سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :10

مر ته موچاري ٿيين، ويهي وجهه م وير

دل ۾ آڻ م دور تون ڦرڻ سندو ڦير

توڻي لهين نه پير توءِ راحت آه رڙهڻ ۾.

(شاهه)

 

مرزا گل حسن احسن ڪربلائي

شاعر اعظم

 

سيد عالي وقار آهي لطيف،

سيد والا تبار آهي لطيف.

صاحب صد افتخار آهي لطيف،

نامور ۽ نامدار آهي لطيف.

صاحب ڪشف ۽ ڪرامت جو ڌڻي،

راز رب جو رازدار آهي لطيف.

اوليا مشهور ملڪن ۾ ولي،

پير ڪامل قربدار آهي لطيف.

بيگمان ٿيو سر گروهه سالڪان،

۽ ولي ڪردگار آهي لطيف.

تارڪ الدنيا ۽ عابد محو حق،

متقي پرهيزگار آهي لطيف.

عاشقن ۽ عارفن جو رهنما،

حق جو عاشق جانثار آهي لطيف.

فخر مذهب فخر ملت فخر قوم،

فخر سنڌ جو شهريار آهي لطيف.

سنڌ جي تهذيب ۽ اخلاق جو،

بيگمان آئينه دار آهي لطيف.

شاعري جي فن ۾ ۽ معمار ۾،

ڪامران ۽ ڪامگار آهي لطيف.

عندليب خوش بيان رنگين نوا،

خوش ڪلاميءَ جي بهار آهي لطيف.

بيت ناهين آيتون آهين هي،

شاهڪار ڪردگار آهي لطيف.

سنڌ ۾ شيرين زبان شيرين سخن،

شاعرن جو تاجدار آهي لطيف.

شاعر _ اعظم ڀٽائي زنده باد،

۽ سندس ڀٽ دائما پائنده باد.

 

***

سونا وانءُ صراف سين ڀڃي ڇڏ بازي،

چاندي ڪئو چلائين رپو روازي،

جت ٿيندو رب قاضي، ات توريندا تجويزسين.

 

__0__

اگهئو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پل پايو سچ، آڇيندي لڃ مران!

(شاهه)

 


 

عبدالله خواب

ڀٽ ڌڻي جي حضور ۾.

 

نا خدا ملت جي ڪشتي جا اي خضر خوش خصال،

روح جي رولن جا رهبر ڏيهه ڏتڙيل جي سنڀال،

مرشد راهه طريقت، سالڪن لئي نيڪ فال،

ڪامل و اڪمل، مڪمل، بي بدل ۽ باڪمال،

پنهنجو مٽ تون پاڻ آهين پارسا ڀٽ جا ڌڻي.

(2)

ڪي عقيدت جا اچي تنهنجي اڳيان ٿا گل رکن،

ڪي محض نام و نمائش لئي اچي ٿا گڏ ٿين،

ڪي ته پنهنجي پنهنجي دل جي ماجرا ٿا پيش ڪن،

ڪي مرن طالب ٿا تولئي، ڪي ته تولئي ٿا جين،

تنهنجي الفت ۾ مئا سي ڄڻ جيا ڀٽ جا ڌڻي.

(3)

شاهه تنهنجي عظمتن جا گيت ڳائڻ ٿا اچون،

ياد ماضيءَ کي ڪري ڄڻ بار لاهڻ ٿا اچون،

نانئو تنهنجو ٿا وٺون، پر پاڻ ٺاهڻ ٿا اچون،

سنڌ جي فنڪار کي نت نت نچائڻ ٿا اچون،

نيتون ڄاڻي ٿو تون سڀ جون برملا ڀٽ جا ڌڻي.

(4)

ريت ساڳي، رسم فرسوده رچائيندا اچون،

بيت ڌاريا بي تڪا، تنهنجائي ڀائيندا اچون،

مٺ جا ٽڪڙا سون ۾ تنهنجي ملائيندا اچون،

تنهنجي انداز بيان کي ڄڻ لڄائيندا اچون،

پارکن کي پڻ اسين ڏيون ٿا ڏٽا ڀٽ جا ڌڻي.

(5)

سنڌ جا فرزند آهيون، ناز توتي ٿا ڪريون،

ويو وکر لٽجي، ته ڇا ٿيو، پير توسان ٿا ڀريون،

انجمن علم و ادب ۾ ڀل هجن باهيون ٻريون،

بس دعا جي دير آهي ڄڻ ٻڏل ٻيڙيون تريون،

ناخدا ٿي سڻ خدارا التجا ڀٽ جا ڌڻي.

(6)

ڪارفرما هئي سياست ۾ جڏهن شيطانيت،

منتشر هئي آدميت، ذبح هئي انسانيت،

بت پرستي عام هئي ۽ دور هئي وحدانيت،

مغربي تهذيب جي هئي ملڪ ۾ خاقانيت،

وقت جي بدلي هينئر آهي هوا ڀٽ جا ڌڻي.

__0__

ڪچ ڪمايم ڪوڙ، ڀڳم عهد الله جا

پڃرو جو پاپن جو، چوٽي تائين چور،

معلوم اٿيئي مور، ڳوڙها انهم ڳالهه جو.

