سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 24

عبدالستار جمالي:

عبدالستار جمالي ولد محمد لائق جمالي فني نالو ستار جمالي 17- آڪٽوبر 1964ع تي ڳوٺ پير ڳڻيو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پير ڳڻيو اسڪول مان حاصل ڪري، پائلٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪري استادي پيشو اختيار ڪيائين. ستار جمالي شاگردي واري دور کان ئي پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو 1984ع ۾ نصيرآباد ۾ ٿيو، جتي کيس ڪافي داد مليو. هن لڳ ڀڳ 30 اسٽيج ڊراما ڪيا آهن. اڪثر مزاحيه ڪردار ادا ڪندو آهي. ستار جمالي ڊراما نويس پڻ آهي ۽ ڪجهه ڊرامن جي ڊائريڪشن پڻ ڏني آهي، ڪجهه ڊراما ڪي.ٽي.اين تان به ڪيا اٿس. سندس فني سفر جاري آهي.

تسليم دارا:

تسليم حسين دارا ولد محمد پريل ذات ميمڻ نومبر 1965ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم اسڪول غريب آباد دادو ۾ پڙهيو. ثانوي تعليم به دادو مان حاصل ڪئي. اٿس. ننڍي هوندي کان ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندو پيو اچي. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ظلم جو انجام، غيرت غريب جو شان ۽ شريف گنهگار به شامل آهن. تسليم دارا ٻين سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان به وابسته رهيو آهي، جن ۾ سنڌ لوڪ ثقافت تنظيم دادو، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل دادو، بسنت ڪائونسل دادو شامل آهن. هن ٽيليويزن تي مزاحيه پروگرام غلطي معاف ۾ به ڪم ڪيو آهي. هن وقت ڪي.ٽي.اين تي مزاحيه پروگرام پيش ڪري رهيو آهي، فن جو سفر اڃان سندس جاري آهي.

بخشل چارڻ:

بخشل ولد محمد حسن چارڻ 25- جنوري 1954ع تي غريب آباد محلي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد دادو  ۾ مئٽرڪ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. بي.اي، ايم.اي ۽ بي.ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين ۽ ايم.ايڊ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان حاصل ڪيائين. بخشل چارڻ 1972ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو ۽ کيس آگسٽ 1988ع ۾ پروموشن ڏئي هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو. اڃان تائين استادي جهڙي معزز پيشي سان لاڳاپيل آهي. درس و تدريس کان علاوه سماجي، ثقافتي سرگرمين ۾ به بهرو وٺندو پيو اچي. سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا ۾ مختلف عهدن تي به رهيو آهي. کيس شاگردي جي دور کان ڳائڻ وڄائڻ ۽ اسٽيج ڊراما ڪرڻ جو شوق هو. کيس اسٽيج ڊرامن ۾ تقريباً 20 سالن جو تجربو آهي. سواڪا طرفان ڊرامو عاشق سان ڌانڌلي ۽ ابو بلال آرٽ ڪلب طرفان عشق تي ڪرفيو پيش ڪيو ويو. ان ۾ به بهرو ورتائين. هن جمعدار، آفيسر، منشي، ڪاميڊي، نوڪر، ڌاڙيل، مظلوم هاري، پورهيت ۽ رئيس وغيره جا ڪردار سهڻي نموني نڀايا آهن. ازانسواءِ اسڪائوٽ يونٽ ليڊر جي حيثيت ۾ گهوڙا گلي ۾ قلندر شهباز جي شان ۾ قوالي ۽ رقص پيش ڪيو ۽ سامعين بيحد ساراهيو.

محمد بخش سميجو:

محمد بخش سميجو پٽيجي تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. اتان سڪونت ترڪ ڪري شهر جي مشهور ۽ سفيد پوش محلي جڳت آباد ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان ڪري پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سان منسلڪ ٿي ويو. هن ٽيليويزن تي پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪيترائي اردو سنڌي ڊراما لکيا آهن. جيڪي يادگار سمجهيا وڃن ٿا. جن ۾ ڌٻن، راڻي جي ڪهاڻي، جنگل، غلام، ڇوٽي سي دنيا، انگاري، سوال ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما شامل آهن.

