهرو لڙائي واري فتني وري زور ورتو آهي، جنهن مان اهو ٿابت ٿئي ٿو ته ڪلهوڙا ڀائرن جي وچ ۾ ٿيل صلح بالڪل عارضي هو.

10- ڊسمبر 1759ع تي مسٽر بيون جي سنڌ مان موڪليل خط ۾ لکيو ويو آهي ته:

”شهزادي غلام شاه پنهنجي ڀائرن جي خلاف ٻي جنگي ڪارروائي ڪئي آهي، جن جي گڏيل فوج 10،000 جنگي جوانن تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ ڪيترن قبيلن جا ماڻهو شريڪ هئا. تنهن هوندي به کين شڪست نصيب ٿي. ڪيئي مکيه عهديدار ۽ 3،000 خانگي ماڻهو ماريا ويا. غلام شاه جي سوڀ جو سبب سندس بهادري هو. پاڻ پنهنجن ماڻهن کي منظم ڪندو هو ۽ هن جي اها عادت هئي ته جيستائين دشمن نيست نابود نه ٿي وڃي، تيستائين سندن پيڇو ڪونه ڇڏيندو هو. هو پاڻ به ٿورو زخمي ٿيو پر سندس ڀائر اتر طرف ڀڄي ويا. هن سڄي ملڪ کي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو ۽ تمام گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيائين ۽ هالاڪنڊيءَ ڏانهن واپس ٿيو، جيڪو اڳتي هلي سندس رهائشگاهه بڻيو ۽ گوجيءَ قلعي مان نوجوان شهزادو پنهنجي پيءُ جي ڪجهه زالن سان لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو. ان زماني ۾ مرهٽن جي گماشتن عهدنامون پورو ڪيو ۽ بادشاهه کي سنڌ حڪومت طرفان سَندَ، گهوڙو ۽ زگار پيش ڪئي، جنهن لاءِ خوشيون ملهايون ويون … ملتان جو خط اهو ذڪر ڪري ٿو ته پٺاڻ گهڻي انداز ۾ ان صوبي ۾ اچي وارد ٿيا آهن ۽ سڄو ڏينهن مرهٽن تي حملي جي تيارين ۾ آهن، جيڪو سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته پٺاڻن جي فائدو ۾ ويندو ۽ غلام شاه سندن اڳين اختياري ۽ واپاري سهولتن کي مڃتا ڏيندو.“

16- ڊسمبر 1759ع تي سنڌ مان هڪ خط روانو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مرهٽن جي موجودگي ۽ پٺاڻن سان سندن جنگ جي امڪان جو موضوع ملي ٿو.

”مسٽر سمويل بيون کان هڪ خوفائتو خط پهتو آهي، جيڪو ٺٽي مان 25- آڪٽوبر تي روانو ڪيو ويو آهي، خط ٻڌائي ٿو ته مرهٽن، پٺاڻن کي آڻي سنڌ جي سرحدن تي سکپور وٽ بيهاريو آهي. منجهائن سنڌ ۾ اندر ڪاهي پوڻ جو ڪجهه خطرو آهي. عطر خان دائودپوٽن کان سهائتا وٺي، وري فوج ڪٺي ڪئي آهي ۽ سنڌ جي حڪومت وٺڻ لاءِ ٻيهر جنگ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.“

ريزيڊنٽ مسٽر رابرٽ ارسڪن، 14- نومبر 1760ع تي خط لکيو آهي، جنهن سنڌ جي تجارتي حالتن تي گهڻي روشني وڌي آهي ۽ ڪمپنيءَ جي مکيه اسمن کي چڱيءَ ريت بيان ڪري ٿو:

