سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :20

”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“

مقالي جو لسانياتي اڀياس

ڊاڪٽر غلام علي الانا

١- ڪنهن به ٻوليءَ جو ويارڪرڻ، ان ٻوليءَ جي آوازن، صوتين، صرفين، لفظن، فقرن ۽ جملن ۾ ڪم آندل آوازن، صوتين، صرفين ۽ نحوي بناوتن ۾ استعمال ٿيل آوازن جي بيهڪ، صوتين جي استعمال، صرفين ۽ لفظن جي سٽاء، ترتيب ، انتخاب ۽ جيهلار (Intonation) جي وصف، اصولن ۽ قاعدن ۽ قانونن کي چئبو آهي؛ پر هر زماني ۾ ماهرن طرفان وقت بوقت، انهن وصفن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ٿيندا پئي رهيا آهن.

علم اللسان جي ميدان ۾ پنڊت پاڻينيءَ (٤٠٠ ق-م) جو نالو سڀ کان پهرين ملي ٿو، جنهن علم اللسان جا اصول مقرر ڪيا ۽ ”ڀاشا“ (تڪس شلا واري خطي ۾ رائج ٻولي) لاءِ صوتي ۽ صوتياتي قانون ٺاهيا. هن سلسلي ۾ پنڊت پاڻينيءَ کانپوءِ محقق البيرونيءَ ڪن وياڪرڻين جا نالا ڏنا آهن، جن ۾ چندر، پنگل، پتنجلي، جيادتيند و امن جا نالا اهم سمجهيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح محقق البيرونيءَ واديءِ سنڌ ۾ پنهنجي قيام دوران (١٠١٧ع -١٠٣١ع) رائج زبان/ زبانن جي ويا ڪرڻ، لسانياتي، علمي ۽ ادبي خوبين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. اُن لاءِ ”ڪتاب الهند“ ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. انهن حوالن کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به ٻولي ءَ جي وياڪرڻ جي مقرر شده اصولن ۽ قانونن جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ لسانياتي جائزو وٺڻ کان آسان ڪم نه آهي. اُن ۽ اهڙي جائزي لاءِ تجزيو ڪندڙ اول ته اُن زبان جي لسانياتي اصولن ۽ علم اللسان ۾ چڱي ڄاڻ رکندو هجي؛ سو ته هو اهل زبان کڻي نه هجي ته به ان زبان ۾ هر طرح سان مهارت رکندو هجي، يعني ان زبان جي آوازن، صوتين، صوتيات، صوفيات، علم صرف، علم نحو ۽ علم معانيءَ جي موضوعن ۽ مطالعي تي دسترس رکندو هجي.

زير بحث مقالو ”ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي“ محترم محبت ٻرڙي جي محنت، مطالعي ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻ ۽ اُن سان ”محبت“ جو هڪ وڏو ثبوت آهي. واقعي هيءُ هڪ ڏکيو موضوع آهي. هن موضوع تي ايتري قدر وضاحت سان لکڻ مان ظاهر ٿو ٿئي ته جناب محبت ٻرڙي کي سنڌي وياڪرڻ ۽ سڌي لسانيات تي ڪجهه قدر دسترس حاصل آهي. ههڙي بهترين ۽ پُر مغز مقالي لکڻ تي آءٌ محترم محبت ٻرڙي کي دل جي گهراين مان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هيءُ مقالو ”توضيحي لسانيات“ (Descriptive Linguistics) جي روشنيءَ ۾ لکيل آهي. بهتر ٿيندو ته سنڌي زبان ۽ علم اللسان سان دلچسپي رکندڙ دوست، هن مقالي جو ڀرپور جائزو وٺن ۽ هن موضوع تي وڌيڪ لکن.

٢- ٻرڙي صاحب علم اللسان جي ميدان ۾ خصوصا سنڌي وياڪرڻ جي ضميري پڇاڙين واري باب جي حوالي سان نئون بحث ڇيڙي هن موضوع تي راءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي؛ جيتوڻيڪ ”ضميري پڇاڙيون“ ڪو نئون موضوع نه آهي. هن موضوع تي هن کان اڳ ڊاڪٽر ٽرومپ، جارج اسٽئڪ، مسٽر واٿن، ديوان ڍولي مل، سرگريئرسن، مرزا قليچ بيگ، ڪاڪي ڀيرومل،، محمد صديق مسافر، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، محترم واحد بخش شيخ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر محمد فاضل شيخ کانسواءِ مون به پنهنجن ڇپيل ڪتابن – هر هڪ: ”سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد“، ”سنڌي معلم“، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۽ اڻڇپيل ڪتاب، ”سنڌي لنگئافون،“ ۾ تفصيل سان گهڻو ئي ڪجهه لکيو آهي، انهن سڀني ڪتابن ۾ ”ضميري پڇاڙين، ۽ متصل ضميرن“ تي، مثالن ۽ دليلن سان ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي.

٣-  ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي جي  شروعات جنهن جملي سان ڪئي آهي، اهو جملو هي آهي: ”اسين توهان وٽ شام جو ٺيڪ ڇهين وڳي پهچنداسون“.

ان کانپوءِ ٻرڙو صاحب لکي ٿو:

”جيئن ئي مون اهو جملو ڳالهايو، منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو: ڇا، مون اهو جملو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي اصولن ۽ قاعدن پٽاندر صحيح ڳالهايو؟“

اهو ئي سوال هو، جنهن  ٻرڙي صاحب کي هيڏي ڊگهي مضمون لکڻ لاءِ مجبور ڪيو، تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ آءُ ايترو ضرور عرض ڪندس ته ٻرڙي صاحب هر طرح سان پڙهندڙن تي ذهني طور حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان  سلسلي ۾ سندس هيءَ راءِ ملاحظه فرمايو:

”ان ڪري اها راءِ رکان ٿو ته هڪ جملي ۾ ٻه ڀيرا ساڳيو ضمير فاعل طور آڻڻ جو سبب نه ته ڪو وياڪرڻي اصول آهي ۽ نه وري ڪا جملي ۾ شعوري طرح شدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش. اها هڪ چُڪ آهي جيڪا اڻڄاڻائيءَ ۽ بي ڌيانيءَ سبب، يا غفلت جي ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ڪئي ويئي آهي.“ (ص ٢٤١)

٤- ٻرڙي صاحب پڙهندڙن تي حاوي ٿيڻ لاءِ سنڌي وياڪرڻ جي ماهرن طرفان مقرر ڪيل فني صورتن (Terms) جهڙوڪ: ”واحد“، ”جمع“، ”مونث“ ۽ ”مذڪر“ جي بدران پنهنجا گهڙيل لفظ جهڙوڪ: ”هيڪل“، ”گهڻ“، ”نار“ ۽ ”نر“ ڪم آندا آهن. ٻرڙي صاحب ڪهڙن سببن جي ڪري ”واحد ۽ جمع“، ”مونث ۽ مذڪر“ لفظن کي پسند نه ڪيو، جڏهن ته هن وقت تائين ڇپيل سڀني وياڪرڻن ۾ اهي ئي لفظ (واحد ۽ جمع، مذڪر ۽ مونث) ڪم آندل آهن، جيڪي صدين کان رائج آهن. هن قسم جي تبديليءَ لاءِ ٻرڙي صاحب کي کپندو هو ته سنڌي ماڻهن وٽ اول پنهنجي علمي ۽ تحقيقي حيثيت قبول ڪرائي ها ۽ پوءِ سنڌ جي ناميارن ودوانن متفقه طور مقرر ڪيل فني لفظ ڦيرائي ها  ۽ پنهنجا گهڙيل لفظ استعمال ڪري ها.

