سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڀٽ جو شاهه

باب: --

صفحو :1

ڀٽ جو شاهه

ايڇ . ٽي . سورلي

پبلشر نوٽ

ايڇ. ٽي. سورلي پهريون مستشرق آهي جنهن عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، سندس فڪر ۽ ان جي دور بابت تفصيلي ڪتاب 1938ع ۾ (Shah Abdul Latif of Bhit) لکيو. ان وقت تائين خود سنڌ جي اندر به شاهه لطيف جي شاعراڻي انداز، پسمنظر ۽ فڪر تي ايتري ڀرپور ڄاڻ سان ڪو تحريري مواد سامهون نه آيو هو. سورلي جي ڪتاب پڌري ٿيڻ سان شاهه لطيف جي شاعراڻي انداز ۽ فڪر تي بحث ۽ تحقيق جون نئون راهون کلي پيون. اڳ جيڪو ڀٽائي کي رڳو ڪاني ڪرامتي بزرگ ۽ مذهبي شاعر سمجهيو ويندو هو تنهن کي سماجي مفڪر، عظيم شاعر ۽ وحدت انساني جي علمبردار جي حيثيت ۾ پرکڻ جون وڏيون وٿون نروار ٿيون.

’شاهه عبداللطيف آف ڀٽ‘ جو ترجمو هڪ غير معمولي ڪم هو، شايد اهوئي ڪارڻ هجي جنهن ڪري سنڌ جا وڏا نالي وارا ادارا به ان هيڏي ساري ’ڪلاسڪ‘ کي ترجمي سان پڌرو ڪري نه سگهيا. محترم عطا محمد ڀنڀرو صاحب جن جانفشانيءَ سان ان جو ترجمو ڪيو ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ان جي نظرثاني ۾ واقعي پاڻ موکيو. ڪجهه ماڻهن کي ترجمي توڙي نظرثاني جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي وڏن نالن جو کٽڪو ٿيندو، ان لاءِ ايترو چوڻ ئي ڪافي آهي ته ترجمو انهن مان ڪوبه هيستائين ڪري نه سگهيو ۽ نظرثاني لاءِ اسان انهن مان اڪثر جا در کڙڪايا پر سڀني پنهنجي انتهائي مصروفيتن جو عذر ڏيکاريو.

ايڇ_ ٽي_ سورلي جو لطيفيات تي تذڪرو ’شاهه عبداللطيف آف ڀٽ‘ کان شروع ٿي ’ميوزا پرواگنس‘ تي پورو ٿئي ٿو جنهن ۾ هن شاهه لطيف کي دنيا جو عظيم ترين شاعر سڏيو آهي. سنڌيڪا اڪيڊمي ان ڪتاب کي ترجمو ڪرائڻ جو پڻ بندوبست ڪيو آهي. ان کانسواءِ لطيفيات تي اڪيڊمي جو تيرهون ڪتاب ’شاهه لطيف بحيثيت مفڪر‘ هوندو جنهن ۾ شاهه جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان نامور عالمن ۽ محققن جا مقالا شامل آهن.

اسان انهن سڀني دوستن جا شڪر گذار آهيون جن هن ڪتاب کي بهتر ڪري پڌرو ڪرڻ ۾ اسان سان سهڪار ڪيو.

نور احمد ميمڻ

چيئرمين

سنڌيڪا اڪيڊمي

 

ٻه اکر

’ڀٽ جو شاهه‘، سورلي جي ڪتاب ’شاهه عبداللطيف آف ڀٽ‘ جو ترجمو آهي. هي ڪتاب شاهه تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو هڪ اهم ۽ بنيادي ڪتاب هئڻ ڪري سنڌي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪرڻ تمام ضروري هو، ڇاڪاڻ جو، شاهه جي ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي پنهنجي مخصوص نظريي سان روشني وجهڻ کان سواءِ هن ڪتاب ۾ ان دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ جي حوالي سان به تمام گهڻو مواد ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ اڄ جي پڙهندڙن وٽ ان کان پوءِ جو ٻيو به گهڻو مواد ميسر ٿي چڪو آهي پر تڏهن به تاريخي حوالي طور هن جي وڏي اهميت آهي.

ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ڪتاب تمام ڏکيو ۽ فلسفي ۽ تصوف جي ڳوڙهين معنائن سان پُر هئڻ ڪري پنهنجي اهميت جي باوجود، هن وقت تائين ڪنهن به ترجمو ڪرڻ جي همت ڪانه ڪئي هئي. هن ۾ استعمال ٿيل انگريزي ٻولي موجوده دور ۾ مروَج انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏکي ۽ منجهيل سٽاءَ واري آهي، ان ڪري مترجم کي ٻن قسمن جا مسئلا درپيش اچن ٿا: جيڪڏهن لفظي ترجمو ڪجي ته مفهوم واضح نٿو ٿئي ۽ جي آزاد ترجمو ڪجي ته اصل لفظن جو روح ۽ انهن ۾ موجود ڪيتريون ئي معنائون گم ٿي يا بدلجي ٿيون سگهن.

هن ڪتاب جي مترجم محترم ڀنڀري صاحب جي تمام گهڻي محنت جي باوجود ڪٿي ڪٿي ايئن محسوس ٿيو ۽ مون انتهائي ڪوشش سان انهيءَ کي نباهڻ جي ڪوشش ڪئي پر تڏهن به آءٌ سمجهان ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي اڃان به اهڙي گنجائش نڪرندي. هونءَ به ترجمو ڪرڻ اصل لکڻ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم هوندو آهي. ترجمي ۾ ٻن ٻولين ۾ پوري مهارت کانسواءِ ٻنهي ٻولين جي ڳالهائيندڙ عوام جي نفسيات ۽ مزاج کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو آهي، سندن ذهني ۽ فڪري رجحانن ۽ لاڙن کي به سامهون رکڻو پوندو آهي ۽ سندن نظرين ۽ خيالن جي طرز کي به سمجهڻو پوندو آهي. مثال طور سورلي جيئن شيلي، ڪيٽس يا ڊَن جي عشق جي فلسفي کي سمجهيو، تيئن شاهه کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين، جڏهن ته عشق جو ادراڪ فرد کان فرد ۽ گروهه کان گروهه تائين بنهه مختلف تجربي جو نتيجو هوندو آهي. ساڳيءَ طرح تصوف (Mysticism) کي انهن انگريزي شاعرن جي حوالي سان سمجهڻ هڪڙي ڳالهه آهي ۽ صوفي مت (Sufi-ism) کي فارسيءَ جي استاد شاعرن جي حوالي سان سمجهڻ ٻي ڳالهه آهي ۽ وري انهن ٻنهي حوالن کي سامهون رکي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙي ڪنهن فلسفي کي نمايان ڪرڻ هڪ بنهه جدا ڳالهه آهي. ان ڪري جهڙيءَ ريت خود سورلي کي شاهه کي ترجمو ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي هوندي، (جنهن جو اعتراف پاڻ به ڪيو اٿس)، ساڳيءَ ريت سندس ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ واري کي پڻ اهائي دقت پيش اچي ٿي.

سورلي شاهه جي باري ۾ جيڪي به لکيو، سا ان وقت سندس ذاتي راءِ هئي، جيڪا هن شاهه جو محدود مطالعو ڪرڻ کان پوءِ قائم ڪئي هئي ۽ اها ڳالهه ڪيترن هنڌن تي محسوس پئي ٿي، پر پوءِ جي دؤر ۾ وڌيڪ مطالعو ڪرڻ کان پوءِ سندس اها راءِ بدلجي وئي هئي، جنهن جو اظهار پاڻ پنهنجي مشهور تصنيف Musa Purvagans ۾ ڪيائين، جنهن ۾ شاهه کي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جي شاعرن کان اعليٰ درجي جو شاعر مڃيو اٿس. لکي ٿو: ”منهنجي راءِ ۾ شاهه لطيف ان ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سڀني شاعرن کان وڏو شاعر آهي، جنهن کي هاڻي پاڪستان چيو وڃي ٿو؛ هو پاڪستان جو قومي شاعر ڪونهي، ان جا ڪي تاريخي ۽ سياسي سبب آهن، جن جو اعليٰ ادبي معيار سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هڪ ٻيو شاعر هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر آهي. اها هڪ جدا ڪهاڻي آهي.“

 

ڊاڪٽر فهميده حسين

18 آڪٽوبر 1992ع

 

سنڌين جي نالي ارپنا

اي سٻاجهالوڪو! جن سان مون گڏجي گهاريو،

ساڙيندڙ سج جي لهس کي محسوس ڪيم.

تِکا مِٺا بحث ٻڌم ۽ ڏٺم

ته ڪيئن سنڌ جو مست درياه ڇڙواڳ وهي ٿو،

ٻهراڙيءَ جو نماڻو ڀَٽُ نه ٿو ڇيڙي ڪڏهن به

بادشاهن ۽ جنگين جا اتهاس

پر سندس مڌر سر جي جادوگري

ماروئڙن تي ڪو منڊ منڊي ٿي.

 

اهو وقت گذري ويو، جڏهن غضب ناڪ تلوارن

۽ بندوقن مان نڪرندڙ باهين ساوَن کيتن کي ويران ڪيو هو.

هاڻي امن امان جا دهل دمام وڄن ٿا

تنهنجي ڌرتي ججهو ان اُپائي ٿي،

ڌِياني ۽ گياني دلين جي لاءِ

سيد جو ڏنل فڪر ڄڻ ڪُنجي آهي

ڌڻيءَ جي وشال دروازي کي کولڻ لاءِ

جو نيئي ٿو الله جي اسرار ڏانهن.

 

تنهنجي نماڻائي ۽ نهٺائي وارن سرن ۾

نه رومي واري شدت آهي

نه جاميءَ وارا روحانيت ۾ ويڙهيل موسيقيءَ جا گردان آهن،

نه ئي حافظ واري وڏي لفاظي آهي.

پر پوءِ به، ان ۾ عجيب سچ ڀريل آهي،

ان ماٺ ۾ ڪيڏي هورا کورا آهي

اسلام جي ڏاهپ ۽ گهري فلسفي کان وڌيڪ

تُنهنجن سادن ٻولن ۾ جادو ڀريل آهي.

 

مهاڳ

 

صوفياڻي شاعريءَ جو هي مجموعو، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو سڏيو وڃي ٿو، هڪ اهڙو منفرد شاهڪار آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ، گهري تخيلاتي ادب جي دنيا ۾ هيستائين پيدا ڪيو آهي. هي ڪوتائون ارڙهينءَ صديءَ جي پهرئين اڌ جون جوڙيل آهن. هيءَ شاعري صوفي مت جي هڪ فطري شاعر جي تخليق آهي. هن جي بيتن ۽ واين جو شاعراڻو شان ايڏو آهي، جيڏي فلسفي ۽ مذهب جي گهرائپ، جن کي انهن ذريعي نروار ڪيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف لاءِ اها ڪا خوش قسمتي ناهي ته سندس شاعري ٻين سڀني لاءِ اوپري آهي ۽ ان تائين فقط انهن جي رسائي آهي، جيڪي سنڌي ٻولي ڄاڻن ٿا. سنڌ ۾ سندس شاعريءَ کي اهڙي ته عالمگير ۽ عوامي مڃتا مليل آهي، جيڪا فقط اهڙي قسم جي شاعريءَ کي مليل هوندي آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي اندر جي سچن جذبن ڇهڻ ۾ ڪامياب هوندي آهي. اهي ڏوهيڙا ۽ وايون هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ سمورا طبقا ڄاڻن سڃاڻن ٿا. انهن ۾ اڃان به ڪشش ۽ موهڻ واري سگهه موجود آهي، جڏهن ته مغرب جي شاعري، هن عملي دور ۾ پنهنجي موسيقي ۽ تاثر وڃائي ويٺي آهي، پر شاهه جي شاعري اصلوڪي بي ساخته موسيقي ۽ فطري گائڪي کان ڌار نه ٿي آهي.

هن ڪتاب جو مقصد ٻٽو آهي: پهريون ته انگريزي ٻولي ڄاڻندڙن کي، شاهه عبداللطيف جي هن عظيم شاهڪار سان سڃاڻ ڪرائجي، ٻيو اهو ته ان دور جي تاريخي ۽ سماجي ماحول جي حوالي سان ان جي وضاحت ڪجي، جنهن ۾ هيءَ شاعري سرجي ۽ ان فڪر ۽ پيغام بابت ٻڌائجي، جيڪو اُها ڏئي ٿي.

ڪن ٿورن چونڊ بيتن کان سواءِ، هن رسالي کي انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي هن وقت تائين ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آهي. هن ڪتاب، گذريل ٻارهن سالن ۾ منهنجي واندڪائيءَ جو سڀ کان گهڻو وقت ورتو ۽ مون ان کي هڪ وڏو ۽ اهم ڪم سمجهي هٿ ۾ کنيو. ان ڪم جو ڪجهه حصو هن سهڻي سرزمين تي ئي ڪيو ويو آهي.

مون سڄي رسالي جو مڪمل ترجمو ڪونه ڪيو آهي، پر هڪ اختصار کي انگريزيءَ جو ويس ڍڪايو اٿم، جيڪو ’منتخب‘ سڏجي ٿو جنهن کي قاضي احمد شاهه منتخب ڪري مرتب ڪيو هو. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو هيءُ انتخاب ڏاڍو مشهور ۽ معروف آهي. مان، پبلشر پوڪر داس اينڊ سنز جو نهايت شڪر گذار آهيان، جن وٽ هن ڪتاب جا سڀ حق واسطا محفوظ هئا. هن اداري، سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ ۽ مقبول بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. مان سندن دلي طور ٿورائتو آهيان، جو مون کي اصلي ڪتاب تان لاڀ حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ سان اجازت ڏنائون.

