سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو :6

جناب مخدوم امير احمد

سر مارئي

نه خبر نه خواب، نڪو اوٺي آئيو.

عنوان تي ڪجهه لکڻ کان اڳ تمهيد طور ڪجهه ڳالهيون بيان ڪرڻ تمام ضروري آهن؛ ڇاڪاڻ ته ان جو سمجهڻ، انهن ڳالهين تي مدار رکي ٿو. شاهه صاحب رحمت الله عليه پنهن جي زبان مبارڪ سان پنهنجن بيتن ۽ ڪلام جو تعارف هيٺين لفظن ۾ ڪرايو آهي ته:

جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهن،

نيو من لائين،  پريان سندي  پار ڏي.

شاهه صاحب ٻڌندڙن خواهه پڙهندڙن جو، هڪ خاص حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائي رکيو آهي، ته اي ڀائرو! منهن جي ڪلام جي وڻندڙ زبان ۽ من موهيندڙ سر ۽ آواز ۾ محو ٿي اصل حقيقت کي وساري نه وهو پر هي بيت دراصل قرآني رازن ۽ اسرارن جي اپٽار آهن جي اوهان جي آڏو ڪڏهن سهڻي ميهار جي روپ ۾، ڪڏهن عمر مارئيءَ جي صورت ۾، ڪڏهن سسئي پنهون جي رنگ ۾، ڪڏهن مومل ۽ راڻي جي ڍنگ ۾، ڪڏهن راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي ساز ۾ ته ڪڏهن وري ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي ناز ۾ پيش ڪئي پئي وڃي.

حديث پاڪ ۾ قرآن شريف متعلق آيل آهي ته:

لڪل آيته منها ظهر و بطن.

شريعت جو مدار ظاهر تي آهي ۽ طريقت جو مدار باطن تي. هتي هي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته خود انسان به ظاهر ۽ باطن آهي، جسم ظاهري جامو آهي ۽ روح باطني راز آهي. قرآن پاڪ جا جيڪي ظاهري احڪام انساني جسم سان تعلق رکن ٿا، تن جو نالو شريعت آهي؛ پر انهن ئي آيتن ۽ احڪامن مان جي روح جي پاڪيزگي ۽ صفائي لاءِ نڪتا معلوم ٿين ٿا، جن ڏانهن اهل دل جو توجهه ڇڪجي ٿو، يا ٻين لفظن ۾ ته هو قلبي نور سان معلوم ڪن ٿا، انهن جو نالو طريقت آهي. درحقيقت طريقت ۽ شريعت هڪ ئي سرچشمي جا ٻه وهڪرا آهن، ۽ منجهن ڪوبه اختلاف نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچا صوفي هميشه شريعت جو احترام مقدم رکندا آيا آهن. خود شاهه صاحب ڀٽائي رحمت الله عليه فرمايو آهي:

ساري سک سبق، سهڻي شريعت جو
طريقتاَ تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشقن جو.
 

لڪير جو فقير ٿي، رڳو ظاهر کي چنبڙي پوڻ ۽ باطن ڏانهن متوجهه نه ٿيڻ، اهڙن کي تصوف جي صاحبن ته خوب ننديو آهي. مولانا رومي فرمائي ٿو:

ماز قرآن مغز را برداشتيم،
استخوان پيش سگان انداختيم.
 

يا بيدل فقير فرمايو آهي ته:-

اکران دي وچ ڪوئي اڙيا،
چاڙهي عشق دي مول نه چڙهيا.

 

شاهه صاحب جي رسالي ۾ جيڪي ڪجهه بيت ملن جي خلاف ملن ٿا، تن مان به اهڙي قسم جا ملا مراد آهن. اسلام ۾ فرقي بنديءَ جو بنياد به انهيءَ ظاهر بينيءَ ڪري پيو.

جنگ  هفتادو  دو ملت را عذر بند،

چون نديدند حقيقت راه افسانه زدند.

(حافظ رحه)

شاهه صاحب به نهايت لطيف پيرائي ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي:

مئي هاٿيءَ تي مامرو، اچي پئو انڌن.