ٽين ڳالهه جيڪا ٻرڙي صاحب کي ”پاڻ پڏائيندڙ شخص ثابت ٿي ڪري، اها سندس هن پئرا مان ثابت ٿئي ٿي: ”فطري هو ته سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن ۽ خاص طرح عالمن جي لکت ڏانهن ڌيان ڏيان. ڀروسو ڪريو يا نه، اها حقيقت آهي ته هڪ ٻن عالمن جي لکڻين کانسواءِ ٻن سون کان وڌيڪ نثر توڙي نظم  لکندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن جي لکڻين ۾ اها ساڳي چُڪ ٿوريءَ ڦير گهير سان هزارين ڀيرا ورجائيندي نظر آئي، جيڪا مٿي ڏنل  منهنجي جملي ۾ موجود آهي.“ (ص ١٩٢)

٥- ٻرڙي صاحب پنهنجي مقالي جو ٿلهه ”پڇاڙيءَ“ جي وصف سان ٻڌو آهي. ”پڇاڙي“ ڇا آهي جو عنوان ڏيندي، ٻرڙو صاحب لکي ٿو:

”دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ سنڌيءَ ۾ به، ڪي آواز يا اکر اهڙا آهن، جيڪي (بظاهر) ڪا به معنيٰ نٿا رکن ۽ گهڻي ڀاڱي مقرر آهي، جيڪي ڪنهن به مقرر لفظ جي اڳيان، پٺيان يا اُن جي وچ ۾ جڏهن رکجن ٿا، تڏهن مخصوص معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. اهڙو اکر يا آواز، يا اهڙا اکر يا آواز ، جيڪي ڪنهن لفظ جي اڳيان مُنڍ ۾ اچي ڪانه ڪا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي اڳياڙي چئجي ٿو. مثال طور ”ٻيٽ“ جي آڏو ”اُپ“ اڳياڙي اچي ”اُپٻيٽ“ ۽ ”جاڳ“ جي آڏو ”سُ“ اڳياڙي اچي ”سجاڳ“ ٺاهي ٿي.“ (ص ١٩٢)

اڳتي وڌڻ کان اڳ اهو مناسب ٿو سمجهان ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ ”آواز“ ۽ ”اکر“ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪريان. ”آواز“ ۽ ”اکر“ جي وصف ۽ ڪارج ۾ وڏو فرق آهي. اهڙيءَ طرح ”اکر“ ۽ ”آواز“ ساڳي ڳالهه ڪانهي. ”آواز“ ٻوليءَ جو هڪ اهو جُز آهي، جيڪو ڳالهائيندڙن، ڳالهائڻ جي عضون جي مدد سان، ڪنهن مخرج وٽ اچاري ٿو. صوتيات ۾ ”آواز“ وڏي حيثيت ٿو رکي. ٻوليءَ جا لفظ آوازن جي وسيلي جُڙن ٿا. اُن لاءِ ”علم صوتيات“ جا اصول ۽ قانون به آهن. هن ڏس ۾ ”سنڌي صوتيات“ ڪتاب ۽ پروفيسر جتوئيءَ  جو ڪتاب ”علم اللسان“ ۽ سنڌي زبان،  پڙهڻ گهرجن. ان لحاظ کان آواز/آوازن جو علم صوت/ صوتيات (Phonetics) جي لحاظ کان وياڪرڻي ڪارج مڃيل آهي، جڏهن ته اکر/اکرن جون ڪو به وياڪرڻي ڪارج ڪونهي. ”اکر“ ٻوليءَ جي ڪنهن به آواز جي لکيل صورت کي چئبو آهي. مثال طور ”ب“ “m” “b” ۽ .......... ڌارڌار ٻولين جي ساڳئي آواز لاءِ مقرر ڪيل اکر (Grapheme) آهن. اهي اکر ”ب“ آواز جو لکيل روپ ظاهر ڪن ٿا (ڏسو ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“، چوٿون ڇاپو ١٩٩٣ع ص ١٤). اهو روپ انگريزي، هندي، مرهٽي، بنگالي، گجراتي ۽ سنڌيءَ ۾ ڌار ڌار آهي، پر انهن جو آواز لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. لسانيات جي ماهرن، ان ڪري آواز (Sound)، صوتيه (Phoneme)، صرفيه (Morpheme) ۽ اکر (Grapheme) لاءِ ڌار ڌار نشان مقرر ڪيا آهن: مثال طور؛

”س“ اکر آهي، ۽ /س/ صوتيه آهي

(س) آواز آهي ۽ (س) صرفيه آهي.

محقق البيروني صورتخطيءَ جي باري ۾ لکي ٿو:

”ڳالهائڻ واري ٻولي (Tongue) ڳالهائيندڙ جي خيالن کي ٻڌندڙن تائين پهچائڻ جو هڪ وسيلو آهي. انهي عمل (ڳالهائڻ) کي ٿوري عرصي لاءِ  جٽاءُ رهندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صدري علم (سيني بسيني ياد ڪرڻ وارو طريقو) ۽ تاريخي واقعا، وقت گذرڻ سان پنهنجي اصلي اهميت وڃائي ويهن ٿا، ان ڪري انسان ذات اهم واقعن ۽ علمي ڳالهين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکڻ جو فن ايجاد ڪيو“ (١)·

ٻرڙي صاحب اڳياڙيءَ ۽ پڇاڙيءَ کانسواءِ ”وچياڙي“ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ”اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز جيڪي ڪنهن لفظ جي وچ ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن، انهن کي (وچياڙي) چئجي ٿو. مثال طور :

”مرڻ“، ”کرڻ“، ”ٺرڻ“ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پهرئين اکر کان پوءِ ”آ“ آڻڻ سان واريسر ”مارڻ“، ”کارڻ“ ۽ ”ٺارڻ“ وغيره ٺهن ٿا“ (ص-١٩٢).

ٻُرڙي صاحب جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته ”مارڻ“، ”کارڻ“ ۽ ”ٺارڻ“ وغيره لفظن جي وچ ۾ جيڪا ”آ“ صرفيه، ڪم آندي ويئي آهي، اُن کي وچياڙي نه چئبو، پر ”مرڻ“، مان جوڙيل ”مارڻ“ لفظ ۾ جيڪا تبديلي آئي

آهي، اُن کي لسانيات ۾ صرفيائي تبديلي (morphemic change) چئبو آهي. اهڙيءَ تبديليءَ کي اندروني تبديلي  (internal change) چئبو آهي (١).· اهڙيءَ تبديليءَ لاءِ ماهرن دليلن سان وضاحت ڪئي آهي ۽ قانون مقرر ڪيا آهن. انهن قانونن موجب ”مرڻ“ فعل لازميءَ جي ڌاتوءَ مان، فعل متعدي ”مارڻ“ جي ڌاتوءَ جوڙڻ لاءِ فعل لازميءَ جي ڌاتوءَ ۾ اندروني تبديلي (Internal change) آندي ويندي آهي؛ مثال طور:

فعل لازمي             فعل متعدي           آيل تبديلي

مَرُ                     مار                     اَ<  آ

سَڙ                     ساڙ                    ” ”

لَهه                     لاهه                    ” ”

ڊَهه                     ڊاهه                    ” ”

انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ غلط آهي ته ”مرڻ“ ۽ ”مارڻ“ فعلن ۾ ”اَ“ جو بدلجي ”آ“ ٿيڻ واري حالت ۾ ”آ“ صوتيه کي ”وچياڙي“ چئبو. سنڌي ٻوليءَ ۾ وچياڙيءَ جا مثال هن مقالي ۾ اڳتي ڏنا ويا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳياڙين جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ (٢) ۽ ڪاڪي ڀيرو مل (٣( پڻ گهڻي تفصيل سان لکيو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ”ٻرڻ“ فعل کي فعل لازمي ٿو بيان ڪري ۽ ”ٻارڻ“ کي فعل متعدي؛ يعني ته ڪاڪي ڀيرومل جي راءِ موجب ”ٻرڻ“ ۽ ”ٻارڻ“ جي وچ ۾ جيڪا تبديلي ٿي آهي، اُن کي وچياڙي نٿو چئي سگهجي.ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ ۾ لکي ٿو:

ڪيترن ئي لازمي فعلن جي ڌاتوءَ مان فعل متعدي، هيٺينءَ ريت ٺهيا آهن(1):·

لازمي  متعدي تبديلي لازمي          متعدي         تبديلي

ٻرڻ     ٻارڻ    اَ < آ   ترڻ             تارڻ            اَ <  آ

ٽرڻ     ٽارڻ    = آ    ڊهڻ            ڊاهڻ           = آ

رڙهڻ   ريڙهڻ  اِ <  اي        ڦرڻ             ڦيرڻ           اِ < اي

مُڙڻ    موڙڻ   اُ <  او ڀُرڻ             ڀورڻ           اُ < او

وچياڙين جي سلسلي ۾ محترم واحد بخش شيخ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ونحو“ (2) ۾ لکي ٿو: ”فارسيءَ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ ٻه اسم يا ٻه مصدر، ”و“ حرف سان معطوف ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ”و“ جي بدران ”ا“ (الف) به عطف جو ڪم ڏيندو آهي ۽ اهڙن اسمن کي ”اسم مرڪب“ چئبو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ فعل جو اتفاق پوئين اسم سان ٿيندو آهي. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

رات و ڏينهن           خريد و فروخت

رات و رات             بود و باش

< نشاني مان مراد آهي بدلجي ٿئي ٿو.

سوز و گداز                     صنعت و حرفت

مُکا ميلو

شيخ صاحب جي هنن مثالن ۾ ”و“ ۽ ”آ“ وچياڙيون آهن.

اهڙيءَ طرح ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ هيٺ موجب عرض ڪيو ويو آهي(١):·

”اڳياڙين، پڇاڙين (۽ وچياڙين) کي لسانيات ۾ ’جوڙ‘ (Af.eixed) چئبو آهي، جن کي سندن ڪارج جي لحاظ کان اڳياڙيون يعني جيڪي واسطيدار ڌاتن جي مُنڍ ۾ مِلايون وينديون؛ جن سان اُهي ٺهڪي اينديون آهن؛ پڇاڙيون جيڪي انهن ڌاتن جي پويان ملايون وينديون آهن، جن سان اُهي ٺهڪي اينديون آهن ۽ وچياڙيون جيڪي ٻن لفظن جي وچ ۾ ملايون وينديون آهن، پويون قسم يعني وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اُڌارن ورتل لفظن سان گهڻي قدر ملن ٿيون؛ جيئن : آمدورفت، گفت وشنيد وغيره ۾ ”و“ وچياڙي.

سنڌي صرفيات (علم صرف) جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته آوازن، انهن جي ميلن يا جوڙن ۽ انهن جي علم لاءِ ڪي قانون ۽ اصول مقرر ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي ميلاپ ۽ ڪارج لاءِ به ڪي قانون ۽ اصول ضرور آهن، جن جو اڃا اڀياس ڪيو ئي نه ويو آهي. هر ٻولي جي سڄي  ڍانچي ۾ لفظن جا ڌار ڌار گروهه هوندا آهن، جن مان ڪنهن هڪ گروهه سان فقط ڪي اڳياڙيون ته ڪنهن ٻئي گروهه سان ٻيون پڇاڙيون ملنديون آهن، پر انهن گروهن سان هر اڳياڙي يا پڇاڙي ڪانه ملندي آهي، يعني ڪي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون لفظن جي ڪن گروهن سان ئي ملڻ لاءِ پابند هونديون آهن ۽ ٻين گروهن سان انهن جو ميلاپ ممڪن نه هوندو آهي. صوتين جي ورهاست ۽ گروهبنديءَ وانگر، صرفيه به ٻوليءَ جي وياڪرڻي سٽاءُ موجب مختلف گروهن ۾ ورهايل هونديون آهن(٢). صرفين جي اهڙي عمل ۽ ڪارج لاءِ هر زبان ۾ قانون ۽ اصول مقرر ٿيل هوندا آهن(٣).

”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ اڳياڙين، پڇاڙين ۽ وچياڙين جي باري ۾ صفحي ٤٣ کان ٥٦ تائين تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي (1)· اهو سڄو بحث علم جي حوالي سان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نون لفظن ٺاهڻ جون واٽون ۽ اصول پڻ سمجهايا ويا آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ هن سلسلي ۾ عرض ڪيل آهي ته:

”سنڌي ٻوليءَ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين کي، خود مختيار صورتن (Free forms) جي اڳيان پويان ملائي، نوان لفظ ٺاهبا آهن“ (2)

        ”سڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ڪتاب ۾ اڳتي بيان ڪيو ويو آهي ته:

”سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي زبانن مان ورتل (اڌارن) لفظن ۾ ”و“ ۽ ”ب“ وچياڙيءَ طور ڪم ايندو آهي، مثلا:

لفظ                            وچياڙي

روبرو                           ب

آمد و رفت                     و

نشست و بر خواست           و

زن و دختر                      و

وقت بوقت                     ب (3).·

٧. ٻرڙو صاحب صفحي نمبر 193 تي ضميري پڇاڙيءَ جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو:

”اهڙو اکر يا آواز يا اهڙا اکر يا آواز، جيڪي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ اچي ڪانه ڪا يا مقرر معنيٰ ظاهر ڪن،پر اُهو اکر يا آواز هڪ ضمير جي به نمائندگي ڪري يا اُن جي مٽ هجي ته اهڙي اکر يا آواز کي ضميري پڇاڙي چئجي ٿو؛ مثال طور: پسندا، ويهندا، گهمندا، ڳالهائيندا ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان- ”اسي“، (يا –اسون) ملائجي ٿو ته واريسر، ڏسنداسي، (ڏسنداسون)،”ويهنداسي“ (ويهنداسون)، ”گهمنداسي (گهمنداسون) ، ”ڳالهائينداسي“، (ڳالهائينداسون) جهڙا ٺهيل لفظ فعل سان گڏ هڪ ضمير جو به ڏس ڏين ٿا ۽ اهو ضمير آهي ”اسان“ يا ”اسين“. هنن لفظن ۾ -”اسي“ يا (اسون) هڪ ضميري پڇاڙي آهي“ (ص 193)

ٻرڙي صاحب طرفان ڏنل هن وصف ۾ اول ته اکر يا آواز جي بدران فقط ”آواز“ لفظ ڪم آڻڻ گهرجي. ان کان پوءِ هن وصف ۾ هيٺيون واڌارو ڪرڻ ضروري آهي:

ضميري پڇاڙيون جملي ۾ فعل سان گڏجي فاعل سان، فعل جي زمان، عدد ۽ جنس مطابق ڦرن (گردان ڪن) ٿيون. مثال طور – ”سي/سين“ (سُون) ضميري پڇاڙيون فعل سان گڏجي، فعل جو زمان ماضي ۽ زمان مستقبل ۾ ڦيرو (گردان) ڏيکارين ٿيون. زمان حال جي ڪنهن به قسم سان سي /سين (سون) ضميري پڇاڙيون هرگز نٿيون ملائجن، پر اُن (زمان حال) جي صورت ۾ -”آن“ -، -”اُون“- ”اين“- ، ”او“- ۽ -”انَ“ – پڇاڙيون ملايون وينديون آهن، جيئن اڳتي ڏنل مثالن مان معلوم ڪري سگهبو. ان ڪري ضميري پڇاڙين جي باري ۾ ڪابه راءِ تڪڙ ڪري ڏيڻ نه گهرجي.

