سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :12

باب ڇهون

 

هڪ شاعر ۽ سندس ماڻهو

منڊيءَ ۾ وڪري لاءِ رکيل بت: معروف مذهب جا ڪجهه نمائشي پهلو

شاه عبداللطيف جي زندگيءَ جي بيان کان سواءِ مغل ۽ ڪلهوڙا دور واري سنڌ جو ذڪر اڌورو رهجي ويندو. هيءُ شخصيت ان وقت سنڌ ۾ موجود هئي،، جڏهن مغلن جي حڪومت ۽ ڪلهوڙن جون راهون جدا ٿي رهيون هيون. هن اهو زمانو اکين سان ڏٺو جڏهن سنڌ دهلي سلطنت کان الڳ ٿي، پنهنجي آزاديءَ ۽ آجپي لاءِ هٿ پير هڻي رهي هئي. سندس ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جي پوري پڪ ڪانهي ڪا، پر پوءِ به سندس ڄمڻ جو سال سن 1689ع ۽ وفات جو سال 1752ع چئي سگهجي ٿو. هيءُ اهو شاعر آهي، جنهن جهنگ جي جهانگيئڙن جي لاءِ شاعري ڪئي، هن جي شاعريءَ کي روحانيت ۽ تصوف جي مسلڪ جي بنياد تي اسلام جي اعليٰ پيغام ۽ سکيا مان اتساه مليو. سندس ڪلا ڄڻ ته هڪ قومي ورثي جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. شاه عبداللطيف جي شاعري ۾ حياتي، پنهنجي حقيقي ڏسن ۾ تيستائين نظر ڪانه ايندي، جيستائين اسان عام ماڻهن جي مذهب متعلق نه ٿا ڄاڻون، جن جي وچ ۾ هو رهيو ۽ جن جي لاءِ هن ڳايو، جڏهن ڪو عالم هن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪري ٿو ته سندس منهن ۾ ڏکيا مسئلا اچي وڃن ٿا ته هو ڪيئن شاعر جي لطافت سان ڀرپور، اعليٰ مذهب کي عام ماڻهو جي عام مذهبي تصور ۽ عملي دستور سان ٺهڪائي؟ جڏهن ته مذهب جو قدر هميشه ان جي اعليٰ آدرشن ۽ اظهار جي اعليٰ ترين نموني تي مدار رکي ٿو ۽ مذهب جي شهرت ۽ عوامي تصور، عام جي گهڻائي جي ايمان ۽ عمل جو ماپو هوندو آهي. ڊين انج چوي ٿو ته ”ديول جي تاريخ نظرين جي آتم ڪهاڻي هوندي آهي“(1). جيڪڏهن اسان وري ساڳئي مصنف جي قول کي ورجايون ته: ”مذهب تي ايمان رکڻ ۽ ان جو عملي طور اظهار ان جي پوئلڳن جي اخلاقي ۽ ذهني باليدگي کان اڳڀرو نٿو ٿي سگهي. ڪو مذهب رڳو ان ڪري ڪامياب ڪونه ٿيندو آهي، ڇو ته اهو سچو آهي پر ان ڪري جو اهو ان کي مڃيندڙن ۽ پوئلڳن لاءِ مناسب آهي.“ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ اسلام جي نظرين ۽ ان عقيدي جي عملي ڪارڪردگيءَ ۾ وڏو فرق ظاهر هو.

سنڌ هڪ مسلمان رياست هئي جنهن ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاران گهڻي جدوجهد کان پوءِ اڌوري آزادي يا اڌوگابرو آجپو حاصل ڪيو. ان جو بنياد هن اسلامي مذهبي اصولن تي رکڻ چاهيو، جنهن جي آدمشماريءَ جو وڏو ڀاڱو مسلمان ٿيل جتن تي مشتمل هو. سنڌ ۾ اسلام جي تاريخ وڏي مونجهاري جو شڪار آهي، جنهن کي ڪنهن به ڪتاب ۾ صحيح نموني سان ظاهر ئي ڪونه ڪيو ويو آهي. هتان جي ماڻهن جي گهڻائي اهل سنت فرقي سان وابسته آهي. پر تمام گهڻي اثر رسوخ وارن ماڻهن جو فرقو اهل تشيع جو آهي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪوبه ايراني راسخ العقيده شيعن مان ڪونهي. هڪ سنڌي فطري طور تي سادو سودو ماڻهو مذهبي نزاڪتن مان ڄاڻي ئي ڪونه. سنڌي ڪردار ۾ سهپ واري فطرت، هتي هڪ ناياب قسم جي فضا پيدا ڪري وڌي آهي. جيتوڻيڪ سندن مرشد سندن مذهبي فرقي جي ابتڙ ۽ مختلف سوچ سان واسطو رکن ٿا، تڏهن به اهي مرشد پنهنجي اثر رسوخ واري حيثيت وڃائين ڪونه ٿا. سنڌ ۾ مرشد گهڻو ڪري چئن ذاتين مان ٿيندا آهن، سيد، قريشي يا صديقي، علوي ۽ عباسي. انهن مان سيد ٻين سڀني کان وڌيڪ رسوخ وارا هوندا آهن.

اهي سڀئي مذهبي گهراڻا پنهنجو بڻ بڻياد ڪنهن نه ڪنهن حد تائين رسول (ﷺ) جي عربستان ملڪ ڏانهن منسوب ڪن ٿا. اهي سنڌ ۾ مختلف دورن ۾ عربستان ۽ هندستان جي وچ وارن مسلمان ملڪن مان لڏي اچي هتي آباد ٿيا. اهي مختلف ۽ گهڻن نسلن جو ميلاپ آهن. انهن جو تفصيل سان ذڪر، عربن هٿان سنڌ فتح ٿيڻ کان وٺي مغل دور جي حڪومت تائين بيان ڪرڻ کان سواءِ پورو ڪونه چئبو جيڪو پورن اٺ سؤ سالن تي پکڙيل آهي. سيد خاندان حسني آهن يا حسيني آهن. انهن مان گهڻن جا نالا سندن اصلوڪن ماڳن سان منسوب آهن، جيئن بخارا يا شيراز يا اهي جايون جتي آخر سنڌ ۾ هنن رهائش اختيار ڪئي، گهڻو ڪري اهي سڀ شيعا آهن. اسلام جو وچ وارو دور جنهن ۾ سنڌ مذهبي سوچ ۽ فڪر وارن ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، سوئي سنڌ جي صوفي تصور جو بنياد آهي. ابوالفضل، اڪبر جي دربار جي، انگن اکرن جي ماهر پنهنجي خاندان جي هجرت جي هڪ دلچسپ تاريخ ٻڌائي آهي. هو به ڪنهن حد تائين سنڌي هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته هن جي پيڙهي مان پنجين ڏاڏي شيخ موسيٰ پنهنجي دوستن جي صحبت ۽ سنگت مان نڪري پنهنجو گهر ڇڏي سفر اختيار ڪيو. (آئين اڪبري III، ص: 418) ”نائينءَ صديءَ ۾ الله جي حڪم سان سيوستان (سيوهڻ) جي پسگردائي جي هڪ خوبصورت ڳوٺ ريل ۾ اچي رهيو ۽ اتان ئي خدا جو خوف رکندڙ هڪ پاڪ باز خاندان مان شادي ڪيائين. جيتوڻيڪ هو هڪ رڻ مان نڪري هڪڙي مهذب شهر ۾ پهتو هو پر هن دنيا ۾ رهڻ واسطي پنهنجي گوشي نشينيءَ واري عادت ڪانه مٽائي.“

برٽن سنڌ جي سيدن متعلق ٻڌائي ٿو: ”گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهوآهن، جن جي مسلڪ جي اختلاف جي باوجود هنن جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آهي. ڪلهوڙا خاندان جي دور ۾ هنن کي وڏي انداز ۾ مستقل جاگيرون انعام ۾ ڏنيون ويون.“ سنڌ جي سيدن ۾ غير رواجي قسم جون خصوصيتون هيون. پنهنجون نياڻيون پنهنجي پاڻ کان گهٽ ذات جي مسلمانن ۾ ڪونه ڏيندا هئا. جيڪڏهن ٻن مان ڪو هڪ مائٽ به سيد هوندو هو ته سندن ٻارن کي به سيد تصور ڪيو ويندو هو. اهڙي ريت هنن ۾ اصلي عرب، ايراني، ترڪي ۽ ٻين ايشيائي نسلن جي رت جي چڱي ملاوٽ ملي ٿي.

