سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 9

گورنمنٽ پرائمري ماڊل مين اسڪول دادو جا هيڊماستر

هيءُ اسڪول، پراڻن ۽ قديم اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي اسڪول 1930ع ۾ قائم ڪيو ويو. اڄ تائين هيٺيان هيڊ ماستر مقرر ٿيا آهن. تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

1.      جشن مل عامل

07،09،1945

17،05،1948

2.     الهرکيو ولد گل محمد سهتو

18،05،1948

06،09،1949

3.     ڍالو مل ماڻهو

07،09،1949

13،09،1950

4.     محمد اسماعيل ولد جمع خان

14،09،1950

16،12،1954

5.     محمد رمضان ولد لعل بخش

17،12،1954

01،07،1957

6.     محمد يونس ولد محمد ابراهيم

02،07،1957

02،04،1960

7.     ڌڻي بخش ولد محمد اسماعيل ميمڻ

03،04،1960

30،09،1985

8.     محمد عٿ۾ان ولد گل حسن جمالي

01،10،1985

09،08،1986

9.     ڌڻي بخش ولد محمد اسماعيل ميمڻ

10،08،1986

31،01،1987

10. محمد صديق ولد حمزو خان سيال

01،02،1987

21،06،1987

11.  محمد عثمان ولد گل حسن جمالي

22،06،1987

31،03،1988

12. حاجي خان ولد عبدالڪريم دستي

31،03،1988

09،03،1994

13. غلام قادر ولد مٺو خان جوڻيجو

10،03،1994

31،01،1995

14. غلام نبي ولد حاجي درمحمد قريشي

01،02،1995

09،10،1995

15. عزيزالله ولد فيض محمد لغاري

10،10،1995

 

 

گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد جا هيڊماستر

1.      چتارام

20،11،1947

15،03،1948

2.     محمد رمضان

16،03،1948

15،08،1952

3.     حاجي محمد حسن سومرو

16،08،1952

15،03،1959

4.     سيد جيوڻ شاهه

16،03،1959

13،11،1959

5.     حاجي محمد حسن سومرو

14،11،1959

11،05،1979

6.     محمد عارف ميمڻ

12،05،1979

09،10،1980

7.     محمد عثمان جمالي

10،10،1980

15،01،1983

8.     محمد دائود قريشي

16،01،1983

23،08،1985

9.     علي خان سومرو

24،08،1985

27،11،1988

10. محمد هاشم قريشي

28،11،1988

12،05،1991

11.  محمد عثمان وڳڻ

13،05،1991

13،03،1993

12. عبدالرشيد پنهور

13،03،1993

15،04،1996

13. محمد صالح ڪورائي

16،04،1996

31،03،1997

14. بشير احمد لنڊ

01،04،1997

 

نوٽ: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد دادو ويهين نومبر 1947ع تي وجود ۾ آيو. هيءَ اسڪول دادو شهر جي قديم اسڪولن ۾ شمار ٿئي ٿو. اسڪول کلڻ کان اڄ تائين جيڪي هيڊ ماستر مقرر ٿيا آهن. تن جو تفصيل مٿي ڄاڻايو ويو آهي.

گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد جا هيڊماستر:

هي اسڪول 25 مئي 1939ع ۾ قائم ٿيو. شروع ۾ هي اسڪول خانگي عمارت ۾ هلندو هئو. 1981ع ۾ هيءَ اسڪول شفٽ ٿي. موجوده عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن اسڪول جا هيٺيان هيڊماستر ٿي گذريا آهن.

1.      محمد يونس ولد محمد ابراهيم لاڙڪ

04،04،1980

30،11،1981

2.     محمد عثمان ولد گل حسن جمالي

01،12،1981

30،07،1985

3.     ڌڻي بخش ولد محمد اسماعيل ميمڻ

01،08،1985

31،08،1987

4.     محمد صديق ولد حافظ حمزو سيال

31،08،1987

30،06،1989

5.     لطف الله ولد محمد هاشم قريشي

01،07،1989

04،08،1990

6.     سوڀو خان ولد حاجي علي محمد ٻٻر

04،08،1990

01،12،1991

7.     محمد ابراهيم ولد محمد يونس ٿهيم

01،12،1991

18،10،1992

8.     محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي

18،10،1992

10،06،1993

9.     عزيزالله ولد فيض محمد لغاري

11،06،1993

02،11،1994

10. عبدالنبي ولد محمد عارف ڏاوڇ

02،11،1994

13،04،1998

11.  سائينداد ولد مير محمد سهاڳ

13،04،1998

23،08،1999

12. بشير احمد ولد محمد بخش کرل

24،08،2002

25،10،2002

13. عبدالرشيد ولد غلام محمد پنهور

25،10،2002

13،01،2003

14. عبدالنبي ولد محمد عارف ڏاوڇ

13،01،2003

 

