سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :1

جيجل جي ٻولي

انور فگار هڪڙو

 

سنڌي ٻولي-اُن جي بقا ۽ بچاءُ

علامه آءِ آءِ قاضي

هن کان اڳ مون برادران وطن جي آڏو،  هن نڪتي کي بار بار پئي دهرايو آهي ته هر ٻيءَ شيءَ وانگر، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو ۽ ان جي تباهي به فطرت جي قانون مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي  ضرورت آهي، ته پوءِ قرآن  حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهرجن ته: لِکُل امة اجل-اذا جاء اجهلم فلايستاخرون ساعته ولا يستقدمون“. (هر ڪنهن قوم لاءِ  هڪ مقرر وقت آهي- جڏهن سندن اهو وقت اچي ٿو، تڏهن نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون. نڪي  جلدي).

هر شيءَ جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي- يعني ته هن ڳالهه تي آهي،  ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتريقدر وڃي رهيو آهي، ڪنهن به شيءِ  ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي، ته اها زنده رهي نه ٿي سگهي- بس يا واڌارو آهي يا موت.

زبان جو مسئلو سماجي  شعورتي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي؛ فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي: انسان فطري طور ”سماجي“ آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو ”انسان“ بڻجي نٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم “خلق الانسان عملھ البيان“، اجتماعي زندگيءَ جي هيء فطري تقاضا آهي، ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلئه خيالات هڪ لازمي  ضرورت آهي، انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا ان کي ترقي وٺائي ٿي، ۽ ان کي  باقي رکي ٿي، جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي.

سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن، ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾  ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلا دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀئي اپائي ٿي، انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خود ڪفيل ڀاڱو ٿي رهي آهي.

تقريباً تيرنهن سئو سال اڳ سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن کي هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو، ۽ ان جو ڦل حاصل ڪيو. اهو  سڀ ڪجهه سنڌ اهڙي ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو  ٻيو صوبو پيش  ئي نٿو ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف ”لطيف“ ۽ سندس پيغام آهي، ته ٻئي طرف سنڌيء ٻوليءَ جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آهي ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي  پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا.

تقيريباً ڏيڍ سئو سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر خيال کان دنيا ۾ برک هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙي ايراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سئو سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان، سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهو  اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي، جو اوهان سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي  وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن به قوم يا ٻوليءَ جو اسرڻ محال آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين  اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي، ڀائرو!  سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده  رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو، حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اهي جي ٻه سئو ورهيه اڳ جيئرا هئا تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهان  پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ  ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ تخليقي قوتن ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بڻجي ويندا، تڏهن فطرت جي قانون مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي، ڪو به سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي“. ”فبعداللقوم الظالمين!“

شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو  ڏينهن نه ڏيکاري.آمين

(مهراڻ-2/1965ع)

 

 

سنڌ ۽ سنڌي زبان

مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم

سنڌي ٻولي، پنهنجي جهونائيءَ ۽ آڳاٽي هجڻ ڪري، پنهنجي مٿي هڪ اهڙي آمٽ ٻولي آهي، جنهن جي پاسي ۾ هندستان (۽ پاڪستان) جي ڪا به ٻولي بيهي نٿي سگهي. عربي مسلمانن جي ڪاهن کان اڳ سنڌي زبان جو ڪهڙو روپ هو، ۽ ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي، ان جي کوجنا ڪرڻ ۽ اپٽار ۾ وڃڻ ڪنهن ٻي  صحبت تي اڇلائي هت هي ڏيکارڻو آهي ته هاڻوڪي سنڌي جا ڳالهائي ٻولهائي وڃي ٿي، تنهن جي ڄمار به هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ آهي. پوءِ کڻي ان ۾ وقتن ۽ حالتن جي ايرڦير ڪري ڪجهه ڦيرو گهيرو آيو به هجي، عربن جي ڪاهن ۽ ان کان پوءِ غزنوي ۽ مغلن جي راڄن ۾ سنڌيءَ ڪي عربي ۽ فارسي  لفظ به جهٽي ورتا، مگر ان هوندي به سنڌيءَ جو خزانو پنهنجي جهونائيءَ قدامت جي ڪري، ڪو اهڙو کُٽل ڪو نه هو. جهڙو هاڻي اسان جا نوجوان سمجهي ويٺا آهن. هڪ نج ۽ پنهنجي مٿي پيرن تي بيٺل زبان کي ريخته بنائڻ جون رٿون رٿي رهيا آهن.

