سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :32

81- وياڪرڻي هڪجهڙائي: ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سرگريئرسن جي حوالي سان، سنڌي ۽ گوجري جي انهن لفظن ۽ وياڪرڻي صورتن جو لڙهيون ۽ مثال ڏنا آهن، جيڪي ٻنهي ٻولين ۾ هڪجهڙايون ثابت ڪن، مثال طور(84) :

(الف) سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ حاصل مصدر جي علامت ”ڻ“ آهي ۽ ٻنهي ٻولين ۾ اها پڇاڙي ساڪن ڪانه هوندي آهي،  ۽ ”ڻ“ جي پويان ”ڇوٽو سر“ اُچاريو ويندو آهي، جيئن:

سنڌي          گوجري

ڪَرَڻُ           ڪَرَڻَ

پيئڻُ           پيئڻَ

ڏيئڻُ           ڏيئڻَ

ويهڻُ           ويهڻَ

(ب) ٻنهي ٻولين يعني سنڌي ۽ گوجريءَ ۾ ڪي مذڪر اسم ”او“ پڇاڙيءَ ۾ ختم ٿين ٿا ۽ اهڙن لفظن جي مونث روپ ٺاهڻ لاءِ ”او“ پڇاڙيءَ کي، ”اي“ پڇاڙي ۾ بدلايو ويندو آهي. جيئن:

سنڌي                          گوجري

مذڪر          مونث          مذڪر                  مونث

گهوڙو          گهوڙي         گهوڙو                  گهوڙي

ڪُتو           ڪُتي          ڪُتو                   ڪُتي

ٻلو             ٻلي            بِلو                     بِلي

(ت) اهڙيءَ طرح اسمن جا ڪي روپ اهڙا به آهن، جن جا مونث روپ ٻنهي ٻولين ۾ نٿا ٺهن؛ جيئن:

سنڌي          گوجري

ديرو            ديرو

ڪوٺو          ڪوٺو

ڀرونٽو          ڀرونٽو

(ث) سنڌي  ۽ گوجريءَ ۾، عدد شماريءَ وارا انگ ساڳيا ڪم ايندا آهن؛ جيئن:

سنڌي  گوجري سنڌي  گوجري         سنڌي          گوجري

هڪ/ايڪ ايڪ           ٻَه   دوَ              ٽي/ٽري               ترئي

چار     چار     پنج    پنج            ڇهه/ڇيهه      ڇَهه

ست    ست    اٺَ     آٺ             نَوَ              نئون

ڏهه     دَهه     يارهن  يارهه           ٻارهن          بارهه

تيرهن  تيرهه   چوڏهن چودهه          پندرهن        پندرهه

سورهن سورهه  سترهن سترهه          ارڙهن/اَٺارهه   اَٺارهه

اوڻيهه          اُنين    ويههَ            بي

گوجريءَ ۾ انگن ڳڻڻ وارو اهو طريقو سنڌيءَ جي لاڙي لهجي ۾ اڄ به قائم آهي.

(ج) ويهون ڳڻڻ وارو ايڪو: ڪاڪي ڀيرو مل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:  ”سنڌو-ماٿر جي قديم زبان ۾ ”ويهون“، ايڪي طور ڳڻڻ جو رواج، دراوڙي زبانن جي ڪري آهي. (85) گوجري ٻوليءَ ۾، انگن ڳڻڻ جو اهو طريقو اڄ به جاري آهي؛ مثال طور:

سنڌي          گوجري         سنڌي          گوجري

ٻاويهه          دوتي بي               اوڻيتاليهه      ايڪ گهٽ چي

ٽيويهه         تري تي بي    اوڻونجاهه               نوتي چي

ٽيهه           تري            پنجاهه         دهه تي چي

چاليهه         چي            ايڪونجاهه     يارهه تي چي

                                ايڪهٺ                ايڪ تي تري بي

                                اوڻهٺ          نو تي تري بي

                                ستر            دهه تي تري بي

                                اوڻاسي         ايڪ گهٽ چار بي

                                اَسي            چار بي

(ح) گوجري ٻوليءَ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي ”ڪڇي“ ۽ ”ڍاٽڪي“ لهجن وارو عدد قطاريءَ وارن انگن ڳڻڻ جو طريقو ساڳيو آهي؛جيئن:

ڪڇي/ڍاٽڪي        گوجري         ڪڇي/ڍاٽڪي                گوجري

پهلو           پهلو           ڇٺو                    ڇهيمو

دوجو           دوجو           ساتمو                  ستمو

تريجو          تيجو           اٺمو                    اَٺمو

چوٿو           چوٿو           نَومو                    نومو

پنجمو         پانجمو         دسمو                  دهمو

(خ) گوجري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڍاٽڪي ۽ پارڪري لهجن ۾ ڪي ضمير،ساڳئي نموني استعمال ٿيندا آهن؛مثلا:

مٿياري سنڌي         ڍاٽڪي/سنڌي        گوجري

آءُ                      هُون                    هُون

توهان جو                       ٿارو                    ٿارو

تنهنجو                        تيرو                    تيرو

منهنجو                        ميرو                    ميرو

اسان جا                        امهارو                  امهارو

ڇا                      ڪي                   ڪِي

(د) گوجري ۽ سنڌيءَ جي ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ لاڙي لهجن ۾، رنگن لاءِ، ساڳيا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن.

سنڌي          گوجري

ڪارو           ڪائو

نيرو            نيلو

اَڇو/چٽو                چٽو

ڀورو            ڀورو

رتو             رتو

(ر) حرف جر جي هڪجهڙائي: (الف) ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته:

”دراوڙي“ ٻولين (تامل) ۾ حالت جريءَ جي ڦيري لاءِ اسم يا ضمير جي پويان ”ڪ“ (Ku) حرف جر استعمال ڪبو آهي. تيليگو ۾ حرف جر جا ٻه روپ ”ڪُ“(Ku) ۽ ”ڪي“ (Ki)آهن. (86)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”هند-يورپي جي ڪنهن به شاخ ۾ Ku يا Ki سان مشابهت رکندڙ حرف جر نٿو ملي، البت هنديءَ ۾ ”ڪو“ (ko) بنگلا ۾ ”ڪي“ (Ke) ۽ سنڌيءَ ۾ ”کي“ (Khe)، دراوڙي حرف جر ”ڪُ“ (Ku) سان هڪجهڙائي رکن ٿا.“ (87) انهيءَ بيان کان پوءِ ڊاڪٽر ڪالڊويل اڳتي لکي ٿو ته:

”دراوڙي ٻولين ۾ هندي، بنگلا ۽ سنڌي ٻولين ۾ اهڙي هڪجهڙائيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته دراوڙي ٻولين ۽ ڏيهي ۾ ڪا ويجهي مائٽي آهي.“ (88)

ڊاڪٽر ڪالڊويل اها به راءِ ڏني آهي ته:

”سنڌي جو حرف جر ”کي“ Khe ديسي بچيل سرمايو يعني قديم ٻوليءَ جو لفظ آهي. اهو حرف جر سنڌيءَ ٻوليءَ، قديم زماني کان وٺي پاڻ وٽ سانڍيو آهي ۽ قديم زماني کان استعمال پئي ڪيو آهي ۽ اڄ به اُن ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو.“ (89).

(ب) سنڌي جي ”کي“ حرف جر لاءِ جتن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪِ“ لفظ ۽ جاکرن، پالارين، جدگالن جي ٻوليءَ ۾ ”ک“ حرف جر استعمال ڪيو ويندو آهي. لهاذا ”ڪِ“ يا ”کِ“ جي استعمال مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن ٻولين ۾، سنڌو-ماٿر جي اصلوڪي زبان ”سئنڌوئي“ جي اِها وياڪرڻي خصوصيت پاڻ وٽ سنڀالي رکي آهي.

