سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو :3

مولائي رحيمداد خان شيدائي

 

شاهه جي عبادت

 

ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.

 

قصا ۽ ڪهاڻيون:-

جهڙي طرح مولانا رومي رح پنهنجي مثنوي متعلق فرمائي ٿو :-

مثنوي مولوي معنوي
هست قرآن درزبان _ پهلون.

 

تهڙي طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح اسان جي عوامي شاعر فرمايو آهي:-

 

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،

نيون من لائين، پريان سندي پار ڏي.

 

شاهه صاحب جي بيتن ۾ گهڻو ڪري قصا ۽ ڪهاڻيون ڏنل آهن. شاهه جي شاهاڻي مفهوم متعلق ڊاڪٽر گربخشاڻي آنجهاني ڄاڻايو آهي:-

هنن قصن ۽ ڪهاڻين کي خالي آکاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون ڪري نه سمجهڻ گهرجي. منجهن وڏيون تمثيلون رٿيل آهن، جن ۾ الاهي اسرار پلٽيل آهن، جن ۾ ڳوڙهي روح رهاڻ رچيل آهي ۽ جنجي ذريعي انسان جو من وڃيو رب سان ملي.

اهي قصا جيئن ظاهري بره جا باب آهن، باطني منجهن مزاج، حقيقت، نفي ۽ اثبات، فنا ۽ بقا جا مدارج، مراقبن مجاهدن ۽ مشاهدن ڪرڻ کانپوءِ سمورا اسرار کلي پون ٿا ۽ سالڪن جون دليون، ڪيفيات سرمدي ۽ تجليات صفايته کان آشنا ٿيو وڃن. انوار صمديه نازل ٿيڻ تصوف جي عروج جي انتها آهي، جيئن فرمايل آهي:-

افمن شرح اله صدره الاسلام فهوعلي نورمن ربهه.

(جنهن جي سيني کي الله تعاليٰ پنهنجي محبت ۽ ايمان سان وسيع ڪري ٿو ته اهو نور الاهي ڪري منور ٿيو وڃي.)

 

ڪتاب ۽ سنت:-

شاهه سائين ڪامل ولي، ماڻهن جو هادي ۽ مرشد هو، تنهن صورت ۾ پاڻ انهن لاءِ مثال ٿي، سڀيئي ديني فرض بجاء آڻيندو هو. هميشه اهو خطرو هوندو هوس ته متان ماڻهو سندس صوفيانه رمزون پروڙي نه سگهن، ۽ وڃي گمراهي ۾ پون، ۽ ٻنهي جهانن کان وڃن. تنهنڪري اسلام جي سڀني اصولن ۽ فروغن جي پوري طرح پيروي ڪندو هو. پنجئي نمازون ساري پڙهندو هو، رمضان جا ٽيهئي روزا رکندو هو، ۽ ازانسواءِ ٻيا نفلي روزا به رکندو هو. خدا جو ذڪر ۽ تسبيح هميشه پڙهندو هو ۽ قرآن شريف جو پڻ دائما دور ڪندو هو. هڪڙي دفعي پڻ حج جو ارادو به ڪيو هوائين. ظاهر آهي ته فطري دين اسلام علم ۽ عمل جو نالو آهي. ديني علم ۽ عمل لاءِ اسناوٽ ٻه ذريعا ۽ وسيلا آهن. (1) قرآن حڪيم آسماني ڪتاب جو لم يزل آهي، جو اول کان ابد تائين نه بدلجندڙ آهي. ڪلام الاهي هر قسم جي آميزش کان پاڪ آهي، جنهن لاءِ مسلم، ابي سعيد کان روايت ڪري ٿو ته فرمايو رسول الله صلعم:-

لاتکتبواعني شياَ غيرالقرآن

(منهنجي ڳالهين مان قرآن کانسواءِ ڪا شيءِ نه لکو.)

خود قرآن فرمائي ٿو:- ذالک الکتاب لاريب فيه

(هي ڪتاب آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي).

بل هو قرآن مجيد في لوح محفوظ_ هي قرآن بزرگ آهي لوح محفوظ ۾.

لوح محفوظ مسلمانن جي سينن ڏانهن لطيف اشارو آهي ۽ قيامت تائين مومنن جي سينن ۾ محفوظ رهندو. الله پاڪ فرمايو آهي:-

انانحن نزلنا الذکر واوانالحافظون

(تحقيق اسان پاڪ ڪلام کي نازل ڪيو ۽ اسين اُنجي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.)

(2) حديث پاڪ کي سنت به چوندا آهن. يعني رسول عربي صلي الله عليه وسلم جو طريقو يا اسوه حسنه.

وماينطق عن الهوي ان هواالاوحي يوحيٰ

(محمد صلعم پنهنجي طرفان نٿا ڳالهائين پر وحي ذيعي ڳالهائين ٿا.)

جيڪي حضور پاڪ جي دهن مبارڪ مان نڪري ٿو، سو الله پاڪ جو آواز آهي، جو وحي ذريعي وٽن پهچي ٿو ۽ الله جي حڪم سان ادا ڪن ٿا. جيئن قرآن پاڪ جي شروعات سوره فاتحه سان ٿئي ٿي، تهڙي طرح شاهه جو رسالو سر ڪلياڻ فصل پهريون ڪتاب ۽ سنت مطابق شروع ٿئي ٿو:-

اول الله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آه قديم،
والي، واحد، وحده، رازق، رب رحيم،
سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جيون.
جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، محمد مڪائي،
ڪلمو ته ڪريم تي، چٽو چايائين،
انا مولاک وانت محبوبي اي اُتائين،
ڏکي ڏنائين، ٻئي سراتون سيد جي.

 

سوره فاتحه:-

امام احمد بن حنبل رح، ابو هريره رضه کان روايت ڪئي آهي ته حضرت رسول ڪريم صلعم، فاتحه جي شان ۾ فرمايو:-

وهي السبع المثاني و القرآن العظيم

(اها سوره سبع مثاني آهي ۽ قرآن عظيم آهي).

انهيءَ نالي جو سبب آهي ته قرآن عظيم جي معنيٰ وڏو قرآن ۽ سمورو هن سوره ۾ مجمل طريقي سان داخل آهي. ابي بن ڪعب کان روايت آهي ته فرمايو حضور پاڪ:-

والذي نفسي بيده ما انزل في التورات ولا في الانجيل ولا في الزبور ولا في القرآن مثلها انها السبع المثاني

(قسم آهيم اُن جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجو وجود آهي ته ان جهڙي ٻي ڪا سورت نه نازل ٿي آهي تورات ۾ ۽ نڪي انجيل ۾ نه ڪي زبور ۾ ۽ نڪي فرقان ۾ تحقيق اها سبع مثاني آهي.)

ڪلمو ڪريم ئي:-

آنحضرت صلي الله عليه وسلم جي دعوت ۽ تعليم ڪلمو طيبه لااله الا الله محمد رسول الله بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ دين ۽ شريعت جا سمورا تفصيلات حقيقت ۾ هن شجر طيبه جون شاخون، گل، ڦل ۽ پن آهن. مومن ڪلمي طيبه جي عظمت، اهميت کي سمجهي ايمان، اعتقاد، ادب ۽ شوق سان، زبان دل سان پڙهي پنهنجي ايمان کي تازو ڪن ٿا. شاهه صاحب ڪلمي ۾ الله واحد لاشريڪ جي خالص بندگي ۽ حضور سرور _ ڪائنات عليم صلوات وسلم جي رسالت جي عهد، اقرار ۽ اُنجي حقيقت ۽ وزن کي سمجهائي ٿو. الله (جل شانه) جي عبادت ۽ رسول ڪريم جي ڪامل پيروي واري زندگي جو مطالبو ڪري ٿو. سندن بيت اقامت صلوات يعني عبادت ۾ نماز ۽ ڪلمه طيبه جي قولي ۽ عملي دعوت پيش ڪن ٿا ته الله تعاليٰ جي رسي کي مضبوط جهلي صراط المستقيم تي هلو، ۽ ڪلمي جي حيثيت کي پوري طرح اختيار ڪرڻ لاءِ نماز لاءِ عهد ۽ اقرار وٺي ٿو.

ذڪر الله:-

تون چو الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،
سوئي لکيو لک، سچو اکر من ۾.
 

