سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :24

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظي ترتيب جو مسئلو

محمد عمر چنڊ

نوٽ: ”مهراڻ“ ١٩٧٩ع جي ٻئي شماري ۾  ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اُبتي ٻوليءَ جي دعويٰ جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو، جنهن ۾ ڪن ڪهاڻيڪارن جي اهڙن جملن جي سٽاءُ تي اعتراض ڪيو ويو جيڪي فاعل + مفعول + فعل، واري نحوي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري لکيا ٿا وڃن ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ جي مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي پابنديءَ جي ضرورت تي بحث ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته، ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“   جهڙا جملا غير فطري ۽ غلط آهن، . (1) اهڙن جملن کي ڪهاڻيڪارن جي ”ٻوليءَ جي سائنس جي علم کان واقف نه هئڻ ۽ سندن سنڌي زبان جي جملن جي سٽاءُ ۽ نحو جي قانون کان اڻڄاڻ هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت“ (2) چيو ويو. فاضل مصنف جو خيال هو ته اهڙي ”اُبتي ٻولي“ لکڻ مان لکندڙن جي مراد ”شايد جملن ۾ لفظن کي بنا ڪنهن اصول جي، سواءِ ڪنهن معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي، ڦيرائي ڪڏهن جملي جي منڍ ۾، ڪڏهن وچ ۾ ته ڪڏهن جملي جي آخر ۾ رکڻ آهي.“ (3)

        انهيءَ مضمون پڙهڻ سان ائين معلوم ٿيو ته ڪن ڪهاڻيڪارن پنهنجن افسانن ۾ ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا لکيا. پڙهندڙن ڏٺو ته هنن جملن ۾ فاعل ته پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ڪونه. انهيءَ وچ ۾ الائي ڪهڙي خيال سان هندوستان جي گني سامتاڻيءَ اهڙيءَ ٻوليءَ کي ”ابتي ٻولي“ ڪوٺيو. (4) معلوم ٿو ٿئي ته پوءِ انهيءَ معاملي تي گهڻن سطحن تي بحث شروع ٿي ويو ته انهيءَ کي ”ابتي ٻولي“ چئجي يا نه، انهيءَ کي ”نئون تجربو“ چئجي يا نه، انهيءَ کي صحيح ٻولي ۽ فطري ٻولي، ڪري مڃجي يا نه؟ لائق ليکڪ خود انهيءَ خيال جو ٿو ڏسجي ته اهڙيءَ ٻولي کي نڪي اُبتو سمجهڻ گهرجي، نڪي نئون تجربو؛ انهيءَ ڪري جو اهڙي ٻولي ته ”سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ پيئي هلي، پوءِ اها نئين ايجاد ڪيئن ٿي.“ (5) ائين سمجهڻ ۽ چوڻ جي باوجود انهيءَ مقالي ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهڙا جملا غلط ۽ غير فطري آهن.

        زير نظر  مضمون ۾ اول ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ۽ گرامر جي ڄاڻن جو جيڪو اختلاف هلندو اچي، ان جو مختصر جائزو ورتو ويندو؛ ان کان پوءِ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ جي مختلف لهجن هئڻ ۽ انهن جي مختلف گرامري (نحوي ۽ صرفي) تقاضائن جي فرق کي واضح ڪري جهيلار ۽ لفظي ترتيب جي معيارن تي انگريزي، (اردو) فارسي ۽ سنڌي ٻولين کي به کنيو ويندو، جنهن مان پڌرو ٿيندو ته نه رڳو هڪ ئي لفظي ترتيب ۾ جهيلار جو مرڪز جملي ۾ جاءِ مٽائي سگهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن جهيلار جو مرڪز (Focus of intonation) ۽ جملي جو  موضوع (Theme) هڪُ ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري دنيا جي مڙني ٻولين ويندي انگريزي زبان ۾ به ضرورت جي لحاظ کان ”فاعل- فعل- مفعول“ يا ”فاعل- مفعول- فعل“ جي ”لفظي ترتيب“ کان گريز ٿي سگهي ٿو ؛ حالانڪه اها ٻولي لفظي ترتيب جي گهڻو پابند آهي ۽ اهو ته سنڌي ٻوليءَ جي تصريفي (Inflectional) ٻولي هئڻ ڪري ان کي لفظي ترتيب جي پابنديءَ جو اُهو لاچار ڪونهي، جيڪو انگريزيءَ کي آهي ۽ هنن ٻنهي معيارن جي مناسبت سان اهو ثابت ڪيو ويندو ته نه رڳو سنڌيءَ ۾ ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“  جهڙا جملا صحيح ۽ فطري جملا آهن، پر خود انگريزيءَ ۾ به اهڙا جملا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ ايندا، جن کي گرامر جا ڄاڻو صحيح ٿا مڃين ته: (6)

1. Leave him I couldn’t

2. His face I’m not fond of…

3. John his name is.

*      *      *

ٻوليءَ جي صحت جو مسئلو ۽ ا ۾ گرامر جي ڄاڻوءَ جي ذميداري

        ٻوليءَ جي  لفظي ۽ نحوي صورتن ۽ انهن جي صحت متعلق گهڻي وقت کان ٻه رويا هلندا اچن. هڪڙو رويو آهي مَسهُنِ (نه سهندڙن)  جو، جنهن کي فريز ”رسمي نقطئه نظر“ (7) ڪري سڏيو آهي. هيءُ نظريو ٻوليءَ جي ڪتابن، نحو ۽ صرف جي ڪتابن، تعليمي امتحانن ۽ ماپن جي ڪتابن اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽوريلن ۾ وقت ۽ ”بي“ وقت ظاهر ٿيندو رهيو آهي. هن نظريي مطابق ٻوليءَ جي صحت جو نه رڳو هڪ حتمي معيار ٿئي ٿو، جيئن رياضي ۽ حسابن جو هوندو آهي، پر ان جا ڪي اڻٽر، پڪا ۽ پختا قاعدا ۽ قانون ٿين ٿا. (جن جي سُڌ رڳو گرامر جي ڄاڻن ۽ لسانيات جي ماهرن کي هوندي آهي!) جن کي ٽوڙڻ ڪنهن به قيمت تي روا ناهي. ان جي ابتڙ ٻيو نظريو آهي ”علمي نقطئه نظر“ وارو (8). هيءَ نظريو ٻوليءَ جي علم جي ڄاڻن جي گهڻن ڪتابن ۾ ايندو رهيو آهي ۽ هر زماني ۾ هر هنڌ هر ٻوليءَ ڳالهائڻ وارن جي گهڻائي هن نظريي جي پوئلڳن جي هوندي آهي. هنن جو خيال آهي ته لکيل گرامر اول مُئل ٻولين بابت لکيا  ويا ۽ ڳالهايل ٻوليءَ بدران لکيل ٻوليءَ جو اڀياس ڪن ٿا. هنن جو خيال آهي ته جيڪا ٻولي عوام ۾ مروج ۽ مستعمل آهي اُهائي صحيح ٻولي آهي. ان ۾ جيڪي ڦيرا فرق يا تنوع ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن کي غلطيو نه پر فرق، اختلاف يا آراڌايون (variations) چئبو . ۽ سندن نقطئه نظر جي لحاظ کان گرامر جي ڄاڻوءَ جو اهو ڪم ناهي ته رستي ويندي ڳالهائيندڙن جي ڄڀ پڪڙيندو وتي، پر سندن ڪم آهي ته مستعمل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري، ان مطابق گرامر جو نظريو ٺاهي، جيڪڏهن ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ گرامر ۾ ڪو اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اُهو ڳالهائيندڙ جي گهٽتائي يا غلطي ظآهر نٿو ڪري، پر گرامر جي گهٽتائي (inadequacy) ظاهر ٿو ڪري. اُن ڪري جو ٻوليءَ جو جيڪو به نظريو ٺاهبو  ان لاءِ ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي تخليقي عمل کي سمجهي ؛ جيئن نوم چامسڪي ٿو چوي:

“This property of being innovative and stimulus- free is what  I refer to by the term “creative aspect of language use….” Any theory of Language must come to grips with this fundamental property of language use….”(9)

