سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: بهار لطيف

 

صفحو 5

رشيد احمد لاشاري

شاهه جا همعصر اردو ۽ پنجابي شاعر

 

انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو مبالغو ڪونهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه رڳو سنڌي شاعرن جو سرتاج ڪري ليکيو وڃي ٿو پر سندن ڪلام کي اُن دور جي ٻين ٻولين جي شاعرن کان به هر حالت ۾ فوقيت حاصل آهي. خصوصاَ اردو شاعريءَ جو پهريون دور اسان جي سنڌي شاعري جو بلڪل وچون ۽ اوج وارو زمانو تسليم ڪيو ويو آهي. اهو دور سنه 1700ع مطابق 1112هه کان شروع ٿي سنه 1747ع مطابق 1160ع هجري تي وڃي پورو ٿئي ٿو. جيئن ته شاهه صاحب جن سنه 1680ع مطابق 1102هه ۾ تولد ٿيا ۽ سنه 1751ع مطابق 1165 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون، تنهنڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ اردو شاعريءَ جي پهرئين دور جي شاعرن ولي دکني (1668-1744ع)، شاهه مبارڪ آبرو (وفات 1750)، سراج الدين خان آرزو (1689-1756ع)، ظهورالدين حاتم (1699-1791ع)، شرف الدين مضمون (وفات 1745ع)، مرزا مظهر جانجا نان (1698_ 1781ع) ۽ اشرف علي خان فغان (وفات 1772ع) جا خاص همعصر هئا.

اردو شاعريءَ جي انهيءَ پهرئين دور ۾ ولي دکني کي خاص فوقيت حاصل آهي. اردو تزڪره نويسن جي راءِ موجب هن کي اردو شاعريءَ سان اهائي نسبت آهي، جيڪا چاسر کي انگريزيءَ سان ۽ رودڪيءَ کي پارسي شاعري سان. عام روايت موجب سڀ کان پهريون اردو ديوان هن ئي مرتب ڪيو ۽ کيس پنهنجي همعصر شاعرن منجهان سڀنيءَ جو استاد ڪري ليکيو وڃي ٿو.

هن جي شاعري جي تتبع تي ئي اتر هندستان ۾ اردو شاعريءَ جو بنياد قائم ٿيو ۽ سندس ڪلام سلاست، رواني، بي تڪلفي ۽ آمد جي ڪري هر طرح شهرت ۽ مقبوليت جي لائق آهي. جيئن ته هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:

دل چهوڙ کي يار کيونکه جاوي،
زخمي هي شکار کيونکه جاوي
دشمن دين کا دين دشمن هي
راهزن کا چراغ رهزن هي

 

ولي جو خيال آهي ته عشق جي عالم ۾ جيتوڻيڪ سڀڪجهه قربان ٿي وڃي تڏهن به دوست جو در ڇڏي نه وڃجي، ڇاڪاڻ ته هن عالم اسباب جي محبت حقيقي عشق لاءِ هر طرح نقصان جو باعث آهي. جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب انهيءَ خيال کي جنهن خوش اسلوبي ۽ حسن بيانيءَ سان پيش ڪيو آهي، سو سندن ئي ڪلام جو اعجاز آهي. جيئن ته فرمائي ٿو:

محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ،
سر سوري، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪت!

عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
 

اهڙي طرح نه رڳو عشقيه شاعريءَ ۾ پر حمد ۽ نعت ۾ به جناب شاهه صاحب جن ولي دکنيءَ کان هر طرح ممتاز نظر اچن ٿا ۽ سندن نازڪ خيالي ۽ اسلوب بيان ولي دکنيءَ کان هر حال ۾ بهتر آهي. جيئن ته ولي دکني لکي ٿو:

الهٰي يا الهٰي يا الهٰي
تجهي ساجي جگت کي بادشاهي

ولي هي يو سبب خالي بهانه
اسي کا کام هي دينا دلانا
 

شاهه صاحب فرمائي ٿو:

الله جيئن نالو، تيئن مون وڌو آسرو،
خالق! تنهنجي کاند جو، پرو و پاند نه ڪر،
نالو رب سندو، رهيو آهم روح ۾.
 

