سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 28

بزم غالب ملڪاڻي دادو:

غالب ملڪاڻي سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر اديب ۽ درگاهه ملڪاڻي شريف جو سجاد نشين آهي. هن ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي اڪثر ڪري قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. پاڻ سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي تي دسترس رکن ٿا. هتان جي نوجوان شاعرن بزم غالب ملڪاڻي قائم ڪئي آهي. غالب ملڪاڻي ان جا سرپرست آهن. تابش بخاري، رجب آزاد سولنگي، دانش ملاح، عاشق داوي ۽ ٻيا هن بزم جا ميمبر آهن. بزم طرفان ڪيترائي مشاعره ٿيندا رهن ٿا.

بزم دلبر جمالي دادو:

بزم دلبر جمالي هتان جي اديب ۽ شاعر دلبر جمالي جي نالي پٺيان قائم ڪئي وئي آهي. بزم دلبر جمالي جو سرپرست پاڻ دلبر جمالي آهي، هن بزم طرفان ڪجھه مشاعره به ڪرايا ويا آهن. سال 1998ع ۾ بزم طرفان غريب آباد هاءِ اسڪول دادو ۾ في البديهه مشاعره ڪرايو ويو هو. جنهن ۾ دادو جي شاعرن حصو ورتو. بزم طالب الموليٰ پير بخش ميربحر سٺ واري ڏهاڪي ۾ کلي هن تنظيم کي نواز رڪڻائي ۽ محمد سلطان جگر اوج تي رسايو سنڌ ليول جا مشاعرا ڪرايا ۽ وڏي ادبي خدمت ڪئي. هن وقت هي تنظيم ؟؟؟ ٿي وئي آهي.

سرتاج سنگت دادو:

هتان جي استاد، اديب ۽ شاعر مرحوم حسين شاهه لڪياري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سرتاج سنگت جو بنياد وڌو ويو، هن تنظيم طرفان هر سال مشاعره ڪرايو ويندو آهي. جنهن ۾ شاعر ۽ اديب ڪثير تعداد ۾ شريڪ ٿيندا آهن سرتاج سنگت جو سيڪريٽري اختر لڪياري آهي ۽ سندس ڪوشش سان گذريل سال کان سنگت طرفان راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي. جنهن ۾ مقامي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن.

پروفيسر عبدالله مگسي يادگار ڪاميٽي:

سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو جو محقق پروفيسر عبدالله مگسي 1 اپريل 1993ع تي وفات ڪري ويو هو. سندس علمي ادبي ۽ تاريخي ڪارنامن کي زنده رکڻ لاءِ پروفيسر عبدالله مگسي يادگار ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي. هن تنظيم جو سرپرست اعليٰ غلام نبي مگسي ايڊوڪيٽ آهي. جڏهن ته ميمبرن ۾ ڊاڪٽر لياقت مگسي، گلاب سومرو، نور محمد سومرو، اظهر سولنگي، خاڪي جويو، ملوڪ لنڊ، اميد سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن.

بزم الهه نواز رڪڻائي دادو:

سنڌ جي ڪُهنه مشق شاعر ۽ اديب الهه نواز رڪڻائي جي نالي پٺيان هيءَ تنظيم قائم ڪئي ويئي آهي. علي نواز عباسي، تابش بخاري، محمد عرس، اظهر سولنگي، الله رکيو ڳورڙ، عاشق دادوي ۽ ٻيا بزم جا عهديدار ۽ ميمبر آهن، بزم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ٿي چڪا آهن. جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن اديبن ۽ شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو آهي. ان کان علاوه بزم طرفان استاد بخاري جي ورسي وڏي پئماني تي ملهائي وئي.

شهيد مخدوم بلاول ادبي ثقافتي فورم دادو:

سنڌ جي عظيم بزرگ، عالم، متقي ۽ قوم پرست رهبر شهيد مخدوم بلاول جي نالي سان هيءَ تنظيم وجود ۾ آئي آهي. هن تنظيم ۾ اظهر سولنگي سرپرست اعليٰ ۽ سيڪريٽري آهي. جڏهن ته الله رکيو ڳورڙ، علي نواز عباسي، عاشق دادوي نعيم ملڪ ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر ان جا ميمبر آهن. هن فورم طرفان، حافظ محمد حسن چنا ۽ پروفيسر عبدالله مگسي جي ورسي ملهائي وئي جنهن ۾ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿيا. پروفيسر عبدالله مگسي جي ورسي مئي 2000ع، ۾ شايان شان طريقي سان ملهائي وئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، احمد خان مدهوش، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻيا شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيا. اهڙي طرح فورم طرفان ٻيا به ڪافي مشاعره ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا.

سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو ڳوٺ:

سنڌي ادبي سنگت شاخ پيارو ڳوٺ سال 2003ع تي وجود ۾ آئي. شاخ جو پهريون سيڪريٽري ظفرالله لهٻر هو. هن تنظيم جي طرفان ادبي گڏجاڻيون ٿينديون رهن ٿيون، جنهن ۾ ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، ڪاروباري ڪاميٽي جا اجلاس، ريليون، مذاڪرا ۽ ٻيون ڪيتريون تقريبون پڻ ٿينديون رهن ٿيون، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي به هن تنظيم جي طرفان احتجاج ڪيا ويا آهن، هن وقت به هيءَ تنظيم سرگرم عمل آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف:

سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف 6- نومبر 1998ع تي قائم ڪئي وئي. هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري گلزار احمد ڪلهوڙو هو. وفا بهادر چانڊيو جوائنٽ سيڪريٽري، خليل ميمڻ خزانچي، مخدوم ضياءُالحق صديقي آڊيٽر ۽ الهبچايو برهماڻي ڪائونسلر هئا. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان وقت بوقت مختلف موضوعن تي پروگرام ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، تعزيتي ميڙاڪا، ورسيون، سالگراهون، آجياڻي تقريبون، مهورتون، عيدملن پارٽيون، احتجاجي ريليون، مذاڪرا، سگهڙن جون ڪچهريون، شاعري تي تنقيدي ويهڪ، سيمينار، مختلف اديبن سان رهاڻيون ۽ ايوارڊ تقريبون پڻ شامل آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي مختلف پروگرامن ۾ جن ناميارن شخصيتن شرڪت ڪئي. انهن ۾ محسن ڪڪڙائي، ڊاڪٽر قربان جهتيال، احمد خان مدهوش، انور شاهه، غوث جهتيال، معصوم بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو، امتياز عادل سومرو، ديدار دانش کوسو، عبد مگسي، سليم چنا، راشد مورائي، افضل سولنگي، سڪندر جروار، بهار باغائي، آصف مٺياڻوي ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر شامل آهن، هن وقت به هيءَ سرگرمي سان روان دوان آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦُلجي اسٽيشن:

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڦُلجي اسٽيشن گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم جو روح روان ڊاڪٽر قربان جهتيال هو، جيڪو هن سال يعني 2012ع تي وفات ڪري ويو. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي پروگرام ٿيندا رهن ٿا. انهن پروگرامن ۾ ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، تعزيتي ميڙاڪا، ورسيون، سالگراهون، مهورتون، آجياڻي تقريبون، عيد ملن پارٽيون، مذاڪرا، احتجاجي ريليون، مختلف اديبن سان رهاڻيون ۽ مشاعرا شامل آهن. هن وقت به هيءَ تنظيم سرگرم عمل آهي.

بزمِ غريب سيتا وليج:

سيتاوليج، دادو تعلقي جو هڪ نهايت قديم ۽ تاريخي ڳوٺ آهي، جنهن جي علم ۽ ادب جو چرچو سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهيو. هن ڳوٺ ۾ هندن جي اڪثريت سبب ادبي ۽ ثقافتي حوالي سان تنظيم سازي قديم دور کان پئي رهي آهي. هن ڳوٺ ۾ ڌرمي جماعتون، ودياله ۽ وڌوا آشرم هئا. جن کي ڳوٺ جون سماجي ۽ ڌرمي تنظيمون هلائينديون هيون. هندو اديبن شاعرن ۽ فنڪارن جوهي ڳوٺ آماجگاه رهوي ڳوٺ ۾ ساهت منڊليون ۽ ناٽڪ منڊليون موجود هيون پران جو پڻ رڪارڊ ڪونه ٿو ملي. باقي ماضي قريب ۾ بزمِ غريب جو رڪارڊ موجود آهي.

