سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: جيجل جي ٻولي

باب: --

صفحو :10

سنڌي ۽ براهوئي زبانن جو تقابلي جائزو

عزيز الله ”عزيز“ بروهي

برصغيرجي مختلف زبانن جي مقابلي ۾ براهوئي زبان جو دامن بلڪل محدود سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته براهوئي لٽريچر جو دائرو ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ گهڻو تنگ رهيو آهي. پنجابي، سنڌي ۽ لهندا زبانون، جيڪي سنسڪرت سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهن، تن لاءِ سن ١٩١٠ع جي معلومات مطابق ست ملين ماڻهو اهي زبانون  ڳالهائين ٿا. پنجابيءَ، بهاري، بنگالي، هندي، اڙيسا ۽ آسامي زبانون توڙي رسم الخط سنسڪرت کي گهڻو ويجهيون آهن، انهن مان هندي ١٣٥ ملين جي زبان ۽ ٤٤ ملين بنگالي ڳالهائين ٿا. مرهٽي زبان جيڪا سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهي، سا ١٨ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. مرهٽي زبان جيڪا سنسڪرت سان لاڳاپو رکندڙ آهي، سا ١٨ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا. گجرات ۽ راجپوتي زبانون به سنسڪرت مان نڪتل آهن، اٽڪل ٢٠ ملين ماڻهو اهي ٻوليون ڳالهائين ٿا. تامل، تيليگو، ڪانيري ۽ ملايم، چئني زبانن جو خط سنسڪرت کان ڌار آهي. انهن چئني دراوڙي زبانن جو دائرو بلڪل وسيع آهي. اتر مدراس ۾ تيليگو زبان ٢١ ملين ماڻهو ڳالهائين ٿا ۽ ڏکڻ مدراس ۾ ٢١ ملين ماڻهو اها زبان ڳالهائين ٿا.)

سن ١٩١١ع ۾ ڪيل آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق بلوچستان ۾ جملي ست زبانون رائج آهن. اتي ١٤٥٢٩٩ ماڻهو براهوئي ڳالهائين ٿا ۽ سڄي ايشيا ۾ براهوئن جو تعداد ٽي لک آهي. ٻي زبان بلوچي آهي، جنهن ۾ ٢٣٢٩٨٧ ماڻهو ڳالهائين ٿا. ماهرين جو خيال آهي ته بروهي، پسماندگيءَ سبب جابلو يا ڏوراهين صحرائي بياباني علائقي ۾ رهڻ ۽ وري خصوصي طور خانه بدوشيءَ سبب قريب قريب سندن اڌ حصو مردم شماريءَ کان رهجي ويو ۽ هن وقت ايشيا ۽ مشرق وسطيٰ  کي ڇڏي، رڳو سنڌ بلوچستان ۾ ئي بروهين جو تعداد اٽڪل پنجاهه لک آهي. پشتو يا افغاني، بلوچستان جي ٢٢٧٥٥٣ رهاڪن جي ۽ سنڌي ٥١٨٧٥٧ ماڻهن جي زبان آهي. هن وقت به اتي آدم شماري توڙي پکيڙ جي حساب سان سنڌي زبان سڀ کان اڪثريتي ۽ پهريون نمبر زبان آهي. ضلعي نصيرآباد، ڪڇي، سبي ويندي ڪوئيٽا مستونگ ۾ هيءَ زبان ڳالهائي وڃي ٿي. لس ٻيلو مڪمل سنڌي علائقو آهي. جهلاوان جا ماڻهو اڌ تي سنڌي ڳالهائيندا آهن.قلات، خضدار، سوراب ۽ پندراڻ وغيره جا براهوئي ته سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن. سبي ۽ ڪڇيءَ جي سنڌيءَ کان جهلاواني سنڌيءَ جو لهجو گهڻو مختلف ۽ عجيب و غريب ۽ نهايت پيارو لڳي ٿو. سن ١٩١١ع جي رپورٽ موجب سنڌيءَ مائل سرائڪي ڳالهائيندڙن جو تعداد بلوچستان ۾ ٥٥٥٤٥ آهي، تنهن ڪري ٿيڻ ائين گهرجي ته بلوچستان ۾ ٽن صوبائي زبانن براهوئي، بلوچي ۽ پشتو سان گڏوگڏ سنڌيءَ کي به اُتي صوبائي حيثيت ڏيئي ابلاغ عامه جي ادارن ريڊيو ۽ ٽي وي توڙي ادبي ۽ تعليمي ادارن ويندي بورڊ  ۽ يونيورسٽيءَ تائين تسليم ڪيو وڃي. انهيءَ موٽ ۾ سنڌ اندر ڪم از ڪم براهوئي ۽ بلوچي زبانن کي ساڳين ادارن ۾ نمائندگي ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لکين بروهي ۽ بلوچ آباد آهن ۽ احسن طريقي سان خدمتون سرانجام ڏين پيا. هن کان سواءِ لهنڊا ۽ موڪاڪي يا لوزي چيني (جيڪا بلوچستان جي لورن لُنگهن جي ٻولي آهي) به بلوچستان جون مقامي ٻوليون آهن.(٢)