سنڌ جي سرتاج ڀٽائي گهوٽ انهيءَ هفتادو ملت... جي جڳڙن کان قطعي پاسو ڪري، مولانا رومي جي قول ماز قرآن مغز را برداشتيم تي عمل ڪندي، پنهن جي رسالي ۾ قرآن پاڪ جي باطني اسرارن جي اپٽار ڪئي آهي. انهيءَ لحاظ کان شاهه سائينءَ جو سارو رسالو قرآن پاڪ جو تفسير آهي، ۽ تفسير قرآن جي حيثيت کيس قرآن پاڪ سان گهڻين ڳالهين ۾ مشابهت آهي. ان جو پڪو دليل ۽ ثابتي هيءَ آهي ته جيئن هر فرقو قرآن پاڪ مان سند وٺي پنهن جي عقيدن تي ثابت ٿئي ٿو تيئن شاهه صاحب جي رسالي مان هر ڪنهن مڪتب خيال جو انسان سند وٺي پنهن جي خيال کي ثابت ڪري سگهي ٿو. گويا يضل به ڪثيرا و يهدي به ڪثيرا وانگر بلڪل درست آهي ۽ اهو ئي قرآن پاڪ بابت به چيل آهي.

جهڙيءَ طرح قرآن پاڪ جي تعليم جو اختصار سورت فاتح (الحمد شريف) ۾ ڏئي، ان کان پوءِ سارو ڪلام پاڪ ان جي تشريح ۾ لاٿو ويو آهي، تهڙيءَ طرح، اسان جي نظر ۾، سر مارئي سموري رسالي جو لب لباب ۽ خلاصو آهي ۽ باقي رسالي جو ڪلام ان جي تشريح. جيڪي تصوف جي علم جا ٿورو ڪي گهڻو ڄاڻو آهن سي ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندا ته تصوف جو مول متو ۽ موضوع يعني اصلي مقصد آهي عرفان نفس، (پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ). الله تعاليٰ عزوجل جو سڃاڻڻ به، پنهنجي پاڻ سڃاڻڻ تي موقوف آهي؛ جنهن کي شاهه سائين بار بار پئي دهرايو آهي.

من عرف نفسه فقد عرف ربه.

پاڻ سڃاڻڻ مان مراد جسم جو سڃاڻڻ نه آهي بلڪ روح جو سڃاڻڻ يعني روح جي حقيقت کي سڃاڻڻ ان جي حيثيت کي ڄاڻڻ مقصد آهي. قرآن پاڪ مان معلوم ٿو ٿئي ته الله پاڪ پنهنجو روح انسانن ۾ ڦوڪيو آهي. ارشاد آهي ته، و نفخت فيه من روحي. ثابت ٿيو يا ائين چئون ته اشارو مليو ته انساني روح ۾ ٿورو ڪي گهڻو الوهيت جي آميزش ضرور آهي:

آدم کو خدا مت کهو آدم خدا نهين،

ليڪن خدا کي نور سي آدم جدا نهين.

 

روح ڇا آهي؟ ان بابت علم وارن جا مختلف رايا آهن.

جالينوس، فيثاغورث، ارسطو ۽ ٻيا طبيعي حڪيم هن راءِ جا آهن ته روح ڪا جدا شئي نه آهي بلڪ جيئن ساز جي تارن جي ميل ميلاپ مان آواز پيدا ٿيندو آهي، تيئن مختلف عناصر جي ترڪيب مان هڪ قسم جو خاص مزاج پيدا ٿئي ٿو، جو آهي روح. جيئن تارن جي ٽٽڻ ڪري آواز بند ٿئي ٿو تيئن عناصر جي ترڪيب ۾ خلل پوڻ ڪري روح گم ٿيو وڃي. اڄ ڪالهه جي يورپي فلاسافرن جو به اهو ئي رايو آهي. ٻيا ڪي علماءِ جن کي متڪلمين چيو ويندو آهي سي به ان راءِ سان متفق آهن. پر اهي پنهنجي نظريه ۾ ڪجهه فرق رکن ٿا ۽ اهو فرق صرف هيءُ آهي ته اولين حڪيمن وٽ، جيئن ئي عناصرن جي ترڪيب ٿئي ٿي ۽ روح ختم ٿيو وڃي ته انسان جي به انتها ٿي ۽ پوءِ اڳتي ڪجهه به نه آهي؛ پر متڪلمين جي اعتقاد موجب الله تعاليٰ قيامت جي ڏهاڙي اهو ساڳيو جسم وري پيدا ڪندو ۽ ان ۾ نئين طرح روح ڦوڪيو ويندو ۽ ان کان پوءِ کانئس پنهن جي ڪيل اعمالن جو حساب به ورتو ويندو.

