سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو :4

الهه بخش سرشار عقيلي

شاهه جي زبان

 

شاهه جي رسالي کي سنڌي ٻوليءَ جو ڪلاسڪ مڃيو ويو آهي ۽ ڪلاسڪ لفظ جي لغت موجب اها معنيٰ آهي ته جا شئي ان ٻوليءَ جي ادب ۾ اول درجي جي هجي يا جنهن ۾ مڃيل خوبيون سڀ موجود هجن.

انهن مڃيل خوبين ۾ سڀ کان پهرين خوبي خود زبان جي خوبي آهي. ڪا ادبي شيءِ ڪنهن خاص ٻوليءَ جو ڪلاسڪ تڏهن مڃي ويندي جڏهين پهريائين ته ان ۾ خاص ان ٻوليءَ جون مڃيل خوبيون موجود پاتيون وڃن.

ڊاڪٽر سورلي، شاهه لطيف تي لکيل پنهنجي محققانه ڪتاب جي جلد ٻئي ۾ هڪ خاص باب قائم ڪيو آهي، جنهن جو عنوان لکيو اٿس هڪ ڪلاسڪ جو جنم ڊاڪٽر سورلي جي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪلاسڪ خود ڄائوئي ان وقت جڏهين شاهه جو رسالو وجود ۾ آيو.

اگرچ سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيون شيون ان کان اڳ به پيش ٿي چڪيون هيون ۽ بيشمار ادب ان کانپوءِ به پيش ٿيندو آيو آهي، پر ان کان اڳ پيش ٿيل شيون هن معنيٰ ۾ ڪلاسڪ جي درجي تائين پهچي نه سگهيون هيون ۽ ان کانپوءِ جو ڪجهه پيش ٿيو سو خود انهي ڪلاسڪ جي ڄمڻ جو نتيجو هو. ڪلاسڪ هڪ دفعو ڄمڻ کانپوءِ ان ٻوليءَ جو مخصوص رنگ ٻهاري ۽ قائم ڪري ٿو ۽ پٺيان ايندڙن لاءِ هڪ اهڙي واٽ گهڙي ٿو جا پنهنجي ليکي مستقل هجڻ سان گڏ صحيح ڏس ۾ ان ٻوليءَ جي واڌاري جو سبب بنجي ٿي.

شاهه جي زبان انهيءَ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شڪل آهي. هي اها شڪل آهي جا ڪنهن به ٻوليءَ جي سلامتي جو سبب بنجي ٿي. زمانه جي گذرڻ بعد ڌارين ٻولين ڳالهائيندڙن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب يا ملڪ تي ڌارين قومن جي تسلط هجڻ سبب ملڪي ٻوليون ڌاريان اثر قبول ڪري وٺن ٿيون.

اهڙين حالتن ۾ اها ڪلاسيڪل شڪل ئي آهي جا ڪنهن خاص ٻوليءَ جي بچاءُ ڪري ٿي ۽ انکي ڌارين لهر ۾ لڙهي وڃڻ سان پنهنجي اصليت گم ڪرڻ کان بچائي ٿي، ٻولي جي لغت کي پاڻ ۾ سميٽي محفوظ رکي ٿي، ٻوليءَ جا اصلي ڌاتو يا اشتقاق ۽ اصلي لهجا ۽ اُچار ۽ اصلي ورجيسيون يا نحوي ترڪيبون سلامت رکي ٿي جن تي خود ٻوليءَ جي انفرادي وجود جو مدار آهي.

هاڻوڪي زماني جا ڪيترا پڙهيل سڄڻ اها شڪايت ڪندا آهن ته اسان کي شاهه جي زبان سمجهڻ ۾ دقت ٿئي ٿي اگرچه هنن جي پنهنجي مادري زبان سنڌي هوندي آهي. اهي پاڻ جيڪڏهن غور سان ڏسندا ته کين معلوم ٿيندو ته هنن پاڻ ئي ڌارين ٻولين جا ايترا غلاف پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ تي چاڙهي ڇڏيا آهن جو مادري ٻولي يعني ماءُ جي هنج ۾ حاصل ڪيل ٻوليءَ کان هو پاڻ گهڻو پري نڪري ويا آهن ۽ انهيءَ ڪري پاڻهي پاڻ لاءِ هڪ مونجهارو پيدا ڪري ويٺا آهن. انهي شڪايت جو علاج ئي اهو آهي ته ڪجهه عرصو هو پنهنجي گهرو ٻوليءَ ڏانهن رغبت رکن ۽ پوءِ ڏسن ته شاهه جي زبان سمجهڻ ۾ هنن کي ڪيتري نه آساني ٿي ٿئي. هاڻي اسانکي ڏسڻو آهي ته شاهه صاحب ڪيئن پنهنجي ڪلام جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي لغت کي وڏي ڀاڱي پاڻ ۾ سميٽي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪيئن ٻوليءَ جي لفظن جا اصلي ڌاتو، اصلي لهجا، ۽ اچار ۽ اصلي ورجيسيون، پهاڪا ۽ اصطلاح سلامت رکيا آهن، ڪيئن شاهه سنڌي ٻوليءَ جي سڀني رائج ٿيل شاخن کي نمائندگي ڏني آهي ۽ ڪيئن هنن بنهه ڌارين ٻولين جا اهڙا لفظ سندن سنڌي چولي ۾ پيش ڪيا آهن جي عام استعمال ۾ اچڻ سبب ٻوليءَ ۾ سمائجي ۽ کپي ويا هئا. بلڪه اسانکي اهو به ڏسڻو آهي ته ڪنهن خاص خيال جي ادائگي مجموعي طور شاهه ڪنهن ڌارين ٻولي جي مقابله ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪئن اهڙي تڪي توري بهاري آهي جو اها ادائگي خود ان قوم جي طول طريقه جي به آئينه دار ٿئي جا قوم ان ٻوليءَ کي ڳالهائي ٿي. زبان جي لحاظ کان اهي ڳالهيون آهن جن کي اسين پنهنجي هن متبرڪ ڪلاسڪ مان حاصل ڪري انهن کي پنهنجي ادب جي آئنده لاءِ رهبر طور اختيار ڪري سگهون ٿا جئن هر ڪنهن ٻوليءَ جا گهڻگهرا پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ڪندا آهن.