براهوئي زبان سڄي بلوچستان يعني سراوان، جهلاوان ۽ اتر-الهندي بلوچستان توڙي سڄي سنڌ ۾ رائج آهي، مگر مختلف علائقن ۾ سندس لهجو ٿورو مختلف ضرور آهي. اهڙو فرق سنجراڻي علائقي وارن بلوچن ۽ ڪڇيءَ جي بلوچن، توڙي سنڌ يا مڪران جي بلوچيءَ ۾ پڻ موجود آهي. ائين ئي لس ٻيلا، جهلاوان، سراوان ۽ ڪڇي توڙي خود سنڌ ۾ وچولي، لاڙ ۽ سَري جي سنڌي پڻ مختلف لهجن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. مورخ لکن ٿا ته سنڌ اندر سومرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌي زبان رائج ٿي. شريف ادريسي ۽ مارڪو پولو جي بيانن مان پتو پوي ٿو ته مڪران ۾ ان وقت براهوئي زبان رائج هئي. مسعودي جيڪو سن ٣٠٣ هه ۾ برصغير ۾ آيو هو، تنهن جي بيان موجب، مڪران ۾ براهوئي ، سنڌ ۾ سنڌي ۽ گجرات ۾ لاڙي زبانون چالو هيون.  خبر نه ٿي پوي ته انهن مختلف زبانن جي ڪيفيت ڪهڙي هئي  ۽ هاڻوڪي ٻولي يا آڳاٽي ۾ ڪيترو فرق هو، پر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته اهي هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف هيون(٣). اڪثر محقق ان ڳالهه تي متفق آهي ته قديم بروهي ۽ سنڌي زبانن جي نحوي ۽ لغوي بناوت هڪ جهڙي آهي. بزرگ بن شهريار جي بيان موجب سن ٢٧٠هه ۾ منصوره جي هڪڙي عراقي مسلمان عالم، جيڪو برصغير جي مختلف زبانن مان واقف هو، تنهن الور جي راجا جي فرمائش تي قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. گهڻا ائين به چون ٿا ته ان وقت جي سنڌي گهڻي ڀاڱي هندي ۽ سنسڪرت سان ملندڙ هئي(٤). ابن نديم بغدادي جنهن ٣٧٧ هه ۾ پنهنجو ڪتاب الفهرست تصنيف ڪيو هو، سو بلوچستان، سنڌ ۽ هند متعلق لکي ٿو ته هن علائقي ۾ مختلف مذهبن وارن جون مختلف زبانون رائج هيون، مگر انهن ملڪن ۾ ٻن قسمن جا خط رائج هئا (٥).