شاهه عبداللطيف جي رسالي جهڙي ڳوڙهي ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ ۾ سخت ڏکيايئون درپيش آهن. نه رڳو ان ڪري جو شاعري ان سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪا هينئر عام مروج نه آهي ۽ هاڻ عام طور لکي پڙهي به نٿي وڃي. پر ٻوليءَ جو ترڪيبي قائدو (Syntax) ۽ لفظن جو ذخيرو، گرامر جي ماهرن ۽ دانشورن لاءِ مونجهاري جو باعث آهي. ان کان سواءِ اظهار اڪثر مختصر، مبهم ۽ علامتي آهي. ايئن جيئن پنڊار (Pindar) ۽ پرسئس (Persius) جو هوندو هو، جيڪي انگريزي اساسي ادب جا مصنف هئا ۽ ڳُجهه ڳالهائڻ ۾ مشهور هئا. شاهه عبداللطيف جو فڪر (رسالي ۾) هنڌين ماڳين، تصوف جي فلسفي جي ڳوڙهين معنائن سان ڀريو پيو آهي. عام طور تي عڪس ۽ استعارا اهڙا استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي اولهه يورپ جي مختلف ثقافتي پس منظر ۾ پليل ماڻهوءَ کي چٽيءَ ريت سمجهائي ڪونه ٿا سگهجن. مان اها دعويٰ ڪونه ٿو ڪريان ته منهنجو هيءُ ڪم غلطين کان آجو آهي. اها به حقيقت آهي ته ڪن جاين تي ڪيترن بيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي سلسلي ۾ مان واضح ڪونه آهيان، جو شاعر پنهنجي اظهار وسيلي ٻين وٽ پهچائڻ چاهيو آهي. مون هن ڳالهه جو گهڻو خيال رکيو آهي ته هيءُ ترجمو، اصلي ڪتاب جي بلڪل ويجهو رهندي، ٻوليءَ جي ماهرن کي مطمئن ڪري ۽ اهو ادبي هجي، نه لفظي ترجمو، جيڪو اصل سنڌي ڪتاب جي حوالي کان سواءِ پاڻ ئي پڙهڻ لائق هجي.

هن تصنيف جي ٻئي حصي ۾، ترجمي جي بظاهر اڻ چٽي معنيٰ ۽ مفهوم کي، اميد ته پڌرو ڪري ڏيکاريو ويندو، ان حصي ۾ جيڪي عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن، سي پهرئين ڀاڱي ۾، تاريخ جي حصي طور، سنڌ اندر، مغل ۽ ڪلهوڙا دور سان لاڳاپيل آهن. جيڪي مون کان پوءِ، هن ڪم کي اڳتي وڌائڻ وارن لاءِ ڏاڍا لاڀائتا ثابت ٿيندا.

مان بمبئي سرڪار جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي تاريخي مواد جاچڻ لاءِ بمبئي رڪارڊ آفيس کي واچڻ جي اجازت ڏني. مون هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ سرڪاري رڪارڊ جو تت ڏنو آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته هيءُ پهريون موقعو آهي، جو سنڌ متعلق، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو، ارڙهينءَ صديءَ ۾ قائم ڪيل ڪوٺيءَ جو رڪارڊ وري ڇاپجڻ ۾ آيو آهي. اهي شاگرد جيڪي هن ڪتاب ۾ دلچسپي رکن ٿا، تن جي ڀلي لاءِ هن ڪتاب ۾ ببليوگرافي جو وچور ڏنو ويو آهي، يعني مون انهن ڪتابن جا نالا ڏنا آهن، جن تان حوالا ورتا اٿم يا جن جو مون مطالعو ڪيو. هن ڏس ۾ مون کي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي جي بمبئي برانچ جي شاندار لائبرريءَ مان وڏي سهائتا ملي آهي.*

مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هي ڪتاب منهنجي پيار جو پورهيو آهي، مان هي ڪتاب انهن ٿورن سنڌي ماڻهن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو، جن وٽ رهڻ دوران مون کي وٽانئن مهر ۽ لحاظ ئي مليا. جيڪڏهن منهنجو هيءُ ڪتاب، سنڌ کان ٻاهر جي اديبن کي، سنڌو ماٿريءَ جي هيٺئين حصي جي ماڻهن جي احساسن ۽ خيالن سان روشناس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته سمجهندس ته مون کي هن ڪتاب لاءِ ڪيل پورهئي جو پورو پورو لاڀ ملي ويو.

 

چڱو هاڻي ڀلو نام جو

بمبئي – 31 مارچ

1938ع                                        ايڇ- ٽي- سورلي

 


 

حصو پهريون

 

تاريخ

 

’وقت، ڪنهن ويروتار وهندڙ درياه جيان،

کڻي وڃي ٿو خود پنهنجا ڄڻيل پل:

اهي اڏامي وڃن ٿا، وسري وڃن ٿا

جيئن ڪو سپنو صبح مهل.‘

(اسحاق وٽس)

 

’ڏينهن پنهنجي سونهن ۽ سُر سوڌا الوپ ٿي ويا،

تنهن هوندي به شايد انهن کي سانڍيندڙ احساس

ڏيئي ٿو ڇڏي اڪثر (هو نٿو ڄاڻي ڪڏهن)

ڪا ٿورڙي روشني، ڪو اڄاتو اشارو.‘

 

اسين لنگهون ٿا، اهو پيچرو جو هر ماڻهوءَ لنگهيو

جو اڻ چٽو آهي ۽ رهندو، ڪکن ڪانن ۾ ڍڪيل

انساني عمل جي ڪهڙي رهي آهي ناموس

اڻ کٽندڙ زمانن ۾؟

ٽينيسن (ان ميموريم)

 

باب پهريون

 

سنڌ 1690ع کان 1760ع تائين

مغل طاقت جي پوياڙي

 

1690ع کان 1760ع واري دور جي خاصيت، سنڌ جي حالتن جي تناظر ۾.

هندستان ۾ مغل شهنشاهيت جو زوال آهستي آهستي ٿيو. سمجهدار مبصرن کي ان جي ڀڄڻ ڀرڻ جون نشانيون، تاريخي ڪتابن ۾ نمايان طور ڄاڻايل واقعن جي رونما ٿيڻ کان گهڻو اڳ، نظر اچي ويون هيون. اها نهايت بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو مؤرخن رومي شهنشاهيت جيان مغل شهنشاهيت جي جوڳي خدمت ڪانه ڪئي آهي. ڪنهن گبن، اڃان تائين، ان سياسي اقتدار سان لاڳاپيل ڪا ڳالهه ڪانه لکي آهي، جيڪو سورهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪاهي ايندڙ بابر جي قوت ۽ بي باڪيءَ جي نتيجي ۾ شروع ٿيو، جيڪو پوءِ ڪلائيو جي هٿان، شاهي درٻار جي ڪمزوريءَ جي صورت ۾ ذلت ۽ شرمساري واري پڄاڻيءَ کي پهتو.

سنڌ جي صورتحال کان سواءِ، ٻيو ڪٿي به مغل اقتدار جي زوال جي مڪمل بيان جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. دهلي طاقت جي ڪمزوريءَ جي شدت سنڌ ۾ مقامي صورتحال پيدا ڪئي ۽ هن صوبي جي تقدير جي نئين سري سان جوڙجڪ ڪئي، جيڪا پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان بلڪل انفرادي هئي. انهن مقامي واقعن تي ٿوري روشني وجهڻ به هن ڪتاب جو هڪ مقصد آهي، هڪ وڏي ڏکيائي اها به آهي ته ڪنهن به قسم جون همعصر ۽ معتبر لکتون موجود ڪونه آهن، جيڪي 1690ع کان 1760ع واري دور تي روشني وجهن. هيءُ دور جيڪو ستر سالن تي مشتمل آهي، سترهينءَ صديءَ جي آخري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿو ۽ تڏهن ختم ٿئي ٿو جڏهن هندستان جي طاقت ڀڄي ڀُري چڪي هئي، پاڻيپٽ جي ٻي جنگ ۾، مرهٽا، هندوستان جي گڏيل ۽ مستقل طاقت جي روپ ۾ شڪست فاش کائي چڪا هئا. ڪلائيو پلاسيءَ جي جنگ کٽي ورتي هئي ۽ ڪن همعصرن جي خيال مطابق انگريز قوت، اڻ لکي پر يقيني طور هن ساري ننڍي کنڊ ۾ قائم(1) ٿي چڪي هئي. اهڙيءَ ريت هي دور جيڪو اورنگزيب  جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ڪمزور ۽ اپاهج مغل طاقت جي روپ ۾ شروع ٿيو. سو مانڌاڻ واريءَ ڳهر ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو. ان دوران هڪ اچرج جهڙي حادثي طور جديد هندوستان جو بنياد پئجي چڪو هو.

سترهينءَ صديءَ جي آخر ڌاري اهو چٽيءَ ريت واضح ٿي ويو هو ته ڏٻرو، کهرو، هوڏي ۽ سخت بااصول اورنگزيب، جنهن جي سگهارن هٿن مغل بادشاهت کي ڀڄڻ ڀرڻ کان روڪي ورتو هو، گهڻو وقت جي ڪونه سگهندو. هن انسان جي مضبوط قوت ارادي، قابليت ۽ ذهني صلاحيت کي سلام آهي، جنهن دهلي جي زوال پذير شهنشاهيت کي بچائي وٺڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. بهرحال اها مشرقي بادشاهتن ۾ روايتي خامي رهي آهي ته اهي شاهي جاءِ نشيني معقول طريقي سان منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. جڏهن به بادشاهه مرندو آهي ته هڪدم اقتدار جي مختلف دعويدارن ۾ تڪرار پيدا ٿي پوندو آهي. جنهن جو لازمي نتيجو گهرو اختلاف، انقلاب ۽ گهرو جنگ هوندي آهي ۽ مخالفت تي ضابطو صرف ڪو اهڙو ماڻهو رکي سگهندو آهي، جيڪو سڀني مان طاقتور ۽ باصلاحيت هوندو آهي. ان وقت اورنگزيب قبر ۾ ٽنگون لڙڪايو ويٺو هو ۽ ملڪي حالتن مان ظاهر هو ته ڪو انقلاب ۽ زبردست ڦيرو اڻٽر هو.

اڪبر جي پُرجلال ۽ شاهجهان جي شان شوڪت واري دور کان پوءِ دنيا گهڻو ئي بدلجي چڪي هئي. حقيقت ۾ ان جو جديد دور ڏانهن رُخ گهڻين ڳالهين مان چٽو ۽ پڌرو ٿي ويو هو. هندوستان هڪ الڳ ۽ سڄي دنيا کان ڌار اپکنڊ رهي ڪونه سگهيو. دنيا جي مختلف ملڪن جي وچ ۾ واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري موجوده دور واري شڪل ۽ صورت وٺي رهيو هو، جنهن کان اڄ جو ماڻهو واقف آهي. سامونڊي طاقت ايڏي وڏي قوت جي شڪل ڌاري چڪي هئي، جنهن جي لاءِ دنيا اڳي ان حوالي سان سوچيو ئي ڪونه هو. فنا ٿيندڙ جاگيرداراڻي نظام جي سرچشمي طور بادشاهه لاءِ اهو ممڪن ئي ڪونه هو ته، هو بي انتها مضبوط مرڪزيت واري سياسي ماحول ۾، جنهن جي ڪارڪردگي کوکلائپ جو شڪار ٿي چڪي هجي، دهلي کان ڏورانهن علاقن تي پنهنجو ضابطو رکي سگهي. نيم جاگيرداراڻو نظام، جنهن کي محصول اوڳاڙڻ لاءِ اڻپوري ۽ بدنظميءَ جي شڪار فوج هجي، سو به پوين پساهن ۾ هو. اهي طريقا جيڪي اڳوڻي دور ۾ ڪامياب هئا، سي هاڻي مدي خارج بڻجي ويا هئا. ڪجهه سڄاڻ مؤرخن جو خيال آهي ته مغل شهنشاهيت جي زوال جو سبب اورنگزيب جي جاءِ تي نااهل بادشاهن جي تخت نشيني هئي، جيڪي سندس نقش قدم تي هلي ڪونه سگهيا ۽ دهلي دربار جي غلط ڪارين ۽ حڪمران طبقي جي اميرن ۽ نوابن جي ڇڙواڳين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا. اهو خيال مڪمل طور غلط به ثابت ڪري سگهجي ٿو. مغل شهنشاهيت ان ڪري زوال ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته اها انتظامي معاملن ۾ ناڪام رهي ۽ وقت جي ضرورتن پٽاندر مقامي حڪومت کي هلائڻ کان قاصر هئي. ان جي زوال جو سبب سندن فوجي تنظيم ۾ بنيادي خامي جو هجڻ هو، جنهن ۾ نه ته فوجي، نه ئي سامونڊي طاقت هئي، جيڪا وقت سر خطرناڪ حالتن کي چڱي طرح سلجهائي سگهي ۽ سلطنت کي ٽوڙڻ وارن خطرن کي منهن ڏئي سگهي. اها بهتر مقامي حڪومت جي وڌندڙ گهرجي به پورو ڪرڻ جي قابل ڪانه هئي هندوستان جي ڪن خاص علائقن جي وڌندڙ اهميت مطابق بهتر مقامي حڪومت جو قيام به از حد لازمي هو، ڇاڪاڻ ته سڌريل سامونڊي آمد و رفت جي ڪري دنيا سسي سوڙهي ٿي ويئي هئي ۽ ڪيترائي وڌيڪ اقتصادي طور اثرائتا ۽ مقابلي ۾ ايندڙ ملڪ هندوستان کي به ارڙهين صديءَ جي اقتصادي ايڪي طرف ڇڪي رهيا هئا. اهڙن مسئلن جي لاءِ مغل شهنشاهيت وٽ ڪو قابل قبول حل موجود ڪونه هو. اڪبر جي وڏائي ۽ شاهجهان جو شان شوڪت ان ڪري برقرار رهيا، جو نه اڪبر ۽ نه وري شاهجهان جي دور ۾ اهي مشڪلاتون ۽ مسئلا درپيش هئا، جيڪي اورنگزيب کي سندس حڪمراني جي شروعاتي ڏينهن ۾ آڏو آيا. جيئن جيئن سترهين صدي ختم ٿيڻ جي ويجهو ايندي ويئي ته مشڪلاتون وڌيڪ ڳنڀير صورتحال اختيار ڪنديون ويون. آخر ۾ مشڪلاتون اهڙي ته شدت اختيار ڪري ويون، جو مغل شهنشاهيت جهڙي ڪا ٻي سياسي طاقت به ڪاميابيءَ سان حل ڪري ڪانه سگهي ها. پلاسيءَ جي جنگ کان يارهن سال اڳ، سن 1746ع ۾ يورپ جي هڪ چالاڪ مهم جو، جيڪو هندوستان ۾ 20 سال رهي چڪو هو، تنهن ان شهنشاهيت جي خاتمي جو صحيح اندازو لڳائي ورتو هو. ڪرنل جيمس مِل ان سال چيو هو:

”هندوستان جو سڄو ملڪ يا مغل شهنشاهيت سدائين ايتري ڪمزور ۽ غير محفوظ رهي آهي، جو اهو هڪ معجزو آهي، جو هيستائين يورپ جي ڪنهن بادشاه سامونڊي فوجي طاقت هوندي به ڪڏهن سوچيو ئي ڪونه ته هو اها حاصل ڪري ها ۽ ائين هڪ ئي ڌڪ سان پاڻ ۽ سندس رعيت کي لامحدود دولت جو مالڪ بڻائي ڇڏي ها. مغلن جي حڪمت عملي بلڪل غلط آهي ۽ سندن فوجي سرشتو تمام خراب، سامونڊي فوج جيڪا ملڪ جي سرحدن جي بهترين حفاظت ڪري سگهي ها سا ته مورڳو آهي ئي ڪانه. هينئر بنگال جو صوبو جنهن کي مغل طاقت فتح نه ڪري سگهي، سو هندوستان جي ٻين حصن جيان سمنڊ واري پاسي کان غير محفوظ آهي، نتيجي ۾ اهو به باغين جي هٿان، کسجي سگهي ٿو، سندس اڻ مئي دولت سميت، جنهن جي وسعت جو ڪنهن کي اعتبار ئي ڪونه ايندو.“

اها مدبرانه اڳڪٿي، پلاسي، بڪسار ۽ واندِيواش جي ميدانن تي پورن ويهن سالن اندر هوبهو پوري ٿي. درحقيقت مغل طاقت ٻن وڏن مکيه سببن جي ڪري بريءَ طرح ناڪام ٿي، جيڪي دهليءَ جي تخت شاهيءَ جي اهليت يا نااهليت يا وري جاگيردارانه اَمراڻي حڪمراني ۾ ڪن خوبين جي اڻاٺ سان لاڳاپيل ڪونه هئا. انهن ٻنهي سببن کي سولائي سان هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته: سلطنت فوجي نقطه ۽ نگاه کان بلڪل غير محفوظ هئي ۽ حد کان وڌيڪ مرڪزيت، جنهن انهيءَ نئين جوشيلي دنيا تي اجايو ضابطو رکڻ گهريو پئي، جيڪا هر هنڌ تجارت ۽ واپار جي واڌاري سبب وجود ۾ اچي رهي هئي. جاگيرداراڻو ۽ آمراڻو نظام ڊگهي عرصي کان طاقت جي بيجا ۽ غلط استعمال ۽ نفس پرستي جي ڪري ڪمزور ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ جو اهڙين ڏاڍاين کي ٻُنجي ڏيڻ لاءِ ڪنهن ٻيءَ طاقت جو وجود ئي ڪونه هو(1). ان ڪري اها ڪا تعجب جي ڳالهه ئي ڪانهي ته جيئن طاقتور مغل سلطنت تي آڪيلس(2) جي کڙيءَ وانگي پورو پنو حملو ڪيو ويو ته هڪدم تاس جي پتن وانگي ڍيري ٿي فنا ٿي ويئي. لئن پول لکي ٿو ته: 4- مارچ 1707ع تي جمع ڏينهن، جڏهن سندس عمر 89 سال ۽ حڪمراني کي پورا پنجاه سال گذريا، صبح جي نماز کان پوءِ تسبيح پڙهي ورتائين ته شهنشاه اورنگزيب جي روح جو پکي پڃري مان پرواز ڪري ويو. سندس فرمان موجب: ”هن مٽيءَ جي تخليق کي سادي تابوت ۾ کڻي ويجهي قبرستان ۾ دفن ڪجو“ کيس دولت آباد ۾ مسلمان بزرگن جي قبرن جي پاسي ۾ نهايت سادگي سان دفن ڪيو ويو(1). موت هڪ علامت هو، هن جي موت سان هڪ دور ختم ٿيو. هن مغموم، هيبت واري ۽ اڪيلائپ جي شڪار بااصول انسان جي موت کان اڌ صدي پوءِ مغل طاقت تباه ٿي چڪي هئي ۽ هندوستان جو ننڍو کنڊ، وڳوڙ، گڙٻڙ ۽ انتشار واري غير يقينيءَ صورتحال ۾ اٿل پٿل جو شڪار هو. جيئن سرڪار لکيو آهي: ”ڀُتي ۽ ساڻي ڪاٺ جيان، مغل سلطنت جي مرڪزي قوت ختم ٿي چڪي هئي، جنهن جو چٽو مثال اهو هو ته بجرائو جي فوج 1737ع ۾ دهليءَ جي شهر کي هڻي ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو. دهليءَ جو اهو حال ڏسي 1739ع ۾ نادر شاه ان تي حملو ڪيو ۽ دهليءَ جي حڪومت کي مڪمل تباه ڪري ڇڏيائين. سر الفريڊ ليال جي صاف بيانيءَ، ان وقت جي هندوستان جي حالتن جي هڪ اڻ وسرندڙ چترڪاري ڪئي آهي: ”نادر شاه، هن بدقسمت ۽ رت ۾ ٻڏل شهر جي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ ڪوس جو واڌارو ڪيو. هن، مغل سلطنت کان، سنڌو نديءَ جي الهندي پاسي وارا علائقا کسي ورتا ۽ واپس موٽيو ته دهليءَ جي مغل طاقت کي موتمار ڌڪ هڻي هميشه لاءِ ختم ڪري هليو ويو. اهڙيءَ طرح وچ واريون رنڊڪون ختم ٿيڻ جي نتيجي ۾ افغانن جي ابدالي قبيلي جي سردار احمد شاهه، ان کان ٻه سال پوءِ ان ساڳئي عمل کي ورجايو. جڏهن نادر شاه کي خراسان جي فوجي ڪئمپ ۾ ايرانين قتل ڪري وڌو ته، احمد شاه، جيڪو ان وقت نادر شاه جي سوار فوج جي وڏيءَ حصي جو سپه سالار هو، تنهن ان وقت اوڀر طرف پيش قدمي ڪري افغانستان کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو ۽ افغانستان کي مرڪز بنائي هن 1748ع کان 1751ع تائين ساري پنجاب کي فتح ڪري ورتو. ان وقت مرهٽا، ڏکڻ اولهه هندوستان کان وچ هندوستان ڏانهن ڪنهن درياهي اٿل وانگي پيش قدمي ڪري رهيا هئا. هندوستان جا ماڻهو ڪنهن ڌڻي سائينءَ کان سواءِ سياسي طوفان ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هئا ۽ هر ان طاقت کي چنبڙي رهيا هئا، جيڪا سندن بچاءُ ڪري سگهي.“(1) اها آئين اڪبري ۾ بيان ٿيل شان شوڪت ۽ طاقت جي ڏيکاءَ جي ڏک ڀري پڄاڻي هئي، جهانگير جي خوشحال دور جو دردناڪ خاتمو هو، شاهجهان جي شاندار دور جو دکدائڪ انت هو. جنهن دنيا جي بهترين سينگاريل گوهر ۽ فني شاهڪار جي تعمير ڪئي ۽ اورنگزيب جي سخت چوڪسيءَ، ظلم ۽ نفس ڪُشيءَ واري زماني جي عبرتناڪ پڄاڻي هئي.

اهي ئي هن دور جون مکيه خاصيتون آهن، جيڪي هن ڪتاب جي واسطي سان، منهنجو موضوع آهن. مغل طاقت جي زوال جو منهنجي مقصد سان هڪ اتفاقي ڳانڍاپو آهي، جنهن ۾ اسان کي اها چٽائي ڪرڻي آهي ته سنڌ هنن تڪڙين ۽ دُور رس تبديلين مان ڪيئن گذري؟ مليل شاهدن مان ڏسون ته، سنڌ ان گذريل زماني ۾ پنهنجي سماجي زندگيءَ جي وري نئين تعمير ڪيئن شروع ڪئي؟ ان دور سان لاڳاپيل تاريخي مواد اڻپورو ۽ ناقص آهي ۽ اهو سولائي سان سمجهي ڪونه سگهبو، جيستائين سنڌ کان ٻاهر ٿيندڙ واقعن کي صحيح معنيٰ ۾ نه سمجهبو. سنڌ کي اڪبر 1592ع ۾ مغل شهنشاهيت سان ملايو. اها ان جو تيستائين اٽوٽ حصو رهي، تان جو 1737ع ۾ نادر شاه جي خونخوار حملي کان پوءِ، پهرين ايران، بعد ۾ 1747ع ۾ افغانستان جي ڏاڍ هيٺ آئي. اورنگزيب  جي مرڻ ۽ نادر شاه جي حملي جي وچ وارا 30 سال ڏکيا هئا، سنڌ اندر مغل طاقت کي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ڏٺو ويو. ڪلهوڙن جي مقامي خاندان جي وڌندڙ آزاديءَ مان به اها ڪمزوري واضح نظر اچي رهي هئي، جن مشرقي قسم جي منصوبه بنديءَ مطابق، اهو سمجهي ته، دهلي تمام پري آهي ۽ ڪجهه ڪرڻ کان به لاچار آهي، هر ان شيءِ تي قبضو ڪيو، جنهن کي هو قبضي هيٺ رکي سگهيا ٿي. اهڙيءَ ريت مغل نواب جيڪي هندوستان مان مقرر ٿي ايندا هئا، تن جي جاءِ سنڌي گورنرن ورتي جيڪي مغلن، ايرانين ۽ افغانين اڳيان، جيترو ممڪن ٿي سگهيو گهٽ جهڪيا. 1760ع ڌاري حڪمران ڪلهوڙا اصولي طور نه بلڪ حقيقي طور آزاد هئا. اها ڪامراني جنهن سان ڪلهوڙن پنهنجي طاقت کي مستحڪم ڪيو ۽ پنهنجي قوت کي وڌايو، سو ڪو سندن ڪمال ڪونه هو، پر اهو دهليءَ جي تخت شاهيءَ تي ويٺل بادشاهن جي ڪمزوري جو اڻٽر نتيجو هو. اهڙي طريقي غير يقيني طور سنڌي نواب پنهنجو پاڻ حڪمران ٿي ويٺا. پر اهي سخت قسم جي متوقع حملي جي ڪري واپسيءَ لاءِ به هردم تيار رهندا هئا ۽ وقت بوقت گهٽ يا وڌ ڏن به ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيا ويندا هئا. ڪلهوڙا خاندان به واري سان انهن ساڳين سببن ڪري ختم ٿي ويو، جن سببن جي ڪري مغل شهنشاهيت فنا ٿي هئي. يعني وڏيءَ فوجي طاقت آڏو ميدان جنگ ۾ ڪمزوري. ان کان پوءِ ٽالپر سندن جانشين ٿيا، ايئن جيئن فرانس ۾ فرانڪ خاندان جي ميرونگن (Merovingian) بادشاهن کانپوءِ سندن محلات جا نگهبان سندن جانشين ٿيا هئا. در حقيقت ٽالپر به ارڙهينءَ صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي تائين افغان بادشاهن کان مڪمل آزاد ڪونه هئا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي سو سالن تائين گڏيل ڪوششن، بهر صورت سنڌ ۾ هڪ ننڍڙي مسلمان رياست کي قائم ڪيو، جنهن 1843ع ۾ انگريزن جي فتح تائين مغل انتظاميا جي خصوصي جوڙجڪ قائم رکي ۽ منجهس هڪ مخصوص نيم مذهبي حڪومت جو تصور آندو هو، جنهن کي هڪ قسم جي سياسي طاقت طور پنهنجي انفراديت کي قائم رکڻ يا جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي شاندار جداگانه تشخص کي زنده ۽ برقرار رکي سگهڻ جو پختو ارادو هو. سر چارلس نيپئر جي وقت وچ اڻويهين صديءَ تائين، سنڌ پنهنجي الڳ سڃاڻپ کي عام هندوستاني سياست ۾ ملائڻ کان انڪاري هئي. اهڙيءَ ريت سنڌ، هڪ طرح سان مغل انتظاميا جي برباديءَ جي مظهر آهي. مغل طاقت جي زوال سان پيدا ٿيندڙ حالتن سبب سندس اڌوري آزاديءَ ۾ اضافو ٿيو، جنهن ڪري اها نيم آزاد حيثيت ۾ رهندي آئي. نه ڪلهوڙن ۽ نه وري ٽالپرن انهن سياسي سماجي حالتن ۾ ڦيرو آندو، جيڪي کين مغلن کان مليون هيون. اهوئي سبب آهي جو 1843ع ۾ مياڻي ۽ دوآبي جي جنگين کان پوءِ جڏهن هيءَ مشرقي رياست انگريز تسلط هيٺ آئي، ته اها مغل شهنشاهيت واري جوڙجڪ تي هلي رهي هئي، جيتوڻيڪ اها پنهنجن آسودن ڏينهن کان وڌيڪ ڪمزور ۽ ناتوان ٿي چڪي هئي. سنڌ ۾ 1690ع کان 1760ع واري دور جي همعصر معتبر لکتن جي عدم موجودگي هڪ پاڻ- هرتي سڌي شاهدي آهي ته ان وقت سنڌ جون سماجي حالتون اهڙيون هيون جو، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيئڻ جنجال هو، ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌي ماڻهو ايئن ئي رهندا هوندا جيئن سر چارلس نيپئر انهن کي 1843ع ۾ رهندي ڏٺو هو. سنڌ جي حالتن متعلق ڪافي لکتون آهن جيڪي سنڌ جي فتح واري وقت ۽ ان کان 10 سال اڳ واري دور جي سماجي حالتن کي واضح ڪن ٿيون. سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال سان لاڳاپيل 30 سالن ۾ لکيل مواد موجود آهي، جيڪو 1662ع تائين حالتن جي چٽائي ڪري ٿو، جڏهن مغل طاقت اڃان پوري اوج تي هئي. اهڙيءَ ريت معقول انومانن ۽ مبهم اندازن مان اهو امڪاني خال ڀري سگهجي ٿو، جيڪي سترهينءَ ۽ اوڻويهينءَ صديءَ جي وچ تي آهي. ايئن ڪرڻ هن تصنيف جو مقصد به آهي، ته جيئن پاڻ ٻئي دور سان واسطو رکندڙ انسان ، جيڪي مختلف نظرين جي ڄار ۾ ڦاٿل آهيون، ان دور جي ٻهراڙيءَ کي سمجهي سگهون. جنهن ۾ ڀٽ جي شاه عبداللطيف سهڻي صوفياڻي شاعري ڪئي، جيڪا سنڌي زبان جي اڪيلي شاهڪار تصنيف آهي ۽ اهو به سمجهي سگهون ته اهي ڪهڙي قسم جا ماڻهو هئا، جن متعلق هيءَ شاعري ڪئي ويئي ۽ ڪنهن انهن کي ڳايو وڄايو.

