سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :7

ڀنڀور جا آثار-سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج جو مطالعو

ڊاڪٽر غلام علي الانا

ڀنڀور جي کنڊرن ۽ قديم آثارن پنهنجي سيني ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، ثقافتي ۽ سماجي تاريخ جا دفتر سانڍي رکيا آهن، جيتوڻيڪ آثار قديم جي ماهرن طرفان هنن آثارن کي ديبل بندر جا آثار ثابت ڪيو ويو آهي، پر اڃا به ڪي عالم ۽ سڄاڻ انهيءَ راءِ کي غور طلب راءِ سمجهن ٿا  ۽ انهيءَ راءِ کي قطعي ۽ آخري راءِ تسليم نٿا ڪن.

٥٧-١٩٥٦ع ۾ پنهنجي پي-ايڇ-ڊي واري ٿيسز تي تحقيق جي سلسلي ۾ مون ٺٽي طرف واري ساري سامونڊي ساحل جو سفر ڪيو هو. اُن  زماني ۾ ڀنڀورجي اڃا کوٽائي ڪانه ٿي هئي، اها سڄي ايراضي دڙن جي صورت ۾ هئي. البت قلعي واري ديوار جا ڪي آثار نظر اچي رهيا هئا. ان وقت جنهن جهوني مرد مون کي اهي دڙا گهمايا هئا، اُن جي چوڻ موجب هنن آثارن کانسواءِ سمنڊ اندر ٻيا به ڪيترائي آثار موجود هئا. ان مان رتوڪوٽ، جاکي بندر ۽ دٻو، مون وٽيجي ۽ ٻوهارن وٽان کارين ذريعي هُڙن وسيلي وڃي گهمي ڏٺا هئا ۽ سر زمين تان سڪا ۽ ٻيو به ڪجهه سامان هٿ ڪيو هو.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ سنڌ جي قديم تاريخ جا اهم باب کوليا آهن. هن کوٽائيءَ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هت اسلامي دور کان به اڳ ڪيترن ئي خاندانن جي حڪومت رهي آهي. هنن دڙن جي کوٽائيءَ مان اهو پڻ ثابت ٿيو آهي ته هن شهر ۾ مسلمانن اٺين صديءَ کان وٺي رهڻ شروع ڪيو هو ۽ سڀ کان اول جن مسلمانن هت رهڻ  شروع ڪيو هو، سي عرب هئا، جيڪي تيرهين صديءَ عيسويءَ تائين هت رهيا. انهن حقيقتن جو ثبوت اُموي دور جا اُهي سڪا آهن، جيڪي آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن کي کوٽائيءَ مان هٿ آيا هئا.

پر حقيقت هيءَ آهي ته هي شهر مسلمانن جي سنڌ تي فتح کان به گهڻو اڳ آباد هو، اُن سلسلي ۾ جيڪي اسلامي دور کان اڳ جا آهن ۽ ٻيا اهي برتن آهن، جن تي ارڌناگري ۽ لاڙي يعني لوهاڻڪي رسم الخط ۾ ان وقت جي ٻوليءَ جا لکت ۾ نشان ۽ آثار ملن ٿا (1)·. هتان جيڪي بُت لڌا ويا هئا، تن مان هڪ تي هڪ عورت جي چهري جا سڀ نقش چڱيءَ طرح اُڀريل آهن ۽ ان جي مٿي تي خاص قسم جو لباس آهي. ان کانسواءِ هڪ برتن تي هڪ نچندڙ جوڙي ۽ سورج مکيءَ جون تصويرون پڻ اُڪريل آهن.

انهن کانسواءِ هتان مليل ٿانون تي جاميٽريءَ جي ڊزائين جون شڪليون، نقش، چٽ، گل، انساني ۽ حيواني جن ۽ دريائي پکي، مڇي، نانگ، مور، هاٿي، هرڻ ۽ ڪن گلن ۽ ٻوٽن جون شڪليون، جن ۾ سورج مکيءَ جو گل ۽ ڪنول جو گل، اُن کانسواءِ سج اڀرڻ وغيره اڪريل نظر اچن ٿا. ان کانسواءِ مٽيءَ جا برتن، رانديڪا، جانورن ۽ انسانن جون مورتيون هتي جي فن ۽ فنڪاريءَ جو ثبوت ڏين ٿيون.(2).