البيروني، جيڪو سلطان محمود غزنوي جو معاصر هو ۽ هندستاني علوم و فنون ۽ زبانن جو ماهر هو، سو ڪشمير کا بنارس ۽ مڌيه پرديش جي خط کي سڌماترڪ، مالوه جي خط ناگر، ڪڇ ۽ سنڌ ۾ ڀاٽيه خط، ڏاکڻي سنڌ جي خط کي ملواري، ڪرناٽڪ ۾ ڪنٽري خط، گجرات ۾ لاڙي، دکن ۾ دراوڙي ۽ بنگال ۾ گوڙي خط جو ذڪر ڏئي ٿو. سندس بيان آهي ته هندي خط کاٻي کان ساڄي طرف لکڻ ۾ اچي ٿو. امير خسرو، جيڪو ستين صديءَ جي آخر ۽ اٺين صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو، پنهنجي مثنوي ۾ هندستان جي مختلف صوبن جي ٻولن مان سنڌي، لاهوري، ڪشميري، بنگالي، گجراتي، ڪنٽري، معبري، اوڏڪي  ۽ دهلوي زبانن جو ذڪر ڏئي ٿو. کانئس ٽي سو وريهه پوءِ اڪبر جي زماني جي ٻولين جا نالا ابوالفضل، آئين اڪبريءَ ۾ هن ريت ڏيکاريا ويا آهن: (i) دهلوي (ii) بنگالي (iii) ملتاني (iv) مارواڙي (v) گجراتي (vi) تلنگي (vii) مرهٽي (viii)بروهڪي(ix) سنڌي(x) ڪرناٽڪي (xi)افغاني (xii) شمالي (جيڪا سنڌ ۽ ڪابل جي وچ واري علائقي ۾ رائج هئي) (xiii)ڪشميري . ڏسجي ٿو ته اهي زبانون اڄ به رائج آهن، مگر بلوچستان ۾ سڀ کان آڳاٽيون ٻه زبانون هيون، يعني براهوئي ۽ پشتو. براهوئي جو سلسلو ادريسي ۽ مارڪو پولو تائين ملي سگهي ٿو. اڪبري دور ۾ عام طرح بلوچستان جي زبان براهوئي سڏجي ٿي. وري عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي ڪاهه کان اڳ فارسي، براهوئي، سنڌي ۽ پشتو زبانون سنڌ بلوچستان ۾ رائج هيون. اسلام اچڻ کانپوءِ عربي زبان به رائج ٿي. مثال طور ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي جيڪو بغداد جو رهاڪو هو، اصطخري جي نالي سان مشهور آهي، سو ٣٤٠هه ۾ محمود غزنوي کان اٽڪل سٺ ورهيه اڳ مڪران، سنڌ ۽ ملتان ۾ آيو هو. سندس ٻه جاگرافيون ”ڪتاب الاقاليم“ جيڪا ١٨٣٩ع ۾ ۽ ٻي ”مسالڪ والممالڪ“ جيڪا ١٨٧٠ع ۾ ليڊن مان شايع ٿي، سو ٣٤٠ هه مطابق سن ٩٥١ ع ۾ هندستان آيو هو. ابن حوقل جو همعصر هو. لکي ٿو ته منصوره ۾ ملتان تائين عربي ۽ سنڌي زبانون رائج آهن. هوڏانهن مڪران وارن جي زبان براهوئي ۽ فارسي مڪراني آهي. ابن حوقل جو به ساڳيو بيان آهي(٦).