ٻُرڙي صاحب، ضميري پڇاڙين کانسواءِ ضميري وچياڙين جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ صفحي 193 تي لکي ٿو: ”هن مهل تائين ”ضميري پڇاڙي“ ۽ ”ضميري اڳياڙي“ تي (شايد) نه لکيو ويو آهي. ”لکيو مانءِ“ (مون تو ڏانهن لکيو) ۾ بظاهر ٻه ضيري پڇاڙيون آهن، پر قاعدي موجب انهن مان آخريءَ کي ”ضميري پڇاڙي“، ۽ اُن  کان اڳواريءَ کي ”ضميري وچاڙي“ سڏڻ گهرجي.ساڳيءَ طرح ”لکانءِ ٿو“، ”لکينم ٿو“ ۾ اصولن ”ٻه-ٻه ضمير“ ظاهر ڪندڙ آواز آهن، جيڪي مڪمل فعل جي وچ ۾ آيا آهن، تنهن ڪري ٻنهي کي ضميري ”وچاڙي“ سڏڻ گهرجي، يعني ”لکان ٿو“ ۾ ٻه ٻه ضميري وچاڙيون آهن ته ”لکينم ٿو“ ۾ به “(ص 193).

حقيقت ۾ ٻرڙي صاحب ضمير متصل کي ضميري وچياڙي ڪري سمجهيو آهي نه ته ضميري وچياڙيءَ نالي ڪنهن به ضميري نشانيءَ جو ڪنهن به ماهر هن قت تائين ذڪر نه ڪيو آهي. دراصل ٻرڙي صاحب جي مٿينءَ دعوا (ضميري اڳياڙيون) لاءِ هيٺين مثالن جو تقابلي اڀياس ڪرڻ ضروري آهي:

1                       2                              3

مان لکان ٿو   مان توکي لکان ٿو                     (مان) لکانءِ ٿو.

تون لکين ٿو.  تون مون کي/ مون ڏانهن لکين ٿو    (تون) لکينم ٿو.

ٽئين نمبر خاني ۾ ڏنل جملن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان اهو نقطو واضح ٿئي ٿو ته ”لکانءِ“ فعلي صورت کي ٻن حصن /ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. اُهي ڀاڱا /جُزا آهن:

لکانءِ:         لکان+ ءِ

لکينم:        لکين + م

انهن جزن مان پهرئين جزي  ”لکان“ يا ”لکين“ کي وڌيڪ ٻن ڀاڱن/ صورتن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

فعل جو ڌاتو                   +              ضميري پڇاڙي

لک                                            -آن

لک                                            - اين

”لکان ٿو/لکون ٿا، مثالن ۾ ”ٿو“ يا ”ٿا“، ”ٿي“ يا ”ٿيون“ زمان حال جي ڦيري لاءِ ڪم آندل نشانيون آهن:

مثال طور:

لکان ٿو/لکان ٿي                      لکون ٿا/لکون ٿيون

لکين ٿو/لکين ٿي                    لکون ٿا/لکو ٿيون

لکي ٿو/لکي ٿي                      لکن ٿا/لکن ٿيون

هاڻ جڏهن ”لکانءِ“ فعلي صورت جو اڀياس ٿو ڪجي تڏهن معلوم ٿو ٿئي ته ”لکانءِ“ فعلي صورت ۾ ”ءِ“ ضمير متڪلم واحد جي نشاني /علامت آهي، جيڪا ”لکانءِ“ فعلي صورت ۾ ”متصل ضمير“ طور ڪم آئي آهي، ان ڪري ”ءِ“ متصل ضمير کي ڪنهن به صورت  ۾ ضميري وچياڙي طور قبول ڪري نٿو سگهجي.

سنڌي، سرائيڪي، گجراتي، هندڪو توڙي ٻين اهڙين زبانن ۾ متصل ضميرن جو ڪارج بلڪل واضح آهي، ان ڪري ضميري پڇاڙيون ۽ متصل ضميرن کي گڏي ڇڏڻ يا هڪ ڪري سمجهڻ مناسب فيصلو يا راءِ ڪانهي.

مثال طور:

”آيس“ ۽ ”پٽس“ صورتن ۾ ”-س“ جو ڪارج ساڳيو نه آهي. ”آيس“ ۾ ”-س“ ضميري پڇاڙي آهي، جڏهن ته پٽس ۾ ”-س“ ضمير متصل طور ڪم آيو آهي. اهڙيءَ طرح هنن صورتن ۾ به ڏسو:

”آيم“ ۽ ”چاچم“

”آيم“ فعل ۾ ”-م“ ضميري پڇاڙيءَ طور ڪم آئي آهي، جڏهن ته ”چاچم“ لفظ ۾ ”م“ ضمير متصل آهي.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته –آن-، اُون-، اين،-او، اي، - اَن-، سين/سي، -سون، ۽ -آ وغيره ضميري پڇاڙيون، فقط فعل سان ملائي سگهبيون آهن پر اهڙيون صورتون ڪنهن به اسم، حرف جر سان هرگز ملائي نه سگهبيون، جڏهن ته متصل ضمير، فعل، اسم يا حرف جر سان به ملائي سگهجن ٿا؛ مثال طور:

”لکانس ٿو“، ”لکانءِ ٿو“، ”لکانوَ ٿو“، ”لکينم ٿو“،  ”لکيومانس“،  ”لکيوسانس“،  ”لکيم“،  ”کيم“،  ”وٽم“،  ”اٿم“،  ”اٿس“،

”اٿن“، ”اَٿس“، ”اَٿن“، ”سندم“، ”ڪڻن“، ”ڪڻس“ ۽ ”کيس“ وغيره صورتن ۾ ”ء“، ”م“، ”س“ ۽ ”ن“ وغيره سڀ صورتون ضمير متصل آهن، لحاظه ”لکانءِ ٿو“ ۽ ”لکينم ٿو“ ۽ اهڙين ٻين فعلي صورتن ۾ ”ء“ يا ”م“ کي ضميري وچياڙيون هرگز چئي نٿو سگهجي.

8. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ضميري پڇاڙيون فعل سان شامل ٿي فعل جي زمان، فاعل جي عدد، جنس جي ڦيري دوران، فاعل جي باري ۾ وضاحت ڪن ٿيون. اها ساڳي ڳالهه ٻرڙي صاحب به سندس مقالي ۾ صفحي 197 تي ڪئي آهي. هو لکي ٿو:

”فعل جي ڌاتوءَ سان ”اون“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو ”اسان/اسين“ جيڪو ضمير متڪلم آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهجي“.

پر ٻرڙي صاحب ساڳئي صفحي (197) تي جيڪا ٻي عجيب دعويٰ ڪئي آهي، اهڙي دعويٰ هن کان اڳ ڪنهن به وياڪرڻيءَ ڪانه ڪئي آهي. مثال طور ٻُرڙو صاحب لکي ٿو:

” ”اسان“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس ۽ آن (اس+آن)“ جو ٺهيل هجي. ”اس“ /هي/هيءَ/اِهو/هوءَ/هِن/هُن/ جي بدران ڪم اچي ٿو“ (ص 197).

