سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 25

ڳائڻا / گائڪ

موسيقي روح جي غذا آهي، سنڌ ۾ اوتارا ۽ اوطاقون راڳ جون درسگاهون هونديون هيون. جتي راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. حضرت شاهه عبداللطيف وڏو راڳ جو ماهر هو، سنڌ ۾ صوفيانه راڳ ڳايو ۽ ٻڌو ويندو هو. هن وقت به حضرت شاهه عبداللطيف جي درگاهه تي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون آهن. ان کان علاوه سيد مصري شاهه، سچل سرمست، رکيل شاهه، ٻڍل فقير، بيدل ۽ بيڪس، خوش خيرمحمد هيسباڻي ۽ ٻين درگاهن تي صوفيانه راڳ جون محفلون ٿينديون آهن. جتي ڳائڻا صوفيانه ڪلام ڳائي سامعين تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا آهن. ماضي قريب ۾ ڪيترائي نالي وارا راڳي ٿي گذريا آهن. جن عارفانه ڪلام ڳائي پنهنجو نانءُ روشن ڪيو آهي. انهن نامور ڳائڻن ۾ زرينه بلوچ، نوربانو، عابده پروين، ڍول فقير، محمد ابراهيم، استاد منظور علي خان، محمد جمن، ابراهيم پنهور، محمد يوسف، فقير عبدالغفور، فقير امير بخش ۽ ٻيا کوڙ سارا راڳي ٿي گذريا آهن. هن وقت به ڪيترائي راڳي فن سان وابسته آهن. آءٌ صرف دادو تعلقي جي راڳين جو ذڪر ڪندس. جيڪي راڳ جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندن مختصر تعارف هيٺ  ڏجي ٿو:

استاد صالح ساند:

استاد محمد صالح ولد جمع خان ساند سال 1921ع تي دادو ۾ ڄائو. ڇهين درجي تائين تعليم حاصل ڪيائين. استاد صالح ساند روزگار جي خيال کان پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. جڏهن کيس دادو کان ڪوٽڙي بدلي ڪيو ويو ته اتي سندس ملاقات استاد بيبي خان سان ٿي. سندس صحبت ۾ رهندي راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو ۽ استاد بيبي خان جي صحبت ۽ شاگردي ۾ راڳ جي مڪمل سکيا وٺي ڳائڻ شروع ڪيو. هن کي ڳائڻ تي ناز هو، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي راڳ ۾ نالو ڪيائين. سنگيت جو ڪتاب وٽس سدائين گڏ هوندو هو. خص ڪري ڀيروي ڪوهياري ۽ راڻي راڳ جو ماهر هو، سندس ڪيترائي شاگرد اڄ به راڳ جي خدمت ۾ مصروف آهن ۽ استاد جي نقشِ قدم تي هلندي سنگيت جي خدمت ۾ مصروف آهن. سندس پيارن شاگردن ۾ خادم حسين سخيراڻي به آهي. جيڪي استاد جي نقشِ قدم تي هلندي دادو ۾ آرٽ ڪلب قائم ڪئي آهي. جتي سنگيت جي سکيا ڏني ويندي آهي. استاد صالح ساند 1985ع ۾ انتقال ڪري ويو.

سيد عالم شاهه:

سيد عالم شاهه ولد فتح محمد شاهه سيد گهراڻي ۾ 1909ع ۾ سيتا ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد فتح محمد شاهه پنهنجي خطي جو زميندار هو. عالم شاهه جي ننڍپڻ کان ئي صحبت ڪلاسيڪي ڳائڻ وارن سان ٿي ۽ راڳ رنگ جو دلداده بڻجي ويو. گوين جي صحبت ۽ اثر هيٺ ننڍپڻ کان ڪلاسيڪي ڳائڻ سکيو. سنڌ ۽ پنجاب جي مشهور گوين سان گهرو تعلق رکيائين. پنهنجي همعصر گويي تاراچنڊ سان گڏ به ڳائيندو هو. سنڌي ۽ گُرمکي ٻولي لکي پڙهي ڄاڻندو هو. هندو سازيندڙ هن سان سنگيت ڪندا هئا. ڦوهه جواني ۾ 1942ع ۾ گذاري ويو.

تارا چنڊ:

تارا چنڊ پٽ چوهڙمل 1909ع ۾ سيتاڳوٺ ۾ جنم ورتو. عالم شاهه جو همعصر به هو ته گهاٽو يار ۽ پنهنجي وقت جو مشهور معروف گويو ٿي گذريو. هندو خاص ڏڻن ۽ خوشي جي موقعي تي کانئس ڳارائيندا هئا، ماڻهو اڪثر کيس تارو گويو ڪري سڏيندا هئا. هو سارنگي ۽ هارمونيم جو عالم شاهه وانگر ماهر هو. پاڻ ۾ گهاٽا يار هوندي به ڪن موقعن تي عالم شاهه ۽ تارو جدا جدا ڳائي هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ٻئي هندن ۽ مسلمانن ۾ يڪسان پسند ڪيا ويندا هئا. عالم شاهه جي اوچتي وڇوڙي کيس گهائي وڌو هندن جي لڏپلاڻ وقت هو به سرحد پار لڏي ويو، ۽ هتان جي ماڻهن وٽ پنهنجون مٺڙيون مٺڙيون يادون هميشه لاءِ ڇڏي ويو.

ورندمل:

ورندمل پٽ جيسومل 1908ع ۾ سيتا ڳوٺ ۾ ڄائو. واپار ڇڏي يڪتارو سنڀاليائين. ڳوٺ ۾ راڳ جون محفلون مچائي ڇڏيندو هو سير سياحت جو ڏاڍو شوقين هو. سفر ۾ جتي رات پئي اتي رنگ رچائي ڇڏيندو هو. هو گيت ڀڄڻ ۽ راسوالا پنهنجي سريلي ۽ رسيلي انداز ۾ ڳائيندو هو. 1947ع ۾ سرحد جي هن پار هليو ويو ۽ پاڻ سان ست سنگ وارا رس به کڻي ويو.

خادم حسين سخيراڻي:

خادم حسين سخيراڻي ولد محرم علي سخيراڻي 24 ڊسمبر 1979ع ۾ ڳوٺ ڦڪا تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڦڪا اسڪول مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ پرمانند هرداس پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو مان حاصل ڪري، ڊپلوما ڪمرشل انسٽيٽيوٽ دادو مان سال 1981ع ۾ ڪيائين. ان کان علاوه ايم. اي سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايل. ايل. بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪري چڪو آهي.

خادم حسين سخيراڻي دادو شهر جو نالي وارو راڳي آهي. راڳ جي سکيا کيس گهر ۾ ملي. ڇاڪاڻ ته سندس ڏاڏو استاد محمد رجب راڳ جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. اتي هن تربيت ورتي. ان کان پوءِ مشهور گويه استاد صالح ساند ۽ نظر محمد چنا کان به راڳ جي سکيا ورتي.

خادم حسين سخيراڻي 1986ع کان راڳ جي سکيا لاءِ دادو آرٽس ڪلب جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو آهي. جتي راڳ جي سکيا کان علاوه هارمونيم بانسري ۽ ڍولڪ جي تربيت ڏني ويندي آهي. هن وٽ علم موسيقي جا معتبر ڪتاب موجود آهن. جن ۾ راڳ ساگر شامل آهن. ان مطابق راڳ ۽ راڳڻين جي تعليم ڏني ويندي آهي. ان ڪتاب مان ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ۽ لوڪ موسيقي جي به سکيا ڏني ويندي آهي. خادم حسين سخيراڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، شيخ اياز کان متاثر آهي. خادم حسين سخيراڻي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن کان ڳايو آهي. جن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، مصري شاهه، رکيل شاهه، طالب الموليٰ، شيخ اياز ۽ دور حاضر جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ڳايو آهي.

خادم حسين سخيراڻي راڳ جي سکيا ڏيندو رهي ٿو. سندس ڪيترائي شاگرد تربيت حاصل ڪري فن جو مظاهرو ڪندا رهن ٿا. انهن ۾ اسلم راهي، قادر بخش کوکر (قادر سنڌي)، محرم خان لنڊ، غلام شبير عمراڻي (بانسري نواز)، هاشم سولنگي، غلام حيدر جمالي، عبدالستار جمالي، قربان علي ميمڻ، سڪندر علي جويو ۽ ٻيا کوڙ سارا شاگرد آهن. هن وقت به نئين ٽهي جا ڪافي شاگرد راڳ جي تربيت حاصل ڪري رهيا اٿس. انهن ۾ مهراڻ سخيراڻي، نثار مگسي، ظهور احمد پليپوٽو شامل آهن.

خادم حسين سخيراڻي سال 1989ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان کان علاوه ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تان ڪافي پروگرامن ۾ شامل ٿيو. سندس راڳ جون ڪيسٽون بازار ۾ آيون آهن. خادم حسين سخيراڻي ڪي. ٽي. اين تي به پروگرام ڪندو رهي ٿو.

منظور سخيراڻي:

منظور سخيراڻي سپروائيزنگ تپيدار بهارالدين جي گهر ۾ تاريخ 14 اپريل 1959ع تي پيدا ٿيو. سندس رهائش دادو شهر جي قدم پاڙي شاهه آباد ڇاڻي ۾ آهي. ابتدائي تعليم شاهه آباد ڇاڻي اسڪول مان حاصل ڪيائين. سندس والد جو خيال هو ته منظور تعليم حاصل ڪري انجنيئر ٿئي، پر هي انجنيئر نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته سندس ابتدا کان ئي راڳ ڏانهن لاڙو هو. ان ڪري ننڍپڻ کان ئي راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. ميٽرڪ بعد 15 سالن جي ڄمار ۾ بهترين گيت ڳائڻ لڳو. سندس پهريون راڳ جو استاد قدرت الله خان هو، جنهن کان راڳ جي سکيا ورتي. ان کان مڪمل ڪلاسيڪل جي سکيا وٺي نه سگهيو. پر ان جي اجازت سان راڳ جي شروعات ڪئي. منظور سخيراڻي گذيل 20 سالن کان موسيقي سان وابسته آهي. سندس اڄ تائين اڍائي سو کن ڪيسٽون بازار ۾ اچي چڪيون آهن.

