سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :13

جهازن جو احوال

رِوينج جهاز: سامونڊي سفر جي لائق رهندو اچي ۽ مکيه جهاز آهي، گهڻائي سال هلي سگهندو. ايڊمرل اسٽيونس جي زير ڪمان ڪارومنڊل جي ڪنارن تائين گذريل مارچ مهيني ۾ ويو هو.

ڊريڪ ڪيچ:  سامونڊي سفر جي لائق رهندو اچي، ۽ گهڻو وقت جٽاءُ ڪندو، 22 آڪٽوبر تي بصري کان پهتو آهي. ان کانپوءِ هن جي صفائي ۽ مرمت ڪئي ويئي ۽ هاڻي سامونڊي سفر جي لائق ٿي چڪو آهي.

سڪسيس ڪيچ: سامونڊي سفر ۾ ڏاڍو ڪمائتو ثابت ٿيو آهي. سفر ڪرڻ لاءِ بي انتها لائق پڻ آهي. ٿوري گهڻي مرمت ٿيندي رهندس ته گهڻو وقت هلي سگهندو. تجارتي آمدورفت لاءِ گهڻو ڪري هن کي ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. اترين بندرگاهن جو سامان پيو آڻيندو نيندو آهي.

سويلو گئلي: گذريل مارچ مهيني ۾ بصري ڏانهن يورپ جو مال کڻي ويو آهي ۽ ان کان پوءِ هو گومبرون ۾ پهريدار جهاز جون ذميواريون نباهيندو.

تارتار گرئب: اهو اپريل مهيني ۾ سنڌ ڏانهن، چوماسي جي موسم ۾ سنڌو درياه ۾ پهريداريءَ جون ذميواريون نباهڻ لاءِ ويو هو. موسم جي سخت خراب هجڻ ڪري مجبورن اهو ٿوري وقت لاءِ ڪڇ ڏانهن موڪليو ويو. بعد ۾ کيس واپس سنڌ موڪليو ويو. درياهي سفر لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي ۽ عام رواجي مرمت کانپوءِ گهڻو وقت هلي سگهندو، اهو هر روز سفر ۾ رهندو آهي.

ٽائيگر گاليوٽ: اهو اڃا تائين سنڌ ۾ آهي ۽ کيس وڏو ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو. تمام جهونو جهاز آهي، تنهن ڪري گهڻي سٽ سهي ڪونه سگهندو.

سوئلو ۽ فلاءِ گاليوٽ: اترين علائقن ڏانهن آمدرفت ۾ مشغول آهن ۽ تمام بهترين تجارتي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهي تمام مضبوط جهاز آهن ۽ گهڻو وقت هلي سگهندا.

(پبلڪ ڊپارٽمينٽ ڊائري 35، 1760، ص: 43-1039. تاريخ 31 ڊسمبر 1760ع)

 

ضميمو III

چانڊڪا پرڳڻي جي واهن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ اونهائي جي ماپ هڪ جدول ۾

 

ڊيگهه گزن ۾

فوٽن ۾ ويڪر

منهن وٽ پڇڙيءَ وٽ

اونهائي فوٽن ۾

منهن وٽ پڇڙيءَ ۾

مٺيا يا نصرت واهه

25000

21

15

12

4

هيرا واهه

22000

10

7

9

3

خيرا واهه

28000

1’5

12

9

5

ٻيڙا واهه

30000

18

15

10

6

ڏاتو واهه

42000

21

10

9

4

شاه واهه

35000

18

12

11

7

مقصودو واهه

25000

15

8

9

5

نورنگ واهه (مٿئين واهه جو سلسلو)

16000

40

10

9

3

چُلها واهه

18000

30

10

9

3

مير واهه

15000

15

8

8

3

ٻيو تذڪرو کوهن ۽ ننڍڙن ڪڙين جو انگ ڏيکاري ٿو، جيڪو هن ريت آهي: پڪا کوهه 997، ڪچا کوهه 264، عارضي کوهه 2030، ڪڙيا 877، مرمت کان ٻاهر کوهن جو انگ 256.