”مان پنهنجي ذاتي راءِ، ڄاڻ ۽ اطلاعن مطابق جيڪي مون کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مليا آهن ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن شروع کان سنڌ ۾ سٺي ۽ امن پسند حڪومت هجي ها، اناج ۽ زندگيءَ جي ضرورت جون ٻيون شيون به اوتريون ججهي مقدار ۾ موجود هجن ها، جيئن 1757ع تائين هيون، ته اها ڳالهه عزت مآب ڪمپنيءَ جي مفاد ۾ بهتر رهي ها ته اها اوني ڪپڙي جي نيڪال ۽ شوري جي خريداري لاءِ هتي پنهنجون آفيسون کولي. سن 1740ع ۾ نادر شاه جي هندستان فتح ڪرڻ تائين سنڌ يا سنڌ کان اترين علائقن کي اوني ڪپڙي جي ڪابه خبر ڪانه هئي. 1740ع ۾ جڏهن نادر شاهه هندستان فتح ڪيو، ان وقت کان پوءِ انهن کي اوني ڪپڙي جي استعمال جي خبر پئي آهي. ان وقت 1751ع يا 1752ع تائين اوني ڪپڙي جي کپت تمام ٿوري رهي. جڏهن پٺاڻن، جيڪي قنڌار جا رهاڪو هئا، دهليءَ تي حملو ڪندي سنڌ تي به فوج ڪشي ڪئي ۽ ان کي فتح ڪيائون. سنڌ جي صوبي کان پوءِ لاهور ۽ ملتان جي صوبن کي به پنهنجو ڏن ڀرو ڪيو. اهي سڀ علائقا 1775ع تائين سندن حڪومت هيٺ ساليانو ڏن ڏيندا آيا. 5 يا 6 سالن جي عرصي دوران اوني مال تمام گهڻي انداز ۾ کتو، ڇاڪاڻ ته ايران جا گماشتا ڏن وٺڻ ايندا هئا، تن ڏٺو ته سنڌ اندر اُن جو مال انهن علائقن کان وڌيڪ سستو آهي، جتان اڳي اهي خريد ڪندا ايندا هئا، جيڪو مشهد جي رستي ايران يا ڪيسپين سمنڊ کان ٿيندو، وٽن پهچندو هو. جنهن تي قنڌار جو بادشاه ۽ سندس اهلڪار تمام گهڻي ڪميشن وٺندا هئا، جنهن ڪري ڏن جو وڏو حصو ان تي خرچ ٿي ويندو هو. (خط مسٽر سمپشن جي تجارتي ڪار گذارين جو ذڪر ڪري ٿو). اوني مال جي کپت، سنڌ ۽ ڀر وارن ملتان ۽ لاهور وارن علائقن ۾ تمام گهٽ رهي آهي. مان پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته اها کپت 5 رپين کان 10،000 رپين تائين ڪڏهن به مٿي ڪانه چڙهي آهي. رڳو هڪ سال ملتان جي واپارين جي گماشتن گهڻو مال خريد ڪيو هو. (تنهن کان پوءِ اوني مال جي واپار جي ترقيءَ جا طريقا ٻڌائي ٿو) بمبا روپ چند، جنهن کي گهڻو وقت ٿيو ته مسٽر سمپشن وڪيل طور نوڪريءَ ۾ رکيو هو، ۽ مسٽر بورشيئر به ان کي ساڳيءَ جاءِ تي برقرار رکيو آهي. مون هن کي ڏاڍو اهل، ڄاڻو ۽ ايماندار ماڻهو ڏٺو آهي. هو خريدي ۽ وڪري واري مال تي فقط هڪ سيڪڙو دلالي وٺندو آهي. هن جو ملتان جي واپارين جي گماشتن تي وڏو اثر ۽ دخل آهي ۽ انهن سان ساليانو 100 ڳٺڙيون اوني ڪپڙي جي مال جو سودو ڪندو آهي. وَڙُ ۽ رنگ به هن تي ڇڏيل هوندو آهي (طئي اهو ٿيل هوندو هو ته قيمت جو اڌ ڇهن مهينن ۾ ڏنو ويندو، جڏهن مال ڪمپنيءَ جي ڪنهن به ڪوٺيءَ تي پهچي ويندو ۽ اڌ سال تي چڪتو ڪري ڏيندا). جيتري قدر ٻئي سامان لوهه، سيهي ۽ فولاد جو تعلق آهي ته انهن جو وڏو حصو اڳ ۾ موجوده حڪمران جو پيءُ ۽ ڀاءُ کڻندا هئا، جيڪي انهن مان مختلف قسم جي هٿيارن ٺهرائڻ جا شوقين هئا ۽ انهن شين سان گدام ڀرائي رکندا هئا، جهازن ۽ ٻيڙن جون مرمتون به پيا ڪرائيندا هئا. هاڻ انهن جي کپت ڏکي بنجي ويئي آهي. جيستائين شوري جو تعلق آهي ته اسان کي هن وَکَر جو وڏو مدار، هن ملڪ، سنڌ مان ساليانو ملي سگهي ٿو، پر شرط اهو آهي ته حڪومت پرامن هجي ۽ عزت مآب ڪمپنيءَ جو هن وٿ تي خاص حق استعمال ڪيو وڃي، جيڪو هن اڳي نه ڪيو آهي. اهو ڪچي مال ۾ 5 کان 10،000 پڪا مڻ آهي ۽ جي اهو بهتر قسم جو هجي ته 2-4 کان 5000 پڪا مڻ صاف ٿيل شورو ڏيئي سگهي ٿو. اهي ماڻهو جن هن وقت تائين هن وٿ جو واپار ڪيو آهي ۽ پري پري ٻهراڙين ۾ ويا، سي مورمين (Moormin) آهن، جيڪي هتان جي ۽ سورت جي بوراه (Borahs) جهڙا آهن. پر هتي انهن ماڻهن سان واپار اٽڪائڻ يا تقاوي طور اڳواٽ ڪمپني جا پيسا ڪڍي ڏيڻ، هن علائقي جي لحاظ سان عقلمنديءَ جي ڳالهه نه ٿيندي. انهن مان ڪي ٿورا ماڻهو اعتبار جوڳا آهن يا ته مورڳو آهن ئي ڪونه، نه وري ڪو اعتبار جهڙو واپاري انهن جي ضمانت ڏيندو. هر هڪ ماڻهو پنهنجي حالتن مطابق ڪو 1500، ڪو ماڻهو 1000، ڪو ماڻهو 800، ڪو ماڻهو 500 مڻ سادي شوري جا کنيو پيو ايندو. جنهن ۾ گهڻي قدر ته ملاوٽ ٿيل هوندي آهي. مون کي انديشو آهي ته اهي ايئن ئي پيا شوري سان ملاوٽ ڪندا پوءِ ڀلي ڪير کڻي کين روڪڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لائي. (هي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن چڱو مقدار هٿ ڪرڻو آهي ته پوءِ 20 يا 25 لوه جون، ٽامي جون بٺيون، 25 يا 40 تائين ڄاڻو ۽ اڻ ڄاڻو مزدور گهرجن. 4 يا پنج ڪلارڪ کپن، 8 يا 10 فوجي سپاهي پهري تي کپن ۽ پوءِ سال مان 8 مهينا اهڙو ڪم هلي ته چڱو مقدار شوري جو هٿ ڪري سگهجي ٿو). اهڙي ڪم ۾ ٻارڻ جي ڪاٺ جو خرچ ايندو. محصول ڏيڻو پوندو ۽ شاهبندر تائين کڻي اچڻ جو ڀاڙو ڪرايو ان کان سواءِ ٿيندو. اها آهي ڪچي شوري تي لاڳت. شورو جن هنڌن تان کوٽي ڪڍجي ٿو جيڪڏهن انهن تي اڳي ڪي ڳوٺ يا شهر ٻڌل هئا، گهڻي عرصي کان ان جاءِ تي ماڻهو ۽ مال جا وٿاڻ وغيره رهيا آهن (گهڻو مينهن به پيو آهي ته پاڻي سڪي وڃڻ کان پوءِ) ته اتان گهڻو شورو ملي سگهندو. (هيءُ تنهن کان پوءِ واپار جي خطرن ۽ نظرداريءَ جي تڪليفن جو ذڪر ڪري ٿو). جن جاين تان عام طور تي شورو ملي ٿو سي ٺٽي کان 40 يا 60 يا 100 ميل پري آهي ۽ اهي هڪ ٻئي کان به گهڻو پري آهن. جيتري عرصي تائين غلام شاه سنڌ جو حڪمران آهي ۽ سندس چوطرف گهڻا صلاحڪار آهن، جيئن هاڻي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ته مون کي اميد ڪانهي ته ڪمپنيءَ کي ڪا تجارتي ترقي ۽ اها اهميت ملندي، جيڪا ٻين جاين جي ڪمپنيءَ جي ڪوٺين کي ملي آهي.“