ڀنڀور مان لڌل سامان نه فقط هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ بيان ڪري ٿو پر ان سامان جي مطالعي جي مدد سان، واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جي تاريخ تي چڙهيل پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته هن تهذيب جي تاريخ، آمري، ڪوٽڏيجي، موهن جي دڙي کان هلندي، مختلف تهذيبن جا اثر تسليم ڪندي، ماضي ۽ حال جي وچ ۾ رابطو رکندي، ڀنڀور واريءَ تهذيب سان پنهنجا ناتا جوڙيندي، اڳتي سفر جاري رکندي هلي رهي آهي.

آرڪيالاجي  کاتي جي ماهرن کي ڀنڀور مان جيڪي ڳاڙها برتن مليا آهن سي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي چون ٿا ته ٿانو ڪاري سمنڊ جي اثر ۽ اوڀر واريءَ قديم تهذيب سان واسطو رکن ٿا. انهيءَ تهذيب جو زمانو هڪ صدي ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ هڪ صدي ق. م ۾ ختم ٿئي ٿو. ڪاري سمنڊ جي اتر ۽ اوڀر جي قديم رهاڪن کي ساڪ يا سٿيا سڏيو ويو آهي. ساڪ يا سٿيا قوم هڪ صدي ق .م ڌاري قديم ايران کان هت آئي.

ماهرن جو خيال آهي ته هن واديءَ ۾ هڪ صدي عيسوي ڌاري ”پارٿيا“ قوم جي ماڻهن، ساڪن (سٿين) جي جاءِ والاري، هن قوم ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو هو، پر سندن تهذيب يوناني هئي، ڪاري سمنڊ جي اوڀر ۾ اتر جي انهن قديم قومن يعني سٿين ۽ پارٿين جي تهذيب ۽ ثقافت جو جيڪو سامان ڀنڀور مان لڌو آهي، تنهن واديءَ سنڌ جي ثقافت جي تاريخ ۾ هڪ نئون ۽ اهم باب کوليو آهي. (1)·

پر هن ڏس ۾  ڀنڀور جي  کوٽائيءَ واري رپورٽ ۾ ڄاڻايل مواد کان اڳتي ڪابه تحقيق ڪانه ٿي آهي، خبر نه آهي ته اسان جي ماهرن ۽ مورخن ڀنڀور جي کوٽائيءَ واريءَرپورٽ کي آخري رپورٽ يا آخري تحقيق سمجهي هن ڏس ۾ پنهنجو قلم ڇو رکي ڇڏيو آهي ۽ اڳتي سوچڻ لاءِ ويچار ڇو نه ڪيو آهي؟ ٿيڻ ته هيئن کپندو هو ته ڀنڀور واريءَ رپورٽ ۾ جن پهلوئن طرف ڊاڪٽر ايف. اي خان طرفان اشارا ڪيا ويا هئا ۽ جن جن نقطن طرف هن صاحب نشاندهي ڪئي هئي. تن تي وڌيڪ سوچ، ويچار، غور  فڪر ۽ تحقيق ڪئي وڃي ها. هن ڏس ۾ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن، فنون لطيفه جي ڄاڻُن، فن تعميرات جي فاضلن، مختلف هنرن تي ڄاڻ رکندڙن، رياضيدانن، علم الانسان (Anthropology) جي اڪابرن ۽ لسانيات جي شاگردن ۽ مورخن توڙي جاگرافيءَ جي استادن کي پنهنجن پنهنجن مضمونن جي لحاظ کان هن ڏس ۾ سوچڻ گهرجي ۽ تحقيق ڪرڻ گهرجي.

هن وقت تائين ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل مواد تي فقط ٻن نقطن جي لحاظ کان سوچيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ کوجنا ڪري نتيجا ڪڍيا ويا آهن. انهن مان هڪ نقطو هي آهي ته هي آثار سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر ديبل بندر جي ڦٽل شهرجا آثار ثابت ڪيو آهي. ٻيو نقطو هي آهي ته ڀنڀور واري مسجد برصغير جي سڀ کان پهرين مسجد آهي، جيڪا هن شهر جي فتح کانپوءِ فورن جوڙائي ويئي هئي. هن سلسلي ۾ هن عمارت وٽان حاصل ٿيل پٿر تي اڪريل ڪتبا هن دعويٰ لاءِ آخري دليل سمجهيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح هنن آثارن مان سنڌ ۾ اسلامي دور ۽ اسلام کان اڳ واري دور جا سڪا پڻ هٿ آيا آهن، پر انهن تي به اڃا تائين ڪا تفصيلي تحقيق ڪانه ڪئي ويئي آهي.