فرمائي ٿو، ڄاڻ اي طالب! ته الله تعاليٰ جا نوانوي اسم سڳورا آهن الله (جل شانه) اسم ذاتي آهي ۽ ٻيا اسم سڀ صفاتي آهن ۽ نالو اُن موجود برحق جو آهي جو الوهيت وارن صفتن کي گڏ ڪندڙ آهي ۽ حقيقي هئڻ ۾ ساڻس ڪو شريڪ ناهي. انهيءَ معنيٰ ۾ هيءَ آيت آهي کل شيءِ هالک الاوجهه يعني ته سڀ ڪا شيءِ فاني آهي مگر ذات اُن جي.

ڪلمه طيبه ۾ بندو هي اقرار ڪريٿو ته مان صرف الله تعاليٰ کي پنهنجو مالڪ، معبود ۽ واحد آقا ۽ مولا مڃي ۽ چوي ٿو ته مان هڪڙي عاجز بندي جي حيثيت ۾ فقط اُنجي بندگي ڪندس ۽ سندس حڪمن موجب هلندس ۽ حضرت محمد صلعم کي مان الله جو سچو رسول ۽ برحق نبي تسليم ڪيم، حضور پاڪ خدا جي طرف کان جيڪي احڪام آندا آهن، تن جي تابعداري ڪندس ۽ شريعت کي پنهنجو دستور عمل بنائيندس. سچو اکر يعني الله جو ذڪر ۽ فڪر ۽ خوف في الحقيقت دين جو روح ۽ ايمان جي جان آهي. حضرت معاذ بن جبل رضه کان روايت آهي ته فرمايو حضور پاڪ:-

مفاتيح الجنته شهاده ان لااله الاالله ڪلمه لالاله الاالله جي شاهدي جنت جي ڪنجي آهي.

هن حديث کي شاهه سائين هن طرح فرمايو آهي:-

وحده لا شريڪ له، اهو وهائج وي،
کٽين جي هارائئين، هنڌ تنهنجو هيءُ،
پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.

ٻانهپ جو شان ۽ مرتبو:-

شاهه سائين مومن جي شان ۽ مرتبي کي قرآن مطابق ٻانهپ سان نوازيو آهي. سر سريراڳ جي فصل 2 ۾ فرمائي ٿو:-

ٻانهپ ڀري ٻيڙيون هليا جوپ جوان،

پاڻهين پهلوان، لحظي ۾ لنگهي ويا.

 

لاموجود في الحقيقت وبالذات الاالله

(في الحقيقت ۽ پنهنجي ذات ڪري الله سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ناهي).

الله ان واجب الوجود جو نالو آهي، جو حق سان ٻانهپ ڪيل آهي. هن اسم شريف جي مفهوم ۾ سڀني صفتن کي جامع هئڻ واري وصف رکيل آهي. ٻانهين جو نصيب هن اسم مان آهي ته پنهنجي دل سموري اُن جي يادگيري ۾ مستفرق رکي. ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪنهن ڏي ميل نه ڪري ۽ ٻي ڪنهن ۾ اُميد نه رکي ۽ ٻي ڪنهن کان نه ڊڄي، ۽ ڏسڻ واري اکر ۾ غير کي نه ڏسي ۽ عبدالله اُن ٻانهين کي چئبو، جنهن لاءِ حق تعاليٰ سڀني اسمن سان تجلي ڪئي هئي. تنهنڪري سندس ٻانهن ۾ اُن کان مٿي مرتبي ۽ شان ۾ ڪو ڪونه هجي، هن سببان ته هي ٻانهون سندس اسم اعظم سان متحقق ٿيو، ۽ سڀني صفتن سان وصف وارو ٿيو ۽ انهيءَ سببان اسانجو نبي صلعم ان نالي سان مخصوص ٿيو، جيئن قرآن حڪيم ۾ آهي:-

لماقام عبدالله يدعوه

پوءِ في الحقيقت حضرت نبي ڪريم صلي الله عليم وسلم کانسواءِ ٻيو ڪو هن نالي جو لائق ناهي. مگر سندن تابعائي سببان قطبن به ڳالهائبو جي سندن وارث آهن ۽ انهن کانسواءِ ٻي ڪنهن حقيقت ڪري ڳالهائي نه سگهبو. مگر مجز طرح ڳالهائڻ جائز ٿيندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي اسمن مان هرڪو اسم سڀني اسمن سان موصوف آهي. هن سببان ته سڀئي اسم هڪ آهن. مومن تڏهن سچو ٻانهون ٿي سگهندو، جڏهن سندس مال، آل ۽ هنجي زندگي محض الله لاءِ هجي. مومن جي ڪمائي خدا جي رضا لاءِ ۽ هنجو خرچ خدا جي راه ۾، ۽ جيئڻ ۽ مرڻ خدا لاءِ هجي. اها ايمان جي انتهائي منزل آهي. مومن هر روز پنج وقت خدا جي درٻار ۾ هٿ ٻڌي غلامي جي حيثيت ۾ بيهي ٿو، ۽ هن جي سامهون گهڻائي ڀيرا سربسجود ٿئي ٿو. گويا الله تعاليٰ جي سامهون پنهنجو مٿو پيش ڪري ٿو، ۽ هن راه ۾ سر ڏيڻ جي مشق ڪري ٿو تان ته ضرورت جي وقت متان سر فروشي سندس ياد کان وسري وڃي:-

ان الله اشتريٰ من المومنين انفسهم و اموالهم بان لهم الجنت.

(يقين سان الله تعاليٰ مومن کان سندن مال ۽ جانيون جنت جي عيوض خريد ڪري چڪو آهي.)

جوپ جوان:-

جوپ جوان جي معنيٰ آهي سرفروش جوان، شاهه سائين فرمائيٿو ته اسلام بزدلي نه ٿو سيکاري. ٻانهپ (عبادت) جي هي معنيٰ ناهي ته دنيا ۽ ان جي معاملن کان پاسو ڪري خانقاهن ۽ مسجدن جي حجرن ۾ صرف نمازون پڙهي، روزا رکي، تسبيح ڦيريندو رهي. اسلام رهبانيت کان منع ڪري ٿو. خداوند تعاليٰ مسلمانن کي پنهنجو نائب مقرر ڪري کين خلافت الاهي ان ڪري عطا ڪئي ته نمازون قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ خدا جي مخلق جي نگراني ڪن، صلح ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ نيڪي جي دعوت ڏين ۽ بدي کي روڪين ۽ عدل ۽ انصاف قائم رکن. دين متين سان گڏ دينوي ڪاروبار ڪن، بازار ۾ خريد فروخت ڪرڻ، پاڻ ۽ پنهنجي اهل ۽ عيال جي پرورش ڪرڻ لاءِ هٿ ۽ پير هلائين، اهي سمورا ڪم عبادت ۾ شامل آهن. هن بيان مان معلوم ٿيو ته شاهه سائين جنهن عبادت جي جوڌن جوانن کي دعوت ڏئي ٿو، اُن جو دائره فقط تسبيح، مصلي، مسجدن ۽ خانقاهن تائين محدود ناهي، پر دين سان گڏ بهادرن کي ڪم به ڪرڻا آهن. ڇاڪاڻ ته انسان کي ڪائنات ۾ اشرف المخلوقات جو شرف حاصل آهي. اهو صحيح معنيٰ ۾ تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن دين جي دائري ۾ رهي دنيوي ڪاروبار به ڪندو. اسلام فطري مذهب آهي. مذهب جي فطرت سائنس جي فطرت کان مختلف آهي. ٻنهي جو دائرو ڌار ڌار آهي. مذهب انسانن جي عقيدن ۽ اعمالن جي اصلاح ڪرڻ چاهيٿو ۽ سائنس کي عقيدن ۽ اعمالن سان ڪو واسطو ڪونهي. ڇاڪاڻ ته سائنس فقط شين جي حقيقت، انهن جي نتيجن ۽ خاصيتن تي بحث ڪريٿو. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن سان مقابلو ڪيو ڇاڪاڻ ته بت پرستي ڪري اهي غير فطري هئا. فلسفه يا سائنس سان ڪو مقابلو نه هو، بلڪه اسلام ۽ سائنس ۾ سڌارا ڪري انهن کي ترقي ڏني. ايتري قدر جو اڄ مغربين سائنس ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي، اُن جا موجد مسلمان هئا. زمين، سمنڊن ۽ آسمان تي جيڪي به آهي، سو انسانن جي فائدي ۽ ڀلائي لاءِ آهي. ته انهي ڪري شاهه سائين جوڌن جوانن کي چوي ٿو ته اُٿو! محبت، مشقت ۽ جفاڪشي سان، سائنس جي جديد انڪشافات کان بهره مند ٿيو. اسين ڏسون ٿا ته اڄ مغربي لوڪ محنت ۽ جفاڪشي سببان بر، بحر ۽ خلا تي اُڏامن ٿا. ڇا مسلمانن کي اهڙي ترقي ڪرڻ جو حق ناهي؟

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
تن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳه اچئو انجي.
 