 

سرڪاري تعليمي ادارا

1.      استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو

2.     گورنمينٽ گرلس ڪاليج دادو

3.     گورنمينٽ پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ دادو

4.     گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ دادو

5.     گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد دادو

6.     گورنمينٽ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادو

7.     گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڇاڻو شاهه آباد دادو

8.     گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول دادو

9.     گورنمينٽ ڪي جي هاءِ اسڪول دادو

10. گورنمينٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ (بوائز) دادو

11.  گورنمينٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ (گرلس) دادو

12. گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو

13. آرمي پبلڪ اسڪول ائنڊ ڪاليج دادو

خانگي تعليمي ادارا:

گذريل ٽن ڏهاڪن کان سرڪاري ادارن ۾ تعليم نالي ماتر وڃي رهي آهي. استادن جو تعداد ته ٽيڻو چئوڻو آهي. پر تعليم پستي طرف گامزن آهي. ٽيوشن جي ڀرمار آهي. غريبن جي ٻارن کي ٽيوشن جي سگهه نه هئڻ سبب سندن مستقبل اونداهو ٿي رهيو آهي. ان ڪري دادو شهر ۾ پرائيوٽ ادارن جو چار وڇائجي چڪو آهي. جتي تعليم جو معيار ڪي قدر بهتر آهي. هنن ادارن ۾ ڪي جي کان اٺين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي. دادو شهر ۾ هيٺيان تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آهن.

1.      آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج دادو

2.     پبلڪ اسڪول دادو

3.     او. پي. ايف مشعل اسڪول دادو

4.     ارم برائيٽ پبلڪ اسڪول دادو

5.     برائيٽ پبلڪ اسڪول دادو

6.     ماڊل اليمينٽري اسڪول دادو

7.     عبدالله گرامر اسڪول دادو

8.     فرحان پبلڪ اسڪول دادو

9.     نيو ملينم اسڪول دادو

10. زبيده پبلڪ اسڪول دادو

11.  شاهه عبداللطيف ڪڊز يونيورسٽي دادو

12. روشن تارا اسڪول دادو

13. ڪيمبرج پبلڪ اسڪول دادو

14. سني برائيٽ پبلڪ اسڪول دادو

15. منصور پبلڪ اسڪول دادو

16. فيوچر پبلڪ اسڪول دادو

17. بشارت پبلڪ اسڪول دادو

18. پروگريسو انگلش پبلڪ اسڪول دادو

19. يونيڪ پبلڪ اسڪول دادو

20.            شهيد مخدوم بلاول پبلڪ اسڪول دادو

21. معصومي اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس دادو

22.            ڊيولپمنٽ آرگنائيزيشن دادو

23.            ڪريٽو ڪمپيوٽر سينٽر دادو

24.            شهيد مخدوم بلاول انگلش سينٽر ايند

         اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس دادو

25.ايڪٽو انسٽيٽيوٽ ڪمپيوٽر سائنس دادو

26.            شهباز ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ايڪسل

         انگلش ڪوچنگ سينٽر دادو

27.            فائونڊيشن گرامر اسڪول دادو

28.            علي انگلش پبلڪ اسڪول دادو

29.            پير نجيب الله اڪيڊمي دادو

30.            مهراڻ انگلش پبلڪ اسڪول دادو

31. فور ايس ميران بيبي پبلڪ اسڪول دادو

32.            سچل پبلڪ اسڪول نجم باغ ڪالوني دادو

دادو شهر جا پرائمري اسڪول:

1.      گورنمينٽ پرائمري اسڪول سنڌي مين دادو

2.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول اردو مين دادو

3.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول مسڻ روڊ دادو

4.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول شمس العلوم دادو

5.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد سنڌي دادو

6.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد اردو دادو

7.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول استاد بخاري دادو

8.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالستار کيڙو دادو

9.     گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدرآباد دادو

10. گورنمينٽ پرائمري اسڪول فاطمه بيبي دادو

11.  گورنمينٽ پرائمري اسڪول بي اينڊ آر ڪالوني دادو

12. گورنمينٽ پرائمري اسڪول صوف خان لنڊ دادو

13. گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد ڪالوني دادو

14. گورنمينٽ پرائمري اسڪول سورج آباد دادو

15. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊي سي ڪالوني دادو

16. گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهباز ڪالوني دادو

17. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪنڀار محله دادو

18. گورنمينٽ پرائمري اسڪول واٽر سپلاءِ دادو

19. گورنمينٽ پرائمري اسڪول مڪي مسجد دادو

20.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول مسلم ڇاڻو آباد دادو

21. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڇاڻو شاهه آباد دادو

22.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد دادو

23.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول پير بخش سولنگي دادو

24.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول هائوسنگ سوسائٽي دادو

25.گورنمينٽ پرائمري اسڪول بچل سولنگي دادو

26.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول مولوي جمال الدين سولنگي دادو