(پورن انگن اکرن ۾ شامل ڪيل)

ضميمو IV

هيٺ ڏنل نقشو، هاريءَ کي هيٺ ڏنل فصلن جي في بيگه جي حساب سان نسبتي قيمت ٻڌائي ٿو

 

روپيا في بيگه جي حساب سان سال 1845ع کان 1847ع تائين

 

46-1845ع

47-1846ع

48-1847ع

ڪمند

60

90

30

تماڪ

8

25

17

ڪپهه (ڀوسي)

4

12

8

(سيلابي)

5

10

5

چانور

5. 4

18

5. 13

داليون

5. 30

10

5. 61

ڪڻڪ

4

10

6

جوئر

5

10

5

ٻاجهري

4

7

3

 

چانڊڪا پرڳڻي جي آبادي هيٺ آندل زرعي زمين جي مکيه جنسن جو تقابلي جائزو جيڪو 1256 هجري مطابق 46-1845ع جي بهار وارن، وچولن ۽ سرءَ وارن فصلن بابت ڪاغذن ۾ داخلا موجب آهي.

 

 

چيٽ جو فصل

سرءُ جو فصل

وچ وارو فصل

 

1255ع

بيگه

1256ع

بيگه

1255ع

بيگه

1256ع

بيگه

1255ع

بيگه

1256ع

بيگه

مٽر

4696

5083

 

 

 

 

جَوَ

4631

4246

 

 

 

 

ڪڻڪ

4200

4250

 

 

 

 

چڻا

3000

2460

 

 

 

 

سرنهن

1500

30

 

 

 

 

گل مصفر

9

=

 

 

 

 

جوئر

 

 

30964

57550

 

 

چانور

 

 

40000

34000

 

 

ٻاجهري

 

 

6757

11892

 

 

مُڱ

 

 

2500

3470

 

 

ڪونجد (تِرَ)

 

 

1427

2250

 

 

منداوا (چيڻو)

 

 

124

250

 

 

ڪپهه

 

 

 

 

8475

7239

ڪمندُ

 

 

 

 

223

106

نير

 

 

 

 

19

10

 

ضميمو V

هن ڪتاب جي تاريخي حصي کي سمجهڻ واسطي سنڌ ۽ سنڌ سان لاڳاپيل اهم واقعن جو وچور:

 

سنڌ جا تاريخي واقعا

 

سن 1555ع ۾ ترخان تخت نشين ٿيا. هن سال ئي پورچوگيزن ٺٽي کي لٽيو ڦريو.

سن 1558ع ۾ آدم شاه ڪلهوڙي وفات ڪئي.

سن 1592ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان شڪست کاڌي ۽ اڪبر سنڌ فتح ڪئي.

سن 1600ع ۾ مير معصوم بکريءَ ’تواريخ سنڌ‘ لکي پوري ڪئي.

سن 1605ع ۾ اتر سنڌ ۽ شڪارپور طرف دائودپوٽن طاقت حاصل ڪري ورتي.

سن 14-1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن سنڌ ۾ آيو.

سنڌ 1621ع ۾ مير طاهر محمد نسيانيءَ ’تاريخ طاهري‘ لکي.

سن 1625ع ۾ امير سيد قاسم بيگلار، ’بيگلار نامو‘ لکيو.

سن 1636ع ۾ ٺٽي ۾ انگريزي تجارتي ڪوٺي قائم ٿي.

سن 1641ع ۾ مئنرڪ سنڌ ۾ آيو.

سن 51-1648ع ۾ اورنگزيب سنڌ ۾ ملتان جو گورنر ٿيو.

سن 55-1654ع ۾ سيد جمال ’ترخان نامو‘ لکيو.

سن 1658ع ۾ اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي وچ ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي ۽ دارا جي موت کان پوءِ ان جو خاتمو ٿيو. موت کان اڳ ۾ سنڌ ۾، اورنگزيب جو لشڪر دارا شڪوه جي ڪڍ لڳو رهيو. بکر قلعي جو گهيرو، سيوهڻ ڀرسان درياهي جنگ، ڪلهوڙن مغل فوج جي مزاحمت ڪئي.

سن 1662ع ۾ سنڌ مان انگريزي ڪوٺي جو خاتمو.

سن 1689ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو جنم، جنهن رسالو تصنيف ڪيو.

سن 1699ع ۾ ڪئپٽن هئملٽن سنڌ ۾ آيو.

سن 1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي تي اورنگزيب طرفان عنايتون ۽ نوازشون ٿيون، ۽ اتر سنڌ ۾ دائودپوٽن جي شڪست.

سن 1711ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي اتر سنڌ ۾ پنهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي.

سن 1719ع (اندازاً) ميان يار محمد ڪلهوڙي وفات ڪئي ۽ ميان نور محمد کي ’خدا يار‘ خان جو لقب مليو.

سن 1736ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو صوبيدار ٿيو.

سن 1740ع ۾ نادر شاه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ان کان پوءِ سنڌ ايران جي ڏن ڀُرو ٿي.

سن 1748ع ۾ احمد شاه دراني هندستان تي حملو ڪيو.