(شاهه)

 

 

علي نواز حاجن خان جتوئي

شاهه جي نفس شناسي

 

نفس شناسي تصوف جو بنيادي مقصد آهي ڇو ته ان ذريعي خدا شناسي حاصل ٿئي ٿي ان ڪري چيو ويو آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو: من عرف نفسه فقد عرف ربه.

نفس کي سڃاڻڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ بيروني مشاهدو ۽ ٻيو اندروني مشاهدو. پهريون طريقعو مفڪرن ۽ فيلسوفن جو آهي ۽ ٻيو طريقو نبين ۽ صوفين جو. پهرئين طريقي ۾ ٻاهرئين نفس جو مشاهدو ڪيو وڃي ٿو تنهن ڪري مشاهدي ڪندڙ پنهنجي ماحول کان مشڪل سان بي خود ٿئي ٿو مگر ٻئي طريقي ۾ مشاهده ڪندڙ پنهنجي اندرئين نفس جو مشاهدو ڪري ٿو ۽ آساني سان ماحول کان بي خبر ٿيو پوي. ازانسواءِ پهرئين طريقي ۾ بيروني نفس ۽ اندروني نفس، ٻئي مشاهدي ڪندڙ جي ادراڪ ۾ رهن ٿا. اهو دوطرفو ادراڪ، جنهن کي سنڌي ۾ سليمي ۾ ٻه چتائي چون ٿا، نفس جي ٺهي يعني ذات تائين پهچڻ ۾ مانع آهي. ٻئي طريقي ۾ اها اٽڪ ۽ رنڊڪ هٽيو وڃي ڇو ته فقط پنهنجو نفس وڃيو ادراڪ ۾ رهي. هن طريقي موجب نفس جا مڙيو ئي مراتب معلوم ٿيو وڃن ۽ جڏهن نفس جو لهو عرفان ۾ اچيو وڃي تڏهن مشاهده ڪندڙ وڃيو واحد سان واصل ٿئي. شاهده طور شاهه صاحب جو شعر پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ چوي ٿو ته

جه مون پڙهيو پاڻ لئه سبق سابق جو،
پهرين سڃاتم پاهنجي نفس جو نهو،
جت عرفان اصل ۾ ٿي روحن روز ڪيو،
وري ورق پيو، گڏيم وڍ و صال  جو.
 

هن بيت مان معلوم ٿو ٿئي ته نفس جي ذات جو تعلق روح سان آهي؛ گويا روح سندس باطن آهي. روح جو تعلق جڏهن ڪنهن بدن سان قائم ٿو ٿئي ۽ منجهس ڪارفرما ٿو ٿئي تڏهن نفس، جي اُٿي ٿو ۽ جڏهن اهو تعلق ٽٽيو پوي تڏهن نفس به مريو پوي. موت، نفس تي وارد ٿئي ٿو ۽ نه روح تي ۽ نه وري بدن تي. موت بعد روح عالم امر ۾ رهيٿو جو سندس جهان آهي ۽ بدن پنهنجن عنصري اجزاءَ ۾ منتشر ٿيو وڃي.

قرآن ڪريم ۾ آيل آهي ته روح، الاهي امر جو جز آهي. ان ڪري جڏهن نفس پيدا ٿئي ٿو تڏهن منجهس آمريت خودبخود پيدا ٿيو پوي. ان وقت هو نفس اماره سڏجي ٿو. بدن بذات خود جامد يعني بي حس ۽ بي حرڪت شيءِ آهي، ليڪن جڏهن روح منجهس داخل ٿي ڪارفرما ٿئي ٿو، جنهن ڪري نفس پيدا ٿيو پوي، تڏهن منجهس (بدن ۾) حس ۽ حرڪت به پيدا ٿيو پوي. اهو حس ۽ اها حرڪت نفس جون خصوصيتون آهن. گويا ظاهري زندگي نفس سان ئي قائم آهي. نفس، بدن جي ربوبيت ڪري کيس تڪميل تائين پهچائي ٿو.

اهو نفس درجي بدرجي اول نبادات ۾ نمودار ٿيو ۽ پوءِ حيوانات ۾. گويا روح، نفس جي ذريعي، حقير ڪيڙي، آئميبا، کان وٺي آدم تائين ڪئين جهان ڏسي ٿو ۽ ڪئين سير ڪري ٿو. سندس نئون جهان ۽ نئون سير اڳئين کان بهتر ۽ خوبتر آهي. انسان، روح جي اها منزل آهي جتي روح، نفس کي حيوانيت مان ڪڍي قدسيت ۾ آڻڻ گهري ٿو تا ته سندس سير تڪميل تائين پهچي.

انساني نفس جي شروعات حيوانيت سان ٿئي ٿي. ٻار جڏهن دنيا ۾ پير پائي ٿو تڏهن حيوان محض آهي ۽ جڏهن بالغ ٿئي ٿو تڏهن تفڪر جو مادو منجهس پيدا ٿئي ٿو جو کيس سوچڻ لاءِ بي قرار ڪري ٿو ته آءٌ ڪير آهيان، ڪٿان آيو آهيان، ڇو آيو آهيان ۽ ڪيڏانهن ويندس؟ وغيره اهڙو ڪوبه انسان ڪونهي جنهن جي اندر ۾ اهڙي قسم جا خيال پيدا نه ٿيا هجن. ڪن انهن مسئلن جو حل ڳولي ڪڍيو ۽ ڪن انهن کان منهن موڙي ڇڏيو. بهرحال بيروني مشاهدي موجب هيءَ حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي ته ظاهري زندگي جي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو ائميبا (Amoeba) آهي جو بدبودار، سڙيل گپ ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ آخرين منزل انسان آهي. انهن مڙني منزلن ۾ نفس موجود آهي جنهن کي ڪن فيلسوفن ۽ طبيبن غلطي سببان روح ڪري ڪوٺيو آهي ۽ ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو آهي: هڪ نبادات ۽ ٻيو حيواني. ماديت جا مفڪر به انهيءَ روح جا آهن جو موت سان مريو وڃي. حقيقت ۾ اهو روح نه آهي بلڪ نفس آهي.

جڏهن ته انساني نفس اوائل ۾ محض حيواني آهي تنهن ڪري ڀٽ ڌڻيءَ کيس حيوانن سان تشبيهه ڏني آهي. ڪٿي کيس ڪرهو (اٺ) ڪري ڪوٺيو اٿس ته ڪٿي ڪتو، ڪٿي کيس مانگر مڇ ڪري پيش ڪيو اٿس ته ڪٿي وري کيس سپ سڏيو اٿس، ڪٿي ڪٿي سندس حالتن مطابق جدا جدا پکين جا نالا ڏيئي پيش ڪيو اٿس. مگر گهڻي ڀاڱي کيس ڪرهي جي تمثيل ۾ پيش ڪيو اٿس، ڇو ته اٺ جون سموريون صفتون منجهس موجود آهن. اٺ اهو حيوان آهي جو هر وقت کائڻ ۾ مشغول هوندو آهي چاهي گاهه ادنيٰ هجي چاهي اعليٰ هجي. ازانسواءِ اوڳو، ڪيني پرور ۽ سدائين راڙو آهي. مثل مشهور آهي ته اٺ بکيو به رڙي ته ڍائو به رڙي. مگر ساڳئي وقت ستاڻي سفر لاءِ جهڙس ٻيو ڪو ڪارگر حيوان ڪونهي. سواري لاءِ به سهنجو (بشرطيڪ ڪيڙيل هجي) ۽ بار بند لاءِ به ڏاڍو آهي. بک اڃ ۾ به پيو رڙندو ۽ ناڪار نه ڪندو. انساني نفس به اهڙو آهي. ان ڪري نفس جي اٺ سندي تمثيل بلڪل موزون آهي. ازانسواءِ عالم مثال ۾ به انسان نفس کي اٺ مثل مشاهدو ڪيو ويو آهي. گويا نفس روح لاءِ سواري آهي.