27.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول پوليس هيڊ ڪوارٽر دادو

28.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول وزيرآباد دادو

29.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول ريلوي لوڪوشيڊ دادو

30.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول مرکپور محلو دادو

31. گورنمينٽ پرائمري اسڪول دارالفيوض دادو

32.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول مکڻ پنهور دادو

33.            گورنمينٽ پرائمري اسڪول فتح خان زئونر دادو

گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول

1.      گورنمينٽ  گرلس پرائمري اسڪول بٺ محلا دادو

2.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول سورج آباد دادو

3.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مزدورآباد دادو

4.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ميمڻ محلا دادو

5.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول غريب آباد (سنڌي) دادو

6.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول غريب آباد (اردو) دادو

7.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڇاڻو شاهه آباد دادو

8.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مرکپور محلو دادو

9.     گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول هائوسنگ سوسائٽي دادو

10. گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول شمس آباد دادو

11.  گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول پير بخش ڪالوني دادو

12. گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول بدرآباد دادو

13. گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مولوي جمال الدين سولنگي دادو

14. گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول مڪي مسجد دادو

15. گورنمينٽ گرلس پرائمري ڪي. جي اسڪول دادو

 

دادو تعلقي جا اولياءُ ڪرام

 

سيد محسن شاهه:

سيد محسن شاهه جنهن کي موسن شاهه به چوندا آهن. سيد فضل شاهه جو فرزند هو. سيد محسن شاهه جا وڏا هجرت ڪري ڇاڻي شاهه آباد ۾ اچي رهيا. سيد محسن شاهه ڇاڻي شاهه آباد ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ ڄائو هو. قبرستان جي اڀرندي طرف مڪان ۽ ڦٽل کوهه هوندو هو. محسن شاهه ان تي نار چاڙهي پوک ڪرائيندو هو. سيد محسن شاهه جا مريد موچي هوندا هئا. جن مان جمع موچي سيد محسن جو خاص مريد ۽ معتقد هو.

سيد محسن شاهه پنهنجي وقت جو وارو وڄائي اجل جي سڏ کي لبيڪ چئي واصل بالله ٿيو. سندس مزار مبارڪ ڇاڻي شاهه آباد دادوءَ ۾ آهي، جتي عام ۽ خاص لاءِ زيارت جو مرڪز بڻيل آهي. سندس تربت سان گڏ اوڀر ۾ ڏاتر ڏنو شاهه جي به مزار آهي. ڪي وري هن کي روشن شاهه جي تربت چون ٿا.

بزرگ حاجي بهرام عرف ”حاجي بهران“

حاجي بهرام جي باري ۾ چون ٿا ته هو اصل افغاني هو. الله جو نيڪ ٻانهو بزرگ ٿي گذريو آهي. پنهنجي ملڪ افغانستان مان بغداد ڏانهن سيد عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي ويو، جتي ڪافي عرصو رهيو. پوءِ دادو ۾ مسجد شريف وسايائين، جا اڄ به حاجي بهرام جي مسجد جي نالي سان مشهور آهي. حاجي بهرام دادو ۾ شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مولوي محمد يوسف هو، جيڪو پنهنجي نيڪنامي ۽ پرهيزگاريءَ ۾ مشهور هو. سندس ڪرامتون اظهر من الشمس هيون. حاجي بهرام ڪيترائي سوال وٽس ايندا هئا ۽ من جون مرادون ماڻي واپس ويندا هئا. حاجي بهرام وفات ڪئي ته سندس جسم خاڪي کي مسجد جي اتر ۾ دفن ڪيو ويو. مزار مٿان ڪوٺو ٺهيل آهي.

سخي سلطان شاهه:

شاهه صاحب وڏي ڪرامت جو مالڪ هو. سندس حسب نسب بابت مستند معلومات نه ملي سگهي آهي. سخي سلطان شاهه جو مقبرو مارڪيٽ روڊ جي اتر ۾ ۽ مڇي مارڪيٽ جي اوڀر ۾ واقع آهي. سخي سلطان شاهه جي مقبري جي اوڀر طرف کان دروازو هو. سامهون ميدان هوندو هو، جتي هر جمع تي مجلس ٿيندي هئي. ڳائڻا ۽ فنڪار ان پڙ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. سخي سلطان شاهه جون ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن.