سنڌ جي اٺ سو سالن جي مسلمان دور ۾، درويشن جو سنڌ ۾ ٻاهران اچڻ جو سلسلو قائم رهيو، اهو امڪان آهي ته هن حقيقت سان گڏ، وِسوِسن وسوڙل عام سنڌيءَ کين وڏو روحاني پيشوا سمجهي بي انتها عزت ڪئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پنهنجي غيرمعمولي اثر کي استعمال ۾ آندو. هن کي صحيح نموني سان سمجهڻ واسطي اسان کي سنڌ جي تاريخ ۾ اڃا به ڪجهه وڌيڪ گهرائيءَ ۾ وڃڻو پوندو. بهرحال حقيقتون ڪجهه اڻچٽيون آهن. اٺين صديءَ ۾، هيٺينءَ سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن مان هندو نسل جا ماڻهو سنسڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا. عربن جي قبضي وقت اهي زمينون عرب فوجين جي هٿ هيٺ رهيون ۽ جن کي جاگير طور زمينون ڏئي مضبوط ڪيو ويو هو. ري (Ray) جي چوڻ مطابق، ”انهن جي وڏي آدمشماري گهڻو ڪري وڏن اهم شهرن ۾ رهندي هئي. ان ڪري ملڪ جو اندروني انتظام گهڻي قدر هندو زميندارن جي هٿ وس هو، جيڪي زمين جي ڍل (خراج) ۽ جزيه به ادا ڪندا رهندا هئا“(1) ڏهين صديءَ جي آخر ۾، سنڌ ۾ اسلام تي مصر ۽ عراق جي ڪرمتين جي بي ديني اثر جو دخل ڏسون ٿا. يارهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ محمود غزنوي ملتان ۽ منصوره کي اسماعيلي فرقي جي اثر ۾ ڏٺو. يارهين صدي جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ يا ان کان به اڳتي، عربن جي جاءِ تي اتر کان ايندڙ ترڪ اچڻ لڳا پر اندروني انتظام پوءِ به ننڍن هندو سردارن جي حوالي رهيو(1). سنڌ جي آباديءَ جو گهڻو حصو چوڏهين ۽ پندرهين صديءَ ۾ مسلمان ٿيو، جڏهن ته حڪومت ڪندڙ سومرو خاندان ان کان به گهڻو اڳ مسلمان ٿي چڪو هو. يارهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪنهن وقت (اٽڪل 1025ع ڌاري) هندو سومرن جي قبيلي به سنڌ تي حڪمراني ڪئي. سن 1228ع ۾، التمش جي فوجي جنرل جنيديءَ کان آڻ مڃي، ان وقت جو سنڌ جو حاڪم سنان الدين چنيسر دهليءَ جي سلطان جو باج گذار بڻيو. حسن نظاميءَ مطابق ”هن جي نالي سڪا ڍاليا ويا ۽ خضدار ۽ مڪران تائين خطبن ۾ شمس الدين جو نالو اچڻ لڳو.“ نالي مان ئي اهو پتو پوي ٿو ته حڪمران خاندان اڳيئي مسلمان ٿي چڪو هو. ايليٽ (1-491) کي يقين آهي ته اهي يارهين صديءَ ۾ ڪرمتين جي الحاد کان متاثر ٿي چڪا هئا. چوڏهينءَ صديءَ جي وچ ڌاري سمن سومرن کي هٽائي ڇڏيو. (ايليٽ، III، 322) آئين اڪبري ٻڌائي ٿو ته سومرا (راجپوت) خاندان جي لاڳيتو ڇٽيهن بادشاهن سنڌ تي پنج سو سال حڪومت ڪئي. پر تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته سومرن جي حڪمراني اٽڪل 1025ع کان شروع ٿي ۽ اٽڪل 1360ع تائين هلي. جيتوڻيڪ صحيح تاريخن ۾ مونجهارو آهي ۽ اتر ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سندن حڪمرانيءَ متعلق به اختلافي تاريخي حوالا آهن.

سمجهه ۾ اهو اچي ٿو ته سما ڪڇ کان سنڌ ۾ آيا. تاريخ طاهريءَ ۾ آهي ته سما خاندان سان لاڳاپيل پورهيت ۽ زميندار طبقو هندو مذهب رکندو هو، پر ايليٽ ٻڌائي ٿو (1-266) ته اهي عجيب غريب هوندا هئا ۽ ننڍي پاڏي جي گوشت کان سواءِ شراب کي هٿ ئي ڪونه لائيندا هئا. سمن کي ڄام جو لقب مليل هوندو هو، سندن پويون ۽ وڏو پايئه تخت ٺٽو هو، جنهن جو بنياد، برهمڻن ۽ نجومين کان پڇي ڪنهن بختاور ڏينهن تي رکيو ويو هو، (ايليٽ III-273). ڄام نظام الدين جنهن کي ڄام نندو به سڏيندا هئا، جنهن جي حڪمراني 1461ع ڌاري اوج تي هئي، ان جي ڏينهن ۾ اسلام ڏاڍو وڌيو ۽ ويجهيو ۽ عام ماڻهن جو وڏو تعداد مسلمان ٿيڻ لڳو.

اهي حقيقتون دلچسپ نتيجو قائم ڪن ٿيون، سو اهو آهي ته سنڌ جا جيڪي اڳيان مرشد خاندان سياسي نظرياتي طور تي شيعا هئا ۽ اهي خاندان صدين تائين شيعا رهندا آيا. عوام جڏهن مسلمان ٿيو ته اهو هندن سان جڙيل هيو ۽ ماڻهن جي گهڻائي سني فرقي سان لاڳاپيل هئي. هندو ريتن رسمن، وهمن ۽ وِسوِسن ۾ وڪوڙيل هئا. جنهن جو نتيجو ٻٽو ٿيو. پهريون شيعي ۽ سنيءَ مسلمان جي وچ ۾ جيڪو واضح فرق هو، سو گهڻي حد تائين ختم ٿيڻ لڳو. جيڪو ٻئي هنڌ مسلمان معاشري ۾ چاقوءَ جي تيز ڌار جيان هو. ٻيو ته جيستائين عام ماڻهوءَ تي اثر جو تعلق آهي ته اسلام تي هندو لاڙي جو اثر پئجي رهيو هو. شاه عبداللطيف لاءِ به اهو چيو ويندو آهي ته جڏهن کانئس پڇيو ويو ته شيعو آهين يا سني ته جواب ۾ چيو هئائين ته ”شيعي ۽ سني جي وچ تي آهيان.“(1) حقيقت اها آهي ته هيءُ سنيءَ کان وڌيڪ شيعو هو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي عمر جي آخري ڏينهن ۾ مڪي بدران ڪربلا وڃڻ جو سوچيو هو. سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ مذهبي رواداري جو سبب اهو آهي ته اسلام سنڌ ۾ چند سو سالن جي پنهنجي موجودگيءَ سان ڪيترن اسلام کان اڳ جي عقيدن ۽ وهمن کي ٽوڙي نه سگهيو. اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته برٽن جي زماني تائين، عام سنڌي مسلمان، عرب واري مذهب جي سختيءَ کي گهٽائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري پڙهيل مسلمان ان تي هميشه منهن گهنجائيندا رهيا آهن. سنڌين وٽ جيڪا مرشد يا پير جي وڏي عزت آهي، سا شايد هندن جي ديوتا- پوڄا کان متاثر ٿي ورتي ويئي هجي، سو ته چئي نٿو سگهجي پر اهو امڪان آهي ته ان جي اثر اهڙو ڪم ڪيو هجي. مُردن جي پوڄا جهڙو ئي هڪڙو عقيدو هتي تشڪيل ٿيندو نظر اچي ٿو ۽ اهو شديد صورت ۾ ملي ٿو، اسان، هندن جو مسلمانن جي خاندان ۽ مزارن تي وڃي مڃتا ڏيڻ ۽ باسون باسڻ جو غيرمعمولي طريقو ۽ ان معاملي ۾ ڪٽر مسلمان جو هندن متعلق نرم رويو ڪيئن ٿا سمجهائي سگهون؟ اهو سوال اهم به آهي، ڇاڪاڻ جو شاه عبداللطيف جي شاعري، اسلامي تصوف جي سچي روايت هوندي به سنڌ جي هندن تي اوترو ئي مڪمل جادو ڪري ٿي، جهڙو مسلمانن تي، ملڪ جي گڏيل مذهب جي تاريخ اچرج جهڙا نتيجا پيدا ڪري ورتا آهن، جهڙوڪ سيدن جي حد درجي کان وڌيڪ تعظيم، عام ماڻهوءَ جي عقيدن ۾ وهمن ۽ وسوسن جي فراواني، سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن طرفان سنڌ جي صوفين پاران ڏنل اسلام جي صوفياڻي پيغام جي هڪ جهڙي مڃتا.