ٻُرڙي صاحب ”اسان“ لفظ جي اها صرفيائي ”ڀڃ گهڙ“ الله ڄاڻي ڪهڙي وياڪرڻيءَ جي تجزيي جي آڌار تي ڪئي آهي. دراصل آءُ/مان، اسين/اسان، تون، توهين/اوهين/اوهان/، هي/هيءَ، هُو/هوءَ، اِهي/ اُهي سڀ مفرد لفظ يا مفرد صورتون آهن، جيڪي پنهنجي سِر ڌاتو يا بنيادي لفظ آهن ۽ علم صرف جي لحاظ کان آزاد صورتون (Free forms) آهن. اهي آزاد صورتون نه ڪنهن ٻيءَ/صورت/ ٻين صورتن مان صادر ٿيل آهن ۽ نه وري ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ مان ڦُٽي نڪتل آهن. علم صرف جي قانون موجب ڪنهن به مفرد لفظ يا آزاد صورت کي هڪ کان وڌيڪ آزاد جزن (صورتن) ۾ ڀڃي  نٿو سگهجي ڇو ته مفرد/ابتدائي لفظ معنيٰ آزاد صورت. ڪنهن به مفرد لفظ يا آزاد صورت کي هڪ کان وڌيڪ جزن ۾ ورهائڻ ممڪن نه آهي. ڪنهن به لفظ کي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ جزن يا صورتن ۾و رهائڻ وارو اصول ڪنهن مرتب لفظ (Complex word) يا مرڪب لفظ (compound word)  سان لڳائي سگهجي ٿو. مفرد لفظ بنيادي يا ابتدائي لفظ آهي، جڏهن ته مرتب ۽ مرڪب لفظ ثانوي لفظ آهي، جيڪي ٻين ابتدائي يا آزاد لفظن يا صورتن مان ساڻن ڪن پر وَس صورتن (Bound forms) يعني اڳياڙين يا پڇاڙين يا وچياڙين- جي ملائڻ سان جڙن ٿا. هن سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ڪتاب ۾ لسانيات جي ماهرن جي راين جي مدد سان تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي (1)؛· تنهن ڪري اهو چوڻ هر لحاظ کان صحيح نه آهي ته اسين/اسان لفظ ٻن جزن تي مشتمل آهي. در حقيقت ”اسان“ مفرد لفظ آهي، جيڪو ڪن به ٻن جزن ۾ تقسيم نٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح اهو به صحيح نه آهي ته ”لکان“ ”پڙهان“ ۽ ”ڏسان“ وغيره فعلي صورتن ۾ ڪم آيل پڇاڙي –”آن“، ”مان“ صورت مان، ”م“ ڪيرائي ٺاهي  ويئي آهي (ڏسو ٻُرڙي صاحب جي مقالي جو صفحو 197). سڀيئي وياڪرڻي هن راءِ جا آهن ته – ”آن“ ضميري پڇاڙي آهي جيڪا فاعل  ضمير متڪلم جي صورت ۾، فعل جي ڌاتوءَ سان، زمان مضارع جي ڦيري/گردان لاءِ ملائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ٻيون ضميري پڇاڙيون هي آهن:

جملو           ضمير خالص/فاعل    فعل    ضميري پڇاڙي

اسين/اسان وڃون ٿا    متڪلم جم اسين/اسان       وڃون   - اُون

تون وڃين ٿو           حاضر واحد تون        وڃين           - اين

1                               2              3              4

توهين/اوهين وڃو ٿا   حاضر جمع  توهين/اوهين وڃو                   - او

هُو/هُوءَ وڃي ٿو/ٿي غائب واحد       هُو/هيءَ وڃي          - اي

هُو/اُهي وڃن ٿا        غائب جمع     هُو/اُهي وڃن           - آن

ساڳيءَ طرح ٻرڙي صاحب جي هيءَ دعويٰ به قبول ڪري نٿي سگهجي ته:

” ”اسين“ ٿي سگهي ٿو ته ٻن جزن ”آس“ ۽ ”اين“ (اس+اين) جو ٺهيل هجي“ (ص 197).

جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي ته ”اسين“ مفرد لفظ آهي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ جزا ڪنهن به صورت ۾ ٿي نه ٿا سگهن.

9. ٻرڙي صاحب 199 ۽ 200 صفحن تي ضمير غائب جا مثال ڏيندي فرمايو آهي ته:

خط لکن ٿا/ لکن ٿيون

مضمون پڙهن ٿا/ پڙهن ٿيون

نظارو ڏسن ٿا/ ڏسن ٿيون

هنن ٽنهي (۽ اهڙين ٻين) جملن ۾ اڳيان فاعل ڄاڻايل ناهي. پر ڇا، اوهان فاعل نه سڃاتو؟ فاعل هي/هو/اِهي/اُهي آهي.

فعل جي ڌاتوءَ سان ”آن“ پڇاڙي ڳنڍجڻ جي ڪري منجهس اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو اهي /..  .. – (جيڪو ضمير غائب آهي) جي موجودگي ڏيکاري سگهي.“

اڳتي لکي ٿو:

” ”-ان“ مٽ آهي، ”هي/هو/اِهي/اُهي“ جو، ۽ ”-ان“، سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڪل (واحد) کي گهڻ (جمع) ڪرڻ جو ڪم به ڪندو آهي (وڻن،ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن، ميون....) (اِنَ، -اِنَن ۽ - اُن، - انُن ۽ (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي، ”اِنهن“ ۽ ”اُنهن“ چئون ٿا) پڻ انهن جو چٽو مثال آهي“ (ڏسو ص 200).

حقيقت ۾ هي مثال ڏيئي ٻرڙي صاحب، سنڌي وياڪرڻ جي اصولن کي ته پاڻ وڌيڪ منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته:

”خط لکن ٿا“، ”مضمون پڙهن ٿا“ ۽ ”نظارو ڏسن ٿا“ وغيره مثالن ۾ فعل جي ڌاتوءَ سان ملايل ضميري پڇاڙي- ”اُن“ (لکن = لک+ان) جو سنڌي وياڪرڻ ۾ اهو ساڳيو ڪارج نه آهي، جيڪو ”وڻن، گلن ۽ ٻوٽن“ وغيره اسمن جي عددجمع صورت ٺاهڻ لاءِ ”-اَن“ عددي پڇاڙيءَ جو آهي. وڻن، ٻوٽن، جانورن، آسمانن، گلن“ وغيره لفظن ۾ ”-اَن“ فاعل جي ڦيري دوران حالت تفيري ڏيکارڻ لاءِ فاعل جي عدد جمع ۾ هجڻ جي علامت آهي. مثال طور:

حالت فاعلي

واحد                                    جمع

وَڻُ                                      وَڻَ

ٻوٽو                                    ٻوٽا

جانورُ                                   جانوَرَ

گُلُ                                     گُلَ

پر، ”وڻ، جانورَ، گُلُ، ٻوٽا“ ۽ اهڙن ٻين اسمن جو فاعل جي صورت ۾ هجڻ جي حالت ۾، حالت فاعلي ۽ حالت تغيري / عام حالت (Oblique case) ۾ ڦيرو (declension) ملاحظه فرمايو ۽ اوهان کي معلوم ٿيدو ته وڻ اسم جو حالت فاعلي ۽ عدد جمع ۾ ڦيرو؛ ۽ ”وڻن“ اسم جو حالت تفيري، عدد جمع ۾ ڦيري جو اڀياس ٻرڙي صاحب جي دعويٰ کي غلط ثابت ڪندو مثال طور:

حالت فاعلي                   حالت تفيري/عام حالت

ڇوڪرا پڙهن ٿا                        ڇوڪرن پڙهيو

وڻَ سهڻا لڳن ٿا                       وڻن کي سهڻو بناءِ/بنايو

جانور پاڻي پيئن ٿا                    جانور کي پاڻي پيئار

گل وڏا ٿي ويا آهن                    گلن جو باغ وڏو آهي

ٻوٽا پوک                              ٻوٽن ۾ بهاري اچي ويئي آهي

هنن مثالن جي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته حالت تفيريءَ هيٺ ڏنل مثالن ۾ فاعال جي صورت جهڙوڪ: ڇوڪرن، وڻن، جانورن، گلن ۽ ٻوٽن ۾ ڪم آندل پڇاڙي ”-آن“ ضميري پڇاڙي نه آهي،پر اها پڇاڙي فاعل جي عدد جمع ۽ حالت تفيري (Oblique case) جي ڦيري جي صورت ۾، فاعل طور ڪم آندل اسم جي عدد واحد کي عدد جمع جي صورت ۾ ڏيکارڻ لاءِ اسم (فاعل) سان ملائي ويئي آهي، جيڪا ساڳئي اسم جي جنس مذڪر، عدد واحد ۽ حالت تفيري لاءِ ”اي“ هوندي آهي، پر جنس مونث عدد واحد لاءِ ”ايءَ“ هوندي آهي؛ مثال طور:

زمان حال                                       زمان ماضي

واحد            جمع                    واحد            جمع

ڇوڪرو لکي ٿو        ڇوڪرا لکن ٿا    ڇوڪري لکيو       ڇوڪرن لکيو

ڇوڪري لکي ٿي      ڇوڪريون لکن ٿيون    ڇوڪريءَ لکيو        ڇوڪرين لکيو

هنن مثالن جي مطالعي مان ثابت ٿو ٿئي ته فاعل جي حالت تفيريءَ جي صورت ۾، فاعل جي پويان عدد واحد مذڪر لاءِ ”اي“ علامت/ نشاني ۽ عدد واحد جنس مونث لاءِ ”ايءَ“ علامت/نشاني يا پڇاڙي ملائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح فاعل جي تفيري حالت جي صورت ۾ عدد جمع مذڪر لاءِ ”اَن“ عدد پڇاڙي ۽ عدد جمع مونث لاءِ –يَن عددي پڇاڙي ملائي ويندي آهي. انِ اڀياس جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته: ”لکن“، ”پڙهن“، ۽ ”ڏسن“ وغيره فعلي صورتن ۾ ”-اَن“ پڇاڙيءَ جو ڪارج ۽ ”وڻن، ”ٻوٽن“، ”جانورن“، ”آسمانن“ ۽ ”گلن“ وغيره لفظن ۾ -”اَن“ جو ڪارج هرگز ۽ هرگز ساڳيو نه آهي بلڪه ائين چئبو ته اهي. ساڳئي ڪارج واريون پڇاڙيون نه آهن.

جناب ٻرڙي صاحب صفحي 200 تي جيڪا دعويٰ ڪئي آهي اها به يڪطرفي ڄاڻ تي مدار رکي ٿي. اُن لاءِ لهجن جي وياڪرڻي ۽ لسانياتي مطالعي جي ضرورت آهي. هو لکي ٿو:

”اِنَ، اِنَن، اُنَ، اُنن (جن ۾ اسين ”هه“ ملائي ”اِنهن“ ۽ ”اُنهن“ چئون ٿا) پڻ اُن جو چٽو مثال آهي“.

دراصل ”انِ، انِن، اُنن“ سان ”هه“ ملائڻ يا نه ملائڻ جو واسطو سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي وياڪرڻي اڀياس تي مدار رکي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي لسانياتي اڀياس  مان پتو پوي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي، ڪڇي، لاسي  ۽ ٿري لهجن ۾ وسرگ (aspirated) آوازن يا آوازن ۾ وسرگائيءَ جو استعمال نه هجڻ جي برابر آهي. انهن لهجن ۾ ”ڌوڪڻن“ ” گُهڻن آوازن“ سان، وسرگائي جو استعمال اڻلڀ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”جهه“، ”گهه“ ۽ ”نهه“، اکر جي لکت ۾ ”هه“ وسرگائيءَ جي علامتي آهي، جڏهن ته ”ڀ، ٿ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ ۽ ڇ“ اکر وسرگ آوازن جون لکيل صورتون آهن ۽ وسرگ آوازن جي لکيل صورت لاءِ مقرر ٿيل اکرن ۾ زائد نقطا ڏيئي، وسرگ آوازن جو مقصد ظاهر ڪيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل لهجن ۾ وسرگائيءَ جو استعمال بلڪل ڪونهي، ان ڪري لاڙ، ڪڇ، لس ٻيلي ۽ ٿر جا ماڻهو، هِن، هُن، هُوءَ ۽ هيءَ، جي بدران ”انِ، اُنَ، او، اُوءَ، اِي، ۽ ايءَ، اچارين؛ البت سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي ۾ ”اُن“ (حالت تفيريءَ جي صورت) جو استعمال به عام ملي ٿو. هي مثال ملاحظه فرمايو:

معياري لهجو          لاڙي/ڪڇي/لاسي/ٿري لهجا

حالت فاعلي   حالت تفيري   حالت فاعلي   حالت تفيري

هيءِ، هُو، هُوءَ، اِهو، اُهو هن، هُن، اِنَ، اُنَ ايءَ، اُو، اُوءَ، اِيو اِن، اُنُ، اِنن، اُنن

هو، اِهي، اُهي  هنن، اِنهن، اُنهن       اُئو، او، ايي، اوءِ

انهن ضميرن جا حالت فاعلي ۽ حالت تفيريءَ ۾ پڻ ڦيرا ملاحظه فرمايو:

معياري لهجو          حالت فاعلي           حالت تفيري

هو اچي ٿو/            هُوءَ اچي ٿي           هُن/ اُن کي آڻ

اُو اچي ٿو                      اُوءَ اچي ٿي            اُنَ کي آڻ

حالت فاعلي                   حالت تفيري

معياري لهجو  لاڙي لهجو     معياري لهجو  لاڙي لهجو

هُو اچي ٿو     اُو اچي ٿو      هُن کي آڻ     اُن کي آڻ

هُوءَ اچي ٿي   اُوءَ اچي ٿي    هُن/اُنَ کي آڻ اُنَ کي آڻ

اُهي /اِهي اچن ٿا      اوءِ اچن ٿا      هُنن/اُنهن کي آڻ      اُنن/اُني کي آڻ

اُهي/اِهي اچن ٿيون/ اوءِ اچن ٿيون.

10. اهڙيءَ طرح اهو به ثابت ٿيو ته ٻرڙي صاحب جي هن راءِ ۾ ڏنل هي مثال به توجهه طلب آهي، جنهن ۾ چيو اٿس: ”اهڙي طرح اسان وٽ ’وٽن‘، ’سندن‘، ’کين‘، ’کانئن‘، ’ڏانهن‘، ’مٿن‘، ’هيٺائن‘، ’منجهن‘، جهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي پڇاڙي ”ان“، هي/هو/اِهي/اُهي جي نشاندهي ڪري ٿي ”(ص 200).

ٻرڙي صاحب جي هيءَ راءِ تهائين غلط فهمي پيدا ڪندي ڇاڪاڻ ته انهن مثالن ۾ ڪم آندل پڇاڙي ”-ن“، ضمير متصل آهي ۽ نه ڪَ ضميري پڇاڙي، جيڪا مٿي حالت فاعلي يا حالت تفيريءَ هيٺ بيان ڪئي ويئي آهي. مثال طور وٽن = انهن وٽ، سندن= انهن جو، کين= انهن کي، منجهن= انهن ۾ کانئن= انهن کي لفظن ۾ ”ن“ ضمير متصل آهي ۽ ”وڻن“، ”ٻوٽن“، ”جانورن“ وغيره لفظن ۾ آيل علامت ”اَن“ ”۽” وٽن، سندن، وغيره لفظن ۾ ڪم آيل علامت ”ن“ جي وياڪرڻي مفهوم ۽ ڪارج ۾ وڏو فرق آهي. ٻرڙي صاحب صفحي 238 تي جيڪا وضاحت ڪئي آهي سا منهنجي هن دعويٰ کي صحيح ثابت ڪري ٿي. هُو لکي ٿو:

”فعلن کان ڌار، هتي ڪجهه لفظ ڏجن ٿا، انهن جي معنيٰ تي ڌيان ڏيو ۽ ڏسو ته ”اس“ ضميري پڇاڙي ڪهڙي ضمير جي بدران ڪم اچي ٿي:

وٽس (هن وٽ)                سندس (هن جو)

کيس (هن کي)                        کانئس (هن کان)

ڏانهس (هن ڏانهن)            مٿس، مٿانئس (هن مٿان، هن جي مٿان)

ماڻس، ماڻهس (هن جي ماءُ)          پڻهس (هن جي پيءَ) وغيره

انهيءَ بنياد تي، پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته- ”س“ پڇاڙي، ”هن“ جي بدران ڪم اچي ٿي“ (ص 238).