محترم غلام رسول مير جت، سنڌيءَ ۾ جتڪيءَ جا هيٺ موجب مثال ڏنا آهن.

سنڌي          جتڪي                سنڌي          جتڪي

مون کي               ماڪِ           اسان کي               ساڪِ

توکي          توڪِ           اوهان کي              واڪِ

هن کي                هوڪِ           هنن کي               تيجاڻڪ (90)

جتن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪِ“ حرف جر جي استعمال جا مثال ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ ڏنا آهن (91) لهاذا هيٺ حرف جي هڪجهڙي استعمال جا مثال ڏجن ٿا:

سنڌي  جتڪي                ڪوهستاني    جدگالي                گوجري

مون کي/      مان کي ماڪ ماک           مين کِ                مين کِ

اسان کي       ساڪِ/سان ڪِ        ساک/سانکِ  ساکِ           ساکِ

تو کي توڪي         توک           توکِ           توکِ

توهان کي تانڪِ               تانکِ          تانکِ          تانکِ

هن کي        هوڪِ           هُوکِ           هُوکِ           هُوکِ

انهن مثالن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته حالت جريءَ جي صورت ۾ سنڌي حرف جر ”کي“ قديم سنڌي زبان ۾ ”ڪِ“ يا ”کِ“ استعمال ڪيو ويندو هو. سنڌي حرف جر ”کي“ جدگالي ۽ گوجري ڪوهستاني جتڪي ٻولين ۾ اڄ به قائم آهي.

19- صوتياتي هڪجهڙائي: چوسڻا آواز: (i) گوجري ۽ سنڌي جو صوتياتي مطالعو به دلچسپ آهي، ڪافي زماني کان، هڪ ٻئي کان، هزارين ڪلو ميٽر پري هجڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڪنهن به قسم جي ناتي نه هجڻ جي ڪري، گوجري ٻوليءَ مان چوسڻا آواز (ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ) گم ٿي ويا آهن. اِهي آواز دراصل سنڌيءَ، لهنديءَ  ۽ گجراتي ٻولين ۾ صوتيات جون خاص خصوصيتون سمجهيا ويندا آهن. لهندي ٻولين مان، سرائڪي ٻوليءَ، اهي چوسڻا آواز قائم رکيا آهن، پر هندڪو پوٺاهاري، ڇاڇي، اعواڻڪي، ڌني ۽ شاهه پوري وغيره ٻولين ۾ هاڻي اِهي چوسڻا آواز نٿا اُچاريا وڃن.

(ii) آوازن جا تبادلا: سنڌي، لهندي ۽ گوجريءَ ۾ (ب) ۽ (و)، (ل) ۽ (ر) ۽ (س) ۽ (هه) آوازن جا هڪٻئي ۾ تبادلا ممڪن آهن؛ جيئن:

سنڌي          لهندي         گوجري         تبادلا

ويهڻ           ٻيسڻ          بيسڻ          و< ب/ٻه< ب

ٻار             بال             بال             ر<ل<ٻ< ب

ويهه            بِي             بِي             و < ب

(19) جملن جي رچنا ۾ هڪجهڙائي: سنڌي، ڪوهستاني، لاسي، جدگالي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ساخت ۽ جملن اندر لفظن جي بيهڪ واريءَ سٽاءُ جو مطالعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي ۽ انهن ٻولين جي جملن جي تقابلي اڀياس تي تحقيق جي ضرورت آهي. انهن ٻولين جي فقرن ۽ جملن جي نحوي سٽاءُ به ساڳي آهي. جملن ۾ اسمن، فعلن ۽ حرف جر جا حالتن جي صيغي ۾ گردان ۽ ڦيرا به هڪجهڙو طريقو ظاهر ڪن ٿا. هن موضوع تي تفصيلي مطالعي جي ضرورت آهي. هن مقالي ۾ نموني طور ڪي مثال ڏجن ٿا ته جيئن پڙهندڙ به ڪاءِ راءِ قائم ڪري سگهن.هيٺ ڏنل جملا ڀيٽي سگهن ٿا.