محمد بخش سميجي پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪيترائي نوان چهرا ٽيليويزن تي متعارف ڪرايا. جيڪي اڄ فني دنيا ۾ پنهنجو نانءُ پيدا ڪري چڪا آهن. محمد بخش سميجو سال 2003ع ۾ وفات ڪري ويو آهي.

محمد عظيم کوکر:

محمد عظيم کوکر ولد محمد عرس کوکر 1942ع ڌاري ڳوٺ پراڻو ديرو تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. هن پنهنجو فني سفر اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. ڪيترائي ڪامياب ڊراما ڪيائين. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڊراما ڪري داد حاصل ڪيو. عظيم کوکر پراڻي ديري کان علاوه ڦلجي، پيارو ڳوٺ، سيتا، پاٽ، سيوهڻ، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، راڌڻ اسٽيشن، نانگو شاهه دادو ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊراما ڪيا. ڊرامن کان علاوه هڪ سنڌي فلم نادر گوهر ۾ به ڪم ڪيو. هن وقت ڊرامن کان ڪناره ڪشي ڪري چڪو آهي.

محمد عظيم کوکر سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو آيو آهي. سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) جو ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو چيئرمين، شعبه ڪلچر جو چيئرمين به رهيو. سواڪا جي پليٽ فارم تان به ڪافي ڊراما پيش ڪيا ويا. سرتاج سنگت ڊراميٽڪ سوسائٽي پراڻو ديرو طرفان به ڪافي اسٽيج ڊراما پيش ڪري چڪو آهي. ساڻس گڏ استاد بخاري، سيد حسين شاهه لڪياري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، الله نواز رڪڻائي، قاسم شاداب، نعيم ملڪ، زاهد ملڪ، ڊاڪٽر نياز چنه، الهندو ابڙو، دادن ڀنڊ، مولا بخش پنهور، محمد صفر ڪوريجو، محمد ادريس ڪوريجو، غلام مرتضيٰ سومرو، حميد راهي ميمڻ، سڪندر سومرو، لياقت ميمڻ، علي نواز چنا، علي نواز کهرو، مرحوم بخش علي ڀنڊ، شبير احمد مشوري، رشيد چارڻ، خان محمد دستي، فتح علي پنهور، نظير احمد انصاري، حيدر شاهه، قادر بخش قلندر ميمڻ، محمد بچل پتافي، سيد منظور حسين شاهه، صلاح الدين پنهور، رئيس بنو خان پنهور ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه صحافت سان به سندس تعلق رهيو آهي. هن مساوات، سنڌو، مشرق، هلال پاڪستان، عبرت ۾ صحافي جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. ان کان علاوه ٽيليويزن تان ڊراما به ڪيا اٿس. جن ۾ پاڇي جي تلاش، گنهگار اکيون، آرسيون، جانچ ۽ ٻيا شامل آهن.

قاسم شاداب/ حڪيم محمد قاسم پنهور:

حڪيم محمد قاسم پنهور ولد عبدالحڪيم پنهور 1 جنوري 1950ع ۾ جنم ورتو. پنجون ڪلاس پرائمري اسڪول مانجهند ۽ ميٽرڪ ڦلجي اسٽيشن مان پاس ڪيائين. تعليم بي. اي تائين اٿس، حڪمت جي پيشي سان وابسته آهي، مهراڻ طبيه ڪاليج مورو ضلع نوشهرو فيروز مان طب جي سند وٺي، باقائده حڪمت جي ڌنڌي سان وابسته ٿي ويو آهي. سندس شفاخانه ڦلجي اسٽيشن ۾ آهي.