حڪيمن جو هڪ ٻيو گروهه، جن کي اشراقي چيو ويندو آهي ۽ جن جو سربراهه افلاطون آهي، تن جي راءِ آهي ته روح هڪ مستقل جوهر آهي جو انسان جي جسم کان اهڙيءَ طرح ڪم وٺي ٿو جهڙيءَ طرح هڪ ڪاريگر اوزار کان. جسم جي فنا ٿيڻ تي روح فنا ته نٿو ٿئي، البت سندس ڪم ڪار روڪجي پوي ٿو، ٻيا به علماءِ و حڪماءِ اسلام، جهڙوڪ امام غزالي رحه، بو علي سينا ۽ صوفياءِ ڪرام جو اهو ئي مذهب آهي.

مولانا رومي پنهن جي مثنويءَ ۾ ۽ شاهه ولي الله رحه حجت الله البالغ ۾ هن رايي کي وڌيڪ وضاحت سان بيان ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته مختلف عناصر جي ترڪيب مان جسم ۾ هڪ قسم جي، جا لطيف بخارت پيدا ٿئي ٿي تنهن جي موجودگي يا عدم موجودگيءَ تي زندگي ۽ موت جو دارومدار آهي. اهو روح حيواني يا روح هوائي چيو وڃي ٿو. جسم سان ان روح جو تعلق آهي ۽ جسم ان جو اوزار آهي؛ پر اهو حيواني روح خود هڪ ٻئي روح جي اثر هيٺ آهي؛ جو جسمانيت کان بلڪل پري آهي ۽ هڪ مجرد جوهر آهي. اهو روح، حقيقي روح يا روح الاهي آهي. صوفين جي اصطلاح موجب ان کي حقيقت محمدي چيو ويندو آهي.

درحقيقت روح حقيقي يا روح الاهي هن جهان جي شيءِ نه آهي بلڪ عالم قدس يا عالم ملڪوت جي شئي آهي. سندس تعلق روح حيواني سان اهڙو آهي جهڙو سج جو آهري سان. جيئن سج آسمان تي رهندي به پنهنجو عڪس يا پرتو آهريءَ تي وجهي ٿو ۽ ان کي روشن ڪري ٿو تهڙي طرح اهو ملڪوتي يا الاهي روح باوجود عالم ملڪوت م هجڻ جي پنهن جو پرتو يا عڪس هن حيواني روح تي وجهي ٿو. جنهن جي اثر کان روح حيواني، انساني جسم کان مختلف قسم جا ڪاروبار سرانجام ڏياري ٿو. روح حيواني جو روح الاهي سان جيترو گهرو ۽ گهاٽو تعلق هوندو اوتري قدر، پاڻ، جسم کان اهڙا ته عجيب و غريب ڪم وٺندو جي عام انساني عقل ۾ صادر ٿيڻ جهڙا نه هوندا.

مولانا رومي هن نظريه جي تشريح پنهنجي مثنويءَ ۾ هيٺين ريت ڪئي آهي:

حاشالله ! تو بروني زمين جهان،

هم بوقت زندگي هم بعد آن.

در هوائي غيب مرغي مي پرد،

سايه رو بر زمين مين گسترد.

جسم سايه سايئه سايه دل است،

جسم که اندر خود پايه دل است.