سنڌي ٻولي           جتڪي     سنڌي/ڪوهستاني     لاسي        جدگالي        گوجري

آءُ ماني کيان تو          آيو ماني کايين تو      آن ماني کائين پيو    آن ماني کيان پيو     مين ماني کائين سو      مين ماني کائين سو

آءُ ماني کايان تو                                                  

مون کي چيو آئيس      ماڪِ چيائين آئي       ماک چيائين آئي      ماک به چيائين آئي   مين ک به چيائين سو مين ک به چيائين سو

مون ڏٺو   مانهين ڏٺو ما ڏٺو       مين ڏٺو   مين ڏٺو مين ڏٺو

مون توکي ڏٺو هو        مان توڪِ ڏٺو                     ماتوکِ ڏٺو  مان توکِ ڏٺو          مين توکي ڏٺو   مين توکِ ڏٺو

روپيو صندوق منجهه پيو آئي روپيو صندوق منجهاران پيو هئي     روپيو صندوق منجهارا پيو هئي       روپيو صندوق مان راپيو هئي        رپيو صندوق مان پيو هئي    روپيو صندوق ۾ پيو آئي

 

تون جو نالو ڇا آئي؟      تو هون نالو مشوري؟        تو جو نالو ڇو آئي؟    تو جو نالو ڇو ڙي؟     تو جو نالو سوئي؟ تو جو نالو سوئي؟

هو بيٺو آئي                                                  

هو اُڀو آئي            هو ڀو اي    هو ڪَني بيٺو آئي  او ڀو اي      او بيٺو.ڇوءِ     او بيٺو ڇوءِ

مون کي ماري ٿو         مون ڪِ ماري تو        مون کِ ماري تو       مون کي ماري تو      مين کِ ماري سو         مين کِ ماري سو

ڪٿي پيا وڃو؟        ڪيڻي تو وڃين؟       ڪيڏ تو وڃين؟        ڪيڏ تو وڃين؟        ڪيڏڪي تو وڃين؟             ڪيڏڪي تو وڃي؟

        اهڙيءَ طرح سنڌي ۽ گوجري ٻولين جي جملن جي ڀيٽ جا مثال محترم پرويش شاهين جي ڪتاب مان هيٺ نقل ڪجن ٿا. (92)

سنڌي          گوجري         گوجري          گوجري

مون کاڌو                        مين کدو       مون کاڌو آهي       مين کدوهي

هن کاڌو        اُسي کدو       اُنهن کاڌو      اُن ني کدو

تو کاڌو         ٿي کدو        توهان کاڌو           تُم ني کدو

هن کاڌو آهي  اُسي کدوهي    اُنهن کاڌو آهي اُن ني کدو هي

تو کاڌو آهي    ٿي کدوهي     توهان کاڌو آهي      تم ني کدوهي

ڪهڙو حال آهي؟               ڪي حال اي؟  سٺو آهي     اَڇو هي

تنهنجو نالو ڇا آهي؟                 تير ڪي نا؟    هيءَ راهه ڪيڏانهن ٿي وڃي؟    يو راهه ڪن کا چلي؟

تون ويو آهين؟  تو گيا آيل؟                     هو هليو ويو          وه جاريو

آءٌ ويو هوس     هُون گيو ٿو                      مون ٽڪر (ماني) کاڌو  مين ٽوڪ کاليو

هيءَ منهنجي ڌيءَ آهي             يا ميري ڌي اي هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي         يا مهاري ڌي اي

هيءُ اسان جو پٽ آهي          يو مهارو پوت اي     هيءُ منهنجو پٽ آهي    يو ميرو پوت اي