ڪرها! ڪارڻ ڪاهه، توکي ڌڻين ڌاريو.

(سرمومل راڻو)

شاهه صاحب جا نفس بنسبت جيڪي به تاثرات آهن سي سڀ سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي تي مبني آهن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجي نفس کي ملڪوتي ماڳ تي يا روحاني بزرگن جي صحبت ۾ وٺي ويو ان لاءِ ته روحاني غذا تي هري مگر ڏٺائين ته اتان لڪيو وڃيو دنيوي لذتون حاصل ڪري.

آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مان مکريون چري،

ڪڌا تورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کاءِ.

جڏهن نفس جي اها حالت ڏٺائين تڏهن کيس سمجهائڻ شروع ڪيائين ۽ چوڻ آکڻ کان ڪم ورتائين مگر ان مان به ڪجهه ڪين وريو:

چانگي چئي چڪياس! مٿان اڪ نه الهين
جنهن دل گهڻا وها ٿيا، ان سين آر لڳياس
چوڌاري چندن وڻ، پچي پوڄ پياس،
رئاري رت ڪياس، هن ڪڌا توري ڪرهي.
 

نصيحت جي ناڪام نڪرڻ کانپوءِ شاهه صاحب نفس کي منٿون ميڙون ڪيون، انعام اڪرام آڇيا ته من ائين مڃي.

 

ميا! مڃ منٿ، اڄ منهنجي ڪرها،
جهاڳيندي جرپٽيون، متان ڪرئين ڪٿ،
سپيريان جي ست،  مونکي نئي ميڙئين.
 

ميا! تو مهار، سڄي پايان سون جي،
چاريئين چندن چوٽيون، نايو ميندي ڏار،
سنديءَ پوءِ پچار، جي مون رات رساڻئين!
 

انهيءَ منٿ ميڙ ۾ شاهه صاحب نفس کي پنهنجو اصل نسل ۽ حسب نسب به ياد ڏياريو ته شايد ائين سڻي:

ڪرها! ڪر سڃاڻ، پيڪو ۽ پاهنجو،
اصل آهي آهينجو، ناليرو نڌاڻ،
ڪرها! اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪج چڱايون.

 

انهن منٿن سنٿن سان به نذر نفس نه مڃيو ۽ سندس بي ڍنگي جال ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آيو:

کائي نه کٽڻهار، چندن جا چويا ڪري،
اگر اوڏو نه وڃي، سر کنڊ لهي نه سار،
لاڻيءَ جي لغار، ميو متارو ڪيو.
 

شاهه صاحب ڏٺو ته نفس ندرو آهي، ملاڻي نصيحت مان هو ڪونه ڄاڻي، آزي نيازيءَ کي هو ڌيان ۾ ڪونه ٿو آڻي، جيڪڏهن رڳو کارائبس ۽ پياربس پيو ۽ کيس ائين ڇيڪ ڇڏي ڏبو ته پوءِ کري پوندو تنهن ڪري فيصلو ڪيائين ته:

اٿي اڙائينس، ڇڏيو ته ڇيڪ ٿيو
کارايان کڙيو وڃي، پلاڻين پائينس،
ڏاوڻ تنهن ڏائينس، جئن چري ۽ چنگهي ڀڻو.
 

نفس کي شريعت جي بندشن ۽ رياضت جي رسين ۾ جڪڙڻ جو غرض فقط هيءُ آهي ته رباني راهه تي رمي تا ته سالڪ سائين پنهنجي تائين پهچي:

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙئين ڏيئي ڪاهه،
ايلاچيون آهر ۾، پوڇ مئي کي پاءِ،
ڪٿ نه ڪندو ڪاءِ، جه پلاڻيو ته پرين مڙي.
 

سلوڪ جي راهه تي تيستائين نفس جڪڙيل به رمندو رهندو جيستائين انهيءَ وچ۾ گناهه جي لذت نه چکي اٿس. پر جي چکي وڌائين ته پوءِ روش مٽي ويندو.

 

اڄ نه اڳئين ڍار، ڪرهو جئن ڪال هو،
اڱڻ آيو نه ڪري، باهوڙي پچار،
جيڪس منجهه قطار، ڪا ول چانئين وهه جي.
 

پوءِ نفس نه فقط روش مٽي ويندو بلڪه بندشون به زور سان ٽوڙي ڇڏيندو.

 

ڪي جو ڪيڏانهن، چانگو چکي آئيو
تاڻيو تيڏانهن، نيٺ ڇنايو نڪري.
 

جڏهن نفس کي شاهه صاحب سڌرڻ ۾ اهڙو سخت پاتو ۽ پنهنجي ڪوششن کي به ڪارگر نه ڄاتو تڏهن واليءَ در سوالي ٿيو ته رب سائين تون ئي سڌارينس!

 

ڪرهي کي ڪئي، وڌم پئد پلاڻ جا،
ليڙو لاڻيءَ کي چري، نير ساڻ نئي،
چانگي سندي چت ۾ صاحب! وجهه سنئي،
اوباهيوس ائين، لطف ساڻ لطيف چئي.
 

ان لاءِ سالڪ لاءِ لازمي آهي ته نفس کي قابو ڪرڻ لاءِ نه صرف مٿس شريعت جون پابنديون ۽ طريقت جا طوق وجهي بلڪه مولا پاڪ کان مدد به گهرندو رهي. انهيءَ ۾ راز هيءُ آهي ته سالڪ تي واضح ٿي وڃي ته بذات خود هو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي؛ پاڻ بذات خود نيست ۽ باخدا .... آهي. لاحول ولاقوت الا باالله جو مطلب به اهو ئي آهي. سالڪ کي جدوجهد ڪرڻي ئي آهي مگر ان ۾ به مولا پاڪ کي ڪارفرما ڏسڻو آهي. جيستائين اهڙو شعور پيدا نه ڪندو تيستائين موحد سچو نه ٿيندو ۽ ڪاميابي ڪين پائيندو.

الله تعاليٰ بندي سان جيڪو به معاملو ڪري ٿو تنهن ۾ سندس فائدو آهي. سندس سختيءَ ۾ به عين فائدو آهي.

پريان  سندي  پار جي مڙيو  ئي مٺائي،

ڪانهي ڪڙائي، جي چکين چيت ڪري.

انهيءَ سختيءَ ۾ نفس جي مستي مري ٿي. نفس اماري جي ارڏائي اوستائين ختم نٿي ٿئي جيستائين مٿس مالڪ الملڪ قهر جي تجلي نٿو ڪري. اها جلالي تجلي آهي جا نفس جي جرئت کي جلايو ڇڏي.

مئي ماڪائي، وڌو وات ولين کي،

خبر ٿي کيٽ ڌڻين کي، وڏوڻا واهي،

ڪرهي قاقت ڇڏيي، وريس نه وائي،

چانگي چريائي، ويئي ويچاري وسري.

انهيءَ سبب ڪري حق جا طالبو سندس سختين ۾ سرها ٿيندا آهن. هو ڪڏهن به سپيرين جي سور جو ماڻهن کي منجهه نه ڏيندا آهن بلڪه ان کي سيني اندر سکا ڪري سانڍيندا آهن. حقيقت کان بي خبر بندا، وٽن هر هنڌ سندس شڪايت ڪندا، سچا مالڪ انهيءَ قهر ۾ به لا جي مهر ڏسن ٿا.

سپيريان صحت، ڏنيم منجهان ڏکندي.

نفس جي مستي، سائينءَ جي سختيءَ سببان جڏهن ختم ٿئي ٿي ۽ ان ۾ مالڪ جي مهر ڏسي مطمئن ٿئي ٿو ۽ رضا ۽ تسليم کي اختيار ڪري ٿو تڏهن وجه الله کي پنهنجي ڌيان ۾ رکيٿو:

پيشانيءَ ۾ پرين جي چانگي رکيو چت،

نيٽ چنايو نت، اُڀو اوڏهم آسري.