سنڌ ۽ سندس تاريخ جون ڪي خاص ڳالهيون

سنڌ، مؤرخن واسطي هڪ ڏاڍو ڏکيو ڏيهه آهي. ان جو سبب ته اهو ايئن ڇو آهي، صاف ۽ واضح آهي. ان حقيقت جي باوجود ته سنڌ اهو خطو آهي، جتي هندوستان اندر ڪنهن سڌريل تهذيب ۽ ثقافت پهريائين وجود ورتو، هيءَ ڌرتي ڪن منتشر دورن کان سواءِ، المناڪ حد تائين تاريخي معلوماتي يادگارن، لکتن ۽ اهڙين طبعي شاهدين کان محروم آهي، جيڪي لکيل رڪارڊ جي خالن کي ڀرڻ خاطر قديم آثارن جي علم لاءِ مددگار هونديون آهن(1). ڪي ٿوريون جايون جيڪي محفوظ رهيون هجن ۽ پندرهين صديءَ کان اڳ واري ڪنهن به صديءَ جي تهذيب جي نشاندهي ڪن اهي ڄڻ اڻلڀ مثال آهن. اهي جڳهيون جيڪي عام طور تي پراڻيون سمجهيون وڃن ٿيون، سي سترهينءَ صديءَ کان اڳ جون ناهن، ڪي ته وري انهن کان به پوءِ جون آهن. هتي پراڻين درسگاهن جو ڪو يادگار ته آهي ئي ڪونه ۽ نه وري پراڻيون لائبرريون لڌيون آهن ۽ نه ڪي پراڻا دستاويز مليا آهن(1). پراڻي دور ۾ سنڌ ۾ رهندڙ پڙهيل عالم ۽ اڪابر ماڻهو گم ٿي ويا آهن ۽ پويان، عالمن واسطي ڪي اڻ لکا اهڃاڻ ڇڏي ويا آهن. تعميراتي نشانن جو نه هئڻ به سمجهه ۾ اچي ٿو.(2) هيءُ هڪ درياه جي اٿل ۾ ٻڏي ويندڙ علائقو آهي، جنهن تي صدين کان وٺي سنڌو درياه پئي اُڙهو آهي، اُٿل ڪئي آهي. هن هر دور ۾ پنهنجا وهڪرا پئي مٽايا آهن. جڳهيون گهڻو ڪري مٽيءَ جون بڻايون وينديون هيون، جهڙيون اڄ ڪلهه وڏن شهرن جي ڀرپاسي ۾ ٺهيل ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اڪثر پڪين سرن مان ٺهيل جڳهيون (جيڪي مسجدون ۽ مقبرا آهن) پڻ درياهي ٻوڏ جي حملن کان بچي ڪونه سگهيون آهن. ان کان سواءِ ڪلر جو آزار ۽ موسم جي شدت جيڪا سال ۾ ڇهه مهينا رهي ٿي، اها هندوستان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن سان وري مٽيءَ جي طوفانن جي ڦٽڪار پڻ ساڻ هوندي آهي، جنهن ۾ واريءَ جا وسڪارا هوندا آهن، جيڪي تيز واءُ جي ڇوهن سان جان جي لُؤن لُؤن ۾ گهڙندا محسوس ٿيندا آهن. اڄ جا وڏا شهر(3) جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور ارڙهين صديءَ جي تازي دور جي جديد واڌِ آهن. تمام پراڻا شهر ختم ٿي ڄڻ گم ٿي ويا آهن يا ڪي مٽيءَ جي ڪچن گهرن جي جهڳٽن جي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي پراڻي يا وچولي دور سان واسطو رکندڙ ڊٺل گهرن جي ڀنجوءَ تي تعمير ڪيا ويا هئا، سي به اهڙي ريت ڊهي تباه ٿي چڪا آهن. ڇو ته پراڻا رهائشي وٿاڻ ڀنجوءَ جي دڙن ۾ تبديل ٿي ويا  آهن، جيڪي پراڻن يادگارن کان محروم آهن. باقي ٺڪراٺو سو جام آهي، جيڪو قديم آثارن وارن وٽ ڪابه وقعت ڪونه ٿو رکي. هميشه تبديل ٿيندڙ درياهي دوآبي وارو علائقو آهي، جيڪو سدائين سنڌو درياه جي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي منهن ۾ هوندو آهي. هڪ طرف سمنڊ کان سواءِ باقي ڏکيو جابلو ۽ ويران رڻ پٽ جو علائقو آهي، تنهن ۾ نه قطب منارو ڏسي سگهجي ٿو، نه وجيه نگر نه وري ڪو مدورا جو مندر. تنهن ڪري سنڌ جو مؤرخ شروع ۾ ئي ڄڻ ڪم ڪرڻ کان رنڊجي پوي ٿو ۽ اها ڪُنجي جيڪا ماضيءَ جي پراسرار دروازن کي کولي سگهي، سا ڄڻ ته ڀڳل ۽ بيڪار آهي. هن کي ڪي بهترين ۽ اعليٰ رستا اختيار ڪرڻ گهرجن جيئن ماضيءَ جي مزارن مان، گم ٿي ويل صفحن کي ڳولي ٻاهر ڪڍي سگهجي.

گذريل صدين ڏانهن نهاريندي هڪ مبصر کي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مخصوص خوبي نظر ايندي: سنڌ پاڙيسري ايشيا جي ٻين ملڪن جي تمام اهم واقعن کان گهڻو ڪري الڳ ٿلڳ پئي رهي آهي. انهن مان ڪن اهم واقعن سنڌ تي وڏو اثر به ڇڏيو، پر گهڻين حالتن ۾ ان لهر جو رد عمل تمام گهٽ محسوس ڪيو ويو. سنڌ ۽ سنڌين جي انفراديت جي ڳالهه جي تشبيهه لاءِ هيئن صحيح مثال ڏئي سگهجي ٿو ته: سنڌ جي حياتي هڪ پاڻيءَ جي تلاءَ وانگر آهي، جنهن ۾ وقت بوقت ٻاهران پٿر اڇلائبو آهي. شپڪي کان پوءِ ٿوريون لهرون پيدا ٿين ٿيون ۽ ان کان پوءِ وري ماٺ ٿي وڃي ٿي. يا هن اشاري ڪنايي کي ٿورو بدلائي هيئن کڻي بيان ڪجي ته هندوستان جي تاريخ جي بيتاب لهر سنڌ جي منفرد حيثيت جي خاموش ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي ٿي ته اها ڪي هلڪيون لهرون پيدا ڪري ٿي، جيڪي وارياسي ساحل تي تصرف ٿوري هلچل پيدا ڪن ٿيون.

سنڌ جي تاريخ کي واقعاتي ۽ نيارو سڏڻ ڪو غلط ڪونه ٿيندو، جيڪا ان جي هميشه کان صلح پسند سڀاءُ رکندڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ اها پوءِ جي دورن ۾ به اسلامي معاشري جي مذهبي بنيادن کي چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي. هن فتويٰ کي ثابتين سان قائم رکي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ جون گهڻيون ڳالهيون تاريخي نقطهءِ نگاه کان ڏاڍيون دلچسپ آهن، پر انهن جو اثر سنڌو ماٿري جي هيٺئين حصي کان ٻاهر ڪونه پهتو. تاريخي ڪتابن کي اهڙن واقعن کي هڪدم محفوظ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي. بهرحال حقيقت ۾ انهن واقعن کي پنهنجي رونق، رنگيني ۽ خوبصورتي آهي. موهن جي دڙي جي سڀيتا جيڪا غير متعين دور 3250 کان 2750 ق.م. سان واسطو رکي ٿي، ان جو غير واضح تعلق سُمير ۽ الامائيٽ (Elamite) جي تهذيبن سان نظر اچي ٿو. اها تهذيب جيڪا ٽامي ۽ ڪنجهي سان لاڳاپيل ۽ شهرن سان واسطو رکي ٿي، جيڪا پکڙجي، ٿي سگهي ٿو گنگا ماٿري(1) تائين به پهتي هجي، يا نه به پهتي هجي. ڪنهن به صورت ۾ ان جا نشان، سنڌ کان ٻاهر نه لڌا ويا آهن، سواءِ پنجاب(2) جي هڪ علائقي جي 325 ق.م ۾ سڪندر اعظم هندوستان ۾ پنهنجي مهم جي پڄاڻي سنڌوءَ ۾ پنهنجون فوجون آڻڻ سان ڪئي. سنڌ جي ڪجهه هنڌن تان سندس لنگهڻ بابت روايتون ملن ٿيون. 711ع ۾ هڪ نوجوان عرب فاتح محمد بن قاسم اسلامي فوج وٺي هندوستان جي ميداني علائقن ۾ آيو، جنهن سنڌوءَ ماٿريءَ جي هيٺئين حصي جي ڪنهن پراهين علائقي ۾ اچي اسلام جو پايو وڌو، جنهن ايشيا جي هن حصي ۾ ثابت قدميءَ سان ٿورا يا گهڻا داخلي اَثر ضرور ڇڏيا. اهو سلسلو ان وقت تائين قائم رهيو، جيستائين ٽي سو سال کن پوءِ هڪ ٻئي پويان مسلمان حڪمرانن حملا شروع نه(3) ڪيا ۽ جن هندوستان جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو. 1351ع ۾ دهليءَ جو بادشاهه محمد بن تغلق، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ بغاوت کي ختم ڪرڻ کان پوءِ موٽندي، لاڙ جي ٺٽي شهر ڀرسان بيمار ٿي مري ويو(1). بدايوني جي مزيدار لفظن ۾ ”بادشاه جي جند رعيت مان ڇٽي ۽ رعيت جي جند بادشاه مان!“ 1540ع ۾ شير شاه ۽ همايون جي وچ ۾ گهرو لڙائي کان پوءِ، همايون پنهنجي بادشاهي ڇڏي ڪنهن پناه واري جاءِ جو ڳولائو ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ٿي وتيو. ٿوري وقت لاءِ هن سنڌ ۾ به پناه ورتي، جتي کيس 1542ع ۾ عمرڪوٽ ۾ اهو مشهور ٻار ڄائو، جيڪو پوءِ مشهور مغل بادشاه اڪبر اعظم بڻيو. ان کان پوءِ سنڌ، دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ گهرو لڙائيءَ وقت توجهه ڇڪائي ٿي. ان کان اڳ ۾ اورنگزيب ملتان جو گورنر هو ۽ 50-1648ع تائين سنڌ جي گورنريءَ دوران سنڌ ۾ رهي چڪو هو.