                                  مون کي ٻڌاءِ تو ڪڏهين ايندين  منه دسو تو ڪدا آگو؟

هو اُت موجود نه هو             وه اُت موجود نهين ٿو               

ماڻهن تپاس ڪئي/پڇيو           لوڪان ني تپاس ڪيو         

تو ڪٿي هئين؟                 تو ڪيت ٿو؟        

                       

جملن جي انهن مثالن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ”گوجر“ دراصل سنڌ جي جت آهي، جن کي بلوچستان ۽ ايران ۾ ”جدگال“ سڏيو ويو، جن کي اڳتي افغانستان جي تيراه وادي ۽ پوءِ دير ڪوهستان ۽ سوات ڪوهستان طرف لڏي وڃڻ کانپوءِ، اُتي مال جا ڌڻ پالڻ ڪري ”گوچر“ سڏيو ويو، جو بدلجي ”گوجر“ ٿي ويو. هنن جي رهڻي ڪهڻي، کاڌي خوراڪ، اُٿڻي ويهڻي، شڪل شبيهه، لباس، رسمن ۽ رواجن کانسواءِ سندن ٻوليءَ جي تقابلي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته گوجر، نسلي لحاظ کان سنڌو-ماٿر جي لاڙ واري خطي جا رهاڪو ”جت“ آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ”جتڪي“، ”جدگالي“، ”سنڌي ڪوهستاني“، ”لاسي“ ۽ ”گوجريءَ“ ۾ ايتري قدر گهڻي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. هن ڏس ۾ تحقيق لاءِ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته سنڌ مان علم اللسان ۽ علم الانسان جي کيتر ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن تي مشتمل خواتين حضرات جو هڪ گروهه، ڪجهه عرصي لاءِ سوات-ڪوهستان جي ”گبرال“، ”اوشو“ ۽ ”اتروڙ“ جي وادين ۾ وڃي گوجرن سان ڪجهه عرصو گذاري ۽ انهن جي روزانو زندگيءَ  ٻوليءَ تي معلومات هٿ ڪري، ساڳيو گروهه وري ڪجهه عرصي لاءِ مڪران ۽ ايران جي اُن علائقي ۾ وڃي جدگالن سان گذاري ۽ اُنهن جي روزانه زندگيءَ ۽ ٻوليءَ تي مواد هٿ ڪري، ساڳيو گروهه پوءِ بلوچستان جي جدگال خطي ۾ وڃي. جدگالن کان مواد هٿ ڪري. اُن گروهه کي سنڌ جي ڪوهستاني علائقي (دادو ضلعي، ٺٽي ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي) ۾ آباد جوکين، جاکرن، برفتن، نومڙين، هملاڻين، پالارين ۽ انهن جي پاڙن نوتاڻين) برادراڻين، ميندن ۽ ملاراڻين ۽ نوحاڻين جي ٻوليءَ ۽ تهذيب و تمدن جو جائزو وٺي.

هيءَ هڪ تمام وڏو ۽ اهم موضوع آهي، هي مقالو علم الانسان ۽ علم اللسان جي کيتر ۾ محققن جي پياس پوري ڪري نه سگهندو، پر اُٽلو سندن اُڃ ۾ اضافو ڪندو ۽ مٿي ڄاڻايل مواد تي مڪمل تحقيق لاءِ منجهن اُتساهه پيدا ڪندو.

ببليو گرافي ۽ سمجهاڻيون

(1) پاڪستان جي اُتر، اُتر-اولهه طرف پاڪستان اندر توڙي افغاني سرحد، ۾ واخان واري پٽي ۽ واخان جي اُتر طرف آزاد رياست تاجڪستان ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، انهن جا نالا هي آهن:

(الف) پاڪ-افغان سرحد جي ٻنهي پاسي، هندوڪش جبلن ۾ رائج ٻوليون: اُرمڙي، اَشڪَن، پَشائي، (ڪُنار دريا جي واديءَ ۾)، وائيگيل (ويگالي)، پرَسُن، کووار، دميلي، ڪُتي، مُنجي، يِدِگها، سنگليچي (زيبڪي)، لونڪو چيوار ۽ بشگالي.