ولي دکنيءَ جي همعصر اردو شاعرن منجهان شاهه نجم الدين دهلوي عرف شاهه مبارڪ آبرو جو نالو پڻ قابل ذڪر آهي. مشهور صوفي شيخ محمد غوث گوالياريءَ جي اولاد منجهان هو. گواليار ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي دهلي اچي، شعر چوڻ شروع ڪيائين. صاحب ديوان هو، مگر افسوس آهي جو سندس ديوان غدر واري زماني ۾ ئي غائب ٿي ويو. هو متقدمين شاعرن منجهان ابهام ۽ استعاري جو بادشاهه ڪري ليکيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪٿي ڪٿي سندس ڪلاس ۾ سبڪساري ۽ ابتذال نظر اچي ٿو. انهيءَ جي باوجود سندس ڪلام ۾ رنگيني ۽ لطافت کان خالي نه آهي. جيئن ته هڪڙي هنڌ لکي ٿو:

عزت هي جوهري کي، جو قيمتي هو جوهر

هي آبرو همن کون، جگ مين سخن همارا.

شاهه مبارڪ آبرو جيتوڻيڪ تشبيه ۽ استعاري جو بادشاهه ڪري ليکيو وڃي ٿو پر شاهه وري به شاهه آهي ۽ سندس همعصر شاعرن منجهان ڪوبه سندس برميچي نٿو سگهي. جيئن ته جوهر ۽ جوهريءَ واري انهيءَ ساڳي مضمون کي هيٺين ريت ادا ڪرڻ فرمايو اٿس:

جي نه سڃاڻن سچ کي ويهه م تنين وٽ،
امل کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ،
مهر تنين وٽ مٽ، جي پارکو پارس جا.
 

انهيءَ دور جي اردو شاعرن منجهان سراج الدين خان آرزو به هڪ مشهور شاعر ۽ نقاد ڪري ليکيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو مير حسن دهلوي کيس امير خسرو کان پوءِ هندستان جو سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو آهي. مير تقي مير به سندس ذڪر نهايت ادب ۽ احترام سان ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجو ۽ پنهنجي زماني جي ٻين شاعرن جو استاد ڪري ليکيو اٿس. خير، جو ڪجهه به هجي پر سندس شاعرانه عظمت ڀٽائي جي ڪماليت جي آڏو هر حالت ۾ هيچ نظر اچي ٿي.

جيئن ته خان آرزو جو هڪ شعر آهي:

آتا هي هر سحر اڻهه، تيري برابري کو
کيا دن لگي هين ديکهو خورشيد خاوري کو.

 

شاهه صاحب جن خورشيد خاوري جي بدران محبوب جي حسن جو مقابلو جهڙيءَ ريت چنڊ سان ڪرڻو فرمايو آهي، سو خان آرزو ته ڇا پر دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعرن جي ڪلام ۾ به ڪو مشڪل نظر ايندو. ذرا شاهه جي لفظن ۽ نازڪ خيالي تي ته غور فرمايو:

چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرين سين،
تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.
 

صبر ۽ شڪر جو مضمون انهيءَ دور جي شاعرن جي ڪلام ۾ هڪ خاص امتيازي حيثيت رکي ٿو. جيئن ته اُن دور جي شاعر اشرف علي خان فغان جو هڪ شعر آهي:

مجهه سي جو پوچهتي هو تو هر حال شکر هي

يون بهي گزر گئي، ميري وون بهي گزر ٿئي.

شاهه صاحب جو ڪمال ڏسو، جو پنهنجي ڪلام ۾ قنوطيت کي ڪٿي به جڳهه نٿو ڏئي پر صبر ۽ شڪر سان گڏ تقدير جي شڪايت جو هڪ نفيس پهلو پيدا ڪري، محبوب جي لطف و ڪرم کي پاڻ لاءِ عالم ڪري ٿو ڇڏي. جيئن ته فرمائي ٿو:

نه ڪاني نه ڪانه، نڪو ڏوهه قلم جو

انگ، اُتيئي لکيو، جت نه رسي ٻانه،

ڪنهنکي ڏيان دانه؟ قضا قلم وهائيو.