(شاهه)

علي محمد مجروح

عقيدت جا گل

 

شاعرن جا تاج اي شاهه سخن

تنهنجا نغما روح کي بيدار ڪن

شعر کان تنهنجي رواني ٿيون وٺن

آبرود سنڌ ۽ گنگ و جمن

___

عشق جي رمزن جو تون آئينه دار

شاعر فطرت يگانئه روزگار

 

شاخ گل خود وجد ۾ اچيو وڃي

تنهنجي بيتن جي عجب آهي بهار

 

تنهنجي پيرن جي پڻي چرخ ڪهن

تنهنجي خادم گردش ليل و نهار

 

تو سسئي جي سوز کي زنده ڪيو

تو ڪيو مومل جي غم کي آشڪار

 

تنهنجو هر نقطو محبت آفرين

دردمندن کي ملي توکان قرار

 

تنهنجو مجروح زمانه اي لطيف

آهي نظر لطف جو اميدوار

___

تنوير عباسي

واهه وڄن يڪتارا

 

واريءَ ذرڙا چانڊوڪيءَ ۾ چانديءَ وانگر چمڪن،

چپڙيون کڙڪن، گونجن گيت ۽ ڇيريون ڇم ڇم ڇمڪن،

واه وڄن يڪتارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

خشڪ پٽن تي مشڪن ماڻهو، ڀٽ تي ٿئي ڀلائي،

اهڙا ميلا روح جا ريلا، شال رهن سدائي،

ماڻهو محبت وارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

وڌندا ايندا، کلندا ايندا، ڪڏندا ايندا توڏي،

جهمريون هڻندا، نچندا ناچ هو پنهنجون ٻانهون لوڏي،

وٺندا تنهنجا چارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

واريءَ مان ڪي چشما ڦٽندا، پياسا ايندا، پاڻي پيئندا،

تنهنجي لاءِ مرن ٿا جيڪي، تنهنجو نانءُ ڳنهي سي جيئندا،

وٺندا تنهنجا سهارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

سڪر سڻائي سنڌ ۾ ايندي، ويندا ڏک ڏولاوا،

وڌي وڌي سي وڻ ٿي ويندا، جيڪي سلا اڄ ساوا،

ٿيندا خوب نظارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

نور جون لاٽون نسري نسري پکڙي وينديون جڳ ۾،

ساري دنيا پويان پوندي، ۽ تون هوندين اڳ ۾،

او دنيا جا دلارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

تنهنجا سانگي، تنهنجا مارو، توکي هر دم ڳائن،

گونجن گيت فضا ۾، ڀٽ تي تنهنجا در کڙڪائن،

منهنجي اکين جا تارا، او شاهه ڀٽائي پيارا.

 

شمشيرالحيدري

ڪاڪ

 

زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،

جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جان،

دور کان دل کي لڀائي، نه اچڻ ڏي ويجهو،

ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان؟

 

جيڪو اڳتي ٿو وڌي، کائي اهو ڪيئي فريب،

جادونگريءَ مان بچي ڪير سگهي، ڪير ڀلا؟

ڪن کي نوميدي ڪڍي ڏند پيئي ڊيڄاري،

ڪن کي ڏائڻ جان ڏڪائي ٿو پيو موت، الا!

 

روز اميد ڪري هار ۽ سينگار نوان،

پاڻ کي خوب سجائي، ٿي لڀائي دل کي،

عارضي سونهن تي هرکي، ڪئين جوڌا ۽ جوان،

راهه ڀلجي ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.

 

ڪير منزل کي رسي، ڪير ٿو ماڻي مومل؟

جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سهي!

ڪوئي لاهوتي لنگهي اڳتي وڃي مقصد ڏي،

ڇا ڇورين جا ڏسي ڪوئي لنوائي ته سهي!

 

ها، مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا،

جادو نگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا،

عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي،

پنهنجي حالات جي مومل کي پسي ئي رهندا!

 

مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجي نه سگهيا،

ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا.

مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،

پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.

___

 

شبير هاتف ٽکڙائي

السلام

 

السلام اي مشعل راه هدا

السلام اي عامل قرآن لطيف

السلام اي ماهتاب معرفت

السلام اي پيڪر ايمان لطيف.

***

السلام اي مهرم اسرار حق

السلام اي ناسخ باطل، لطيف

السلام اي شاعرن جا بادشاه

السلام اي مرشد ڪامل لطيف.

***

السلام اي آشنائي راز حق

السلام اي وارث حيدر لطيف

السلام اي دين جا وارث ولي

السلام اي سنڌ جا رهبر لطيف.

***

السلام اي شاعر آتش نوا

السلام اي واقف فطرت لطيف

السلام اي صاحب فضل و ڪمال

السلام اي حامل عظمت لطيف.

***

تنهنجي هستيءَ تي ادب کي آهه ناز

تنهنجي هستي آهه لاثاني لطيف

رومي حافظ ٿو سڏجين سنڌ ۾

شعر جو بهزاد ۽ ماني لطيف.

***

ساقيءَ فياض چشم فيض کڻ

باده عرفان جو ساغر ڀر لطيف

تنهنجو ميخانو سدا قائم هجي

تنهنجو وٺيو ويٺا آهيون در لطيف.

***

تون ئي آهين عارف پارس نگاه

ڪٽ کي لاهي، سون خالص ڪر لطيف

ڏي امان ۽ دولت ايمان ڏي

هاتف، عاصي جي جهولي ڀر لطيف.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com