مرد خفته روح او چون آفتاب،
در فلک تابان، و تن در جامه خواب.

جان نهان اندر خلا همچو سجاف،

تن تقلب مي کند زير لحاف.
 

روح من چون امر ربي مختفي است،

هر مثالي که بگويم منتفي است.

روح الاهي يا حقيقت محمدي جون هيٺيون صفتون قابل ذڪر آهن.

هي روح هڪ جوهر مجرد آهي ۽ جسمانيت کان بلڪل آزاد آهي.

هن روح جا پڻ مختلف مدارج ۽ جدا جدا درجا آهن. سندس اعليٰ درجو عام انساني روح کان گهڻو مٿي آهي.

سندس اعليٰ ۾ اعليٰ درجو عام انساني روحن کان ايترو مٿي آهي جيترو الاهي روح حيواني روح کان ۽ اهو نبوت جو درجو آهي.

انساني جسم جيڪو به ڪم ڪري ٿو سو روح حيواني جي اثر هيٺ پر روح حيواني جو هر ڪم روح الاهي جي اثر هيٺ ٿئي ٿو. ان باري ۾ رومي فرمايو آهي ته:-

جان جان چون واکثد پارا زجان،
جان چنان گرد دکه بي تن جان بدان.

 

(روح الارواح (روح الاهي) جيڪڏهن هن انساني روح کان علحدگي اختيار ڪري ته پوءِ اهو انساني روح هڪ بي جان قلب وانگيان بنجي وڃي.)

روح الاهي (حقيقت محمدي)، صوفياءِ ڪرام ۽ حڪماءِ اسلام جي عقيدي موجب، جنهن صورت ۾ زمان ۽ مڪان کان اڳي پيدا ٿيل آهي، تنهن ڪري کيس زماني يا مڪاني لحاظ کان حادث نه ٿو چئي سگهجي، پر قديم آهي ۽ زمان ۽ مڪان جي قيد کان ٻاهر آهي. ان متعلق حافظ فرمايو آهي:-

ماجراءِ من و معشوق مرا پايان نيست،
آنچ آغاز نه پذيرد انجام.

 

(منهنجي ۽ معشوق جي احوال جي ڪا انتهائي ڪانهي. ڀلا جنهن شئي کي ابتدائي ڪانه هوندي ته ان کي انتها ڪيڏانهن ٿيندي؟) شاهه صاحب به هن خيال کي نهايت سهڻي نموني ۾ پيش ٿو ڪري.

 

نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا هونگ نه هون،
سڄڻ تنهن ساعت ۾، ڀيٽي ڏٺو سون،
مون تن تڏهانڪون، ملي ملاقات ڪي.

 

-------

نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪا مورت ماهه،
نه ڪا سڏ ثواب جي، نه ڪو غرض گناهه،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،
لکيائين لطيف چئي، ات ڳجهاندر ڳاهه،
اکين ۽ ارواح، اها ساڃاءِ سپرين.

 

--------

نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪو لڱ لحم،
بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،
مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين.

 

هتي هي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هر شيءِ کي اصل ۽ مرڪز هوندو آهي ته پوءِ هن روح (روح الاهي) جو مرڪز ڪٿي هوندو؟ هن سوال جو جواب شاهه ولي الله اجهو هن طرح ٿو ڏئي.

ڄاڻڻ گهرجي ته (عالم المثال) ۾ انساني روحن لاءِ هڪ خاص جاءِ ۽ هڪ خاص مقام آهي جنهن ڏانهن اهي اهڙيءَ طرح ڇڪجن ٿا جهڙيءَ طرح مقناطيس ڏانهن لوهه. انهيءَ مقام جو نالو آهي حظيرت القدس. سڀني انسانن جا روح جسم کان جدا ٿيڻ تي روح اعظم يعني مرڪزي روح سان وڃي ملن ٿا. هي اهو روح اعظم آهي جنهن بابت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم تمثيل طور فرمايو ته، ان کي گهڻا وات ۽ گهڻيون زبانون آهن ۽ هو دنيا جون سڀ ٻوليون ڄاڻي ٿو.