1568ع ڌاري اورنگزيب جا فوجي جنرل دارا شڪوه جي ڪڍ پيا. دارا شڪوه هڪ وڏي درياهيءَ جنگ مان هوشياريءَ سان بچي سيوهڻ جي قلعي مان نڪري، شاهي فوج جي ڳجهن هٿن مان پاڻ کي بچائي سنڌو نديءَ رستي بکر کان وڃي ٺٽي مان نڪتو. سندس مقصد گجرات ڏانهن وڃڻ جو هو ۽ آخرڪار کيس سنڌ جي سرحد تي گرفتار ڪيو ويو ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي لالچ جي ڪري قربان ڪيو ويو. اٽلي جو هرفن مولا سياح مينوسي جيڪو ان وقت سپاهي طور جنگ ۾ شريڪ هو ۽ بکر جي گهيري وقت موجود هو، تنهن پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيتريون صاف ڳالهيون لکيون آهن. 1659ع کان 1758ع تائين سنڌ ۾ ڪنهن وڏي تاريخي اهميت جون ڳالهيون ڪونه ٿيون. ان عرصي دوران ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ جي دوآبي واري علائقي ۾ هڪ ٻي ڪوٺي قائم ڪئي هئي جيڪا ٿوري وقت لاءِ هلي. 1843ع ۾ سنڌ، ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پڇاڙي وارين فتحن مان هڪ فتح هئي. ان وقت ڌاري سنڌ جي سرزمين جي جاگرافيائي ماڳ، سياست جي منجهيل راند ۾ هڪ اهم عنصر جي حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي، جنهن ۾ افغانستان، سک ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني اٽڪيا پيا هئا، ۽ سنڌ، حڪمران ٽالپرن جي هٺ ڌرمي جي ڪري انگريز حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي سزا ڀوڳي. انهن چند خاص واقعن کي ڇڏي، سنڌ جي تاريخ پنهنجي منفرد ۽ يڪسانيت واري محدود حيثيت سبب ٻاهرين دنيا جي واسطي ڪابه اهميت ڪونه ٿي رکي. سنڌ جي خاص خوبي سندس الڳ ۽ انفرادي حيثيت آهي. هن کي پنهنجي مڪمل ۽ چٽي زندگي آهي، جيڪا هيءُ ڪتاب پڌرو ڪندو. پر ارڙهين صديءَ جي ڪنهن دور ۾، هن انفادي حيثيت رکندڙ زندگيءَ جا، ويجهن پاڙيسري ملڪن سان رابطا ڏسون ٿا ته سندس انفراديت کي سمجهائڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه ٿي ٿئي. ان جا مکيه سبب ٻه آهن: پهريون ته هن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ آهي، سندس چوڌاري غير آباد زمين ۽ واريءَ جي دڙن جا ڄڻ قلعا تعمير ٿيل آهن ۽ آبهوا، ٿورن ميهنن کان سواءِ سال جو سڄو عرصو سخت گرم هوندي آهي. ٻيو ته درياهي ماٿريءَ ۾ ڪا خاص ڪشش ڪانهي. پر ان جي باوجود سٺا فصل ڏئي ٿي ۽ عجيب ساوڪ سان ڀريل آهي، جيڪا هن موجوده مڪمل آبپاشيءَ جي نظام قائم ٿيڻ کان اڳ مست درياه جي موجن جو گهڻو شڪار ٿيندي رهي آهي. اهڙي ريت اتر- اولهه سرحد جي طرف کان ايندڙ رولو ٽولا مسئلو بڻيل رهيا. جيڪي ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري قائم ٿيندڙ افغان حڪومت ۽ سکن جي اڀرڻ کان پوءِ ختم ٿي ويا، اهي پوءِ اڳتي پنجاب جي ندين جي ڀر پاسن سان پيل زرخيز زمينن طرف وڌي ويندا هئا، ۽ پڻ هندوستان جي ميداني علائقن تي ڪاهي ويندا هئا. بهرحال هندوستان جي جنگين جي بپتا جيڪا 1000ع کان شروع ٿي، تن ۾ سنڌ جو ذڪر تمام گهٽ آهي. سنڌ کي ان دوران، ٿورن عارضي حڪمران گهراڻن جي، ٿوڙي گهرو لڙائين جي مسئلي کان سواءِ، بلوچستان مان ايندڙ ڦورو جابلو ٽولن جي مشڪلاتن ۾ وڪوڙيل ڏسون ٿا. اها مقامي طور تي سنڌ جي مسئلن مان گذري وڃڻ جي هڪ قسم جي پرک هئي. اڪبر جي حڪمرانيءَ جي پڇاڙڪي دور ۾ وڃي مغل بادشاهه سنڌ جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ ان کي مغل شهنشاهيت سان ملايو.

اڪبر اها ڪاميابي 1592ع ۾ حاصل ڪئي. دهلي سلطنت جي هڪ حصي هجڻ جي باوجود، سنڌ پنهنجي جداگانه ۽ الڳ حيثيت کي برقرار رکندي آئي، اهوئي سبب آهي جو مورلئنڊ(1) کي، تاريخي لکتن کي جاچي جوچي ڏسڻ کان پوءِ به مغل شهنشاهيت جي اقتصادي ڍانچي ۾ ڪٿي به سنڌ جو شامل هجڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

سنڌ جي رهاڪوءَ، پوءِ اهو اصلي هجي يا آبادڪار، ڪڏهن به فوجي ڪمال ڪونه ڏيکاريو آهي. هن ڌرتيءَ تي ڪوبه اهڙو فاتح پيدا ڪونه ٿيو آهي، جنهن جي نالي جو ذڪر تاريخ ڪندي هجي. هتان جو ماڻهو نهايت امن پسند، محنتي، هيٺين سنڌو ماٿريءَ واري خطي جي مقامي مسئلن ۾ وچڙيل رهيو آهي ۽ هن سنڌو نديءَ ۽ ان جي واهڙن جي ٻوڏ هيٺ آيل زرخيز پاسن پٽن تي هر هلائي پئي پيٽ گذر ڪيو آهي. تيرهين صدي ۾ سومرن جي دور کان وٺي هن ملڪ جي گهڻي قدر آدمشماري مسلمانن جي پئي رهي آهي. جتي حڪومت هميشه مذهبي رنگ ۽ ڍنگ جي رهي آهي ۽ عملي طرح ان جون واڳون سيدن جي مذهبي طبقي جي هٿ ۾ هيون. ارڙهين صديءَ ۾ جڏهن مغل طاقت ڪمزور ٿيڻ شروع ڪيو ته مقامي ڪلهوڙا خاندان، جنهن پنهنجي ديندار فقير گهراڻي سان تعلق جي دعويٰ ٿي ڪئي، پنهنجي نالي ماتر حڪومت بحال ڪئي ۽ آخر ۾ خودمختيار حڪمران بنجي ويٺا. ٽالپر، جيڪي ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ جي اقتدار تي آيا، تن پنهنجي اهڙي نسلي برتريءَ جي لٻاڙ ڪانه هنئي، پر هو سادا سودا مالوند ڌراڙ ماڻهو هئا، جن عملي طور تي پاڻ کي اقتدار جو اهل ثابت ڪيو ۽ پنهنجن بلوچ قبيلن تي انحصار ڪيو ۽ ملڪ ۾ امن امان بحال ڪيائون. هنن به ڪلهوڙن جيان سنڌ جي الڳ ۽ جداگانه سڃاڻپ کي برقرار رکڻ ۽ ان جي هڪ ننڍڙي مسلم رياست واري حيثيت بچائڻ جو پختو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن ننڍڙي مسلمان رياست جو انتظام ڪجهه قرآني اصول ۽ ڪجهه مغل انتظاميا جي جي ڇڏيل اصولن هيٺ هلندو هو. اُن سبب ڪري سنڌ هڪ الڳ ۽ انفرادي حيثيت رکي ٿي، جيڪا هندوستان ۾ ناياب آهي، ايتري قدر جو جيئن آئوٽرام(1) 1843ع وارن ميرن لاءِ لکيو آهي ته، ”هو ٻاراڻو مزاج رکندڙ، غير مستقل مزاج ۽ پاڻ ۾ وڙهيل سردار هئا. جيڪي لارڊ ايلنبرو جي هٿن ۾ کيڏندا رهيا ۽ انگريز سنڌ جي ڌرتيءَ تي اهڙي نموني داخل ٿيا ڄڻ سندن لاءِ اها اڻ ڄاتل سرزمين هئي. اهڙيءَ ريت ان دور جي باري ۾ ادب جي اٿل به انگريز لوڪن جي تعليم تربيت جي ڪري آئي. هي به اهڙي قسم جو ادب آهي، جنهن سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل واپاري ڪوٺيءَ جون لکتون به آهن، جيڪي ٿوري وقت لاءِ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ قائم ڪيون ويون هيون، جيڪي هن ڌرتي ۽ هتان جي ماڻهن جي سماجي زندگي متعلق 1690ع کان وٺي 1760ع واري دور تائين مکيه شاهدين جي حيثيت رکن ٿيون. هي ڪتاب خاص طور انهن حقيقتن کي به ظاهر ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي.

تاريخ جا ماخذ ۽ انهن جي ناقص حيثيت

تاريخ جا اهي ماخذ جن جي آڌار تي اسان 1690ع کان وٺي 1760ع واري عرصي جي نئين سر جوڙجڪ ڪريون ٿا، تن کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

پهريون: ته مقامي مؤرخن جون تصنيفون آهن، جيڪي خاص طور سنڌ متعلق آهن.

ٻيون مقامي مؤرخن جون اهي تصنيفون آهن، جيڪي مغل دور تي لکيل آهن، يا انهن جي ڪن پهلوئن تي لکيل آهن، خاص طور تي، ان دور يا ان کان اڳ واري دور تي لکيو ويو آهي ته ضمني طور سنڌ جو ذڪر به اچي ويو آهي.

ٽيون: ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو لکيل رڪارڊ آهي، جنهن جا ٻه دور آهن، جن ۾

(الف) 62-1635ع تائين واپاري ڪوٺيون قائم ٿيون.

(ب) ڪوٺين کولڻ جو ٻيو دور جيڪو 75-1758ع تائين هليو.

چوٿون: يورپي سياحن جا بيان ۽ احوال جن سترهينءَ ۽ ارڙهين صديءَ دوران سنڌ گهمي ڏٺي.

پنجون: انگريزن جي قبضي وارو دور، جنهن ۾ ڪيترا انتظامي ۽ خانگي دستاويز ڏٺا ويا، يا جيڪي خاص طور تي سنڌ جي فتح کان ٿورو عرصو اڳ ۽ ٿورو عرصو ان کان پوءِ جي رياستي معاملن سان تعلق رکندڙ آهن. ٻيو وري انهن معتبر ڪتابن تي به آڌار رکيو ويو آهي، جيڪي اڪبر، جهانگير، شاهجهان اورنگزيب ۽ سندن پوين جي دور حڪومت وقت هتان جي ماڻهن جي سماجي زندگي متعلق هئا. جنهن نقطي متعلق آءٌ هتي لکي رهيو آهيان، انهي متعلق سنڌ جي معاملي ۾ تمام ٿورو ۽ سطحي مواد مليو آهي.

هن تاريخي مواد جي آخر ايڏي اهميت ڇو آهي؟

شاهه عبداللطيف واري دور 1690ع کان 1760ع تائين مقامي مؤرخ منهنجي ڪا ٿوري گهڻي مدد مس ڪري ٿا سگهن. انهن جي ناقص هجڻ جو هڪ سبب ته حادثاتي آهي، جو هو ان دور کي تفصيل ۽ تشريح سان بيان ئي ڪونه ٿا ڪن، جنهن دور جي مون کي سخت ضرورت آهي. ٻي سندن اها به خاصيت آهي ته انهن جهانگير واري دور کان پوءِ جي واقعن کي ڄڻ بي دليو بيان ڪيو آهي. سنڌ جون مقامي مکيه تاريخون پنج آهن: تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، تاريخ طاهري، بيگلار نامه ۽ ترخان نامه، اهي سڀ ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل آهن. اها هن ملڪ جي حڪمران خاندانن جي سرڪاري زبان هئي ۽ اهو طريقو انگريزن جي فتح تائين قائم رهيو.

’تاريخ سنڌ‘ مير معصوم بکريءَ لکي هئي، جيڪو سنڌ جي تاريخ تي هڪ ضخيم ڪتاب آهي، پر هيءَ تاريخ به 1592ع ۾ اڪبر جي شاهي فوجين هٿان سنڌ جي فتح ۽ ٺٽي جي مرزا جانيءَ جي گرفتاريءَ کان پوءِ ڪجهه به ڪانه ٿي لکي. مير محمد معصوم، ڪرمان جي شيرازي حسيني خاندان مان هو ۽ بکر ۾ ڄائو هو. سندس تعلق سيدن جي عالم گهراڻي سان هو. هن تاريخ سنڌ جي تصنيف 1600ع ۾ پنهنجي پٽ جي ذهني سڌاري لاءِ ڪئي ۽ ڪتاب کي بزرگن ۽ ولين جي ڪرامتن سان ايترو ته ڀري ڇڏيو اٿائين جو سائنسي طريقي جي مؤرخن جي نظر ۾ ان جو معيار گهٽجي وڃي ٿو.

’تاريخ طاهري‘ مير طاهر محمد نسيانيءَ جي تصنيف آهي، جيڪو ٺٽي جي سيد حسين جو فرزند هو. مصنف ۽ سندس خاندان ٻن پيڙهين کان وٺي، ٺٽي جي حڪمران خاندان ارغون ۽ ترخان سان لاڳاپيل هو. اڪبر، ترخانن کان فتح ڪري سنڌ کي دهلي سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيو. تاريخ طاهري 1621ع (1030هه) ۾ لکي پوري ڪئي ويئي هئي. هي ڪتاب پنهنجي پڙهندڙن کي 1621ع ۾ مرزا غازي بيگ کي قنڌار ۾ زهر ڏئي مارڻ واري واقعي تائين پهچائي خاموش ٿي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي تاريخي نقطه نگاه کان اهميت رکندڙ مواد نظر اچي ٿو. اسلوب نهايت پرڪشش ۽ رنگين آهي، جيڪو تاريخي ڪتابن ۾ تمام گهٽ هوندو آهي.

’بيگلار نامه‘ امير سيد قاسم بيگلار لکيو آهي، جنهن جو تعلق سمرقند جي ترمذي ساداتن سان آهي. هيءُ سيد شاه حسن ارغون جي زماني ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ سنڌ جي ڀٽي خاندان مان شادي ڪيائين. سندس تصنيف اٽڪل روءِ 1628ع ۾ لکجي پوري ٿي، جيڪا تاريخي نقطهءِ نظر کان گهٽ اهميت واري آهي. هن جي گهڻي دلچسپي ترخان گهراڻي جي ننڍن واقعن سان هئي، خاص طور تي مارڌاڙ واري شغل سان، جنهن ويرسي گهراڻي جي عمرڪوٽ جي راجا کي لٽيو ماريو هو ۽ جنهن گهراڻي مان هن سيد زادي شادي به ڪئي هئي.