جيتري قدر پنهنجي ٻوليءَ جي لغت کي پنهنجي ڪلام ۾ سميٽي محفوظ رکڻ جو تعلق آهي، شاهه جو رسالو مجموعي طور هن ڳالهه جي ثبوت لاءِ پنهنجو پاڻ هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن جي باري ۾ نه فقط پنهنجن ٻوليءَ جي ماهرن کي مڃايو آهي پر ڌار ڌار ٻولين جي کوجنائن ڪندڙن جي واتان به هن ڳالهه جو تعجب سان اقرار ڪرايو آهي.

پنهنجن مان هڪ ٻوليءَ جو ماهر جنهن کي دنيا جي ٻين ڪيترين مکيه ٻولين ۾ به مهارت حاصل آهي سو اجهو هنن لفظن ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو:

ملٽن پنهنجي جمله ڪلام ۾ انگريزي زبان جا ڪل اٺ هزار لفظ سميٽيا آهن ۽ شيڪسپيئر ڪل اٽڪل سورهن هزار لفظن تائين ويو آهي. شيڪسپيئر سورهن صدي عيسوي جي ايلزبيٿ دور جي انگريزيءَ جو نمائندو آهي.

شاهه لطيف ارڙهين صدي عيسوي جي سنڌي زبان جي لفظن جي ذخيره کي نباهيون ويجهاهيو ۽ وڌايو آهي. ٻوليءَ جي لفظن جي ڳاڻيٽي جي لحاظ کان شاهه لطيف جي ڪلام جو ذخيرو دنيا جي ٻين ٻولين جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ پيش ٿيل لفظن جي ذخيرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڌيڪ آهي. رساله ۾ سنڌي ڪلام جا 36 عنوان آهن جن کي سر سڏيو ويندو آهي. (انهن ۾ هڪ سرائڪي ۽ هڪ ڍاٽڪي سر به شامل آهن جن کي ٻولين جي عام اصول موجب اسين سنڌي ٻوليءَ جون شاخون ٿا سمجهون).

انهن 36 سرن ۾ وري ڌار ڌار عدد ۾ داستان آهن، جن جو تعداد هر هڪ ۾ هڪ کان وٺي ٻارهن داستانن جي وچ۾ آهي. جمله تعداد داستانن جو هڪ سئو ٻاونجاهه آهي. لغت جي لحاظ کان سنڌي ٻولي جا جيڪي ڌار ڌار لفظ آهن انهن داستانن ۾ سمايل آهن، تن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته سواءِ شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي، ٻين ڪن ٿورن دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعرن جو ذخيرو، شاهه جي سميٽيل ذخيره جي ڀيٽ ۾ پيش ڪري سگهبو. پر رڳو لفظن جو ڳاڻيٽو به ڪو اهڙي پرک ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڪنهن ٻولي ۾ وڌ کان وڌ خيالن ادا ڪرڻ لاءِ شاعر جا وسعت پيدا ڪري ٿو تنهن کي به جيڪڏهن نظر ۾ رکيو وڃي ته مڃڻو پوندو ته شاهه لطيف فقط هڪ صوبائي ٻولي کي جنهن اوج تي پهچايو تنهن تي ٻين گهڻن صوبن ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين مان ڪنهن هڪ ٻوليءَ جو فقط هڪ شاعر نه پهچائي سگهيو. چيو وڃي ٿو ته شاهه جي رسالي جا ڪي بيت، بلڪ ڪن سرن جا ڀاڱا يا مورڳو ڪي ننڍا سڄا سر شاهه جا چيل نه آهن. پر انهي دليل جو به اسانجي هن حجت تي ڪو اثر نٿو پوي ڇو ته انهن بيتن يا سرن جي ڀاڱن کي به هن طرح هڪ هنڌ سميٽي ڇڏڻ لاءِ به اسين خود شاهه جا ٿورائتا آهيون. انهن مان گهڻا اهڙا آهن جي شاهه جي اڳيان چيا يا ڳايا ويندا هئا ۽ انهي ڪري رساله ۾ جمع ٿي ويا آهن. پر اسانجي دليل مان ظاهر آهي ته خود انهن جو به اهڙي طرح جمع ٿي وڃڻ فائده کان خالي نه آهي. تڏهين چئبو ته جيڪي سڄڻ باريڪ کوجنائون ڪري اهڙي مواد کي رساله مان ڪڍي مورڳو ڦٽو ڪرڻ جي پويان پيل آهن سي ته اسان جي ادب کي انهي فائده کان محروم ڪرڻ ٿا گهرن جو ان کي شاهه جي ذوق سليم جي صدقي نصيب ٿيو آهي. اهڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪن حالتن ۾ هن جذبه هيٺ به ڪرڻ ۾ پيئي اچي ته ڀلا ٻين جي موڙي تي رڳو شاهه جو نالو ڇو چمڪي. پر جن ۾ ڪن جا نالا موجود آهن تن جا نالا ته شاه به جئن جو تئن رهڻ ڏنا آهن ۽ جي نالي چمڪڻ سان ئي مقصد هجي ها ته جيڪر شاهه پنهنجي وقت جي دربارن جي ذريعي اهو ڪم بهتر نمونه ڪري سگهي ها ۽ هوند هڪ سڃي ڀٽ ڪين وڃي وسائي ها. مطلب ته شاهه صاحب جو سڀڪو لايو سجايو آهي ڇو ته اهو خلوص تي ٻڌل آهي.

هاڻي هن پهلو کي ڇڏي، اچو ته ڪلاسڪ جي ٻين بيان ڪيل پهلوئن جي روشنيءَ ۾ شاهه جي رسالي جي زبان کي جانچيون.

عربن جي فتح ڪيل سنڌ جي حدن ۾ جيڪي به مڪاني ٻولي جا قسم هن خطه ۾ ڳالهايا ويندا هئا تن سڀن جي ڀاڱي پتيءَ پٽاندر شاهه جي رسالي ۾ نمائندگي ٿيل آهي. رسالي جي عام ٻولي وچولي ۽ لاڙ جي ٻولي آهي جي سماٽ قومن جا اصلي مرڪز هئا ۽ انهي ڪري اُچارن، لهجن ۽ پڻ گرامر جي قاعدن ۽ نحوي ترڪيبن ۾ انهي کي ئي اختيار ڪيو ويو آهي ۽ شاهه صاحب جي ئي دڳ لائڻ جي آڌار تي اهيئي نمونا اسانجي ڄاڻو تعليمي ماهرن درسي ڪتابن ذريعي رائج ڪيا ۽ اهڙيءَ طرح اسانجو وڌندڙ ادبي ذخيرو صحيح ڏس ۾ هلڻ لڳو. اڃان ئي ڪجهه ٺيٺ لاڙي لفظ ۽ لفظن جون اڳاڙيون، ڪي سندن اصلي ميٺاج سبب ۽ ڪي گرامر جي جزي هجڻ سبب شاهه صاحب جئريون رکيون جن کي پوءِ جي تعليمي نصاب وارن نامعلوم سببن ڪري ترڪ ڪري ڇڏيو. جئن ته: ڇا جي بدران ڪڄاڙو، نه ڇڏ جي بدران م ڇڏ وغيره.