منظور سخيراڻي 1976ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام نئين ٽهي ۾ استاد بخاريءَ جو گيت ”مون ڏي نيڻ نه کڻ، دنيا ڏاڍي ساڙولي آ. ڏيندئي ڪان ڏسڻ، مون ڏي نيڻ نه کڻ“. پيش ڪري شهريت ماڻي. منظور سخيراڻي استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، انور قنبراڻي ۽ علي گل سانگي جي اڪثر گيت چوندو اهي ۽ سندس آواز ۾ انهن شاعرن جا گيت رڪارڊ ٿيندا رهن ٿا.

منظور سخيراڻي اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ازانسواءِ ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو آهي.

ٻالڪ سنڌي:

ٻالڪ سنڌي بخشل شاهاڻي جي گهر ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول شاهه آباد ڇاڻو مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ننڍي هوندي کيس ڳائڻ جو شوق ٿيو. ڇاڪاڻ جو سندس والد استاد بخشل به راڳ جو پارکو ماهر آهي. هن کي موروثي راڳ جي سکيا ملي. دادو شهر ۽ آس پاس کان علاوه ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳائي داد حاصل ڪندو رهي ٿو. هن جون ڪيتريون ئي ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون آهن. ٻالڪ سنڌي ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ. ٽي. وي تي به فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو.

قادر سنڌي:

قادر بخش عرف قادر سنڌي ولد محرم الدين کوکر تاريخ 24 اپريل 1967ع تي درگاهه نانگو شاهه لڳ ڳوٺ سيال تعلقو دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ سيال مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ 1983ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ مان، انٽر 1985ع ۾ ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ بي. اي 1992ع ۾ پاس ڪيائين. 8 جون 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. هن فن جي شروعات استاد خادم حسين سخيراڻي جي زير نگراني ڪئي ۽ دادو آرٽ ڪلب مان تربيت وٺندو رهي ٿو. ريڊيو پاڪستان تي احمد خان مدهوش جي ڪوشش سان پهتو. سندس 3 عدد ڪيسٽون بازار ۾ آيل آهن. هيءَ امام بخش زرداري ۽ منظور سخيراني کان بيحد متاثر آهي. سندس پسند جا فنڪار نصرت فتح علي، عابده پروين، محمد جمن ۽ محمد يوسف آهن، هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سائين، شيخ اياز، انور قمبراڻي، وحيد هڪڙو ۽ ٻين جا ڪلام گيت ۽ غزل ڳائي داد حاصل ڪيو آهي.

اسلم راهي:

اسلم راهي عرف اسلم شيخ 13 نومبر 1971ع ۾ ڳوٺ وليد شيخ دڙو تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. هن وقت سندس تعليم ايم. اي آهي. تعليم سان گڏ فن موسيقي سان به وابسته آهي. موسيقي ۾ سندس استاد خادم حسين سخيراڻي ۽ منظور سخيراڻي آهن. اسلم راهي تقريباً 6 سو محفلن ۾ ڳائي چڪو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن کان علاوه لاهور ۽ ميان چنون ۾ به پنهنجي فن جو مظاهر ڪيو اٿس. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به ڳايو آهي. زاهد ملڪ جي معرفت ڪوثر ٻرڙو جي ڪوشش سان ريڊيو تي ڳايو ۽ ٽيليويزن تي اطهر منگي جي تعاون سان اعجاز عليم عقيلي جي پروگرام پرک ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس گائيڪي جون تقريباً 6 ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن.

سڪندر علي سومرو:

سڪندر علي سومرو ولد حاجي محمد اسماعيل سومرو 10 نومبر 1965ع تي ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1981ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول الله آباد مان، انٽر 1986ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان، بي. اي 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نائين جون 1988ع ۾ استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. سڪندر علي سومرو کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. هڪ دفعي ريل گاڏي ۾ سفر دوران سندس ملاقات سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ناظم منگي سان ٿي. جتي هن ناظم منگي کي گيت ٻڌايو. ناظم منگي کي سندس ڳائڻ بيحد پسند آيو. ٻئي ڏينهن ناطم منگي کيس استاد ممتاز علي لاشاري وٽ ڇڏيو. جنهن کيس باقائده راڳ جي تربيت ڏني ۽ اڄ تائين ان کان فن جي تربيت وٺندو اچي ٿو. فني سفر ۾ الهداد زرداري به کيس گهڻو ساٿ ڏنو، پر تمام گهڻي همت افزائي عوامي مقبوليت جي عروج تي پهتل فنڪار مرحوم جلال چانڊيي ڪئي. هن ڳائڻ جي باقائده شروعات 1988ع کان ڪئي. 1992ع ۾ ريڊيو تي پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي آندو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام رنگ نو ۾ ڳارايو. سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾گيت غزل ۽ ڪلام ڪافيون ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. ان کان علاوه بلوچستان جي شهر جهٽ پٽ جيڪو هن وقت ڊيره الهيار جي نالي سان سڏجي ٿو. اتي به فن جو مظاهرو ڪيو آهي. سندس پنج ڪيسٽون رڪارڊ ٿيل آهن. هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحه)، سچل سرمست، شيخ اياز، ناظم منگي، احمد خان مدهوش، ميهر فقير، انور قمبراڻي، ممتاز چانڊيو، سرور نواز ٻگهيو، اختر لڪياري، سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر الطاف آسي ۽ ڪامل امداد جتوئي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي چڪو آهي. سندس فني سفر جاري آهي.

اڪبر بروهي:

آغا اڪبر جان بروهي ولد خان بروهي 1961ع ۾ بلوچستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس والدين اتان لڏي دادو شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هن ڳائڻ جي شروعات 1976ع کان ڪئي. اڪبر بروهي راڳ جي سکيا مشهور گويه استاد صالح ساند کان ورتي. ان کان علاوه استاد غلام عباس کان به راڳ جي تربيت حاصل ڪئي. جيڪو بڙي غلام علي خان جي اولاد مان هو. هن سنڌي، سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، فارسي ۽ اردو ۾ ڳايو آهي. اڪبر بروهي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، چندر، حمل فقير، دادن فقير، الياس کوکر، احمد خان مدهوش ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ڳايو آهي. سندس ڪيترائي شاگرد آهن. انهن کي موسيقي جي تربيت ڏني آهي. جن ۾ محمد موريل پنهور، نثار مگسي، آصف چارڻ، سرور شيخ ۽ محمد قاسم مڱڻهار شامل آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن ريڊيو خضدار ۽ ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا تان به ڳايو آهي. ان کان علاوه دبئي ۽ سعودي عرب ۾ راڳ رنگ جون محفلون پيش ڪري داد حاصل ڪيو آهي.

حسين بخش سخيراڻي:

حسين بخش ولد ڪانڊيرو خان منصور سخيراڻي جي نالي سان مشهور 25 اپريل 1963ع ۾ محله شاهه آباد ڇاڻو دادو شهر ۾ ڄائو. پنجون درجو پرائمري اسڪول شاهه آباد ڇاڻي مان پاس ڪري پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو. ميٽرڪ پاس ڪري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، اتان بي ڪام پاس ڪري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين.

حسين بخش سخيراڻي راڳ جي سکيا پنهنجي والد ڪانڊيري خان کان حاصل ڪئي. جيڪو راڳ جو ماهر آهي. هن سنڌ جي مشهور شاعرن شيخ اياز، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي، انور قمبراڻي، درد سولنگي، ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ جا گيت ڳايا آهن. ان کان علاوه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ بيدل ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام به ڳايا آهن. هن گيت ۽ غزل کان علاوه نيم ڪلاسيڪي موسيقي ۾ به ڳايو آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر به آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.

محمد خان لغاري عرف محمد مسخرو:

محمد خان لغاري عرف محمد مسخرو ڳوٺ وارياسي تعلقي جوهيءَ ۾ سال 1927ع ڌاري ڄائو. سندس والد جو نالو صحبت خان لغاري هو. کيس ٻه ويڳا ڀائر آهن. جيڪي قنبر ۾ رهندا آهن. پاڻ ڳوٺ وارياسي کي خيرآباد چئي مزدورآباد محلي دادو شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. محمد فقير مزاح جو بادشاهه ليکيو وڃي ٿو. ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. سال 1953ع ڌاري هڪ جلسي دوران گورنر کيس گهرائي چيو ته توکي ڇا گهرجي، جنهن تي محمد فقير چيس ته پوليس وارا تنگ ٿا ڪن. مون کي اهڙو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي جو ڪير تنگ نه ڪري، وري کيس چيو ته توکي صوبيدار ڪيان، وراڻي ۾ محمد فقير چيو ته منسٽر بناءِ ڇاڪاڻ جو آءُ پاڻ اڻ پڙهيل آهيان. ان تي گورنر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس 16 ايڪڙ زمين ڏني.

محمد فقير 16 سالن جي ڄمار ۾ هيءُ فن سکيو. هن شادي جي پروگرامن کان فن جي شروعات ڪئي. جڏهن به پروگرام پيش ڪندو هو، ته پهريائين سندس تڪيو ڪلام هوندو هو ته اول ۾ الله ڀلو، لڪي ۾ لال ڀلو، سيوهڻ ۾ شهباز ڀلو، پلي ۾ پلاءُ ڀلو، جنڊ ۾ ڪير ڀلو، داتا دستگير ڀلو، ڄڃ ۾ گهوٽ ڀلو، پڪو لولو سوڪ ڀلو، نماز جو وقت ڀلو، بادشاهه جو تخت ڀلو. ٻيو تڪيو ڪلام هوندو هئس ته ڪڻڪ کري ڌڻڪ ڪري، جوئر کري ڪاڻي ڪري، زال کري گهر نه ڪري، ڏاند کري وراڻي نه چري، گهوڙو کري گهه ڪري، بادشاهه کري ظلم ڪري، پر جي وڏيرو کري ته الله حياتي ڏئيس، جيئن وڻيس تيئن ڪري.