حڪيم محمد قاسم پنهور پنهنجو فني سفر اسٽيج ڊرامن کان ڪيو. هن 1977ع کان 1992ع تائين ڪل 18 ڊراما ڪيا آهن. جن ۾ هيرو ۽ ولن جا ڪردار ڪري چڪو آهي. هن ڪجھه ڊراما پروڊيوز به ڪيا آهن ۽ ڪجھه لکيا به آهن. حڪيم محمد قاسم پنهور ڌرتي آڪاش، محبت ۽ مذهب اسماعيل بن واصف جي فلم ۾ به ڪردار ادا ڪيو پر رليز نه ٿي سگهي. ان کان علاوه ٽي وي ڊرامه پاڇولا ۾ به ڪردار ادا ڪيو آهي. سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا شعبه ڪلچر جو چيئمين به رهيو، سگا ڦلجي اسٽيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ به ميمبر رهيو آهي. حڪيم محمد قاسم پنهور سماجي ثقافتي سرگرمين کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سال 1978ع تي ڦلجي اسٽيشن جي اتر ۾ 1 ڪلوميٽر فاصلي تي بولان ميل کي حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ڪافي مسافر زخمي ۽ فوت ٿيا. پ پ سان وابستگي سبب ڪيترا ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. جنهن ۾ محمد قاسم پنهور کان علاوه رئيس بنو خان پنهور، رئيس ڏاتل خان پنهور، غلام نبي پنهور، ولي محمد دريشاڻي، قاضي علي حيدر، خير محمد پنهور ۽ رئيس نبن خان چانڊيه به شامل هئا. محمد قاسم ڪي ٽي اين تي به ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.

احمد ميمڻ:

احمد ميمڻ دادو شهر جي سيٺ الله بچايو ميمڻ گهٽي ۾ اک کولي، ابتدائي تعليم مين اسڪول دادو مان حاصل ڪري، ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪيائين. انٽر به دادو مان ڪيائين. ان کان پوءِ منهنجو فني سفر ٽيليويزن تان سنڌي ڊرامي کان ڪيو. پاڻ ڪيترائي يادگار سنڌي ڊراما پيش ڪري چڪو آهي. جيڪي بيحد پسند ڪيا ويا آهن.

احمد ميمڻ سنڌي ڊرامن کان علاوه ڪيترن ئي اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. جيڪي به شهرت ماڻي چڪا آهن. احمد ميمڻ جو فني سفر جاري آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته هي نوجوان فن جي بلندين تي پهچي ويندو.

احمد الله (ٽوني):

احمد الله عرف ٽوني 23 نومبر 1970ع تي دادو جي نامياري وڪيل غلام اڪبر قريشي جي گهر اک کولي. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين دادو مان پاس ڪيائين. ثانوي تعليم پرمانند هرداس سيڪنڊري اسڪول دادو مان ۽ بي. اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ حاصل ڪيائين. احمد الله ٽوني فن جي شروعات پرائمري تعليم دوران ڪئي. هي جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پهتو ته اسڪائوٽ ٿيو، جتي سندس رهبري استاد هدايت الله مگسي ڪئي. ان عرصي دوران مزاحيه قواليون ۽ مشاعره به ڪرڻ لڳو. مزاحيه شاعري ۾ سندس استاد مرحوم سومرو سودائي هو. هن دادو شهر ۽ ان کان ٻاهر به اسٽيج ڊراما ڪيا آهن. انهن شهرن ۾ ڦلجي، سيتا، ڀان، سيوهڻ، جوهي، پاٽ شريف، جهول، ميهڙ، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا اٿس.