پر اسانجي ٻوليءَ جالاسي، سرائڪي، ٿري، ڪڇي بلڪه بروهي ۽ بلوچي جزا به شاهه حصي پٽاندر محفوظ ڪيا آهن ۽ ڪيترن سڄڻن شاهه صاحب جي خالص اهڙن ڪتب آندل لفظن جو ڌار فهرستون سمجهاڻين سان مرتب ڪيون آهن جن مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن قسمن جي ٻوليءَ جو به ڪافي حصو شاهه سميٽيو آهي.

اهڙي طرح ڪن سڄڻن رڳو شاهه جي ڪتب آندل پهاڪن کي ئي ويهي جمع ڪيو آهي ته چڱا موچارا ڪتاب لکجي پيا آهن. ڪڙمين، ڪاسبين ۽ وڻجارن جي مخصوص اصطلاحن جو ته رسالي ۾ ڪاٿو ئي ڪونهي، اهي پنهنجي ليکي لغت جو هڪ چڱو حصو والارين ٿا ۽ اسانجي ٻوليءَ جي هڪ نهايت امتيازي خاصيت جا عام نظرن کان اوجهل آهي سا پڌري ڪن ٿا، اهڙي طرح ٻوليءَ جي هڪ ٻي امتيازي خاصيت جنهن موجب ساڳي شئي جا ٿوري ٿوري فرق سان نالا بدلندا رهن ٿا تنهن کي به شاهه صاحب اهڙو نڀايو آهي جو پوري موقعي سان ڌار ڌار نالو ڪتب آڻيندو ويو آهي، جئن خود سندس شعر ئي لفظ جي سمجهاڻي بنجي پوي ٿو.

اهڙي طرح لفظي محاورا جن موجب هڪ لفظ ئي پنهنجي عام لغوي معنيٰ کان سواءِ ٻي معنيٰ به ڏئي ٿو تن جو اهڙو استعمال به شاهه صاحب محفوظ ڪيو آهي. مثلاَ لفظ گهوڙا.

دانهن يا زور ڀريل آوازن جي معنيٰ ۾:-

ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا.

آفت يا مصيبت جي معنيٰ ۾:-

گهوڙن هنئي سڀڪا، اٺن هنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنڍي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
 

شاهه جي ڪتب آندل زبان انهي ڳالهه جي به آئينه دار آهي ته ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ادا ٿيل ڪنهن خاص خيال کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ چيدن لفظن ۾ ڪئن تڪي توري بهارجي، جئن اصلوڪو خيال پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه فقط پورو ادا ٿي وڃي بلڪ ڌارين ٻولين جي مقابله ۾ پنهنجي ٻولي ۾ ادا ڪرڻ سان خيال جي بلنديءَ سان گڏ پنهنجو مخصوص فطري لاڙو به واضح ٿئي، ڇو ته ٻولي ان قوم جي طور طريقه جي آئينه دار هجڻ گهرجي جا انکي ڳالهائي ٿي مثلاَ گرنٿ ۾ هڪ وائي آهي ته:-

جي سئو چندرا اُگهي، سورج چڙهن هزار،

اتني چاندن هونديان، گرين گهور انڌيار.

ساڳئي خيال جي سنڌيءَ ۾ شاهه جي ڪيل ادائگي هن ريت آهي ته:-

سهسين سجن اڀري، چوراسي چندن،

بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

بالله جي لفظ آڻڻ سان شاهه صاحب جي شعر ۾ ايترو زور ۽ تاڪيد پيدا ٿي پيو آهي جو لفظ ٻڌائي ٿو ته چوڻ وارو ايمان جي پختگي ۽ قلب جي تصديق سان اها ڳالهه چئي رهيو آهي ته جڳ لاءِ ڪيترا به کڻي سج چنڊ اڀرن پر محبوب جي هجڻ کانسواءِ جيتريقدر منهنجي جند جو تعلق آهي آءٌ پاڻ لاءِ اونداهي ئي اونداهي سمجهانٿو. ساڳي طرح حافظ شيرازي جي هڪ غزل جو شعر آهي ته:-

درميان قعر دريا تخته بندم کرده،
بازمي گوئي که دامن تر مکن هشيار باش.
 

حافظ خود محبوب کي ٿو ڏوراپو ڏئي ته مونکي وچ درياه ۾ تخته سان ٻڌي کڻي ڦٽو ڪيو اٿئي پوءِ ٿو چوين ته پلاند نه پساءِ؟ پر شاهه صاحب ساڳيو خيال نماڻن لفظن ۾ پنهنجو پاڻ ادا ٿو ڪري. نڪي محبوب کي مخاطب ٿو ڪري نڪي انکي ڏوراپو ٿو ڏئي بلڪ اٽلندو هڪ مٺڙي ۽ دل وڻندڙ حقيقت ٿو بيان ڪري:-

مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو نار ۾،

اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.

 (بشڪريه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن)

 


 

سيد منظور نقوي

شاهه جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام خوبين جو هڪ اهڙو مجموعو آهي جنهن مان صنف شاعري جي هر صنف ملي سگهي ٿي. واديءَ سنڌ ۾ هي ئي هڪ اهڙو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن شاعري جي هر خوبي کي نهايت خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آهي. سندس ڪلام جي چمن ۾ استعارن جا شگوفا، اصطلاحن جا گل، تلميحات جون مکڙيون، ترڪيبن جا شعر سڀ موجود آهن پر هتي اسان کي شاهه جي ڪلام جي محاسبن مان فقط فصاحت ۽ بلاغت جو ذڪر ڪرڻو آهي انڪري اسين فصاحت ۽ بلاغت کي جدا جدا بيان ڪنداسين. فصاحت لفظ جي معنيٰ آهي خوش بياني، صاف، شسته ڪلام، غير مانوس لفظن کان ڪلام جو پاڪ هجڻ. يعني مطلب سٺي نموني ۾ سادن لفظن ۾ بنا غلطي جي بيان ڪرڻ. انهي مثال ۾ شاهه لطيف هڪ هنڌ مارن جي خوش حالي جو بيان هيئن ڪيو آهي ته:

ٿر وٺا، بر وٺا، وٺيون ترايون،
پره جا پٽن تي ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا سنگهاريون سايون،
ساري ڏهن سامهيون ٻولهايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پانهنجي.