(ب) واخان پٽيءَ ۾ رائج ٻوليون: وَخي (اُترئين يارخن ۾ ڳالهائي ويندي آهي) ۽ اِشڪشمي

(ت) پامير واري مٿاهين پٽ ۾ رائج ٻوليون: پاميري ۽ شفني

حوالي لاءِ ڏسو:

George Margentierne, Report on a linguistic Mission to North- Western India, Institute for Sammenlignende, Kulturforsking, Serie CIII-I, 1932, Reprinted Karachi, Indus Publication, pp-16,74 & 42-50

Also see: Yashodhare Wadhwani, Dr. The Origin of the Sindhi Language, off Print. P-196.

(2) اُهي ماهر ۽ ودوان، جن برصغير جي مغربي حصي ۽ اُن جي سرحد سان ملندڙ ملڪن جي ٻولين تي تحقيق ڪئي ۽ جن جو ڇڏيل تحقيقي مواد ڪتابن ۽ مقالن جي صورت ۾ موجود آهي،

انهن مان ڪن جا نالا هي آهن:

(i) شُلر (Schultze)، (ii) بيليگتي (Beligatti)، (iii) امادُتيئس (Amadutius)، (iv) سموفنا (Symphona)، (v)، سروليئم جونز (Sir,William Jones)، (vi) باپ (Bopp)، (vii) ڪئري، ڊبليو (Carey, W.)، (viii) مارشمئن (Marshman)، (ix) ڊبليو وارڊ (W.Ward)، (x) ڊاڪٽر فزئينسز بُخَنَن (Dr.Francis Buchanan)، (xi) ڊي جي لائپڊن (D.J.Leyden)، (xii) بِي-ايڇ هاگسن (B.H.Hodgson)، (xiii) هنٽر (Hunter)، (xiv) مئڪس مُولر (Max Muller)، (xv) ڊاڪٽر ڪالڊويل (Dr. Caldwell)، (xvi) شمد ڊبليو (Schmidt, W.)، (xvii) ميجر رابرٽ ليچ (Major Robert Leech)، (xviii) سررسڪين پيري (Sir Erskine Perry)، (xix) اسٽيوينسن (Stevenson)، (xx) جون بيمز  (John Beanes)، (xxi) هورنلي, (Hoernle) (xxii)جورج ڪئمبيل (George Cambell) ، (xxiii)ون بدولف (John Biddulph)، (xxiv) آرل اسٽين (Aurl Stein)، (xxc) لوينر (Loriner)،(xxvi) اسڪومبرگ (Schumberg)، (xxvii) لائيٽنر (xxviii) جون بيلي (John Baily)، (xxix) جورج بُدرس (George Buddrus)، (xxx) مارٿي فِچ (Marthy Fitch)،(xxxi)  ڊاڪٽر لور سئنڊر (Dr. Lore Sander)، (xxxii) ايم اي يانگ (M.A.Yong)، (xxxiii) ووييچ اسڪُل مؤسڪي (Woiceich Skalmowski)، (xxxiv) رُٿ لائيلاسمٿ (Ruth, Laila Scmidt)، (xxxv) جورج مورگنسٽيئرن (George Morgenstiesne)، (xxxvi) پروفيسر گئنوئڪسي (Prof:Gankovsky)، (xxxv) ڪارل ييتمار (Karl Yetmar)، (xxxviii) پروفيسر مچل (Prof: Mitchell)،  (xxxix)   پروفيسر تُربياني (Prof: Turbiani)، (xxxxii) ڊاڪٽر اي –ٽرومپ (Dr.E.Trumpp)، (xxxxi) ڊاڪٽر ايڇ-ٽي-سورلي (Dr.H.T.Sorley)، (xxxxii) جورج اسٽئڪ (George Stack)، (xxxxiii) ڪئپٽن شرٽ (Captain Shirt)، (xxxxvi) ڊاڪٽر شمل (Dr. Schimmel)، (xxxxv) ڊاڪٽر رايا ييگورا (Dr. Raya Yegorava)، (xxxxvi)ڊاڪٽر شئڪ (Dr. Shackale)، (xxxxvii) ڊاڪٽر هير ماٿ (Dr. Hiremath).