شاهه صاحب ڀٽائي گهوٽ به ان بابت وضاحت سان ٻڌائي ٿو ته انساني روح کي حظيرت القدس ڏانهن جيڪا ڪشش آهي اها به گهڻن ئي قسمن جي آهي پر انهن مان سڀ کان اهم ۽ اعليٰ ڪشش اها آهي جيڪا روح انساني جي بصيرت ۽ همت جي آڌار تي آهي. هن قسم جي ڪشش جو حال اهو هوندو آهي جو اڃا حيواني آرايش ۽ ميلاپ (ڳانڍاپي) کان توڙي آزادي مليس ته روح يڪدم حظيرت القدس ۾ وڃي پهچي ٿو ۽ اتي جا حالات مٿس ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا. انهيءَ قسم جي روح کي ئي حظيرت القدس کان جدائي قيد معلوم ٿئي ٿي ۽ ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصله جي تانگهه ۾ سندس آرام ڦٽل هوندو آهي. جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:-

هي هنڌ ڀيڻيون هلڻ، ساڙيان ڏيهن ري
ڪل شيءِ ڀرجع اليٰ اصله، جهڄان جهانگين ڪاڻ،
ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.

 

ري اعرابين هت، گهنگهر گهارڻ مون ٿئو،
بڪت العينان في هواءِ دما، پڄان ساڻ پرت،
من اکيون تن تت، جتي جنب جيڏيين.

 

قرآن پاڪ جي اصطلاح موجب عالم يا دنيا جا ٻه پاسا آهن. هڪڙو امر ٻيو خلق. روح جو تعلق عالم امر سان آهي ۽ جسم جو تعلق عالم خلق سان آهي. قرآن پاڪ ۾ آهي. ڪل الروح من امرربي (اي محمد صلي الله عليه وسلم! تون چئو ته هر روح مون رب جي عالم امر سان تعلق رکي ٿو). صوفي سڳورا دنيا جي مٿين ٻن پاسن جو نالو رکن انفس ۽ آفاق سندن عقيدي موجب عالم امر ۽ سندس پيدا ڪندڙ (خالق) جي وچ ۾ وقت جي لحاظ کان ڪوبه تقدم (اڳ) ۽ تاخر (پوءِ) ڪونهي. هتي فقط علمت ۽ معمول ۽ فرع وارو تقدم ۽ تاخر آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته ڇاڪاڻ ته عالم امر يا عالم ارواح جو وجود خدا تعاليٰ جي وجود جي شاخ آهي. تنهن ڪري سندس وجود کي خدا جي ذات کان پوءِ مڃبو. باقي جنهن صورت ۾ ان وقت، نه سج هو نه چنڊ، نه وري ڪو وقت جو ئي وجود هو، ان ڪري عالم امر يا عالم ارواح وقت جي عقيد کان آزاد آهي. جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ جي ذات ازلي ۽ ابدي آهي تهڙيءَ طرح روح يا عالم امر به ازلي ۽ ابدي آهي.

مي گفت در بيابان رندي دهن دريده
صوفي خدا ندارد او نيست آفريده

 

شاهه صاحب هن نڪتي تي فرمائي ٿو:-

 

جتي عرش نه اُڀ، زمين ناهه ذرو،
نه ڪو چارو چنڊ جو، نه ڪو سج سرو،

اتي آديسين جو لڳو دڳ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏنائون ناهه ۾.

 

باقي عالم خلق، سو ته پوري جو پورو حادث ۽ مخلوق آهي ۽ پڻ زمان ۽ مڪان جي قيد ۾ ڦاٿل آهي.