منهنجيءَ نظر ۾ مٿي ڄاڻايل ٻئي نقطا ڀنڀور واريءَ تهذيب لاءِ واقعي اهم نقطا آهن، ان ڳالهه کان ڪو به انڪاري نه آهي ته جنهن جاءِ وٽان اهي ڪتبا لڌا ويا هئا سا ڪا مسجد نه آهي، ڪنهن کي به اعتراض نه آهن ته ڪو ڀنڀور واري تهذيب تي اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جو اثر نمايان نه آهي. ڪو به انڪار نٿو ڪري ته هن عربمسلمان اٺين صديءَ کان علم الانسان جي فاضلن ۽ علم اللسان جي شاگردن کي اها ته چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته هن شهر جي آبادهجڻ جا ثبوت سنڌ ۾ اسلام جي آمدکان ڪافي آڳاٽا، يعني هڪ صدي ق. م ۾ ملن ٿا. هتان لڌل سڪا، برتن ۽ ٻيو سامان اهڙي گواهي ڏئي ٿو. هت ٻڌمت، هندومت، شوپنٿ ۽ انهن کان به اڳ جي انسانن جي آباد هجڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا، پر ماهرن هنن آثارن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيل موادکي مختلف دورن ۾ ورهائڻ جي باوجود ۽ سڀني دورن کي اهميت ڏيڻ جي بدران فقط هڪ دور کي وڌيڪ اهميت ڏيئي ان جي وڌيڪ اپٽار ڪئي ۽ واديءِ سنڌ جي تاريخ جي ٻين پهلوئن تي لکڻ ته پري رهيو پر انهن کي ڇُهڻ به مناسب نه سمجهيو. هن ڏس ۾ ماهرن جي مراد فقط هيءَ هئي ته هت عربن جي آمد ۽ عربي تهذيب جي اثرن جا اهڃاڻ ڳولي، ثابت ڪري، انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي. هن سلسلي ۾  ڊاڪٽر فضل  احمد خان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ لکي ٿو:

”ڀنڀور جي کنڊرن تي هن وقت جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي، ان جو  بنيادي مقصد آهي هن بستيءَ جي آغاز ۽ اٺين صديءَ جي اوائل ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ مسلمانن جي بود و باش جي طريقي ۽ ان دور جي تهذيب ۽ ثقافت جو پتو لڳائڻ“(1)·.

واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن سان محبت رکندڙن کي عربي دور جي تهذيب ۽ تمندن، سنڌ جي معاشري ۽ معاشرتي تاريخ تي ان (اسلامي) دور جي اثر ۽ ڇاپ لاءِ قدر احساس آهي. تهذيبون هڪٻئي تي اثر ڪنديون آهن، اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، سنڌي تهذيب تي عربي ۽ اسلامي تهذيب جي اثر کان سنڌ جو ڪو به ماڻهو انڪار نٿو ڪري پر ڀنڀور مان مليل سامان جي اڀياس مان ائين ظاهر ٿئي ٿو ته هت ٻين تهذيبن جا به نشان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا، جن تي اڃا تائين قلم نه کنيو ويو آهي.

ڊاڪٽر فضل احمد خان صاحب جي مٿي بيان ڪيل راءِ مان اهو بلڪل واضح آهي ته سندس سامهون فقط هڪ مقصد هو ۽ اهو هو اٺين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ عربن جي رهڻي ڪهڻيءَ جي طريقي ۽ عربي دور جي تهذيب  ۽ ثقافت جي باري ۾ کوجنا ڪرڻ. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ مان اهو چٽيءَ طرح ظاهر آهي ته سندس دلچسپي هن قديم شهر ۾ رهندڙ ٻين قومن يا تهذيبن سان ڪانه هئي. انهيءَ سوچ جو نتيجو اهو نڪتو جو سواءِ مسٽر عبدالغفور مرحوم ۽ شيخ خورشيد حسن جي، آرڪيالاجي کاتي جي ٻئي ڪنهن به ماهر هنن آثارن جي حوالي سان اڳتي ڪابه کوجنا ڪانه ڪئي.