عربي ۽ فارسيءَ جو ميلاپ پهريائين بلوچستان ۽ پوءِ هندستان جي ٻين علائقن کان اڳ سنڌ ۾ داخل ٿيو ته پوءِ براهوئي سنڌيءَ جو لاڳاپو ته سندن وجود ۾ اچڻ واري زماني کان آهي، هڪٻئي تي پنهنجو اثر ڪيئن نه ڇڏيو هوندو. بشاري مقدسي جيڪو پڻ سن ٣٧٥هه مطابق ٩٨٥ع ۾ ايران ۽ مڪران واري رستي کان ئي آيو هو،تنهن جو به ساڳيو بيان آهي. انهن سڀني شاهدين مان ظاهر آهي ته براهوئي زبان جو ميلاپ سنڌي زبان سان گهاٽو رهيو آهي. اهڙي قدامت هوندي به هن ٻوليءَ ڪا خاص ترقي نه ڪئي. هوڏانهن تامل  ۽ تيليگو زبانن ۾ يونيورسٽيون قائم آهن، ان جو هڪڙو سبب هي آهي ته هن زبان جا ڳالهيئندڙ پسمانده ۽ پنهنجائپ واري احساس کان خالي هئا، ٻيو ته اسلامي دنيا ۾ موراڪو کان وٺي لکنو ۽ مرشد آباد تائين عربي مذهبي زبان ۽ فارسي دفتري زبانن جو چرچو هو، ان ڪري براهوئي زبان ۽ سندس اديبات جو دائرو فقط شاعرن جي بيتن ۾ محفوظ رهيو(٧). اهڙو ماحول گهڻي دير تائين هليو، جنهن جي ڪري ادبي محفلن ۾ براهوئي ادب يا تاريخ جو بنهه چرچو نه رهيو. اهڙي گهٽتائيءَ جو سبب هن قوم جي پنهنجي غفلت به آهي. موجوده دور ۾ براهوئي ادب ڪافي ترقي ڪئي آهي ۽ نثر ۽ نظم ۾سوين هزارين ڪتاب ملندا. نظم ۽ نثر جي تقريباً هر صنف ۽ لوڪ ادب تي ڪافي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.

براهوئي خط جو نمونو

براهوئي خط جو نمونو اردو فارسي طرز تي آهي، بلوچستان جا براهوئي ادبي ادارا فارسي طرز جي خط کي گهڻو استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جا بروهي اديب هتان جي پرنٽنگ پريسن مان سنڌي عربي خط جي نموني تي مگر اردو ٽائيپ سان پنهنجا بروهڪي جا ڪتاب ڇپائيندا آهن، جيئن مرحوم جوهر بروهي صاحب ڪيتري وقت تائين پنهنجو ”سنگت“ رسالو ان صورت ۾ ڇپائيندو رهيو، هينئر اردو فارسي خط جي ڪتابت سان ان کي ميدان تي آڻيندو آهي. ائين ئي راقم الحروف جو ڇهه ماهي ڪتابي سلسلو ”ڪَپَرت“ (ڪبوتر، پيامي) پڻ سال ١٩٨٣ع کان ڇپبو رهيو آهي. محترم جوهر صاحب جا ٻه تخليقي ڪتاب ”گوريچ“ ۽ ”دُردانه“ پڻ ٽائيپ جي صورت ۾ ميدان تي آيا. بزم سوز شهدادڪوٽ، بزم مولائي شيدائي، محمد پورا وڍو ضلع جيڪب آباد، محترم داد محمد ”خادم“ بروهي صاحب جو ادارو براهوئي ادبي ثقافت سنگت جيڪب آباد، براهوئي پبليڪيشن فريد آباد ميهڙ، جناب تراب لاڙڪاڻوي صاحب جو ادارو انقلاب ادب ۽ محترم محمد اسحاق سوز صاحب طرفان قائم ڪيل براهوئي ادبي دنيا يا براهوئي ادبي سنگت شهدادڪوٽ، هي سڀ اشاعتي ادارا سنڌ اندر مختلف نوعيت جا براهوي ڪتاب ميدان تي آڻڻ ۾ سرگرم آهن. حيدرآباد جو محترم علي احمد ”شاد“ بروهي صاحب پڻ هن سلسلي ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. انهن ادارن طرفان ڪيترائي ادبي ۽ ثقافتي ميڙ پڻ ڪوٺايا ويا آهن. بلوچستان ۾ به بيشمار سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادبي ادارا هن سلسلي ۾ قابل، تحسين حد تائين ڪم ڪري رهيا آهن، انهن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن (١) براهوئي ادبي سوسائٽي رجسٽرڊ ڪوئٽه  (٢) براهوئي آرٽس اڪيڊمي رجسٽرڊ ڪوئٽه (٣)  براهوئي ادبي تنظيم ڪوئٽا (٤)  براهوئي اڪيڊمي جناح روڊ ڪوئٽه (٥)  پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڪوئٽه (٦)  براهوي ادبي ديوان مستونگ (٧) اداراه ”ايلم“ مستونگ بلوچستان. ياد رهي ته سمورا براهوئي ڪتاب توڙي قومي هجره ڪاميٽي طرفان ڇپايل قرآن پاڪ جو براهوئي ترجمو جناب نورمحمد پروانه صاحب، براهوئي ڪتاب گهر ”ايلم“ مستونگ، ضلع قلات، بلوچستان کان ملي سگهن ٿا. اٽڪل ٽيهن سالن کان محترم پروانه صاحب جي ادارت هيٺ ڇپجندڙ هفتيوار براهوئي اخبار ”ايلم“ مستونگ، هن زبان جو گهڻو ادبي سرمايو پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. براهوئي تهذيب ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ادب، مطلب ته هرپهلوءَ کي دنيا سان متعارف ڪرايو اٿس.