مٿين تمهيد ذهن ۾ وهارڻ کان پوءِ، هيءَ ڳالهه سمجهڻ تمام آسان ٿيو پوي ته روح جنهن جو مرڪز عالم الارواح ۾ حظيرت القدس آهي، جتي اصلي روح يا روح الارواح يا روح مطلق يا حقيقت محمدي موجود آهي، جنهن ڏانهن هر هڪ روح کي اهڙي ڪشش آهي جهڙي زمين جي شين کي. ملڪوتي روح به الاهي حڪم جي طاقت کان مجبور ٿي اچي هن حيواني روح سان تعلق جوڙيو آهي پر سندس ڪشش هميشه پنهن جي مرڪز يعني حظيرت القدس ڏانهن رهي ٿي. زندگيءَ ۾ يا زندگي کان پوءِ جڏهن به کيس وجهه ملي ٿو ته هڪدم پنهنجي مرڪز ڏانهن ڊوڙي ٿو. روح لاءِ هن دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ٻه صورتون کليل آهن، يا ته هن حيواني روح سان گڏجي ان جهڙو ٿي پوي ۽ دنيا جي عيش آرام تي موهجي پنهنجي اصل جاءِ کي وساري اهو اصلوڪو تعلق ئي ٽوڙيو ڇڏي ۽ اهڙي طرح پاڻ تي هميشه لاءِ عذاب آڻيو ڇڏي. اها حالت ڪافرن جي روح جي آهي جنهن لاءِ قرآن پاڪ فرمائي ٿو لايموت فيها ولايحيٰ. يا ته وري جهد ۽ ڪشالا ڪڍي هتان جا تعلقات صفا ٽوڙي پنهن جي اصليت تي قائم رهي. صوفياءِ ڪرام پوئين رستي جي هدايت ڪن ٿا. شاهه صاحب ڀٽ ڌڻي پنهنجي سر مارئي جي تمثيل پيش ڪندي، روح الاهي کي بلڪل اها ئي تلقين ڪئي آهي. اسان جي نظر ۾، مارئي مان مراد روح الاهي يا روح ملڪوتي آهي. ٿر مان مراد عالم الارواح ۾ روحن جو مرڪز يعني حظيرت القدس آهي. عمر مان مراد حيواني روح آهي جنهن ان ملڪوتي روح کي پنهن جي تعلق ۾ قابو ڪيو آهي. عمرڪوٽ مان مراد هيءَ دنيا آهي ۽ عمرڪوٽ جي نعمتن جو مطلب هن دنيا جا مال اسباب آهن.

هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته روح جنهن وقت هتان آزاد ٿي پنهن جي مرڪز واري جاءِ تي پهچي ٿو ته اتي ڪو کيس آرام نه آهي جيستائين ڪه ان ساري عرصي جو ذري پرزي حساب ڪتاب ڏئي، جيڪو وقت هن دنيا ۾ روح حيواني سان گذاريو آهي. قبر جو پڇاڻو، منڪر نڪير جا سوال جواب وغيره. کيس اتي عالم مثال ۾ به پنهنجي جزا يا سزا سان منهن ڏيڻو آهي ۽ ڏک سک به ڏسڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ سعيد روح وڌيڪ ڪنبندو رهندو آهي.

شاهه صاحب (رح) به ان سموري معاملي ڏانهن پنهنجي هيٺئين بيت ۾ تمثيلي رنگ ۾ اشارو ڪندي مارئي واتان چوائي ٿو:-

نه خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو،
هتي جو هت ڪهين ڏنو ڪونه جواب،
هميرن حساب، ڪه ڄاڻان ڪئن ٿيو.
**

 

جتي عرش نه اُڀ ڪو زمين ناهي ذرو،
نڪو چارو چنڊ جو نڪو سج سرو،
اُتي آديسين جو لڳو ڌڳ ڌرو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون ناهن ۾.
(شاهه)

 


 

حافظ محمد احسن چنه

مارئي شاهه جي نظر ۾

 

سلطان شاعران ڪرام، سرتاج صوفيائي عظام، سنڌ جي عوامي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پنهنجي رسالي ۾ جو دريا پلٽيو آهي، ان ۾ هر هڪ سر، هر هڪ داستان، هر هڪ بيت، هر هڪ سٽ ۽ هر هڪ لفظ معنيٰ ۽ مطلب خيز، مقصد ۽ منزل وارو آهي. جنهن جنهن سر کي پڙهبو ته بي اختيار چئبو ته ڪمال ڪيو اٿس، سسئي، سهڻي، سورٺ، مومل، مارئي، ليلان ۽ نوري کي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو اٿس. ليڪن مارئي جي مذڪور ۾ سنڌ وارن کي سوين سوکڙيون لکين لطيفا ڏنا اٿس ۽ سندن مان ۽ مرتبو، عزت ۽ عصمت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا اٿس.