 

سڄي بيت ۾ ڪوبه غير مانوس لفظ يا ترڪيب ڪم نه آيل آهي مطلب کي نهايت سادن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ لفظن کي اهڙي طرح ڪم آندو ويو آهي جو بيت پڙهڻ سان هڪ منظر اکين اڳيان ڦريو وڃي. ساڳئي سارنگ سر ۾ ٻئي هنڌ هڪ بيت آهي جنهن ۾ شاهه مينهن جا تاثرات نهايت سادن لفظن ۾ ۽ نهايت بهترين نموني بيان ڪيا آهن.

بيت آهي ته:

اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪريون ڪاريون،

وسي ٿو وڏ ڦڙو ٽهڪن ٿيون ٽاريون

لٿن لڪ لطيف چئي ڍايون تا ساريون

ڀڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻ آئيون.

هن بيت ۾ به نهايت فصيح زبان استعمال ڪئي وئي آهي. الفاظ اهڙا ته چونڊيا ويا آهن جن مان ڪوبه غير مانوس نه آهي آخر ۾ ته لفظ ڀڄڻ اهڙو بهترين ڪم آندو ويو آهي جنهن جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون هڪ ته مينهن ۾ پسڻ ۽ ٻيو ڀرجڻ. ٻئي معنائون ٺهڪيو اچن يعني اهي ڀٽاريون مينهون مينهن ۾ پسنديون اچن يا اهي مينهون کير ۾ ڀرجيو وٿاڻ تي اچن پيون. وري سر سورٺ ۾ شاهه هڪ هنڌ ٻيجل جي اچڻ ۽ سوال ڪرڻ جو ذڪر هڪ بيت ۾ نهايت پسنديده لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. بيت آهي ته:-

محلين آيو مڱڻون، ساز کڻي سرندو،
سر جي صدا سر ۾ گهور هڻي گهرندو،
مٿي ريءَ ملوڪ جي چارڻ نه چرندو
جهونا ڳڙهه جهرندو، پندي جهان جهروڪ ۾.

 

مڱڻهار جي جهونا ڳڙهه ۾ ساز کڻي سر جي صدا ڪرڻ جي بيان کي شاهه لطيف ڪهڙو نه عمده نموني ۾ آندو آهي. انکان سواءِ سرندو لفظ جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون هڪ ته وڄائڻ جو ساز ۽ ٻيو آهسته آهسته رڙهي اچڻ. وري سر ۽ سر جا لفظ تجنيس خطي جو عمده مثال آهن. انکانسواءِ ساز سان سرندو، چارڻ سان چرندو، گهور سان گهرندو ۽ جهونا ڳڙهه سان جهرندو الفاظ آڻي خوش بياني جي انتها ڪري ڇڏي اٿس. ائين جي شاهه لطيف جو هر بيت فصاحت جي معيار تي پرکبو ته اٽڪل پورو نظر ايندو هونءَ ته لفظ فصاحت ۽ بلاغت ۾ نظم يا نثر جون سڀ خوبيون اچي وڃن ٿيون انڪري اهو ضروري ناهي ته انهن خوبين کي جدا جدا بيان ڪجي انڪري باقي بلاغت جو بيان ڪجي ٿو. بلاغت جي معنيٰ آهي ٻڌڻ وارن سان سندن فهم مطابق ڪلام ڪرڻ. مطلب کي ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪرڻ جيئن ٻڌڻ وارو سمجهي سگهي ۽ بيان ڪرڻ وقت زبان جو لڪنت نه ڪرڻ يعني ٻڌڻ وارن سان سندن سمجهه مطابق ٿورن مناسب ۽ سٺن لفظن ۾ مقصد بيان ڪرڻ، جي غور سان ڏسبو ته شاهه جو هر بيت بلاغت جو معيار آهي.

هتي ٿورن بيتن جو بيان ڪجي ٿو. سر رپ ۾ شاهه لطيف هڪ بيت هيئن چيو آهي ته:-

اني جيئن مورن اوڀڙو لهارن ۾،
سا پر گوندر ڪن، جه پوڙائو سڄڻين.
 

انهي بيت جي معنيٰ هي آهي ته جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ ڀلين زمينن مان گاه ڦوهارا ڪري اڀرندو آهي تيئن سڄڻن جي جدائي ۾ گهڻا ڏک سور پيدا ٿيو پون. علم الڪلام ۾ هي به آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالهه کي نه سمجهي سگهندو آهي ته کيس مثال يا تشبيه سان سمجهائبو آهي. شاهه به پنهنجي ڪلام ۾ مثال ۽ تشبيه کي روا رکي پنهنجي ڪلام کي بلند منزل تي رسائي ڇڏيو آهي. انهي بيت ۾ به تمثيل ۾ شاهه لطيف ٻڌايو آهي ته جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ زمين ۾ هنڌان هنڌان گاهه ڦٽي نڪرندو آهي تيئن جدائي ۾ سور سيني کي ڏاريون اڀرن ٿا. انکانسواءِ ٿورن ۽ مختصر لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي مضمون کي نڀايو اٿس ۽ نڀايو به اهڙي طرح اٿس جو هر فهم وارو بيت آساني سان سمجهي سگهي ٿو. اڳئي سر رپ ۾ هڪ ٻيو بيت هيئن آهي ته:-

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون،
پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.
 

پهرين سٽ ۾ ٻه محاورا آيل آهن هڪ ته ڳالهيون پيٽ ۾ سانڍڻ ۽ ٻيو ته وڌي وڻ ٿيڻ. انهي بيت جي معنيٰ ٿيندي ته محبت جون ڪيتريون ڳالهيون اندر ۾ سانڍيو وتان، ٻين جي منهن تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ مونکان نه ٿيون پڄن ۽ اڪيلائي ۾ وري محبوب نٿو ملي. مضمون ڪهڙي نه بهترين انداز ۾ ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. وري هڪ هنڌ هي بيت چيو اٿس ته:

سور م ڏئيم ڌوڻ، آءٌ اڳيئي ڪانهري،
جا پر پاڻي لوڻ، تنهن پر منهنجي جندڙي.
 