’ترخان نامه‘ سيد جمال جي تصنيف آهي جيڪو مير جلال الدين حسيني شيرازيءَ جو فرزند هو. ان به گهڻو ڪري تاريخ سنڌ ۽ تاريخ طاهري تان استفادو ڪيو آهي ۽ مرزا محمد صالح جي ساراه جا ڍڪ ٿو ڀري، جيڪو دهلي سلطنت جو سلام ڀرو هو، جنهن جي بدلي کيس انعام اڪرام به ملندا هئا. انهن مان هڪ ٺٽي جي صوبيداري ۽ ان کان پوءِ کيس گجرات جي صوبيداري به ملي. هيءَ تاريخي تصنيف 55-1654ع ۾ لکجي پوري ٿي ۽ تاريخي طور تمام گهٽ معيار جي آهي. تحفة الڪرام سنڌ جي هڪ رهاڪوءَ جي ضخيم تصنيف آهي. هيءُ ڪتاب مصنف جي حياتيءَ تائين همه گير تاريخ آهي. جيڪا ٽن جلدن تي مشتمل آهي. ٽيون جلد خاص طور تي سنڌ سان تعلق رکي ٿو. ان جو مصنف مير علي شير ٺٽي جو رهاڪو آهي. تحفة الڪرام ۾ گهڻو ڪجهه تاريخي مواد آهي پر اهو فقيرن بزرگن جي غير معياري ڳالهين ۽ ولين جي معجزن سان ڀريو پيو آهي، جنهن ڪري مجموعي طور تي سندس اهميت گهٽجي ويئي آهي. هيءَ تصنيف سنڌ جي تاريخ کي ميان سرفراز ڪلهوڙي جي وفات تائين وٺي اچي ٿي ۽ سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته اها 1773ع ۾ لکجي پوري ٿي. هيءَ تصنيف گهڻو ڪري ان دور تي روشني وجهي ٿي جنهن دور جي مون کي ضرورت آهي ۽ هيءُ ڪتاب جيڪڏهن تاريخي معيار مطابق لکيو وڃي ها ته امُل موتي تصور ڪيو وڃي ها. هيءُ تاريخ جو پنهنجي نوعيت جو هڪ الڳ ڪتاب آهي، پر ٻين مشرقي تاريخن جيان هي به غلطين کان پاڪ ڪونهي. ٻئي طبقي جي مقامي تاريخن مان به عام طور مغل دور تي ۽ خاص طور سترهين صدي ۽ ارڙهين صديءَ واري دور تي لکيل تصنيفن مان ’آئين اڪبري‘، جنهن دور جو آءٌ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، ان کان پوري هڪ صدي اڳ جو لکيل آهي پر تنهن هوندي به ڏاڍو ڪارآمد آهي. ٻيون به ڪيتريون ئي تصنيفون آهن، تن ۾ ڪن ته سنڌ جو ذڪر ڪيو ئي ڪونهي، ڪن وري ڪيو آهي ته تمام ٿورو. ان جو سب سنڌ جي الڳ ۽ انفرادي حيثيت آهي، جنهن جو آءٌ اڳ ۾ ئي ذڪر ڪري آيو آهيان. اهڙي قسم جون تصنيفون مغل شهنشاهي دور جي جهانگيري حڪمراني کان وٺي ارڙهين صديءَ جي وچ تائين ان جي زوال جي سببن تي روشني وجهن ٿيون. ٻئي طبقي جي تصنيفن مان جهڙوڪ مورلئنڊ جو ’انڊيا ائٽ دي ڊيٿ آف اڪبر‘ يا ’فرام اڪبر ٽُه اورنگزيب‘ جيڪو نهايت خبرداريءَ سان لکيو ويو آهي يا آرون جا، مغلن جي پوئين دور تي اڻڳڻيا مضمون، ونسينٽ جو ’اڪبر دي گريٽ مغل‘، لين پول جو ’اورنگزيب‘ ۽ فاروقيءَ جو اورنگزيب جي حڪمراني بابت ڪتاب تمام سٺيون تصنيفون آهن. هن ڪتاب جي آخر ۾ ببليوگرافي (ڪتابن جو وچور) ڏنل آهي، جن مان ڪن ۾ سنڌ جي مطالعي متعلق قيمتي مواد آهي، جيڪو 1600ع کان 1750ع تائين روشني وجهي ٿو. اهي يا ته همعصر مؤرخن جون لکيل آهن يا وري انهن جديد مصنفن جون لکيتون آهن، جن جا ماخذ ڄاڻايل ڪتاب آهن. وچولي دور واري سنڌ متعلق مستند احوال عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ لکيل تاريخن مان ملي ٿو. انهن مان گهڻين جو ذڪر هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل ببليوگرافي ۾ آندو ويو آهي.

مقامي مؤرخن جي مضمون کي ڇڏڻ کان اڳ ۾ اسان سندن خامين متعلق ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا،ان لاءِ سر ايڇ- ايم ايلٽ کان وڌيڪ ڪو ٻيو ماڻهو اهل ڪونهي، جنهن هڪ اعليٰ معيار جو ڪتاب "History of India as told by Its own Historians" لکيو آهي. عام طور تي ايليٽ اهڙي قسم جي تصنيفن متعلق لکي ٿو ته، ”هندوستان جي مقامي مؤرخن جون سڀ تصنيفون بلڪل بيڪار آهن ۽ اهو گهڻو ڪري سڀني مسلمان مؤرخن لاءِ به چئي سگهجي ٿو سواءِ ابن خلدون جي. انهن جي خيال مطابق معاشرو غور ڪرڻ جي لائق آهي ئي ڪونه، پوءِ اهو ان جو روايتي ڪارج هجي يا ان جون مڃيل مراعتون، ترڪيبي عنصر هجن يا قائم ڪيل طبقن ۾ گڏيل تعلق هجي، مشهور ادارن ۾ ان جي خانگي ڇَڏَ ڇُوٽ هجي يا عام رواجي لڳ لاڳاپا هجن. تجارت، زراعت، مقامي پوليس يا مقامي عدالت، انهن جا احوال به نامڪمل آهن. ڪابه حقيقت، ڪابه ڳالهه، ڪابه راءِ جيڪا ڪنهن به عام ماڻهوءَ جي حالت جو مثال پيش ڪري يا ان ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪري، جيڪو ڪنهن وڏي امير جو زيردست آهي، ته اهڙي ڳالهه توجهه ڏيڻ جي لائق سمجهي ئي ڪانه ويندي آهي، ۽ اهميت فقط نوابن، اميرن، وزيرن يا تخت تي ويٺل شهنشاهن کي هوندي آهي(1). گهڻن مقامي مؤرخن ته شاهي دربار ۾ چاپلوسيءَ لاءِ ٿي لکيو، يا حڪمران طبقي جي ڪاميابين تي قطهءِ تاريخ لکي. کين غريبن، مفلسن ۽ محتاجن جي زندگي سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي. هنن ڪڏهن ان جاگيرداراڻي معاشري جي اقتصادي ڍانچي متعلق ڪجهه به ڪونه لکيو، جنهن ۾ هو خود رهندا هئا. درحقيقت اهي هن ڳالهه کي سمجهي ئي ڪونه سگهندا هئا. جديد سائنسي تحقيق جيڪا اڄ انسانن جي باهمي رابطن، ثقافت ۽ تهذيب تي ڳنڀير نموني سوچي ٿي، ان کان اڳ هر تاريخ اهڙين ڄاڻايل خامين سان ڀريل هئي. اهڙا نقص وچولي دور وارن ۽ مغل شهنشاهيت سان لاڳاپيل مؤرخن ۾ عام جام ڏسي سگهجن ٿا، جن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار بادشاه جي خوشنودي حاصل ڪرڻ تي هو. حڪمران اهڙي ڪنهن مؤرخ کي برداشت ڪونه ڪندا هئا، جيڪو سندن ڪم عقلي، هٺ، وڏائي ۽ عدم دلچسپيءَ بابت لکندو هو يا سندن اهميت کي ظاهر ڪونه ڪندو هو. سماجي معاشرتي تاريخ جو مطالعو جديد سوچ آهي ۽ اهو ممڪن تڏهن ٿيو جڏهن مفڪر قسم جي مصنفن پراڻي دور سان واسطو رکندڙ اساسي تنگ نظريءَ کي خيرآباد چيو ۽ جڏهن معاشي عنصر کي انسان ذات جي زندگيءَ جي مقصدن جي ترقي لاءِ اهم محسوس ڪيو ويو. اهڙي قسم جو مطالعو، ثابتين جي پرکڻ تي مدار رکي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن حڪمران جون عارضي فتحون يا فوجي مهمون تمام غير اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ ارڙهين صديءَ وارو انگلينڊ، جتان جي دانشورن جي هورا کورا، لاتعداد لڪل ۽ غير معمولي ڪردارن کي ڳولڻ ۾ لڳل هئي، جنهن مان اقتصاديات جي تشريح ۽ گهرو تاريخ کان لنوائڻ جي ساڳين لاڙن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، هن نقطي کي ’جانسنس انگلينڊ‘(1) جي مهاڳ ۾ چڱيءَ پر واضح ڪيو ويو آهي. ان ۾ هن طرح راءِ جوڙي ويئي آهي: ”ماضيءَ جي گهڻ رنگي زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪجي، سو اهو تمام ڏکيو ڪم آهي .... جنهن کي معاشرتي تاريخ چئجي ٿو، سا هن دور ۾ سياسي تاريخ کان وڌيڪ پرڪشش لڳي ٿي، پر ان کي سولو سمجهڻ وڏي غلطي آهي. عام طور تي ماڻهو پنهنجي دور جي سياست کي گهڻو دلچسپ سمجهندو آهي، تنهن ڪري ان جو وڏي وات بيان پيو ڪندو آهي ۽ ٻيو خواه مخواه تبصرا ڪندو آهي، توڙي جو پوئين دور جي نسل واسطي اهي بلڪل بيڪار ۽ واهيات هجن، ٻئي طرف روزمره جي زندگي جي ڏيتي ليتيءَ جي تشريح، ان هورا کورا کي وائڙو ڪري ڇڏي ٿي. انهن کي اهو سڀ ڪجهه گهڻو گهٽ پيو محسوس ٿيندو، پوءِ ان کي يقيني طور تي لکي محفوظ ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو هنن اهم مؤرخن، جهڙوڪ ونسينٽ سمٿ، لئن پول مورلئنڊ، ۽ سرڪار جو پورهيو سترهين ۽ ارڙهين صدي جي معاشرتي زندگي کي سمجهڻ لاءِ اڻ ملهه وٿ بنجي پيو آهي. جيتوڻيڪ انهن مان ڪنهن به مؤرخ 1690ع کان 1760ع واري سنڌ تي حوالن کان سواءِ ڪجهه به ڪونه لکيو آهي پر پوءِ به ان دور جي سنڌ جي گهرو ۽ معاشرتي تاريخ مذڪوره عظيم مؤرخن جي وڏي محنت سان لکيل جامع تصنيفن جي مطالعي کان سواءِ پوريءَ ريت سمجهه ۾ ڪانه اچي سگهي ها. ببليوگرافيءَ جو مطالعو جنهن جي مٿان مذڪوره مصنفن جي تصنيفن جو مدار آهي، سو به بذات خود ڄڻ انهن تصنيفن جي تعريف آهي. عا طور مقامي مؤرخن کي مڪمل طور تي نامعقول ۽ ناقص ۽ کٽل طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي خارجي ثابتين کان خالي آهن، سي هن ڪتاب جي لکت ۾ مددگار ثابت ڪونه ٿيندا.

بهرصورت جڏهن اسان سنڌ کان ٻاهرين ثابتين تي غور ڪريون ٿا ته اسان پاڻ کي مُستند حقيقتن جي مضبوط بنيادن تي بيٺل ڏسون ٿا ۽ ان دنيا ۾ پهچي ٿا وڃون، جيڪا پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجي رازن جو لاڀ ڏيڻ شروع ڪندي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ اسان کي ڪيترا خال نظر اچن ٿا جيڪي اسان کي اصولي بنيادن تي قائم ڪيل تاريخ سان لاڳاپيل فيصلن ۽ صحتمند اندازن سان ڀرڻ گهرجن، پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي معاملي ۾ ٻاهرين شاهدي جيڪا 1690ع کان 1760ع واري دور سان واسطو رکي ٿي، سا افسوسناڪ حد تائين نامڪمل آهي. مون کي پورو يقين آهي ته هيءَ تصنيف دستياب مواد کي، توڙي جو اهو ڀڳل ٽٽل هوندو، هڪ سائنسي ضابطي مطابق معقول مرمت سان خال ڀري، سلسلي کي جوڙي ڇڏڻ ۾ ضرور ڪامياب ويندي.

هاڻي اهو ضروري آهي ته ٻاهرين شهادتن جي حيثيت کي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسون، جيڪي هن طرح آهن:

(الف) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سنڌ ۾ رڪارڊ، جيڪو سترهين ۽ ارڙهينءَ صدي سان واسطو رکي ٿو ۽ ان جي ڪارخانن جو 1662ع کان 1758ع تائين مڪمل بند ٿي وڃڻ.

(ب) يورپي سياحن جون سنڌ ۽ هندوستان بابت شهادتون، جيڪي مغل سلطنت جي پوئين 150 ساله دؤر سان واسطو رکن ٿيون.