اردو شاعريءَ جي انهيءَ پهرئين دور جي شاعرن منجهان شاهه حاتم به هڪ اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن کي اردو شاعريءَ جي دهليءَ واري رنگ جو موجد ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن جو پيدائشي نالو ظهورالدين هو ۽ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو درجو اردو ادب ۾ هڪ منفرد ۽ ممتاز حيثيت رکي ٿو ۽ سودا ۽ ٻين وڏن وڏن شاعرن جو اُستاد ڪري ليکيو وڃي ٿو. سندس هڪ مشهور شعر آهي:

محتاجگي سون مجهه کو نهين ايکدم فراغ

حق ني جهان مين نام کو حاتم کيا تو کيا

ڏک ۽ محتاجگيءَ ناموس ۽ دولت جي سونهن آهن ۽ انهن کان سواءِ انسان هن دنيا ۾ حاتم جهڙو نالو ڪڏهن به پيدا ڪري نٿو سگهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته دنيا جا ڏک ڏاکڙا ڏسي، آئنده اقبال کان ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ گهرجي. جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب جن انهيءَ نظريه مطابق، شاهه حاتم جي مٿئين خيال جي ترديد ڪندي، هيٺين ريت ارشاد فرمائين ٿا:

جي ڪوڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو

ڇپر ڪين  ڏئي،  سوکڙيون ستن  کي!

شيخ شرف الدين مضمون جو بابا شيخ فريد شڪر گنج جي اولاد منجهان هو، سو پنهنجي حسب نسب تي فخر ڪندي، پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ٿو چوي:

کرين کيون نه شکر لبون کو مريد
که دادا همارا هي بابا فريد
 

انهيءَ جي برعڪس اسان جي شاهه صاحب وٽ ذات پات ۽ حسب نسب جو ڪوبه فرق ڪونهي. جنهن لاءِ صاف لفظن ۾ فرمائي ٿو:

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجهن جيون، سپڙ ڄام سهي،
جو راءِ وٽ رات رهي، ته چکي تان نه ٿئي.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مرتبو نه رڳو پنهنجي همعصر اردو شاعرن منجهان بلند آهي پر اُن دور جي پنجابي شاعرن منجهان به سندس بلند پروازيءَ جي ويجهو ڪوبه پهچي نه سگهيو آهي. شاهه شرف بٽالوي (1659_1725ع)، سيد علي حيدر ملتاني (1101هه _ 1199هه)، ميان اشرف لاهوري (وفات 1137هه)، علامه غلام قادر شاهه بٽالوي (وفات 1176هه)، حضرت بلهي شاهه (1680ع _ 1785) ۽ان دور جا ٻيا ڪيترا پنجابي شاعر پنهنجي پنهنجي مخصوص رنگ ۾ ڪافي ندرت ۽ جدت پيدا ڪري چڪا آهن، پر شاهه صاحب جي تخيل ۽ نازڪ خياليءَ جي مقابلي ۾ سندن ڪلام جي مقبوليت ۽ جاذبيت هر حالت ۾ گهٽ آهي. شاهه شرف بٽالوي، جنهن جي تربت لاهور ۾ آهي ۽ پنجابي ڪافين جي ڪري پنهنجي دور جو هڪ ممتاز شاعر ڪري ليکيو وڃي ٿو، سو محبوب جي هجر ۽ فراق ۾ پنهنجن روئڻهارڪين اکين جو بيان ڪندي لکي ٿو:

اکيان ميريان دک ڀريان، ويکن يار تسانون،
ڏٺي ٻاجهو رهن نه مولي، لڳي چوٽ نينان نون،

جي تن لڳي سو تن ڄاڻي، ڳجهي ويدن اسانون،

شاهه شرف دل درد گهڻيري، معلوم حال متران نون.

هاڻي جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو انداز بيان ملاحظه فرمايو:-

اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺيئي نه لهي.
 

پنجابي شاعريءَ جي انهي دور ۾ سيد علي حيدر ملتانيءَ کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي. هن جي ڪلام ۾ سوز ۽ گداز حد کان وڌيڪ نظر اچي ٿو ۽ سندس ڏوهيڙا عشق حقيقيءَ ۾ رڱيل ۽ تصوف جا موتي شمار ڪيا وڃن ٿا. تنهن هوندي به سندس مرتبو شاهه صاحب سان ڪنهن به حالت ۾ پهچي نٿو سگهي. چند مثال پيش ڪجن ٿا:

علي حيدر ملتاني:

اٿي اٿي آس تيڏڙي اي،

آتي آسرا تيڏڙي زور دائي.

مهين سڀ حوالڙي تيڏڙي ني،

اسان خوف نه کاندڙي چور دائي.