نهايت ٿورن لفظن ۾ صنف کي مثال ڏئي سمجهايو ويو آهي ته اي درد آءٌ اڳ ۾ ئي تنهنجي سٽ سهڻ جي قابل نه آهيان منهنجي بدن جي اهڙي حالت آهي جهڙي پاڻي ۾ لوڻ وجهڻ سان لوڻ جي حالت ٿيندي آهي يعني لوڻ ڳري پوندو آهي، تيئن منهنجو بدن به تنهنجي سٽ نه سهي سگهندو. ٿورن ۽ مناسب لفظن ۾ ڪيئن نه مقصد کي بهترين نموني ادا ڪيو ويو آهي. ٻئي هنڌ هڪ بيت آيل آهي ته:

لڄايا مونهان، ساجهر ئي سيڻ ويا،

پين ڀنڀوران، سڌ منهنجي ذات جي.

هن بيت جي معنيٰ هي ٿيندي ته مونکان منهنجن سڱاوتين کي شرم آيو انڪري سوير ئي ويا هليا. شايد کين ڀنڀور مان ڪنهن ٻڌايو ته سسئي جي ذات ٻانڀڻ آهي. ڪيڏو نه وڏو مضمون ڪيترن مختصر لفظن ۾ ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان آندو ويو آهي جو مضمون هر پهلو کان ادا ٿي ويو آهي! اها به بلاغت جي نشاني آهي. بلاغت جو شرط هي به آهي ته ڪلام سليس ۽ بامحاوره هجي، هونءَ ته شاهه لطيف جي سون بيتن جون سٽون واديءَ سنڌ ۾ محاورا ٿي پيون استعمال ٿين پر محاورن کي شاهه بيتن ۾ اهڙي خوبي سان جڙيو آهي جو ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ ته محاورا نهيائي شاهه جي بيتن لاءِ هئا. هڪ محاورو سنڌي زبان ۾ مستعمل آهي، ٻڌيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ. انهيءَ محاوري کي شاهه سر سهڻيءَ ۾ هيئن نڀايو آهي:

ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتي ڏينهنڙا هڏ هن تان نه هئي،
چڪي تنهن چري ڪئي جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي وڌو قرب ڪهي،
هٿئين هوند مئي، پر ٻڌي جا ٻيڻا ٿيا.

 

پڇاڙي واري سٽ جي معنيٰ ٿيندي ته سهڻي هونءَ ئي مري ها پر ٻڏي مئي ته حيات جاودان مليس. يقين آهي ته انهي کان وڌيڪ سٺي نموني ۾ انهي محاوري جو استعمال ٿيڻ مشڪل آهي. وري هڪ ٻيو محاورو هاڃي هڻڻ به عام طرح سان مروج آهي. شاهه لطيف انهي محاوري کي هيئن جڙيو آهي:

کوءِ ڪتڻ، ٻن ڪپاهه، کوءِ آتڻ ٻن جيڏيون،
ساجن منهنجو ساهه، هاڃي ۾ هڻي ويو.
 

ملاحظه ٿئي محاوري کي ڪهڙي نه بهترين نموني ۾ استعمال ڪيو ويو آهي! تنهن کانسواءِ مناسب لفظن ۾ مضمون ادا ڪري بلاغت جو هڪ معيار قائم ڪري ڇڏيو اٿس. هڪ هنڌ غفلت جي مضمون کي سسئي پنهون جي قصي ۾ هيئن بيان ڪيو اٿس:

جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،

تڏهين تنين کي، ساٿ ستيئي ڇڏيو.

جي اهو غفلت جو مضمون تشبيه سان نثر ۾ ادا ڪجي ته جيڪر ڪافي سٽون لکڻيون پون پر شاهه پنهنجي بليغ ڪلام سان هڪ وڏي مضمون کي چند مناسب لفظن ۾ اهڙي طرح سان آندو آهي جو هر انسان جاهل يا عالم جي فهم جي معيار تي پورو ثابت ٿيندو ۽ هر ڪو ٿورن لفظن سان غفلت جي مضمون کي سمجهي ويندو. مارئي جي کڄي اچڻ جي هڪ عجيب ڪيفيت کي شاهه هيئن ٻن سٽن ۾ ادا ڪري ٿو:

ڌريائين ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪئا،

تن سڪن ڪهڙي سار، ته ڪي اٺا مينهن ملير تي.

هڪ اهڙي بلاغت جي منزل تان نظم ڪئي اٿس جنهن ڳالهه کي اندر ۾ ادا ڪرڻ ئي مشڪل آهي ۽ ٻن سٽن جي مختصر لفظن ۾ هڪ معنوي درياءُ بند ڪري ڇڏيو اٿس. صرف ملير جو لفظ مارئي جي بيان ڏي اشارو ڪري ٿو ورنه سڄو شعر تشبيهي آهي ۽ تشبيهه مارئي جي بيان لاءِ ئي بهتر آهي. شاهه هڪ هنڌ وصال جي مضمون کي هڪ بيت ۾ هيئن نڀايو آهي ته:

جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين،

تهان پري سڄڻ، واڌايون وصال جون.

يعني جي قيامت جي ڏينهن سڄڻ ملن ته آءٌ جيڪر کين گهڻو ويجهو سمجهان پر حقيقت ۾ قيامت جي ڏينهن کان به وصال وارو ڏينهن گهڻو پري آهي. ٻن سٽن جي بيت ۾ ڪهڙا نه مناسب لفظ آڻي مقصد کي سمجهايو اٿس. اڃان به انهيءَ بيت ۾ جيڪو حظ آهي انهي جي ترجماني مشڪل آهي. هڪ هنڌ سسئي جي بيڪسي جي تصوير ٿورن لفظن ۾ هيئن چٽي اٿس ته:

ڪلهي ڦاٽم ڪنجرو مٿو اگهاڙو،

منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.