سن 1750ع ۾ سنڌ افغانستان جي ڏن ڀرُو بڻي.

سن 1752ع ۾ شاه عبداللطيف وفات ڪئي.

سن 1754ع ۾ احمد شاه درانيءَ جو سنڌ تي حملو، ميان نور محمد جو لڪي وڃڻ ۽ سندس وفات.

سن 58-1657ع ۾ گهرو جنگ ۽ غلام شاه ڪلهوڙي جي تخت نشينيءَ کان پوءِ جنگ جو خاتمو.

سن 1758ع ۾ ٺٽي ۾ ٻي انگريزي تجارتي ڪوٺي قائم ٿي.

سن 1768ع ۾ حيدرآباد شهر جو بنياد پيو.

سن 68-1767ع ۽ 1773ع ڌاري مير علي شير قانع تاريخ ’تحفة الڪرام‘ لکي پوري ڪئي.

سن 1771ع ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي وفات.

سن 1773ع ۾ تيمور شاه ڪابل جي تخت تي ويٺو.

سن 1775ع ۾ سنڌ اندر سياسي ابتريءَ جي ڪري انگريزن ٺٽي مان پنهنجي واپاري ڪوٺي ختم ڪري ڇڏي.

سن 1776ع ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي تخت تان لاٿو ويو.

سن 1778ع ۾ ميان غلام نبي سنڌ جو حڪمران ٿيو.

سن 1778ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي پاڻ ۾ جنگ لڳي.

سن 1793ع ۾ تيمور شاه جو موت.

سن 1803ع ۾ ٽالپر حڪمرانيءَ جو قيام

 


 

هندستان جا تاريخي واقعا

سن 1605ع ۾ اڪبر وفات ڪئي ۽ جهانگير تخت نشين ٿيو.

سن 1613ع ۾ سورت ۾ انگريزي واپاري ڪوٺي قائم ٿي.

سن 1622ع ۾ ايران قنڌار فتح ڪيو.

سن 1627ع ۾ جهانگير وفات ڪئي ۽ شاهجهان تخت تي ويٺو.

1649ع قنڌار مستقل طور تي فتح ٿي ويو.

1659ع ۾ اورنگزيب تخت نشين ٿيو.

سن 1664ع شيواجيءَ سورت کي ڦريو لٽيو.

سن 1666ع ۾ شاهجهان جو موت

سن 1668ع ۾ بمبئي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڏانهن منتقل ٿي ويئي.

سن 1674ع ۾ شيواجيءَ جي تخت نشيني

سن 80-1676ع ۾ شيواجي ڏکڻ ۽ اولهه ڏکڻ هندستان ۾ فتحون حاصل ڪيون.

سن 1682ع ۾ اورنگزيب دکن تي حملو ڪيو.

سن 1687ع ۾ بمبئي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو صدر مقام ٿي.

سن 1702ع ۾ انگريزي ڪمپنين جي وچ ۾ هندستاني تجارتي ٺاه ٿيو.

سن 1707ع ۾ اورنگزيب جو موت ۽ بهادر شاه جي تخت نشيني ٿي.

سن 1709ع ۾ ايسٽ انڊيا جي ٻن ڪمپنين جو ميلاپ.

سن 1712ع ۾ جهاندار شاه تخت تي ويٺو.

سن 1713ع ۾ فرخ سِير جي تخت نشيني.

سن 1719ع ۾ محمد شاه تخت تي ويٺو.

سن 1720ع ۾ مرهٽن جي پيشوا واري حيثيت ورثو سمجهي ويئي.

سن 1731ع ۾ مرهٽن ۽ نظام جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو.

سن 1739ع ۾ نادر شاهه هٿان دهلي جي تباهي.

سن 1744ع ۾ اسٽريا ۾ ورثي تان جنگ شروع ٿي.

سن 1748ع ۾ احمد شاه ابدالي هندستان تي حملو ڪيو.

سن 54-1749ع ۾ ڪرناٽڪ ۾ تخت نشيني تان جنگ.

سن 54-1750ع ڪرناٽڪ ۾ انگريز ۽ فرينچ ڪمپنين جي پاڻ ۾ جنگ.

سن 1754ع ۾ عالمگير ٻئي جي تخت نشيني.

سن 58-1756ع ۾ سکن جو پنجاب ۾ زور وٺڻ.

سن 63-1756ع ست ساله جنگ.

سن 1757ع پلاسيءَ جي جنگ.

سن 1758ع ۾ مرهٽن جو پنجاب کي والاري وڃڻ.