تون هي ڄاڻ سوال جواب سڀو،

سانون خوف نه اوکڙي گوردائي.

علي حيدر نون سڪ تيڏڙي اي،

تيڏي ٻاجهه نه سائل هور دائي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

ميهيون هن ميهار جون، الا سڀ جين،
ڪاريون، ڪڪيون ڪنڍيون، وارا ڪيو وين،
جوءِ جا جاندارن جي، ٻيلا ٻهه ٻهه ڪن،
اچي ريل رهن، مون سانڀارا سپرين.

 

علي حيدر ملتاني:

ث- ثابت عشق اساڏڙا اي،
تيڏي جيودي خبر نه ڪا رانجها.
منجهين ڇيڙڪي جهل دي وچ سائيان،
هير نماڻي تي آ رانجها.
ڇيڙ ڪي مرلي وحدت والي،
ڳاوڻ عشق دي ڳا رانجها.
علي حيدر ٻيٺ تماشا ويکي،
رٺڙا يار منا رانجها.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي:

ڪونهي آڳه اهڙو، جهڙي محبت من،
اُڀيون اوريين يار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن،
ندي تن نيڙ ٿئي، جي ري ترهي تون،
سڪ رساڻي سوهڻي! اصل عاشقن،
سي جهليون ڪين ڪنن، پڇن  جي ميهار کي.

سيد علي حيدر ملتانيءَ وانگر ميان اشرف لاهوريءَ جا ڏوهيڙا به تصوف جي رنگ سان سرشار نظر اچن ٿا. جيئن ته هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو ته:

سارا تن جي هو وي ديدي،
مين فير ڀي دسدي نه رڄان.
ويکڻ والا سڀ ٿان ويکي،
مين عيب ڪنهن دي تون ڪڄان.
جت ول ويکان، مينون جاني ڏسي،
مين ڪيڏر ڪيڏر ڀڄان!
اشرف اڪ ديدار ماهي تون،
مين واران سو حجان.
 

ميان اشرف پنهنجي سڄي جسم کي اکيون بنائي تن سان محبوب حقيقيءَ کي ڏسڻ چاهي ٿو، پر شاهه انهيءَ مظاهري اکين جو سخت مخالف آهي ۽ سندن بند هئڻ ۾ ئي محبوب جو مشاهدو ماڻڻ چاهي ٿو. جيئن فرمائي ٿو:

ديک مه تون سين تن، هي جي مجازاڻيون منهن ۾
جن نه سڃاتو سپرين، نهاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻئي جنين ٻوٽيون.

 

اهڙي طرح علامه غلام قادر شاهه بٽالوي، جنهن جو ڪلام علم معرفت جي نڪتن سان ڀرپور آهي، سو هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:

رانجهن نال مين ستي آهي،
جان جاڳان تان لٽي.
ڇيڄون چڪ ڪي بره ستائي،
مين وچ جهلان وي سٽي.
رات ڏيهان مين ڦران نماڻي،
تي رونديان رونديان هٽي.
ڪهي غلام جان رانجهن ڏٺا،
تي هير عذابون ڇٽي.

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب جن انهيءَ خواب کي سسئي جي زباني هن ريت بيان ڪرڻ فرمايو آهي:

سنجهي مون نه سنڀاليو، صبح ساريم سور،
آڌيءَ رات اد مئو، ڌين پلٽيو پور،
جتن جي ضرور، مادر! ماري آهيان.

 

پنجابي زبان جا اُهي شاعر جي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا همعصر ٿي گذريا آهن، تن سڀنيءَ مان حضرت بلها شاهه جو نالو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي. حضرت بلها شاهه ئي اها شخصيت آهي جنهن کي پنجاب جي ٻين سڀني شاعرن کان سنڌ ۾ وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي، ۽ سندس ڪافيون اڄ ڏينهن تائين سڄي سنڌ ۾ ننڍي وڏي جي زبان تي چڙهيل آهن، ۽ سندس نالو سنڌين لاءِ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي.