شاه عبداللطيف جي حياتيءَ کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ هنن سچاين جي اثر کي جاچي پرکي ڏسڻ گهرجي. جيستائين سيدن، پيرن ۽ درويشن جي عزت ۽ احترام جي ڳالهه آهي، انهيءَ متعلق وڏي ۾ وڏيون شهادتون تحفة الڪرام ۽ برٽن جي تصنيفن ۾ موجود آهن. سيد جيڪو پير به هو تنهن مرشد جي حيثيت ۾ بادشاهي طاقت استعمال ڪئي. پير عام طور ڪنهن نه ڪنهن خانقاه سان لاڳاپيل هوندو هو، هلائڻ لاءِ کيس هڪ دربار به هوندي هئي. هو پنهنجي پيراڻيءَ مسند تي ايئن وهندو هو ڄڻ ڪنهن شاهي تخت تي براجمان هجي، جتي هو سجاده نشين هوندو هو ۽ ڪنهن خاص ڏينهن تي ماڻهن جا ميڙاڪا ان آسڻ تي اچي سندس سلام ڀريندا هئا.جڏهن هو مريدن ڏانهن دوري تي نڪرندو هو ته سندس سلام ڀريندا هئا. جڏهن هو مريدن ڏانهن دوري تي نڪرندو هو ته سندس سفر ڪرڻ ۾ به شاهاڻو ٺاٺ هوندو هو. هو هڪ بهترين سنجيل ڀلي اٺ تي سوار ٿيندو هو. پٺيان ساڻس معتقدن ۽ خليفن جي لانڍ هوندي هئي، جيڪي هڪ جهڙا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ قسمين قسمين هٿيارن سان هٿياربند ٿيل هوندا هئا. ماڻهو به اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا ۽ سندس رڪيب واري چمڙي جي دوال ڇهڻ جي سعادت ۽ عزت حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت پير کي هڪ روحاني طاقت هوندي هئي جيڪا دنياوي طاقت جي روپ ۾ بدلجي ويئي. جيئن وچ اوڀر جي يورپ جي پوپ واري اثرائتي دور ۾ ٿيو هو. پير صاحب پنهنجي مريدن وٽان باسون ۽ ڏن وصول ڪندو، پاڻ ۾ جيڪي تڪرار هوندن سي به نبيريندو ۽ ڪڏهن خاص موقعن تي نماز به پڙهائيندو هو. اهڙيءَ ريت سڄيءَ سنڌ جي ٻهراڙي اهڙن ڪيترن پيرن جي ننڍڙي شهنشاهيت ۾ ورهايل آهي. اهو سڄو طريقهءِ ڪار ڄڻ مذهب سان سلهاڙيو ٻڌو پيو هو، يا جيڪڏهن هن چوڻيءَ کي بنا ڪنهن تنقيد جي استعمال ڪجي ته چئي سگهجي ٿو ته عرب جي پيغمبر جنهن سادي عقيدي جو بنياد وڌو هو، ان کي صدين تائين وڌائي ويجهائي هن مذهبي سلسلي جو روپ ڏنو ويو هو.

هن عوامي مذهب ۾ اجايو جاه وجلال، ٺاٺ ۽ اڊمبر مسلمانن جي عالمن ۽ مفڪرن کي ناپسند هو. ڪلهوڙا ٽالپرن جا مرشد هئا. اهو بلوچ ڌراڙن مٿان سندن ضابطو هو، جو ڪلهوڙا ٽالپرن کي پنهنجي سياسي مقصدن کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪري ويا. جڏهن ڪلهوڙن مرشدن جي روپ ۾ ٽالپرن کي حڪم ٿي ڪيو ته هنن مريد هجڻ جي ناتي سان انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪونه ٿي ڪيو. مرشدن واري عزت ۽ احترام جي ڪري سندن شخصي ڪردار ۾ خاميون هنن لاءِ ڪا اهميت ڪونه رکنديون هيون. اسلام ۾ يا جيئن ٻين مذهبن ۾ به گهڻيون شخصيتون جيڪي وڏي عزت ۽ احترام لائق سمجهيون وينديون هيون سي پنهنجي شخصي ڪردار ۾ ان عزت لائق ڪونه هيون. پر انسان جي فطرت ڪجهه هينئن آهي ته گهڻن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي شخصي طاقت رکڻ جي چاهنا بدرجه اتم موجود هوندي آهي، پوءِ ڪهڙي به طريقهءِ ڪار سان پنهنجي ان طاقت کي ڪڏهن استعمال به ڪندا آهن. حقيقت ۾ اهو ڪلهوڙن آپي کان ٻاهر ٿي ڪو اهڙو ڪم ڪيو هو، جنهن عوام جي خيالن کي ڄڻ اٿلائي وڌو ۽ مرشد ڪلهوڙن جو خاتمو سندن ٽالپر مريدن جي هٿان ٿيو انهن عزت ۽ احترام وارن جذبن کي پنهنجي فطرتي حدن کان ايترو ٻاهر کڻي نه وڃجي جو ضمير سهي نه سگهي.

جيستائين سنڌ ۾ اسلام جي سخت اصولن مٿان وهمن وسوسون جي وڌندڙ اثر جو تعلق آهي ته ان جون شاهديون تمام گهڻيون ملن ٿيون. اهڙي قسم جا گهڻا مثال ته تحفة الڪرام مان ڏئي سگهجن ٿا.