احمد الله ٽوني کي ٽيليويزن تان متعارف ڪرائڻ وارو محمد بخش سميجو آهي. هن کي ٽيليويزن تي ڊرامه سيريل روپ هزار ۾ ٻٽاڪي جو ڪردار ڏنو ويو. جتي شرط اهو رکيو ويو ته ٺوڙهه ڪرائي. هن فن لاءِ قرباني ڏئي مٿو ڪوڙائي ٽڪڻ ڪرائي. ان کان پوءِ کيس ڪيترائي ڊراما ملندا رهيا، جن ۾ روپ هزار، چهچٽو، روشن تارا، گهر ڀاتي، وساريل واٽون، نئين ٽهي، پتلي تماشا، ڪاش مين ايڪ چڙيا هوتي، ٽهڪ ٽائم، پرچن شال پنهوار، ڌول ۾ ڦول ۽ پرک شامل آهن. سندس پسند جا پروڊيوسر محمد بخش سميجو، منظور قريشي، فدا حسين بلوچ، سميع بلوچ، فيض ٻگهيو، بادل جمالي، منظور مگسي، هارون رند ۽ بيدل مسرورو آهن. هن کي زيب سنڌي، علي بابا، شمشيرالحيدري، امر جليل، حفيظ ڪنڀر، حق نواز سمون، ڪيهر شوڪت جا ڊرامه وڻندا آهن. ٽوني کي استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان فقير عبدالغفور، محمد ابراهيم، ماسٽر چندر، مائي ڀاڳي، عابده پروين، محمد يوسف ۽ ٻيا فنڪار وڻندا آهن. هن اسٽيج تي ٻه سؤ ڊراما ۽ ٽيليويزن تي ويهه ڊراما ڪيا آهن. ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ. ٽي. وي تي به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

سرفراز احمد پنهور:

سرفراز احمد پنهور ولد محمد هاشم پنهور دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادو مان حاصل ڪري پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ پاس ڪري انٽر به دادو ميان ڪيائين. هن وقت سندس تعليم ايم. اي فائن آرٽس فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن آهي. سرفراز پنهور پنهنجي فن جي شروعات 1984ع ۾ اسڪول جي ننڍڙن اسٽيج ناٽڪن سان ڪئي. 1987ع ۾ منان عباسي جي لکيل ڊرامي اباڙي عيد آئي ۾ ڪردار ادا ڪيو. هي ڊرامو آراضي ۾ پيش ڪيو ويو هو.

اڄ تائين پنجاهه کان وڌيڪ ڊرامه ڪري چڪو آهي. انهن ۾ ڄائو آهين يا ڀڄي آيو آهين، هل ته ڀڄي هلون، وائڙي ليليٰ واندو مجنون شامل آهن. سرفراز پنهور دادو، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، ڳڙهي خيرو، راڻيپور، سوڀو ديرو، حيدرآباد، سيوهڻ، ڀان، بوبڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.

رفيق آزاد ملاح:

رفيق احمد ملاح ولد فتح محمد ملاح تخلص رفيق آزاد ملاح تاريخ 31 جولاءِ 1970ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم غريب آباد اسڪول مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پائلٽ اسڪول دادو مان ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين هن پنهنجي فن جي شروعات 1989ع ۾ اسٽيج ڊرامي کان ڪئي. هن وقت تائين سٺ کان وڌيڪ ڊرامه ڪري چڪو آهي. جن ۾ دادو زور آ، سڀ خير آ، ڏنو پٽ ڇٽي جو، ڄائو آهين يا ڀڄي آيو آهين، وائڙي ليليٰ واندو مجنون، اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر ۽ ٻيا ڪيترائي ڪامياب ڊراما آهن. هن وقت تائين دادو، حيدرآباد، ڪراچي، ڪوٽڙي، نصرپور، سيوهڻ، ڀان، ڦلجي اسٽيشن، ٽلٽي، ڦل، جهانگارا ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. کيس ڪجھه ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ به ملي چڪا آهن.

منور علي سومرو:

منور علي سومرو ولد محمد سليمان سومرو تاريخ 9 مئي 1968ع تي ڳوٺ ڀاڳو ديرو تعلقي ڪنڊياري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ دادو مان حاصل ڪري انٽر، بي. اي ۽ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري چڪو آهي. هن فن جي شروعات 1983ع ۾ ڪئي. منور سومري اڄ تائين 30 کن ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪري چڪو آهي. جن ۾ دوا اندر دم ٻاهر، ڇڙها چڱاهون، شادي بابي جي، محبت زنده آباد، ڏنو پٽ ڇٽي جو ۽ ماسات شامل آهن. منور سومري جون 4 کن آديو ڪيسٽون بازار ۾ اچي چڪيون آهن. کيس فني مڃتا طور آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ايوارڊ عطا ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو طرفان به سرٽيفڪيٽ عطا ڪيو ويو آهي. منور سومري جو ڪيترين ئي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واسطو آهي. جن ۾ سنڌو ويلفيئر انيڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا، آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن جو عهديدار ۽ ميمبر رهيو آهي. هن ڪي. ٽي. اين تي به مختلف ڪردار ادا ڪيا آهن، هن وقت سنڌ. ٽي. وي تي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