براهوئي زبان متعلق مغربي محققن جا ٻه طبقا آهن. هڪڙو اهو آهي جيڪو بروهين کي آريا ۽ سامي تسليم ڪري ٿو. هن طبقي ۾ ڊاڪٽر گستاولي بان، ايل ڊئس، ڪرنل ٿامس، هالڊچ سر، خانيڪاف، آرهيوجس بلر ۽ ڊبليو هيوجس وغيره. ٻيو طبقو جيڪو بروهين کي ڊرويڊي شمار ڪري ٿو، ان ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر ڪاڊويل ۽ سَر ڊينس بري وغيره اچي وڃن ٿا. پوئين طبقي وارا زبان دان آهن، ان ڪري سندن فيصلي کي زياده اهميت ڏني وڃي ٿي. براهوئي زبان ۾ بيشمار ڊرويڊي الفاظ شامل آهن مثلاَ: پال (پالھ) يعني کير، حئي يعني گاهه، تيل (تيلھ) يعني وڇون، خِيسُن يعني ڳاڙهو، اَسِٽ يعني هڪ، اِرَٽ يعني ٻه  ۽ مُسِٽ يعني ٽي وغيره. اهڙن بگڙيل لفظن جي موجودگيءَ سبب هن کي ڪر گالي يعني اڍنگي زبان سڏين ٿا (٨).  موجوده دور ۾ سنڌي زبان جي ملاوٽ هن کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته اتر هندستان توڙي سنڌ بلوچستان ۾ دراوڙن کان اڳ ئي ڪول ۽ سنٿال قومون آباد هيون، جن کي ڊرويڊين ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري ۽ عراق کان اچي انهن ملڪن مان لوڌي ڪڍيو هو. موهن جي دڙي مان لڌل ڪولن، سنٿالن ۽ دراوڙن جا اهڙا لاش عراق ۽ مصري تهذيب سان هن علائقي جو لاڳاپو ظاهر ڪن ٿا(٩). ان  کانپوءِ ٢٣٢ ق. م هن ملڪ ۾ پالي زبان جو عام رواج هو. ان جا آثار ٻڌ جي ڪتبن تي موجود آهن (١٠). انهن حالتن ۾ ناممڪن هو ته هڪ زبان جو اثر ٻئي زبان تي نه پوي. براهوئي زبان ۾ فارسي ۽ عربي کانسواءِ ڪجهه اهڙا لفظ به آهن جيڪي نج براهوئي ليکجن ٿا، حالانڪه اهي انگريزي آهن، بر صغير توڙي دنيا جي ٻين سڀني ٻولين جي ڀيٽ ۾ براهوئي زبان تي سنڌي جو تمام گهڻو اثر آهي. هزارين سنڌي لفظ ساڳي صورت ۾ براهوئي زبان اندر مروج آهن،  جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