يورپ ۾ سترهين صديءَ ۾ شروع ڪيل هن لسانياتي نظريي کي ه زماني ۾ ٻيهر جيئرو ڪندي نوم چامسڪي چوي ٿو ته:

”ٻوليءَ جو سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته اُها محرڪ کان آزاد (Stimulus- free) آهي ۽ ان ۾ نواڻ واري تخليقي قوت (Creative capacity) آهي، يعني اسان اهڙا جملا لکندا ۽ ڳالهائيندا آهيون  جي اڳ ڪڏهن به نه لکياسون نه پڙهياسون نه ٻڌاسون. مثلاً هزارين ڪتاب عشق ۽ محبت جي ڳالهين تي لکيل آهن، پر ڪڏهن به ائين ڪو نه ڏسبو ته اهي ساڳيا جملا جيڪي نٿوءَ لکيا سو خيرو به لکي، يا انهن جي بناوٽ ۽ مضمون ساڳيو هجي. انهيءَ کي چامسڪي ”ٻوليءَ جو تخليقي  پهلو“ ٿو ڪوٺي. ۽ چوي ٿو ته ٻوليءَ جو جيڪو به نظريو هاڻي ٺهندو ان لاءِ اهو ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي ان پهلوءَ کي نظر ۾ رکي. ان لاءِ پهريون لازمي قدم اهو ٿيندو ته لسانيات جو ماهر ڳالهه سمجهي ته هڪ ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ هڪ تخليقي گرامر (Generative grammar) پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي ٿو- قاعدن جو هڪ اهڙو نظام جنهن کي نَوَن جملن ٺاهڻ لاءِ نَون، اڻ ٻڌل، اڻ سُئل ۽ اڻ- ڪيل ترڪيبن ۽ ميلاپن ۾ استعمال ڪيو ويندو ۽ ٻڌڻ وارو جڏهن اهڙا نوان جملا ٻڌندو ته انهن کي معنوي لباس ڍڪائڻ جي صلاحيت رکندو.

“A necessary but not sufficient step to wards dealing with this problem is  to recognize that the native speaker of a language has internalized a “generative grammar” – a system of rules that can be used in new and untried combinations  to form new sentences and to assign semantic interpretations to new sentences.” (10)

جيڪي ڳالهيون انهيءَ گرامر جي طريقي سان اسين واضح نه ڪري سگهياسون ته ڳالهائيندڙ تي ڏوهه ڏيڻ بدران سمجهنداسين ته اڃا ڪي ڳالهيون آهن، جيڪي اسان جي ڄاڻ ۽ علم کان ٻاهر آهن. هڪ عالم جي ڪوشش اِها رهندي ته انهن ڳالهين کي ڳولهي هٿ ڪري، جن جي کيس اڃا ڄاڻ ڪانهي.

“The limitation of generative grammar are the limitations of our knowledge.”(11)

جنريٽو- ٽرنسفرميشنل گرامر جو هيءُ نظريو تقريباً ٽيهن سالن کان لسانيات جي سڀني شعبن تي اثرانداز آهي ۽ جيئن اڄڪلهه طبعيات جي ڳالهه آئنسٽائن جي نالي وٺڻ کان سواءِ اڻپوري رهندي، تيئن هن زماني ۾ لسانيات جي ڳالهه ’نوم چامسڪي‘ جي نالي وٺڻ کان سواءِ ڪا نه ٿيندي. هن نَوَن نظرين جي اثر هيٺ ويندي انگلستان جا انگريز به، جيڪي پراڻين ڳالهين کي چهٽلن مان مشهور آهن، انهيءَ خيال جا ٿي بيٺا آهن ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻوليءَ جا اصل ڳالهائيندڙ آهن، انهن جي ٻوليءَ ۾ ”غلط ۽ صحيح، جهڙي ڪا شيءَ ڪا نه هوندي آهي. (12) وِلڪنز ته چوي ٿو ته ”جنهن گرامر ۾ لسانيات جي ماهر کي دلچسپي رکڻ کپي اهو ڳالهايل ٻوليءَ جو گرامر هئڻ کپي ۽ نه لکيل ٻوليءَ جو. “ هو شڪايت ڪري ٿو ته ”گهڻا ماڻهو ڳالهايل ٻوليءَ کي ماڳهين اڻ- گرامري ٻولي سمجهندا آهن.“ (13)

        اهڙا ماڻهو جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي غير گرامري ٻولي (غلط ۽ غير فطري) سمجهن ٿا سي اڄڪلهه گهڻو ڪري لسانيات جي علم کان ٻاهر جا ماڻهو آهن، پر اڳئين زماني ۾ خود گرامر لکڻ وارا ماڻهو اهڙا خيال رکندا هئا، ۽ اڄ ڳالهايل ٻوليءَ جي خلاف هيءُ جيڪو زهر پکڙيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي سو اهڙن اڳين عالمن جو پکڙيل آهي.

چارلز ڪارپينٽر فريز (Charles Carpenter fries) اهڙن رسمي نقطئه نظر رکڻ وارن عالمن جون ڪي تمام دلچسپ ڳالهيون پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. ”ڊيٽرئائٽ فري پريس“ اخبار جي ١٩٢٨ع جي هڪ ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو اٿس، جو هڪ پروفيسر جي انهيءَ ”ڇڙواڳيءَ“ واري تجويز جي خلاف لکيو ويو ته aren’t جو  مخفف ain’t جيڪو سڀني ڳالهائيندڙن ان وقت ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪيو ٿي، تنهن کي غلط نه چئجي. اخبار لکيو:

”......... هن ملڪ (آمريڪا) ۾ گهڻي مقدار ۾ ردي انگريزي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ان جو علاج گرامر جي قاعدن تي نظرثاني ڪرڻ ۾ نه، پر انهن قاعدن کي وڌيڪ سخت هوشياريءَ سا اسڪولن ۾ نافذ ڪرڻ ۾ آهي........ گرامر جي قانونن ۽ رسمي استعمال خلاف (انهيءَ پروفيسر وارو) هيءُ اعتراض هن زماني ۾ چؤڏس پکڙيل لاقانونيت جي انهيءَ نامراد لاڙي جو هڪرو ٻيو اظهار آهي........ شاگردن کي سيکاريو وڃي ته صحيح ڳالهائڻ شائستگيءَ جو ثبوت آهي ۽ اهو صحيح ڳالهائي سگهڻ لاءِ کين انهن قاعدن قانونن تي دسترس هئڻ کپي، جيڪي ٻوليءَ جي استعمال سان لاڳو آهن.......“ (14)

ڊبليو. ڊبليو. جارٽرز ١٩٢٤ع  ۾ لکيو:

”گرامر ڪن قاعدن ۽ وصفن جي سلسلي سان واسطو رکي ٿو..... جيئن ته ........سڀني شاگردن ۽ استادن مان پنجانوي سيڪڙو اگهڙن گهرن ۽ محلن مان اچن ٿا جتي غير صحيح (غلط) انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. (ان ڪري) منجهانئن گهٽ وڌ هر هڪ جي مٿان اِها مشڪل ذميدواري اچي ٿي ته هو انهن خراب عادتن کي پنهنجي وس ۾ آڻي بدلائين جيڪي هنن پنهنجي زندگيءَ جي اوائل واري زماني ۾ اسڪول ۾ اچي ٻولي ۽ گرامر سکڻ کان اڳ، پرايون هيون. (15).

هڪ پنگتيءَ جا پنجانوي سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سان چئجي ردي، پنج سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سا ئي شانائتي  (Prestigious). ٻولي ۽ اهو ٿيو انصاف! اهڙي سوچ وارا ماڻهو اڳي به هئا، هينئر به آهن، پر انهيءَ رسمي نقطه نظر کانسواءِ علمي نقطه نظر اڳين ڏينهن ۾ به هو. گهڻائي ساڃاهه وارا ماڻهو هن نقطه نظر سان متفق هئا (پنجانوي سيڪڙو؟) جن جو خيال هو ته گرامر جي ڄاڻوءَ جو ڪم اهو آهي ته پنهنجي پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري ۽ ان جي تشريح  ۽ توصيف (describe) ڪري؛ سندس ڪم اِهو نه هو ته ڏنڊو کڻي ايندي ويندي تي صحيح ٻولي ڳالهائڻ جا قاعدا ۽ قانون لاڳو (prescribe) ڪندو وتي.

اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ هينري سويٽ هڪ گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ گرامر جي ڪارج ۽ صحيح ٻوليءَ بابت لکيائين:

”جن اصطلاحن (ڪلمن) کي اڻ-گرامري ٿا چون، تن جي اطلاح لاءِ گرامر کي استعمال ڪرڻ بابت سوچيندي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته گرامر جي قاعدن جي، ڪن حقيقتن جي بيان (description) کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانهي. هڪ ٻوليءَ جي عام استعمال ۾ جيڪو (فقرو يا ترڪيب) مروج آهي سو بلڪل انهيءَ ئي سبب جي ڪري، گرامر جي نقطه نظر کان صحيح چئبو (جو اُهو زبان ۾ مروج آهي).“ (16)

اُٽوييسپرسين 1909ع ۾ پنهنجو گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته:

ٻوليءَ جي فرقن ۽ ڦيرين گهيرين، اختلافن يا آراڌاين کي غلط چوڻ بدران هو ان عمل کي هڪ جيئري ٻوليءَ جي ترقي پذير هئڻ جو ثبوت ٿو سمجهي ته گرامر کي سخت تعصبي قانونن جو مرصع ڏيکارڻ بدران (جن جي ڪري ڪن ڳالهين کي صحيح چئجي ڪن کي بلڪل غلط) هو ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته ٻولي لڳاتار لاهين چاڙهين ۽ ڦيرين گهيرين هيٺ وڌي ويجهي رهي آهي ۽ ڏيکارڻ چاهي ٿو ته ڪيئن گرامر ماضيءَ تي بنياد رکي آئيندي جي لاءِ واٽ سنئين ٿو ڪري، گرامر هڪ اهڙي شيءِ آهي جا سدائين هڪ جهڙي، اڻ بدلجندڙ ۽ ڪامل ناهي، پر ترقي پذير ۽ تڪميل پذير آهي. هڪ لفظ ۾ کڻي چئجي ته انسانيت پسند (ماڻهپي وارو) آهي.“ (17)

1925ع ۾ گراٽن ۽ گري ”اسان جي (جيئري) ٻولي“ جهڙي نالي وارو هڪ ڪتاب لنڊن مان ڇپرايو، جنهن ۾ هنن هڪ پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ کي گرامر جو هڪ حصو سمجهي، گرامر کي ان جي توضيح لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪندي لکيو:

”ڪنهن ٻوليءَ جو گرامر انهن قاعدن جي پٽي يا فهرست ڪانهي جيڪي علمي ماهرن وٽان ڳالهائيندڙن مٿان مڙهيا ويا هجن؛ پر (گرامر) ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻوليءَ جي  اصل نوادرات جو هڪ علمي دستاويز آهي، جيڪڏهن هڪ پنگتيءَ ڪنهن ٻوليءَ جون ڪي مختلف صورتون عادتاً استعمال ڪري ٿي ته اُهي صورتون ان پنگتيءَ جي ٻوليءَ جي گرامر جو هڪ حصو آهن.“ (18)

انهيءَ ساڳئيءَ زماني ۾ آڪسفرڊ مان ايڇ.، سي وائلڊ جي ڪتاب ”انگريزي گرامر“ ۾ ابتدائي سبق، جهڙي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ مصنف چوي ٿو:

”گرامر جو ڪتاب اها ڪوشش نٿو ڪري ته ماڻهن کي سيکاري ته کين ڪيئن ڳالهائڻ کپي. پر ان جي ابتڙ-سواءِ انهيءَ جي جو اها ڪا بنهه ردي يا ڪا تمام پراڻي تصنيف هجي- فقط ايترو ٻڌائي ٿو ته ان تصنيف لکڻ وقت اتي جا ماڻهو ڪا ٻولي واقعتاً ڪيئن ٿا ڳالهائين.“

“A Grammar book does not attempt to teach people how they ought to speak, but on the contrary, unless it is a very bad or a very old work, it merely states how, as a matter of fact, certain people do speak at the time at which it is written.” (19).

لکيل ٻولي ۽ ڳالهايل ٻوليءَ جي لهجن جا الڳ گرامر

پنهنجي دل جي ڳالهه ٻئي تائين پهچائڻ ۾ لکيل ٻوليءَ کي ڪي مشڪلاتون آڏو اچن ٿيون، جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي آڏو ڪونهن ۽ ان جي ابتڙ لکيل ٻوليءَ کي وري ڪي سهوليتون به حاصل آهن، جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي ميسر ڪونهن. لکيل ٻوليءَ جو جملو جيڪڏهن وڏو يا ڏکيو هوندو ته ورائي ڏسي سگهبو، ڳالهايل ٻول سمجهه ۾ آيو ته وه واهه، ويو ته ڇُٽو، لکيل ٻوليءَ جو حوالو اصل لفظن ۾ ڏئي سگهبو، ڳالهايل ٻوليءَ تي ڪنهن کي جهلڻ ڏکيو ٿيندو. سائنس ۽ قانون جا منجهائيندڙ جملا رڳو لکي سگهبا يا پڙهي سگهبا، ڳالهائي گهٽ سگهبا. لکيل ٻوليءَ کي وري بيهڪ جون نشانيون آهن، پئراگرافن ۽ بابن ۾ ورهايل حصا آهن، جيڪي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا، تجزئي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا. ٻئي پاسي  ڏسجي ٿو ته ڳالهايل ٻوليءَ کي جهيلار آهي، ٽون آهي، آواز جي لاهي چاڙهي آهي، لفظن تي سندن اهميت ۽ ڪارج آهر زور آهي، ڳالهائڻ وقت منهن جا تاثرات آهن، هٿن پيرن، نڪ، اک، بلڪه سڄي بت جي ڀائيواري آهي. معنيٰ ادا ڪرڻ ۾، اک جو رابطو آهي، جنهن سان اڳلي جي تاثرات جي خبر پئي پوي. ان سارو ڳالهائيندڙ پنهنجو آواز گهٽائي ۽ وڌائي ٿو، لفظ  ۽ جملا ورجائي ٿو، ضرورت وقت ڳالهه سڄي ورجائي ڪري ٿو، جيستائين پڪ ٿئيس ته اڳلو ڳالهه سمجهي ويو آهي، هاڻي اِهي سڀئي ڳالهيون لکت ۾ ڪٿان اينديون؟ لکت ۾ ته اها به خبر ڪانه پوندي ته مون اهو جملو چوندي ڪهڙي لفظ کي جملي جي اطلاع جو مرڪز بنايو، جيڪو جملو هونئن آءُ ڪنهن دوست کي اک ڀڃي، ڀوڳ ڪري چوان ها، انهيءَ جي هاڻي لکت مان ڪيئن خبر پئي ته مون ڀوڳئون چئي يا ساڀيئون.

انهيءَ بي سرو سامانيءَ يا اپاهجپڻي جي ڪري، اسان کي لکت ۾ فطري ٻوليءَ کي ڇڏي غير فطري (20) انداز ۾، جملن جي ساخت اهڙي نموني ڪرڻي ٿي پوي ته وقت  ۽ فاصلي جي دوريءَ جي باوجود پڙهندڙ کي اسان جي ٻولي سمجهه ۾ اچي وڃي ۽ ڪنهن مونجهاري جي گنجائش نه رهي.