نفس جي اها ڪيفيت ڪجهه وقت بعد قرار پڪڙي ٿي جنهن کانپوءِ کيس نينهن جي نائڪ لڳي ٿي پوءِ پيٽ ۽ وڳس سڀ وسريو وڃنس ۽ سر جو سانگو به ڇڏيو سڌو رباني راهه رمي ٿو.

اُٺ نه وڃي وڳ سين، چري نه چانگو،

لڳيس نائڪ نينهن جي، نهوڙئو نانگو،

ڇڏي سر  سانگو، رڙهي رند پرين  جي.

وڳ سان نه وڃڻ جي معنيٰ هيءَ ناهي ته هو رهبانيت اختيار ڪري ٿو ۽ معاشرت کان منهن موڙي ٿو بلڪ مراد هي آهي ته ظاهر ۾ معاشري يا سوسائٽي ۾ موجود رهي ٿو ۽ هينئين سان هوت وٽ گهاري قدسي غذا کائي ٿو:

وهي منجهين وڳ، کٿوري ڏار چري
ماءِ! منهنجي ڪرهي، پڌر پڳ نه لڳ،
جڳ سين جهڙو جڳ، هنئين سين هت چري.
 

ان وقت نفس اماره نٿو رهي بلڪ معمور ٿيو پوي ۽ پنهنجي ارادي کي اڌ ڪري، اندران اندران الاهي امر حاصل ڪري ان موجب معاشرت اختيار ڪري ٿو ۽ دنيا ۾ هلي چڪي ٿو:

ڀورو نه چري ٻور، ڇڏيو تور تڪون ڪري،
مونين هڻي موٽيو، ڪرهو رات ڪپور،
ميو ٿيو معمور، چندن چکي آئيو.

 

ڏسو اهو اُٺ، جو اوائل ۾ مکريون نه چرندو هو، اگر کي اوڏو نه ويندو هو، کٽڻهار نه کائيندو هو ۽ لاڻي کائي مچي متارو ٿيو هو سو سڪ ۾ سڪي ساڻو ٿي پيو:

سو ڪو پرايائين پور، سڪي جئن ساڻو ٿيو.

ان بعد جڏهن معمور ٿيو تڏهن کٿوري کائڻ لڳو، چندن چرڻ لڳو ۽ انهيءَ ولايتي ول جا ڇڳا ڇاڻي کائي متارو ٿيڻ لڳو جنهن جو هڪ سالم پن پنج لک ۽ ٻه ڪاٺيون يا ڪوماڻل پن به ڪوڙئين لهي:

جئان ڪوڙئين ٻه ڪاٺيون پنجين لکين پن،
تئان ڇاڻي ڇڳيون، ميي رتو من،
تنهن ول سندو پن، ڪوماڻو ڪوڙئين لهي.
 

انساني نفس جي به اها ئي حالت آهي، ابتدا ۾ هر امارو رهي ٿو؛ پوءِ سختين سهڻ ۽ بندشن برداشت ڪرڻ بعد مطمئن ٿئي ٿو ۽ جڏهن عشق جي آڙاهه مان پچي نڪري ٿو تڏهن معمور بنجي ٿو. پهرئين حالت ۾ هو دنيوي لذتن لاءِ مري ٿو، ٻيءَ حالت ۾ روحاني راحتن تي هري ٿو ۽ ٽين حالت ۾ قدسي لطائف تي جئي ٿو. اتي انساني نفس، رحماني نفس ۾ فدا کائي معراج ماڻي ٿو. اها آهي شاهه جي نفس شناسي.

 

لطف الله بدوي

آبري

 سنڌ جي زنده جاويد شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پنهنجي محبوب وطن سنڌ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي، پنهنجي ڪلام ۾ داخل ڪري انهن جي اوٽ ۾، جي عرفان الاهي جا حقائق پيش ڪيا آهن، انهن سندس شعر کي غير فاني بڻائي ڇڏيو آهي. رسالي جي هر بيت مان سندس واردات قلبي پئي بکي. صوفين جي سرتاج شاعر رومي سچ فرمايو آهي:-

خوشتر آن باشد که سر دلبران _ گفته آيد در حديث _ ديگران

پنهنجي دوست جو قصو ٻين جي ڳالهين ۾ ڏيڻ ڪيڏي نه رازدارانه حقيقت آهي. شاهه ڀٽائي به هن عظيم مفڪر ۽ صوفي جي نڪتي کان پوري ريت واقف نظر ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي، جو سندس رسالي جو وڏو حصو، سنڌ جي عوامي آکاڻين سان ڀريو پيو آهي. سسئي پنهون جي قصي کي ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. سڄا سارا پنج سر آبري، ديسي، ڪوهياري، معذوري ۽ حسيني، سسئي جي مذڪور سان ڀريل آهن. هر سر پنهنجي رنگ ۾ بي مثل ۽ بي نظير آهي پر شاهه صاحب، سسئي جي حقيقت کي سر آبري سان کولي ٿو. آبري جي نالي سان علم موسيقي ۾ ڪابه راڳڻي نظر نه ٿي اچي. شاهه هن سر جو عنوان مضمون جي لحاظ کان رکيو آهي. جهڙي شاه سهڻي کي ٻڌمئي سڏي ٿو اهڙيءَ ريت سسئي کي آبري نالي سان ٿو سڏي. شاهه صاحب جي رسالي جي شارحين مان ڪن آبري کي اڀري جي بگڙيل صورت ورتو آهي ۽ ڪن آبري جي معنيٰ پاڻي کانسواءِ ورتي آهي. منهنجي نظر ۾ پوئين معنيٰ، حقيقت جي گهڻي قدرت قريب آهي. هاڙهي ۽ پٻ جي ڪوهستاني سنگلاخ زمين ۾ پاڻي ڪٿي؟ پنهون جي پويان اڻ ڄاتل پنڌ تي، سسئي جو سفر نهايت دلگداز ۽ رقت انگيز آهي. ڀٽائي اُن حقيقت جو هيئن ٿو اظهار فرمائي:-

واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءِ،

جبل جلدايون ڪري، تک ڏيکاري تاءِ،

لڳي لڪ لطيف چئي معذورين  مٿاءِ،

اُت اوڏو آءِ، جت هوت  هيڪلي هيان.

جبلن جي ناواقف سسئي پاڻ سان پاڻيءَ جو پاءِ به نه کڻي سگهي. پاڻي کانسواءِ پهاڙن ۾ کيس ڪيڏي نه تڪليف پيش آئي هوندي، انجو اندازو اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن کي جبلن جي اڌ ترڇن ڏاڪن تان گذرڻو پيو هوندو. انهيءَ ڪري ئي آبري جي معنيٰ پاڻي کان سواءِ سسئي زياده موزون آهي.

سسئي ۽ پنهون جي غم ڏيندڙ قصي کان سنڌ جو ٻار ٻار واقف آهي. دنيا جي اندر، درد ۽ محبت جا واقعا، ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا ۽ انهن پرسوز حڪايتن تي حساس شاعرن پنهنجي والهانه نظمن ۾، گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکيو ويندو، پر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن شان سان سسئي ۽ پنهون جي قصي کي لکيو آهي، انجو نظير ڪنهن به ٻولي ۾ ملي نه ٿو سگهي. هن محبت جي مامري جي هر پهلو ۽ گوشي تي، اسانجي سنجيده شاعر ۽ مفڪر جي گل افشانيون ڪيون آهن، اهي ڪنهن ٻئي شاعر جي حصي ۾ نه اچي سگهيون آهن. سندس ڪلام جي اندر اصليت جو رنگ پيو موجون هڻي. سندس ڪلام جو پڙهندڙ پاڻ کي هاڙهي جي تپندڙ چٽانن ۾ سسئي سان گڏ گهمندو محسوس ڪندو. بدنصيب سسئي ننڍي هوندي ئي زماني جي گردشن جو شڪار بڻي. ماءُ پيءُ جي راحت کان محروم بڻجي، درياهه ۾ لوڙهائي وئي ۽ وڃي پرائي هٿن ۾ پئي. جيڪڏهن روايتن تي اعتبار ڪجي ته هوءَ وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي، نجومين ۽ جوتشين جي پيشنگوئين ئي هن معصوم کي، ماءِ جي پيار ڀري هنج کان علحده ڪري، ڀنڀور پهچايو. شاهه ڀٽائي ڪيڏي نه بصيرت افروز حقيقت پيش ٿو ڪري:-

سنجريس تان سور، ساماڻيس سک ويا،
اهي ٻئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا.
 