حضرت بلها شاهه پنجاب جي هڪ آرائين بزرگ حضرت شاهه عنايت قادري شطاري قصوريءَ جو مريد هو؛ ۽ کيس سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ حضرت صوفي شاهه عنايت الله شهيد لاءِ به بيحد عقيدت ۽ محبت هوندي هئي. هن پنهنجي ڪلام ۾ اها ساڳي وحدت جي وائي بيان ڪئي آهي جنهن کي جناب شاهه صاحب جن پنهنجي اونهين رمزن ۾ ادا ڪيو ۽ حضرت سچل سرمست ان کي عالم اڳيان آشڪار ڪري ڏيکاريو. جيئن ته هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو:

جان مين سبق عشق دا پڙهيا،
مسجد ڪولون جيوڙا ڏريا،
ڊيري جا ٺاڪر دي وڙيا،
جٿي وجدي ناد هزار.

 

حضرت شاهه عبداللطيف فرمائي ٿو:

روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سين پسين  پرينءَ کي.

اهڙيءَ ريت بلها شاهه سڀ صورت ۾ پاڻ واري نڪتي کي هيٺين ريت ظاهر ٿو ڪري:

نا مين مومن وچ ميستان،
نا مين وچ ڪفر ديان ريتان،
نا مين پاڪان وچ پليتان،
نا مين موسيٰ، نا فرعون،
بلها! ڪي ڄاڻان مين ڪونه؟

 

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي مخصوص رنگ ۾ انهيءَ حقيقت جو اظهار هن ريت ڪرڻ فرمايو آهي:

پيهي جڏهن پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،

نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي سڀ سور هئا.

اهو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر اردو ۽ پنجابي شاعرن جو مختصر تعارف، جنهن کي هن مختصر مضمون ۾ نهايت اختصار سان پيش ڪيو اٿم ورنه انهيءَ موضوع تي هڪ مستقل ڪتاب جي ضرورت آهي.

 __0__

 

نجف علي شاهه ڪمتر

شاهه جا سر

 

شاهه جي رساله ۾ استعمال ٿيل لفظ سر جي معنيٰ تي غور ڪبو ته ٻه معنائون نڪرنديون راڳ ۽ داستان.

رسالي جو هر عنوان لفظ سر سان شروع ٿئي ٿو. جتي جتي به عنوان ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي ته اتي ان راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو اچي ٿو مثلاَ سر سريراڳ، سر ڪلياڻ يا سر ڪيڏارو ۽ جنهن هنڌ به عنوان ڪنهن خاص افساني، واقعي يا تاثر سان لاڳاپو رکي ٿو اتي ان افساني يا واقعي جو نالو ڏنو ويو آهي، مثلاَ سر مارئي، سر سامونڊي يا سر ڪوهياري وغيره.

 

شاهه جي رسالي جي ابتدائي ترتيب ڏيندڙن رسالي کي 37 حصن ۾ ورهايو هو ۽ هر هڪ حصي کي ڪنهن راڳ يا داستان يا ڪنهن تاثر مطابق نالو ڏنو هو.

رسالي جي پوين ترتيب ڏيندڙن به ساڳيا عنوان قائم رکيا. هڪ فاضل محقق ڪافي تحقيق ۽ تجسس کانپوءِ رسالي جي 37 حصن مان 7 حصا خارج ڪري ڇڏيا. انهي محقق جي دليلن پڙهڻ ۽ انهن ستن حصن ڏسڻ سان اهو نتيجو نڪري ٿو ته واقعي اهو ڪلام ڀٽائي گهوٽ جو نه آهي ۽ ابتدائي ترتيب ڏيندڙن غلطي ڪري اهو ڪلام شاهه جي رسالي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن ابتدائي رسالي مان اهي ست سر ڪڍي ڇڏبا ته باقي 30 سر بچندا، جن مان 16 سر راڳ ۽ راڳڻين جي نالن سان قائم آهن باقي سرن تي اهڙا مختلف نالا رکيا ويا آهن جن جو راڳ يا راڳڻيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونهي. هندوستاني موسيقيءَ جي ماهرن راڳ جا ڇهه بنيادي قسم مقرر ڪيا آهن جن جا نالا آهن ڀيرو، هنڊول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس. انهن راڳن مان ٻيون راڳڻيون ۽ راڳ نڪتا جن جا راڳن جي مناسبت سان مختلف نالا رکيل آهن. انهن 16 سرن تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته انهن مان هڪ سر سريراڳ تي نالو ڇهن بنيادي راڳن مان هڪ راڳ سريراڳ جو رکيل آهي. باقي 15 مان چوڏهن سرن تي راڳڻين جا نالا رکيل آهن، جهڙوڪ: ڪلياڻ، ايمن ڪلياڻ، کنڀات، سهڻي، ديسي، ڪاموڏ، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، آسا، رامڪلي، پورب، پرڀاتي ۽ بلاول. باقي هڪ سر حسيني هندوستاني راڳڻي سان تعلق نٿو رکي. اهو عربي موسيقيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سرن مان هڪ سر آهي.