انهيءَ لحاظ کان لکيل ٻوليءَ جو گرامر الڳ ٿيندو ۽ ڳالهايل ٻوليءَ سان آهي، ان ڪري گرامر يا گرامر جا ٽڪرا جيڪي هو ٺاهيندو سي ڳالهايل ٻوليءَ جا گرامر هئڻ کپن ۽ نه لکيل ٻوليءَ جا گرامر، گهڻا ماڻهو اهڙي فرق يا تنوع (variable) کي ماڳهين گرامر مڃڻ لاءِ ئي تيار نه هوندا. درحقيقت هو اڪثر ڳالهايل ٻوليءَ لاءِ گريميٽيڪل، (گرامر جي لحاظ کان صحيح) جو لفظ استعمال ئي نه ڪندا آهن؛ پر اهڙي ٻوليءَ کي لازمي طرح اڻ -گرامري (Ungrammatical) چوندا آهن.“ (21)

ٻي ڳالهه ته جيئن هڪ ٻوليءَ جون جاگرافيائي آراڌايون آهن (22). تيئن ڪي آراڌايون سماجي نقطه نظر سان، ڪي ڌنڌن ڪرتن جي حساب سان، ڪي وري گفتگو جي انداز يا طرز جي لحاظ کان ٿين ٿيون. سماجي آراڌين جو تعين ڳالهائيندڙن جي زندگيءَ جي معيار، علمي لياقت، عمر، جنس  انهن مانڪهڙو ڳالهائيندڙ ۽ ڪهڙو مخاطب آهي. ان لحاظ کان ٿينديون. هنن سماجي (سوشل ڊاياليڪٽس يا سوشيوليڪٽس) (23) کانسواءِ، ڌنڌي، ڌاڙي ڪرت، پروفيشن جي لحاظ کان الڳ الڳ آراڌايون ٿينديون، جن کي ريجسٽرز (24) چئبو. هاڻي ڪو  اُوچي درجي وارو ماڻهو، ڪو نيچي درجي وارو ماڻهو، ڪو لکيل پڙهيل، ڪو ڄٽ ڄاموٽ، ڪو پوڙهو پڪو، بردبار، ماٺيڻو ساڃهه وارو، ڪو وات ڳاڙهو واڇ-گودو اڻاسو، بي-پتو، جهڙا ماڻهو تهڙا ٻول. اِهي سڀ ماڻهو روزمره جي گفتار ۾ ”فاعل-مفعول-فعل“ جو تُراڙو ذهن ۾ رکي ڳالهائيندا؟

ٻول جي رنگارنگي تنوع (variations) جي فهرستن ۾ هڪڙي فهرست ايندي طرزن (styles) جي، جنهن مان خبر پوندي ته ڳالهائيندڙ ڪهڙي موقعي تي ڪهڙن ماڻهن سان ڪيئن ٿو ڳالهائي، هڪڙو ماڻهو جو باٽني، بايالاجي يا قانون جو ڪو ڪتاب پيو لکي، جنهن ۾ جذبات خواهشات، محبت نفرت، خوف خوشيءَ جهڙو ڪو جذبو ڪونهي؛ ٺوس ڳالهايون آهن، غير جذباتي سرد منجمد، الفاظ آهن. اهو ساڳيو ماڻهو وري ڪلاس ۾ ليڪچر پيو ڏئي، ماڻهن جي آڏو انسان جي حيثيت سان هڪ فاصلي تان، ڪنهن کي ويجهو نه اچي، نه پاڻ هيٺ ٿئي، نه ڪنهن ٻئي کي هيٺ ڪري؛ مودبانه يا تڪليف واري (فارمل انداز ۾ ڳالهه ڪري وڃي ڪلاس مان ٻاهرنڪتو، اهو ساڳيو ماڻهو وري دڪان تي، رستي تي، گهر ۾ فطري انداز ۾ پيو ڳالهه ٻولهه ڪري، جنهن ۾ ادب ۽ اخلاق، لحاظ ۽ مروت به رکڻي آهي. ٽيڙي ٽيڳڙ به ڪانهي ڪرڻي، ماڻهن جهڙو ماڻهو ٿي ڳالهائڻو آهي، رسمي طريقي سان (نارمل) ٿي ڳالهائڻو آهي يا دوستن احبابن جي ڪچهريءَ ۾ ٿورو کلي، تڪلف تعارف جو خول لاهي، بي حجاب ٿي انفارمل انداز ۾ ڳالهائي ٿو. اڃا به ويجهو پنهنجي گهرن دوستن سان ڳالهائي ٿو. زال سان يا ٻارن سان، جتي گهڻي گهرائپ ويجهڙائپ (فيميليرٽي)آهي.. (25) هنن سڀني موقعي ۽ طرزن جي لاءِ پنهنني پنهنجي نوعيت جي لفظن جي گهرج ٿيندي، پنهنجي پنهنجي نوعيت جون نحوي ترڪيبون يا لفظي ترتيبون (ورڊ آرڊرز) استعمال ٿيندا. لکيل پڙهيل ماڻهو، علمي لياقت وارو، نوڪريءَ وارو مجبور آهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائيجا سندس اسڪول ماستر کيس ٻڌائي ته صحيح آهي ۽ عزت واري (شانائتي) آهي. اهڙي ٻوليءَ ڳالهائڻ جو کٽيو کائي ڏٺو اٿس.  سندس نوڪريءَ ۽ سندس ترقيءَ جو ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ تي مدار هوندو آهي ته هُو ڪيئن ڳالهائي ٿو ۽ ڪيئن لکي ٿو. پنهنجي زندگيءَ جي جنهن مقام تي آهي، اُتي بيهي هو نٿو چاهي ته اهڙي ٻولي ڳالهائي جنهن تان ماڻهو مٿس کلن يا ٽوڪون ڪن، يا ماڳهين نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏين. اڃان به جيڪڏهن اهو ماڻهو لسانيات جو ماهر آهي، اديب يا شاعر آهي ته جهڙا نظريا رکندو هوندو جهڙو ادب پڙهندو ۽ لکندو هوندو، پنهنجي رزمره جي ٻولي به اهڙي نهج تي آڻي رکندو. هاڻي جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو سائنسي يا علمي ڪتاب لکندو ته اهو ويچاري لکندو ته متان خيال کي لفظن ۾ آڻيندي ڪا ڪوتاهي رهجي وڃي، انهيءَ جي مقابلي ۾ اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل ماڻهو آهي، جنهن جي طرز جو دائرو (رينج) گهري کان چڙهي بي حجاب تائين (فيميلير کان انفارمل تائين) پورو ٿيندو، جنهن فاعل-فعل ۽ فاعل ۽ مفعول جي پابندين کي نه ڪڏهن مڃيو، نه ان جي پابنديءَ مان ڪڏهن پراپت پرايائين، نڪي آسرو اٿس ته جي لسانيات جي ماهر جو چيو مڃيم ته ڪو پگهار ۾ واڌارو ٿيندو، سو جتان وڻندس اُتان پيو ايندو. جتان وڻندس اتان پيو ويندو، پر سندس اها ٻولي فطري ٻولي هوندي، ڪنهن اسڪول ماستر جي پکيڙيل تعصبي تنظيمي پابنديءَ کان آزاد هوندي. اها ته ٿي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڳالهه. اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي وري خصوصيت اها آهي جو نج پاڪ ۽ سٺي ٻولي آهي ئي ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل ماڻهن وٽ. ان کانپوءِ هڪڙو ڪهاڻيڪار يا ناول لکڻ وارو آهي، (جنهن جي ٻوليءَ هيءُ سڄو جهڳڙو پيدا ڪيو آهي-) ان ڪهاڻيڪار کي حق آهي ته جڏهن لسانيات جي ماهر کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ”فاعل-فعل ۽ فاعل –مفعول“ جو ان کي پابند ڏيکاري، جڏهن عام ماڻهوءَ کي ڳالهائيندي ڏيکاري ته ان جي فطري ٻوليءَ جي عڪاسي ڪري. جيڪڏهن ڀاڳناڙيءَ کان سنڌ ۾ تازي آيل ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪري ته لکندڙ کي حق آهي ته ”منهنجو پنج ڍڳي مري ويو“ جهڙا جملا به لکي، جيڪي مادري زبان واري جو داخلي تخليقي گرامر ڪڏهن به تخليق نه ڪندو.