ڀنڀور ۾ پهچڻ کانپوءِ، سندس زندگي آرام ۽ راحت ۾ گذري رهي هئي، مگر لکي نينهن نصيب جي آهي ڪانه ڪنهين کي ڪل. پنهون سان سندس شناسائي ٿي. پنهون جي شخصيت ڪا معمولي چيز نه هئي، شاهه ڀٽائي سندس حسن جي حقيقت هيئن ٿو ڏئي:-

برو هو ڀنڀور، آرياڻي اُجاريو،
لاٿو لوڪ تان هاڙهي ڌڻيءَ مور،
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
 

جيڪڏهن حضرت يوسف عليه السلام جو حسن اهڙي حقيقت هئي، جو حضرت زليخا جي ساهڙين پنهنجي هٿن کي ڇرين سان زخمي ڪري ڇڏيو هو ته ڀنڀور جون حسين نينگريون پنهونءَ جي تصور ۾ ڪپڙن تي ڇر جي بجا پنهون جي تصوير جو نقش و نگار چٽينديون ٿي رهيون. اهڙو چنڊ، سسئي جي جهوليءَ ۾ جهلي پيو. هن ويچاري کي خبر نه هئي ته ڪيچ جي سردار سان محبت ڪرڻ جو نتيجو ڇا نڪرندو. شاهه ڀٽائي ان حقيقت جو انڪشاف هيئن ٿو ڪري:-

اديون آءٌ اڄاڻ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
مند نه سنيم هيتري ڪوهياري جي ڪاڻ،
رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين.
 

هيءَ به حقيقت آهي ته واقعي سسئي سڱ سڃاڻي نه ڪيو. آخر اهو ڏينهن آيو، جنهن سسئي کي هميشه لاءِ سوگوار بڻايو. رتيءَ جي رهاڻ کيس ڏونگرن ۾ رلايو. هن دل گداز واقعي کي شاهه ڀٽائي زياده سوگوار بڻائي ڇڏيو. رئندي ڀنڀور کان موڪلايائين. جيڏيون سرتيون وٽس مڙي آيون، کيس سمجهائڻ شروع ڪيائون، ته پنهون وڃي ڪيچ جي قريب پهتو، انجي پويان وڃڻ ناداني ٿيندي. اڳيان ڏونگر آهن، سڃو ملڪ آهي، الائجي ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن سان توکي منهن ڏيڻو پوي. انهن دل ڏاريندڙ حالتن جو تون ضعيف زال ڪهڙي ريت مقابلو ڪري سگهندين. مگر سسئي محبت جي مقام کان ناواقف هئي، هن کي خبر هئي ته محبت دوست جي آرزوئن ۽ تمنائن جي تابع داري جو ٻيو نالو آهي. محبت جي بلا جي اڳيان ٻيون سڀ بلائون ڪجهه نه هيون. هوءَ پنهنجي عزم ۽ ارادي تي قائم رهي. شاهه ڀٽائي ان عزم راسخ جو اظهار هيئن ٿو فرمائي:-

موٽڻ جي مصلحت، مونکي ڏهوم جيڏيون،
نهاريندس نڪري آرياڻي البت،
ڪنديس اوٽ عيد جي، لڪن ڏيئي لت،
سرتيون شريڪت، آءٌ ڪئن آگن سان ڪريان.
 

سندس ماءُ وڌي آئي ۽ پنهنجي روح جي رهاڻ کي سمجهائيندي رهي. سندس ستاڻي سفر جي نشيب ۽ فراز کي ڏيکاريندي رهي، سسئي جا سڄي خاندان جو نڪ ۽ نمڪ هئي، انجو وڇوڙو پوڙهي ماءِ جي لاءِ بيحد دل شڪن هو، مگر سسئي جنهن جي نجهري ۾ رئڻ ۽ راڙو هو، هاڙهي کي رت ۾ رڱڻ کان سواءِ موٽڻ واري نه هئي. شاهه ڀٽائي سسئي جو جواب ڪهڙن نه رقت انگيز لفظن ۾ ٿو ادا ڪري:-

موٽي وران م ماءُ، موٽڻ کان اڳ مران،
لڇي لالن لاءِ، شال پنديس پير تي.
 

شاهه ڀٽائيءَ جي نظر ۾:-

چڪيس سڀ چئي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا،
سا موٽي ڪين مئي، جنهن جو جانب جت وٺي ويا.

محبت جي جولانگاهين جي ابتدا فنا ۽ انتها بقا آهي، ورنه سسئي جو گهر ٻار ڇڏڻ، پنهنجي سک ۽ آرام کي ڦٽو ڪرڻ، ۽ سرتين ساهيڙين کان دور وڃڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. هن لاءِ ڪا ٻي تقويت کپندي هئي، جا هئي سندس روحاني آرام جي طلب!

اول آخر آهه، هلڻ منهنجو هوت ڏي،
پورهيو سندو پورهيتن، والي ڪيم وڃاءِ،
سو مون ٿورو لاءِ، جئن جئري ملان جت کي.
 

فنا جو انتهائي مقام اهو آهي. حافظ شاهه ڀٽائي جي رنگ ۾ ڪهڙو نه عمدو فرمايو آهي:-

اين جان عاريت که بحافظ سپرد دوست

روزي  بينيم  آورا، تسليم وي کنيم.

(2)

حقيقت ۾ سسئي پنهون کان پري، پنهنجي زندگي جو هڪ پل به گذارڻ نه ٿي گهريو. هنجي اندر ۾ محبت جي اُساٽ هئي، تشنگي هئي، جا مطلوب جي وصال کان سواءِ، ڪڏهن به طالب کي تسڪين ڏئي نه ٿي سگهي. شاهه ڀٽائي هن جي بي پناهه اُساٽ جو ذڪر هيئن ٿو فرمائي:-

سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اُڃ،

پسڻ جو پرينءَ جو، سا سڀائي سڃ،

تيلاهن مرن اُڃ، سدا سائر سير ۾.

اقبال به هن نڪتي جو معترف آهي، فيض ساقي شبنم آسا، ظرف دل دريا طلب بهرحال سسئي ڀنڀور کان هئن چئي الوداع ڪيو، ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾. هوءَ مهد محتاجي ڪري، حجت وڃائي اڳتي وڌي. اُن گويا محسوس ٿي ڪيو ته پنهونءَ جي فراق ۾، سندس چيخ ۽ پڪار اڪيلي نه آهي، پر دنيا جو ذور ذرو سندس ماتمي آواز سان گڏ پڪاري رهيو آهي. ڪوسو واءِ سهڻ ئي ڏکي ڳالهه آهي، پر جلندو اُهو، جنهن کي جلڻ نصيب ۾ آيو. مولانا فريد الدين عطار پنهنجي مشهور تصنيف منطق الطير ۾ فرمائي ٿو ته:-

هڪ ڀيري پتنگن کي ڪجهه وقت شمع جي نظاري کان دور رهڻو پيو. پاڻ ۾ پهه ڪيائون ته ملي شمع جي ديد کان مستفيد ٿيون. هڪ مک کي شمع جي جستجو ۾ روانو ڪيائون، مک گهڻي جستجو کانپوءِ، هڪ جاءِ تي شمع کي هٿيڪو ڪري موٽي ۽ پروانن کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيائين. پروانن ان کي پاڻ وٽ ترسائي، پاڻ مان هڪ پرواني کي انتخاب ڪري، اُن ڏس تي موڪلي ڏنو. پرواني شمع جي لاٽ کي پري کان جهلڪندو ڏٺو. وڌيو، اُنجي گرد ڦيرا ڏيندي، لاٽ جي مٿان ڪري، جلي، مري ويو. پتنگ هتي منتظر قاصد جي راه نهاريندا رهيا. جڏهن ڪافي عرصو گذريو تڏهن سڄو ئي مجمع ان جي ڳولا ۾ نڪتو. ڏٺائون ته سندن قاصد شمع تي قربان ٿي چڪو هو. پروانن شمع جي چوڌاري رقص ڪندي، چيو ٿي ته:-

شمع سامهون هجي ۽ پروانو جلي نه مري.