محمد فقير جو ٻيو اهم تڪيو ڪلام هوندو هو ته هٿ وجهجي سر ۾، نانگ نه وجهجي ور ۾، ڌاريو نه ويهارجي گهر ۾، محمد فقير کي ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ۽ انعام ڏنا ويا، تن ۾ ملڪ امير محمد خان گورنر اولهه پاڪستان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محمد ياسن وٽو وزيراعليٰ پنجاب، ڄام صادق علي، وزيراعليٰ سنڌ، عبدالوحيد ڪٽپر، پير علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، احمد خان بارڪزئي، پير الاهي بخش، ايوب کهڙو ۽ ٻين سوين نالي وارن سياستدانن جا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ شامل آهن. محمد فقير راڳ جو پارکو هو. راڳ بابت ڪافي ڄاڻ هيس پاڻ ڪلاسيڪي نيم ڪلاسيڪي راڳ کان چڱي طرح واقف هو ۽ ڳائيندو به هو. هو 27 فيبروري 1985ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه لعل هندي مقام ۾ آهي.

غلام شبير عمراڻي:

غلام شبير عرف خان صاحب ڇولي وارو الهرکيو عمراڻيءَ جي گهر سال 1972ع ۾ اک کولي. تعليم صرف پنجين درجي تائين حاصل ڪئي اٿس. مٿي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. هن وقت محنت مزدوري ڪندو آهي. صبح جو ڇولا کپائيندو آهي ۽ هوڪو ڏيندو آهي ته آيو خانصاحب ڇولي وارو شام جو گلن جا هار کپائيندو آهي. بانسري هر وقت هٿ ۾ هوندي اٿس ۽ مختلف ڌنون وڄائيندو رهي ٿو. هن بانسري جي سکيا استاد خادم حسين سخيراڻي کان حاصل ڪئي آهي. ان کان علاوه استاد غوث بخش بروهي کان به سکيا وٺندو رهي ٿو. ڍولڪ جي سکيا استاد محمد ابراهيم ڀانن واري کان وٺي رهيو آهي.

غلام شبير عمراڻي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ٽيليويزن تان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هن لاهور ۾ ٿيندڙ ينگ فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي ۽ کيس ايوارڊ ڏنو ويو. هن فيسٽيول ۾ استاد شير محمد سومرو، استاد خادم حسين سخيراڻي، اشرف سخيراڻي به شرڪت ڪئي.

حاجي مصري لنڊ:

حاجي مصري لنڊ ويٺل گهر پنهنجا لڳ نونر تعلقي دادو ۾ سال 1890ع ڌاري ڄائو. بچپن کان نڙ سکيو نڙ تي لالي ۽ لالئي جي ڳالهه کڻندو هو. جڏهن نڙ وڄائڻ سان گڏ لالي ۽ لالئي جي ڳالهه کڻندو هو ته ڪچهري تي وجد طاري ٿي ويندو هو. لالي ۽ لالئي جي ڳالهه ست راتيون هلندي هئي ۽ اوطاق تي روزانه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ شائقين جا ميلا متل هوندا هئا. حاجي مصري لنڊ سال 1964ع ڌاري فوت ٿي ويو.

غلام نبي ڪنڀر:

غلام نبي ولد غلام قادر ڪنڀر تاريخ 31 آڪٽوبر 1952ع تي ڳوٺ مرکپور تعلقي دادو ۾ ڄائو. پنجون ڪلاس پرائمري اسڪول بچل سولنگي مان ۽ ميٽرڪ پرمانند هرداس پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. 1973ع محڪمه خوراڪ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. 1983ع ۾ کيس نوڪري جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو. پر 2004ع تائين کيس بحال نه ڪيو ويو آهي. غلام نبي ڪنڀر ڳائڻ جي شروعات شاگردي جي دور ۾ هاءِ اسڪول کان ڪيائين. هاءِ اسڪول جي هڪ پروگرام ۾ استاد محمد جمن جي هڪ مشهور ڪافي انت بحردي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بنايا ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. ان وقت جي هيڊماستر ڪمال الدين سولنگي کيس گڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو. هن باقائده راڳ جي سکيا مرحوم استاد قمر سومري کان حاصل ڪئي. ان کان علاوه استاد صالح ساند کان به راڳ جي سکيا ورتي. هي راڳ ڀيروي، درٻاري، سنڌڙه تلنگ، ڪماليت سان ڳائي ويندو آهي ۽ اهي راڳ سندس پسند جا راڳ آهن.

سچل فقير جتوئي:

سچل فقير جتوئي ولد صوبدار خان جتوئي ڳوٺ احمد خان جتولي تعلقي دادو ۾ سال 1912ع ۾ ڄائو. صوفياڻو ڪلام ڳائيندو هو. شاهه جا سڀ سر ڳائيندو هو. حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ کيس گهرائيندا هئا. جتي عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام پيش ڪندو هو ۽ سامعين کي وجد طاري ٿي ويندو هو. شادي جي موقعن تي به ڳائيندو هو. سائين جي.ايم.سيد ۽ پير علي محمد راشدي به کيس گهرائيندا هئا ۽ صوفياڻو ڪلام ٻڌي خوش ٿيندا هئا. تاجپور جا نواب به کيس گهرائيندا هئا. شاهه عنايت جهوڪ شريڪ جا سجاده نشين به کيس گهرائيندا هئا. ۽ مهينن جا مهينا انهن وٽ رهندو هو ۽ روزانو صوفياڻو ڪلام ٻڌندا هئا. جيمخانه ڪلب دادو ۾ محفل ٿي، جنهن ۾ محترم تاج صحرائي کيس خصوصي دعوت ڏئي گهرايو، هن محفل ۾ جسٽس خميساڻي، سيشن جج دادو ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ٻيا آفيسر ۽ شهر جا معززين شامل ٿيا. ان ۾ سچل فقير هيٺيون ڪلام پيش ڪيو. جنهن جا ٻول هئا:

اُٿي ڙي دل ساجهر سنبر دنيا جو دفتر ويو کڄي
ڪئين لکي لکپال هئا ڪيترا تنين جا خيال هئا
بيشڪ اهي بر حال هئا تنين جا نغرا ويا لڳي.

اُتي ٻين سان گڏ جسٽس خميساڻي به وجد ۾ اچي ويو، رقص ڪرڻ لڳو ۽ اُتي کيس ساڳيو ڪلام ٻيهر ڳائڻ لاءِ فرمائش ڪيائون. هڪ دفعي منڇر ۾ محفل موسيقي مچائي وئي. جنهن ۾ گورنر جنرل غلام محمد ۽ وڏي وزير پيرزادو عبدالستار شرڪت ڪئي. اتي سچل فقير عارفاڻه ڪلام ڳايا جنهن ۾ گورنر جنرل غلام محمد کيس بلا شاه جي ڪلام جي فرمائش ڪئي. جڏهن سچل فقير بلا شاهه جو ڪلام ڳايو ته گورنر جنرل وجد ۾ اچي روئڻ لڳو ۽ رقص ڪرڻ لڳو، سچل فقير 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.

سيد احمد شاهه:

سيد احمد شاهه اصل ڳوٺ جوڻالو ضلع نوشهري فيروز جو رهواسي هو، جوانيءَ ۾ اتان سڪونت ترڪ ڪري دادو جي بٺ پاڙي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. راڳ رنگ جو ڄاڻو هو. صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو. شادي مرادي کان علاوه پيرن فقيرن جي درگاهن تي به ڳائيندو هو. شاهه ۽ سچل جا ڪلام شوق سان ڳائيندو هو. شاهه سائين جي سُرن تي عبور حاصل هيس. ڪيترين ئي محفلن ۾ ڳائيندو هو ۽ سامعين کان داد حاصل ڪندو هو، سيد احمد شاهه 1978ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس ان وقت عمر 82 سال هئي.

گل محمد عرف گلو پنهور:

گل محمد عرف گلو پنهور ڳوٺ طالباڻي پنهور ديهه باداڻي تعلقي دادو جو رهواسي هو. سندس جنم 1934ع ۾ ڳوٺ طالباڻي پنهور تعلقي دادو ۾ ٿيو. تعليم صرف پرائمري تائين هيس. راڳ جو شوق ننڍپڻ کان هيس. شاهه سائين جي ڪيترن ئي سُرن تي عبور حاصل هيس. سُرن کي ڳائڻ ۾ مزو ايندو هيس. پوئين دور ۾ ايڪو سائونڊ نه هوندا هئا، پر جڏهن گلو پنهور سُر راڻو ڳائيندو هو ته سندس آواز ڏيڍ ڪلوميٽر تائين صاف ۽ چِٽو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. گل محمد عرف گلو پنهور 1986ع ۾ وفات ڪري ويو، کيس ميان يار محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

فتح خان پتافي:

فتح محمد پتافي ڍولڪ نواز هو. پراڻي ديري جو رهواسي هو. جيڪو ڳائيندو به هو ۽ وڏن موسيقي جي گهراڻن جي استادن سان ڍولڪ تي سنگت به ڪندو هو.

مرحوم علي بخش پتافي:

مرحوم علي بخش پتافي ڳوٺ پراڻي ديري تعلقي دادو جو رهواسي هو. صوفي ۽ عارفاڻه ڪلام ڳائيندو هو، سريلو راڳي هو.

سرائي دين محمد پتافي:

سرائي دين محمد پتافي به ڳوٺ پراڻي ديري تعلقي دادو جو رهواسي هو. سٺو گائيڪ هو، جهمريون هڻي ڳائيندو هو. جو ان وقت سنڌ ۾ رواج هو.

سرائي محمد حسين پتافي:

سرائي محمد حسين پتافي راڳ جو ڄاڻو ۽ پارکو هو، راڳ جي مختلف سُرن کان واقف هو. پاڻ جهمريون هڻي ڳائيندو هو ته راڳ جي شوقينن کي دلي سڪون اچي ويندو هو. ان کان علاوه پراڻي ديري جا ٻيا به راڳي آهن. جن مان محمد خان کوکر، محمد هاشم کوکر، محمد اسماعيل کوکر ۽ ٻيا ڀڳت ڳائڻا هئا، ان کان علاوه حبيب الله ڊکڻ، علي نواز ڊکڻ ۽ پيرل ڊکڻ به راڳ جا پارکو ۽ ڳائڻا هئا.