سن 1760ع ۾ وانڊي واش جي جنگ. ڪُوٽ هٿان فرينچين جي شڪست. مرهٽن جو دهليءَ تي قبضو.

سن 1761ع ۾ پاڻيپت جي ميدان تي احمد شاه درانيءَ هٿان مرهٽن جي شڪست.

سن 1764ع ۾ لاهور تي سکن جو قبضو.

سن 1765ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڪلائيو، بنگال جو ديوان مقرر ٿيو.

سن 1771ع ۾ وارن هيسٽنگس بنگال جو گورنر ٿيو.

سن 1776ع ۾ مرهٽن سان جنگ.

سن 1778ع ۾ فرانس برطانيا خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.

سن 1783ع ۾ ورسئليز (Versaillies) جو عهدنامو ٿيو. هندستان ۾ ملڪيتون واپس ڪيون ويون.

سن 1793ع ۾ فرانس سان جنگ ۾ بنگال جو مستقل فيصلو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪردار ۾ جدت آئي.

سن 1799ع ۾ سرنگاپٽم جي فتح ۽ ٽيپو سلطان جو موت.

سن 1801ع ۾ ڪرناٽڪ جي فتح.

سن 1817ع ۾ ٽيون ۽ آخري ڀيرو مرهٽن سان جنگ.

سن 1823ع ۾ راجا رنجيت سنگهه، ملتان، پشاور ۽ ڪشمير جو مالڪ بڻيو.

 

ضميمو VI

مشرقي اکرن جي صورت خطي ۽ هِجي تي نوٽ

منهنجي هن تصنيف ۾ ڪيترائي عربي، فارسي ۽ سنڌي لفظ انگريزي ۾ اچي ويا آهن. مان ان کي ضروري ڪونه سمجهيو ۽ نه وري ڪا اهڙي خواهش اٿم ته عام پڙهندڙ کي متوجه ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪتاب ڏيان، جنهن ۾ رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو عام طور تي تجويز ڪيل طريقو اختيار ڪيل هجي. اهڙي ريت مون زيرون زبرون ۽ نقطا ڏئي'd', 't', 's', 'h'  ۽ 'z' جي مختلف شڪلين جي فرق کي واضح ڪونه ڪيو آهي، جن جي آوازن ۾ سنڌيءَ، عربي ۽ فارسي ۾ فرق هوندو آهي. فرق جي اهڙين نشانين جي عدم موجودگي ۾ عربي ۽ فارسيءَ ڄاڻندڙ عالم جيڪي انهن جي صحيح هِجي کان چڱيءَ ريت واقف آهن، تن کي ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي. پر اهي عالم جيڪي عربي فارسي ۽ سنڌيءَ زبانن جي اُچارن وارن اصولن کان اڻڄاڻ آهن ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ اصولن جي پوئواري ڪا خاص فائدي واري ڳالهه به نه ٿيندي. اها طبيعت ۾ مونجهارو پڻ پيدا ڪندي، پڙهندڙ مورڳو پريشان ٿيندا. مان مشرقي لفظن کي عام پسند واري انداز ۾ انگريزي ۾ آندو آهي. نه ته گهڻو ڪري مون لفظن جي اصليت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ڪن اُچارن جي ادائگيءَ ۾ مختلف آوازن کان پوءِ ساه کڻي سگهجي. جنهن ۾ مون 'h' جو اکر ملايو آهي. اهڙيءَ ريت مان سنڌ ۽ سکر کي عام اُچاري واري قانون مطابق Sindh ۽ Sakhar لکڻ جي بدران Sind ۽ Sukkur لکيو آهي. سنڌي لفظن جي صورتخطي ڏاڍي ڏکي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر سنڌي لفظ جي پڄاڻي حرف علت سان ٿئي ٿي پوءِ کڻي اهو خالص هجي يا گهُڻو (Nasalized). برٽن، اهڙن حرف علت وارن لفظ جي اچارن کي پنهنجي تصنيف، ’هسٽري آف سنڌ‘ ۾ اصولن مطابق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نتيجو خاطر خواهه ڪونه نڪتو. ان ڪري مون اهڙيءَ ڳالهه کي هتي ڪونه ورجايو آهي. اهوئي سبب آهي، جو جتي جتي به مون کي اهڙا حرف علت وارا اکر نظر آيا ته مون انهن کي ڪا اهميت نه ڏني. سنڌي زبان ۾ ٻي خاص ڏکيائي اها به آهي ته ان جي گهڻن لفظن جا اچار گهُڻا آهن، جيڪي ڪنهن به حالت ۾ انگريزي صورت خطي ۾ سولائيءَ سان پيش ڪري نه ٿا سگهجن. اهي عالم جيڪي زبان سان دلچسپي رکن ٿا، سي وڌيڪ استفادي لاءِ سنڌي الف- ب جو مطالعو ڪن. پراڻي رڪارڊ جي حوالن ۽ پراڻن نسلن جون تحريرون جيڪي مون هن ڪتاب ۾ آنديون آهن، تن جي صورتخطي ۽ هِجي کي اصليت ۾ برقرار رکيو ويو آهي، اها به هڪ حقيقت آهي ته اهڙي قسم جي ’هِجي‘ عام طور غلط به نه هوندي آهي. هيءَ سمجهاڻي ساڳين لفظن جي هِجي جي فرق کي واضح ڪري ڇڏيندي، جيڪي هن تصنيف جي صفحن تي عام جام پکڙيا پيا آهن.