اهڙي ريت سسئي جا عزيز، جيڏيون ۽ ڀنڀور جا ماڻهو سڀ پوئتي رهجي ويا. اڪيلي سسئي ان ڏکي پنڌ تي چڙهي ۽ ڪهڙي حال ۾:-

ڏري ۽ ڏاري، سٽ سورن جي سسئي،
پسيائي پنهون ڏي، نرمل نهاري،
لالن جي لطيف چئي، سنه ستي ساري،
پريتڻون پاڙي، مارڳ ۾ منڌ پئي.
 

ڀنڀور جي ماڻهن، آرام جي رات ڪاٽي. لوڪ کان سسئي جي سور جي ڳالهه وسري ويئي. مگر سسئي، اُڇنگارون ڏيندي ڀنڀور کان ٻاهر نڪتي ۽ موت جي ماڳ تي اڳتي وڌي. ڀٽائي، سسئي جي ان بلاخيز جذبي جو نقش هيئن ٿو ڪڍي:-

پاڙي ناهه پروڙ، رات رنجائي گذري
ٻانڀڻ ٻاروچي جي گهائي وڌي گهور،
هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.

 

ڀنڀور، هاڙهي کان ڪيڏو نه پري پنڌ آهي، سنڌ جي جغرافيائي حالتن تي نظر ڪرڻ سان خبر پوندي ته هيءُ پنڌ سڄو سڃ ۽ ويراني آهي. ڪوهن ۾ پاڻي نه ملي، سايه لاءِ وڻ جو پاڇو نه لڀي. هر طرف خاموشي. ماڻهو جي صحبت لاءِ ماڻهو سڪي. پر سسئي جو هر قدم بيتابي سان اڳتي وڌندو رهيو. تاريخ تي نظر ڪرڻ سان هيءَ خبر پوي ٿي ته هيءُ واقعو اٺين يا نائين صدي عيسوي جو آهي. اُن وقت، موجوده زماني جي سفر جون سهوليتون ڪٿي؟ نه شاهي رستا هئا نه وسيع سڙڪون. سنها پيچرا، ماڻهن جي قدمن جي نشان تي مسافري ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، جي ڏاڍي هوا لڳي ته اُهي نشان به گم. سسئي انهن سهوليتن تي قناعت ڪري، پنهنجي قسمت سان جنگ ڪندي، اڳتي هلندي رهي، خبر نه آهي ته هيءَ محبت جي ڪٺل ڪهڙو رستو وٺي هلي. اڄ اُن رستي کي مقرر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته هوءَ پاڻ ئي منجهيل هئي.

واٽون ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ويا؟

افسوس ته هن حقيقت تي آهي ته سڄي ڀنڀور ۾، ڪوبه هڪ اهڙو دل وارو نه هو، جو هن محبت جي ماريءَ سان رفيق بڻجي ۽ بر ۾ بورائو ٿي ملي. چون ٿا ته ڀنڀور، هن واقعي کانپوءِ ستت ئي اُجڙي ويو. شايد حاڪم حقيقي کي هيءَ ڳالهه نه پسند آئي هجي ۽ اُنجي سزا شهر وارن کي ملي هجي. هن حقيقت کان انڪار ٿي نه ٿو سگهي ته ڀنڀور اهڙو اُجڙيو، جو وري آباد ٿي نه سگهيو. اڄ مٽيءَ جو ڍير آهي.

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون،

سوارو سونهون، پڇي پورج سسئي.

مگر سسئي جي نالي سان ڀنڀور جو نالو به زنده جاويد بڻجي ويو.

جبلن جي اُڀين قطارن، سنگلاخ زمين ۽ پر هيبت پيچرن ۽ وراڪن مان، سفر جي ابتدا ڪئي. سندس دعا هئي ته:-

پهرو ئي پاڻو، سولو ڪرين ساٿ جو.

پاڻو جي معنيٰ آهي منزل. سندس صدا هئي ته مان پهرئين منزل تي وڃي، پنهون جي قافلي سان ملان. هن سڃي پنڌ ۾ سندس رهنما، سڙيل شيون ۽ اُٺن جا پير هئا. هو قافلي وارن جو نشان ڪندي، پنڌ ڪندي، ٿي ويئي.

ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهون جو،

سڪ ٻڌائين سندرو، جانب لئه جڙي.

سر آبري سندس هن جستجو ۽ محبت جي ثابت قدمي سان ڀريل آهي، شاهه ڀٽائي، جو هيءُ شعر اعليٰ محاڪات نگاري جو هڪ مثال آهي. جنهن جو نشان اسان کي فارسي شاعرن مان فردوسي ۽ عربي شعرا مان متنبي ۾ نظر اچي ٿو. شعر جي هيءُ عظمت ڀٽائي ۾ خداداد هئي. نه هو عجم جي شاعري کان واقف هو، نه عرب جي نغمه نوازي کان. اهو ئي سبب آهي جو تحفته الڪرام جو مصنف سيد علي شير قانع، سندس شعر ۽ شاعري کي ڪرامات ٿو سمجهي. سندس شعر جو نقش ايڏو ته بديع ۽ فصيح آهي، جو هڪ بهترين نقاد به پنهنجي پر شوڪت لفظن ۾، اُنجي صحيح حقيقت کي سمائي نه ٿو سگهي. ننڍڙو مصرع، ويا ڪين ورن، جي پهتا پار پرينءَ کي ڪيڏو نه معنيٰ خيز آهي.

(3)

سسئي جي سفر جو ذڪر شاهه ڀٽائي نهايت تفصيل سان ڏنو آهي. هن ذڪر ڪندي، پهاڙين جي چاڙهاڪي جو بيان اهڙي ته طريقي سان ڪيو اٿس، جو سندس ڪلام جو پڙهندڙ ائين محسوس ٿو ڪري ته گويا هو خود انهن دشوار گذار پيچرن ۽ وراڪن مان گذري رهيو آهي. مطلب ته سسئي سڄو ڏينهن قافلي جي نيشانن پوئتان ڊوڙندي رهي. سج لهڻ تي اچي پهتو، ان وقت هن دردمند زال اُڀن پهاڙن جي طرف نهاريو، جن جي مٿان رات جي اونداهي هوريان هوريان پنهنجي ڪاراڻ جو رنگ ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيو هو. هن کي پهريون دفعو پنهنجي تنهائي جو احساس ٿيو. شاهه ڀٽائي ان محبت جي ماريل جي جذبات جو نقش هيئن ٿو ڪڍي.

سج اُلٿي سسئي، رت ورنو روءِ،
پهي نه پانڌي ڪو، جنهن ڪر پڇي لوءِ،
موڙهي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانه ڪري.
 

ٿي سگهيو ٿي ته هوءَ انهن مهيب پهاڙن ۾ تنهائي ۽ مصيبت جي رات گذارڻ بجا، پوئتي موٽي پوي ها، پر هنجو عزم ۽ ارادو ايڏو ته قوي هو، جو هوءَ پنهنجي خيالن ۾ موڙهيل ته ضرور هئي، پر پوئتي موٽڻ جي واهه وري به نه واريائين. هڪ ضعيف زال، ٻي اسونهين، ٽيون بر جون بلائون، چوٿون پهاڙن جو پنڌ! سندس موت يقيني ٿي نظر آيو. ڀٽائي به ان حقيقت جي تائيد ٿو فرمائي:-

اڌر نڌر، اڀري، اسونهين آئون،
چيتا، چور چنجن ۾، بر جون بلائون،
موٽ پنهون پاهون، متان محب مري رهان.
 

اهڙي هولناڪ منظر ۾، سندس مٿان اچي رات پئي، هن بلڪل جبلن جي قطارن اندر پاڻ کي محصور ڏنو. سندس بت کان ڪنئرا پير، ترڇيل پٿرن جي مٿان پنڌ ڪري ڦٽجي پيا، پر هوءَ اڳتي رڙهندي رهي. رتورت پيرن جي تڪليف وساري به ڪيچين لاءِ ڪڙهندي رهي:

پير پٽانئي ڪنئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
پاڻ نه پسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچين کي،
هاڙهو هوت پري، ڪه ڄاڻان ڪئه لنگهيا.
 