(ج) سنڌ جي انگريز حڪومت ۾ باقائده شامل ٿي وڃڻ مهل همعصرن جون شاهديون ۽ دستياب رڪارڊ جون ثابتيون. سياحن ۽ مبصرن جون لکتون، جن بذات خود اچي سنڌ ۾ مغل انتظاميا جي باقيات کي پنهنجي اکين سان ڏٺو، جيڪو 1800ع کان 1850ع جي دور سان واسطو رکي ٿو. هن قسم جي لکتن کي صحيح نموني سان استعمال ڪري، مقامي تاريخ کي خامين کان پاڪ بنائي سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1636ع ۾ پهريون ڪارخانو کوليو، جيڪو 1662ع ۾ بند ڪيو ويو. ٻيو دفعو 1758ع ۾ ڪارخانو کوليو ويو، جيڪو پوءِ 1775ع ۾ بند ڪيو ويو. هنن ٻنهي دورن وارن ڪارخانن جا دفتر، سنڌ جي حالتن جون سڌيون شاهديون ڏين ٿا. ڪمپنيءَ جا واپاري ڪمپنيءَ طرفان ٻاهر موڪليا پئي ويا ۽ جيتري قدر انهن ۾ حالتن جي بيان ڪرڻ جي صلاحيت هئي، اهي ڏاڍيون قيمتي ۽ سڌيون شاهديون آهن. حقيقت ۾، ڪمپنيءَ جا سرڪاري خط، جيڪي ڪمپني جي اهلڪارن پنهنجي هيڊ آفيس کي پهرين سورت پوءِ بمبئي ڏانهن موڪليا هئا، سي سنڌ جي صورت جي ڏاڍي چٽي تصوير ڏيکارين ٿا. انهن ثابتين جو ڪجهه حصو بمبئي آفيس جي رڪارڊ ۾ ڪجهه حصو انڊيا آفيس جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. سر وليم فوسٽر، انڊيا آفيس لائبرريءَ مان تحقيق ڪري سترهينءَ صدي واري ڪارخاني متعلق ڪارائتو مواد مهيا ڪيو آهي. بمبئي حڪومت جي رڪارڊ ۾ به ڪيترائي خال آهن، پوءِ به ڪافي ڪجهه مواد محفوظ آهي، جيڪو مؤرخن کي ان منصوبي پوري ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، بمبئي جي رڪارڊ آفيس ۾ جيڪي ارڙهين صديءَ جي ڪارخاني متعلق لکتون آهن، سي مڪمل آهن، جيڪي سنڌ جي ان وقت جي سنگين حالتن جون پڪيون شاهديون آهن، ان وقت مغل طاقت ڀڄي ڀور ٿي رهي هئي، ڪلهوڙا سنڌ کي آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ جُنبيل هئا. سک، پٺاڻ ۽ مرهٽا هڪ ٻئي جا سياسي دشمن هئا ۽ مغل شهنشاهيت جي ڪنهن حصي کي پاڻ لاءِ چورائڻ ڪارڻ رات ڏينهن رڌل هئا. اها وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ واري دور (1752-1989ع) تي روشني وجهڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو رڪارڊ بلڪل خالي آهي. حقيقت اها آهي ته هن عظيم شاعر جي جنم کان هڪ نسل اڳي جون ثابتيون ميسر آهن ۽ انهن واقعن جون ثابتيون پڻ موجود آهن، جيڪي شاعر جي وفات کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ رونما ٿيون. مان ان متعلق، بمبئي آفيس رڪارڊ مان فقط هڪ حوالو(1) هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان. اهو واقعو سنڌ ۾ ۽ شاعر جي زندگي دوران ٿيو ۽ اهو غير اهم آهي.

اهڙن خالن سان ڀريل، يورپي سياحن جي لکتن جو رڪارڊ به آهي. سترهين صديءَ جي آخر تائين هندوستان ۾ اچڻ وارن يورُپي سياحن جو تعداد تمام گهڻو آهي. جن مان گهڻا ته ڪنهن خاص دور سان تعلق رکن ٿا. خاص طور تي، سترهينءَ صديءَ جو چوٿون، پنجون، ۽ ڇهون ڏهاڪو انهن يورُپي سياحن سان ڀريل نظر اچي ٿو، جن پنهنجي تاثرن جا رڪارڊ ڇڏيا آهن. وري ساڳيءَ صديءَ جي پڇاڙي ۾ به يورپ جا گهڻا سياح هندوستان ڏانهن آيا، جن پنهنجي پٺيان ڪارخانن جي ڪارڪردگي بابت تاثر لکيا. انهن پنهنجي اکين سان هندوستان جي ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو. انهن پراڻن يادگارن ۾ سنڌ جو تمام ٿورڙو حصو آهي پر ان کي مڪمل طور وساريو ڪونه ويو هو. جيتوڻيڪ برنيئر، ٽيوَرنَيئر ۽ ٿيوِناٽ سنڌ ۾ ڪونه آيا ۽ کين چوڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هو. البت نڪولس وٿنگٽن جيڪو 1616ع ۾، هڪ عجيب مهم جوُ سفر جو شڪار ٿيو. فادر مئنرڪ 1640ع ۾ نڪولائو مينوسي، جيڪو 1655ع ۾ هڪ سپاهي جي حيثيت ۾ بکر جي گهيري ۾ شريڪ هو ۽ 1699ع ۾ ڪئپٽن اليگينڊر هئملٽن هو، جن سڀني هن ڌرتي جي ياترا ڪئي ۽ پنهنجي پٺيان آمٽ نشانيون ڇڏي ويا. انهن مان آخري سياح اهو آهي، جنهن شاهه عبداللطيف جي زماني ۾ سنڌ ڏٺي ۽ ان بابت لکيو آهي. عام طور تي مغل سلطنت جي ڏينهن ۾ يعني سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ سنڌ جي صورتحال متعلق گهڻو مواد آهي، سنڌ ۾ مغل سلطنت جي طرز ۽ ڍنگ بابت جيڪي شاهديون آهن، خاص طور تي سترهين صديءَ جي مخصوص وقت ۽ ارڙهين صديءَ جي مخصوص دور ۾ اهي ايڏيون ته وسيع لکتون آهن جو، انهن سان 1690ع کان 1760ع وارا ڇڏيل خال ته تاريخ سان ٽمٽار وسيع مواد جي موجودگي ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي ڀري سگهجن ٿا. 1843ع ۾ سنڌ جي انگريز حڪومت ۾ شامل ٿيڻ سان ڄڻ تاريخ متعلق هر قسم جو وسيع موا ملي ويو، جيڪو سنڌ جي سماجي حالتن سان لاڳاپيل ۽ سنڌ جي فتح وقت هتي موجود هو. هن کان ٿورو وقت اڳ سنڌ پاڻ ڏانهن ڪمپنيءَ جي اهلڪارن ۽ سياحن کي متوجه ڪرڻ شروع ڪيو هو. 1799ع ۾ مسٽر ناٿن ڪرو ملڪ گهمي ڦري ڏسي، ڪلهوڙا دور تي هڪ قيمتي تاريخ جوڙي. 1809ع ۾ مسٽر هينڪي سمٿ جي سربراهيءَ ۾ برٽش مشن حيدرآباد آيو. ان کان چار سال پوءِ پوليٽيڪل آفيسر جهڙوڪ ڪرنل پاٽنگر، لفٽيننٽ ڊيل هوسٽي پنهنجي املهه تاثرن کي قلمبند ڪيو. 1826ع ۾ هڪ آمريڪي سياح مئسن، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ جي سفر متعلق خبرون ٻڌائي ٿو. 1826ع ۾ ڊاڪٽر برنس، ميرن جي دربار ۾ آيو ۽ اهڙو ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ موجود حقيقتن ڄاڻڻ واسطي پويان نسل هميشه خواهشمند رهندا. اوڻويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ بيشمار مبصرن سنڌ متعلق پنهنجا بيان قلمبند ڪيا آهن، جن مان ڪي ته املهه هئا جهڙوڪ پوسٽنس، رايل نيوي جا آفيسر، جيڪي سنڌ درياهه کي جانچي واچي ڏسڻ لاءِ رکيا ويا هئا. چوٿين ڏهاڪي ۾ افغانستان سان جنگ جي ڪري سنڌ هڪ ’خبر‘ بنجي ويئي ۽ ڪيترا سياح ان کي ڏسڻ لاءِ ڌوڪي آيا. سنڌ کي انگريز حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن جي ڪري مسٽر برٽن جي تصنيفن کان واقف ٿياسون، جيڪي سٺيءَ ڄاڻ سان ڀرپور هيون ۽ اهوئي ماڻهو لکي سگهيو ٿي، جيڪو زباندانيءَ واري اڻلڀ ڏات جو مالڪ هجي.

سڌين ۽ سهيوڳي ثابتين جي ٿورائي ۾ هجڻ جي باوجود، خبرداري سان گڏ ڪيل مختلف ڄاڻ جي معتبر ذريعن وسيلي هڪ مؤرخ ارڙهين صديءَ واريءَ سنڌجي سماجي زندگيءَ جي چڱيءَ پر چترڪاري ڪري سگهي ٿو. سڀني شين کي آڏو آڻي جاچي پرکي ڪو آخري فيصلو ڪرڻ نامناسب ڪونهي. سبب اهو آهي ته اهو چوڻ ٺيڪ ڪونه ٿيندو ته 1730ع واريون سنڌ جون حالتون 1699ع جي حالتن کان مختلف نه آهن (جنهن لاءِ سڌيون شاهديون موجود آهن). نه ئي وري اهي 1758ع وارين حالتن جهڙيون هيون، (جڏهن وڌيڪ ثابتيون به دستياب آهن) اهو چوڻ ڪڏهن به صحيح ناهي ته 1700ع کان وٺي 1758ع تائين سنڌ جي حالتن جو اندازو اڳين ۽ پوئين صورتحال کي نظر ۾ رکي ڪري سگهجي ٿو. انهن بيانن جي سچائي ان حقيقت ۾ زنده آهي ته حڪومت جو انتظامي سرشتو شاهجهان جي موت کان وٺي سر چارلس نيپئر تائين بلڪل ساڳيو رهيو. سنڌ جي چئن وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جي ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ اڀرڻ جي باوجود اقتصادي بنيادن ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. انهن شهرن نصرپور، ٺٽي ڪنڊياري، روهڙي، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن کي، جيڪي اڳ ۾ اقتصادي ڍانچي ۾ شامل هئا، سندن اقتصادي جڳهن کان پوئتي هٽائي ڇڏيو هو، ان حقيقت کان سواءِ پڻ سماجي طبقن جي زندگيءَ ۾ ڄڻ جمود اچي چڪو هو. انهن حالتن جو سبب اهو هو ته سنڌ کي باقي هندوستان کان ڪاٽي الڳ ڪيو ويو هو. ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران خاندانن پنهنجي حڪمت عملي سان سنڌ کي هڪ الڳ آزاد مسلمان رياست بنائي وڌو هو ۽ ٻيءَ دنيا سان انهن ڪوبه رابطو ڪونه رکيو. هن مسلمان رياست جي اندروني جوڙجڪ سنڌ جي فتح وقت معلوم ٿي ويئي. انهيءَ وقت موجود سخت ڇڪتاڻ سبب هڪ غلط روايت جنم ورتو ۽ انگريزن کان اڳ جي حڪومتن جي گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ جو رواج شروع ڪيو ويو، اها ڳالهه ثابت ڪري سگهجي ٿي ته وڪٽوريا دور جي اڪثر مؤرخن انصاف ڪونه ڪيو ۽ منجهن پاڻ پڏائڻ وارو احساس برتري موجود هو، جيڪو سندن دور جي خصوصيت به هو. هنن کي انگريزن سان ڳنڍجڻ واري عمل کي تهذيبي اثرن واري نظريي تحت صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ڪرڻو پيو، پوءِ چاهي سندن مرضي هئي يا نه.

اها هڪ حقيقت آهي ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ مغل سرشتي کي وڌيڪ جديد شڪل ۽ صورت ۾ ورتايو ويو هو ۽ انهن کي، وقت جي ضرورت موجب عوامي انتظام رکڻ جو هڪ جواز به هو. اهو هڪ نقطهءِ نظر هو، جيڪو سر چارلس نيپئر ۽ برٽن کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ۽ ٻنهي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اوڻاين، بيوقوفين ۽ ظلمن کي وڏي اهميت ڏني آهي، انهن وٽ ايئن ڪرڻ لاءِ سبب ب هو، جنهن کي هو ختم ڪري ڪونه سگهيا. اهڙي ريت سر چارلس نيپئر واري سنڌ کي اسان جيڪڏهن تمام باريڪ بينيءَ سان ڏسون ٿا ته اها اسان کي شاهه عبداللطيف جي دور جي آخر ۾ حڪومت ڪندڙ غلام شاهه ڪلهوڙي جي سنڌ کان گهڻي مختلف نظر ڪانه ايندي. اهڙي ريت غلام شاه ڪلهوڙي واري سنڌ ڪنهن ٿوري سڌاري ۽ ترقيءَ جي فرق کان سواءِ اڪبر، جهانگير، شاهجهان ۽ اورنگزيب جي دور واري سنڌ کان مختلف ناهي. هن ڪتاب جي آخري بابن ۾ انهيءَ ڳالهه جي تائيد ۾ مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. فيصلن قائم ڪرڻ لاءِ ذريعن جا حوالا ڏنا ويندا. ببليوگرافي شاگردن ۽ دانشورن کي ان لائق بنائيندي ته جيئن اهي انهن فيصلن جي سچائيءَ کي پاڻ جاچي پرکي ڏسن.

