سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو :8

راز ڀلڙائي

شاهه جي شاعري ۾ محبت جو مقام

 

جڏهين اڃا انسان عالم وجود ۾ ئي نه آيو هو، جڏهين نه هي زمين هئي ۽ نه آسمان؛ جڏهين تارن جي روشني اونداهيءَ ۾ پوشيده هئي، ان وقت به ڪائنات کي جنبش ۾ آڻڻ لاءِ هڪ قوت موجود هئي، جنهن کي محبت جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. شاهه انهي محبت جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

 

نڪا ڪن فيڪون هئي نڪو لڱ لهم
بنيو هو نه بت ۾ اڃا ڪي آدم
مون توهين سين سڱ اها سا ڃاءِ سپرين.
 

آدم جي وجود ۾ اچڻ لاءِ به محبت جو هڪ امتحان درڪار هو. رب تعاليٰ آدم کي بنائي ان ۾ روح ڦوڪي سڀني ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم اڳيان سر جهڪايو. فرشتا حيرت ۾ پئجي ويا، مگر ڪابه مجال نه ٿين جو محبوب جي حڪم جي انحرافي ڪن. هن مان ثابت ٿيو ته محبت جو وجود روز اول کان وٺي آهي ۽ انهيءَ وجود جي اثر هيٺ الست بربکم ۽ قالو بليٰ جا عهد ۽ اقرار ڪيا ويا.

 

الست بربکم جڏهين ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين تڏه تت چيوم
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
 

محبت جي دنيا ڏکن ۽ ڏوجهرن، رنج و ملال ۽ تڪليفن جي دنيا آهي، پر انهن تڪليفن کي ڏسي محبت جي اثر کان متاثر ٿي ڪيل قول کي وساربو ڇا؟ هرگز نه. شاهه انهيءَ ”الست بربڪم“ واري قول پاڙڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي فرمائي ٿو:-

ويهه نه وساريج، متان ماٺ ڪري وهين

پڇڻ ڪارڻ پرئين جي وندر تون روڙيج،

قول اهو پاڙيج، هو جو ڪيڙو هوت سين.

محبت انهي ڪيفيت جو نالو آهي جنهن ۾ درد خوشگوار لڳي ٿو ايستائين جو دنيا جي سڀني خوشين کان بالاتر ۽ نهايت مٺو محسوس ٿئي ٿو.

 

پريان سندي پارجي مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.
 

عقل تي ڪيترو به زور آڻجي، مگر محبت جي تشريح بيان ڪري نٿي سگهجي، محبت هڪ اهڙو اثر آهي، جو انسان کي هميشه بيخود بنايو ڇڏي، هڪ اهڙو نشو آهي، جو مدهوش ۽ مست ڪريو ڇڏي. محبت جي انهيءَ بيخوديءَ ۽ مدهوشيءَ جي مزي ماڻڻ جو خيال ڪندي فرمائين ٿا:

”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت“

ڇاڪاڻ جو محبوب کي حاصل ڪرڻ سان عاشق جي محبت جو اڳيون اثر ۽ جذبو غائب ٿيو وڃي.

محبت ۾ راحت به آهي ته تڪليف به، زندگي به آهي ته موت به ؛ گويا ساز جي هڪ اهڙي تار آهي، جنهن مان ٻه آواز نڪرن ٿا. محبت جي انهن وصفن کان انسان جو عقل حيران ٿيو وڃي ۽ هو ان جي انداز کان گهٻرائجي وڃي ٿو. محبت ٻارن جي راند نه آهي! محبت جي باهه ۾ ٽپو ڏيڻ ڪنهن مانجهي مڙس جو ئي ڪم آهي. عشق جي راهه کي طي ڪرڻ، هر ڪنهن شخص جي وس جي ڳالهه نه آهي. جيئن شاهه چيو آهي:-

 

عشق ناهي راند، جئن ٿا کيڏن ڳڀرو
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.
 

محبت جي مزي ماڻڻ لاءِ جن ڏکن ۽ ڏاکڙن کي سهڻو ٿو پوي، ان جي سهڻ لاءِ به ته ڪا دل گهرجي! انهن ڀڙڪندڙ شعلن مان لنگهڻ لاءِ به ته اها قرب جي قوت گهرجي، جنهن سان اهي اڙانگا ڏونگر لتاڙي سگهجن.