صدرالدين پنهور:

صدرالدين ولد شير محمد پنهور فني نالو صدر جان پنهور 1979ع ۾ ڳوٺ رب رکيو پنهور تعلقي دادو ۾ ڄائو. پنجون درجو پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ پاس ڪري استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ داخلا ورتائين. تعليمي سفر جاري اٿس. هن پنهنجي فن جي شروعات واندو ناهيان انتظار ڪر، سان ڪئي. ان کان علاوه سندس ٻيا ڊراما عشق عبادت آ، سزا پيار جي، بغاوت، پاپي دنيا، ياد رکندي دنيا، جيڪو نصيب نياڻي جو، ڌرتي دل وارن جي، زهر جن جي زندگي شامل آهن.

غلام دستگير پنهور:

غلام دستگير ولد حاجي نبي بخش پنهور ڳوٺ ٻٽڙا تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. پنجون درجو ڳوٺ ٻٽڙا تعلقي جوهي مان پڙهي، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو، اتان ميٽرڪ پاس ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج مان پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. هن وقت سندس تعليم بي. اي آهي. دستگير پنهور پنهنجي فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان ڪيو. 1985ع کان اڄ تائين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن دادو، جوهي، ڀان، سيوهڻ، خيرپور ناٿن شاهه، لاڙڪاڻي، مورو، نيو جتوئي، نوشهروفيروز، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي فن جو مظاهر ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه 12 ڊراما پروڊيوز ڪيا اٿس. هن نوڪر، منشي، وڏيري، واڻئي ۽ موالي جا ڪريڪٽر ادا ڪيا آهن. دستگير پنهور ڀٽائي آرٽ ۽ سماجي ڪلب دادو جو صدر، آل فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس فني سفر جاري آهي. ان سان گڏ ڪي. ٽي. اين تي به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. مستقل رهائش دادو ۾ اٿس.

اسد ڪورائي:

اسد ڪورائي جو نالو رسول بخش ڪورائي آهي. سندس والد جو نالو خدا بخش آهي. اسد ڪورائي جنوري 1975ع ۾ ڪاٺياواڙي پاڙي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. پنجون درجو پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. جتان ميٽرڪ پاس ڪري اليڪٽريشن مان ڊپلوما ڪيائين. هن وقت واپڊا دادو ۾ ملازم آهي. اسد ڪورائي پنهنجو فني سفر 1991ع ۾ اسٽيج ڊرامي کان ڪيو. سندس پهريون ڊرامو عشق تي ڪرفيو هو. جنهن جو رائيٽر عبدالمنان عباس هو. اڄ تائين ڪيترائي اسٽيج ڊرامه ڪري چڪو آهي. اسد ڪورائي 1991ع کان اڄ تائين جيڪي ڊراما ڪيا آهن، انهن ۾ ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، ڏئي جان ڇڏاءِ، پئسي جو ڪمال آ، اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر، بيروزگار عاشق، پيار وڇڙي ويو، مجبور ماڻهو، جاهل، انسان، زندگي، روپ هزار، ڇورا ڇڇورا، شهيد نياڻي، عشق آٽوميٽڪ، عاشق زهر پياڪ، نازڪ ناتا نينهن جا، دغا باز، ظالم، سنگدل، واندو ناهيان انتظار ڪر، هڻ ته چتي نواب خان، ڏهاڪءُ، ظلم جي ننگري، قيدياڻي، ماستر ڏجي ۾، مسٽر موالي، مسٽر ناڪي منشي، جيڪو نياڻي جو نصيب، سزا پيار جي، طلاق، زهر جن جي زندگي، داداگير، طوفان، توکان ٿيندي ڌار ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما ڪيا آهن. ان کان علاوه ٻن وڊيو فلمن گلدستو، غيرت جو ڪئپسول ۽ ٻين ڪيترن ئي جونيئر هدايتڪارن فنڪارن ۽ ليکڪن سان ڪم ڪيو آهي. سندس استاد سنڌ جو مشهور ڪاميڊين عبدالله ملاح آهي. جهولي لال آرٽ سرڪل دادو طرفان اسد ڪورائي سان رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾ سندس فني عيوض 30 اجرڪن جا تحفا ۽ ٻيون سوکڙيون پيش ڪيون ويون. هن رهاڻ ۾ دادو، ميهڙ کان علاوه جوهي، سيوهڻ، ڀان، ڦلجي اسٽيشن، مورو ۽ ٻين شهرن جي فنڪارن شرڪت ڪئي.