پاڪستان بنجڻ کان پوءِ هيءَ چرپر هلي رهي آهي ته ”سنڌي زبان“ کي بچايو وڃي. ان جو مقصد ڪڍيو وڃي ٿو ته پاڪستان مان جيڪي هندستاني حضرات، هت حڪمراني ۽ راڄ هلائڻ جي ارادي سان بران جمان ٿيا آهن، تن کي سنڌي ٻوليءَ جي نه ٻوجهه آهي، ۽ نه ان تائين پهچ ۽ پرجهه، جنهن ڪري لازمي طرح هن کي ٺڪرائيندا ۽ سنڌيءَ جي جاءِ تي اڙدو زبان کي، جا پنهنجي ديس مان نيڪالي کائي، چڪي آهي، تنهنجو بچاءُ ڳوليندا ۽ رک رکاءُ ڪندا رهندا(1)

ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ، ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن ۾ سڀ کان پهريائين، هنن ترڪي ٻوليءَ جي هڪ لغت جوڙائي، ان کان پوءِ  ڏٺائون ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آهن، ۽ انهن جي معنيٰ وارا  لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ جيڪي ساڳيا هم معنيٰ لفظ کين ملندا ويا،اهي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا. پر جڏهن کين اهڙا لفظ نه ملي سگهيا، تڏهن ساڳيا عربي، فارسي لفظ، ائين جو ائين قائم رکيائون. ان ريت ترڪي ٻوليءَ کي سوڌي صفا ڪري، هڪ علمي زبان بڻائي ورتائون.

رضا شاهه پهلويءَ جي راڄ ۾ فارسيءَ کي سوڌڻ جي مهم شروع ڪئي وئي، ته عربي يا ترڪي لفظن کي سوڌڻ تي مجبور ٿيا. هن وقت، هنديءَ جي سوڌ به ساڳيءَ صورت ۾ هندوستان وارا ڪري رهيا آهن.

سنڌي زبان جي سوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي ته ان ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايڏو وڏو واڌارو به ٿيندو، جهڙو ٻين جاندار قومن جون زندهه زبانون ڪري رهيون آهن.

·اسان جي سنڌي مسلمانن گذريل پنجاهه ورهين ۾ جيڪا پنهنجي مادريءَ ٻوليءَ جي خدمت يا چاڪري ڪئي آهي، اها به سامهون رکو. وري اسان جي هندو وطني ڀائرن جيڪو سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، سو به سامهون رکو! ته ٻنهين ڌرين ۾ ايڏو وڇوٽو نظر ايندو، جيڏو مسلمانن ۽ هندن جي شاهوڪاريءَ ۽ شهري زندگيءَ ۾ هوندو هو. پروفيسر ڀپرومل مهر چند، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، ۽ مسٽر ڄيٺمل پرسرام جا ڪتاب ڏسو، سندن سنڌي ڏسو، سنڌي هندن جي شاعري ڏسو! اوهان سنڌي ساهتيه يا ادب جي لحاظ سان ڏسو! ته اوهان کي اچرج لڳندو ته هي ماڻهو، سنڌيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيڏو نه قدم کڻي رهيا آهن.