ٻرڙي صاحب جي هن وضاحت کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته سندس سوچ ۾ تضاد آهي ۽ هُو پنهنجي مذڪوره مقالي ۾ هڪ موضوع کي برقرار رکي نه سگهيو آهي.

قابل ليکڪ پنهنجي مقالي ۾ صفحي 1. 2 تي ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکين ٿو“ ۽ ”لکين ٿي“ فعلن جا مثال ڏيئي لکي ٿو ته:

”فعل جي هر صورت ۾ هڪ مقرر ضمير لڪل آهي، اهو ضمير، ”ضميري پڇاڙيءَ“ جي صورت ۾ موجود آهي. اها ضميري پڇاڙي (يعني ضمير) فاعل جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٺيڪ اُن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هن زمان جي حوالي سان اسان کي جيڪو فعلي ڦيرو پڙهايو وڃي ٿو(1 – الف جو حوالو) اُن ۾ حقيقتا ساڳيو فاعل ٻه ڀيرا موجود آهي، ڇا، اُن کي وياڪر جي درست سکيا سڏي سگهجي ٿو؟“ (ص 1. 2)

سنڌي زبان جي هر شاگرد کي اها ڄاڻ آهي ته فاعل جي ڦيري لاءِ فعل جي پڇاڙيءَ ۾، فاعل جي مناسبت سان  جيڪا پڇاڙي ملائي ويندي آهي، اُن کي وياڪرڻ ۾ ضميري پڇاڙي چئبو آهي. اها ٻوليءَ جي وياڪرڻي ضرورت آهي ڇو ته جملي ۾ فعل جي اها ساخت ٻوليءَ جي فطري تظيم مطابق جڙندي آهي ۽ ڳالهائيندڙ لاشعوري طور فعل جي سٽاءُ مطابق ڳالهائيندو ويندو آهي. ٻوليءَ جو اهو سٽاءُ، پهرين جڙيو ۽ وياڪرڻي اصول/قانون پوءِ ٺاهيا ويا، تنهن ڪري فطرتي طور جڙيل سٽاءُ ۾ تبديلي آڻڻ جو اختيار ڪنهن کي به ڪونهي. فعل سان، فاعل جي مناسبت موجب ڌار ڌار زمانن مطابق، عدد، جنس ۽ حالت جي ڦيري لاءِ ڳالهائيندڙ، مناسب ۽ واسطيدار ضميري پڇاڙيون خود بخود ملائيندو ويندو آهي. ماهرن فقط اهو ڪم ڪيو جو اهڙن فعلن جي وياڪرڻي سٽاءُ جو اڀياس ڪري ان موجب قانون ٺاهيائون. انهن جي ٺاهيل قانونن ۾، توضيحي لسانيات جي روشنيءَ ۾ وضاحتي واڌار ته آندا ويا آهن پر هن وقت تائين دنيا جي ڪنهن به وياڪرڻيءَ انهن قانونن ۽ قاعدن کي غلط قرار نه ڏنو آهي. هن سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:

”ٻولي گرامر تي تعلق نٿي رکي، پر گرامر جو ٻوليءَ تي تعلق ٿو رهي ۽ انهيءَ مان ئي ٿو  ٺهي. تنهن ڪري جي، ڪا ٻولي سُڌرندي ته انهيءَ جو علم يا انهيءَ جي ڪتابي علميت به سڌري ٿي- جيئن علميت ٻوليءَ تي منحصر آهي، تيئن ٻولي وري ڳالهائيندڙ تي منحصر آهي“ (1)·

مرزا صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو:

”اهو علم جنهن کي انگريزيءَ ۾ گرامر، عربي ۽ فارسي ۾ صرف وَنحو، سنسڪرت ۾ وياڪرڻ ۽ هنديءَ ۾ بياڪرڻ ٿا چون، سو ڪنهن به ٻوليءَ جي صحيح ۽ پوريءَ طرح ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو هنر آهي،انهيءَ مان ائين سمجهڻ گهرجي ته ٻولي اڳيئي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، گرامر يا صرف و نحو انهيءَ تان ۽ انهيءَ کانپوءِ ٿو ٺهي، جنهن ۾ اُن ٻوليءَ جي صحيح ڳالهائڻ يا لکڻ جا قاعدا ۽ قانون ڏيڻ ۾ ٿا اچن، جي آزمودي، استعمال، رواج، دستور ۽ اصطلاح تي ٻڌل آهن ۽ ٻوليءَ جي مدعا پوري ٿي، جيڪي انهيءَ طرح ڳالهائجي ٿو، سو گرامر جي قاعدي موجب برابر آهي يا غلط آهي سو منحصر سمجهائڻ جي رستي تي، يعني انهيءَ هنڌ جي ماڻهن جي ڳالهائڻ جي عام رواج يا دستور موجب، جنهن کي اصطلاح چئجي ٿو“ (2)

ٻرڙي صاحب صفحي  5. 2 تي ”لکان ٿو“، ”لکان ٿي“، ”لکون ٿا“، ”لکون ٿيون“، ”لکين ٿو“، ”لکين ٿي“، فعلن جي ڦيري جا مثال ڏيئي لکيو آهي ته:

”هن ڦيري مان جيڪڏهن شامل ضميري پڇاڙي ڪڍي ڇڏجي ۽ فاعل طور ڌار ضمير آندو وڃي ته ڦيري جي حقيقي ۽ اصولي صورت هن طرح بيهدي:

مان لکٿو – مان لکٿي – اسان لکٿا – اسان لکٿيون.

تون لکٿو- تون لکٿي- توهان لکٿا- توهان لکٿيون.

هي لکٿو- هي لکٿي- هي/اهي لکٿا- هي/اهي لکٿيون.“

سنڌي زبان جا شاگرد ۽  ڳالهائيندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته ”مان لکٿو، مان لکٿي“ وغيره جملن ۾ ”لکٿو“ ۽ ”لکٿي“ وغيره صورتن کي ڪنهن به حالت ۾ فعل قبول ڪري نٿو سگهجي، جيستائين ڪه فعل جي ڌاتوءَ، ”لکُ“ جي پويان، فاعل سان مناسبت رکندڙ ضميري پڇاڙيون ملايون نه وينديون، ان ڪري ”مان لکٿو“، ”مان لکٿي“ وغيره کي فعل جا ڦيرا قبول نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه ڳالهائيندڙ ٻرڙي صاحب جي هن راءِ کي قبول نه ڪندو.

صفحي 6. 2 تي ٻرڙي صاحب جيڪي مثال ڏنا آهن، تن جي هُو وضاحت هنن لفظن ۾ ٿو ڪري:

”زمان حال ۾ ڪرڻ جي فعل جي حوالي سان ”ٻه“ ضميري پڇاڙيون به ڪم اچن ٿيون، ۽ عام جام اچن ٿيون، انهن مان ڪجهه جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو (ٻٽي ضميري پڇاڙيءَ جي گڻن ۽ اُن جي ڪري ٻوليءَ جي ڏات تي ڳالهائبو).

فعل/مذڪر                    بناوت          فعل/مونث

لکانءِ ٿو =  (لک+آن+ ءِ)            = (مان)                تو ڏانهن لکان ٿو.

لکانوَ ٿو= لک+ آن – وَ )            = (مان)                توهان ڏانهن لکان ٿو. وغيره

ٻرڙي صاحب ”ڪرڻ“ جي بدران لکڻ فعل جا مثال ڏنا آهن. ممڪن آهي ته اها ڇاپي جي چڪ هجي. ”لکان ٿو “ فعل ۾ ”ءِ“ کي ٻرڙو صاحب صفحي 193 تي ضميري وچياڙيءَ جي مثال طور پيش ڪري چڪو آهي. ”ٻٽن ضميرن“ جي استعمال جي سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪي ڀيرومل به گهڻو ئي لکيو آهي.