نظر محمد چنو:

نظر محمد چنو ولد مرحوم حاجي احمد خان چنو سال 1940ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ پاٽ مان حاصل ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان بي.اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ايل.ايل.بي حيدرآباد مان ڪئي ۽ پنهنجي سڄي زندگي وڪالت جي پيشي کي ارپيائين. ان کان علاوه محفل موسيقي سان به وابسته رهيو. پنهنجي زندگي جو طويل عرسو سنڌ جي مشهور موسيقار ۽ گائڪ استاد محمد صالح ساند جي سرپرستي ۾ رهيو ۽ راڳ جي سکيا حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي جڳ مشهور راڳي جهڙوڪ: خادم حسين سخيراڻي ۽ بانسري نواز غلام شبير عمراڻي ۽ ٻين ڪيترن وٽانئس موسيقي جو فن سکيو، هن پنهنجي پويان هڪ بيوه چار پٽ ۽ چار نياڻيون سوگوار ڇڏيون.

سندس سڀ پٽ پڻ هن جيان قانون جي پيشي سان منسلڪ آهي، جنهن ۾ وڏو فرزند شڪيل احمد چنا پاڪ آرمي ۾ ۽ سندس ئي پٽ پوليس ۾ ملازم آهن، جنهن ۾ عقيل احمد چنا، اختر علي چنا ۽ اڪبر علي چنا شامل آهن.

غلام محمد عرف غلامو ميراثي:

غلام محمد عرف غلامو ميراثي اصل ڳوٺ ڦڪا تعلقي دادو جو رهواسي هو. اتان لڏي ڇاڻه شاهه آباد دادو ۾ رهيو. ننڍپڻ کان راڳ جي سکيا ورتائين. موقعي جي مناسبت سان ڳالهه کڻي ڪلام ڳائيندو هو. ڪيترن سُرن تي دسترس هئس، ڪوهياري، راڻو، تلنگ، ڪلياڻ ۽ ٻيا سر ڳائي داد حاصل ڪندو هو. غلامو ميراثي 1988ع ڌاري وفات ڪري ويو.

استاد خيرمحمد عرف خيرل فقير ڀَٽي:

خير محمد پٽ موندر ڀٽي 1913ع ۾ سيتا ۾ ڄائو. طبلو ۽ ڍولڪ يڪسان مهارت سان وڄائيندو هو. پهرين سيد عالم شاه گويي ۽ تارا چند گويي سان طبلي سان سنگت ڪيائين ۽ انهن جي وفات کان پوءِ سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي سان سنگت ۾ رهيو، جيڪو غزل جو بهترين شاعر ۽ گائڪ هيو. استاد خيرل ڪيترين ئي ڳائڻن ۽ ڳائڻين سان ساٿ ۾ رهيو ۽ طبلي نوازي ۾ نظير نه رکندو هو. محمد اسماعيل کوکر، شمشاد بيگم ۽ الهوسائي سان به ڪيترائي سال ساٿ ۾ رهيو. شيعه مسلڪ اختيار ڪيائين. 1971ع ۾ ڪجهه شاگرد ڇڏي گذاري ويو. استاد خيرل ڀٽي جا ٻه پٽ آچر ڀٽي هارميونيم جو سٺو ڪاريگر ۽ محمد ڇتل سٺو راڳي پڻ سال 2004ع ۾ هڪ ٻئي پويان گذاري ويا آهن.

ڪوڙو فقير چنو:

ڪوڙل فقير چنو ولد صاحب ڏنو چنو 1910ع ۾ سيتا ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ڳوٺ جي مشهور گوين عالم شاهه ۽ تارا چند جي خدمت چاڪري ڪندي گائڪي جو فن پرائي ورتائين ۽ ڪافيون ۽ ڪلام ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳايائين. آخر ۾ دم جو مريض ٿي پيو. هي پرسوز گائڪ، ڀوڳائي ۽ چرچائي طبيعت جو ماڻهو، مريض هئڻ جو احساس نه ڏياري سال 1978ع ۾ گذاري ويو.

ٺريو ملنگ خاصخيلي:

ٺريو ملنگ پريو خاصخيلي سيتا ڳوٺ ۾ 1927ع ۾ ڄائو، پنهنجي پياري شريڪ حيات جي موت کان پوءِ فقيري اختيار ڪيائين. سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي جي صحبت ۾ رهيو. شيعه مسلڪ اختيار ڪيائين ۽ سڄي ڄمار لوها ڪنگڻ ۽ پيرن ۾ ڪڙيون پائي ڪارو لباس تن تي اوڍي، سيد هموطن صاحب جي اوطاق ۾ سڄي ڄمار گذاريائين. سيد جي اوطاق تي جيڪي راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون تن ۾ حصو وٺندو هو. ڪافيون ڪلام سوز سان ڳائيندو هو. گهڙي وڄائڻ ۾ تمام مهارت حاصل ڪيائين. ان فن ۾ هن سان ويجهي تر ۾ ڪوبه فنڪار ساڻس مقابلو نه ڪري سگهندو هو. پنهنجي مخصوص زندگي گذاريندڙ هي ملنگ ماڻهو 1973ع ۾ گذاري ويو.

سيد موزل شاهه:

سيد حاجن شاهه هموطن سيتائي جو وڏو فرزند هو. سيتا ۾ 1932ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ موسيقي جي تعليم پنهنجي والد کان پرايائين. ڪلام، قصيده ۽ نوحا پرسوز انداز ۾ ڳائيندو هو. سندس ڳائڻ ۾ تمام تاثير هو. ڳائڻ سان دليون ڳاري وجهندو هو. پاڻ خوش شڪل انسان هو. انڪري سيد حاجن شاهه جي تيار ڪيل ڊرامن ۾ هميشه هيرو  جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. ڊرامن ۾ پس پرده گيت ڳائڻ ۽ هارمونيم وڄائڻ ۾ پڻ وڏي مهارت رکندو هو، سيتا ۾ ڪيتريون ئي سنگيت ۽ ثقافت جون سرگرميون سندس دم قدم سان زنده رهيون. محرم ايندي ئي ڪارو لباس اوڍيندو هو ۽ سڀ سرگرميون ترڪ ڪري ڇڏيندو هو. جلوسن ۾ درد ڀريا نوحا ۽ قصيده ڳائي ماڻهن کي زارو قطاري روئاري ڇڏيندو هو. فقه جعفريه تي عمل ڪندڙ هو. ڳائڻ وڄائڻ جي فن ۾ پنهنجا شاگرد پيدا ڪيائين. جهڙوڪ: آچر ڀٽي هارمونيم نواز، ڇُٽل ڀٽي ڳائڻو ۽ ڊرامن جو آرٽيسٽ، سيد نجيب الله شاه راڳي، وسايو مڱڻهار ڍولڪ نواز، سرور مڱڻهار ڍولڪ نواز، چيزل جوڳي ڪافي ۽ غزل جو گائڪ، روشن سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن. پاڻ جواني ۾ 1973ع ۾ گذاري ويو.

 

پوليس جا شهيد جوان

 

شهيد انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي:

سنڌ ۾ پوليس کي صحيح نظرن سان نه ڏٺو ويندو آهي. پوليس جو ڪردار اڪثر مشڪوڪ رهيو آهي. پوليس ۽ عوام ۾ هميشه وڇوٽيون رهنديون آيون آهن. جيڪڏهن پوليس پنهنجا فرائض ايمانداري سان نڀائي ته انهن کي عوام اکين ۾ جايون ڏئي سگهي ٿو. اهڙو مثال دادو جي بهادر جوان انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي جي شهادت اسان جي سامهون آهي. جيڪو پنهنجا فرائض بهادري سان نڀائيندي ۽ ڌاڙيل سان مقابلو ڪندي، شهادت ماڻي سندس تعارف هي ڏجي ٿو.

محمد يعقوب سولنگي ٺارو شاهه ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺارو شاهه مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به ٺارو شاهه مان حاصل ڪري، انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪري، سنڌ پوليس ۾ اسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. اي. ايس. آءِ مان ترقي ڪندو انسپيڪٽر جي عهدي تي پهتو. هو دادو، ڀان، جهلو، مورچو، جوهي ۽ ٽندي ڄام ۾ به مختلف عهدن تي رهيو. انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي پنهنجي ايامڪاري ۾ هميشه ڏوهارين خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ڏوهارين کي جوڳي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪوشان رهيو. هن تقريباً چاليهن ڌاڙيلن جو صفايو ڪيو ۽ ڪمانڊو جو لقب حاصل ڪيو. هن دادوءَ جي بدنام ڌاڙيلن حسن ڪاري کي دادو ڀرسان مقابلو ڪندي ماريو، دادو جي ٻئي ڌاڙيل نورو چانڊيي کي بهادريءَ سان مقابلو ڪري ختم ڪيو ويو. ڌاڙيل رانجهو ڪرڪلي، بچو رستماڻي، لائق اوٺو ۽ ابراهيم اوٺو کي بهادريءَ سان مقابلو ڪندي ماريو. اهي مقابلا صبح کان شروع ٿيا، جيڪي ٻئي ڏينهن شام تائين جاري رهيا.

هن علي ملاح، الهڏنو ماڇي عمرڪوٽ جو ۽ منظور عرف ڌماڪو پنهور ۽ منظور ڌاڙيل کي به مقابلي ۾ ماريو. هنن مقابلن ۾ انسپيڪٽر يعقوب سولنگي پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ ڌاڙيلن سان مقابلا ڪيا. ان ڪري ڌاڙيل سندس خون جا پياسا ٿي پيا. هميشه هن کي ختم ڪرڻ جا سانباها ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته انسپيڪٽر يعقوب سولنگي جي حد ۾ ڌاڙيل ڏوهه ڪرڻ کان لنوائيندا هئا. ان ڪري هميشه ان کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪندا رهيا. 11 جنوري 1992ع تي رات جو ڌاڙيل لائق چانڊيي پنهنجي ڏيڍ سؤ ساٿين سان گڏ ڳوٺ لطف علي ڀنڊ تعلقي دادو تي ڪاهه ڪئي. ڳوٺاڻن ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو. ان وقت محمد يعقوب سولنگي جيڪو سي. آءِ. اي پوليس دادو ۾ انسپيڪٽر هو. پنهنجا بهادر جوان وٺي ڌاڙيلن جي پٺيان ويو. ان سان گڏ ڀان پوليس جو ايم. ايڇ او ڀلي ڏنو پنهور شامل ٿيو. جڏهن پوليس جا جوان ٻيلي ۾ پيرا کڻي پهتا. ڌاڙيل اڳيئي ئي منصوبي تحت تيار هئا ۽ پوليس جو ڪيترائي ڪلاڪ مقابلو هليو ۽ ڌاڙيلن چوڌاري گهيرو ڪري پوليس تي حملو ڪري ڏنو. محمد يعقوب سولنگي بهادريءَ سان مقابلو ڪندو رهيو، آخر ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي، شهيد ٿي ويو. ساڻس گڏ سب انسپيڪٽر ڀلي ڏنو پنهور اي. ايس آءِ ذوالفقار سولنگي اي ايس آءِ قربان علي سپيو، ٽي سپاهي ۽ هڪ مجاهد فورس جو سپاهي شهيد ٿي ويا.