 

ضميمو VII

بمبئي رڪارڊ آفيس ۾ بمبئي سرڪار جي رڪارڊ ۾ سنڌ متعلق حوالا

ڇاپيل فهرست جي جاچڻ ۽ پرکڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪمپنيءَ جي سنڌ ۾ تجارت متعلق حوالن ۾ هڪڙو وڏو خال نظر ايندو. اسان کي جيڪو وڌ ۾ وڌ پراڻو حوالو مليو آهي، سو تاريخ 8 ڊسمبر 1646ع جو آهي، (جيڪو پهرئين سال سان لاڳاپيل آهي) ۽ هارٽ (Hart) جهاز متعلق آهي، جيڪو سنڌ ۾ موجود هو. اهو خط جان سپلر، هينري گري، گلبرٽ هارسين ٽنهي ڄڻن لکيو هو. ڪجهه ٻيا خط انهن ٽنهي ماڻهن ۽ نڪولس اسڪرائيونر (Nicholas Scriner) ٺٽي ۽ ڪنڊياري مان 1657ع تائين لکيا آهن. جڏهن ته آخري خط نڪولس اسڪرائيونر جو آهي، جيڪو تاريخ 13 آڪٽوبر 1657ع ۾ لکيو ويو. خط جو مضمون ڏيکاري ٿو ته ان ڏينهن ڪمپنيءَ جو مال (سيهو) جهاز تي لڏيو ويو هو.  ان تاريخ کان وٺي 25 نومبر 1744ع تائين يڪو وڏو خال آهي ۽ ان تاريخ تي مسٽر سئمسن وٽان ٺٽي مان، سورت جي ڪوٺي جي اعليٰ عملدار ڏانهن خط موڪليو وڃي ٿو. ان کان پوءِ سنڌ متعلق حوالا ته ڪيترائي ملن ٿا پر اهي عام جام نه آهن، تان جو سال 1758ع اچي پهچي ٿو. جنهن سال تجارتي ڪوٺي وري ٻيو ڀيرو جاري ٿي. 1762ع آگسٽ کان جولاءِ 1764ع تائين، سنڌ واري تجارتي ڪوٺيءَ جو رڪارڊ باقاعدي لکيو ويو. انهن خطن تي ڪٿي ٺٽي ۽ ڪٿي شاهبندر جي تاريخ هنيل آهي. ڪمپنيءَ جي معاهدي وارن ملازمن جي فهرست ۾ جتي بمبئي يا ٻئي هنڌ جي ملازمن جو ذڪر آهي، اتي سنڌ جي تجارتي ڪوٺيءَ تي رهندڙ ملازمن جو ذڪر موجود ڪونهي. گومبرون، بصري، ايراني نار ۽ ڪامبي ۾ موجود تجارتي ڪوٺين جو ذڪر ملي ٿو. هيءَ فهرست، 28 آگسٽ 1739ع واري خط سان شامل آهي ۽ تجارتي ڪوٺيءَ جي ملازمن جي نوڪريءَ جي مدت 1712ع کان 1738ع تائين آهي.

سن 1646ع کان 1700ع تائين، جيڪا پراڻي ڇاپيل فهرست ملي ٿي. ان ۾ سال 1648ع کان 1655ع تائين ۽ 59-1658ع جو عرصو ته ڏيکاريل ئي ڪونه آهي. ٻين سالن جو جيڪو رڪارڊ ڏيکاريو ويو آهي سو به تمام مختصر آهي. 1701ع کان 1719ع تائين، رڪارڊ ۾ سال 1705ع کان 1707ع تائين جو ذڪر تمام ٿورو ملي ٿو ۽ سال 1710ع کان 1718ع تائين جو ته ماڳهين ذڪر موجود ئي ڪونه آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com