ڪُرڪ، پنهنجي اتر هندستان جي لوڪ ادب بابت ڪتاب ۾ ڪن اهم طريقن متعلق ٻڌايو آهي، جن سان مذهب کي عام مروج وهمن ۽ وسوسن جو شڪار بنائي بدنام ڪيو ويو هو. اتي ڪرامتن کي جنم ڏيندڙ مقبرا هئا. هڪ عام پير کي وڏو صاحب ڪرامات بزرگ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، پيرن جي شخصي طور تي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ان ڪري بزرگن ۽ پيرن واري اداري جون ڄڻ ته ذاتيون بڻجي پيون هيون. انهن بزرگن جي ڪرامتن جا سلسلا شروع ٿي ويا. نَون گزن جا مقبرا به هئا. خواجه خضر متعلق هڪ نئون مذهبي تصور پيدا ٿي پيو هو. انهن پراڻن يادگارن ۾ مريضن جي علاج جي طاقت موجود هئي. اهڙا سڀ مثال سنڌ ۾ ملي ٿي سگهيا. انهن مان خواجه خضر وارو تصور ئي هو، جنهن خاص طرح جي مذهبي اهميت پيدا ڪري ورتي هئي، جنهن جو واسطو سنڌو درياه جي پوڄا سان هو ۽ هندو توڙي مسلمان ان کي هڪ جهڙي اهميت ڏيندا هئا. جنن ڀوتن جو علم ۽ جادو ته عام جام هئا.علم غيب ۽ جادو زورن تي هئا ۽ تعويذن جو استعمال عام هو، خاص ڪري هارين جي طبقي ۾، ته جيئن هو هر انساني برائي ۽ خاص طور تي بدنظر کان بچي سگهن. بزرگن ڏانهن بي انتها طاقت منسوب ڪئي ويندي هئي، اهڙيءَ قسم جي طاقت جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا: جيئن ماءُ جي سَنڍ هجڻ يا پيءُ ماءُ جي بلڪل ڪراڙي هجڻ جي باوجود کين اولاد ڏيارڻ، انڌائپ، گونگائپ، ٻوڙائپ ۽ چريائپ جهڙين بيمارين جو دعا سان دور ٿي وڃڻ. ڪنهن ماڻهوءَ جي صورت وٺي دوستن کي اڻ ڏٺن اڻ ٻڌل خطرن کان بچائڻ، پکي پکڻ، جانورن ۽ مڇين تي حڪم هلائڻ. ٿلها سنها زنجير ڇنائڻ، بند ٿيل دروازن ۽ اتاهين ڀتين مان ٻاهر نڪري اچڻ، ڪيترا ڏينهن کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ کان سواءِ زنده رهڻ. بي ساهين شين کان ساهه وارن جانورن وانگي ڪم وٺڻ- طوفانن کي بيهاري ڇڏڻ. ڌيءَ مان پٽ بنائڻ- اهي سڀ سندس کاٻي هٿ جا کيل هئا. بزرگن جي تاريخ جي تصنيفن ۾ ڪا اهڙي اڻٿيڻي ڳالهه آهي ئي ڪانه جيڪا سنڌ جي خانقاهن يا سنڌ جي ڪنهن بزرگ ڏانهن منسوب ٿيل نه هجي(1). جيمس چانڊڪا جي بيان ۾ چيو آهي ته ”شهدادپور جي ڀرسان هڪ باغ ۾ چئن فوٽن جي قطر سان جانڊه جا ٻه پڙ آهن. اهو باغ ڏاتو واهه جي ڪناري سان آهي. جيڪو ڏاتو کهاوڙ، جي نالي تي آهي، جيڪو هڪ دولتمند ۽ سخي ماڻهوءَ هو، جنهن پنهنجي پيسن سان واهه کوٽايا هئا. هو چانڊڪا جو حاتم طائي هو. هن لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته هن جي دروازي تان ڪوبه بکيو واپس ڪونه ويو. هن وقت جانڊه جي انهن پڙن کي سڳورو ڪري سمجهيو وڃي ٿو. اسان کي اهو به ٻڌايو ويو هو ته خدا سخاوت ۽ پاڪ بازيءَ جي ڪري ان جي مٿان ايترو ته راضي هو، جو ان جانڊه جي ڳاري ۾ لپ ان جي وڌي ويندي هئي ته اٽو ايترو پيسجي ٻاهر نڪرندو هو، جو سندس وڏيءَ ضرورت کي پورو ڪري سگهندو هو. ان جانڊه کي هٿ لائڻ لاءِ اگهاڙي پيرين وڃڻو پوندو آهي. ان جي چوڌاري صفائي ۽ سٺائي رکي ويندي آهي. هڪ مشهور پير جي مزار جي ٿنڀن تي ٻڌل هڪ قبو آهي، جنهن جي چوڌاري گهوڙن جي پڇاڙن (Heel ropes of Horses) جا ڍير لڳا پيا آهن. جڏهن ويجهي چڪ ۾ ڪو چوپايو بيمار ٿي پوندو آهي ته ان جو مالڪ هن مقبري تي اچي ڪجهه باس باسيندو آهي ۽ جڏهن اهو بيمار جانور اگهي مان سگهو ٿيندو آهي ته بزرگ جي راضي ڪرڻ لاءِ گهوڙي جون پڇاڙيون سُکا طور ڏنيون وينديون آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ان وڻ مان ڪا ٽاري ڀڃندو، جيڪو قبيءَ جي مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺو آهي ته اهڙي ڳهيلي ماڻهوءَ کي ضرور ڪونه ڪو هاڃو رسندو(1).

خضر يا الياس لاءِ چيو ويندو آهي ته هن آب حيات پيتو هو ۽ يقين ڪيو ويندو آهي ته آخري وقت تائين ڪونه مرندو. ان ئي سبب ڪري خواجه خضر کي سنڌ ۾ ’زنده پير‘ ڪري سڏيو ويندو هو. هن جي درگاهه سکر وٽ سنڌو درياهه جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ تي هئي. هن کي پاڻيءَ ۾ درياهن جو بزرگ ڪري سمجهيو ويندو هو ۽ ان ڪري کيس سنڌو درياه جو ديوتا ڪري به ڄاتو ويندو هو. مسلمان ان وٽ گلن ۽ ڏيئن جون مڃتائون ڏئي ويندا هئا. اهي مڃتائون شمسي پنجين مهيني جي خميس ڏينهن شام جو ڏنيون وينديون هيون. ان وقت ٻيڙين جو هڪ ميلو منعقد ٿيندو هو، جنهن ۾ سندس تعظيم خاطر ترهو ٺاهي درياه ۾ لوڙيندا هئا(1). سکر ۾ خواجه خضر واري مسجد ۾ هڪ پَٿَڏِڻُ (ڪتبو) آهي، جيڪو 952ع جو سال ڏيکاري ٿو. سندس پڙهڻي هن ريت آهي:

 

سمجهو ته جڏهن، هن جي تعمير ڪئي ويئي

ته خواجه جي پاڻيءَ ان جي چوڌاري گهيرو ڪيو

هي خوشيون ڏيندڙ اڌورو گيت خضر لکيو

۽ خدا جي دربار مان تاريخ ملي.(2)

 

برٽن درياه جي هن عجيب عقيدي متعلق ڪي خاص ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جنهن ۾ هندو ڌرم ۽ اسلام کي ملائي ڇڏيو ويو آهي ۽ آخر ۾ سنڌو درياه جي تعريف ۾ چيل هڪ گيت نقل ڪري ٿو.

هنن يا ٻين اهڙين ريتن رسمن ۾ اسلام جي اصولن جي توهين جو سبب هتان جي اصلوڪن رهاڪن، جن کي جت به چيو ويندو آهي، جي عام مروج عقيدن جي ڪري آهي. سنڌ جي آدمشماريءَ جو وڏو حصو جاٽن تي مشتمل هوندو هو. هن مان واضح اهو ٿئي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ هو هر ظاهري فرض کي باقاعدگيءَ سان سرانجام ڏيندا هئا، پر جيڪي اسلام کان اڳ منجهن وهمن ۽ وسوسن جون عادتون موجود هيون سي پوءِ به برقرار رهيون.

اچو ته اڻپڙهيل ماڻهن جي شخصي مذهب جي اجاين سجاين ڳالهين کان اڳتي وڌون ۽ مهان ڏاهي سنڌيءَ جي ڏات کي شاه عبداللطيف جي حياتيءَ ۽ شاعريءَ ۾ ڏسون. تخيلاتي فن جي دنيا ۾ هن جهڙو بي مثال انسان سنڌ اڃان تائين پيدا ئي ڪونه ڪيو آهي. هن نقطي تائين جيڪو ڪجهه اسان لکيو آهي، سو اهو واضح ڪرڻ لاءِ لکيو آهي ته ان وقت تاريخي پس منظر ڪهڙو هو يا ان زماني ۾ ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا، جن ۾ هي عظيم شاعر رهيو ٿي. گهري تاريخي مطالعي کان سواءِ اهو ماڻهو جيڪو سنڌ ملڪ کان واقف نه آهي نه وري سنڌي زبان ڄاڻي ٿو، سو هن مهان ڏاهي جي ڏات جي گهرائيءَ کي ۽ سندس شاعريءَ کي سمجهي ڪونه سگهندو. هي ڪلهوڙا دور جو حقيقي گوهر آهي. هن جي شاعري موجوده شهرت کان گهڻو وڌيڪ شهرت لهڻي ٿي. هن جي حياتي پنهنجي سڄي دور جو تت آهي ۽ جن ٻهراڙيءَ جي حالتن ۽ ماڻهن ۾ رهيو، انهن جو ۽ معروضي حالتن جو اختصار آهي. اها حقيقت ته سندس شاعري جڏهن کان معرض وجود ۾ آئي ته ان کي عوامي مقبوليت ملي، جنهن مان ثابت اهو ٿئي ٿو ته سندس پيغام جي پاڻ مرادي پهچ انهيءَ جي ڪري آهي ته اهو ڪلام سنڌ جي عوام هندو، مسلمان، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جي دليلن جي گهراين ۾ پيهي وڃي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته مذهب جي بي قدريءَ جي باوجود، جنهن متعلق اسان اڳ ۾ چئي آيا آهيون، هن جي شاعريءَ ۾ ڪجهه اعليٰ ۽ ارفع اسلامي قدر آهن، جن کي جهالت ۽ اجايا وهم وسوسا گهٽ نٿا ڪري سگهن. هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾، اسلام جي فڪري ۽ تصوف جي ترقي جي حوالي سان شاعر جي دور جي حالتن جي روشنيءَ ۾ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس.