شهيد انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگيءَ جي شهادت تي دادو ضلعي جا ننڍا وڏا شهر سوڳ ۾ بند رهيا. جڏهن سندس لاش کي ڀان ٿاڻي تي آندو ويو ته هزارين جي تعداد ۾ ماڻهن سندس آخري ديدار ڪيو. ڀانن مان سندس لاش سندس اباڻي شهر موڪليو ويو ته واٽ تي ڪيترن ئي هنڌن تي سندس لاش مٿان گل نڇاور ڪيا ويا. دادو شهر جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن طرفان سوڳ ملهائڻ لاءِ دادو شهر ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي جنازي نماز ادا ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي وئي ته شهيد انسپيڪٽر جي غائبانه جنازي جي نماز ادا ڪئي ويندي. اهڙي طرح دادو شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان نئين چوڪ دادو ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. هن غائبانه جنازي نماز پڙهڻ لاءِ جن تنظيمن اپيل ڪئي. انهن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سگا، سپلا، پ، ٽ، الف، ٽريڊ يونين، چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز دادو، واپڊا، سئي گئس ۽ صحافي شامل هئا. پوليس جي تاريخ ۾ پهريون موقع هو. جو هڪ پوليس آفيسر جي شهادت تي ايڏي پئماني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو هجي، جيڪو جوان ايمانداري جرئت، همت ۽ فرض شناسي سان پنهنجا ڪارنامه سرانجام ڏيندو ان کي عوام دلين ۾ جايون ڏئي امر بنائي ڇڏي ٿو.

واضح رهي ته شهيد انسپيڪٽر محمد يعوقب سولنگي جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هڪ اندازي مطابق شهيد تي پنجن هزارن کان مٿي اجرڪ پيا. شهيد انسپيڪٽر تي هڪ وڊيو فلم به تيار ڪئي وئي آهي. جيڪا بيحد پسند ڪئي وئي. پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ جڏهن جوانن کي ٽريننگ ڏني ويندي آهي ۽ انهن کي پنهنجا استاد ليڪچر ڏيندا آهن. ته شهيد انسپيڪٽر محمد يعوقب سولنگي جي ڪارنامن تي روشني وڌي ويندي آهي ته جيڪو جوان پنهنجا فرائض ايمانداري سچائي سان نڀائي ٿو. هو هميشه لاءِ امر بنجي ويندو آهي. اوهان به شهيد جي نقش قدم تي هلندي پنهنجا فرائض ايمانداري سان ادا ڪيو.

سب انسپيڪٽر ڀلي ڏنو پنهور:

ڀلي ڏنو ولد لعل بخش ذات پنهور ڦلجي اسٽيشن تعلقي دادو ۾ ڄائو. سال 1966ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. سپاهي مان ترقي ڪندو سب انسپيڪٽر ٿيو. دادو ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رهيو جن ۾ جهلو، مورچو، موندر، ڀان ۽ ٻڍاپور شامل آهن. ان کان علاوه حيدرآباد، ٽنڊو ڄام ۽ سانگهڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رهيو. هن سونا ٻنڊي ۾ 22 بدنام ڌاڙيل ماري رڪارڊ قائم ڪيو. موندر ٿاڻي جي حد ۾ ٻن بدنام ڌاڙيلن آدم خشڪ ۽ حبيب الله خشڪ کي به ماريو. 11 جنوري 1992ع ۾ جڏهن هو. ايس. ايڇ او ڀان هو ته لائق چانديي جي ٽولي ڳوٺ لطف علي ڀنڊ تي حملو ڪيو هن انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي سان گڏ ڌاڙيلن جو پيڇو ڪري خيرو ديرو پوليس جي حد ۾ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو. ڌاڙيلن جو تعداد ڏيڍ سو کان ٿي هو ۽ بهادري سان مقابلو ڪري شهيد ٿي ويو. هن مقابلي ۾ سي. آءِ. اي انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي، صوبيدار قربان علي سپيو، صوبيدار ذوالفقار سولنگي 3 سپاهي ۽ هڪ مجاهد فورس جو جوان به شهيد ٿيو.

اي. ايس. آءِ قربان علي سِپيو:

صوبيدار قربان علي سپيو اصل ٽنڊي ڄام ۾ پڙهيو اتان تعليم حاصل ڪري پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ترقي ڪندو، اي. ايس آءِ ٿيو. بهادر ۽ دلير هو، ان ڪري انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي سان گڏ رهندو هو. ڪيترن ئي مقابلن ۾ حصو ورتو. 11 جنوري 1992ع ۾ لائق چانڊيي جي ٽولي جڏهن ڳوٺ لطف علي ڀنڊ تي حملو ڪيو ته هو به انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي سان گڏ مقابلي ۾ حصو ورتو ۽ بهادري سان مقابلو ڪري شهيد ٿي ويو ۽ سندن غائبانه جنازي نمازون ادا ڪيون ويون ۽ هنن بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

شهيد اي. ايس. آءِ ذوالفقار علي سولنگي:

شهيد انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي سان گڏ جن پوليس اهلڪارن پنهنجا فرائض ايمانداري ۽ بهادري سان سرانجام ڏئي قربان ٿي ويا. انهن ۾ اي. ايس آءِ ذوالفقار علي سولنگي به شامل هو. شهيد ذوالفقار علي سولنگي 1967ع ۾ محمد آچر سولنگي جي گهر ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد تعلقي جوهي ۾ اک کولي. پرائمري تعليم ٿرڙي جادو اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪري پوليس ۾ ڀرتي ٿيو. ترقي ڪندو اي ايس آءِ ٿيو. انسپيڪٽر محمد يعقوب سولنگي سان گڏ ڪيترائي ڌاڙيل ماريا جن ۾ نورو چانڊيو رانجهو لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي ڌاڙيل شامل هئا. ڌاڙيلن لائق چانڊيي جي ٽولي سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. هن مقابلي جون خبرون بي. بي. سي تان پڻ نشر ٿيون. کين ڀيٽا ڏيڻ لاءِ غائبانه نمازون ادا ڪيون ويون ۽ دادو جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند رهيا. سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ محمد صادق سولنگي کي اي. ايس آءِ ڀرتي ڪيو ويو آهي.

سال 1893ع کان پوءِ شهيد ٿيل پوليس جا بهادر جوان:

1.      عبدالحڪيم ولد ننگر خان

(اي. ايس. آءِ)

2.     گل محمد ولد محمد بچل

(سپاهي)

3.     ممتاز علي ولد محمد بچل

(سپاهي)

4.     غلام حيدر ولد بادل خان

(جمعدار)

5.     راجا ممتاز احمد

(انسپيڪٽر)

6.     غلام شبير ولد محمد عثمان

(سپاهي)

7.     محمد علي ولد ماجد علي

(سب اسنپيڪٽر)

8.     محمد جمن ولد عبدالله

(اي. ايس. آءِ)

9.     صالح شاهه ولد بچل شاهه

(جمعدار)

10. رئوف خان ولد شير علي

(جمعدار)

11.  قادر بخش ولد شير محمد

(سپاهي)

12. مظهر ٿعلي ولد بخش علي

(سپاهي)

13. قربان علي ولد بخش علي

(سپاهي)

14. غلام نبي ولد بهادر خان ساهڙ

(جمعدار)

15. محمد عثمان ولد محمد قاسم

(سپاهي)

16. ميهر خان ولد محمد حسن

(جمعدار)

17. محمد عثمان ولد محمد عاقل

(سپاهي)

18. محمد عيسيٰ ولد رستم خان

(سپاهي)

19. احمد بخش ولد الله بخش ڀٽي

(اي. ايس. آءِ)

20.            منظور احمد

(انسپيڪٽر)

21. محمد يعقوب ولد محمد بخش

(سپاهي)

22.            خان محمد ولد محمد علي

(سپاهي)

23.            محمد شريف ولد محمد ابراهيم

(سپاهي)

24.            پيارو خان شاهاڻي

(جمعدار)

25.محمد شريف پنهور

(جمعدار)

26.            بخشل خان برهماڻي

(جمعدار)

27.            رسول بخش سولنگي

(جمعدار)

28.            محمد صالح ولد ڌڻي بخش ٻگهيو

(سپاهي)

29.            محمد حنيف ولد غلام نبي لنڊ

(سپاهي)

30.            ممتاز علي سولنگي

(سپاهي)

31. غلام شبير ڏاوڇ

(سپاهي)

32.            موج علي ولد علي محمد سمون

(سپاهي)

33.            عبدالستار چانڊيه

(سپاهي)

34.            محمد اسماعيل ابڙو

(سپاهي)

35.سهيل احمد قريشي

(سپاهي)

36.            اصغر علي ولد خميسو خان سولنگي

(سپاهي)

37.            سڪندر علي پتافي

(سپاهي)

38.            وزير علي ولد محمد آچر پنڙ

(سپاهي)

39.            محمد يعقوب جسڪاڻي

(سپاهي)

40.            محمد سومر برهماڻي

(سپاهي)

41. غلام حسين ولد جمع خان ڏاهري

(سپاهي)

42.            محمد جمن ولد نبي بخش لنڊ

(سپاهي)