ارڙهين صديءَ جو پهريون اڌ، جنهن ۾ اقتدار مغلن کان ڦري ڪلهوڙا خاندان وٽ آيو

ڪلهوڙن جي تاريخ کي چڱيءَ ريت سمجهڻ لاءِ اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سندن مغل انتظاميا سان ڪهڙي نموني جو واسطو هو، جنهن کي اڌ صديءَ ۾ ٻاهر ڪڍي پاڻ اقتدار ۾ آيا ۽ اهڙي نموني سان هنن پاڻ ڪيئن ٽالپرن کي ساڳيو اقتدار ڏنو. 1592ع ۾ جڏهن اڪبر سنڌ فتح ڪئي ته هن مرزا جاني بيگ ترخان کي، جيڪو وچ ايشيا جي ارغون خاندان سان تعلق رکندو هو، شڪست ڏيئي سنڌ کي مغل سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيو. ان وقت مغل سلطنت جي انتظاميا جي جوڙجڪ، جيئن ڪنهن ٻئي هنڌ هئي، تيئن سنڌ ۾ به مقرر ڪئي ويئي. اسان ’آئين اڪبري‘ ۾ ان انتظامي جوڙجڪ جي لازمي جزن کي ڏسون ٿا ۽ انهن مان ڪن کي سنڌ سان لاڳو ڪرڻ بابت ڪجهه تفصيل پڻ نظر اچن ٿا. مغل سلطنت جي حصي بنجڻ کان پوءِ سنڌ ۾، مغل انتظامي سرشتي جو ڪيتري قدر عمل دخل رهيو؟(1) سو چٽيءَ طرح واضح ڪونهي، پر اهو ممڪن نٿو لڳي ته ڪو سنڌ حڪمرانن جي مڪمل ضابطي هيٺ هجي. اسان کي اها پڪي خبر  آهي ته اتر ۽ ڏکڻ سنڌ کي گهڻو دير سان ملائي هڪ ڪيو ويو هو، جيڪي ڪڏهن الڳ ڀاڱا هئا. حقيقت ۾ جنهن وقت 1843ع ۾ ٽالپر دور جو خاتمو ٿيو ته ان وقت سنڌ جي گڏيل حيثيت ۾ گمان ڪري سگهجي ٿو. ميرن جي حڪمرانيءَ جو خاص پهلو اهو به آهي ته سنڌ جي حڪومت جو انتظام ٽن مختلف ماڻهن جي هٿن ۾ هو، جن جي انتظام هيٺ ڌار ڌار ايراضيون هيون، پر منجهن انتظامي طريقو اهڙو هو جو تضاد ۽ تڪرار تمام گهٽ هوندو هو. ميرن جي ملڪي انتظام جي ان پهلوءَ مؤرخن کي گهڻو متاثر ڪيو آهي، ڇو جو اهو ناياب ۽ توجهه لائق ڪارنامو هو. مطلب ته 1843ع واري دور تائين، پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اتر ۽ ڏکڻ سنڌ کي ملائي هڪ ڪرڻ وارو عمل مڪمل ڪونه ٿيو هو. جڏهن اڪبر جي دور ۾ سنڌ کي مغل سلطنت سان ملايو ويو ته ان کي ملتان جي صوبي سان شامل رکيو ويو ۽ ان جون ٻه سرڪاريون بنايون هيون. اتر سنڌ ۾ بکر جي سرڪار ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي دوآبي ۾ ٺٽي جي سرڪار، اهي ٻئي سرڪاريون ٻن جدا گورنرن جي هٿ هيٺ هيون. سندن حقيقي اختيار ڪيتري حد تائين هو، ان جو به پوريءَ ريت پتو نٿو پوي. اتان جا گورنر پوري صدي تائين ترخان خاندان مان مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ بعد ۾ سندن مقرريون هندوستان جي مغل شهنشاهه جي هٿ ۾ رهيون. اهي مغل سلطنت جي جاگيردار آفيسر شاهي جا فرد هوندا هئا، جيڪي ساري انتظاميا تي ضابطو رکندا هئا شاهجهان جي دور کان وٺي ارڙهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ مغل طاقت جا نگهبان سلطنت جي ٻين حصن مان مقرر ٿي ايندا هئا، ڪنهن مقامي سنڌيءَ جو تقرر ڪڏهن ڪو اتفاقي ٿيندو هو. ڪلهوڙا خاندان جي اهميت ان ڪري به آهي ته جڏهن کان وٺي هو سنڌ اندر هڪ مستحڪم سياسي قوت بنيا ته اهو نظام بدلجي ويو ۽ مغل سلطنت جو سنڌ ۾ نمائندو مقامي سنڌي ٿيڻ لڳو. اهو سلسلو هيئن شروع ٿيو ته پهرين ڪلهوڙا ننڍا جاگيردار ۽ پنهنجي قبيلي جا سردار هئا ۽ بعد ۾ ايڏا طاقتور بڻجي ويا جو ٻنهي سرڪارين جي نوابي به کين ملي ۽ آخر ۾ اتر ۽ ڏکڻ سنڌ کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب ويا. جن جا صدر مقام بکر ۽ ٺٽو هئا. نادر شاهه جي حملي وقت 1737ع ڌاري هيءُ خاندان سنڌ کي هڪ آزاد رياست جي حيثيت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويو. آزادي ان ڪري مؤثر ثابت ٿي، جو دهلي پنهنجي مسئلن ۾ ڦاٿل هئي ۽ اهڙين زيادتين کي روڪڻ کان گهڻو پري هئي. بهرحال اصولي طور تي ڪلهوڙا دهلي سلطنت جا ماتحت هئا. دهليءَ پاران محصول اوڳاڙڻ يا معاف ڪرڻ ۽ امن امان بحال رکڻ لاءِ ذميدار رهندا هئا. 1760ع ڌاري ڪلهوڙي شهزادي غلام شاهه جي حڪمران بنجڻ تائين به (غلام شاهه کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي خطن ۾ سنڌ جو شهزادو سڏيو ويو آهي) اهڙا ڪي عناصر هئا جن گڏيل اقتدار جي مزاحمت ٿي ڪئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي رڪارڊ ۾ چٽيءَ ريت ڪلهوڙن جي لاڙ جي ڄام خلاف ويڙهه جو حوالو ملي ٿو. اهو ڄام بيشڪ سنڌ جو سمون هو ۽ ان سما خاندان جو فرد هو، جنهن جي وچ ايشيا کان ايندڙ حڪمران قبيلن کان پهريائين سنڌ ۾ حڪومت هئي. آخر ۾ انهن قبيلن کي 1592ع ۾ اڪبر بادشاه شڪست ڏني هئي.


 


Lower Indus Valley = سنڌ

Upper Indus Valley = پنجاب

Lower Sind = لاڙ

(1) البت اهو چوڻ صحيح نه ٿيندو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي آڏو سندس نصب العين سڄي هندوستان جي حڪومت هٿ ڪرڻ نه هو. سال 1688ع ۾ جان چائيلڊ جي زور ڀرڻ تي هيءَ رٿ بحال ڪئي وئي، جنهن ۾ لکيل آهي ته : ’ڪمپنيءَ جو اٽل ارادوسندس ملڪي خودمختيار قوت جي بنيادن تي واپاري برتري جو تحفظ حاصل ڪرڻ هو ۽ ٻيءَ صديءَ کي به ان ۾ ملائڻ، اڳواٽ پنهنجي نظر ۾ رکيو ويو هو.‘ (البرٽ- گورنمينٽ آف انڊيا، ص: 24) اهو هن ريت آهي ته: ’محصول وڌائڻ اسان جي واپار جو مکيه مقصد هوندو. اهڙي طريقي سان اسان کي پنهنجي فوجي طاقت ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو، ائين نه ٿئي جو ڪي حادثا اسان جي واپار کي بيهاري ڇڏين. اهڙيءَ ريت اسان کي هندوستان جي هڪ قوم بنجڻو پوندو.‘ (البرٽ – گورنينٽ آف انڊيا، ص: 27) ڊائريڪٽرن جي لفظن ۾ سندن مقصد اهو به هو ته وسيع ۽ مضبوط بنيادن تي هميشه لاءِ انگريزن جي پڪي حڪومت جو هندوستان ۾ پايو رکجي.

(ڏسو، ميريٽ- دي انگلش ان انڊيا- ص: 63-64)

(1) ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون پهريون فتحون اهڙن فوجين جي ڪري هيون جيڪي ڄڻ ڀاڙيتو ڳنوارن جو ميڙاڪو هئا، جن ۾ نه تنظيم هئي ۽ نه وفاداري. ان وقت جي هندوستاني فوجي ڪرائي تي وڙهندڙن جو جٿو هئا، جن کي ڪمپنيءَ جا ڪئپٽن اکيون ٻوٽي رول تلوار بردارن ۽ ڪرائي تي ويڙهاڪن مان پيا ڀرتي ڪندا هئا، خاص طور ايشيا جا ڌاريا ماڻهو، جن هندوستان جي ماڻهن کي تنگ ڪري ڇڏيو هو. انهن ٽولن کي وڙهڻ واسطي، سورهين صديءَ جي اٽليءَ جي ڪِرائي جي ويڙهاڪن جيان گهربل جسم به ڪونه هئا. انهن اهو سودو رڳو يورپ جي بندوقن جي ويجهي هجڻ واسطي ڪيو هو ۽ هو مشڪل وقت ۾ منهن ڏيڻ جي قابل ئي ڪونه هئا. (سر الفريد ليال – هسٽري آف انڊيا، جلد VIII ص: 170. رڪارڊ ۾ اهو به درج آهي ته، فوجين جو تعداد رجسٽر ۾ داخل ڪيو ويندو هو، توڙي جو اهي ٽولا ٽولا ٿي ڀڄي ويندا هئا. خاص طور تي ڊگهي سفر وارين فوجي مهمن ۾ سٺا ويڙهاڪ فوجي (افغان، تاتاري، ايراني ۽ مرهٽا) ڇهن هفتن جي اطلاع تي ڪافي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي بيان موجب اهي مقابلي ۾ ايندڙ دشمن جي فوجي ڪئمپن جي ٻاهران ئي ملي ويندا هئا (ساڳيو، ص: 172)

(2) يوناني هيرو ٽروجن جنگ جو هڪ اهم سورمو. هتي هڪ مثال طور بيان ڪيو ويو آهي (مترجم)

(1) هن سادي انسان پنهنجن آخري لفظن ۾ اهو به چيو هو ته ”منهنجي حياتي اجاين ۽ بي فائدي ڪمن ۾ گذري وئي. خدا منهنجي دل ۾ موجود هو، پر منهنجون اکيون روشني ڏسي نه سگهيون. اميد ناپائدار هئي. حياتيءَ جون چڱيون گهڙيون واپس ڪونه اينديون، دنيا ۾ آيس ته ڪجهه کڻي ڪونه آيس، پر جڏهن واپس وڃي رهيو آهيان ته گناهن جا بار کنيو ٿو وڃان.“ (ايس- لين پول، انڊيا انڊر مغل رُول. ص: 78)

(1) ليال- هسٽري آف انڊيا- جلد: VIII، ص: 78

(1) موهن جو دڙو، چانهون جي دڙو، الور ۽ برهمڻ آباد جا کنڊر، ڊٿل ڦٽل ٺٽي جو پراڻو شهر انهن پراڻين جڳهين جا نعم البدل ناهن جيڪي هندوستان اندر ٽڙيون پکڙيون پيون آهن.

(1) برٽن – هسٽري آف سنڌ- باب 1- ص: 377

(2) گولڊ اسمٿ- هسٽاريڪل ممايرس، شڪارپور.

(3) ڪراچي ۽ حيدرآباد ٻئي شهر ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ جا آهن. شڪارپور جو دائودپوٽن 1616ع ۾ بنياد رکيو، تيستائين شهر ترقي ڪانه ڪئي هئي، جيستائين شڪارپوري هندن افغانستان ذريعي وچ ايشيا سان تجارت ڪانه ڪئي هئي. سکر جيئن اسان اڄ ڏسون ٿا سو جديد دور جو شهر آهي. نائينءَ ۽ ڏهين صديءَ کان اڳ اهو رڳو درياه جي ڪڙ تي ننڍڙو ڳوٺڙو هو ۽ سامهون واري شهر روهڙيءَ جهڙو اهم ڪونه هو، جيڪو اڄ وڌي چؤڻو وڏو ٿي ويو آهي.

(1) ڏسو مئڪي (Maccay) جو انڊس سوِلائيزيشن، ص: 7

(2) تازن اطلاعن مطابق گنگا ماٿريءَ جي ڪن علائقن مان هن تهذيب جا نشان مليا آهن.

(3) اٽڪل ٽي سؤ سال پوءِ محمود غزنوي ۽ غزنوي دور کان پوءِ غورين جا حملا شروع ٿيا. دهليءَ جي مسلمان حڪمرانن جا حملا التمش جي دور ۾ شروع ٿيا هئا جنهن کي يارهين صديءَ جو پويون ۽ ٻارهين جي شروع وارو دور چئي سگهجي ٿو.

(1) محمد بن تغلق 48-1347ع واري عرصي ۾ دکن جي اميرانِ صده جي بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ دهليءَ مان وڏي لشڪر سان روانو ٿيو هو، جنهن جو حسن ڪانگو مکيه اڳواڻ هو. ان وقت محمد بن تغلق جو امير طفي بغاوت ڪري گجرات ۽ ڪاٺياواڙ مان ٿيندو اچي سنڌ پهتو. محمد تغلق سندس بغاوت جو ٻڌي حسن ڪانگو ۽ ٻين اميران صده کي اتي ڇڏي طفي جي ڪڍ پيو، جيڪو ڪڙه، اساول، گرنار ۽ گوندل ان ٿيندو، يعني محمد تغلق سان مقابلو ڪندو اچي سنڌين جي سام پيو هو. محمد تغلق به سندس ڪڍ لڳو آيو، ۽ اچي سنڌ جي سرحد تي بيهي رهيو. تاريخ ۾ آهي ته هيءُ 1352ع ۾ سنڌين سان جنگ جو سانڀاهو ڪندي بيماريءَ ۾ مري ويو. پر ڪابه تاريخ 48-1347ع کان وٺي 1352ع جي وچ واري عرصي جو ڪو ويساه جوڳو وچور ڪونه ٿي ڏئي. حقيقتن ۾ محسوس ائين ٿئي ٿو ته هو سنڌين سان ٻه پاڻي ڪري شڪست کائي سنڌ جي سرحد کان گهڻو پوئتي هٽي ڪاٺياواڙ جي ڀينگ علائقي ۾ پنهنجي دهليءَ کان ايندڙ لشڪر جا انتظار ڪري ٿو، ائين جيئن، ٿورو عرصو پوءِ فيروز شاه تغلق سنڌين کان شڪست کائي پنهنجي، دهليءَ واري لشڪر جو ڪاٺياواڙ وارن علائقن ۾ انتظار ڪيو هو. (سنڌيڪار)

(1) مورلئنڊ – مغل روينيو اسٽيٽڪس، اڪبر کان اورنگزيب تائين، ص: 23-322

(1) لائيف آف آئوٽرام = گولڊ سمٿ

(1) اصلي مهاڳ ص: XIX ۽ XX

(1) جانسنس انگلينڊ، ص: VII مرتب: اي- ايس- تبروِل

(1) ايس- آءِ- ايل- بي- نمبر A متعلق: 54-1753ع، ص: 191

(1) ڏسو ري (Ray) جو ڊينسٽڪ هسٽري آف ناردرن انڊيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com