 

شاه عبداللطيف جي حياتي

شاه عبداللطيف جي حياتيءَ متعلق ڪو خاطر خواهه تذڪرو موجود ڪونه آهي. نه وري ڪڏهن به ميسر ٿي سگهندو. سندس حياتيءَ جون حقيقتون هِتان هُتان هٿ ڪري لکيون ويون آهن. جيڪي گهڻو ڪري صدري روايتن تي مشتمل آهن. اڳينءَ صديءَ جي اٺين ڏهاڪي تائين، انهن صدري روايتن جي نشانن ذريعي ڪنهن حقيقت تائين پهچڻ جو امڪان هو، ڇاڪاڻ جو ان وقت ڪي جهونڙا اڃان به جيئرا هوندا، جن کي ياد هوندو ته سندن ڏاڏن ڇا چيو هو ۽ انهن ڏاڏن مان ڪي ٿورا اهڙا به هوندا جيڪي هن شاعر جا همعصر به هجن. سيد پرستيءَ جي روايت کي ڏسندي صدري روايتن ۾ جيڪي ڳالهيون آهن، تن ڏانهن خبرداريءَ سان ڌيان ڏجي. انهن مان گهڻيون جيڪي فقط ڪانيءَ ڪرامت سان واسطو رکن ٿيون، تن کي هڪدم نظر انداز ڪري ڇڏجي، ڇاڪاڻ جو اهي سندس بزرگيءَ وڌائڻ جي لاءِ چوڌاري ٺاهيل هالي (پڙ) وانگر آهن. هن قسم جون ڪرامتون پرين جي آکاڻين وانگي هونديون آهن. اهي ختم ٿي وينديون، جڏهن ماڻهو انهن تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. شاه عبداللطيف جي زندگيءَ جو باصلاحيت شاگرد مرزا قليچ بيگ آهي. سندس مستقل محنت ساراه جوڳي آهي، هيءُ هڪ خوش قسمت انسان هو، جنهن انهن ماڻهن کان زباني روايتون ٻڌيون، جن اهڙن ماڻهن کان اهي ٻول ٻڌا هئا جن شاه عبداللطيف کي زنده سلامت ڏٺو ۽ ان سان پاڻ ڳالهايو. اهو ذريعو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هن کان وڌيڪ ٺوس حقيقتن جي اچڻ جو امڪان به ڪونه رهيو آهي. باقي زباني روايتون ته پيون وڌنديون هلنديون. مرزا قليچ بيگ جي هٿان گڏ ڪيل حقيقتن کي هيئن چئي يا لکي ظاهر ڪيو ويندو آهي: ’ماڻهو چون ٿا ته‘ يا ’اهي لکن ٿا ته‘ وغيره. تنهن ڪري اسان کي شاهدين پرکڻ جو معيار رکڻ گهرجي ته جيئن حقيقتن جي صحت جو ڪاٿو لڳائي سگهجي. پروفيسر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل رسالي جو نئون ڇاپو هن شاعر ۽ سندس شاعري متعلق سٺو علمي ادبي ڪتاب  آهي. اهڙي قسم جي پڇا ڳاڇا مرزا قليچ شروع ڪئي هئي. ڏيارام گدومل ۽ ليلارام وتڻمل به ساڳي ڪوشش ڪئي هئي. پر اهي مرزا قليچ جي ٿيل تحقيقي ڪم کان وڌيڪ ڪم ڪري ڪونه سگهيا.

شاه سائين جي ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخن متعلق اڃان ڪابه خبر ڪانهي ڪا پر، 1689ع وارو سال سندس ڄمڻ واري تاريخ لاءِ ڄڻ وڌيڪ مناسب محسوس ٿو ٿئي ۽ اهڙي ريت سندس وفات جو سال 1752ع به ڄڻ موزون معلوم ٿئي ٿو. هن جي حياتي ۾ سنڌ ۾، مغلن جي خاتمي کان پوءِ، ڪلهوڙا دور آيو. جڏهن اورنگزيب وفات ڪئي ته شاه سائين ان وقت 18 سالن جو نوجوان هو، هن پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ اندر ڪلهوڙا اقتدار کي وڌندي ڏٺو. نادر شاه جڏهن دهليءَ کي لٽيو ماريو ۽ سنڌ کي ڏن ڀرو بڻايو. تڏهن سندس ڄمار 50 سال کن هئي. جڏهن سندس عمر 58 سالن کي پهتي ته احمد شاه دراني مرندڙ دهليءَ سلطنت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. جديد افغانستان جو بنياد رکيو ۽ سنڌ کي ڪابل جو مطيع ڪيو. ان کان پنج سال پوءِ ۽ ٺٽي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ٻي ڪوٺيءَ جي قائم ٿيڻ کان 6 سال ڳ ۾ شاه سائينءَ 63 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجي بيتن جو چڱو خاصو مقدار جوڙيو هو. پر اهي ان وقت جي سندس اکين ڏٺن سياسي واقعن متعلق ڪجهه به ڪونه ٿا ٻڌائين. هو پنهنجي دور جي تکي گذري ويندڙ ماحول ۽ فضائن ۾ دلچسپي ڪونه رکندو هو. هن، ڪلهوڙن جي اجاين سجاين سازشن، ننڍين ڳالهين جي ڪري ٿيندڙ جنگين کان وڌيڪ، دائمي حقيقتن کي مان ڏنو، جن مان سرجندڙ امر شاعري کي هڪ بهتر عنوان مليو. شاه عبداللطيف جي زندگي درحقيقت ڪن به واقعن ۽ حادثن سان ڀريل ڪانه هئي. هو موجوده حيدرآباد ضلعي جو ڳوٺن ۾ هڪ ٻئي پٺيان رهندو آيو ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ هن ڪنهن به تحريڪ ۾ عملي طور حصو ڪونه ورتو. هن معاملي تي اسان کي ڪانٽ (Kant) ۽ هيگل (Hegal) ياد اچن ٿا، جن پنهنجي حياتي سياسي حادثن جي ڀونچال جي وچ ۾ گذاري پر پوءِ به انهن جو ڪوبه اثر قبول ڪونه ڪيو هو. هو ڏاڍي ماٺيڻي سڀاءُ ۽ صابر طبيعت جو انسان هو، جيڪو پنهنجي انهن خيالن جي سمجهاڻيءَ ۾ سدائين محو رهندو هو، جن سندس گهڻي توجهه ۽ ڌيان ڇڪايو هو. هڪ ٻار ۽ نوجوان جي حيثيت ۾ هن غير معمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو هو. سوچ، فڪر ۽ اڪيلائپ پسند ڪندو هو ۽ گهمڻ گهتڻ جو به ڏاڍو ڪوڏيو هو. هو انهن آدرشن ۽ نظرين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪي سچا ۽ سڄاڻ بزرگ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ان ڪري ساڻن روح رهاڻ ڪرڻ ۾ به خوشي ملندي هئس. هن جي اڪيلائي ۽ گوشه نشينيءَ سان رغبت ۽ دين جي سمجهه وڌائڻ لاءِ سير سفر لاءِ نڪري پوڻ جي عادت جو اسلامي رياضت واري مشهور طريقي سان گهرو تعلق آهي. شاه عبداللطيف جي طبيعت ابوالفضل جي ڏاڏي شيخ موسيٰ جهڙي هئي، جيڪو آئين اڪبري مطابق سدائين عبادت ۽ استغراق جي عالم ۾ گذاريندو هو، ته جيئن پنهنجي تصور جي تعبير ۽ مفهوم ڏئي سگهي، جنهن زندگي جو باقي پويون حصو پنهنجي ضدي روح کي راه تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ گذاري ڇڏيو.(1)

هن جي متعلق ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن پر ڪوبه پڙهيل ۽ شعور وارو ماڻهو انهن کي اهميت ڪونه ڏيندو. اهي رايا رڳو مرشد نموني واري خوشامدانه اجائي تعريف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهن. اهڙي قسم جي هڪ اها ڳالهه به آهي ته جڏهن هن کي پڙهڻ تي وهاريو ويو ته هو ’الف‘ کان مٿي ڪونه پڙهيو، جيڪو الله ۽ ان وحدت جي علامتي نشاني آهي. هن مان مطلب اهو ڏيکاريو وڃي ٿو ته ٻاروتڻ کان وٺي سندس من، الله ۽ وحدت جو نظارو ڪري چڪو هو.