حب ندي کان اڳي هلبو ته وڏو رڻ آهي. جنهن ۾ رائو ئي رائو نظر ايندو. شاهه ڀٽائي به اُنجو ذڪر پنهنجي ڪلام ۾ ڪيو آهي:-

رائي ڪئي رنجور، ٽڪر پوءِ ٽاڪيو چڙهي.

انهيءَ رائي واري ميدان جي ڀرسان، ڦوڙ نالي ندي ٿي وهي. انهيءَ ندي کان شايد سسئي ڪنارو، ڪري، جبلن جو پنڌ اختيار ڪيو ٿو ڏسجي. اُتانجي اُڀن جبلن مان نهايت سوڙها سڳر آهن. جن کي ڀٽائي پلصراط سان تشبيهه ٿو ڏئي.اُنهن لڪن جا جدا جدا نالا آهن. منجهائن گهيٽيڪو ۽ بريڊ ولڪ مشهور آهن. هنن لڪن جي پريان سمنڊ پيو ڇوليون ڏئي. اتانجو نظارو نهايت دلفريب آهي. جبلن جي هيٺان سمنڊ جي پاڻي جو ڪجهه پنڌ تائين گذر آهي. جبلن ۾ سوراخن هئڻ باعث جڏهن سمنڊ جي هوا، انهن سوراخن ۾ ڀرجي ويندي آهي، تڏهن انهن مان هولناڪ آواز پيدا ٿيندا آهن، جي اڻ ڄاڻ واٽهڙن لاءِ نهايت ڊيڄاريندڙ هوندا آهن. هن انهن سوڙهن سڳرن ۾ سسئي وڃي ڦاٿي. ائين ٿو معلوم ٿئي ته هوءَ ڄڻ ڪنهن طلسمات ۾ وڃي اٽڪي هئي، مگر خدا تي توڪل رکي، هوءَ انهن لڪن کي لتاڙي ۽ اڳتي وڌي:-

لانچي لڪ لطيف چئي، هلي ڏانهن حضور،
رهيا سڀ رڃن ۾، سسئي جا سالور،
ساجن ميڙيس سور، سک نه ميڙيس سپرين.
 

ڪاڏي ڀنڀور ۽ ڪاڏي وندر! پنهنجي مقصود جي گوهر حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪٿي ڊاٻو ڪيائين نه منزل، ڪوهن جو مفاصلو لحظي ۾ طي ڪري، وڃي ڪيچ جي گرد ۽ نواح ۾ پهتي. نه بک جي پرواه هيس نه پنڌ جي ڪوفت؟

سڏائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪونهي جا،
مون سين ملي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.

 

جا وک کنيائين ٿي، اُن وک کيس حبيب سان قريب ٿي ڪيو:

کهي جا کنيائين، تنهن وک ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇنيائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو.
 

واقعي هي سعادت قسام ازل سسئي جي قسمت ۾ لکي هئي، جنهن ڪري سندس نالو جڳان جڳ رهجي ويو. هيءَ هر سڌڙي جي سڌ نه آهي، جا ڪامياب ٿي سگهي. شاهه ڀٽائي هن ذوق ۽ وجدان جي متعلق ڪهڙو نه عمدو فرمايو آهي:

عشق نه آهي راند، جو کيڏن ڳڀرو،

سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.

لکهنو جي مشهور شاعر رفيع سودا ڪهڙو نه عمدو فرمايو آهي:-

 

سودا قمار _ عشق مين خسرو سي کوهکن،
بازي اگرچه پا نه سکا، سر تو کهوسکا
کس مونهه سي اپني آپ ڪو کهتا هي عشقباز

اي روسياه تجهه سي تو يه بهي نه هوسکا.

 

سسئي جي پاڪيزه ۽ مقدس محبت جو عمل هڪ سڪ جو اهو داستان آهي، جو سوز وارن کان ڪڏهن به فراموش ٿي نه ٿو سگهي. سسئي کي سندس والدين انهيءَ ڪري لوڙهي ڇڏيو هو ته هنجو انگ هڪ مسلمان سان ٿيڻ وارو هو، پر جيڪڏهن، هنن کي هيءَ خبر هجي ها ته هوءَ محبت جي راهه تي ثابت قدم رهي، پنهنجو نالو غير فاني ڇڏيندي ته هو پنهنجي چشم و چراغ کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا ڪرڻ جي جرائت نه ڪن ها. محبت جي هن امتحان ۾ ڪاميابي جي سهري، سسئي جي سر تي اولوالعزمي جو تاج رکيو آهي، جنهن جي درخشان پهلو کي ڏسي، شاهه ڀٽائي جهڙو مفڪر کيس هئن ٿو خراج تحسين ادا ڪري:-

پسي جهاجهه جمال جي، جنين پيتي پڪ،
اپر آڳانجهو ٿيو، سور انين کي سڪ،
هڏ نه ڀڳين هڪ، سدائين سائر سير ۾.
 

محبت جي مارڳ تي مري چڪي ۽ پنهنجي پاڪيزگي ۽ عفت جو داستان، هميشه لاءِ غير فاني ڇڏي وئي.

(4)

شاهه ڀٽائي جنهن انداز سان، سسئي جي داستان کي نڀايو آهي، انجو عشر عشير به اسان کي ايشيائي شاعري ۾ نظر نه ٿو اچي. هر شاعر عشقيه داستانن کي پر اثر ۽ شگفته بنائڻ ۾، ڪا به فروگذاشت نه ڪئي آهي، جامي يوسف زليخا ۾ هيستائين به چئي ڏنو آهي:-

حريفان بادها خوردند و رفتند تهي خم خانها کردند و رفتند

مگر انهن حريفن پنهنجي سخن جي شراب کي اهڙو ڪيف آو بڻائي نه سگهيو آهي، جيترو سنڌ جي شاعر عبداللطيف! ڀٽائي جي ڪلام جو انداز ئي پنهنجو آهي، فيضي جي نلدمن، نظامي جي شيرين خسرو، فردوسي جي ليليٰ مجنون، ملڪ جائسي جي پدماوت، خد بقائي جي زيب و نگار، هي سڀ تصنيفون ڀٽائي جي شيرين ۽ مٿين سخن جو مقابلو ڪري نه ٿيون سگهن.

پيرين پيم پرڪڻا، ره ۾ گهڻو رنوم،

پاراتو پرينءَ کي تپي تان نه ڏنوم،

جڪي ٿي چيوم، سونهارو سڄڻين.

ڪيڏو نه بلند ڪردار آهي. سسئي جي پر غم ڪشش جي ابتدا، ڀٽائي جي مفڪرانه نگاهه ۾ اها آهي. هر مصيبت ۾ هوءَ دوست کي ئي سونهاري سمجهندي رهي. سندس وري انتها ڪيڏي نه خود رفتگي سان ڀريل آهي:-

اچي عزرائيل، ستي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهون ماڻهو موڪليو.
 

موت کانپوءِ رل مئي سسئي جي بي تابي ۽ بي قراري جي اهائي حالت هئي، جا موت جي ڪڙي جام پيڻ کان اڳ کيس نصيب هئي. ڀٽائي جو ڪيڏو نه اعليٰ تخييل آهي:-

منڪر ۽ نڪير کي، جڏهن ڏٺائين،

اڳيان اٿي ان کي پنهون پڇيائين،

ادا ائائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.

اهي لفظ ميسر ٿي نه ٿا سگهن، جي هن بيت جي شرح کي پوري ريت ادا ڪري سگهن. ڀٽائي جي فني ڪمالات جو هي ادنيٰ ڪرشمو آهي، جنهن کان سسئي سسئي بڻجي وئي آهي. سندس غمناڪ قصي کي صديون گذريون، مگر جي ڀٽائي جي طفيل اڄ به:

ذڪر ناه يوماَ فاستهلت جفوتنا،

بدمع اذا ماالحل العام اخضلا.

هڪ ڏينهن انجي ياد آئي، ته ايترا ته ڳوڙها وهي هليا، جو قحط سالي جي سيرابي جي لاءِ ڪافي هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com