ڊاڪٽر فضل احمدخان صاحب جي نظريي ۽ راءِ جو ثبوت هن حوالي مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هو صاحب لکي ٿو:

”انهن کوٽاين مان هتان نه صرف هڪ وسيع ساحلي قلعبند شهر جا آثار مليا آهن، پر هتان ان ابتدائي زماني جي فن تعمير ۽ ٻين لطيف فنن متعلق تمام گهڻيون شيون پڻ هٿ آيون آهن، هتان مٽيءَ جي برتنن جو جيڪو وڏي ۾ وڏو تعداد هٿ آيو آهي، ان جي مدد سان محققن کي پهريون دفعو مسلمانن جي اوائلي دور  جي برتنن جي مطالعي جو موقعو مليو آهي، اميد آهي ته هي مطالعو وڌيڪ تحقيقات لاءِ بنيادي حيثيت رکندو(1)·.

”پنجن ڇهن جڳهين تي جيڪا گهري کوٽائي ٿي آهي، ان جي مدد سان انهن دڙن جي هر تهه جي خبر پئجي سگهي آهي. انهن هيٺين تهن کان مٿين تهن تائين ”ساڪ“

گهراڻي ايرانين (ساسانين)، هندو ۽ ٻڌ مت ۽ اسلام جي ابتدائي  ٽن دورن جا آثار معلوم ٿين ٿا، جيڪي پهرين صدي قبل مسيح کان وٺي تيرهين عيسويءَ تائين هڪ ڊگهي زماني تي حاوي آهن. (2).·

هاڻ سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته سٿين ۽ پارٿين، ايرانين ۽ ٻڌ مت ۽ هندو دور واري هن قديم تهذيب متعلق اسان جا مورخ ۽ ماهر خاموش ڇو رهيا آهن. ڀنڀور واري تهذيب جي ملڪ ۾ پچارڇو نه آهي؟ ڇا انهن دورن جا برتن، رانديڪا، روزانه زندگيءَ جو سامان، سڪا، اُن قديم تهذيب ۽ ثقافت جي باري ۾ ڪجهه به نٿا بيان ڪن؟ اهو سامان پنهنجي دور جي معاشري ۽ معاشرتي زندگيءَ تي ڪابه روشني نٿو وجهي؟ جيڪڏهن انهيءَ سرمايي ۽ مواد جي مطالعي جي مدد سان اسان جي مالڪ جي قديم تاريخ، قديم تهذيب  ۽ قديم ثقافت جي باري ۾ معلومات ملي ٿي ته پوءِ انهن جي باري ۾ اسان جا ماهر خاموش ڇو رهيا آهن ۽ انهيءَ دور کي اهميت ڇو نه ڏني اٿن؟

ڀنڀور  جي کوٽائيءَ مان مليل سامان جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ۾ ڌار ڌار مذهبن جا ماڻهو رهندا هئا. سڀ کان اهم نقطو هي آهي ته هتان مليل مواد تي جيڪي چٽ، گل، نقش، ڊزائينون ۽ جاندارن جون شڪليون وغيره آهن، انهن مان هن تهذيب جي رهاڪن، ماڻهن جي روزانه زندگيءَ جي فلسفي، سوچ، فڪر، مذهب، فن، هنرن،ڪاريگرين ۾ ذوق ۽ نفسيات جي خبر پوي ٿي.

ماهرن کي  خبر آهي ته ڪنهن به ملڪ جي ٻولي اُن ملڪ جي سماجي، ثقافتي تهذيب ۽ تمدني تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي، ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان ان قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن، سوچ ۽ فڪرجي ارتقا، تهذيبي ۽ تمدني تاريخ جي خبر پوندي آهي. ڀنڀور جي آثارن مان مليل مواد جو مطالعو هت رهندڙ ماڻهن جي ذهني ارتقا، معاشي ۽ معاشرتي حيثيت، فن ۽ فنڪارانه قابليت، مذهب  ۽ مذهبي اصولن وغيره جو املهه مواد سامهون آڻي ٿو، جنهن جي ڏسڻ سان علم الانسان جا ماهر هتي جي ماڻهن کي وڏي قدر ۽ احترام جي نگاهن سان ڏسن ٿا.