سندس تعلق، مٽياري سيدن جي اعليٰ خاندان سان هو، تنهن ڪري سندس تعلق سنڌ جي ان مشهور مذهبي خاندان سان آهي، جيڪو هِرات کان نقل مڪاني ڪري اچي سنڌ پهتو هو. هن جي چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ پڙڏاڏو، سنڌ جو مشهور بزرگ شاه عبدالڪريم بلڙي وارو (اٽڪل 1600ع) هو. سندس درگاه بلڙيءَ ۾ تعلقي گوني ضلعي حيدرآباد ۾ آهي. عرس جي موقعي تي هن جي مزار تي ساليانو ميڙو لڳندو آهي ۽ عام ۽ خاص لاءِ زيارتگاه آهي، اها خبر ڪانه ٿي پوي ته ڪهڙي سبب ڪري اهو خاندان بلڙي ڏانهن لڏي ويو ۽ ڇو شاه عبداللطيف کان هڪ پيڙهي اڳ ۾ وري لڏي اچي مٽياريءَ ڀرسان ويٺو هو، پر شاعر جو والد شاه حبيب هالا حويليءَ ۾ رهندو هو، جيڪا مٽياريءَ جي ڀرسان هئي ۽ هاڻي ڦٽل حالت ۾ موجود آهي، جتي شاه عبداللطيف ڄائو هو. ان ڪري اسان جي شاعر، شان شوڪت ۽ طاقت واريءَ حيثيت سان رعايت يافته طبقي ۾ ئي جنم ورتو، جنهن کي بيحد عزت ۽ احترام هو، جيئن اسان اڳئين باب ۾ بيان ڪري آيا آهيون. هيءُ ايئن هو جيئن انگريز چوندا آهن ته هن کي ڄمڻ سان ئي ’چانديءَ جي چمچن سان کارايو‘ ويندو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ان حيثيت جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي خواهش ڪانه ڏيکاري. هن پنهنجي سموري حياتيءَ اهڙين آسائشن ۽ شان شوڪت سان رغبت ڪانه ڏيکاري جيڪي عام دنياوي ماڻهن کي ڪشش ڪنديون آهن. سندس سڄي ڄمار ضبط ۽ نشي کان پرهيزگاريءَ ۾ گذري ۽ جنهن طبقي جو هو فرزند هو، انهيءَ ۾ اهي ڳالهيون تمام گهٽ ٿينديون آهن. هي سٻاجهو، ڳالهائڻ ۾ مٺڙو، جبلي يا خلقي طور بي انتها شريف، دياوان، نماڻو نهٺو ۽ طبيعت ۾ ڏاتار هو، جن خوبين هن کي وڏي عزت ۽ احترام لائق انسان بنائي ڇڏيو هو. هو ظلم کان نفرت ڪندو هو. ڪنهن جانور کي مارجندو ڏسي ڪونه سگهندو هو، نه ئي ڪنهن انسان يا جانور کي جسماني تڪليف ۾ ڏسي سگهندو هو. هڪ اهڙي دور ۾ ۽ اهڙن ماڻهن ۾، جتي پاڪيزگيءَ تي گهڻو زور ڪونه هو، هن پنهنجو پاڻ تي عورتن جي معاملي ۾ زبردست ضابطو رکيو. هن پنهنجي پٺيان ڪوبه وارث ڪونه ڇڏيو. ان جي متعلق جيڪا زباني روايت آهي، جنهن تي اعتبار نه ڪرڻ جو ڪو سبب ڪونهي، جيڪا به سندس گهرو زندگيءَ جو احترام ۽ فضيلت ڏيکاري ٿي.

زباني روايتن مطابق، جيڪي گهڻن ماڻهن پڇاڳاڇا ڪري گڏ ڪري رکيون آهن، ته هي شاعر پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾، بيهڪ جو ٺاهوڪو، سهڻو، قد جو پورو پنو هو، منهن تي ڏاڙهي، خوبصورت ۽ ڪاريون اکيون. منهن ۾ دانشمندي، پروقار پيشاني، سوچ ۾ گهرائي جي ڪري نظر ۾ استقلال ۽ تصوراتي سوچ ۽ فڪر جي ڪري فهم ۾ تيزي هئس. ڀٽ تي هن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي يادگار محفوظ ڪري رکيا ويا آهن، ڊگهي لٺ، جيڪا هو گهمڻ وقت استعمال ڪندو هو، پٽڪو، هڪ ڪپڙي جو ٽڪر جيڪو سندس استعمال هيٺ هو، فقيراڻو ڪشڪول، جنهن ۾ هو سادگي ماني کائيندو به هو ته پيئندو به هو. سندس ٻاروتڻ جا پهريان ڏينهن هالا حويليءَ ۾ گذريا. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ سندس پيءُ شاه حبيب اتان لڏي ڀرواري ڳوٺ ڪوٽڙيءَ ۾ اچي ويٺو، جيڪو به هالا حويليءَ ڳوٺ جيان ڦٽل ڳوٺ آهي. اتي شاه عبداللطيف پنهنجي جوانيءَ جا ڪجهه ڏينهن گذاريا. هن جي طبيعت جي فقيراڻي لاڙي هن کي ڇڪي بزرگن جي سنگت ۾ وڃي وهاريو ۽ پاڻ به اڪيلائيءَ ۾ وڃي ڪٿي فڪر ۽ استغراق جي حالت ۾ رهندو هو، سندس پيءُ جنهن پنهنجي حيثيت مطابق پنهنجي پٽ لاءِ سوچيو هو، تنهن لاءِ هيءُ سڄي صورتحال، ان جي ابتڙ هئي ۽ شاهه لطيف پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي حياتي گذاري. هو پنهنجي دور جو وڏو سياح هو، اها سچي ڳالهه آهي ته هو سفر ڪندي ڪيڏانهن پري ڪونه نڪري ويو هو پر هن سنڌ جي ڀرپاسي وارا ملڪ ڏٺا ۽ سچ جي ڳولا جي واسطي هن سنڌ جو چپو چپو چڱيءَ طرح گهمي ڏٺو. ان طريقي سان هن پنهنجي شاعريءَ جي دائري ۾ اهي وسيع مشاهدا ۽ تجربا آندا، جيڪي هونءَ ڪڏهن به آڻي نه سگهي ها، جيڪڏهن هو سيد معاشري جيان هڪ جاءِ تي هالا حويلي يا مٽياري ۾ مسلسل ويهي گذاري ها، ته پوءِ سندس شاعريءَ ۾ ايڏي وسعت ۽ گهرائي نه هجي ها.(1)

مرزا مغل بيگ نالي، سندس هڪ جوانيءَ جو دوست هو، جنهن کي 1713ع ۾ ڌاڙيلن بي وقتو ماري وڌو ۽ جنهن جي نياڻيءَ سان نيٺ شاه صاحب جي شادي ٿي ويئي. هن ويراڳي نوجوان جا پنهنجا آزادانه طريقا ۽ سوچ ۽ فڪر جا پنهنجا نوان نمونا هئا. جڏهن هن جي بزرگيءَ جي شهرت چوڏس پکڙجڻ لڳي ۽ هزارن جي تعداد ۾ سندس چوڌاري مريد اچڻ لڳا ته راسخ العقيده بزرگ تعصب کان سڙڻ کامڻ لڳا. حياتيءَ جي ان دور ۾، هن جي، مٽياريءَ جي سيدن ڏاڍي مخالفت ڪئي، جن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حمايت حاصل هئي، جيڪو ان وقت ۾ وڏي طاقت جو صاحب هو. مان جيئن اڳي ئي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڪلهوڙا سيدن ۽ بزرگن جي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، ۽ سندن دشمني پرائڻ نه چاهيندا هئا. هيءُ حقيقت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته هن آزاد طبع، غير متعصب ۽ مذهبي فڪر رکندڙ نوجوان سان ميان نور محمد شروعاتي دور ۾ ڇو دشمني جو رويو اختيار ڪيو هو. ان کان بعد هن نوجوان جي لياقت ۽ شرافت کي ڏسي ميان نور محمد ساڻس دوستيءَ جو هٿ وڌايو. هڪ زباني روايت اها به آهي ته ميان نور محمد جو پٽ، ميان غلام شاه، شاه عبداللطيف جي دعا سان ڄائو هو.