سنڌي لفظ            براهوئي لفظ   سنڌي لفظ            براهوئي لفظ

نگاهه          نگاهه          مِهرِ، محبت   مِهر، محبت

نظر            نظر            توان، طاقت    توان، طاقت

جيتوڻيڪ، توڙيڪ     ٿوڻيڪ         پرواهه          پرواهه

جگر            جغر            نصيب         نصيب

سربراهه         سَربَر           خير            خير

سَرڪرده (وڏو) سرڪڙده               دامَن           دامون

قوت، طاقت           قوت، طاقت           وطن            وطن

مرهم، مَلم            ملهم، مرهم          منزل   منزل

شاد (خوش)    شاد                    جذبو           جذبه، جوزه

جهان، دنيا             جهان، دنيا             رهزن           رهزن

نشاني         نشاني         آزاد            آزات، آجو

سنگت         سنگت         خلاص (ختم)  خلاص، ختم

درد (سُور)              دڙد             روشني         روشنائي

ڌڪ            ڌڪ            ڦٽ             ٺپ

سخت          سخت          پِڙي (مال جي)        پِڙي

مدد            ڪُمَڪ، مَدت  بها (مُلهه)             بها

غُصو، غُصه (ڪاوڙ)    غُصه           دوا، دارون              دوا، دارون

گُل ڦُل         ڦُل             پلئه (بدلو)             پَلئو

مند، موسم            مُد             ڪونج          ڪونج

باغ            باغ            خاص          خاص

سال            سال            عام            عام

برف            برف            جُدا (الڳ)             جِتا، جدا

ڏار، ٽار، شاخ  ٺول، ٺال، ٽال  زنده (جيئرو)   زنده

چاري           چاري           سحر (صبح صادق)   سَحُور

خيال           خيال           فرصت، واندڪائي     وارڪائي

ڳڻتي          گڙتي          سئر (سفر، چڪر)      سَل

ڌِڪو           ڌِڪ            گلي، دروازو    گلي، دروازه

 تار            تار             اَرزان (سستو)  اڙزان

صبح           صُحبه          رنگ           رنگ

راست (سڌو)   راست          ننگ           ننگ

شِيخ، سِيخ             شِيخ، سِيخ             تنگ           تنگ

ڪُلَو(پيغام)   ڪُلو، پيغام   ظاهر           ظاهر

فقير            ڦخير           چاقو (ڇُري)    چاقو

دوست          دوست          لشڪر         لشڪر

دشمن          دشمن          همعصبر               همسر

جَهٽ (ساعت، گهڙي) جهَٽ          هوش           هوش

دلاسو          دلاسه           شوق           شوق

يڪدم         يڪدم         اَهل            اَهل

جڳهه، جاءِ             جاڳه            لائق            لائخ

مزو، لطف              مِزه، مَزه                ڪُند           ڪُنڊ

ٻڌي جُفت (جوڙو)     جُفت           پاڪ           پاڪ، پهڪ

اڪي           اڪي           طيب           طيب

گُنگ، گُنگو           گُنگ          آرام           آرام

مُڱ (دال)             منُڱ          بِج             بِج

ناز، نخرو               ناز، نخره               پنڌ             پنڌ

نماز            نماز            پيادو (پيادل)  پياده

مهربان         مهروان         خبرچار         خبرچار، سماچار

ڪاوڙ          ڪاوڙ          سبق           سبق

جنگ (لڙائي)  جنگ          مجبور، لاچار   مجبور، لاچار

چَنگ (ساز)            چَنگ          بخشش                بَشخِيچ، بخش

مَنڊو (معذور)  منڊ            تيمار           تيمار

حق             حق             قطار           قطار

ناحق، ظلم             ناحق، ظلم             تنوار (آواز)     توار

رعب تاب              رعب تاب              تلاءُ            تلاوَ

خراب           خراب           ڊوڍو (ماني)    ڊوڍو

محتاج         محتاج         پيتي(پيٽي)   پيٽي

ساز            ساز            رِلهي           رِلهي