هن ڏس ۾ مٿي بيان ڪيل نقطن ۽ هتي جي ماڻهن جي اخلاقي ۽ اقتصادي تاريخ متعلق گهڻي ۾ گهڻي ۽ مفيد معلومات انهن ٺڪرين جي ذريعي ملي ٿي، جن تي ڪلڪ سان اُن زمان جي ٻوليءَ جا ڪجهه اکر لکيا ويا آهن، جن کي ڊاڪٽر خان Proto Nagari اکرٿو سڏي (1).·

انهن ٺڪرين تي لکيل هي لفظ ثابت ٿا ڪن ته هن شهر جا ماڻهو نه فقط هڪ پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا پر هو پنهنجي روزانه زندگيءَ ۽ وهنوار، اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ پنهنجي

ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اُها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا، انهن ٺڪرين تي لکيل اکرن مان ائين پڻ واضح ٿئي ٿو ته هن شهر جا ماڻهو هڪ کان وڌيڪ رسم الخط لکي سگهندا هئا. هن مان اها به دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هت رهندڙ ڌارڌار قومن جو ڌار ڌار رسم الخط هوندو هو، يعني لوهاڻا پنهنجو لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط ڪم آڻيندا هئا ته ٻيا هندو ارڌنا گري رسم الخط ڪم آڻيندا هئا. اهڙيءَ طرح هت مانوشاو يا ملوالي رسم الخط پڻ رائج هو.

ٻوليءَ قومن جي زندگيءَ، ثقافت، تهذيب  ۽ تمدن جو آئينو آهي. سنڌي ٻولي سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي اها ته خبر آهي ته انهن ٽن ٺڪرين مان هڪ جنهن تي لوهاڻڪي (1) يا لاڙي رسم الخط ۾ ڪجهه اکر لکيل آهن، اُن ٺڪريءَ واري لکت مون سال ١٩٦٨ع ۾ پڙهي، نئين زندگي رسالي ۾ مضمون جي صورت ۾ ڇپائي هئي. وري اُن تي وڌيڪ اڀياس ڪري، ١٩٧٩ع ۾ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي صورتخطيءَ“ ۾ اُن جي باري ۾ تفصيلي بحث ڪيو هئم. ان ٺڪريءَ تي لکيل اکرن جي پڙهڻ کانپوءِ مون جيڪي نتيجا ڪڍيا هئا، انهن کي هت دهرائڻ مناسب ٿو سمجهان. اهي نتيجا هي آهن:

(الف) ”ڀنڀور واريءَ لکت مان هڪ يعني تصوير نمبر 10 واري لکت پڙهي ويئي آهي؛ اُن لکت جي پڙهڻي آهي ”بجُر هيدر“. پهرينءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”بجُر“ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”هيدر“. انهيءَ ٺڪريءَ توڙي ٻين ٺڪرين تي لکيل لفظ، سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ جي زماني جي سنڌي ٻوليءَ جي لکيل صورت جي املهه نشاني آهن.

(ب) اسلام جي آمد کان اڳ سنڌي ٻولي ديسي رسم الخطن ۾  لکي ويندي هئي، جنهن جا هڪ کان وڌيڪ رسم الخط هئا، يعني هر قوم کي پنهنجو پنهنجو رسم الخطه هو. ٻولي اها ئي ساڳي يعني سنڌي هئي، پر لوهاڻا ان کي پنهنجي نموني پيا لکندا هئا ته ڀاٽيا پنهنجو رسم الخط پيا ڪم آڻيندا هئا.

(ت) اهو به ثابت ٿو ٿئي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي – وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي هئي. اُن ۾ نجوم، هيئت، رياضي، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت روزانه استعمال جي ٻين شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغوي خزانو موجود هو.

(ج) ”بجُر هيدر“ لفظ وياڪرڻ جي لحاظ کان توڙي نحوي نقطه نگاهه کان نهايت ئي دلچسپيءَ وارو آهي. هن لفظ جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي صفتي فقرن جي ساخت ۽ سٽاءَ ساڳي هئي.

(١) خواجه غلام علي الانا، ”سنڌي صورتخطي“، حيدرآباد، سنڌي زبان پبليڪيشن، ٽيون ڇاپو، ١٩٧٩ع ، ص ٢٢-٢٣.