ان وقت تائين شاه عبداللطيف هڪ سگهاري شاعريءَ جي وسيلي مٿي اڀري رهيو هو ۽ پنهنجي جاندار شاعريءَ سان ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو هئائين. سندس حياتيءَ جو ٻيو دور. سندس شاعراڻي ڏات ۾ وڌيڪ اوسر جو دور آهي، جنهن ۾ هو هر پراڻي روايت کي ڇڏي، ايتري تائين جو پنهنجو پراڻو ڳوٺ به ڇڏي اچي ڀٽ تي وستي وسائي هئائين، جيڪا اڳي هڪ واريءَ جو دڙو هئي. جتي هن صحيح معنيٰ ۾ متقي ۽ پرهيزگار انسان جيان گوشه نشيني اختيار ڪئي. رهائش جي لحاظ کان ڀٽ ۾ ڪابه ڪشش ڪانه هئي پر هڪ دل لڀائيندڙ منظر جي وچ تي هئي، ان جي هيٺان ڪراڙ ڍنڍ هئي، جيڪا علي گنج يا علي بحر واهه جي پاڻي سان هميشه تار رهندي هئي. ڀرسان به پاڻي جون ڇرون هيون، جن مٿان وڻن جي ساوڪ لڳي پئي هوندي هئي ۽ ٻيون به ڪيئي ڀرسان ساوڪ واريون جايون هونديون هيون، جن جهڙيون سنڌو درياه جي ڀرپاسي وارن علائقن کان سواءِ سنڌ جهڙن خشڪ علائقن ۾ ڪونه ٿينديون آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ پروفيسر گربخشاڻيءَ شاه عبداللطيف جي زماني سان لاڳاپيل ڀٽ جي جاگرافيائي صورتحال ڏين ٿا. اها ان انسان جي هڪ وڏي خوبي هئي، جو هن پنهنجي هٿن سان ان ڳوٺ جي تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن ڳالهه کي چٽي پٽي عوامي ڪشش هئي ۽ اُن سچائي جي ان کي ٽيڪ به ملي ٿي ته هو شاعراڻي قوت ۾ تمام مٿانهين چوٽيءَ تي پهچي چڪو هو، ان کان علاوه هن کي هڪ بزرگ شخصيت به سمجهيو ٿي ويو(1). هن جي حياتيءَ جو پويون دور مريدن جي حلقي ۾ گذريو، جنهن ۾ معتقدن جي دلين ۾ هن جي لاءِ بي انتها عزت ۽ احترام وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هزارن جي تعداد ۾ روزانو ماڻهو اچي سندس جادوءَ ڀري شاعري ٻڌندا هئا ۽ ان جي پيغام جي سونهن ۽ سچائيءَ جو مزو وٺندا هئا. اهو چيو وڃي ٿو ته عمر جي آخري ڏينهن ۾ هن ڪربلا وڃڻ جو خيال ظاهر ڪيو هو، پر سندس مريدن جي پرزور گذارش تي ته هو کين ڇڏي نه وڃي، پنهنجو ارادو بدلائڻو پيو هئس. اهو چيو ويندو  آهي ته شاه عبداللطيف ڪربلا وڃڻ بدران ’سر ڪيڏارو‘ جوڙيو، جيڪو امام حسن ۽ امام حسين متعلق آهي، اهو به چيو ويندو آهي ته موت کان ٿورو وقت اڳ هڪ ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو رهيو پوءِ ٻاهر نڪري هن وضو ڪيو ۽ سفيد چادر تاڻي سمهي پيو ۽ راڳ ڳائڻ جو حڪم ڪيائين، جڏهن راڳ ختم ٿيو ته هو الاهي اسرار جي تصور ۾ ٻڏي چڪو هو.(2)

شاه عبداللطيف جي تعليم دانشورن لاءِ هڪ مسئلو بنجي ويئي آهي. زباني روايت ته اها آهي ته شاه عبداللطيف کي باقاعده تعليم مليل ڪانه هئي، پر پاڻ ئي پاڻ هن گهڻو ڪجهه سکيو، اها عام روايت اعتبار جوڳي ڪانه آهي، سندس شاعري ۾ عربي ۽ فارسي تي سندس عبور وقت جي رواج مطابق ڏنل تعليم کان کيس گهڻو مٿاهون ڏيکاري ٿو. ان ڳالهه جو به پورو يقين آهي ته مولانا جلال الدين رومي جي تصنيف کان چڱي پر واقف هو. اها به هڪ حقيقت آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي، جنهن کان ڪنهن زماني ۾ شاه عبداللطيف ڇرڪيل هو، تنهن شاعر کي ويجهو آڻڻ لاءِ کيس روميءَ جي مثنويءَ جو تحفو ڏنو ه. هن جي مزار مٿان 1754ع ۾، ميان غلام شاه ڪلهوڙي هڪ شاندار قبو ٺهرايو هو. زباني روايتن موجب ان سال ميان نور محمد وفات ڪئي هئي. ليلارام وتڻمل ٻڌائي ٿو ته قرآن، روميءَ جي مثنوي ۽ شاه ڪريم جو رسالو سدائين هن جي هٿ ۾ هوندا هئا.(1) جيڪڏهن هن ڳالهه ۾ سچائي آهي ۽ حقيقت به ايئن ئي آهي ته پوءِ ان خيال تان هٿ کڻڻو پوندو ته شاه عبداللطيف پڙهيل ڪونه هو. اسلام جي گهري صوفياڻي مطالعي ۽ فهم کان سواءِ سندن صوفياڻي شاعري ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ها، جيڪا هندستان ۾ فارسي شاعرن معرفت پهتي هئي، اهڙي ريت شاه عبداللطيف جي تعليم متعلق تصور (عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته هو پڙهيل ڪونه هو ۽ جيڪا ڪجهه هن شاعري ڪئي آهي، سا سڀ مٿان نازل ٿي آهي) ته سندس تعليم نه عام رواجي هئي نه ڪا سطحي هئي. زباني روايتون اهي به آهن ته هن پنهنجي شاعري لکي ڪانه هئي پر سندس سڄي ڪلام جا سهيڙيندڙ ۽ لکندڙ ڪي ٻيا هئا. اهو هڪ قسم جي اهليت جو انڪار آهي. اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته سندس ڪلام کي باقاعده ترتيب سان بعد ۾ لکيو ويو هو، جيڪو اڃان به قلمي نسخن ۾ موجود آهي(1). جن شاه عبداللطيف جي ڪلام کي ميڙيو ۽ سهيڙيو سي تمر فقير ۽ هاشم فقير هئا. هن شاعر جي هڪ سٺي دوست جو نالو بلاول هو، ٻئي جو عنايت نالو هو، جيڪو پاڻ به وڏو شاعر هو، جنهن جو ڪجهه ڪلام شاه صاحب جي ڪلام سان گڏجي ويو آهي. هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هي ماڻهو يا هنن جهڙا ٻيا ماڻهو شاعريءَ جي گلدستي کي ترتيب ڏئي رهيا هئا. زباني روايتن هن معاملي کي وڌائي ان کي ڪرامت بنائي ڇڏيو آهي، جيڪو حقيقت ۾ هڪ هنر ۽ ڏانءُ جي لحاظ کان هڪ ادبي ترتيب هئي.