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ويا ڪرڻ“ ۾ فعلن جون پڇاڙيون جي عنوان هيٺ فرمائي ٿو:

حالت فاعلي ڏيکاريندڙ پڇاڙيون:

ضمير                  واحد            جمع

متڪلم                        -س            سين (سون)

حاضر                  - اين           وء

غائب                  -               -

پڙهيس معنيٰ آءٌ پڙهيس، پڙهندس معنيٰ آءُ پڙهندس.

اهي پڇاڙيون سدائين فاعل جي معنيٰ ڏيکارين ٿيون.

عام حالت (اسم مفعول زمان ماضي)

ضمير                  واحد            جمع

متڪلم                        - م            -اون، -سين (سون)

حاضر                  - ءِ                 ؤ

غائب                  - س           - نِ

ٻٽين پڇاڙين سان فعل:

ماريائين       معنيٰ هن ماريو               ”هُن“ فاعل

ماريائينم      معنيٰ  هن مون کي ماريو     ”مون“ مفول

اهڙيءَ طرح هڪ ئي فعل ۾ ٻه پڇاڙيون گڏي، فاعل توڙي مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪبي آهي(1). ·اهي مثال ڏيڻ

کانپوءِ صفحي 55 تي مرزا صاحب لکي ٿو:

”مطلب ته عام قاعدو هي آهي ته فاعل جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ پڇاڙين نمبر 2 مان جيڪا پڇاڙي کپندي هجي، سا فعل جي پٺيان گڏي، پوءِ مفعول جي معنيٰ  ظاهر ڪرڻ لاءِ پڇاڙين نمبر 2 مان، جيڪا پڇاڙين کپندي هجي سان اُن جي پٺيان گڏڻ گهرجي“(2)·

ٻٽين پڇاڙين سان فعل جي عنوان هيٺ ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي ڪتاب (وڏو سنڌي وياڪرڻ) ۾ صفحي نمبر 141 تي لکي ٿو:

”ماريائين“ – معنيٰ ”هن ماريو“، پر ڪنهن کي؟

”ماريائينس“ معنيٰ هُن، هُن کي ماريو.

اهڙيءَ طرح هڪڙي ئي فعل ۾ ٻه پڇاڙيون گڏي فاعل توڙي مفعول جي معنيٰ ظاهر ڪبي آهي. هيءَ سنڌيءَ جي هڪ وڏي خوبي چئبي جو هڪڙي ئي لفظ مان جملي جو مطلب نڪري ٿو(1)· اهڙيءَ طرح هن ڪتاب (وڏو سنڌي وياڪرڻ) ۾ 142، 143، 144 ۽ 157 – 158 صفحن تي هن ڏس ۾ وڌيڪ مثال ڏيئي ڪاڪي ڀيرومل وضاحتي بحث ڪيو آهي.

”هن ڏس ۾ ٻيا مثال هي به آهن:

ٻٽا ضمير متصل:

سنڌي زبان ۾ ٻٽا/دُهرا ضمير متصل به ڪم ايندا آهن، مثال طور:

ڪتاب ڏنم:           ڪتاب ڏنو مانءِ

                        ڪتاب ڏنومانوَ

                        ڪتاب ڏنومانس

                        ڪتاب ڏنوماننِ

آيس/آيم              آيومانس

                        آيومانءِ/آيوسانءِ

خط                    خط لکيوسونءِ

                        خط لکيوسونوَ

                        خط لکيوسوننِ

ڪتاب ڏيکاريم               ڪتاب ڏيکاريومانءِ

                                ڪتاب ڏيکاريومانوَ

                                ڪتاب ڏيکاريوسونو

هنن مثالن ۾ ٻه ٻه ضمير متصل ڪم آندا ويا آهن؛

مثال طور:

        فعل            ضمير متصل 1                ضمير متصل 2

ڏنو مانءِ:              ڏنو = ڏنم             -م             ءِ

آيوسانوَ        آيو-آيس، آيوس        -س            وَ

ضميري پڇاڙين وارو سلسلو جاري رکندي ٻرڙي صاحب صفحي 28 تي زمان ماضيءَ جي عنوان هيٺ جيڪي مثال ڏنا آهن، اُهي هي آهن:

”اسان/توهان/هن/هنن چٺو لکيو.

اسان/توهان/هن/هنن چٺا لکيا.

اسان/توهان/هنن/هن/هنن چٺي لکي.

اسان/توهان/هن/هنن چٺيون لکيون.

انهن مثالن ڏيڻ کانپوءِ هُو لکي ٿو:

”ڌيان ڏئي سوچيو ته فاعل طور ضمير ڪهڙو به هجي، ضمير جي هر صورت سان، هر هڪ فعل جون چار صورتون، گڏجي، ٺهڪي ۽ درست نموني اچن ٿيون، ائين ڇو؟

اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمان ماضيءَ ۾ فعلي صيغي جو سڌو واسطو فاعل سان نه، مفعول سان رهي ٿو.

مفعول جيڪڏهن

هيڪل نر آهي ته – لکبو، پڙهيو، ڏٺو

هيڪل نار آهي ته – لکي، پڙهي، ڏٺي.

گهڻ نر آهي ته – لکيا، پڙهيا، ڏٺا.

گهڻ ناري آهي ته – لکيون، پڙهيون، ڏٺيون“.

ٻرڙي صاحب بلڪل صحيح فرمايو آهي ته ”لکيو“، پڙهيو ۽ ڏٺو متعدي فعل آهن پر جيڪڏهن فعل لازمي هوندو ته پوءِ فعل جو گردان هرگز ساڳيو نه رهندو، پر اُن صورت ۾ فرق ايندو؛ جيئن:

مذڪر                                  مونث

واحد            جمع            واحد            جمع

مان ڊوڙيس اسين ڊورياسين/سون     مان ڊوڙيس    اسين ڊوريوسين

تون ڊوڙين     توهين ڊوڙيا    تون ڊوڙئين    توهين ڊوڙيون

هُو ڊوڙيو               اُهي ڊوڙيا      هوءَ ڊوڙي              اُهي ڊوڙيون


 

(وڌيڪ پڙهو)

 


·1. Sachau, E.C., Dr, Alberuni’s India English Edition, Vol. I, Lahore, Government of Pakistan, 1962,PP.488-450

·1.Block, Band Trager, An Introduction to linguistic Analysis, Linguistic Society of America, 1942.

٢- شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ: ”سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا)، نئون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ  ١٩٩٢ع ص  ص  ٢١٤ کان ٢١٨.

٣- ڀيرو مل آڏواڻي: ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ١٩٨٥ع، ص ص ٢٢١ کان  ٢٢٩ ۽  ٢٣٥ کان . ٢٤

· ٤- ايضا، ص ٨. ١.

    ٥-  واحد بخش شيخ: ”سنڌي ٻوليءَ جو صرف ونحو“، سنڌي ادبي بورڊ ١٩٨٦ع ، ص، ٧٥.

· ١. غلام علي الانا ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ١٩٨٧، ع ص ص ٥٢- ٥٣

2. Gleason, H.A., Opcit., PP.61-63

3. Ibid.

· 1. حوالو پهريون، ص ص  ٤٣- ٥٢

    2. ايضا

· 3. الانا، غلام علي ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1987ع ص 44

· 1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ص 22- 33.

· 1. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنو ويو آهي، ص 172.

   2. ايضام ص 168.

· 1. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ: سنڌي وياڪرڻ (4 ڀاڱا) نئون ڇاپو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، 1992ع، ص 53.

· 1. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ: حوالو ڏنل آهي، ص 53.

· 2. ڀيرومل آڏواڻي: ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ص 141

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com