راجا رفيق پنهور:

راجا رفيق پنهور ولد محمد صديق پنهور 30 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم دادو مان حاصل ڪئي. هن پنهنجي فني سفر جو آغاز 1992ع کان ڪيو، سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي هو. جيڪو فواڪا دادو طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو پارڪ ۾ پيش ڪيو ويو.

راجا رفيق پنهور 1992ع کان اڄ تائين 35 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. جن ۾ ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، بيروزگار عاشق، مجبور ماڻهو، جاهل انسان، شهيد، نواب خان، ظلم جي نگري، انتقام، پئسي جو ڪمال، مسٽر ڌموالي، يارن سان هڙا ليکا، توکان ٿيندي ڌار، قيدياڻي، ظالم، پيار تان قربان، انڌو ٿو کيڏي اک ٻوٽ، محل جي راڻي، جهوپڙي، نياڻي، سزا پيار جي، عشق عبادت آ، انصاف ڪٿي آ،وغيره شامل آهن. راجه پنهور هن وقت تائين دادو کان علاوه جوهي، امينياڻي شريف، ٿرڙي جادو شهيد، ڀان سعيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.

راجا رفيق پنهور سان قلمي ۽ فني خدمتن جي عيوض 1997ع ۾ شاهين الشهباز آرٽ ڪلب دادو طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل پارڪ دادو ۾ هڪ رنگا رنگي شام ملهائي وئي. راجا رفيق پنهور کي هن فيلڊ ۾ مير قدرت الله پنهور متعارف ڪرايو. هن فيلڊ ۾ سندس استاد عبدالله ملاح آهي. راجا رفيق پنهور ثقافتي ۽ فني دنيا کان علاوه صحافت سان به وابسته آهي. 1995ع ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي شوبز اخبار مهڪ ۽ ٻي اخبار فنڪار لوگ سان به منسلڪ رهيو ۽ ان اداري بهترين ڪارڪردگي سبب کيس حسن ڪارڪردگي جو تمغو عنايت ڪيو. هن روزانه عوامي آواز ڪراچي ۽ روزانه (شام) حيدرآباد ۾ به ڪالم لکيا آهن.

راجا رفيق پنهور جو فنڪار ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ آدم پنهور، سنڌي ادبي سنگت دادو سان به تعلق آهي اهڙي طرح راجا رفيق پنهور پنهنجون تثقافتي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو. راجا رفيق پنهور ڪي. ٽي. اين تي به ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

محمد خان ٻٻر:

محمد خان ٻٻر ولد اسماعيل ٻٻر تاريخ 2 نومبر 1967ع تي ڳوٺ حاجي گل ٻٻر تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجو گورنمينٽ پرائمري اسڪول لطف علي ٻٻر مان حاصل ڪري، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو اتان ميٽرڪ پاس ڪري ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪيائين. هن فني سفر اسٽيج ڊرامي کان ڪيو. جيڪو 12 سيپٽمبر 1996ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن وقت تائين ڪيترائي ڪامياب ڊرامه پيش ڪري چڪو آهي. جن ۾ مجبور ماڻهو، شهيد، نازڪ ناتا نينهن جا، دغا باز، بغاوت، پاپي دنيا، نواب خان، مسٽر موالي، انڌو ٿو کڏي اک ٻوٽ، عشق عبادت آ، ڌرتي دل وارن جي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما آهن. جن ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.