هي بزم 1966ع تي وجود ۾ آئي مرحوم لونگ خان لائق سيتائي پنهنجي استاد مرحوم جمع خان غريب جي نالي تي قائم ڪئي. جنهن جو صدر محمد عالم شبنم ڏوگر سيڪريٽري لونگ خان لائق جوائنٽ سيڪريٽري بشير سيتائي ۽ خزانچي امداد شاهه شبنم (جنهن بعد ۾ فاني تخلص رکرايو) بڻيا هن بزم ننڍن وڏن مشاعرن مان ٻه مشاعرا سنڌليول تي ڪرايا اهي مشاعرا 1966ع ۽ 1967ع ۾ ٿيا جن ۾ ان دور جي ڪهنه مشق شاعرن پڻ حصو ورتو اڳتي هلي بزم ذاتي اختلافن جو شڪار بڻجي وئي.

بزمِ هم وطن سيتا وليج:

هيءُ بزم 1970ع ۾ ڳوٺ جي سماجي ۽ ادبي شخصيت محترم حاجن شاهه هموطن سيتائي جي نالي تي قائم ٿي. صدر سيد موزل شاهه، نائب صدر علي گوهر ٻُٽ، جنرل سيڪريٽري بشير سيتائي، پريس سيڪريٽري انيس ميهڙائي ۽ لائبريري انچارل گل حسن سومرو بڻيا. مذڪوره بزم چند گڏجاڻيون ڪيون، ننڍي پئماني تي مشاعرا ڪرايا ۽ ڳوٺ ۾ ڪجهه ڊراما اسٽيج ڪرايا پر بزم غريب وارا وڌل ويڇا ادبي حلقي ۾ اڃا موجود هئا. جن جو اثر بزم هموطن تي پڻ پوڻ لڳو. ان ڪري بزم هموطن پڻ ذاتي اختلافن جو شڪار ٿي وئي.

سنڌي ادبي ثقافتي سنگت سيتاوليج:

سنڌي ادبي ثقافتي سنگت جو بنياد هتان جي هڏڏوکي استادن ۽ اديبن 25- آڪٽوبر 1976ع تي وڌو، هن تنظيم جي باني دوستن ۾ غلام محمد سيتائي، بشير سيتائي، غلام عباس سومرو، رمضان سومرو، عبدالله شاهه آزاد رهيا. تنظيم جون هر سال چونڊون ڪرائي نون پُرجوش ۽ پُرخلوص دوستن لاءِ تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راهون هموار ڪيون ويون. هن تنظيم ڳوٺ ۾ ادبي ثقافتي ۽ سماجي حوالي سان نهايت سٺو ڪم ڪيو. 1981ع ۽ مهراڻ لائبريري قائم ڪئي. 1981ع ۾ ساهت سال جي سلسلي ۾ ساهت ادبي ميڙاڪو ۽ مشاعرو ڪرايو. هن تنظيم 1982ع ۾ لطيف جو ڏهاڙو ملهايو. ان موقعي تي علم ادب هنر ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ اسٽال لڳايو ويو. جن ۾ قديم ڪتاب قلمي نسخا، سڪا ۽ ٻيا نوادرات رکيا ويا. سنڌي هنرن جي پڻ نمائش ڪئي وئي. ان يادگار موقعي تي لطيف کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي شهرن ڳوٺن مان ڪهي آيل اديبن، شاعرن شرڪت ڪئي. هن تنظيم مقامي شاعرن ۽ فنڪارن سان پڻ رهاڻيون ملهايون. موجوده وقت جيتوڻيڪ ان جو ڪم سست پئجي ويو آهي. تاهم ماضي ۾ ان جو رڪارڊ مجموعي طور شاندار رهيو آهي.

 

پيشه ور تنظيمون

 

پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن دادو:

آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن جو بنياد سال 1952ع ۾ پيو. ان جو باني جان محمد جمالي هو ۽ سنڌ جو صدر به هو، دادو پ.ٽ.الف ابتدا کان ئي استادن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪوشان رهي آهي. دادو ۾ ڌڻي بخش ميمڻ، محمد يوسف ميمڻ، محدم عثمان جمالي، محمد يونس لاڙڪ، علي حيدر ميمڻ، محمد حسن باجاري، محمد سلطان ڪوريجو، قادربخش طالباڻي، محمد حسن سومرو، پ.ٽ.الف جي پليٽ فارم تان استادن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن وقت غلام رسول چانڊيو، مجيب الرحمان وگهيو، عزيزالله لغاري، پير بخش کوکر، عبدالقيوم ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ استادن جي مسئلن لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. پ.ٽ.الف هڪ تنظيم آهي. استادن هميشه جدوجهد ڪئي آهي. سنڌ جي سابق گورنر رحمان گل جي دور ۾ ڪراچي ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي هزارين استادن شرڪت ڪئي. دادو شهر جي استادن ۾ هن ريلي ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ڪراچي جي جن علائقن مان گذري ته اتان جي رهواسين استادن تي گُلن جي ورکا ڪئي. فليٽن، بنگلن ۽ جاين تان تاڙيون وڄائي ۽ گل نڇاور ڪري خوب داد ڏنو. هي ريلي تاريخي حيثيت سان ياد ڪئي ويندي.

گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسئيشن (گسٽا) دادو:

سيڪنڊري استاد پنهنجن مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هن تنظيم جو بنياد وڌو آهي. هيءُ تنظيم يونٽ، تعلقي ضلع ۽ سنڌ ليول تي ڪم ڪري رهي آهي. دادو تعلقي تي صدر الله بچايو پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري جاويد اڪبر ميمڻ آهي. هي تنظيم استادن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهي آهي.

مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسئيشن دادو:

مسجد اسڪول جنرل ضياءُالحق جي دور جي پيداوار آهن جن جو ڄار وڇايو ويو. انهن ۾ جدا استاد مقرر ڪيا ويا. جيڪي مسجد اسڪول ٽيچر سڏائيندا هئا. مسجد اسڪول ٽيچرس جي الڳ سينارٽي ٺاهي وئي ۽ انهن تي آفيسر به الڳ مقرر ڪيا ويا. ضلعي جي آفسرن کي به ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر چيو ويندو هو. استادن پنهنجي الڳ تنظيم مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسئيشن (ماٽا) جي نالي ٺاهي ۽ پنهنجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ سرگرمي سان هڙتالون بک هڙتالون ڌرڻا ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا. هي تنظيم اڃا تائين سرگرمي سان ڪم ڪري رهي آهي.

چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز دادو:

هيءَ تظيم، دادو شهر جي واپارين طرفان قائم ڪئي وئي آهي. جيڪا واپارين جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي. هيءَ تنظيم 1990ع کان ڪم ڪري رهي آهي. هميشه واپارين جي حقن لاءِ ڪوشان رهي آهي.

چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز خالص واپارين جي مفاد ۽ انهن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن تنظيم ۾ واپارين جو وڏو تعداد شامل آهي. غلام شاهه ملڪاڻي تنظيم جو صدر آهي. جڏهن ته محمد عثمان ميمڻ ان جو جنرل سيڪريٽري آهي. اهي ٻئي صاحب سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندا اچن ٿا.

ميونسپل ليبر ايمپلائيز يونين دادو:

هيءَ تنظيم تمام پراڻي آهي. ميونسپل ڪاميٽي جا جيڪي به محنت ڪش آهن. انهن جي مسئلن کي اعليٰ حڪام تائين پهچائڻ ۽ حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن تنظيم پنهنجي قيام کان اڄ تائين سرگرم عمل آهي. مسئلن جي حل لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڙتالون ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويندا آهن. هن تنظيم جو صدر عبدالرحيم عرف امير انصاري، جنرل سيڪريٽري حسن الدين سولنگي آهي.

ميونسپل ايمپلائيز يونين دادو:

ميونسپل ايمپلائيز يونين دادو ڪافي وقت کان ڪم ڪري رهي آهي، ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هميشه ڪوشان رهي آهي. تنظيم جا اڳواڻ: صدر بشير احمد سولنگي، جنرل سيڪريٽري عباس سهاڳ ۽ ٻيا عهديدار شامل آهن. هي عهديدار انتظاميه سان ملي مسئلي حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن.

پيپلز ليبر يونين دادو:

پيپلز ليبر يونين 1974ع ڌاري قائم ڪئي وئي. هن تنظيم جو صدر دولت خان لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري احمد علي سومرو هئا. تنظيم جي پليٽ فارم تان محنت ڪش طبقي جي نمائندگي ڪندا رهيا، هن وقت هن تنظيم پنهنجون سرگرميون محدود ڪري ڇڏيون آهن.