جهيلار جو لفظي ترتيب سان لاڳاپو:

”اٿيو آهيان ننڊ مان، جهڙن جملن کي غير فطري يا غلط جملا انهيءَ ڪري سڏيو ويو آهي جو اُنهن جي لکڻ مهل يا اُنهن جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جهيلار جو اصل خيال ئي نه رکيو ويو آهي. بلڪه ڪهاڻيڪارن کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (26).

اول ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ تمام ضوري آهي ته اسان جو انهيءَ ڳالهه تي ڪو تڪرار ڪونهي ته ”ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي. ڪڏهن ڪنهن اهڙيءَ ماڻهوءَ کي ڪا سنڌي ٻوليءَ جي شيءِ پڙهڻ لاءِ ڏيو جيڪو اُهي لفظ ته پڙهي وڃي پر انهن جو مطلب نه سمجهندو هجي، جنهن کي اها خبر نه هجي ته هنن هنن لفظن مان فعل ڪهڙو، فاعل ڪهڙو ۽ مفعول ڪهڙو؛ ڪهڙي موڊ ۾ ڪهڙي قسم جي ڳالهه چيل آهي. يا سنڌي رسم الخط ۾ ڪنهن انگريزي نه ڄاڻندڙ سنڌيءَ کي پنج ست انگريزيءَ جا جملا لکي ڏيو ته اوهان کي پڙهي ٻڌائي. اوهان کي اُنهيءَ جهيلار جي اهميت جي خبر پوندي. جيڪا لکندڙ جي ذهن ۾ لکڻ وقت هئي ۽ پڙهندڙ  جي ذهن ۾ پڙهڻ وقت  اچي ٿي. ان جهيلار جي لباس کانسواءِ جيڪو اسان پاڻ جملن کي پهرايون ٿا جملا بي معنيٰ آهن. ڪڏهن اوهان ويچاريو آهي ته ڪو ڪتاب يا ڪا اخبار زور سان پڙهندي اوهان هڪڙي جملي کي هڪ جهيلار ۾ ادا ڪندي ڪندي موٽ ٿا کائو ۽ هڪ خاص جڳهه تي ٻيءَ جهيلار سان جملي کي کڻي اچي پورو ڪريو ٿا، سو ڇو؟ انهيءَ ڪري جو پڙهڻ وقت اوهان جي زهن وارو ڪمپيوٽر اڳ ڪٿي ڪندو ٿو اچي ته جملي جو ايندڙ حصو ڪهڙو هوندو. اها اڳڪٿي گهڻو ڪري صحيح بيهي ٿي ۽ ماڻهو صحيح ٽون سان، صحيح جهيلار سان پڙهندو وڃي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي لکندڙ ڪا اهڙي ترڪيب استعمال ڪريو ٿو وڃي جا اوهان جي اڳڪٿي ڪندڙ ڪمپيوٽر جي ويچار کان مختلف ٿيو پوي. اوهان فورن پوئتي هٽو ٿا. پٺتي وارو گيئر مٽائي ۽ ڳالهه کي اتان کڻو ٿا، جتان اوهان کان غلطي ٿي هئي.

مطلب ته جهيلار ٻوليءَ جو اٽُوٽ حصو آهي. جيئن آوازن کانسواءِ ڳالهايل ٻوليءَ ٻولي نٿي  ٿي سگهي، تيئن جهيلار کانسواءِ ٻوليءَ جو تصور نٿو ڪري سگهجي، جيتوڻيڪ دنيا ۾ هيتري علمي ترقيءَ کان پوءِ به اهڙو ڪو رسم الخط اڃا ايجاد نه ٿيو آهي، جنهن جي مدد سان لکندڙ جي موڊ، زون، ٽون ۽ جهيلار کي پڙهڻ وارو بلڪل اهڙي انداز سان پڙهي سگهي جهڙي انداز سان لکڻ واري لکيو.

اهو خيال صحيح ناهي ته لکندڙ لکڻ وقت ”جهيلار جو اصول“ خيال ۾ نٿو رکي. ائين ڪرڻ هن لاءِ ممڪن ئي ڪونهي. ائين برابر آهي ته ڊينيئل جونز جي ڪتاب ۾ جيڪي اُصول  ڄاڻايل آهن سي دنيا جي هر ڪنهن لکندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ڪو نه پڙهيا هوندا، پر انهن کي پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪا اهڙي ضرورت به ڪانه اٿن. بهرحال جيڪو به ماڻهو ڪو جملو لکي ٿو سو ائين چئجي ته لکندڙ جيڪو جملو لکي ٿو سو لفظن ۽ ترتيب جي صورت ۾ جهيلار سان گڏ ذهن ۾ اچي ٿو. الفاظ جڏهن ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا ته جملي جي ترتيب ۽ معنوي ۽ صوتياتي دخل کانسواءِ پيدا نٿا ٿين. لکندڙ هر جملو اندر ۾ ورجائي ٿو، اُن جي موسيقي، آهنگ، جهيلار سندس ذهن ۾ اچن ٿا. پوءِ ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا علمي ڳالهه لکڻي آهي يا ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ کي ڪا ڳالهه مودبانه انداز ۾ چوڻي آهي ته اڳ لکيل جملي جي موسيقي،  آهنگ، ۽ جهيلار کي پرکڻ لاءِ هر لفظ کي وري وري ورجائي ٿو  ۽ لفظن کي ڪاٽي ڇاٽي، اڳتي پوئتي ڪري ٿو ۽ پنهنجي اندر جي ڪنن کان راءِ وٺي ٿو ته جيئن جملو ڪنن کي ٻاڙو نه لڳندو هجي، تان جو جملي جي ساخت ۽ بيهڪ جي موسيقيءَ مان سندس اندر جا ڪن راضي ٿا ٿين ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌائي ٿو.

ان کانسواءِ جيئن زندهه رهڻ، ساهه کڻڻ، هلڻ ڦرڻ جي عملن کان اڳ اسان جي لاءِ اهو ضروري ناهي ته طبي، علم ۽ علم بدن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي ان جي ڄاڻ رکون، يا بدن ۾ موجود عضون جي ڪارڪردگيءَ جي واقفيت رکون. ڦڦڙن جي ساخت، انهن جي ڪم جي طريقي کان واقف ٿيون يا مُشڪن  جي بناوٽ ۽ رت جي ٺهڻ ۽ سڙڻ جي عملن جي سُڌ رکون، تيئن اسان لاءِ اهو به ضوري ناهي ته ڳالهائڻ يا لکڻ کان الڳ صوتيات جو علم ڄاڻون يا جهيلار جا اُصول ڊينيئل جونز جي ڪتاب مان پڙهي ياد ڪريون.، اسان جي نامياري ليکڪ جو اهو قول جهيلار جي عالمن تي ٺٺولي آهي ته ”بلڪه ڪهاڻيڪار کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪنهن گفتار ۾ جهيلار جو هجڻ اشد ضروري آهي.“ (ص 138).

صوتيات، جهيلار، گرامر ۽ لسانيات  ته ڊاڪٽرن، ماهرن ۽ ڏاهن ماڻهن جي ذهانت ۽ قابليت جا اوزار آهن، انهن جي ڄاڻن جي اُن عام ماڻهوءَ کي ڪهڙي ضرورت آهي جيڪو اُها فطري ٻولي ڳالهائي ٿو، جيڪا پنهنجي چؤگرد ٻڌي ٿو ۽ ذهن جي خداداد لياقت innate quality کي استعمال ڪري سکي ٿو. ڪنهن گرامر جي ڪتاب کي پڙهي ڪو نه ٿو سکي، جنهن کيس ڪيو آهي، اهو ئي کيس بيان جي صلاحيت به ٿو ڏئي.