(3) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر ”ثقافتي ورثو“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، 1999ع

(4) محمد پرويش شاهينِ ”ڪلام ڪوهستان“ (لوگ اور زبان)، منگوره، سوات ، شعيب سنز پبلشرز، 1989ع، ص -41.

(5) مهر عبدالحق، ڊاڪٽر ”ملتاني زبان اور اُس کان اردو سي تعلق“ ، ص -90

(6) Baloch, N.A. Dr. some lesser known dialects of Kohistan, an article published in Muhammad Shahidullah Felicitation Vol: Edited by Muhammad Enamul Haq. Dacca, Asiatic society of Pakistan pp 50-55

(7) Colin, P. Masica, The Indo Aryan Language, Cambridge Language Survey, Cambridge 1991, p p 430-433, 436 & 440.

۽ پڻ ڏسو؛ الانا،  غلام علي، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1995ع، ص

 ۽ پڻ ڏسو؛ داد محمد، بروهي؛ ڊاڪٽر؛ ”سبيءَ جي ٻولي“ ، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 1992ع، 1413هه، ص ص 6 ۽ 29

(8) Grierson G. A .  Lingustic Survey of India, reprinted with new name (linguistic survey of Pakistan), Vol: III, Part II, Op. Cit PP2& 137.

(10) Grierson, G.A. Op. Cit, ref:9.

(11) John Buddul, Tribes of Hindookoosh, reprinted, Lahore, Ali Kamran Publishers, 1986. Also see: George Morgenstieme, Dr. Report on a Linguistic Mission to North – Western India, Karachi, reprinted by Indus publication, 1930, pp. 42-50

(12)Ibid.

(13) محمد پرويش شاهين؛ ”ڪالام ڪوهستان“ . حوالو 4، ص 69.

(14) ايضاً، ص 199.

(15) محمد پرويش شاهين؛ حوالو 4، ص 3.2

(16) ايضاً،  ص 3. 2

(17) ايضاً، ص 21.

(18) ايضاً، ص 221

(19) ايضاً

(20) الانا غلام علي، ڊاڪٽر؛ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، 1974، ص 116.

Also see: Ibid, “Origin & growth of Sindhi Language”, under print, Institute of Sindhology.

(21) Grieron, G.A. Op. Cit, ref: 8, p. 173

(22)Grieron, G.A Op. Cit, ref: 8

(24) Ibid

(25) Lewis, B. and others, “The Encyclopaedia of Islam”, Vol: II, Leiden E. J. Brill, 1965, p. 1122.

(26) Belleno, H. W, “The Races of Afghanistan” reprinted by Sang-e-Meel publications, Lahore 1979, p-21.

(27)Ibid.

(28) نبي بخش خان، بلوچ، ڊاڪٽر؛ ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“ ، ڇاپو ٽيون، ڄامشورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ، 1993ع، ص 39.

(29) غلام رسول مير جت ؛”جت جي تاريخ“، ٽنڊو الهيار ، 1933ع، ص ص 25 ۽ 31.

(30) ايضاً

(31) ايضاً

(32) ايضاً ، ص -45

(33) جيٽلي مرليڌر، ڊاڪٽر؛ انٽرويو، مهراڻ 1/1991ع، ص 187

(34) Mir Ahmedyar Khan, “Inside Balochistan”, a Biography, Karachi, Royal Book Company, 1977, P-143

(35) محمد پرويش شاهين؛ حوالو 4، ص 313

(36) ايضاً ، ص – 7. 3

(37) انور بيگ اعواڻ؛ ”دهني ادب اور ثقافت، چکوال، ضلع جهلم، بزم ثقافت چڪوال، 1986ع ص 146.