زيب (سونهن) زيب            والي ڪَنَ جي) والي

آسودو          آسودو          ٻانهين (هٿ ۾ پائڻ جي)        باهِينڪ

عالم (دنيا)            عالم           پاچو (سٿڻ جو)        پاچه

ديدار           ديدار           دُنگي يا دُنگ (بوتل) دُنگي، دُنگ

پالڻ            پالينگ                ڪُڪُڙ         ڪُڪُڙ

توب           توپ           چورو، چوزو     چوزه

دَم             دَم             قبرستان، گورستان     گورستان، قبرستان

گو              گو              ڦوڙهه (ڀتر)            ڦوڊ

سخي          سخي          تيل            تيل

ٻيڙي (ڪِشتي)       بيڙي          ميٽ           ميٽ

سزا             سزا             صابڻ          صابڻ

تَند (تار)               تند             پهلو (پاسري)  پهلو

تعويذ          تاويت          واڻ (کٽ جو)  واڻ

کَٽَ            کَٽَ            سينو           سينه

دِلو             دِلو             گَڏون (لوٽو)    گڏو

ٿالهه           ٿال             ڦڦڙ             ڦِڦ

عينڪ، چشمو عينڪ، چشمڪ       ٻَٻرُ (وڻ)               بَبُر

براهوئي زبان جيڪڏهن ڌارين ٻولين جا الفاظ اخذ نه ڪري ها ته جيڪر اڄ زنده به نه رهي سگهي ها. سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ بلوچستان ۾وري فارسيءَ جو اثر مٿس نمايان آهي. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ٻين ٻولين وانگر هن زبان ۾ به هزارين انگريزي لفظ شامل ٿي ويا، جيڪي اڄ سوڌو هتان جي سڀني ٻولين ۾ ساڳيائي ڪم اچن ٿا. مثلاَ گلاس، ٽڪيٽ، اسٽيشن، ريل، ڪوپ، ٽيبل، بسڪوٽ، بوٽ، پالش ۽ سُوٽ وغيره. انگريزي ته پنهنجي ماڳ عربي پڻ ڪافي عرصي تائين هتان جي مروج زبان رهي آهي. ان ڪري هن ٻوليءَ جا به ڪئين لفظ اچي ويا آهن. جيئن رب، انسان، قلم، ورق، قلب، طوق، آخرت، ادب، عقل، اصل، بخال (واڻيو) يا بقال، فنا، بقاء، شاهد وغيره. فارسي زبان ته طويل عرصي تائين برصغير جي حڪمران ٻولي رهي آهي، تنهنڪري هتان جي ٻين سڀني ٻولين وانگر براهوئي زبان تي به هن جو خاصو اثر پيو. براهوئي زبان ۾ تونگر، بالش، تمن، سامان، رڪاب، ابريشم، آزاد، ارزان، آسمان، راست، چلم، چهار (چار)، پنج، شش، هفت، هشت، نُھ، ده وغيره فارسيءَ کان آيل الفاظ آهن. سنڌ جي سدا حيات شاعر، صوفي ۽ بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف رحه جن به هن ٻوليءَ جي ڪيترن اڙانگن لفظن کي پنهنجن سنڌي بيتن ۾ سموهي جس کٽيو آهي. نموني طور هڪ بيت ملاحظه فرمايو:

داسا داڪا داڙي، هنداڙي هئام،

هُر داسا هن حال جي، هتي هوت ڏٺام،

پذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو. (١١)

داسا= هاڻي، داڪا= هِتان، داڙي= هِتي، هنداڙي = هِتي، هُر =ڏِس، پذيري =پوءِ،

حوالا

(1) Studies of Indian Life and Sentiments, CHP Diversity of Language, PP 52-55, London 1910.

(2) Modern Review July 1918 Balochistan, P. 45 (ii) R. Hughes Buller, Makran the Languages.

(٣) مروج الذهب: مسعودي، جلد پهريون، ص ٣، پئرس.

(٤) عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص ٣، پئرس.

(٥) ڪتاب الفهرست: ابن نديم، ص ٤٤، مصر.

(٦) ڪتاب المسالڪ والممالڪ: اصطخري، ص ٧٧، ليڊن

(٧) سنڌي زبان جي تاريخ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي.

(8) A.W.Hughes: Balochistan Brahvis, KURGALLI

(9) Sir John Marshall: Mohen-jo-daro Indus Civilization, Vol: I, Preface, P.5.

(10) A. W. Hughes: Balochistan, CHP Archaeology.

(١١) شاهه جو رسالو: مرزا قليچ بيگ، سال ١٩٥١ع، فصل ١٧ ص  ٣٥٧، بيت ٦.

                                            (مهراڻ 4-1986ع)

 

(5) Edward C-Sachau, Alberuni’s India, kegan Pyal Trench Tribner London, 1910,P.173.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com