خَلَقَ الاِنسان، عَلَمَھ البَيَانَ* (الرحمٰن 3-4)

زير بحث مضمون جي جهيلار وارو حصو، جيڪو مهراڻ 2/1979ع جي صفحي 136 تي هيٺان کان اٺين سِٽَ کان شروع ٿي آخر تائين پهچي ٿو، علمي وڏائيءَ ۽ لاچاريءَ جو عجب مرصع آهي. انهيءَ ڪري جو هن کان اڳ اهو  ٻڌايل قاعدو ته ”جملي جي بيهڪ ۾ پهريائين هميشه فاعل جاءِ وٺي بيهندو، پوءِ مفعول ۽ ان کانپوءِ فعل“ جهيلار جي هن بحث تي پهچي پاڻ ئي ٽُٽي ٽڪرا ٿي پيو. ليکڪ صاحب جي چوڻ مطابق ”انهيءَ ڪري هر تحرير ۽ تقرير ۾ جملي جي ترتيب، عبارت ۽ اسلوب جو انداز، جهيلار ۾ تبديل ۽ ڦير ڦار آڻڻ سان، ڦيرائي سگهبو آهي. جهيلار ۾ تبديلي آڻڻ سان جملي ۾ لفظن جي ترتيب ۾ به تبديلي ايندي ته اصل معنيٰ ۾ به فرق ايندو.“ ان هوندي به ضد اهو ئي ته اهي ڪهاڻيڪار آهن، جيڪي جاهل آهن، جهيلار جي علم کان بي خبر آهن ۽ ”فاعل ۽ مفعول“ جي اصول کي ٽوڙي ”نئين نسل کي گمراهه“ ڪري رهيا آهن.

انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار جا ڪي نمونا ۽ انهن جا اصول:

هن بحث ۾ اول ته اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ گرامر جا ڪي آفاقي پهلو آهن جي ٻولين ۾ هڪجهڙا هوندا آهن (27) ان جي باوجود هيءُ بحث انگريزي ٻوليءَ جي جهيلار متعلق آهي. سنڌي جهيلار متعلق جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيل آهي. (28) اهو اسان جي هن بحث ۾ ايڏو مفيد ڪونهي. ان لاءِ جيستائين ڪو ڄاڻو ماڻهو سنڌيءَ ٻوليءَ جي جهيلار جا نمونا گڏ ڪري، انهن جا اصول مرتب ڪري ڪو نظريو به ٺاهي ۽ وڌيڪ تحقيق تي ان کي ٻيا ماڻهو نه پرکين، تيستائين هنن ڳالهين جا خيالي نتيجا کڻي انهن تي نظريا ٻڌڻ اجايو آهي. ان کانسواءِ لسانيات جي ڄاڻوءَ جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته جنهن ڪتاب کي (مثلاً ڊينيئل جونز جي) هو سَنَدَ بنائي ماڻهن کي ”فاعل-فعل“ ۽ ”فاعل-مفعول“ جي ترتيب جو قانون ڏئي ٿو ۽ ان سان لڳندڙ جهيلار سان ڳالهائڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي، ان کي چڱي طرح سمجهي ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ جي ٿيل تحقيق تي به نظر رکي، جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم جي دائري ۾ به هجن يا جيڪي ڳالهيون هڪڙي علم مان ثابت نه ٿينديون هجن سي هروڀرو ان علم سان لاڳو ڪري ان علم جي ساک نه وڃائي.

انگريزي ٻوليءَ جا جهيلار جي جيڪي نمونا آهن سي ٿُلهي ليکي هيئن آهن:

(1) چڙهندڙ (اڀرندڙ، مٿي ويندڙ) ٽون (rising intonation) جنهن ۾ جملي جي آخر ۾ آواز مٿي وڃي پورو ٿيندو، ائين لڳندو  ڄڻ ڪا شيءِ هوا ۾ اٽڪي پئي.، ڳالهه ڪندي، جيئن، ماڻهو ائين اوچتو، چپ ڪري بيهي رهي جو ٻڌڻ وارو چوي ته ”پوءِ!“ هن مان ڳالهائڻ واري جي مراد اها هوندي آهي ته ڏيکاري ته ڳالهه اڃان توڙ تائين نه پهتي آهي. هيءُ طريقو ڳڻپ ۾ آخري انگ تي پهچڻ کان اڳ، اڳين انگن اچارڻ وقت به استعمال ڪبو آهي.

1- چار(....)، پنج(....)، ڇهه(....)، ست(......).........

جهيلار جو هيءُ انداز تڏهن به استعمال ڪبو آهي  جڏهن جملي جو باقي رهيل فقرو (Clause) اڃان اچڻو هوندو آهي.

2- جڏهن آءٌ ڪراچيءَ ويس.(.....) تڏهن..... يا جڏهن ”ها- يا –نه“ واري سوال جي جواب جي طلب هوندي آهي:

3- احمد ڪراچيءَ ويو(......)؟

(2) لهندڙ يا ڪرندڙ ٽون (Falling intonation)، هيءَ جهيلار اهڙن جملن ۾ ٿيندي آهي جن مان خبر پوندي ته (1) ڳالهه پوري ٿي (2) سڀني بيانيه جملن ۽  اطلاعيه سوالن (29) لاءِ هيءُ جهيلار استعمال ٿئي-(3) هڪ لفظي جواب، توڙي لفظ، نالا يا اکر جيڪي هيڪلا اُچاريا وڃن سي هن جهيلار سان ادا ٿيندا:

1. مون ڪتابُ خريد ڪيو. (......)

2. تون سڀاڻي ڪيڏانهن ويندين؟(......)

3. هُوسڙي. (......)

4. هي ڪهڙو اکر آهي؟

5. في. (......)

اِهي  ٻه مکيه جهيلار جا نمونا آهن. ٻيا چار نمونا جيڪي عام رواجي گفتگوءِ ۾ استعمال ٿين ٿا، انهن ٻن جي ملاوٽ سان ٺهندا آهن.

(3) ڪِري-اڀرندڙ  (Fall-rise intonation) شڪ سبهي واري فقري لاءِ.

(4) اُڀري –ڪرندڙ (rise-fall intonation) سچي يا طنزيه گرمجوشي، حيرت يا صدمي ظاهر ڪرڻ لاءِ.

(5) هموار يا هڪ ساريکو (level intonation) ورلي استعمال ٿئي. اڳتي جيڪا ڳالهه اچڻي آهي، ان جي توقع ۾، ان جي اڳڪٿي ڪندي ته ايندڙ لفظ جوٽون به انهيءَ ئي سطح تي هوندو.

(6) ڪرندڙ واڌو اڀرندڙ (fall-plus –rise) هن جي هڪڙي فقري ۾ ٻه جهيلار جا مرڪزي (tonenucle) هوندا آهن، هن سان ڳالهائيندڙ ٻٽو تضاد ادا ڪندو آهي.

هاڻي، ڪي وڏا جملا ٿين ڪي ننڍا، ڪي ٻن چئن فقرن وارا جملا ٿين، ڪي ماڳهين هڪ لفظ وارا، جنهن جملي ۾ جيترا فقرا هوندا جهيلار جا مرڪز به اوترائي هوندا؛ ڄڻ هڪ ئي جملي ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ، ويندي چار يا پنج جهيلاري يونٽ به ٿي ويندا. هر يونٽ ڄڻ جهيلار جو هڪ مڪمل نمونو هوندو. ”هڪ-لفظي“ جملن جي جهيلار به مڪمل جهيلار هوندي. هڪڙي ڳالهه جيڪا هن بحث مان ثابت نٿي ٿئي سا اها ته جهيلار تيستائين ”جهيلار“ ڪانه سڏبي جيستائين ان ۾ ”فاعل-فعل“ يا ”فاعل-مفعول-فعل“ واري ترتيب نه هجي، البته هڪ ڳالهه هلندي هلندي چوندا هلون ته هي جهيلارون ”عام گفتگوءِ جي معمولي جملن“ لاءِ استعمال ٿينديون. هنن ۾ جهيلار جو مرڪز (focus of tone) ”عموماً“ جملي جي آخري کليل لفظ (اسم، فعل، صفت يا ظرف) تي پوندو آهي. ”عموماً“ بند لفظ آرٽيڪل، ضمير، جر، جملو، ندا تي زور نه پوندو آهي.