اسان جي سنڌي بزرگ مرزا قليچ بيگ، يا سنڌ جي اديب ۽ عالم مير عبدالحسين، ”سانگيءَ“ ۽ شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻين جي تصنيفن جي ڇپائڻ جي خدمت به هندن ادا ڪئي. گويا سنڌ ۾ ”سنڌيءَ ٻوليءَ“ جي واڌاري واري ڪم جو وڏو ڀاڱو هندن جي هٿان ادا ٿي چڪو آهي، مسلمان، به ڪجهه ڪندا رهيا آهن، مگر اهو ڄڻ ڪنهن ليکي ۾ آڻي ئي نٿو  سگهجي.

هندن ۾ ڪي اهڙا به تعصبي هئا، جن سنڌيءَ جي گردن تي سنسڪرت جي اڻوڻندڙ اکرن جون ڀريون رکي، ساڳيءَ ريت گلو گهٽڻ گهريو ٿي، جهڙيءَ ريت اسان جا مسلمان نوجوان، عربيءَ جي اڙانگن اکرن جي مٿس مارا ماري ڪري رهيا هئا. مگر هندن پاران اهو دور ٿورو وقت هليو. ڪن خاص اصلاحي هندي الفاظن کان سواءِ، هو صاف سنڌي لکڻ لڳا. خاص طرح سرڪار پاران سنڌي زبان جي نگرانيءَ لاءِ جيڪو ”بورڊ، موجوده سنڌي ادبي بورڊ) برپا ڪيو ويو، تنهن ۾ جيترن به هندو  مصنفن جا ڪتاب اچڻ لڳا، سي هندي اکرن،  جي اکاڙي کان آجا ٿي آيا  ٿي.

”سنڌيءَ کي بچايو“، اهو فقط نعرو ئي نعرو رهجي ويندو، جيستائين، سنڌي مسلمانن  پاران عملي رنگ ۾ ڪنهن ڏاڍي وڏي ڪارج ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي نه ويندي. هن  ڪم لاءِ وڏن جاکوڙن ۽ جهد جي گهرج آهي، جيڪڏهن بنگالي مسلمان، پنهنجي بنگالي ٻوليءَ کي نٿو ڇڏي، بلڪه ان جي بچاءَ لاءِ سينٽرل حڪومت سان به جڌ، جوٽيون بيٺو آهي(1) . جيڪڏهن پنجابي مسلمان پنهنجي ان ٻوليءَ کي جيئرو رکڻ گهري ٿو، جا لکپڙهه ۾ ئي ڪا نه ٿي اچي ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي، ته سنڌ جو مسلمان، پنهنجي جهونيءَ ٻوليءَ جي ”ٻيڙي“ تارڻ لاءِ ٻانهون کنجي نه بيهي!

سنڌ جو هندو جو ورهان ورهيه هزارن جي انداز ۾ ڪتاب ڇپائي، سنڌيءَ ۾ واڌارو ڪندو هو. ان سان سرڪار به ٻانهن ٻيلي ڪا نه ڪئي، پر هن قوم جو پنهنجي ٻوليءَ سان پريم هو ۽ پيار هو، جنهن ڪري ڪو رسالو يا ڪتاب يا ناول نڪرندو مس هو ته هٿون هٿ کڄي ويندو هو.

جيڪڏهن اسان جا ”ڳڀرو مسلمان“ نوڪرين تان آسرو لاهي، هندو نوجوانن وانگي هن علمي ڪم کي لڳي وڃن ته سنڌ کان ٻاهريان تيرهن لک سنڌي هندو به سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ  تيار ٿي ويندا. سنڌ جو هندو سنڌ کان ٻاهر آهي، پر وري به هو اُتي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت کي لڳو پيو آهي، هو اڄ به سنڌ کي ياد ڪري چئي رهيو آهي ته ”سنڌي جي ساڻيهه، کهه کٿوري

· (ڀانئيان، شاهه) سنڌ ساڻيهه جي مِٽيءَ چَپٽيءَ کي به ڀٽائي گهوٽ، کٿوريءَ (مشڪ) کان به  مٿي سمجهي رهيو آهي، سنڌي مسلمانن، لاءِ شاهه جي هن شعر ۾ ڪو سبق ڪو نه آهي ڇا! (1)