علم موسيقيءَ جي ماهرن خاص خاص راڳن ڳائڻ لاءِ خاص خاص وقت مقرر ڪيا آهن. شاهه صاحب پنهنجن بيتن ۽ واين ڳائڻ لاءِ راڳ جو جيڪو خاص نمونو اختيار ڪيو هو ان جي ڳائڻ جو وقت جيڪو پاڻ مقرر ڪيو هئائون سو هو سج لٿي کان وٺي نماز فجر جي اذان تائين. هندوستاني راڳ جي ماهرن جي راءِ مطابق سر ڪلياڻ ڳائڻ جو وقت سج لٿي مهل آهي، تنهن ڪري رسالي جي ترتيب ڏيندڙن به شاهه صاحب جي نظريه ۽ راڳ جي قانون مطابق رسالي جي منڍ ۾ سر ڪلياڻ رکيو ۽ شاهه به هڪ سچي مسلمان شاعر جي حيثيت ۾ سر ڪلياڻ ۾ اول ئي اول پروردگار جي حمد و ثنا جا بيت چئي ترتيب جي ابتدا ئي حسن ۽ خوبيءَ کي برقرار رکيو آهي. ڪلياڻ کان پوءِ سر يمن ڪلياڻ ڳائبو آهي ۽ رسالي جي ترتيب ۾ به سر ڪلياڻ کان پوءِ سر يمن ڪلياڻ آيل آهي. رسالي جي سرن جي انهي ترتيب ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته مشهور موسيقار تان سين جا ٻه پوٽا جيڪي شاهه جو نالو ٻڌي سندس خدمت ۾ فيض پرائڻ لاءِ آيا هئا تن به سرن جي نالن رکڻ ۾ ۽ رسالي جي ابتدائي ترتيب ڏيڻ ۾ شايد ڪافي مدد ڪئي هجي. رسالي جي ترتيب ۾ سر يمن ڪلياڻ کان پوءِ سر کنڀات اچي ٿو جو به علم موسيقيءَ جي لحاظ کان تقريباَ پوري جاءِ تي بيهاريل آهي. ڇو جو موسيقيءَ جي قانون مطابق سر کنڀات هڪ پهر رات گذرڻ کان پوءِ ڳايو ويندو آهي. ان کان پوءِ رسالي جي سرن جي ترتيب راڳ جي وقتن مطابق يا موسيقيءَ جي قانون مطابق نه آهي ۽ مختلف جاين تي مختلف داستانن کي راڳ ۽ راڳڻين جا نالا ڏنا ويا آهن جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي.

باقي جيڪي سر آهن جن جا نالا اهڙا رکيا ويا آهن جن جو راڳ يا راڳڻيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي سي آهن سر سامونڊي، سر سسئي آبري، سر معذوري، سر ڪوهياري، سر ليلا چنيسر، سر مومل راڻو، سر مارئي، سر گهاٽو، سر رپ، سر کاهوڙي، سر ڪاپائتي، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر. انهي سرن ۾ شاهه صاحب مختلف واقعن، مختلف افسانن ۽ مختلف تاثرات کي نهايت سهڻي پيرايه ۾ بيان ڪيو آهي.

مثلاَ سر سامونڊي ۾ شاهه سمنڊ جي غورابن ۾ سفر ۽ واپار ڪرڻ وارن مردن جي گهر وارين جا الڪا ۽ اوسيڙا اهڙي ته رقت آميز طريقي سان بيان ڪيا آهن جو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جي دلين تي گهرو گهاو ڪيو وجهن، وڻجارن جي وهن کي نهايت سهڻيون صلاحون ۽ مفيد مشورا ڏنا اٿس. انهن جي جذبات ۽ احساسات جو اهڙو ته نقشو ويهي چٽيو اٿس جو سڄو منظر اکين اڳيان ڦريو وڃي.

مثلاًَ:

سڙهه سڃاڻيو چوءِ، ماءِ سامونڊي آئيا

مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾.