 

سفر سندي سڏ، متان ڪا مونسان ڪري
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
 

هي هڪ عام قاعدو آهي ته جيستائين ڪنهن شئي جي تعريف نه ڪجي، تيستائين ڪابه ڳالهه نه ڪئي ويندي آهي. شاهه جو اهو اصول هو ته جيڪا تعليم حاصل ڪجي تنهنجي جيستائين معنيٰ نه سمجهي ويئي آهي، تيستائين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. طالب کي پنهنجي مطلوب حاصل ڪرڻ لاءِ دل مان غير ۽ غبار ڪڍي، صاف ۽ پاڪ ٿي محبوب جي ڳولا ڪرڻ گهرجي. جيئن فرمائين ٿا:-

 

اندر آئينو ڪري پرين سو  پسيج،

انهيءَ راه رسيج، ته مشاهدو ماڻين.

 

محبت پنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. هي اها شئي آهي جنهن تي عقل جو ڪوبه اختيار هلي نٿو سگهي؛ فقط بي وسيءَ ۽ گرفتاري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نٿو سگهجي. محبت ۾ نه سوچڻ جو موقع ملي ٿو ته نه سمجهڻ جو. شاهه محبت جي انهي اثر کان متاثر ٿي فرمايو آهي ته:-

 

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي
پورهيو سندو پورهيتن والي ڪيم وڃائي،
ٿڪيءَ ٿورو لاهه، جئن جيئري ملي جتن کي.
 

جئن وڻئي تئن ٿورو ڪري مٺيءَ کي، پرين سان ملاءِ. شاعر محبت جي نشي ۾ سرشار ٿي انجي منتقي تعريف کان بي نياز ٿي وڃي ٿو ۽ محبت جي صدمن مان راحت حاصل ڪري بي اختيار فرمائي ٿو:

 

ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي
اندر جنين اُڃ، پاڻي اڃي تن کي.
 

شاهه محبت جو پابند هو ۽ سندن نگاهه ۾ محبت جو درجو ايترو ته بلند هو جو هر ڪنهن محبت ڪندڙ کي، دنيا جي عام ماڻهن کان الڳ ڏسڻ ٿي چاهيائين. محبت حاصل ڪرڻ لاءِ جيتري به ڪوشش ڪجي اوترو محبت دور ۽ رستو ڏکيو نظر اچي ٿو ۽ محبت جي پياس جيئن پوءِ تيئن وڌ محسوس ٿئي ٿي.

جي سجهائي سڪ، تان پڻ سڪي سسئي
پيتائين پنهونءَ کي هڏ نه ڀڳس هڪ،
ان تڙ مان تڪ، ڏيندي پاڻ اُڃ ٿئي.
 

محبت کان سواءِ زندگي بلڪل بي لطف ۽ دل هڪ ويران جاءِ وانگر آهي، جنهن ۾ جيستائين محبت جلوه گر نٿي ٿئي تيستائين زندگيءَ جو سڌرڻ نهايت محال ٿيو پوي. جهڙيءَ طرح هڪ عارف پنهنجي نفس کي طرحين طرحين جا ڏک ۽ صدما ڏيئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي ٿو تهڙيءَ طرح محبت پڻ هڪ سخت امتحان طلب ڪري ٿي. هوءَ اهڙو زهر پياري ٿي، جنهن سان مرض غائب ٿيو وڃي ۽ اهو زهر (تڪليفون) جڏهن شفا ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ سڄي زندگي پر لطف بڻجيو وڃي. محبت، باهه ۾ ٽپ ڏياري ان کي گلزار خليل بنايو ڇڏي. مگر اها جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالهه ڪانه آهي، جو هو اهڙي باهه ۾ ٽپ ڏيئي، پنهنجي دل کي گلزار خليل بنائي. اهو فقط اڻ موٽ عاشقن جو ڪم آهي، جيڪي محبت جي حقيقي لطف کان واقف آهن. بيشڪ اهي ئي اُن باهه کي گلزار خليل بنائي سگهن ٿا!

سوري آهي سينگار، اصل عاشقن جو
مرڻ، موٽڻ ميهڻو ٿيا نظاري نروار،
ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.