انقلاب ٽريڊ يونين دادو:

انقلاب ٽريڊ يونين نون تنظيمن تي ٻڌل آهي. محنت ڪش هميشه مشڪلاتن ۾ رهيو آهي ۽ هو شڪاگو کان وٺي اڄ تائين جدوجهد جاري رکندو پيو اچي. انڪري دادو ۾ مزدورن الحاق ڪري هيءَ تنظيم وجود ۾ آندي آهي. مزدورن تي ٿيندڙ هر ظلم خلاف هن تنظيم آواز بلند ڪيو آهي. هر سال پهرين مئي تي وڏي پئماني تي مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ شڪاگو جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي. انقلاب ٽريڊ يونين ۾ جيڪي تنظيمون شامل آهن. انهن ۾ ميونسپل ايمپلائيز يونين، ورڪشاپ يونين، ايڊيوڪيشن ورڪس، بلڊنگس، ايريگيشن، روڊس، ٻيڙي مزدور يونين، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل يونين ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن.

لوئر اسٽاف ايسوسئيشن (ايڊيوڪيشن) دادو:

آل سنڌ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسئيشن 1992ع ۾ قائم ڪئي ويئي آهي. ان جو صدر حاجن خان پنهور ۽ جنرل سيڪريٽري حاڪم علي لغاري هو. هن وقت به صدر حاجن خان پنهور آهي. جڏهن ته سيڪريٽري نبي بخش پنهور آهي. هن تنظيم جا مکيه مقصد آهن. ملازمن جي اولاد جي في معاف ڪرائڻ، لياقت موجب ملازمن جي اولاد کي ملازمت ڏيارڻ، لوئر اسٽاف جي ملازمن کي ڪالونيون ٺهرائي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، ناجائز ملازمن جون بدليون روڪرائڻ، ظلم ۽ زيادتين خلاف آواز بلند ڪرڻ شامل آهن.

هن تنظيم هر ظلم زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو آهي. هر ٻرندڙ مسئلي کي ٻين تنظيمن سان گڏجي حل ڪرائڻ جو ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ان لاءِ هڙتالون، بک هڙتالون ۽ ڌرڻا به شامل آهن.

ٽيڪنيڪل شاپ اونرس ايسوسئيشن دادو:

ٽيڪنيڪل شاپ اونرس ايسوسئيشن جو بنياد ڪافي سال اڳ وڌو ويو هو. ٽيڪنيڪل دوڪاندارن پنهنجي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ هن تنظيم جو بنياد وڌو آهي. جڏهن به هنن کي ڪي مشڪلاتون ۽ مسئلا درپيش ايندا آهن ته گڏجي مسئلا حل ڪرائيندا آهن. هن تنظيم جو سرپرست ۽ چيئرمن دادو جو ناليوارو وڪيل محمد رمضان خشڪ آهي.

ڪلاٿ مرچنٽس ايسوسيئيشن دادو:

دادو شهر ۾ هيءَ تنظيم ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهي آهي. ڪپڙن جا جيڪي به واپاري آهن. انهن جي نمائندگي ڪري رهي آهي. دوڪاندارن سان جيڪي زيادتيون ٿين ٿيون، انهن خلاف آواز بلند ڪري زيادتين جو ازالو ڪيو ويندو آهي. هن وقت هي تنظيم چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز ۾ ضم ٿي چڪي آهي.

هٿ ريڙها ايسوسئيشن دادو:

هيءَ تنظيم به ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهي آهي. هٿ گاڏن تي ڪم ڪندڙ پورهيت جيڪي فروٽ، سائي ڀاڄي ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪن ٿا. انهن کي اڪثر پوليس ۽ ميونسپل ڪاميٽي جا اهلڪار تنگ ڪندا رهن ٿا. هنن تنظيم ٺاهي صدر ميوي خان سولنگي کي مقرر ڪيو ويو. جيڪي دليري سان پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي. سرڪاري اهڪارن سان منهن ماري به ڪندو رهي ٿو. وقتي طور جيل جون صعوبتون به برداشت ڪرڻيون پونس ٿيون.

پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن دادو:

پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن يونٽ سول اسپتال دادو جو بنياد 1985ع ۾ وڌو ويو. هن تنظيم جو پهريون صدر نياز شيخ هو. سال 1990ع کان 2001ع تائين محمد آچر پنهور صدر هو. هن وقت سرور ملڪ صدر آهي. هن تنظيم جي اڳواڻ پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. وقتي طور تي عهديدارن جيل قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪيون آهن. جن ۾ منور گهلو جو نانءُ سرفهرست آهي. ڪجهه اڳواڻن کي دادو ضلع کان ٻاهر بدلي ڪيو ويو. جن ۾ محمد آچر پنهور (تلهار) نثار لاشاري (ٺٽو) شريف مستوئي (ڪوٽڙي) بدلي ڪيو ويو. ان ڪري سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو. سنڌ جي وزير محترم ڊاڪٽر ابراهيم جوئي جي مداخلت بعد سندن بدلي دادو ڪئي وئي. بدليون بن ڪرائڻ لاءِ صوبائي صدر محمد صالح ڳاهي اهم ڪردار ادا ڪيو.

دادو شهر ۾ ٻيون به هيٺيون پيشور تنظيمون آهن، جيڪي فلاحي سرگرمين ۾ مصروف آهن.

(1) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ايمپلائيز يونين (2) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ورڪز يونين (3) ٻيڙي مزدور يونين (4) آٽو رڪشائون يونين (5) موٽر سائيڪل يونين (6) صرافه يونين (7) گڏهه گاڏا ايسوسئيشن (8) آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسئيشن (آپڪا) (9) سنڌ پروفيسرس ليڪچرس ايسوسيئشن (سپلا) ۽ ٻيون شامل آهن.

 

سياسي تنظيمون

 

مسلم ليگ:

مسلم ليگ پاڪستان جي خالق جماعت آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ هيءَ تنظيم پروان چڙهي، ملڪ جي گوشي گوشي ۾ هن تنظيم جون شاخون قائم ڪيون ويون، دادو ۾ به مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪئي وئي. دادو جي عوام طرفان به جوش خروش سان جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار 14- آگسٽ 1947ع تي پاڪستان وجود ۾ آيو. قائداعظم محمد علي جناح جي وفات کان پوءِ هي تنظيم جوڙ ٽوڙ جو شڪار ٿي وئي. صدر ايوب جي دور ۾ ٽي دڙا وجود ۾ اچي ويا. ڪائونسل مسلم ليگ جنهن جو سربراهه ممتاز محمد خان دلتانه هو، ڪنوينشن مسلم ليگ جو سربراهه صدر ايوب ۽ پاڪستان سربراهه خان عبدالقيوم خان هو. ان کان پوءِ اڄ تائين مسلم ليگ جا ڪيترائي ڌڙا وجود ۾ اچي ويا آهن. نواز شريف پنهنجي نالي پٺيان (نواز ليگ) لکرايو ۽ ان جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهيو، پير صاحب پاڳاري به پنهنجو هڪ الڳ ڌڙو پاڪستان مسلم ليگ (پاڳارو گروپ) جي نالي سان قائم ڪيو ويٺو آهي. صدر مشرف وري نئون تجربو ڪري پاڪستان مسلم ليگ (قائداعظم) گروپ تشڪيل ڏنو آهي. جنهن جو صدر چوڌري شجاعت کي مسلط ڪيو ويو آهي. سال 2002ع ۾ سڀ ڌڙا گڏ ڪري مسلم ليگ جي نالي سان پارٽي کي منظم ڪيو ويو آهي. ٿوري وقت اندر پير پاڳارو الڳ ٿي دوباره پنهنجي مسلم ليگ کي منظم ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال دادو تعلقي ۾ مسلم ليگ جون ڪجهه شاخون ڪم ڪري رهيون آهن. پر عوام جي پذيرائي کين ايتري نه ملي سگهي آهي جيتري ملڻ گهرجي.

پاڪستان پيپلز پارٽي:

ڀارت، هميشه پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪندو آيو آهي. پاڪستان کي دل سان قبول نه ڪيو آهي. 1965ع ۾ ڀارت ڪشمير ۾ مداخلت شروع ڪري ڏني. ڪشميرين جو قتل عام ڪرايو، پاڪستان بار بار ڀارت کي ڪشمير ۾ مداخلت بند ڪرڻ جو مشورو ڏيندو رهيو، تڏهن به ڀارت ڪشمير ۾ مداخلت بند نه ڪئي. 6- سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت بنااعلان جنگ جي رات جي تاريڪي ۾ ڇهه سؤ ٽينڪن جي مدد سان لاهور تي حملو ڪري ڏنو. ڀارت جي وزيراعظم شاستري ۽ وزير خارجه سردار سورن سنگهه، اعلان ڪيو ته لاهور فتح ڪرڻ کان پوءِ شالامار باغ ۾ جشن ملهائينداسون. ڀارت جون فوجون ڇهه سؤ ٽينڪن سان جڏهن راوي ندي جي پل وٽ پهتيون ته مسلح افواج ۽ لاهور جا نوجوان پنهنجي وطن جو دفاع ڪندي جان سان بم ٻڌي ٽينڪن اڳيان پاڻ کي اُڇلايو ۽ ان اوچتي حملي سبب ڀارت جون فوجون ڇهه سؤ ٽينڪون تباهه ٿي ويون ۽ ڀارت جا فوجي هراسجي پوئتي ڀڄي ويا. ان ڏينهن 1:00 وڳي ريڊيو پاڪستان تي صدر ايوب اعلان ڪيو ته ڀارت حملو ڪري ڏنو آهي. پاڪستان جا ڏهه ڪروڙ عوام جن جي دلين ۾ ’لا اِلـــٰھ اِلا الله محمد رسول الله‘ جو ڪلمو دل ۾ سمايل آهي، اُهي ان وقت تائين چين سان نه ويهندا جيستائين دشمن جي توبن جا منهن هميشه لاءِ خاموش نه ٿي وڃن. اهڙي طرح 6- سيپٽمبر کان 23- سيپٽمبر تائين جملي سترهن ڏينهن لڙائي هلي، جنهن ۾ ڀارت جا هڪ سؤ پنج هوائي جهاز ڪيرايا ويا ۽ هزارين ميل ايراضي تي مسلح فوج قبضو ڪري ورتو. پاڪستاني فوج سان گڏ قوم به ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏنو. ڀارت سان وڙهڻ لاءِ لکين نوجوان رضاڪارانه خدمتون آڇيون. هن لڙائي ۾ سنڌي قوم فوج سان گڏ هئي، رڻ ڪڇ جي محاذ تي حُر مجاهدن معمولي هٿيارن هوندي به ڀارتي فوج جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ رڻ ڪڇ جي وڏي ايراضي تي قبضو ڪري ورتو. ڀارت ايڏي جاني ۽ مالي نقصان پوڻ تي پاڻ مرادو جنگ بندي جو اعلان ڪيو. جنگ بندي جي اعلان کي پاڪستان به قبول ڪري ورتو. جنگ بندي جي ٽياڪڙي روس طرفان ڪئي وئي.

روسن ٽياڪڙي ڪنڊي ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي روس اچڻ جي اپيل ڪئي. جنوري 1966ع تي گول ميز ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ٻئي ملڪ جنگي قيدي واپس ڪن ۽ پاڪستان طرفان هزارين ميل ڀارت جي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪري ڀارت حوالي ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ ڀارت جي نمائندگي وزيراعظم شاستري ۽ وزير خارجه سردار سورن سنگهه ڪئي. جڏهن ته پاڪستان جي نمائندگي صدر ايوب ۽ وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽي ڪئي. اهو فيصلو ٻڌي ڀارت جي وفد کي بيحد خوشي ٿي. 9 جنوري 1966ع تي وزيراعظم شاستري دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو وڃايل علائقو ۽ جنگي قيدي ميز تي ڳالهين ۾ حاصل ڪري ورتا. ان موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽي صاحب صدر ايوب وٽ احتجاج ڪيو ۽ واپس اچي وزارت خارجه تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ صدر ايوب خلاف محاذ کڙو ڪري ڏنائين. شهيد ڀٽي هم خيال دوستن ۽ ساٿين سان صلاح مصلحت شروع ڪئي. جيئن صدر ايوب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.

30 نومبر 1967ع تي سڄي پاڪستان مان دوستن ۽ ساٿين کي گهرايو. جنهن ۾ جي. اي رحيم، مخدوم محمد زمان الموليٰ، عبدالحفيظ پيرزادو، غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مصطفيٰ کو، ملڪ معراج خالد خورشيد مير ڊاڪٽر مبشر حسن معراج محمد خان، حيات محمد شيوپاءُ، نواب گنڊاپور، مير رسول بخش ٽالپور (شير سنڌ) ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا ۽ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، ان کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ تنظيم سازي ڪئي وئي. سنڌ ۾ مير رسول بخش ٽالپور کي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ڀٽي صاحب سڄي ملڪ ۾ طوفاني دورا ڪيا ۽ عام جلسا ڪيا ۽ صدر ايوب خلاف تحريڪ شروع ڪئي. آخر صدر ايوب صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org