(پبلڪ ڊپارٽمينٽ ڊائري 35، 1760ع، ص: 94-485)

سن 1760ع وارو خط ڪمپنيءَ جي تجارت جي تحفظ واسطي سامونڊي هٿياربند فوج جي ضرورت جي نشاندهي ڪري ٿو. ان ڪري جيئن ڪمپنيءَ جي شوري جي تجارت جي هڪ هٽي ختم نه ٿي وڃي ۽ شاهبندر واري رهائشگاهه غير محفوظ هئي. شوري جي واپار جي هڪ هٽيءَ ختم ٿيڻ واري ڳالهه وڏي اهميت جي لائق هئي. سنڌ ۾ ڪمپنيءَ جو مفاد به انهي ڪري هو ته جيئن اها شوري جي اڪيلي سر تجارت ڪري ۽ ان کي سنڌ کان ٻاهر به پاڻ برآمد ڪري. سڀ مقامي واپاري ڪمپنيءَ جي معرفت واپار ڪرڻ لاءِ ٻڌل هئا ۽ شوري جي آمدرفت رڳو ڪمپنيءَ جي جهازن ۾ ٿي سگهندي هئي. سنڌ جي حڪومت ڪمپنيءَ کان سواءِ ٻين بيجا نفعو ڪمائيندڙن جي هروڀرو خلاف به ڪونه هئي. جيڪڏهن سنڌ کي وڏو نفعو ملي ويندو هو ته انهن سان به واپار ڪري وٺندي هئي.

”مسقط جو امام، جنهن جا ٻه جهاز هن وقت ڪراچيءَ کان 15 يا 20 ليگ پري اولهه طرف بيٺا آهن ۽ مون ٻڌو آهي ته امام جو گماشتو گهٽ قسم جو سادو ۽ اڻ صاف ٿيل ڪچو شورو خريد ڪري رهيو آهي. جيئن ته غلام شاه ۽ مسقط جي امام جا پاڻ ۾ سٺا تعلقات آهن سو مون کي شڪ آهي ته ان کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو معاملو ٿيندو…“

”جيتوڻيڪ اوهان عزت مآب ڪمپنيءَ کي پروانو ڏنو آهي ته اها اڪيلي سر شوري جو واپار ڪري ۽ سنڌ کان ٻاهر برآمد ڪري، پر حالت اها آهي ته پوربندر ۽ شاه بندر جا واپاري کليو کلايو شورو خريد ڪن ٿا ۽ توهان جي آفيسرن جي ڪنهن کي رنڊڪ وجهڻ کان سواءِ هو ٻاهر برآمد به ڪن ٿا ۽ پرواني ملڻ کان پوءِ ته اهو معاملو ڏاڍو وڌي ويو آهي.“(1)

سن 1760ع واري خط ۾ ڪمپنيءَ جي ٺٽي واري ڪوٺيءَ جي در درين لاءِ گهربل ڄاڻو مزدورن جي، سنڌ ۾ کوٽ جي شڪايت ڪئي ويئي آهي:

”آءٌ ڪوٺيءَ جي لاءِ ڪنهن ٻي جڳهه ٺهرائڻ جو ڪونه ٿو سوچيان ۽ نه وري منهنجي مرضي آهي ته آءٌ عزت مآب ڪمپنيءَ کي ڪنهن وڏي خرچ ۾ وجهان. جيستائين ڪمپني سڳوري پاڻ اهڙو حڪم نه ڪندي. مون کي پوري اميد آهي ته اوهان مون کي هن گهَرَ کي ٿورو وڌائڻ جي اجازت ڏيندا ته جيئن اهو آرام ده ٿي سگهي ۽ سال ٻن جي ضرورتن لاءِ ڪجهه سهولت وارو ثابت ٿئي. ان مقصد لاءِ پڪين سرن سان فرش بندي ڪرائڻ ضروري آهي ۽ هتي ايئن ڪري سگهجي ٿو 10 يا 12 درين جي واسطي تختا ۽ ڪالوڀيءَ (Oyster) جا ڇِلَ کپن ۽ اهي ٺاهڻ لاءِ ٻه ٽي ڊکڻ پڻ کپندا، جيڪي مون کي اميد آهي ته جناب عالي جن بمبئيءَ مان موڪليندا، ڇو جو اهو مال هتي ملي سگهڻ جهڙو ڪونهي ۽ هتان جا مزدور اڻڄاڻ به آهن.“(2)

اوني ڪپڙي جي خريدار پٺاڻ گماشتن جي خراب مالي حيثيت تي تبصرو ڪيو ويو آهي:

”پٺاڻ واپاري ماڻهو تمام ٿوري حيثيت وارا آهن ۽ ڪنهن اعتبار جوڳا نه آهن. اهو ان ڪري به آهي جو هڪ ته هو سنڌ جي حڪمران کان ساڙ ٿا کائين، ٻيو اها بي يقيني آهي ته الائجي ڪڏهن سندن بادشاهه جي حڪمراني مڪمل طرح ڄمي سگهندي! ان ڪري هو هن وقت خريداري ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا.“(1)