43.            احمد خان لغاري

(سب انسپيڪٽر)

44.            ذوالفقار علي سولنگي

(اسٽنٽ سب انسپيڪٽر

45.محمد آچر جوڻيجو

(اسٽنٽ سب انسپيڪٽر

46.            امين علي ساريو

(جمعدار)

47.            عبدالرزاق ولد محمد مٺل جوڻيجو

(جمعدار)

48.            گلزار علي ولد ولي محمد چانڊيه

(جمعدار)

49.            قربان علي ناريجو

(سپاهي)

50.محڪم الدين ولد غلام حسين ڀرڳڙي

(سپاهي)

51. رحيم خان جوڻيجو

(سپاهي)

52.علي شير جتوئي

(سپاهي)

53.لعل بخش ڪنڀر

(سپاهي)

54.وزير علي ولد احمد خان سولنگي

(سپاهي)

55. محمد علي ولد نياز علي مزاري

(سپاهي)

56.رسول بخش ولد هاشم کوسو

(سپاهي)

57.محمد سليم ولد غلام نبي سومرو

(سپاهي)

58.مظهر علي ولد امام الدين چانڊيه

(سپاهي)

59.علي بخش ڏهر

(سپاهي)

60.            مشتاق احمد ولد الهه بچايو پنهور

(سب انسپيڪٽر)

61. محمد بخش ولد محمد علي هالو

(سپاهي)

62.            محمد موسيٰ ولد محمد طالب عمراڻي

(سپاهي)

63.            محمد عيسيٰ ولد رسم علي لاشاري

(سپاهي)

64.            محمد خان ولد سرائي گل شير

(سپاهي)

65.سڪندر علي ولد الهه بچايو ملاح

(سپاهي)

66.            اشرف علي ولد علي محمد ملاح

(سپاهي)

67.            الله جڙيو ولد قيصر خان گاڏهي

(سپاهي)

68.            عبدالرحيم ولد غلام قادر ٻگهيو

(سپاهي)

69.            احتشام الحق قادري

(ڊي. ايس. پي)

70.            محمد يعقوب سولنگي

(انسپيڪٽر)

71. محمد حسين ولد محمد شريف هوت

(سب انسپيڪٽر)

72.            قربان علي سپيو

(اسٽنٽ سب انسپيڪٽر)

73.            محمد قاسم ولد سعيد خان شر

(سپاهي)

74.            الله رکيو ولد سعيد خان لاکو

(سپاهي)

75.غلام مرتضيٰ ميمڻ

(انسپيڪٽر)

76.            ڀلي ڏنو پنهور

(سب انسپيڪٽر)

 

دادو جون مزاحمتي تحريڪون

 

بلاولي تحرڪ:

سنڌ ۾ جيڪي مزاحمتي تحريڪون هليون، انهن ۾ دادو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. انهن سڀني ۾ بلاولي تحريڪ کي نمايان حيثيت حاصل آهي. مخدوم بلاول جي زندگي جو پورو احوال نه ملي سگهيو آهي. ليڪن روايتن مان ايترو معلوم ٿيو آهي، ته هو ذات جو سمون ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان واسطو رکندڙ هو. سندس ڄم جي تاريخ ملي نه سگهي آهي. پر امڪان آهي ته هو 9 صدي جي پوئين اڌ ۾ ڄائو هو. انهي وقت تعليم جا مکيه مرڪز ٺٽو، سيوهڻ، پاٽ ۽ ٽلٽي وغيره هئا. مخدوم بلاول ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. پوءِ وڌيڪ تعليم ٽلٽي جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي. شادي به اتي ڪيائين. پوءِ باغبان ۾ اچي رهيو. جتي سندس آخري آرام گاهه آهي. معلوم ٿئي ٿو ته مذهبي علوم، تفسير، فقه ۽ حديث ۾ خاص ماهر هو. جنهن ڪري دور دراز پنڌ تان طالب علم وٽس علم پرائڻ ايندا هئا. شروع کان وٺي سلسلي طريقت ۾ دلچسپي وٺندو هو. جنهن ۾ هو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ۾ ان وقت ٽي مکيه طريقت جا ادارا هئا. 1. قلندر شهباز عليه 2. مخدوم بلاول عليه 3. مخدوم نوح عليه، مخدوم بلاول جا ڪيئي مکيه خليفا هئا. جن مان مخدوم ساهڙ، سيد حيدر سنائي، مخدوم رڪن الدين، مخدوم حسين بلاولي، مخدوم سعد عرف مخدوم ساند، مخدوم هڱورو وغيره.

بدقسمتي سان ملفوظات يا مڪتوبات ضايع ٿي ويا آهن. مخدوم صاحب انهن بزرگن مان هو جن شريعت اسلام جي پيروي صاحب طريقت لاءِ ضروري ٿي ڄاتي. جنهن ڪري هن جو توجهه زياده تر عوام جي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح طرف هو. مخدوم جي طريقي جي مکيه اصول هيٺيان هئا.

1.      صاحب طريقت کي معتقدن ۽ مريدن جو نظر نياز کان پاسو ڪري ڌنڌو ڪري گذر معاش اختيار ڪرڻ گهرجي.

2.     مذهب ۽ سياست کي علحده رکڻ ضروري آهي.

3.     سندس گروهه قوم پرستي جي بنياد تي سنڌ دوستي جو هو. ان وقت دستور هو ته مدرسه يا ته حڪومت جي مدد تي هلندا هئا يا معتقدين ۽ مريدن جي نذر نياز تي هلندا هئا. اهي ٻئي طريقا انقس کان خالي نه هئا. حڪومت جي مدد کين حاڪمن جو محتاج ٿي بنايو ۽ مريدن جي نذر نياز انهن کي گذر معاش جو ذريعو بنايو ٿي. ان ڪري هن ڪورڪو ڌنڌو اختيار ڪيو.

مخدوم بلاول کي اسلامي تعليم تي پوري دسترس هئي. ان ڪري کيس معلوم ٿيل هو ته مذهب ۽ سياست جي گڏجڻ ڪري اڪثر عالمن وقت جي حاڪمن جو هٿيو بنجي، اسلامي قوانين کي مروڙي سندن حاڪمن جي مرضي مطابق هلايو کيس پتو پيل هو ته حاڪمن ۽ ملن سندن مستقل مفاد جي خلاف راءِ کي نه صرف مذهب جي آڙ ۾ دٻايو هو. پر ڪيترن ئي عالمن ۽ درويشن کي قتل ڪرايو هو. شمس تبريز ۽ منصور وغيره جا مثال سندس اڳيان هئا. ازانسواءِ ان وقت سندس چؤطرف مسلمان حڪومتون هيون. جن جون پاڻ ۾ سامرا جي ۽ ٻين گروهي مفادن ڪري جنگيون ٿيندڙ هيون. جن جنگي کي هر گروهه جي طرفدار عالمن جهاد جي فتويٰ ڏيئي جائز بلڪه لازمي ٺهرايو ٿي. جنهن ڪري هزارين بلڪه لکين مسلمان انهي حاڪمن ۽ ملان جي ظلم جو شڪار بڻيا ٿي، هن کي اهو به معلوم هو ته شريعت اسلام يعني فقهي معاملن ۾ مسلمانن اندر ڪيتائي فرقا ۽ گروهه پيدا ٿي پيا هئا ۽ سندن نفاق جو بنياد پيو.