ڀنڀور واريءَ لکت جي مطالعي  کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته هتي لوهاڻڪو يا لاڙي رسم الخط،  ارڌنا گري رسم الخط ۽ مالواري رسم الخط رائج هئا، جنهن جو ثبوت عرب سياحن جاخط، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي بيان مان ملي ٿو. هن سلسلي ۾ جاحظ (٨٦٤ع) لکي ٿو:

”سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گهڻو اڳتي ڏٺو، انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي.......(الخ)“(1)

مسعودي (٩٥٧ع) لکي ٿو:

”سنڌ جي زبان هندستان کان مختلف آهي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريب تر آهي. مهانگر يعني ولڀراءِ جي سلطنت جي تختگاهه جي ٻولي کڙي آهي. هيءَ انهيءَ طرف ۽ پسگرائيءَ جي زبان آهي، مگر ثقيل آهي. سامونڊي ساحل، چيمور، سوپاره ۽ ٺائي وغيره ساحلي شهرن جي زبان ”لاڙي“ آهي.“(2)

ساڳيءَ طرح بشاري مقدسي (تصنيف ٩٨٥ع) لکي ٿو:

”ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي، هن سان هڪ سؤ ڳوٺ مليل آهن، هتي جا رهاڪو زياد تر هندو آهن.سمنڊ جو پاڻي طغيانيءَ جي وقت شهر جي ديوارن سان اچي لڳندو آهي.هتي جا باشندا واپاري آهن. سنڌي  ۽ عربي زبانون ڳالهائين ٿا“ (3).

اهڙيءَ طرح  ابن نديم (٩٩٥ع) جو رايو آهي:

”سنڌ جي ماڻهن جون زبانون ۽ مذهب باهم مختلف آهن، ۽ رسم الخط متعد آهن. هن جا تقريباً ٻه سئو رسم الخط آهن.سنڌ جي ماڻهن وٽ 9 رسم الخط آهن.... الخ“ (4)·

بلڪل ساڳيءَ طرح البيروني لکي ٿو:

”ڏکڻ سنڌ ۾ ڪماري واري خطي تائين،مالوشائو (Malwashau) نالي جيڪو رسم الخط ڪم ايندو آهي، اُن کي مالوالي به چئبو آهي. بهمنو (منصوره) ۾  سئندو رسم الخط ڪم ايندو هو. لاڙي خط لاڙديس ۾ ڪم ايندو هو. ارڌنا گري رسم الخط ڀاٽيا ۽ سنڌ جي ڪن حصن ۾ لکيو ويندو هو“ (5).

عرب سياحن جا مٿي جيڪي رايا ڏنا ويا آهن، تن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ نه فقط ثقافت، وڻج واپار، علم ادب ۽ ٻين ڳالهين کي لکت ۾ ثبوت طور پيش ڪيو آهي، پر انهن سفر نامن مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ان لاءِ ڪم ايندڙ لکيت ۽ انهن جي ڌار ڌار نمونن بابت به پتو پوي ٿو. جاحظ، ابن نديم ۽ البيرونيءَ جي احوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اسلامي جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالهائي ويندي هئي، پر اها روزمره جي استعمال واري ٻولي هئي. ماڻهن جي خيال جي اظهار جو ذريعو هئي ۽ اها ڌار ڌار رسم الخطن ۾ لکي به ويندي هئي ۽ اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي ته ان وقت جي ٻولي ان وقت جي تهذيب، ثقافت ۽ ان جي قدرن کي اجاگر ڪري ٿي.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان مليل ٺڪرين مان لکيل اکرن جي وڌيڪ اڀياس کانپوءِ هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته ابن نديم ۽ البيرونيءَ جيڪا راءِ ڏني هئي، سا سچي ۽ صحيح هئي، ان سلسلي ۾ پهرين ١٩٦٨ع ۾، پوءِ ١٩٧٦ع ۾ ۽ ان کانپوءِ ١٩٧٩ع ۾ ڪڍيل نتيجن ۾ اهو عرض ڪيو ويو هو ته هتان لاڙي يا لوهاڻڪي ۽ ارڌنا گري رسم الخط جا ثبوت ۽ نمونا مليا آهن. تازو ڊاڪٽر محمد رفيق مغل صاحب طرفان منصوره ۾ ڪيل کوٽائي مان مليل ڪن  ٺڪرين تي به لوهاڻڪي  يعني لاڙي خط جا ثبوت مليا آهن.