اهڙا ساڌا ۽ موثر لفظ آڻي سسئي جي بيڪسي بيان ڪئي وئي آهي جو ممڪن ئي نه آهي ته ٻين لفظن سان اهو مضمون ادا ٿي سگهي ۽ انکانسواءِ بلاغت ايتري ته آهي جو هر فهم وارو بيت ٻڌڻ سان مضمون سمجهي سگهي ٿو. لفظ وري اهڙا آندا ويا آهن جن جي ادائگي زبان تي بار نٿي ٿئي. عرب جي فصيح ۽ بليغ زبان آهي قرآني زبان. ممڪن آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام جي فصاحت و بلاغت کي قرآني جي فصاحت و بلاغت سان تشبيهه ڏيندي هي بيت چيو هجي:

جي تون بيت ڀانئين، سي آيتون آهن،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
 

(بشڪريه ريڊيو پاڪستان

حيدرآباد اسٽيشن)

 

  

جهامنداس ڀاٽيه

لاکيڻو لعل

لطيف لکه لاکيڻو لعل!

سدا سرهاڻ سندس معطر ڪندي پي رهي آهي وس کي جسم سندس جو جس ڳائي پيو ڳوٺاڻو خواهه شهري.

مگر هيءُ ته رنگ پور جو راڻو اوراڻو اوريندو ٿو رهي اُڀر ۽ اُسر جو، لکڻي سندس لاهوتي، اکر سندس آگ اٿارڻ وارا، تصويرون سندس نازيون، ناز واريون رمڻيون جي؛ هو نائڪائون بنائي ناٽڪ ٿو رچائي تن جي ڪلاڪاريءَ ڪري هو امر ۽ اجڙ رهندو.

وقت وٽ وت ڪٿي، ويڪر ڪٿي جو ههڙي ڪامل ڪاريگر کي ڪڇ ڪري زماني کي سڃو ڪري سگهي.

ڀٽون ڀيٽي تاني پيٽي نج عشق جو اسم ٿي پيو هو. عشق جو افسانو رومان جو ترانو آهي.

لطيف جو رومان لطافت کان وانجهي نه آهي. هن جا مانجهي صبوح جي ستاري وانگر ٽمڪ ٽمڪ نٿا ڪندا رهن. نڪي منجهن ڪا سانجهي جي رنگن جي راند آهي.

هڪ هڪ سورمي حيرت ۽ عبرت جي پيدائش آهي.

سينگار ۽ سوج، جي هو کين ٿو ڪرائي سي ڪنهن به رنگ جي سنگت جا محتاج نه آهن.

ڪهاڻيون قرب جون واڻيون آهن.

سندن راڻيون راڄ ڌياڻيون عشق جي ديس جون! عشق راند نه آهي، کاند آهي!

سهڻي، سسئي، مومل انهيءَ عشق جي افساني جون ويس ڌارڻيون آهن. سسئي راجائي ٻار آهي. مومل سونهن جو سينگار آهي مگر انهن جو پيچ ڪيچ ڌڻي، ڊٽ جي وڻجاري سان، ناز واريون نيهن نباهو سر جي سٽ ڏيڻ کان نٿيون پوءِ پون، سهڻي ته ڪنير ڪنيا آهي.

ڪامل ڪنڀر خبر نه آهي ڪئن ويهي کيس گهڙيو مگر لطيف جي گهڙت ۽ مڙهت موتين ۽ جواهرن جي جڙت کي شهه ڏيو وجهي. ڪيڏو نه لطف ڏنو هن فقير سمي جي سڪ ۾ جنهن نوري کي کڻي ڪڇ ڪيو. نوري نيازي هئي.

قرب سڀ ويڇا لوڙهي ٿو ڇڏي. سڀ تفاوت تڙي ٿو ڇڏي. هڪ طرف عورتن جي فطرت جو بيان ڪندي ليلا کي مڻي تي موهيو ڇڏي ۽ کيس هڪ رات لاءِ چنيسر کان جدا ڪيو وجهي.

ٻي طرف مارئي ڳوٺاڻي، عمر جهڙي حاڪم جي محلن ماڙين موتن مخملن، شربتن ۽ شيرنن جي آڇ کي ٺڪرايو ڇڏي.

عورت جي دل ٻنهي ۾ آهي.

مگر شاهه راهه رنداني وٺي بياني لاثاني بنايو ٿو ڇڏي. هو هڪ اصول واري، محبت واري عورت ٺاهي تيار ٿو ڪري.

مارئي ڪنهن افسانه نگار جي پئدائش نه آهي. هوءَ تواريخي هستي آهي مگر لطيف مستي جا منجهس مئي وئي آهي سا لطيف جو ئي ڪم آهي. شاهه اُها کڻي ٿو منجهس اوت اوتي جو نقاد دنگ رهجيو وڃن.

سندس ڪلام جو سلام عام و خاص سان آهي. سندس واس واريءَ جي قطري قطري ۾ پيو بکي. ڀٽون پيون آلاپ آلاپين. سنڌ جي ڳوٺاڻن ۽ اڻ پڙهيلن جي دلين جو هو شاهه آهي. علم وارا عقل ڪري سندس فقيريءَ جو قدر نه ڪندا مگر عشق ۽ درد وارا کيس رومان جو راڻو، عشق جو آقا ڪري قبول ڪندا. علم ۽ عقل، عشق ۽ عمل، ملڪي محبت ۽ محبوبي مشاهدي جي مشعال آهي رسالو.

ادب ۽ فضيلت، سياست ۽ رياضت، ناز ۽ نياز جو آواز آهي ڪلام ۾.

لطيف لطف جو انتخاب آهي رسالو. فيلسوفي جو آهي اعليٰ مقابلو، درد دل جي عرق جو آهي پيالو. خام خوديءَ جي مستي جو آهه اوتالو لطيف، شاهه ڪلاڪار آهي جو جدا جدا تجربن مان اُڪري اهو راڳ ٿو ڇيڙي جو جهنڊ کڻي ٿو ميڙي.

سندس ڪلام ۾ ڪا ڪوتاهي ڪانهي، سندس تند تنوار ۾ ڪابه گمراهي ڪانهي. آگاهي آهي اصلي، عقلي نه آهي راند، جي هجي ها ته سموري سنڌ جو سرتاج ڇو سڏجي ها؟

غازي کپن جي ماضي کي دفن ڪن، آئينده کي ڪفن ڏين، غواص کپن جي سپون سوڌين، موتي ديس کي آڇين. اڃان ته ماڻڪ پيتي ۾ بند آهن. شايد بند ئي رهن مگر جي اُت ئي پرزا ٿي پيو ته ملهه سندس پدما پري ٿي پوندو!

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارون،
دوا آهن دل کي تنهنجيون توارون،
ڪريان ٿي ڪارون، جئن  ٻڪي ٻئنئون نه ٿئي.