سنه 1760ع ۾ سنڌ جي سياست لوڏن جو شڪار هئي، جيستائين سنڌ جو حڪمران يقيني طور تي تخت تي قابض ٿئي، تيستائين ريزيڊنٽ جو ان وٽ هليو وڃڻ معقول ڪونه هو، اهو اهڙي قسم جو رويو هو، جنهن بدمزگي پيدا ڪري وڌي هئي. ان زماني ۾ غلام شاه ڪڇ جي حڪمران سان ناراض ٿي پيو هو ۽ ان ملڪ تي فوج وٺي وڃڻ پئي چاهيائين. ان ساڳي ئي وقت ڄام (هيٺينءَ سنڌ جو ڪو سمون سردار يا ڪڪراله جو ڄام) سان به سندس، ڪنهن بندر جي محصول جي بقا تي جهيڙو هو.

”منهنجي پوئين خط کان پوءِ، هن ڪڇ جي راجا سان جهيڙيو آهي ۽ هاڻي ڄام سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ مڪمل تياريون ڪيون آهن. ڄام گهڻو وقت ماٺ ڪري ويهي ڪونه سگهندو ۽ پوءِ پنهنجي هر چيز وڃائي ويهي رهندو.“

”عزت مآب اڳوڻي ريزيڊنٽ مون کي هدايت ڪئي هئي ته آءٌ ڄام صاحب کي آنجهاني مسٽر بورشيئر سان مهرباني ۽ خلوص واري هلت سبب سندس طرفان ڪا سوکڙي ڏيان، منهنجي لاءِ اهو ضروري ٿي پيو ته آءٌ سندس ديوان ۽ آفيسرن کي به ڪي ننڍيون سوکڙيون ڏيان، جن جي ماليت 35 رپيا هئي … جهاز جڏهن هن جي پتڻ تي لنگر هڻندا آهن ته 25 رپيا سُنگ ڄام کي ڏيندا آهن، اهو هڪ لاءِ به ساڳيو آهي ته گهڻن جي لاءِ به ساڳيو آهي.“(1)

ڪمپنيءَ جي آفيسرن کي، سنڌ جي سرڪاري اهلڪارن سان عليڪ سليڪ رکڻي هئي، سو تحفا سوکڙيون ڏيئي پيا محصول جي آفيسرن ۽ هيٺئين عملي، منشي مَڙي کي لالچائيندا ۽ پنهنجو ڪندا هئا. اهڙي قسم جي رشوت کان سواءِ (انهن کي وڌيڪ نرم ڪرڻ لاءِ) خرچي کان سواءِ ڪمپنيءَ جي تجارت جي آمدرفت ۾ نه ته جيڪو اڳئين کان وڌيڪ رخنو پوي ها.

”مون کي، سنڌ جي محصول اوڳاڙيندڙ آفيسرن ۽ عملي ۽ منشين کي تحفن ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي. ڏيڍ ٽڪڙو ڳاڙهو پرپيٽ (Perpet) ۽ اڌ ٽڪر طوطائي رنگ جو پرپيٽ ڪپڙو انهن کي تحفي ۾ ڏنو اٿم، جن جي ڪل ماليت اٽڪل 60 رپيا هئي. گهڻو مال گهرائڻ وقت اهڙي قسم جا تحفا ڏيڻ ڄڻ هڪ قسم جي روايت بنجي ويئي آهي، جيڪا مسٽر سمپشن گهڻو وقت اڳ شروع ڪئي هئي ۽ ننڍڙي قسم جا گهڻا تحفا ٺٽي ۽ اورنگا بندر جي محصول جي ننڍن وڏن آفيسرن ۾ ورهائيندو هو، جيئن سندس واپار تڪڙو هلي سگهي.(1)

مسقط جي امام جو گماشتو ٻه جهاز هاڪاري اچي ڪراچيءَ جي بندر کان 15 يا 20 ليگ پري اولهه پاسي لنگر انداز ٿيو آهي، جنهن جو مقصد شورو خريد ڪرڻ آهي. اسان هن وقت ڏسون ٿا ته ڪمپنيءَ جي شوري تي هڪ هٽيءَ واري اصول کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي (ريزيڊنٽ ٻڌائي ٿو ته) ’مون ٻڌو آهي ته غلام شاه ۽ مسقط جي امام جي وچ ۾ وڏا دوستاڻا تعلقات آهن، مون کي شڪ آهي ته ان کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو.‘

ان ئي ساڳي سال ڪمپنيءَ جي تجارتي ننڍي اسم جو ذڪر آهي، يعني بمبئي ڏانهن سنڌ جي چوپائي مال کي برآمد ڪرڻ جو.