جملي ۾ اطلاع جو مرڪز ۽ اطلاع جا يونٽ (focus and units of Information)

انگريزي يا ٻي ڪا به ٻولي هڪ ڳالهايل پيغام کي اطلاع جي  حصن يا ٽڪرن (يونٽن units ) ۾ ورهائي ٿي ۽ اها ورهاست ڳالهائڻ وقت جهيلار مان ظاهر ٿيندي آهي. هنن مان جهيلار جو هر يونٽ هڪ اطلاعي يونٽ جي نمائندگي ڪندو آهي، ۽ اُها جاءِ جتي زور جو مرڪز ٿيندو، سا اطلاع جو مرڪز هوندي آهي. هڪ جملي ۾، جيئن اڳي، چيوسين، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽون يونٽ هوندو، پر جيڪڏهن جملي جي شروع ۾ ڪو ظرف وارو فقرو هوندو، ڪو ٽنبيل ڪلمو، يا ندائي اسم  هوندو ته ان فقري يا ڪلمي يا لفظ وارو حصو به هڪ الڳ ٽون يونٽ ٺاهيندو.

(1) گذريل سال، اسان موڪلون مريءَ ۾ گذاريون. (ٻه ٽون يونٽ)

(2) جپاني، جن جي محنت ملڪان ملڪ مشهور آهي، صعنت ۽ حرفت ۾ دنيا کي ماريو بيٺا آهن. (ٻه ٽون يونٽ)

(3) احمد، تون هلندين (ٻه ٽون يونٽ)

پڇڙيءَ وارو مرڪز ۽ تقابلي مرڪز (end-focus and contrastive focus)

انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ جهيلار جي ٽون جو مرڪز عام طرح جملي جي آخري کليل ڪلاس جي لفظ (31) (اسم. فعل، صفت ۽ ظرف) جي زور ڏنل حصي تي پوندو آهي، عام طرح واريءَ  اهڙي جهيلار کي پُڇڙي واري جهيلار (end focus intonation) چئبو آهي. جيئن، جيڪڏهن چئجي:

1. Dylan Thomas was born in Swan sea.

1. (”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو.)

ته انگريزي جملي جي آخري لفظ ”سوانسي“ جي پهرئين پد ”سوان“ تي زور پوندو، اهو ڄڻ عام طرح اطلاع جو مرڪز ٿيندو ۽ اهو ئي جهيلار جو مرڪز.

پر جڏهن ڪو خاص مقصد ادا ڪرڻو هوندو آهي ته کليل ڪلاس جي آخري لفظ بدران جملي ۾ ٻيو ڪو به لفظ پوءِ ڀلي کليل ڪلاس جو هجي يا بند ڪلاس جو، اطلاع جو مرڪز ٿي سگهندو آهي ۽ انهيءَ ڪري جهيلار جي نيوڪئلس  به ان تي ئي ڪرندي آهي. اهڙي مرڪز کي تقابلي مرڪز (contrastive focus) چئبو.

مٿئين ”ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو“ واري مثال ۾ ڏٺوسين ته عام بياني جملي ۾ ”سوانسيءَ“ جي ”سوان“ پد تي زور پيو، پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ اها ڳالهه چڱيءَ طرح نه ٻڌي، ۽ پڇڻو پويس ته ”سوانسيءَ ۾ ڪير ڄائو؟“

ته ان کي جواب ڏيڻ لاءِ چئبو.

(2) Dylan Thomas was (born in Swansea)

(ڊلن ٿامس ”سوانسيءَ ۾ ڄائو هو“) اهڙيءَ طرح ٿامس جي ”ٿام“ تي زور پيو.

(”بارن اِن سوانسي“ کي ڏنگين ۾ رکڻ جو مطلب آهي ته چوڻ واري کي اختيار آهي ته انهيءَ فقري کي حدف ڪري يا چوي).

پر فرض ڪيو ته ڪنهن ٻڌندڙ اها ڳالهه صحيح نه ٻڌي، ڄمڻ جي بدران ڀانيائين ته ڊلن ٿامَس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين ”ڇا ڊلن ٿامس سوانسيءَ ۾ پرڻيو هو؟“ ڳالهه ٻڌائيندڙ، سواليءَ جي تصحيح ڪندي چوندو:

(3) No, he was BORN in Swansea.

(نه، هو سوانسيءَ ۾ ڄائو هو. ”زور جا ٻه مرڪز ٿيا“ نو ۽ بارن)

عام طرح اسم ۽ ان جي صفت مان اسم تي زور ايندو؛ ”ڊلن ٿامس”  واري فقري ۾ ڊلن ڄڻ ٿامس جي توصيف ٿو ڪري (ڪهڙو”ٿامس“؟ ڊلن ڄڻ ٿامس جي توصيف ٿو ڪري (ڪهڙو ”ٿامس“ ؟ڊلن). ان ڪري عام ڳالهايل جملي ۾ ”ڊلن“ تي زور ڪو نه ايندو، پر جيڪڏهن ڳالهه ٻڌندڙ کي پڪ نه بيٺي ته ايڊورڊ ٿامس جي ڳالهه پئي هلي يا ڊلن ٿامس جي؛ ۽ پڇڻو پويس ته ”ڇا ايڊورڊ ٿامس سوانسيءَ ۾ ڄائو هو؟“ ته ان جي تصحيح لاءِ چئبو:

(4) No, Dyln Thomas (was born in Swansea)

(نه ڊلن ٿامس ”سوانسيءَ ۾ ڄائو هو“)

اهڙيءَ طرح لفظن ۽ فقرن تان ته مرڪزي زور بدلجي ٿو، پر ويندي هڪ لفظ جي پدن تائين اها ويڙهه هلي ٿي. (ڏسو ڪُورِڪِ ص 939) ۽ مرڪز بدلجڻ جو هڪڙو سبب ”نئين اطلاع“ کي اهميت ڏيڻ به آهي.

موضوع جو جهيلار جي مرڪز تي اثر:

جهيلار جي مرڪز (focus of intonation) کانسواءِ جملي جو ٻيو هڪ اهم جزو آهي موضوع (theme) جو، جنهن جي باري ۾ سڄو جملو چيل هجي، ظرف وارن لفظن يا فقري کي ڇڏي، جملي جي منڍ ۾ جيڪو به لفظ يا فقرو ايندو هجي، اهو ٿيو موضوع. هيءُ فاعل به ٿي سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ سوال جو آپريٽر do, did, does يا موڊل) ٿي سگهي ٿو. سواليه لفظ (ڪير، ڇا، ڪٿي، ڪيڏانهن وغيره) ٿي سگهي ٿو، يا خود فعل ٿي سگهي ٿو. مرڪز ۽ موضوع جملي جا ٻه مکيه جزا آهن. موضوع هميشه جملي جي شروع ۾ ٿو اچي ۽ مرڪز، جيئن اڳي ڏٺوسين، آهي ته ريچڪائي پر عمومن جملي جي آخر ۾ ايندو آهي. موضوع ڄڻ ڳالهه کڻي ٿو، مرڪز ان کي توڙ تائين  پڄائي ٿو. جيئن ته موضوع جملي جي مُنڍَ ۾ ٿو اچي، ان کي اطلاع جو گهڻو بار کڻڻو پوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، جيئن مٿي چوٿين جملي ۾ ڏٺوسين، ائين به ٿيندو آهي جو جملي جو مرڪز به اهو ئي هوندو آهي، جيڪو ان جو موضوع هوندو آهي.

(4) Dylan Thomas was born in Swansea.

يا جي ڪنهن کان پڇجي ته اهو رسالو ڪنهن ڏنئي، ته چوندو:

(5) Bill (gave it to me).