(38) ايضاً

(39) Hunter, W.W. “Imperial Gazetteer of India”. Vol: IX, Second editon, 1881, P44

(40) Lewis, B. & others Op. Cit, ref: 25. P. 1.2

(41) Bellew, H.W. Op.Cit, 26.

(42) Ibid

(43) Ibid

(44) غلام رسول مير جت؛ حوالو 29، ص 6

(45) Sigria Westphal, Dr. & Heinz Westphall. Dr. “Jats of Pakistan”,Berline, Dunker and Humbolt, 1964, p-104 Vol: I, George Routledge and sons Ltd:, 1914, pp. 52- 55 & 88-89.

(46) Ibid, Also see: Tod, J. “annalsand autiqints of rajasthan”.

(47) غلام رسول، مير جت؛ حوالو ڏنو ويو آهي،

(48) Bellew, H. w op. Cit. ref: 26, P-65.

(49) انور بيگ اعواڻ: حوالو نمبر 37، ص 146

(50)Bellew, H.W. Op. Cit, ref: 26, p -65.

(51) Cencus report of  Makran District of Balochistan. 1961, pp. 1-14

(52) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو جيڪب آبادي لهجو، مخزن پيار محبت، سنڌ هارس ائنڊ ڪئٽل شو، جيڪب آباد، 1988ع، ص 20

(53) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر : ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ، ٻيو ڇاپو، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1983ع، ص 122.

(54) Bellew, H.W. Op. Cit. ref: 15, p - 65

(55) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع، ص 22

(56) الانا غلام علي، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو، 53، ص 123.

(57)ايضاً

(58) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : ”سبيءَ جي ٻولي“، حيدراباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 199ع، ص 6

۽ پڻ انور رومان ، پروفيسر : ”بلوچستان ڪي قبائل“ ، اردو ترجمو، بينظير انٽر پرائيزز پبلشرس، ڪوئٽه 87-1986ع

(59) Balochistan District Gazetteer Series, Makran, Karachi, Vol-IV, the Time Press 1907, p p: 47-72

(60) Ibid, p: 86

(61) Ibid, P: 95

(62) الانا غلام علي، ڊاڪٽر: حوالو نمبر 62 ۽ 53

(63) ايضاً، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 1977ع، ص 113

(64) داد محمد بروهي، حوالو 58، ص 114

(65) حوالو 62، ص 114

(66) Grierson, G. sir, Op, Cit, ref:7, p. 137

(67) Colin P. Masica, Dr. The indo Aryan Languages, Cambridge, 1991, p. 428

(68) Ref: 44, p. 104

(69) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : حوالو 57، ص 27

(70) غلام رسول مير جت : حوالو 29، ص 13

(72) Grierson G. Op. Cit, ref:8

(73)Ibid

(74)Colin Masica, Dr. ref:67

(75) Sig. Westphal, Dr. & Heinz Westphal Dr., See ref:45

(76) داد محمد بروهي، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 57

(77) غلام رسول مير جت: حوالو 29 ۽ 70

(78) ايضاً

(79) Baloch, N.A. Dr. some Lesser Known dialects of Kohistan, Op. Cit. ref:3

(80) Grierson, G, Op . Cit, ref:8

(81) نبي بخش خان بلو، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 28، ص 39

(82) ايضاً

(83) ايضاً، ص 41

(84) ايضاً

(85) ڀيرو مل آڏواڻي: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“

(86) Caldwell

(87) Ibid

(88)Ibid

(89)Ibid

(90) غلام رسول مير جت: ڏسو حوالو

(91) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر : ڏسو حوالو 28، ص 43

(مهراڻ 2/2001)

*پورو ٿيو*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com