”هن ۾ شامل، 132 ڍورن جي قيمت ۽ خرچ جو حساب آهي، جيڪي ’سڪسيس‘ (Success) جهاز ۾ لڏيا ويا آهن ۽ 887 نادر شاهي رپيا هڪ پائلي ۽ 75 دمڙيون سندن قيمت آهي. مان ’سويلو‘ (Swallow) جهاز جي روانگيءَ کان پوءِ اهي ئي حاصل ڪري سگهيو آهيان. شاهبندر مان رابرٽ ارسڪن جو موڪليل خط تاريخ 18 مارچ 1760ع.“(1)

مسٽر ارسڪن جون مشڪلاتون ان ڪري وڌيون جو، هو ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي سلام تي ڪونه ويو ۽ سندس اها عزت ڪانه رکيائين، جنهن جي اميد غلام شاه رکي ٿي، ۽ هاڻي اهي تڪليفون انتها کي پهچي چڪيون هيون. ان وقت غلام شاه، سورت جي رهاڪوءَ علي نواز خان جي ملڪيت مڏي خلاف ڪمپنيءَ جي طاقت کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جنهن تي غلام شاه جي دعويٰ هئي ته اها سندس ملڪيت آهي. مسٽر ارسڪن اهڙن خانگي معاملن ۾ غيرجانبدار رهي بلڪل چڱو ڪم ڪيو هو، جيڪو نه فقط سنڌ حڪومت سان ڪمپنيءَ جي حيثيت کي مشڪوڪ ڪري وجهي ها پر ڪمپنيءَ جيڪو واضح اعلان ڪيو هو ته اها فقط پنهنجي تجارتي ڌنڌي سان وابسته رهندي، ان جي خلاف عمل ڪري ها. غلام شاه کي انهيءَ دليل متاثر ڪونه ڪيو. هن ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ جيڪي سهولتون ڏنيون هيون تن جي ڪري، هن معاهدي کان ٻاهر گهر پئي ڪئي. غلام شاه ڪمپنيءَ جي تجارت ۾ رنڊڪ وجهڻ واسطي پنهنجي طاقت کي استعمال ڪيو ۽ ريزيڊنٽ، ڪمپنيءَ کي، احتجاج جي تائيد ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي هئي ۽ غلام شاه ڏانهن شڪايتن ڀريل خط رواني ڪرڻ لاءِ به عرض ڪيو هو.

ساڳي سال، ريزيڊنٽ، سنڌ جي حڪمران جي اڍنگي روش جي پنهنجن ٻين خطن ۾ به شڪايت ڪئي، ته هن زبردستيءَ کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ زور ڀريو ته سورت جي علي نواز خان جي مال ملڪيت، جنهن لاءِ سندس دعويٰ هئي ته اها سندس آهي، ان جي وٺڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي (ان معاملي ۾ ڪمپنيءَ دخل اندازي ڪرڻ کان ڪيٻايو، جنهن جي ردعمل ۾ سنڌ ۾ انگريزن جي واپاري ڪوٺي تي رهندڙ اهلڪارن کي پريشاني ٿي). اها ملڪيت جيڪا سنڌ جي بادشاه واپس ڪرائڻ پئي چاهي، جنهن جو خط ۾ ذڪر آهي، سا فقط 20،000 رپين جي هئي، جنهن ۾ ست واچون يا گهڙيال، جارجيا جا غلام حبشي، ٻانهيون ۽ ڪجهه ٻيو سامان شامل هو. بادشاه ڏانهن هڪ گذارش ۾ مسٽر ارسڪن شڪايت ڪئي ته:

”منهنجيون ٻيڙيون جن ۾ آءٌ بيمار هجڻ جي صورت ۾ سوار ٿي، ٺٽي اچي رهيو هوس، لنگهڻ جي اجازت لاءِ انهن کي شاه ڳڙه ۾ اڌ ڪلاڪ بيهاريو ويو، جيتوڻيڪ انهن جي مٿان انگريزي جهنڊآ چاڙهيل هئا، ٻي ننڍي ٻيڙي کي، جنهن ۾ زندگيءَ جي ضرورت جي ٻين شين سان گڏ دوائون به پيل هيون، ماڳهين نه ڇڏيو ويو. هاڻي اهو سامان گهرائڻ لاءِ ضروري آهي ته آءٌ اُٺن جو ڪرايو ڀاڙو ڀري خشڪيءَ رستي کڻايان. جيئن ته آءٌ پنهنجي پراڻي ڪوٺيءَ اسلام ڳڙهه يعني اورنگابندر ڏانهن ڪمپنيءَ جي ’گيليوٽ‘ جهاز تي وڃي رهيو هوس ته مون کي پڌري پٽ شاه ڳڙه ۾ روڪيو ويو ۽ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن آءٌ اڳتي وڌندس ته مون تي فائر ڪيو ويندو.“(1)

ان وقت جي خطن ۾، شاهبندر واري گهر جي حالت، ڪمپني جي ملازمن جي خراب صحت ۽ بندر جي گندي ماحول جو عام ذڪر آهي.

”هن هتي پهچي ڏٺو ته آفيسر، سرجنٽ ۽ ٻيا مختلف ماڻهو بيماريءَ ۾ سٽيا پيا هئا. هن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏهن اهي موسم جي ختم ٿيڻ تائين هتي رهيا ته، انهن مان ٿورا زنده بچي سگهندا. ڪمپنيءَ جي رهائشگاهه ترائي ۾ گهميل جاءِ تي جوڙيل آهي. جنهن جي چوڌاري سنڌو درياهه جا ٻه واهڙ وهن ٿا، اهي جڏهن سڪي ويندا آهن ته سندن ترن ۾ لوڻ جا تهه ٻڌجي ويندا آهن ۽ رهائش ڪچي ۽ مٽيءَ جي اڍنگي جوڙيل آهي. مٿان ڇت ۾ ڪاٺ جون پٽيون ۽ تڏا ڪم آيل آهن ۽ مٿان مٽيءَ جي گاري سان لنبيل آهي. گدام غير مناسب آهن جو انهن ۾ قيمتي سامان جهڙوڪ: اوني ڪپڙو ته رکي نه ٿو سگهجي ڇو ته گهمجي خراب ٿي وڃڻ جو خطرو آهي. اڳئين ريزيڊنٽ جي حڪم مطابق هڪ عارضي جڳهه ۾ اهڙو بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن کي نئين ڪوٺيءَ جي استعمال ۾ آندو وڃي ها، پر ان جي غيرصحتمند ماحول سبب سڄو منڊل تبديل ڪيوويو … جيڪڏهن اتي رهجي ها ته اها جاءِ ضرور قبرستان ثابت ٿئي ها.“

”شاهه بندر واري جڳهه ڏاڍيءَ چڱي حالت ۾ آهي، پر ان جا ٻه ڪمرا خراب آهن، ضروري آهي ته انهن مٿان نئين ڇت لڳائي وڃي. ڪامون ڪافي پراڻيون ٿي چڪيون آهن، انهن مان ڪي ته ڀڄي به پيون آهن. گدام بلڪل خشڪ ۽ گهم کان پاڪ آهن ۽ جيڪڏهن ٿورو خرچ ڪبو ته مرمت سان شوري وارن گدامن جي حالت سڌري پوندي.“(1)

ريزيڊنٽ کي گهاٽ ۽ شاه بندر جي وچ وارو فاصلو ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو، ڇاڪاڻ جو ان جي وچ تي آمدرفت جو ڪو ذريعو ڪونه هو. هن اهڙي گذارش ڪئي ته کيس اجازت ڏني وڃي ته گهوڙو يا جوڙو ڏاندن جو رکي ان تڪليف کي ختم ڪيو وڃي.