زيڊ. اي بلوچ:

ذوالفقار علي ولد راوت تخلص زيڊ. اي بلوچ تاريخ 28 فيبروري 1979ع تي ڳوٺ احمد خان جتوئي تعلقي دادو ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پوليس هيڊڪوارٽر اسڪول دادو مان، ميٽرڪ پائلٽ اسڪول دادو مان، انٽر ڪمرشل ڪاليج دادو مان، بي ڪام سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين. هن فن جي شروعات 1998ع ۾ ڊرامي ڏهڪاءُ کان ڪئي. هن وقت تائين تقريباً 25 ڊراما ڪري چڪو آهي. انهن ۾ ڏهڪاءُ، زخم زندگي جا، دلين جا فيصلا، کوڙي کي گهمري، سچ وڏو ڏوهاري آ، ڌرتي دل وارن جي، پيار ناهي پاپ، نياڻي، ٻيلهه تي پابندي ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما آهن. دادو، جوهي، سيوهڻ، ڦلجي اسٽيِشن، پاٽ، ڳڙهي خيرو، نصيرآباد، مخدوم بلاول ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. زيڊ اي بلوچ ڀٽائي آرٽ ۽ سماجي ڪلب جو سرگرم ميمبر آهي.

شرف الدين چهواڻ:

شرف الدين چهواڻ ولد علي گوهر چهواڻ تاريخ 3 مارچ 1983ع تي پير الاهي بخش ڪالوني دادو ۾ جنم ورتو. مزدورآباد اسڪول دادو مان پنجون درجو پاس ڪري، پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخلا ورتائين. اتان ميٽرڪ پاس ڪري استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. شرف الدين چهواڻ پنهنجي فن جي شروعات اسٽيج ڊرامي مظلوم کان ڪئي. اڄ تائين 15 ڊراما ڪري چڪو آهي. هن دادو، ڦلجي اسٽيشن، پراڻو ديرو، اميناڻي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪردار ادا ڪيا آهن.

محرم لغاري:

محرم لغاري 15 اپريل 1979ع تي آفندي پيٽروليم سروس ڀرسان دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم مڪمل ڪري انگريزي ۾ داخلا ورتائين ۽ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ فني سفر شروع ڪيائين. هن جو پهريون مڪمل ڊرامو واندو ناهيان انتظار ڪر. جيڪو سليم صديقي جو لکيل هو ان ۾ ڪم ڪيائين. سندس فني فيلڊ ۾ استاد خير محمد سومرو آهي. محرم لغاري هن وقت تائين تقريباً 30 ڊراما ڪري چڪو آهي. جن ۾ نواب خان، هڻ ته چتي، وڇوڙو، سزا پيار جي، ڌرتي دل وارن جي شامل آهن.

خادم حسين کوکر:

هن پنهنجو فني سفر 1996ع ۾ اسٽيج ڊرامي کان ڪيو. اڄ تائين 17 ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. جن ۾ سڀ خير آ، ڏنو پٽ ڇٽي جو ۽ ٻيا شامل آهن.

هن آڊيو ڪيسٽن ۾ ساٿي فنڪارن جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. جن ۾ خادم حسين ٿهيم ملي لٽر جي ڪچهري ۽ لونگ وسائي گلان شامل آهن. خادم حسين ولد محمد خان ٿهيم تاريخ 4 جنوري 1979ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي. سندس مڃتا طور فواڪا آرٽ ڪلب دادو طرفان سرٽيفڪيٽ عطا ڪيو ويو آهي. خادم ٿهيم ڪجھه شاعري به ڪئي آهي. سندس شاعري جو استاد ذوالفقار ذوق ساند آهي.