عام طرح هر هڪ سنڌ واسي ائين چوندو آهي ته مارئي جي بيان ۾ شاهه وطن جي حب جو نقشو چٽيو آهي. وطن ۽ وطن وارن جي محبت جو ثبوت پيش ڪيو آهي ۽ ٻين کي سبق سيکاري ٿو. اهو به برابر صحيح ۽ سچ آهي پر ٻيون به گهڻيون خوبيون ان ۾ آهن جيئن ته سيل ۽ ست بچائڻ، عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ، همت ۽ استقلال، بي باڪي ۽ جرائت جا غير معمولي مثال پيش ڪيا اٿس. مارئي کان زبان حال سان چورائي ٿو ته:-

سهسي سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن،

ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن،

مارو مان چون، ته هئي اسانجي آسري

فطرتي طرح هر ڪنهن انسان کي عشق و عشرت، سک ۽ آرام، فرحت ۽ راحت، خوشي ۽ خوراڪ پسند ايندا آهن. ڪهڙو انسان آهي جو اهي خواهشون نه ڪندو هوندو ۽ آرزو نه رکندو هوندو ۽ انهن جي ميسر ٿيڻ تي مسرور نه ٿيندو مگر عصمت اها چيز آهي جا دنيا جي هر عيش ۽ هر قيمت کان مٿي، مهانگي بلڪه املهه آهي.

هن خوبي تي سنڌ وارن کي فخر ۽ ناز آهي ته نه رڳو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پڙهيل ۽ سڌريل عورتن ۾ ليڪن جهنگ جي جهانگين ۽ رڻ پٽ جي رهواسين ۾ به ست ۽ سيل رکڻ، عصمت بچائڻ جو گڻ موجود آهي ورنه هڪ جهنگ جي اڻ پڙهيل عورت، جنهنکي نه پردو نه پوش، نه واهي نه رکوال پوءِ به عصمت بچائڻ ۽ ست سيل رکڻ خاطر دنيا جي عيش و عشرت کي تڇ برابر سمجهڻ بلڪ بادشاهه جي اڳيان هڪ غريب ۽ بي واهه عورت هجڻ جي حيثيت ۾ جان جوکي ۾ وجهڻ، تڪليفون ۽ مشڪلاتون سهڻ، نه وهنجڻ نه وار ڳنڌائڻ، نه لاکيڻي لوئي لاهي پٽ پهرڻ، بکون ڪڍڻ، سيج نه سمهڻ بلڪ قيد ڪاٽڻ به قبول ڪيائين ۽ سمجهيائين ته حاڪم جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ مان ڪهڙو نتيجو نڪرندو ۽ ڪهڙا ڏک ڏسڻا پوندا، ڪهڙا ڪلور ڪاٽڻا پوندا بلڪ سر به سلامت نه رهندو، پر تڏهن به انهن سڀني ڳالهين کان پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ اعليٰ ۽ اتم، بهتر ۽ برتر سمجهيائين ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته سنڌ جي رهاڪن ۾ نه رڳو پڙهيل، متمدن ۽ شهرن ۾ رهندڙ عورتن ۾ بلڪ جهنگ جي جهانگين، ڏٿ ۽ ڏونئرن تي گذران ڪندڙن، پڪن ۽ پيرن تي پلجندڙن ۾ به غيرت، حميت ۽ عصمت بچائڻ جو گڻ ۽ خوبي موجود آهي. پاڻ کي چوي پيئي ۽ دل کي يقين پيئي ڏياري ته:-

ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾ لوئي هڏ م لاهه،
ڪامڻ اوهانجي ڪر جي ايءُ آڏ وڏائي آهه،
ستي سيل نباهه، ملير ويندئين مارئي.
 