جڳ مشهور ماهر قديم آثار ڊاڪٽر داني پنهنجي ڪتاب Indian Paleography ۾ برصغير جي هندستان واري اڪثر حصن ۾ رسم الخط جي مختلف نمونن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾  حوالا  به ڏنا آهن پر ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي باري ۾ شايد ڪا معلومات ملي ڪانه سگهي، جيتوڻيڪ عرب سياحن سنڌي رسم الخط ۾ سنڌ ۾ مروج رسم الخط ڪتاب ۾ پرانتڪ يعني صوبائي لپين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن ۾ هندستان جي مشرقي، مغربي، اتر، اتر –اولهه، ڏکڻ وارن صوبن جي لپين جو ذڪرڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب صرف سنڌ جي ذڪر کان خالي آهي. ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ڪتاب XVIa Plate ۽ XVIb  تي ”ملوالي“ رسم الخط جا مثال ۽ حوالا ڏنا آهن، پر هي خط سنڌ ۾ ڳولڻ جي تڪليف ڪانه ورتي اٿن، جنهن جو ذڪر البيروني به ڪيو آهي.

منهنجي خيال ۾ جنهن رسم الخط کي سر گريئرسن ڪراچي ضلعي جو رسم الخط ٿو سڏي، سو اصل ۾ لاڙي يا لوهاڻڪو رسم الخط آهي.

هن کان اڳ هڪ ٺڪريءَ تي لکيل لاڙي يا لوهاڻڪي اکرن جي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ۽ باقي رهيل ٻن ٺڪرين تي لکيل اکرن جي پڙهڻيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻي هئم. هن ڪانفرنس (ڀنڀور سيمينار -١٩٨٣ع) لاءِ اهو مناسب سمجهيم ته ڀنڀور وارين انهن باقي ٻن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه عرض ڪريان. اڳ ۾ جاحظ جي حوالي سان بيان ڪيو اٿم ته سنڌ جا ماڻهو علم رياضي، علم نجوم ۽ حسابن ۾ ڪافي اڳتي هئا، جاحظ جي هن دعويٰ جو دليل ڀنڀور مان لڌل هڪ ٺڪريءَ تي لکيل اکرن مان ملي ٿو.

هن ٺڪريءَ جي اڀياس مان هڪ ته ان دورجي انگن  لکڻ جي خبر پوي ٿي. انگن جي لکيل صورت مان پتو پوي ٿو ته ان زماني ۾ به سنڌ ۾ علم رياضيءَ جو عام رواج هو. ماڻهن کي انگن ۽ انهن جي ڳاڻيٽن ۽ حساب ڪتاب رکڻ جي پوري ڄاڻ هئي. هو نه فقط انگن جي سڄي صورت مان واقف هئا ۽ ان جي لکڻ جو وٽن رواج هو پر ماپ ۽ تور ۾ وڌيڪ آسانيءَ لاءِ انگن جي ڀاڱن ۽ جزن جي به کين نه فقط زباني طور ڄاڻ ۽  خبر هئي پر ان جو لکت ۾ به اظهار ڪري سگهندا هئا، ڪنهن به قوم وٽ اهڙي ترقي يافته طريقي جو هجڻ ان قوم جي ذهانت جو ثبوت آهي، هن ٺڪريءَ (نمبر پهرين ص ١٥) جي  ٻي سٽ ۾ ”...........“ اکر دراصل سڄي لفظ جي ”لُنڊي“ ڇوٽي يا مخفف صورت آهي. هن سٽ ۾ مراد آهي ”ماپ“. سنڌ ۾ اڄ به واپاري وٽ ائين لکڻ جو رواج آهي. هن سِٽ ۾ ”...........“ اکر مان مراد آهي سواءِ هڪ پاءُ، سڄيءَ سٽ جي پڙهڻي ٿيندي ”ماپ سوا هڪ پاءُ“ هن مان هي ٿو اندازو لڳائي سگهجي ته دڪاندار پنهنجي وقت بچائڻ لاءِ ڪنهن شيءِ جون سوا هڪ پاءُ جون تور جيتريون پڙيون يا ويڙهيون اڳواٽ ئي ٻڌي تيار ڪري رکندا هئا ته جيئن دڪاندار ۽ خريداري جو وقت ضايع نه ٿئي.