لعل هندي:

لعل هندي ڪلهوڙن جي وقت جو پيو ٻڌجي. روايت مطابق هو وڏي منزل جو مالڪ هو. سندس مزار جو پتو نٿو پوي ته ڪٿي آهي. لعل هندي جو مقام، دادو شهر جي ڏکڻ ۾ آهي. هيءُ مقام ڪافي وڏو آهي، منجهس ڪيترائي عالم، زاهد متقي، حافظ، درويش ۽ ٻيا الله هڪ ابدي ننڊ ۾ آهن. مقام جي ڏکڻ ۾ وڏي عيدگاهه آهي. هن ۾ گهاٽا وڻ ۽ سائي ڇٻر آهي. سڄي شهر جا ماڻهو اتي عيد نماز پڙهندا آهن. هيءَ تاريخي عيدگاهه آهي. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، ته دادو شهر جي هزارين شهرين اتي غائبانه جنازي نماز پڙهي. اها نماز پوليس ۽ فوج جي گهيري ۾ پڙهي وئي. هن غائبانه جنازي نماز جي امامت مولوي عبدالرحمان پنهور ڪئي.

جتي ستي جمال شاهه:

جمال شاهه الله لوڪ بزرگ ٻڌايو وڃي ٿو. هن مجرد زندگي گذاري، سموري زندگي شادي نه ڪيائين، جنهن ڪري ان کي جتي ستي چوندا هئا. جتي ستي جمال شاهه جي مزار مرکپور جي اتر اولهه طرف مرکپور ۽ جوهي روڊ جي ڏکڻ تي آهي. سندس نالي سان اتي مقام آهي. جتي ستي جمال شاهه جي مزار وچ ۾ مٿي دڙي تي آهي. مٿان ڇاپرو اڏيل اٿس. چوڌاري کٻڙن جا وڻ اٿس. الله جا ٻانها اچي دعائون گهرندا آهن.

پير بخاري:

هن بزرگ بابت مستند حوال نه ٿو ملي. پوليس هيڊ ڪوارٽر جي اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ ۽ دادو اسٽيشن جي اولهه ۾ هڪ مقام آهي، اتي پير بخاري مدفون ٿيل آهي. جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته هندن ۽ مسلمانن جو تبادلو ٿيو. انهن ۾ سيد حبيب شاهه زيدي به آيو. هو خواجه معين الدين چشتي اجميري جو مريد هو. هر سال پنهنجي گهر اڳيان گهٽيءَ ۾ خواجه اجميري جو عرس ملهائيندو هو. جنهن ۾ پاڪستان جا مشهور قوال ايندا هئا ۽ قوال پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. حبيب شاهه طرفان خواجه اجميري جي چادر، پير بخاري جي مزار تي هر سال چاڙهي ويندي هئي ۽ قوالي جي مجلس پڻ ٿيندي هئي. اهڙي طرح پير بخاري کي ظاهر ڪيو ويو. 1985ع ۾ سيد حبيب شاهه دادو مان لڏي ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جيڪو ڪجھه عرصو اڳ فوت ٿي ويو آهي. هاڻي پير بخاريءَ جو ميلو هر سال لڳندو آهي، جتي دوڪاندار دوڪان سجائيندا آهن. چوڏول، ڦرڻيون، پينگها ۽ جهولا لڳايا ويندا آهن، ملاکڙو به لڳندو آهي.

شير شاهه:

ڊاڪٽر ميمونه جي ڪلينڪ جي اتر ۾ جاين جي وچ ۾ هڪ مزار آهي. هيءَ مزار گهاڙي جي ڪپ تي ڪچي ٺهيل هوندي هئي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ڪنهن مسافر جي مزار آهي. هن مزار جو متولي ڪوڙل فقير ميمڻ آهي، ان جو چوڻ آهي ته هتي شير شاهه نالي هڪ سيد سڳورو رکيل آهي. مزار هن وقت پڪي ٺهيل آهي. هميشه مٽ پاڻي سان ڀريل هوندا آهن. جتان ماڻهو سبيل پي دعائون گهرندا رهندا آهن. مزار جي ڀرسان قرآن شريف رکيل آهي. بعض اوقات ماڻهو اچي قرآن شريف جي تلاوت ڪندا آهن.

پير محمد مراد:

پير محمد مراد ڪلهوڙن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو. پاڻ الله جو نيڪ ۽ صالح ٻانهو ٿي گذريو آهي. روايت آهي ته سندس لاش مبارڪ پيتي ۾ بند ٿيل آهي.