اجا منير سولنگي:

راجا منير احمد ولد دين محمد سولنگي 13 جولاءِ 1972ع ۾ سورج آباد محلي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري مين اسڪول دادو مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان، بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. هن فن جي شروعات 1994ع ۾ ڊرامي پسند بابي جي سان ڪئي. اڄ تائين تقريباً 23 ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. جن ۾ توکان ٿيندي ڌار، مسٽر چينو، ياد رکندي دنيا، نياڻي سر فهرست آهن. دادو کان علاوه جوهي، سيوهڻ، ڦلجي ۽ نوان جتوئيءَ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.

شفيع محمد قريشي:

شفيع قريشي دادو ۾ ڄائو سندس والد جو نالو محمد افضل قريشي آهي. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد مان ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان 1982ع ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. آرٽ جو امتحان حيدرآباد مان پاس ڪيائين. آرٽ جو ٻيو امتحان بيورو آف ڪريڪيولم حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هن وقت سورهين اسڪيل ۾ ڊرائنگ ماسٽر جي حيثيت سان اليمينٽري اسڪول دادو ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. مصوري سان خاص دلچسپي رکي ٿو. آئل پينٽ پورٽريٽ ۽ لئنڊ اسڪيپ ۾ مهارت رکي ٿو.

شفيع قريشي ثقافتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. هن تقريباً 15 کن اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. هڪ ڊرامو ڊگهڙي شهر ۾ پنجابي زبان ۾ به ڪيو. سندس مشهور ڪردار جان محمد 007 جيڪو يادگار ليکيو ويندو.

محمد عيسيٰ کوکر:

محمد عيسيٰ کوکر ولد حاجي خان کوکر 22 آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ باداڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پنجون درجون باداڻي اسڪول مان، ميٽرڪ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪري، تاريخ 4 اپريل 1958ع ۾ مڊل اسڪول جهانگارا ۾ استاد مقرر ٿيو. نوڪري دوران هن تعليم جاري رکي ۽ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ پاس ڪيائين. ان سان گڏ ڊپلوما ٽيڪنيڪل ۾ اليڪٽريڪل ڪيائين.

محمد عيسيٰ کوکر شاگردي جي دور کان ئي اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو. هن ٿرڙي جادو شهيد، مورو، ميهڙ، ڪانهري ۽ جوهيءَ ۾ ب ڪامياب اسٽيج ڊراما ڪيا. اسٽيج ڊرامن کان علاوه راڳ رنگ سان به شوق اٿس. کيس درٻاري ۽ يمن ڪلياڻ راڳ ۾ عبور حاصل آهي. محمد عيسيٰ کوکر کي پنج پٽ هر هڪ خالد کوکر جيڪو روزانه سنڌو جو ايڊيٽر آهي، ٻيو طارق عيسيٰ کوکر جيڪو فيصل بئنڪ حيدرآباد ۾ پرنسپل بينڪنگ آفيسر آهي، ٽيون پٽ راشد عيسيٰ کوکر يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙي جو ڪائونسلر آهي. ساجد عيسيٰ کوکر حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ تي ڪاروبار ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سندس ننڍو پٽ زاهد عيسيٰ کوکر روزانه هلال پاڪستان ڪراچي جو اسلام آباد ۾ چيف رپورٽر آهي.

سجاد سهاڳ:

سجاد سهاڳ جو اصل نالو سجاد احمد خان آهي. سندس والد جو نالو محمد باغ علي سهاڳ آهي. سجاد سهاڳ دادو شهر جي غريب آباد محلي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم غريب آباد اسڪول مان ميٽرڪ هاءِ اسڪول دادو مان حاصل ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ گريجوئيشن يونيورسٽي مان ڪيائين.  هن پنهنجو فني سفر شروع ڪيو آهي، ڪيترائي رول ادا ڪيا اٿس. اداڪاري کان علاوه ڪمپيئر جا فرائض به ادا ڪري رهي ٿو. جيڪي ميگاشو ٿين ٿا انهن ۾ ڪمپيئر جا فرائض خوبصورتي سان نڀائي رهيو آهي. سندس فني سفر جاري آهي. هن وقت ڪي.ٽي.اين سان وابسطه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org