شاه سائين جي هن ادبي روايت جي تخليق ۾ ڪي ماڻهو رسالي جي گڏ ڪرڻ، سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ کي قرآن جي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏيڻ سان ڀيٽڻ کان رهي ڪونه سگهندا، ڇو ته هيءُ سڄو معاملو خوش اعتقاديءَ تي بيٺل آهي. ڏيارام گدومل(2) رسالي جي قلمي نسخي جي حوالي سان هڪ ڳالهه نقل ڪئي آهي ته جڏهن شاه صاحب جي پيارن فقيرن ۽ مريدن تمر ۽ هاشم رسالو لکي پورو ڪيو ۽ سندس سامهون کڻي آيا ته، شاه لطيف ان ڪتاب جا ڪجهه صفحا کولي ڏٺا ۽ سسئيءَ جي ڏکڻ ۽ ڏاکڙن تي ڳالهايو ۽ چيو ته گناهن کان بچڻ لاءِ هيءَ بچاءُ جي علامت آهي، ايئن چئي هن اوچتو، رسالي کي کڻي ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلايو. ٻنهي خليفن کيس منٿ ميڙ ڪري راضي ڪيو، ان کان پوءِ کين اجازت ملي ته حافظي ۾ ياد رهيل رسالو دوباره لکي سگهن ٿا. جيڪڏهن هن ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي ته اها ضرور ڪنهن ننڍڙي ڳالهه مان وڌائي ڄڻ تيليءَ مان ٿنڀ ڪيوويو آهي. گهڻو امڪان اهو آهي ته اها هڪڙي ڏندڪٿا آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته جيئن شاه صاحب جي ڪلام کي هڪ اتساهيندڙ ڪارنامو چئي، هڪ اهڙي روايت کي جنم ڏنو وڃي جنهن مطابق اهو شاعر طرفان اڇلائڻ کان پوءِ ۽ ٻيهر لکيل سمجهيو وڃي. هن شاعر جي لاءِ ڪيتريون ڳالهيون مشهور آهن. انهن مان ڪيتريون ان لاءِ جوڙيون ويون هيون ته جيئن ثابت ڪجي ته شاه عبداللطيف وڏو صاحب ڪرامات بزرگ هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي سم جون ڳالهيون پڙهڻ چاهي ته ليلارام وتڻمل، پروفيسر گربخشاڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جون تصنيفون اهڙين ڪرامتن سان ڀريون پيون آهن. هڪ عالم انهن ٻاراڻين ڳالهين ۾ فقط ڪرامتن جي ڪري دلچسپي ڪونه وٺندو بلڪ کيس ڏسڻو اهو هوندو آهي ته انهن روايتن گهڙڻ پويان ماڻهن جي ڪهڙي نفسيات ڪم ٿي ڪري. اهڙيءَ قسم جي ذهنيت کي ڏيکارڻ لاءِ اسان ڏيارام گدومل جي ڪتاب مان هڪ ڳالهه حوالي طور کڻنداسون. اهو چيو وڃي ٿو ته شاه صاحب جي گهرواري جڏهن حامله هئي ته هڪ قسم جي مڇي (پلو) کائڻ جي مرضي ڏيکاريائين. سندس نوڪرياڻيءَ هڪ ماڻهوءَ کي ان قسم جي مڇيءَ وٺڻ لاءِ موڪليو. شاه عبداللطيف ان ماڻهوءَ جي پڇا ڪئي ۽ کيس سندس غيرحاضريءَ جي سبب جو جڏهن پتو پيو ته چيائين، ”ڳڀ ئي منهنجي فقيرن لاءِ تڪليف جو باعث آهي ته اهو ٻار ڄمندو ۽ وڏو ٿيندو ته الائي ڪهڙا هاڃا ڪندو؟ ڀلو آ ته، اهو ڄمي ئي نه!“ اهو چيو وڃي ٿو ته اهو ٻار اتي ئي سڪي ويو، شاه صاحب ۽ سندس گهرواريءَ کي اهو ڏک ضرور ٿيو ۽ ايئن شاه صاحب پٺيان ڪو وارث ڪونه ڇڏيو.“(1) هن روايت گهڙڻ جو مقصد شاه صاحب جي بي اولاد هجڻ لاءِ سبب ڄاڻائڻ هو.

شاه عبداللطيف جي مزار مٿان قبو ميان غلام شاه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو. ان وقت جي مشهور ڪاريگر عيدن، جيڪو سکر جو ويٺل هو، ان روضي جي اوساري ڪئي، ۽ ان ۾ رنگ ڀريا. شاعر جي وفات کان پوءِ سندس شاعري هر هفتي جمعي تي سندس روضي تي ڳائي ويندي آهي، اها اڄ ڪلهه مقدس درگاهه بڻجي چڪي آهي، جتي ماڻهن جا ميڙ اچي گڏ ٿيندا آهن. ڏيارام گدومل هڪ دفعي جي زيارت جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪا هن 1882ع ۾ ڪئي هئي. هو چوي ٿو: ”وڏي ۽ وسيع اڱڻ ۾ ماٺ ڇانيل هئي، جتي آئون به سوکن مردن، زالن، ٻارن سان گڏ هوس، اوچتو ’الاهو‘ جي هونگار ماٺ جي طلسم کي ٽوڙي ٿي ڇڏيو. انهن ماڻهن جون نماڻيون ۽ پرامن نگاهون، ساديون سوديون عادتون، سندن بااخلاق هلت چلت، سندن مضبوط اعتقاد ۽ ٻاجهارو ذهني رويو، انهن سڀني ڳالهين هن عظيم صوفي شاعر لاءِ منهنجي دل تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ هن لاءِ عزت ۽ احترام پيدا ڪيو، جيڪو سندن روحاني رهبر هو، جنهن سدا سُهائيندڙ لفظن ۽ جيئرن جاڳندن تصورن کين نيڻن مان نير وهائڻ لاءِ ڪو غيبي اثر وڌو هو.(1)

 


 

ضميمو II

ارڙهينءَ صديءَ ۾ ڪمپنيءَ جا سنڌ ۾ تجارت ڪندڙ جهاز

سن 1758ع کان 1760ع تائين سنڌ ۾ تجارت ڪندڙ جهازن جا نالا. ڊفينس (جيڪو شاهبندر ڀرسان تباه ٿي ويو) سُويلو، ڊريڪ، بامبي سَڪسيس، رِوينج، ڊِسپئچ، تار تار، هوفٽن، اسٽار مَنٽ ۽ ٽائيگر.

بمبئي (يا سورت) جي سامونڊي فوجي طاقت

 

وزن واپاري ٽنن جي حساب سان

يورپي ڪمانڊرن ۽ آفيسرن جو تعداد

عيسائين جي هيٺئين طبقي جو تعداد

لشڪرين يا مقامي خلاصين جو تعداد

هر هڪ جهاز تي ڪل سامونڊين جو تعداد

بندوقن جو ڳاڻيٽو

بندوقن جي سائيز

روينج جهاز

470

100

20

40

160

20

12

بامبي گرئب

363

80

16

34

130

20

9

ڊرئڪ ڪيچ

220

40

12

24

76

14

6

سڪسيس ڪيچ

145

16

10

16

42

12

4

تارتار گرئب

200

16

10

16

42

12

4

ٽائيگر گاليوٽ

43

2

2

16

20

5

2=1

1=4

سُويلو گئلي

160

16

6

20

42

14

4

 


(1) ڏسو Inage جو دي پلوٽونڪ ٽريڊشن ان انگلس رليجن ٿاٽ، ص: 4

(1) ’ڊئنسٽڪ هسٽري آف ناردرن انڊيا‘- 1- ص: 21

(1) ’ڊئنسٽڪ هسٽري آف ناردرن انڊيا‘ ص: 22

(1) گربخشاڻي- شاه جو رسالو I، ص: 50

(1) برٽن – ص: 30-229

(1) جيمس – op.cit بمبئي گورنمينٽ رڪارڊ

(1) ريورٽي- ’مهران آف سنڌ‘ op.cit، ص: 491

(2) ريورٽي – ’مهران آف سنڌ‘، ص: 492

(1) آئين اڪبري III- ص: 408

(1) گربخشاڻي چوي ٿو ته شاه سائين سنڌ جي هر زيارتگاه ڏٺي ۽ لکت، گرنار جيسلمير ۽ سنڌ جي اولهه سرحد تي لاهوت لامڪان، هنگلاج، سپڙ سخي ۽ ڪابل ۽ قنڌار به ڏٺو هو. مون کي خبر ناهي ته هو ثابتيءَ سان چئي سگهي ٿو ته شاه سائين ايڏو دور دراز به سفر ڪيو. گربخشياڻي شاه جو رسالو – جلد 1، ص: 21

(1) شاه حبيب 1742ع ۾ وفات ڪئي، کيس ڀٽ تي دفن ڪيو ويو. سن 1752ع ۾ شاه عبداللطيف وفات ڪئي کيس، شاه حبيب کان ٿورو وٿيرڪو دفن ڪيو ويو، جنهن مٿان غلام شاه پنهنجي خرچ سان مقبرو تعمير ڪرايو.

(2) شاه لطيف جلد 1، ص: 7

(1) شاه لطيف وتڻمل، ص: 11

(1) رسالي جي قلمي نسخن لاءِ ڏسو گربخشاڻي جو شاه جو رسالو، مون انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۾ سادي ۽ ناقص قسم جا قلمي نسخا ڏٺا آهن.

(2) ديارام گدومل ’سمٿنگ ابائوٽ سنڌ‘- سگما – ص: 41

(1) ديارام گدومل- ’سمٿنگ ابائوٽ سنڌ‘- سگما، ص: 42

(1) ديارام گدومل- ’سمٿنگ اباؤٽ سنڌ‘- سگما، ص: 3

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com