سندس پهرين مرقد دادو شاهه جا ڀاڻ تي هئي، هيءُ ڳوٺ ڪچي ۾ هو. درياءَ جي پائڻ ڪري سندس لاش کي اتان ڪڍي، ٻئي هنڌ دفن ڪيو ويو. اُتي به درياءَ موج ڏيکاري ۽ اتان به سندس لاش جيڪو پيتي ۾ بند هو، دادو شهر جي ڀرسان موجوده هنڌ تي دفن ڪيو ويو. 1931ع ۾ دادو ڪئنال قائم ٿيڻ سان پير محمد مراد جي مزار ڪئنال جي اوڀر ۾ اچي وئي آهي. پير محمد مراد جي مزار ڀرسان ٻه مزارون ٻيون به آهن. اڳي مزار مٿان ڇاپرو ٺهيل هو. هن وقت مٿس مقبرو اڏيو ويو آهي. هر سال 27 رجب المرجب تي ميلو لڳندو آهي. ملاکڙو به ٿيندو آهي. رجبي تي تل به ٿيندو آهي، جتي شهر ۽ پس گردائي جا مريد معتقد اچي تل کائيندا آهن. هن وقت درگاهه جو مجاور پير گلڻ آهي.

سيد واڌن شاهه:

سيد واڌن شاهه نيڪ ۽ الله جو پيارو درويش ٿي گذريو آهي. سندس مزار واڌن شاهه روڊ تي واقع آهي. سندس مزار مٿان ڪوٺي ٺهيل آهي. مزار جي ڀرسان علم لڳل آهي. سندس درگاهه تي هر وقت سوالي ايندا آهن. قرآن شريف پڙهندا آهن ۽ دعائون به گهرندا آهن ۽ من جون مرادون حاصل ڪندا آهن. سيد واڌن شاهه جي نالي سان هڪ ننڍڙو مقام به آهي. هن مقام ۾ سنڌ جي ڀلوڙ عوامي شاعر استاد بخاري جي ابدي آرام گاهه به آهي. استاد بخاري جي مزار تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب، شاعر ۽ فنڪار ڪهي اچي حاضري ڏيندا آهن ۽ کيس عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن.

عنايت شاهه فقير:

هن فقير جا حالات ۽ واقعات ملي نه سگهيا آهن، سندس مزار پيارو ڳوٺ جي ڏڻ ۾ ريل جي پٽڙي سان لڳ اوڀر ۾ واقع آهي. مزار جي مٿان لانڊي نما ڇاپرو ٺهيل آهي. هن مزار تي ڪيترائي عقيدتمند ايندا آهن ۽ باسون باسيندا آهن. هن درويش جي مزار تي راڳ رنگ جي محفل به ٿيندي آهي.

امير پير:

امير پير جنهن کي راجل وير به چوندا آهن. پاڻ ذات جو پنهور هو ۽ سندس والد جو نالو آٿڙو نواب آهي. امير پير جي مزار دادو شهر کان ڏکڻ طرف 9 ڪلوميٽر پند تي آهي. هيءَ درگاهه سنڌ جي قديم ڳوٺ اميناڻي ۾ آهي. آٿڙو نواب جي مزار دادو شهر کان اولهه طرف اٽڪل چار ڪلوميٽر پند تي واقع آهي. امير پير راجل وير کي مسلمانن کان علاوه هندو به پنهنجو اوتار سمجهندا آهن. روايت ۾ آهي ته امير پير ارڙهين صدي جي ابتدا ۾ اميناڻي ڳوٺ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، پاڻ حافظ قرآن ۽ درويش صفت انسان هو. ڪيترائي مسلمان ۽ هندو وٽس ايندا هئا، ۽ من جون مرادون پوريون ڪري، واپس ورندا هئا. امير پير جي رح:ت بعد کيس ڳوٺ اميناڻي لڳ دفن ڪيو ويو. سندس مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. جيڪو ڇتائون آهي. هر سال ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ سرڪس، چوڏول، ڦرڻيون ۽ ٿيٽر وغيره ايندا آهن. بازارون لڳنديون آهن. شام جو ملاکڙو به ٿيندو آهي. جتي اتر ۽ لاڙ جا پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هر ماهه پهرين آچر تي هندن جو وڏو تعداد سندس مزار تي ايندو آهي. جنهن ۾ عورتن جو به ڪثير تعداد شامل هوندو آهي. سڄي رات محفل ٿيندي آهي. ڪيترائي سوالي ڪڪڙ نذراني طور کڻي ايندا آهن ۽ درگاهه جي متوليءَ حوالي ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org