 

دل هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن ۾ محبت جا ڪارناما پوشيده رهن ٿا ۽ محبت به اهو ڪري سگهي ٿو جو محبت جي راز کي پنهنجي دل ۾ سانڍي، مگر اُف به ٻاهر نه ڪڍي. محبت (يعني خداوندي امانت جو بار) سڀڪو پنهنجي سيني ۾ سانڍي نٿو سگهي؛ مگر هتي انهيءَ بار کڻڻ لاءِ اها دل درڪار آهي، جيڪا صدمن سهندي به کلندي رهي؛ ۽ اها دل جيڪا محبت جي راز کي فاش نه ڪري، يا اُهي محبت ڪن، جيڪي مصيبتن جا پهاڙ سر تي سهي فقط محبت کي ئي پنهنجو رهبر ۽ رهنما سمجهن ته پوءِ اُهي ئي محبت جا حقيقي امانتدار ٿي سگهن ٿا. شاهه محبت کي پوشيده رکڻ لاءِ ڪنڀارن جي نهائين جو عمدو مثال ڏنو آهي:

نينهن نهائين جان، ڍڪيو ڪوه نه ڍڪئين
چر ڄيري ڇڏئي ته ڪيئن پچندا ٿانءَ،
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.

 

محبت ۾ اها تمنائي نٿي رهي ته محبوب ڇو مونسان نٿو ڳالهائي. اها گلائي نٿي رهي ته ڇو دوست مونسان خوشدليءَ سان پيش نٿو اچي. محبت ۾ ته هڪ روحاني تعلق موجود آهي جنهن سان، محبوب جي خوشي توڻي ناخوشي، ٻنهين حالتن ۾ اهو ساڳيو مقصد رهي ٿو، جيڪو محبت جو اصل اصول آهي. محبوب سان ڪهڙي شڪايت ۽ ان جي ڪهڙي گلا ڪجي؟

ڀلائي آهن، پرين ڀلائيءَ پانهجي،
سٻاجها سر چڙهيو ڏوراپا نه ڏين،
مون ڏانهن مديون ٿين، سڄڻ سچاين ۾.
 

محبت انسان کي نام و ننگ کان بي نياز ڪري ٿي ۽ بدناميءَ يا گلا جو خوف ئي دل مان ڪڍيو ڇڏي. مگر محبوب جي ياد کان اُن جي دل ڪڏهين به خالي نٿي رهي. اهو ئي سچو عاشق آهي جو ڪڏهن به يار جي يادگيريءَ کان آجو نه آهي. شاهه پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي چوي ٿو:

سڪ تنهنجي سپرين  جئن تران  تئن تار،

تون ئي رهيو روح ۾ تون ئي اکئين  بهار،

پرين تنهنجي پار، مون واجهائيندي وره ٿيا.

 

عاشق جي اڳيان سندس محبوب قابل قدر هستيءَ مثل آهي، جو ڪنهن ڏانهن ڀلجي به نهاري ڪين، پنهنجي محبوب جي مرتبي جي واکاڻ ڪندي فرمائين ٿا:

ساهڙ منهنجو سرتيون جي ڏسو سڀيئي،

سمهو ڪين سک ڪري ور پاسو ڏيئي،

منهان اڳيئي، گهڙو  سڀ  گهڙا  کڻي.

 

مطلب ته شاهه جي محبت هڪ قدرتي جذبو آهي ۽ عاشق ايثار ۽ قربانيءَ جو پتلو بنجيو وڃي. شاهه جي نظر ۾ سندس محبوب جو رتبو نهايت بلند آهي ۽ هو محبوب کان مليل جفائن مان هڪ حقيقي لطف حاصل ڪري ٿو، اهڙو لطف، جهڙو هوند هنجي وفائن مان به حاصل نه ٿئي.

اکر پڙهي اڀاڳيا قاضي ٿه ڪئاءُ؟
ڀريين ۽ ڀائيين، ايڏا اي نه آءُ،
ان سرڪي سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
(شاهه)

  

آخوند احمدي ڀٽائي واري لکيل رسالي جو پويون صفحو

 

مرحوم ميرزا قليچ بيگ

شاعرن جو شاهه

 

شاعرن جو سنڌ ۾ سردار شاهه عبداللطيف،
اوليائن ۾ به نر نروار، شاهه عبداللطيف.
 

ڀٽ ڌڻي، صوفي ۽ تارڪ، ٿي ڪيو هو عشق ۾،
عهد عباسين جي ۾ اظهار، شاهه عبداللطيف.
 

ٿر ۽ بر ڪاڇي ۽ ڪوهستان، جيلسمير ۾،
سير ڪيئين، هر هنڌ ڦريو چوڌار، شاهه عبداللطيف.
 

زاهد ۽ عابد هو، عارف، عالم ۽ عامل به هو،
درس هر رنگ ۾ ڏنو سنسار، شاهه عبداللطيف.
 