سر سسئي آبريءَ ۾ سسئيءَ کي اڀري ۽ هيڻي عورت تصور ڪري سندس ناتوانيءَ ۽ بيوسيءَ جو ذڪر نهايت دلسوز نموني سان ڪيو اٿس. لفظ آبريءَ جي ٻي معنيٰ آهي پاڻيءَ کان سواءِ سسئي هٿين خالي پنهونءَ جي تلاشي ۾ نڪري پئي ساڻس پاڻيءَ جي کلي نه هئڻ ڪري کيس اڃ به سخت تڪليف ڏني. سسئي جي انهي اڃ جو بيان شاهه سر سسئي آبريءَ ۾ هيئن ٿو ڪري:-

ساجن ڪارڻ سڃ، مر قبولي سسئي،
اندر جنين اڃ، پاڻي اُڃئو ان کي.

 

سو سسئي آبريءَ کان پوءِ سر معذوري آهي. اهو سر به سسئي پنهونءَ جي افساني متعلق آهي. هتي لفظ معذوريءَ جي معنيٰ آهي محتاج. هن سر ۾ شاهه سسئيءَ جي محتاجيءَ ۽ ضعيفيءَ جو ذڪر هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:-

هلندي هاڙهو مڻي ڏڪن منهن جا ڏوهه،
هو اوڇڻ سر اٺن تي هي پنڌ پڇاڙي پوءِ،
ليڙن ري لطيف چئي ڪيئن ڪرينديس ڪوه،

اڳيان رائو سجهي روه، وهان تان نه وس پئو.

ساڳئي سر ۾ سسئيءَ جي مايوسيءَ جو بيان هن طرح ٿو ڪري:-

آئون نه گڏي پرينءَ کي هي پڻ ڏينهن وئو،
نهوڙي ناڀن سين مون کي نينهن نئو
مٺيءَ موت ٿئو، پيءُ پيءُ ڪندي پنڌ ۾.

 

سر معذوريءَ کان پوءِ شاهه سر ڪوهياريءَ ۾ سسئيءَ جا سور بيان ڪيا آهن. لفظ ڪوهياريءَ جي معنيٰ آهي ڪوه واري يا جبل واري. هن سر ۾ سسئيءَ کي جيڪي تڪليفن ۽ ڏاکڙا جبل ۾ پيش آيا آهن تن جو ذڪر ڪيل آهي. ڀٽائي گهوٽ سسئيءَ جي واتان جبل کي چئي ٿو ته:-

ڏونگر ڏوراپو پهرو چنديس پرينءَ کي
پهڻ پير پٿون ڪئا، تريون ڇنيون تو
رحم نه پيئي روح ۾ قدر منهنجو ڪو
واڪا ڪنديس وو، مون سي جبل ٿو جاڙون ڪري.

 

سسئي هڪ هيڻي عورت ذات سا ور لاءِ ڇو پئي واجهائي، ڏيرن لاءِ ڇو ٿي ڏونگر ڏوري تنهن سوال جو جواب شاهه ساڳئي سر ۾ هيئن ٿو ڏي:-

هئي جي نه هئي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي
ان سڱ مقابل سسئي سندين ٿي سئي،
هن تان لڄ لئي، هن جو هلڻ هوت ڏي.

 

سر ليلا چنيسر:- ليلا چنيسر جي پراڻي قصي تي چيل آهي. هن سر ۾ شاهه ليلا کي سنديس غلطيءَ تي تمام گهڻو ڇينڀيو آهي. کانئس جيڪا خطا ٿي تنهن جي باري ۾ شاهه هدايت ٿو ڪري ته:

ليلا ليلائيج اٿئي ماڳ منٿ جو
جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج
آسرم لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.

 

ليلا جي معمولي مڻئي تي پنهن جو محبوب مٽي ڇڏيو سا ڳالهه شاهه کي بلڪل نه وڻي. هن سر ۾ شاهه انهي مڻيي جي معامله کي تمام گهڻو بيان ڪيو آهي مثال لاءِ هڪ بيت ئي ڪافي آهي.

 

مڻيون ناه مڻيون جو تون پسي هار هرکئين
اصل آهي اڳهين سندو ڪوڙ ڪڻيون
ان گهوڙن هينئن گهڻيون، دوستان دور ڪيون.