جيئن ته ان وقت سنڌ ۾ هندن جو خاصو تعداد هو، اهي مڪاني تعلقات سبب سڀني مسلمانن سان گڏجي ٻاهرين حملي آورن خلاف وڙهيا ۽ جيڪي اڪثر مسلمان هئا. سنڌ کي دهلي ۽ افغانستان طرف جي مسلمان حاڪمن کان جنگين ۽ ڦرلٽ جو هميشه خطرو هوندو هو. مذهب ۽ سياست کي گڏڻ سبب قوميت جو بنياد مذهب تي بيهڻ وارو هو. مذهب ۽ حڪومتن جي طرفدار ايجنٽن ۽ ملڪي مفاد جي دشمنن کي مسلم قوم جي نالي ۾ سنڌ جي ملڪي مفاد خلاف غداري ڪرڻ جو هميشه امڪان هو. مٿي ذڪر ڪيل نقطه نگاهه صحيح اسلامي تعليم حقائق ۽ سنڌي مفاد جي خيال کان مخدوم بلاول مسلمانن جي جداگانه قومي تصور کي غلط فرسوده ۽ غير اسلامي سمجهڻ لڳو. هن چؤطرف ڏٺو ته ڪي حاڪم مغل هئا، ته ڪي ترڪ هئا، ته ڪي وري ايراني هئا، ته ڪي وري عرب سڀئي مسلمان هئا. سندن گروهي مفاد خاطر جنگين ڪري ملڪ فتح ڪري ڦرلٽ ڪئي ٿي. ليڪن اهڙن ڪارنامن کي اسلام جي نالي ۾ جهاد سڏي اسلام جي سهڻي نالي تي ٽڪو لڳايو ٿي. ملن محمود غزنوي تيمور لنگ ۽ علاؤالدين جي جنگين، ڦرلٽن ۽ قتل عام کي جهاد سڏي انهن کي غازين ۽ صاحب قرآن جا لقب ڏنا هئا. ان کان علاوه بني امين بني عباسين ۽ ٻين مسلمان حاڪمن جا ڪارناما ماڻهن جي اڳيان هئا. هو اهل نظر ۽ اهل دل هئڻ سبب اهڙين کي اسلام جي نالي سان تعبير ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. مخدوم بلاول سنڌ ۾ ڄائو هو. سنڌ منصف مزاج ۽ مهذب حاڪمن جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت جي واڳ هئي. ان جي ڀر وارا مڪاڻي راڻا به گڏيل ملڪي مفاد ڪري معاون ۽ مددگار هئا. تنهن ڪري هو ان نتيجي تي پهتو ته سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، گڏيل ملڪي مفاد ۽ روايت جي نقطه نگاهه کان علحده قوم آهن. مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو ڌارين مسلمان حڪمرانن جي سنڌ تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڌوڪو آهي. تنهن ڪري هي پاڻ سندس خليفا ۽ نواب دريا خان انهي نتيجي تي پهچڻ بعد مذهب جي نالي ۾ جملي مسلمانن کي هڪ گڏيل قوم تسليم ڪرڻ جي خلاف هئا. تاريخي حقيقتون ان جي خلاف ڏٺيون هئائون، جڏهن ميران شاهه جونپوري سن ۾ آيو ۽ مهدوي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پاڻ کي مهدي سڏائي بيعت وٺڻ لڳو، ته ان نظريي کي سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجهي ان جي مخالفت ڪري سيد ميران شاهه جونپوري جون ٻيڙيون سندس خليفي سيد حيدر شاهه سنائي رحه هٿان درياءُ ۾ ٻوڙائي ڇڏيون ۽ مهدوي تحريڪ کي سنڌ ۾ وڌيڪ پرچار ڪرڻ کي روڪي ڇڏيو. هن کي افغانستان وڃڻ تي مجبور ڪيو. مخدوم بلاول کي خبر هئي ته سڀئي مسلمان نه صحيح هئا ۽ وري سڀئي غير مسلم ڪافر هئا. ڪيترائي غير مسلم خدا پرست صالح العمل هئا ۽ ڪيترائي مسلمان حڪمران ظالم غاصب ۽ ڊاڪو هئا. ان ڪري هن سنڌين جي جداگانه قوم جي بنياد تي سنڌ جي سما حڪومت جي ارغونن جي خلاف مدد ڪئي. سندس معتقد ارغونن خلاف هندن سان گڏجي وڙهيا. جڏهن ڄام فيروز جي نااهلي ۽ درٻار ۾ ٻاهرين جي اثر ڪري نواب درياءُ خان وزارت کان ٻاهر نڪتو ته ارغونن ملڪ فتح ڪندا ٺٽي پهتا. آخري وقت ۾ نواب دريا خان سنڌ لاءِ لڙندي شهيد ٿي ويو. ان کان پوءِ نواب جي فرزندن موٽڻ خان ۽ محمود خان راڻي رڻمل ۽ جوڌا سنگهه سوڍن سهتن ۽ مخدوم صاحب جي مريدن ٽلٽي ۾ ٻيو دفعو جنگ ڪئي. جنهن ۾ سڀ شهيد ٿي ويا. جنهن ۾ 47 ڌاريجا سردار به شيهد ٿي ويا. شاهه بيگ ارغون سنڌ فتح ڪئي پوءِ شهر توڙي ڳوٺ ويران ڪندو اڳتي وڌيو. ان وقت مقامي مهدوي ڪارڪن ساڻس گڏ هئا. هن ڏس ۾ قاضي قاصن اهم ڪردار ادا ڪيو. مخدوم بلاول سان صلح جي ڳالهين لاءِ کيس ڪتب آندو ويو. ليڪن مخدوم صاحب کيس کتو جواب ڏنو ۽ پنهنجي اصول تي اٽل رهيو ۽ غاصب ارغونن سان ٺاهه لاءِ راضي نه ٿيو.

مخدوم بلاول ارغونن جي حملن ۽ انهن سان مزاحمتي جنگ وڙهڻ لاءِ ٽلٽي کي خيرآباد چئي اچي باغبان ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي پنهنجي مريدن ۽ معتقدين کي درس و تدريس کان علاوه دشمنن تي منظم نموني سان حملن جون تياريون ڪرڻ لڳو. روايت آهي ته جڏهن مخدوم بلاول باغبان ۾رهائش اختيار ڪئي ته ارغون مخدوم صاحب کي شهيد ڪرڻ لاءِ بهانا ڳولڻ لڳا. ان عرصي دوران مخدوم صاحب جا ڪي مريد ٽلٽي مان پيادل ساڻس ملڻ لاءِ اچي رهيا هئا. جڏهن اهي پير ڳڻيه ڳوٺ وٽ پهتا ته پٺيان ارغونن جا ڪارندا گهوڙن تي ڊوڙندا پير ڳڻيه وٽ پهتا. جتي مخدوم صاحب جي مريدن ۽ ارغونن جي ڪارندن درميان ويڙهه ٿي، مخدوم صاحب جا مريد وڏي دليري ۽ بهادري سان وڙهيا. ان لڙائي ۾ مخدوم صاحب جا 7 مريد شهيد ٿي ويا. انهن جون مزارون اڄ به پير ڳڻيه مقام ۾ موجود آهن.

شاهه بيگ ارغون 22 شعبان مطابق 26 جون ۾ وفات ڪئي. شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن جانشين ٿيو. شاهه حسن جي دل ۾ حضرت مخدوم بلاول جو خوف هو. ان ڪري هن سازش تيار ڪئي. جنهن ۾ قاضي قاضن ۽ مهدوي تحريڪ جا ڪجھ سرڪرده رهنما شامل ڪيا. جيئن ته مخدوم بلاول صاحب هڪ عالم زاهد متقي، پرهيزگار ۽ اثر رسوخ وارو هو. ان ڪري کيس قتل ڪرڻ جي انوکي سازش تيار ڪئي وئي. هڪ موچي کي لالچون ڏئي ان کي تيار ڪيو ويو. موچي هڪ جتي تيار ڪئي ۽ ان جي تري ۾ قرآن شريف جا ورق جتي ۾ وجهي گمهندو رهيو ۽ مخدوم صاحب کان پڇيائين ته جيڪو قرآن جي بي حرمتي ڪري ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي، مخدوم صاحب فرمايو ته اهڙي بي دين شخص کي جيئري گهاني ۾ پيڙايو وڃي بس ان وقت موچي اها ساري حقيقت قاضي قاضن کي بيان ڪئي. قاضي سزا لاءِ اڳ ئي تيار هو. مخدوم صاحب ان سازش کي چڱي طرح سمجهي ويو ۽ هو سمجهي ويو ته شاهه حسن ارغون هن کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو. هي قاضي، عدالت ۽ فريادي سڀ سازش جون ڪڙيون آهن. هو تقدير الاهي تي راضي ٿيو. اهڙي طرح هيءَ باعمل عالم ۽ قوم پرست رهنما کي 71 سالن جي ڄمار ۾ 2 جنوري مطابق 1 محرم الحرام گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. سندس چڪنا چور جسم کي مٽ ۾ وجهي باغبان شهر ۾ جتي هن وقت سندس مزار آهي، اتي دفن ڪيو ويو. بظاهر بلاولي تحريڪ کي دٻايو ويو. مگر ان جو تسلسل اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جاري آهي.

ميانوال تحريڪ:

بلاول تحريڪ کان پوءِ وري ڌارين خلاف، ميانوال تحريڪ شروع ٿي. ميانوال تحريڪ جيڪا ميان آدم شاهه ڪلهوڙي شروع ڪئي هئي. ان کي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي کان پوءِ زور ميان نصير محمد ڪلهوڙي وٺرايو. سمن جي صاحبي ختم ٿيڻ بعد ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سنڌ جي امن پسند سون ورتي ڌرتي کي هڪ ٻئي پٺيان پنهنجي ملڪ گيري هوَس جو نشانو بڻايو. سڀئي حڪمران ساڳئي نسل،ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هڪ ئي علائقي سان واسطو رکندڙ حڪمران هئا. سنڌي قوم تي سندن ظلم جا عيني شاهد بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي اجا اهي عظيم الشان ڪوٽ ۽قلعا آهن. جتي هنن بهادر سرويچ ماڻهن جون جيئري کلون لهرائي، سندن لاشن کي مهينن جا مهينا اونڌو ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ کين خوني برجن تان درياءُ سنڌ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ڦرلٽ ڪرڻ، امن پسند تي حملا ڪري سندن گهرن کي اوچتو باهيون ڏيڻ، عورتن جون عزتون لٽڻ، ٻنين ٻارن ۽ پيدوار جي اهم ذريعن تي قبضا ڪرڻ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي عبرتناڪ ظلمن جي داستانن سان تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ ان دور جون ٻيون تاريخون هنن درنده صفت چنگيزي اولاد جي ذڪر سان ڀريون پيون آهن. انهي دور جو ذڪر ڪندي دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته ”تقريباً پورا 2 سؤ سال سنڌ جا ماڻهو ائين ارغونن، ترخانن ۽ دهلي جا مغل سلطنت جي هٻڇي ۽ رت پياڪ تسلط هيٺ پيسبا رهيا. سندن ذهني ۽ جسماني صلاحيتون بند هيون ۽ انهن جي هر قومي ٻڌي ۽ اظهار تي سندن هٺيليون ۽ بي قياس سنگينون اڀيون ٿي ويون. هنن پهريائين هيءَ ڳالهه ڪئي جو سنڌ کي ورهائي ٽڪر ٽڪر ڪيائون“.

ارغونن ولايت سنڌ کي 6 سرڪارين ۽ مغلن ان کي 4 ملڪن ۾ ورهائي ڇڏيو. هي سڄو وقت هي يا هو سرڪار هن يا هن ملڪ سرڪار سان وڙهندي رهي. ٻيو ته سڀ ڪجھ آهي. سرڪاريون ۽ ملڪ پاڻ کي قائم ۽ پنهنجي لٽ مار کي جاري رکڻ لاءِ پنهنجي دائري ۾ ماڻهن جي هر قبيلي ۾ اندروني جهيڙن ۽ قبيلن جي هڪ ٻئي سان ٽڪر ۽ ويڙهه کي سعيو ڪري اڀاريندا ۽ وڌائيندا رهيا. لاکن کي سميجن جي خلاف، سميجن کي سومرن جي خلاف، سومرن کي ماڇين جي خلاف، ماڇين کي مهرن جي خلاف، مهرن کي ڪهيرين جي خلاف، ڪهيرين کي ڪلهوڙن جي خلاف، ڪلهوڙن کي دائودپوٽن جي خلاف، دائودپوٽن کي پنهورن جي خلاف، بلوچن کي سماٽن جي خلاف، سماٽن کي بلوچن جي خلاف، سعيو ڪري ويڙهائيندا ۽ هيڻو ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رهيا. ان ڪري ميان آدم ڪلهوڙي ميانوال تحريڪ شروع ڪئي.