راڳي هو، بيراڳي هو، سڀڪجهه هو سڀڪنهن جو شريڪ،
هندو ۽ مسلم سان هو هموار، شاهه عبداللطيف.
 

مرد جو نت درد، مقبول ۽ موثر ڪيو ڪلام،
هو مريدن جو سچو مهندار، شاهه عبداللطيف.
 

بيت ناهن منجهه رسالي اُن جي، آهن آيتون،
جيئن ڪ آهي پاڻ ڪيو اقرار، شاهه عبداللطيف.
 

سنڌ جو سر فخر، شعر ۽ ٻولي ان جيءَ جو جيار،
غافلن ستلن کي ڪيو بيدار، شاهه عبداللطيف.
 

محو مستيءَ ۾ انهيءَڪيو راڳ ٻڏندي انتقال،
حق جو حاصل نيٺ ڪيو ديدار، شاهه عبداللطيف.
 

معتقد مداح اُن جو اصل کان آهي قليچ،
جنهن کي عالم جو سليو اسرار، شاهه عبداللطيف.

*********


 

مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

 

سنڌ جو سينگار شاهه

 

سنڌ جو سهڻو مڻيو ۽ سنڌ جو سينگار شاهه،
 

شاعرن شيرين ڪلامن جو سچو سردار شاهه.
 

لال جنهنجو ٿيو لقب ۽ نانءُ جنهن جو ٿيو لطيف،
 

سنڌ جي روحاني دلدارن مان هو دلدار شاهه.
 

گهوريان موتي جواهر اُن ڀٽائي گهوٽ تان،
 

جنهن ڏنا موتي ۽ ماڻڪ سو سندم ڏاتار شاهه.
 

ڇا سنديس ٻولي مٺي! ۽ ڇا سنديس وائي عجيب،
 

واهه خوش رفتار سيد، واهه خوش گفتار شاهه.
 

ڀيٽ ۾ پنهنجي ڀٽائيءَ سان نه ڀانيان ڪوبه مٽ،
 

هو نسورو نور رباني ۽ هو اسرار شاهه.
 

صوفي صافي، شافي ڪافي، دل جي بيمارن جي لاءِ،
 

عشق ۾ مولا جي هو پر پاڻ پڻ بيمار شاهه.
 

عشق مولا جي لڳائي سنڌ ۾ هئي شاهه لهر،
 

بحر بر ۾ جهنگ جهر ۾ برهه جي بازار شاهه.
 

معنيٰ ۽ مضمون روحاني جو هو درياهه شاهه،
 

هو حقيقي عشق جو گلشن عجب گلزار شاهه.
 

شاهه مولا جي محبت ۾ سدا هو محو مست،
 

عشق جو هو تار تانگهو جنهن مان لنگهيو پار شاهه.
 

پي پيالو پرت جو ساقي تون سمجهين شاهه کي،
 

آ خدائي عشق جي نشي ۾ خود سرشار شاهه.
 

صوفي، جوڳي ۽ ولي الله، سڀ ڪجهه شاهه هو،
 

هو حقيقت ۽ طريقت جو علمبردار شاهه.
 

مير هو ۽ پير هو، پر در خدا جي جو فقير،
 

عشق جي دولت جو دانا هو ۽ شاهوڪار شاهه.
 

جنهن پڙهيو آهي رسالو شاهه جو رس رمز سان،
 

ٿو چوي سڀڪو پيو، آهي هئين جو هار شاهه.
 

جي، منجهي من، دل سان دل ڀرجي، کڻي پڙهه شاهه کي،
 

ڏئي اکين آنند ۽ تولاءِ ٿئي من ٺار شاهه.
 

مثنوي وانگي رسالو روح جو آهي رفيق،
 

حافظ شيراز وانگي آهي خوش گفتار شاهه.
 

سنڌ جو سعدي چوان يا هو عمر خيام شاهه،
 

دل کي دلداريون ڏئي ۽ لاهي دل تان بار شاهه.
 

جيئن خدا هڪڙو آ خالق، خلق پڻ ساري سنديس،
 

تيئن ٻيائي ۽ دوئي کان دور ۽ بيزار شاهه.
 

ڏس ته ڪيئن محبوب ٿيو هندن مسلمانن سندو،
 

هو ديالو دوست سڀني جو سچو ديندار شاهه.
 

ٿو رٺن روحن کي ريجهائي ۽ پرچائي وڙهين،
 

شل خدا جي رحمتن هيٺان هجي صد بار شاهه.
 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com