 

سر مومل راڻو:- سر جو نالو به مومل راڻي جي قصي جي ڪري پيو. هي سر سڄو درد ۽ فراق جو مجموعو آهي. راڻو مومل سان ڪاوڙجي کيس ڇڏي وڃي ٿو ۽ وري ورڻ واري ڪانه ٿو ڪري ۽ سندس فراق ۾ مومل جيڪي ورلاپ ٿي ڪري سي شاهه صاحب جي ڪلام مان پڙهڻ لائق آهن.

اُڀي اُڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا
هڪ ميو ٻيو مينڌرو رات سڄي ساريام
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.

 

هن سر ۾ شاهه حسن جي تعريف ۾ به ڪمال ڪيو آهي. هن سر ۾ مومل جي حسن ۽ خاص طرح اکين جي بيان ۾ ته حد ڪري ڇڏي اٿس. اهڙيون سهڻيون تشبيهون ڪم آنديون اٿس جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن.

مثال طور:-

مومل کي مجاز جا اکين ۾ انبور
هڻي حاڪمن کي پٽ نهاري پور
گهوٽ پهرينءَ گهور، جي وئاسي وڍئا.

 

ان کان پوءِ سر مارئي کي به عمر مارئي جي قصي مطابق نالو ڏنو ويو آهي. سر مارئيءَ ۾ شاهه صاحب حب وطن، مارئيءَ جي سيل، عمر جي ارڏاين ۽ مارن جي مسڪينيءَ جو بيان ڪيو آهي. هن سر ۾ شاهه مارئيءَ جي مارن سان لاڳاپي جي باري ۾ چوي ٿو ته اڃان دنيا جو وجود ئي ڪونه هو، اڃان دنيا کي پيدا ڪرڻ لاءِ لفظ ڪن چيو ئي نه ويو هو ان وقت کان به اڳي مارئيءَ جو پنهن جي سپرين سان سڱ ٿيل هو:-

نڪا ڪن فيڪون هئي نڪو لڱ لحم
بنيو هو نه بت ۾ اڃان ڪي آدم
مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين.

 

هن داستان ۾ شاهه صاحب مارئيءَ ۾ لڪ ڪري پنهن جي مٺڙي ملڪ سان جيڪا سنديس محبت هئي تنهن جو بيان نهايت دلنشن پيرايه ۾ ڪيو آهي شاهه حب الوطنيءَ ۾ پنهن جو مٽ پاڻ هو وطن لاءِ کيس جا محبت هئي تنهن جو بيان اجهو هيئن ٿو ڪري:-

واجهائي وطن کي آءٌ هت مياس
گور منهن جي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي منجهان ولڙين واس
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

 

سر گهاتو جو نالو به مورڙي ۽ مڇ جي واقعي سان تعلق رکي ٿو. سر گهاتوءَ ۾ شاهه ڪلاچيءَ جي ميربحرن مورڙي جي ڀائرن جي موت ۽ مورڙي جي بهادريءَ سان مانگرمڇ مارڻ جو ذڪر بلڪل مختصر ڪيو آهي. مثال لاءِ هڪ بيت ڪافي ٿيندو.

ڪالهه ڪلاچي وئا گهاتو ڪري گهور
مادر ملاحن جا ويٺي سهان سور
مون کي ڪري ملور، اونهي ويا اوهري.
 

سر آسا ۾ شاه مختصر تاثرات جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر جي فصل جو مضمون مختلف آهي. هن سر جي فصل ٻئي ۾ شاهه صاحب اکين جو جيڪو بيان ڪيو آهي تنهن لاءِ اسان وٽ اهڙا لفظ ڪونه آهن جو بيان ڪري سگهجي هن فصل مان صرف ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

وسن ۽ وهسن، ڏيهاڻي ڏسڻ لئه،
ڏسي ڏسي آئيو تپ تلاشيون ڪن،
ڍاپيو نه ڊاپن، پسڻ منجهان پريءَ جي.
 

ٻيو بيت آهي ته:-

اکين کي آئون، جان ڪي جهلون پائيان،
لوڪ لتاڙي ننڊ ۾ ساجن سوٺائون،
مون کي ماريائون، پاڻ پرچي آئيو.
 

ائين شاهه لطيف موسيقي جي رائج سرن کان سواءِ ٻين سرن جو اضافو ڪري هن ملڪ جي موسيقيءَ ۾ هڪ باب جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

(بشڪريه ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد اسٽيشن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com