(شاهه)

 


 

ڊاڪٽر آصف جاه ڪارواني

شاهه ۽ اقبال

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال دنياءِ فڪر و خيال ۾ درخشنده ستارن جي حيثيت رکن ٿا. کين محض شاعر تصور ڪرڻ يا صرف شعراءَ ڪرام جي زمري ۾ شامل ڪري اسانجي نزديڪ ساڻن زيادتي آهي. هنن وٽ شاعري مقصد بالذات نه آهي بلڪه مقصد تائين پهچڻ جو ذريعو آهي. هي صاحب اهڙن ماڻهن مان نه آهن جي شعر و شاعري دل خوش ڪرڻ لاءِ وندر طور يا معاش جي ذريعي طور اختيار ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هنر جي ڪلام ۾ ٺلهي، خيال آرائي ۽ قافيه پيمائي نه آهي، نه وري فرضي حسن و عشق جي بنا تي گل و بلبل، شمع و پرانه، ليليٰ مجنون وغيره جا قصا آهن، بلڪ هو داراءِ نصب العين آهن ۽ سندن ڪلام سر تا سر پيغام جي حيثيت رکي ٿو. شاهه فرمائي ٿو:-

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

اکر پڙهه الف جو ورق سڀ وسار،

اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

علامه اقبال انهيءَ مقصد جو ذڪر ڪندي اسرار خودي جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته شاعرانه تخيل محض هڪ ذريعو آهي هن حقيقت ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ته لذت حيات، انا جي انفرادي حيثيت، اثبات استحڪام ۽ توسيع سان وابسته آهي بال جبريل ۾ پنهنجي ڪلام جي بامقصد هئڻ جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:-

محمد بهي تيرا جبريل بهي، قرآن بهي تيرا،

مگر يه حرف شيرين ترجمان تيرا هي يا ميرا.

گويا شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال جي سامهون هڪ مخصوص مقصد هو يعني انسان کي پنهنجي حقيقت کان آگاهه ڪري حقيقت ابدي سان سندس رشتو استوار ڪرڻ. چنانچه ٻنهي جي وجدان جو سرچشمو تعليمات ڪلام پاڪ آهي. ٻنهي جي خيال ۾ جمله موجودات عالم جي اصل ذات باري تعاليٰ يا به الفاظ علامه اقبال هڪ باشعور قوت تخليق آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:-

پاڻهين جل جلاله، پاڻهين جان جمال،
پاڻهين صورت پرين جي پاڻهين حسن ڪمال،
پاڻهين پير مريد ٿئي پاڻهين پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

 

سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،
سوئي سو پسي، تنهين سندي سوجهري.
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

 

علامه اقبال چوي ٿو:-

صد جهان پوشيده اندر ذات او،

غير او پيد اسد از اثبات او،

مي شود از بهر اغراض عمل،

عامل و معمول و اسباب و علل،

خيزد انگيزد، پرد، تابد، رمد،

سوزد، افروزد، کشد، ميرد، دمد.

خطبات ۾ چوي ٿو شعوري تجربي جو گهرو تزڪيو ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته تجربي (زندگي) جو انتهائي سرچشمو هڪ باشعور قوت تخليق آهي جنهنکي مون انتهائي خودي جو نالو ڏنو آهي. چنانچه اقبال ۽ شاهه ٻنهي جي نزديڪ انساني بهبوديءَ جو بنيادي شرط هي آهي ته خدا جي ذات ۾ اٽل ايمان هئڻ گهرجي. شاهه فرمائي ٿو:-

وحده لا شريڪ له اهيو وهائج وئ،

کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هئ،

پاڻان چوندءِ پئ، ڀري جام جنت جو.

وحده لا شريڪ له اي هيڪڙائي حق،

ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.

ٻنهيءَ جو سرور ڪائنات حضرت محمد صلعم ۾ ايمان آهي سر ڪلياڻ ۾ شاهه چوي ٿو:

وحده لا شريڪ له جن اُتوسين ايمان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي قلب ساڻ لسان،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.
 

علامه اقبال چوي ٿو:-

در دل مسلم مقام مصطفيٰ است

آبروئي ماز نام مصطفيٰ است

خاک نجد از فيض او چالاڪ شد

آمد اندر وجد بر افلاڪ شد.

اسانجي خيال ۾ شاهه ڀٽائي ۽ علامه اقبال پنهنجي ڪلام ۾ حضرت انسان جي سرگزشت، يعني سندس ابتدا، سندس حال ۽ مستقبل تي روشني وجهي کيس منزل مقصود تي پهچڻ جو رستو ٻڌايو آهي. شاهه صاحب انهي مقصد لاءِ تمثيل جو طريقو اختيار ڪيو آهي. سندس منتخب آکاڻين مان چند هي آهن: سسئي پنهون، ليلا چنيسر، مومل راڻو، سهڻي ميهار، هير رانجهو وغيره. هنن مان ڪابه آکاڻي وٺبي ته معلوم ٿيندو ته عشق جي ميدان ۾ مرد پهرين وک وجهي ٿو. مثال طور سسئي پنهون وٺو. پنهون سسئي جي عشق ۾ گرفتار ٿي اچي ٿو. سسئي کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ڪوشش جي نتيجي ۾ ميلاپ ٿئي ٿو. ميلاپ کان پوءِ سسئي جي غفلت جي ڪري پنهون کڄي وڃي ٿو. سسئي پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ٿي. هر طرح جي مشڪلات جو مقابلو ڪري پنهنجو وڃايل محبوب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر کيس پنهنجو محبوب دوباره هن زندگيءَ ۾ نٿو ملي. هاڻي ٿوري دير لاءِ حضرت آدم جي داستان تي به غور ڪريو. بلڪل اها ئي آکاڻي اوهانکي اتي به نظر ايندي. الله سائين پاڻ حضرت آدم کي پيدا ڪري ٿو، کيس علم اسما سيکاري ٿو. فرشتن کان کيس سجدو ڪرائي ٿو ۽ جنت ۾ رهڻ جي لاءِ هر قسم جون آسائشون مهيا ڪري ٿو. پوءِ حضرت آدم جي غلطي ڪري کيس جنت بدر ڪيو وڃي ٿو ۽ حضرت آدم پنهنجي عمل ۽ عبادت سان پنهنجو وڃايل مرتبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر کيس اهو درجو هن زندگي ۾ دوباره نٿو حاصل ٿئي. شاهه جي تمثيلي ڪلام جي باري ۾ جيڪو خيال اسين پيش ڪري رهيا آهيون اهو بلڪل نئون آهي پر اسانجو خيال آهي ته هن خيال جي روشني ۾ شاهه صاحب جي پيغام کي سمجهڻ ۾ گهڻي سهوليت پيدا ٿي ويندي. هن تشريح ۾ چند ڳالهيون توجهه طلب آهن مثلاَ (1) بندي جنهنکي الله جي تلاش آهي تنهنکي ڪنهن وقت الله جي محبوب هئڻ جو فخر حاصل هو (2) هن اهو مرتبو پنهنجي جهالت جي ڪري وڃايو (3) اهو وڃايل مرتبو کيس پنهنجي عمل سان حاصل ڪرڻو آهي (4) هن عمل جي نوعيت دوطرفه آهي (Dual) داخلي يعني سفلي خواهشن جو مقابلو ۽ خارجي يعني فطري ۽ دنياوي قوتن جي مزاحمت جو مقابلو. انهن ٻن محاذن تي مردانه وار وڙهندي ئي انسان پنهنجو وڃايل مرتبو دوباره حاصل ڪري سگهي ٿو. شاهه فرمائي ٿو:-