همت ۽ استقلال انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو چئبو، صداقت ۽ سچائي، همت ۽ جرائت ٻي ڪهڙي ليکبي، جو وطن کان وڇڙيل، ديس کان دور، مٽن ۽ مائٽن کان ڌار، نه اوهي نه واهي، نه ساٿي نه همراهه، ضغيف ضائفه، ڪوٽن ۾ قابو، زنجيرن ۾ ڪڙيل، بادشاهه جي ضابطه ۽ قبضه ۾ ته به چوي ته:-

ملڪ ماروءَ جي آهيان، زور نه ٿيان جوءِ،

سو قلب ڪوٽ نه هوءِ، جو هتيجن هٿ ڪيو.

عمر اڃا ڪپڙا ڪاڻياريون ڪيئن ڪن

 جنهين جا ٿرن ۾ ور ٿا ويڻ سهن

هوءَ جي حق ڀڃن، سي ڪئن ستيون سومرا.

بادشاهه کي کتو جواب ڏيڻ ۽ سندس ڪابه آڇ نه مڃڻ، نااميد ڪرڻ، اهو ڪمال درجه جو استقلال ۽ همت، غيرت ۽ جرائت، محڪم مزاجي ۽ بي باڪي آهي.

وطن جي محبت جو ته مارئي زنده مثال آهي، جيئن چوي ٿي:-

واجهائي وطن کي، ساري ساه ڏيان
هئي سير ساڻيهه سامهون منهنجو نج ميان
مقامياڻي ماروئين، وڃي ٿر ٿيان
ميائي جيان، جي وڃي مڙهه ملير ۾.
 

عمرڪوٽ جون اوچون ماڙيون، باغ ۾ بنگلا، قيام ۽ طعام، زربفت ۽ اطلس، پٽ ۽ پٽيهر، پلنگ ۽ پٿراڻيون، هندورا ۽ حويليون، ٻانهيون ۽ دايون، اٺ ۽ گهوڙا، عطر ۽ عنبير، شاهاڻو شان، مرتبو ۽ مان بلڪ هر ساز و سامان ٿر جي ڀٽن ۽ واري جي وٿاڻن، چونرن ۽ چبوترن، ڪرڙن ۽ ڪنڊن، ڏٿ ۽ ڏونئرن، رڍن جي اُن جي کٿي، ٻڪرين ۽ رڍن، دٻن جي پاڻي، اس ۾ هلڻ، پٽ ۾ پهون چارڻ کان گهٽ هئا ڇا؟ پر اهو حب الوطني من الايمان جو جذبو ۽ جوش هو ۽ وطن سان بي پايان الفت هئي جنهنڪري وطن جي رواجي ۽ معمولي چيزن سان اعليٰ درجي جون شيون به تمام گهٽ ٿي سمجهيائين.

آسرو الله ۾ ۽ يقين دل ۾ هوس ته نيٺ ملير ۾ مارن سان وڃي ملنديس جو صداقت کي سوڀ آهي تنهن ڪري دل کي دلاسا ڏئي چوي ٿي ته:-

م ڪي روءِ، م رڙ ڪي، م ڪي ڪر دانهون

ستي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻج ٻانهون

لڏيء جت لائون، سو ڏيهه پسندينءَ مارئي.

مارئي زور زبردستي سان ٿر جي کوه تان کڄي آئي هئي ۽ ڪوٽن ۾ قابو هئي، سندس ڪو وس ڪونه هو نڪا ڀيڻي ڀر، ان ڪري کيس قصور وار نٿو چئي سگهجي پر مارن جي محبت ۽ سندن مان مٿي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي قصور وار بنائي ۽ هيڻي حال سان پئي چوي ته:-

سونهن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻ،
ڪيئن لهنديم ڪاڻ؟ حسن مون هت ويو.
 

مطلب ته سانگياڻي سون خوبين سان سينگاريل هئي جنهنجي هر هڪ خوبي اسان لاءِ نصيحت آموز سبق آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com