(بل ”اهو مون کي ڏٺو“: موضوع به بل، ٽون جو مرڪز به بل)

هونئن عام حالت ۾ ”بل گيو اِٽ ٽو مي“ واري جملي ۾ زور جو مرڪز ”گيو“ تي پوي ها. هنن جملن ۾ ته ڊلن ۽ بل هونئن به عام طرح جملي جي منڍ ۾ اچن ها، هينئر به منڍ ۾ آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جملي جي مُنڍ ۾ جملي جو اهڙو ڪو لفظ آڻي رکبو آهي. جيڪو هونئن عمومن منڍ ۾ نه هوندو آهي، جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ هوندو آهي. هن طريقي کي ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ“ (Thematic fronting) يا چٽيل (چٽو ڪيل) موضوع (marked theme)  چئبو آهي. ههڙيءَ طرح جملي جي منڍ ۾ آندل جملي جا جُز اسلوب ۽ اثر ۾ مختلف هوندا آهن. جيئن ڪُورِڪ ۽ سندس ساٿي چون ٿا:

”ڳالهايل ٻوليءَ ۾، ائين  اڪثر ٿيندو آهي ته جملي جي ڪنهن جُزي کي جملي جي مُنڍَ ۾ آڻي ان تي زور جي نيوڪليس وڌي ويندي آهي. ۽ اهڙي طرح اُهو جزو موضوع ۽ اطلاع، ٻنهي طريقن سان چٽو ٿيندو آهي.“ (32)

“In formal speech, it is quite common for an element to be fronted with nuclear stress, and thus to be “marked” (or given special emphasis) both thematically and informationally.” (32)

1. انهيءَ حساب سان ڪڏهن فاعل جو وڌاءُ فاعل جي جاءِ تي اچو ويهي: (33)

.a.JOE his NAME is.1

اڀرندڙ          ڪرندڙ

1.الف: جو نالو آهيس.

عام طرح چئجي ها، ”هز نيم از جو“ ۽ ”نيم“ تي زور پوي ها.

1. b.An utter FOOL I felt TOO.

ڪرندڙ         ڪرندڙ

1. ب: صفا احمق مون ڀانيو (پاڻ کي).

عام طرح چئجي ها ”آءِ فليٽ ائن اَٽَر فول“ ۽ فول تي زور پوي ها.

2. ڪڏهن مفعول جو وڌاءُ فاعل جي جاءِ تي اچو ويهي:

2.a.Relaxation you call it!

2. الف: ويساهين تون انهيءَ کي ٿر چوين

عام طرح ”يو ڪال اٽ رليگزيشن!“ چئجي ها.

3. ڪڏهن مفعول اچو فاعل جي جاءِ تي ويهو رهي:

3. a. Really good Cocktails they made at that hotel.

واهه جا پيالا ٿي ٺاهيائون انهيءَ هوٽل ۾.

(هونئن عام طرح چئجي ها: ”دي ميڊ ريئلي گڊ ڪاڪٽيلز ائٽ دئٽ هوٽل)

هن طريقي جي توضيح ڪندي ڪُورِڪ ۽ سندس ساٿي لکن ٿا ته:

ائين ٿو معلوم ٿئي ڄڻ موضوع وارو جزو پهريون ٻولُ آهي جيڪو ڳالهائيندڙ جي ذهن ۾ اچي ٿو ۽ جملي جا باقي ٽڪرا پوءِ ويچاريل جي حيثيت سان ڄڻ ان ۾ پوءِ وڌائجن ٿا.“ (34).

“It is as if the thematic element is the first thing that strikes the speaker, and the rest is added as after thought.” (34).

زير بحث مضمون جو فاضل مصنف لکي ٿو:

”هن ڏس ۾ اسان جا نفاذ ۽ اُبتي ٻوليءَ وارا اديب ڪنهن انگريزي يا فرانسيسي ڪهاڻيڪار جا مثال يا ڪو مثال دليل طور ڏئي سگهندا، جن ۾ ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرايو ويو هجي.“ (35)

ٻوليءَ جا اُهي اصول ڪهڙا آهن، تنهن لاءِ فاضل مصنف لکي ٿو:

”سنڌي ٻوليءَ جي عام نحوي سٽاءُ موجب ڪنهن به جملي ۾ پهرين فاعل پنهنجي جاءِ وٺي بيهندو آهي ۽ ان کان پوءِ مفعول ايندو آهي ۽ آخر ۾ فعل روزمره: گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ (36)

ٻوليءَ جي اصولن کي ڦيرائڻ جي ته اسين ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون، پر هي مٿيان جملا ۽ هيٺ ڄاڻايل ٻيا مثال ڪنهن ڪهاڻيڪار جي افساني يا ناول تان نه، پر عصر حاضر جي معتبر لسانيات جي ماهرن جي لکيل ان گرامر تان ورتل آهن، جيڪو اڄ لسانيات جي دنيا ۾ مستند مڃيو وڃي ٿو.

ڪُورِڪ ۽ سندس همڪارَ (37) پنهنجي هن گرامر ۾ موضوع (جملي جي شروع وارو جزو) جي جاءِ تي ايندڙ اهڙن لفظن جا گهڻا مثال ڏنا آهن(38)، جيڪي عام گرامر ۾ هوند جملي جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ اچن. ڳالهايل ٻوليءَ جا ڪي مثال مٿي ڏٺاسين. انهن کان سواءِ خطيبانه (rhetorical) ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جا به اهڙا مثال ڏنا اٿن.

1. خطيبانه ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال:

1. His FACE I’m not FOND of………

هن جملي ۾ حرف جر آو (of) جو واڌارو (هز فيس His FACE موضوع جي حيثيت سان استعمال ٿيو آهي. هن ۾ فيس ڪرندڙ جهيلار سان چئجي ٿو ۽ فانڊ لفظ ڪِرِي اُڀرندڙ ٽون سان ڳالهائبو. سنڌيءَ ۾ چئجي ”سندس ٻُوٿ جو آءٌ گهورو ناهيان.“ عام طرح هوند هيءُ جملو چئجي ها:

آءٌ سندس ٻوٿ جو گهورو ناهيان. (I am not fond of  his face)

2. but his CHARActer I DesPISE.

”پر سندس لڇڻ آءٌ ڌڪاريان ٿو.“

جملي جي هن حصي ۾  CHARA ۽ PISE وارن پدن تي زور آيو ۽ اُهي ٻئي ڪرندڙ ٽون سان اُچاريا ويا. هن جملي ۾ اتهامي مفعول (ڊائريڪٽ آبجيڪٽ) موضوع جي جاءِ تي استعمال ٿيو آهي. هونئن هوند عام طرح چئجي ها.

-but I despise his character:

پر آءٌ سندس لڇڻ ڌڪاريان ٿو.

3. RICH I may be (but…..)

(هموار)

“I may be rich(but…..)”

(سکيو کڻي آءٌ هجان......)

(هن جملي ۾ فاعل جو وڌاءُ، نئين معنيٰ ۾، موضوع جي حيثيت سان هونئن عام طرح چئجي ها:

4. LEAVE  him I COULDn’t……..

ڪرندڙ         (ڪري اڀرندڙ)

(ڇڏي (ته) کيس (آئون) نٿي سگهيس.......)

پريڊيڪيشن جو فعل موضوع جي حيثيت سان، هونئن عام طرح هوند چئجي ها:

(I couldn’t leave him)

(but atleast I could make his life a misery: I have promised to do it)

5. So ‘do it I SHALL.

هونئن عام طرح چئجي ها:

(And I shall do it)

2. لکيل علمي ٻوليءَ ۾ جاءِ مٽايل موضوع جا مثال:

1. Most of these problems a computer could take in its stride.

هونئن عام طرح چئجي ها:

(A computer could take most of these problems in its stride.)

2. This later topic we bave examined in chapter 3, and need not reconsider.

هونئن عام طرح چئجي ها:

(We have examined this later topic in….)

3. to this list may be added ten further items of importance.

هونئن چئجي ها:

(One may add ten further items of importance to this list, Ten further items noy be added to this list…..)

هن بحث مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿيون:

1. ساڳي لفظي ترتيب واري جملي ۾ جهيلار جو مرڪز جاءِ مٽائي سگهي ٿو. ڄڻ ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي.

2. ڪنهن خاص مقصد ادا ڪرڻ لاءِ جملي جي منڍ ۾ جملي جو ڪو اهڙو حصو آڻي رکي سگهجي ٿو، جيڪو عام طرح مُنڍ ۾ نه ايندو آهي. ”موضوع کي منڍ ۾ آڻڻ“ (thematic fronting) واري انهيءَ طريقي سان جملي جي لفظي ترتيب لازمي طرح بدلبي آهي ۽ اهڙيءَ طرح  ٻوليءَ جي فطري نظام ۾ ڪو ڪهرام ڪونهي مچندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com