ڪنڌ، اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪنهين سانگو ساه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،

ساهڙ سندو تن، سر سهائي گهڙن جي.

 

علامه اقبال هن موضوع تي خيال آرائي ڪندي چوي ٿو ته زندگيءَ جي اعليٰ ترين تخليق انسان آهي. جسماني خواه روحاني اعتبار کان هو هڪ خود مرڪوز انفراديت آهي. هي انساني خودي جو حصو آهي ته هو پنهنجي وجود کي مستحڪم ڪري پنهنجي پاڻ کي جداگانه حيثيت ۾ قائم رکي، ليڪن لافانيت سندس موروثي حق ڪونهي کيس اهو حق پنهنجي عمل سان حاصل ڪرڻو آهي.

خودي لازوالي مي توان کرد،

فراقي راوصالي مي توان کرد.

هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ اقبال ٻئي بي عملي کي ناپسند ڪن ٿا ۽ عمل تي زور ڏين ٿا. پر عمل بلاشدت احساس پيدا ٿي نٿو سگهي چنانچه اها شدت احساس شاهه ۽ اقبال ٻنهي وٽ عشق وچان پيدا ٿئي ٿي. هنن جي فلسفئه فڪر جو بنيادي پٿر عشق آهي، عشق جي ميدان ۾ ڀٽائي فرمائي ٿو:-

پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻون،
ڏک پريان جو ڏيل، ۾ واڄٽ جيئن وڄاءِ،
سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
 

ڪاتي جن ڳري، مان لنءُ لڳي تن سين
محبت جي ميدان ۾ وڃان پير ڀري،
اڌيءَ سر ڌري، مان ڪهيئون سپرين.

 

عشق جو سوز هڪ پاسي انسان ۾ شدت احساس پيدا ڪري کيس عمل پيرا ٿيڻ لاءِ اڪسائي ٿو ته ٻئي پاسي سفله خواهشن کي ختم ڪري منجهس قوت برداشت، حوصلو ۽ استقلال پيدا ڪري ٿو:-

 

جئان گهڙي تئان گهيڙ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،

ڏم سين جسو ظاهران، من ميهار سين ميڙ،

ساندي ڀانئين نيڙ، جنهن کي سڪ ساهڙ جي.

 

جئان وهي تئان واٽ، ڪپرو پڇن ڪوڙيون،
جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه  پڇن گهاٽ،

جنکي عشق جي اُساٽ، سي  واهڙ ڀائين وکڙي.

 

اقبال عشق جو ذڪر ڪندي چوي ٿو هي لفظ وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي يعني ڪنهن شيءِ کي پنهنجي اندر جذب ڪري پنهنجو جزو ٺاهي وٺڻ جي آرزو جو نالو عشق آهي. هي هڪ اهڙو جذبو آهي جو انسان ۾ حرارت رندانه پيدا ڪري ٿو. طالب ۽ مطلوب ۾ انفراديت کي تقويت ڏي ٿو. مطلوب جي انفراديت کان متاثر ٿي طالب هڪ بي مثال شخصيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. :-

محبت! در گره بستن مقامات،

محبت! در گذشتن زنهايات.

شاهه ۽ اقبال جي پرواز فڪر جو مقصد اگرچه هڪڙو ئي آهي پر سندن انداز بيان مختلف آهي. شاهه عجز و انڪساري، صبر و تحمل جي تلقين ڪري ٿو ۽ پنهنجن عيبن ۽ ڪوتاهين تي نظر رکڻ جو سبق ڏئي ٿو:- مثلاَ چوي ٿو:-

جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي،
حجت هوت پنهون سان مون ڪميڻي ڪيهي،
اصل آريءَ ڄام جي پليءَ آءٌ پيئي،
هو جا پائين پير ۾، تنهن جتي نه جيهي،
وساري ويهي، ڪيچين کي ڪيئن رهان.

 

هٿين پيرين مونڙين هلج ساڻ هنئين،
عشق آريءَ ڄام جو نباهي نئين،
جان جان ٿي جئين، تان پاڙج ڪرم پنهون سين.

 

جهلي تان نه رهان، ڌاران پسڻ پرين جي،
آم عاجز آهيان، لالن جان نه لهان،
فردا مون ڦٽي ڪئي، وعدي ڏي نه وهان،
صباح سين نه سهان، خواه ميڙين خواه مارين.

 

اڃا تون اواٽ، واٽان پاسي ويسري،
سونهي ٿي سواٽ، نه منجهان دل دک لهي.

 

اکيون سيئي ڌار، جن سان پسين پرين کي،
ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين.

 

شاهه برعڪس اقبال وٽ شوخي ۽ جلال آهي. مثال طور چند شعر پيش ڪجن ٿا:

 1.هر چيز هي محود خو نمائي،
   هر ذره شهيد کبريائي.
   بي ذوق نمود زندگي موت،
   تعمير خودي مين هي خدائي.

 

2. ايک تو هي که حق هي اس جهان مين،
   باقي سب نمود سيميائي.

 

 

3. باغ بهشت سي مجهي حکم سفر ديا تها کيون،
  کار جهان دراز هي اب ميرا انتظار کر.

 

مختصر هي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال جي تعليم ظلمت ڪده دنيا ۾ روشن شمع جي حيثيت رکي ٿي ۽ اسان کي هن مان مستفيد ٿيڻ کپي.

(بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد اسٽيشن).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com