سنڌي مسلمان پنهنجي وطن، سان گذريل سالن ۾ جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي، تنهن جو ڏنڊ ڀوڳي رهيو آهي. سنڌي، ويچارو هڪ حيرت واري باند ۾ باندي آهي. هاڻي جڏهن ڪا چٽي، ڀريندو تڏهن هن لوڙائو، مان لنگهي پار پوندو.!(2)

سنڌي مسلمان کي هن وقت شاهه ڀٽائيءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻائي ڪم ڪرڻو آهي جنهن کان پوءِ هو وڃي ڪنهن ڏَني ڪَني لڳندو.

شاهه جو ارشاد آهي:

الله ايِئَن، مَ هوءِ، جِيئنَ آءٌ مَران، بَندِ ۾،

جُسو زَنجيِرَن ۾ راتو ڏِينهان روءِ،

پَيرينءَ وَڃان لَوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِم، ڏِينهَڙا!

-

واجهائي وَطَن کي، ساري ساههُ ڏِيان،

هي سِرُ ساڻيهه سامُهُون، مُنهنجو نِج مِيان،

مُقامِياڻي مارُوئين، وَڃِي ٿَر ٿِيان،

مُيائِي جيِان، جي وڃي مَڙُهه مَلير ۾.·

 (مهراڻ 4– 1964ع)

 

 

· (1) مرحوم مولانا وفائيءَ جي پيشنگوئي حرف به حرف پوري ٿي. مگر وري به الله ڀلو ڪري، انهن  باشعور اديبن ۽ عالمن جو، جن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ سنڌي زبان کي ڪنهن حد تائين، تعليمي حق دو باره مليا آهن. (گرامي)

· (1) بنگالين، پنهنجي بنگله کي سرڪاري زبان مڃارائي، اڙدوءَ جهڙا مساوي حق حاصل ڪيا آهن.

· (1)  ان طرح هندوستان جي سنڌي هندن،وڏي جدوجهد، احتجاج، ڪيسن ۽ جهڳڙن کان پوءِ وڃي هنڌي زبان کي هندوستاني ٻولين جي زندهه ٻولين ۾ مڃارايو آهي.اڄ اتي سنڌي زبان جا رسالا آهن. هزارين ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ”نصاب“ ۾ داخل آهن. گرامي

(2) مولانا وفائي مرحوم جي هيءَ معنيٰ خيز پيشنگوئي به پوري ٿي سنڌي مسلمان پنهنجي وطن سان جيڪو برو برتاءُ ڪيو آهي. تنهن جو نه فقط ڏنڊ پيو ڏئي پر ڍڳي جي ملهه کان ”ڀُنگ“ جي رقم وڃي ٿي واڌ کائيندي! ”اُٺ“ ته تَري، پر جي پُڇ تري“ وارو قصو آهي ۽ اڄڪلهه بقول مولانا وفائيءَ مرحوم جي:

”سنڌي ويچارو هڪ حيرت، واري باند ۾ باندي آهي“

ڀلا ان مان جند ڇٽڻ جو ڪو  چارو؟ مولانا ٿو فرمائي:

”هاڻي جڏهن ڪا ”چٽي “ ڀريندو تڏهن لوڙائو مان لنگهي پار پوندو آهي.

مولانا جي اها پيشنگوئي به سورهن آنا صحيح نڪتي، فرق اهو ته، چَٽيءَ ڀرڻ ۾ ته اگر نگر ڏئڻ ۾ ڪنهن به گهٽايو ڪونه آهي،پر مورڳو سَڳُ ٿو وڃينِ! هت ته کٿو به ويو ته آڻاڻي به وئي! وارو حساب پيو هلي، الله شال رحم ڪري.

هي جرم ضعيفي کي سزا مرگ مفاجات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com