”مان هاڻي اوهان کي هيءَ گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هڪ گهوڙي يا ڏاندن جي جوڙي رکڻ جو خرچ ڪري سگهان، جن جو مهيني ۾ ڪل خرچ 30 رپيا ٿيندو ڇو ته گهاٽ، جتي ٻيڙا بيهن ٿا، هتان کان 4 يا 5 ميل پري آهي. ڪن تڪڙن موقعن تي هِتان هُتي ۽ هُتان کان هِتي ڏونگهن ٻيڙن ۾ پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ته آهي پر مهانگو به آهي.“(1)

ان وقت سنڌ ۾ سياسي حالتون وڳوڙ جو شڪار هيون. مرهٽا ۽ افغان فوجون پنجاب ۾ هڪ ٻئي کي ڏهڪائي رهيون هيون. عطرخان اڃان به پنهنجي ڀاءُ غلام شاه تي ٻيو ڀيرو حملي جي تيارين ۾ مصروف هو ته جيئن سنڌ جي حڪومت کانئس کسي وٺي.

”مرهٽن ۽ پٺاڻن جون فوجون هڪ ٻئي کي ويجهو اچي رهيون آهن. پر اسان اڃان ڪنهن فيصلي ڪُن مرحلي جو ڪونه ٻڌو آهي، پوءِ کڻي اهو صلح متعلق هجي. پر سمجهه ۾ اهو اچي ٿو ته گهڻو ڪري پٺاڻ واپس موٽندا. اهي خبرون پيون پون ته عطرخان فوجون وٺي غلام شاه تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي، پر انهن مان ڪنهن تي به اعتبار ڪونهي ڪو، جيڪڏهن ٻين کي ماري ڀڄائي هڪڙو ڄڻو سنڌ جي حڪومت تي قابض ٿئي ته به معلوم اهو ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪنهن مضبوط ۽ پائدار حڪومت جو وجود ۾ اچڻ يا تجارت جو مستحڪم ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ٻي ڳالهه اها به آهي ته غلام شاه جي ذهن ۾ ڪڇ بابت به ڪو منصوبو آهي. هن جي غير مستحڪم حڪومت ۽ سندس آفيسرن جي روش اها ڏيکاري ٿي ته سندس حڪومت گهڻو وقت ڪونه هلندي.“

ڪمپني هندو دلالن جي معرفت واپار ڪندي هئي، جن مان گهڻن جا نالا رڪارڊ ۾ موجود آهن. رڪارڊ جا هيٺيان فقرا ڏيکارين ٿا ته سنڌ ۾ ٽن قسمن جا سڪا هلندا هئا. پٽ چڪ جو واپار هلندڙ هو، جنهن جي چين جي منڊيءَ ۾ وڏي کپت هئي. پٽ چڪ جي بدلي ۾ اوني ڪپڙو ورتو ويندو هو.

(سنڌ – جمع- 22 آڪٽوبر 1762ع)

”ٺٽي کان بمبا جو مشورو موصول ٿيو آهي ته نِوَلداس دَنِگي جي مالڪ سان ڪراچيءَ کان بمبئي تائين پنهنجو پٽچڪ کڻي وڃڻ لاءِ ڀاڙو ڪرايو ڳالهايو آهي، ڪرايو في مڻ 67 رپيا، جيڪي ساڍا ٻاونجاهه نادرشاهي رپين جي برابر ٿيندا، ۽ نولداس اهو قبول ڪيو آهي. شرط اهو آهي ته اهو ٺٽي جي گهاٽ تي توريو ۽ حوالي ڪيو ويندو. پيسن جي ادائگي 20 تاريخ کان مهينو پوءِ هوندي، پر نولداس ان واپار جي نتيجي ۾ پنهنجي سر اهو قبوليو آهي ته هو 300 ٽڪرا ڳاڙهي پرپيٽ جا، 34 ٽيڪا (Ticca) رپيا في ٽڪري جي حساب سان، ٺٽي واري ڪوٺيءَ تي مال پهچڻ کان پوءِ مهيني اندر کڻندو.“


(1) پوسٽنس – Op: Cit، ص: 284

(1) پي- ڊي- ڊي 1775ع. 68 A.، ص: 777 ۽ 786

(1) پي- ڊي- ڊي 1775ع، 68 A، ص: 742

(1) ايس- پي- ڊي- ڊي 1758ع، نمبر 4- ص: 77

(1) ساڳيو

(1) ايس- پي- ڊي- ڊي 1758ع، ص: 187

(1) ڪمپائيليشن ان ايڪسٽريڪشن (وارڊن) 77-1754ع، ص: 4-23

(2) ساڳيو- ص: 31-30

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 292

(2) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 91

(1) ساڳيو

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 91 ۽ 92

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 91

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 94

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 281

(1) ساڳيو

(1) ايس- آءِ- ايل- بي 1760ع جو نمبر 14، ص: 281

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com