علم رياضيءَ سان دلچسپي رکندڙ ماهرن لاءِ وڌيڪ دلچسپيءَ وارو نقطو هي آهي ته ڀنڀور جا ماڻهو ڪنهن به شيءَ جي ننڍن جزن مان به چڱيءَ طرح واقف هئا، ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته سڄو، اڌ، پاءُ ۽ مُنو وغيره جهڙا جزا، ان وقت به سنڌ ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندا هئا.

هن لفظ کان هيٺ، ٽينءَ سٽ ۾ لکيل آهي ”...........“ جنهن جي پڙهڻي آهي سوا ٻه، يعني ته ڀنڀور جا رهاڪو نه فقط انگ اکر لکي سگهندا هئا، پر جزن جي ڄاڻ کانسواءِ انهن جزن جي لکڻ جو به وٽن رواج هو. يعني هو وڏا حسابدان ۽ رياضيدان هئا، جنهن جو ذڪر جاحظ پڻ ڪيو آهي.

اهڙي نموني صفحي ١٥ تي شڪل نمبر ٣ ۾ ڏنل ٺڪريءَ تي جيڪي اکر لکيل آهن تن جي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ٺڪريءَ جي پڙهڻيءَ مان آئون اڃا مطمئن نه آهيان ۽ اها دعويٰ نٿو ڪريان ته جيڪا پڙهڻي مون مقرر ڪئي آهي اها آخري ۽ بلڪل درست آهي، پر ماهرن جي ڌيان ۽ سوچ فڪر لاءِ آئون پنهنجا رايا پيش ڪريان ٿو ۽ ٻين ماهرن کي پڻ دعوت ٿو ڏيان ته هو به هن ڏس ۾ ڪوشش ڪن، انهيءَ ٺڪريءَ تي پهرين سٽ ۾ جيڪي اکر لکيل آهن، اهي آهن:

ان جي پڙهڻي آهي (رمڊريها پٽ) ”پٽ“ مان مراد ته ريشم آهي، پر رمڊريها ڇا آهي، ان تي سوچڻو پوندو. ممڪن آهي ته ڪو ريشم جو قسم هجي.

ٻي سٽ هن ريت لکيل آهي:

ان جي پڙهڻي آهي ”ڍيرو هنڊرو“

ٽينءَ سٽ ۾ هي اکر لکيل آهي:

ان جي پڙهڻي آهي ”ننڍو“.

انهن ٺڪرين جي پڙهڻيءَ مان خبر پوي ٿي، ته ان وقت ڪهڙو ڪهڙو ڪپڙو يا سامان عام طور وڪامندو هو. ڪهڙين ڪهڙين شين جو واپار هلندو هو، ڪهڙا ڪهڙا رنگ استعمال ٿيندا هئا. هنن ٺڪرين جي اڀياس کانپوءِ سنڌ جي معاشي ۽ سماجي حالت ۽ ماڻهن جي نفسيات، سندن طبيعت جي لاڙن، تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ ڪافي ڪجهه چئي سگهجي ٿو(1).

(ڀنڀور نيشنل سيمينار ١٩٨٣ع ۾ پڙهيل)

(مهراڻ 3- 1983)


 

· (1) Khan f. A., Bhambhore, Karachi, deportment of Archeology Govemment of Pakistan, IV Edtion 1976, p.15.

(2) Khan. F.A, (Lbid).

· (1) Khan F.A, of. Cit: P.N 12.

· (1) Khan F.A. Bhambhore, Karachi, Deptt: of Archaeology, Govt of Pakistan,IV Edition, 1976, P.9.

·  (1) Khan F.A Op. Cit, P.17

· (1) Khan F.A. Op. cit, P.15.

·  (1) Khan F.A. Op. cit, P. 10.

· (١)جاحظ: ”رساله فخر السودان علي البيضان“، اردو ترجمو، ”هندوستان عربون کي نظرمين“ اعظم ڳڙهه، دارالمصنفين ١٩٢٠ع، ص ٧٢.

(٢) ابو الحسن مسعودي: ”مروج الذهب و معاون الجوهر“ اردو ترجمو، حوالو ڏنو ويو آهي، ص ٢٨٨. ٢٨٩.

(٣) بشاري مقدسي: ”احسن التقاسيم في معرفته“ ايضاً، ص ٣٨٥. ٣٨٦.

(٤) ابن نديم: الفهرست، ايضاً، جلد دوم، ١٩٦٢ع، ص ٣-٤.

(5) Edward C-Sachau, Alberuni’s India, kegan Pyal Trench Tribner London, 1910,P.173.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com