مغل شهنشاهه جيڪي پاڻ کي ظل الاهي ۽ ظل سبحاني سڏائي ديوان عام ۽ ديوان خاص ۾ شاهي مسند تي جلوه افروز ٿيندا هئا ته مجبور مسڪين عوام پنهنجا ڪنڌ جهڪائي ڪري پوندا هئا، ۽ بادشاهن کي سجدو ڪندا هئا. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي بغاوت ڪري ميانوال تحريڪ شروع ڪئي. ميانوال تحريڪ کي زور وٺندو ڏسي، مغل کيس گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ڪجھ وقت هي تحريڪ زير زمين هلي وئي. پر پوءِ به قيادت سندس اولاد ميان شاهل محمد ۽ ميان الياس محمد جي هٿ هيٺ رهي. ميان الياس محمد جي وفات بعد هيءَ تحريڪ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي هٿ آئي. جنهن آزادي جي جدوجهد کي وڌيڪ وسيع ڪيو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي پنهنجي تحريڪ کي وسيع ڪرڻ ان کي انقلابي قوتن سان ڳنڊڻ ۽ ڪارڪنن کي قربانين لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا.

ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سڄي سنڌ تي مغلن جي حڪمراني هئي، ان ڪري مغلن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ميانوال تحريڪ کي زور وٺايو. ميان نصير محمد پنهنجي ساٿين جن ۾ گاجي شاهه، شاهه پنجو سلطان، فوجو فقير، خيرو ولاڻو، جنگو جمالي، شاهه گودڙيو، حيدر خان، يارو رند، بهليل شاهه، بکر شهيد، نندو کوسو، يارو ريڍار، جادو شهيد، تاجو فقير اوٺوال، بختيار خان، فيروز ويراڙ، ڪمال خان مشوري، فريد ڀاڳت، فقير ميران وال، لڌو فقير لنڊ، ميرڻ سولنگي، ڦتو فقير، الهداد فقير لنڊ، ڏنگر پخالي فقير (ننگر) مگسي، ٿيوو فقير لاشاري، بلاول خان زرداي، هوت خان رند، گل محمد خان لغاري، درياهه خان برهماڻي، تاجو فقير، فتوحل خان ڇڄرو، گاجي کهاوڙ ۽ ٻيا ساٿي شامل آهن، جيڪي ميان سان گڏ مغلن ۽ پٺاڻن سان وڙهيا. اهڙي طرح ميان يار محمد جي دور ۾ به هيءَ تحريڪ جاري رهي ۽ اها تحريڪ مسلسل جاري رهي، جيڪا آخرڪار ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو مڪمل خودمختيار حڪمران ثابت ٿيو، سندس ئي دور ۾ سنڌ خوشحال ٿي.

خلافت تحريڪ:

ترڪيءَ جو ملڪ دنيا جي اهم اسلامي ملڪن ۾ شمار ٿيندو اهي. ترڪي جي حڪمرانن کي خليفو سڏيو ويندو هو. سڄي دنيا جا اسلامي ملڪ ان کي پنهنجو خليفو سمجهندا هئا. جڏهن سندس حڪومت ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا ويا ته سڄي اسلامي دنيا ۾ غم و غصي جي لهر پکڙجي وئي، ان جو اثر سن تي به پيو. هر هنڌ احتجاجي جلسا ڪيا ويا. سنڌ ۾ ترڪي ٽوپي جو عام رواج پئجي ويو. ننڍا وڏا ترڪي ٽوپي پائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا ۽ ترڪي جي خليفي سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻلڳا. سڄي سنڌ جيان دادو ۾ به خلافت تحريڪ زور شور سان جاري رهي. مسجدن ۽ عبادت گاهن ۾ علماءِ ڪرام خلافت کي بچائڻ لاءِ تقريرن ذريعي آگاهي ڏيندا رهيا. دادو ۾ جن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهن ۾ مرحوم وڏيرو الله بچايو ميمڻ، مرحوم محمد هاشم سومرو، مرحوم سيد جيوڻ شاهه، مرحوم محمد پيرل ميمڻ، مرحوم سهراب خان مگسي، محمد حسن ميمڻ، ڪامريڊ دوارڪا داس، محمد رمضان ميربحر ۽ ٻيون شخصيتون شامل آهن. سهراب مگسي تحريڪ جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو ته کيس رڪ اسٽيشن تي گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو، وري کيس گرفتار ڪري 12 مهينا سزا ڏني وئي، سهراب خان مگسي کي وٺي صابر متي جيل (انڊيا) ۾ وڌو ويو جيل ۾ سندس ملاقات مهاتما گانڌي، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين چوٽي جي سياستدانن سان ٿي. هن سان گڏ دوارڪا پرشاد به جيل ۾ گڏ هو.

خاڪسار تحريڪ:

انگريزن سنڌ تي هڪ سؤ سالن تائين حڪومت ڪئي. ان عرصي دوران انگريزن مسلمانن کي سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي ۽ مذهبي لحاظ کان تباهه و برباد ڪيو. سنڌ جي غدار ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ رئيسن کي خوب نوازيو ويو. انهن کي زميون جاگيرن جي صورت ۾ عطا ڪيون ويون. غدار ميرن پيرن وڏيرن ۽ رئيسن کي خانبهادر، رئيس بهادر، راءِ بهادر، صاحب بهادر جا لقب ڏنا ويا. پر سنڌ جا ماڻهو مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندا ويا.

جڏهن برصغير جي مسلمانن خاڪسار تحريڪ شروع ڪئي ته سنڌ جي مسلمانن ان تحريڪ ۾ به حصو ورتو. سنڌ جي عوام سان گڏ دادو ۾ به هي تحريڪ ڀرپور نموني سان شروع ٿي ۽ انگريزن خلاف ڀرپور مهم شروع ڪئي. ان ڪري انگريزن خاڪسار تحريڪ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو. دادو شهر ۾ به هي تحريڪ زور شور سان چالو رهي. دادو شهر مان تاج صحرائي کي به گرفتار ڪري انڊيا جي دهلي جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيترائي مهينا جيل ۾ زير حراست رهيو.

1960ع جي ڏهاڪي واريون قوم پرست تحريڪون:

انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ آزاد ملڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مسلمانن وڏيون قربانيون سرانجام ڏنيون. سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي. جنهن سڀ کان پهريائين ٺهراءُ بحال ڪيو ته برصغير ۾ مسلمانن لاءِ الڳ وطن پاڪستان قائم ڪيو وڃي.

دادو ۾ انگريزن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون زور شور سان چالو هيون، دادو ۾ برصغير جا چوٽي جا سياستدان شريڪ ٿيندا هئا. هندن جو ڌرم سالو جيڪو پوءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور ٿيو. ان جي ميدان تي جواهر لال نهرو به آيو ۽ زوردار تقرير ڪري انگريزي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ بحال ڪرايو. اهڙي طرح دادو شهر سياست جو ڳڙهه بنجي ويو. اڳتي هلي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان معرض وجود ۾ آيو. پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح بيمار رهڻ لڳو. اهڙي طرح 11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم محمد علي جناح رحلت ڪري ويو.

قائداعظم جي رحلت بعد لياقت علي خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم مقرر ٿيو. لياقت علي خان جي وزيراعظم مقرر ٿيڻ شرط سنڌين سان عقوبتون شروع ٿي ويون. سنڌين کي جاهل ۽ اڻ سڌريل قوم سڏيو ويو. سنڌين جي تهذيب کي اُٺن ۽ ڏاچين چاريندڙن جي تهذيب ڪوٺيو ويو. ان ڪري سنڌين ۾ غم ۽ غصي جو لهر ڊوري وئي ۽ سنڌين کي هر سطح تي پوئتي ڌڪيو ويو. 1955ع تي سڀ صوبا ختم ڪري ون يونٽ جو طوق سنڌين جي مٿان وڌو ويو. سنڌين لاءِ ترقي جا دروازا بند ڪيا وا. سنڌين مٿان زمين ۽ جائيداد خريد ڪرڻ تي بندش وڌي وئي. صوبن کي ختم ڪري هڪ صوبو اولهه پاڪستان قائم ڪيو ويو، ٻينصوبن جا ماڻهو خصوصاً پنجاب جا ماڻه وڏي پيماني تي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لڳا. سنڌ جون زمينون رٽائرڊ فوجي جنرلن، سول بيوروڪريٽس ۽ پنجابي آبادگارن کي مفت يا ڀڳڙن جي مٺ تي ڏنيون ويون. هندستان مان لڏي آيلن کي خوب ورسايو ويو. هتان جون زمينون ۽ جائيدادون مفت ۾ ڪوڙن ڪليمن ذريعي هندستاني پناهگيرن کي ڏنيون ويون.

27 آڪٽوبر 1957ع تي صدر ايوب اقتدار تي قبضو ڪري فيلڊ مارشل ٿي ويهي رهيو. صدر ايوب جو دور اونداهون دور چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. صدر ايوب جي دور ۾ پنجابي ۽ پٺاڻ وڏي پئماني تي آباد ٿيڻ لڳا. سندس دور ۾ سنڌ جون زرخيز زمينون رٽائرڊ فوجي جنرلن کي انعامن ۽ اڪرامن ۾ مفت فراهم ڪيون ويون. اهڙي صورتحال ڏسي سنڌ جي ماڻهن ۾ اضطراب جي صورتحال پيدا ٿي وئي، ۽ احتجاج ڪرڻ لڳا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي قوم پرست تحريڪن زور ورتو. ون يونٽ خلاف تحريڪون شروع ڪري ڏنيون. مظاهرا، جلسا ۽ جلوس نڪرندا رهيا. انهن تحريڪن ۾ دادو جي نوجوانن ڀرپور حصو وٺي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. دادو شهر ۾ ون يونٽ خلاف ڪيترن ئي شاگردن بک هڙتالون ڪيون، جن ۾ مولا بخش لغاري، حميد راهي ميمڻ، روشن علي سولنگي، پير بخش پنهور، محمد ابراهيم پنهور، احمد خان ملڪاڻي، شوڪت سنڌي، فاروق سولنگي، عبدالحميد قريشي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاگردن بک هڙتالن ۽ مظاهرن ۾ حصو ورتو.

ان کان علاوه سنڌ ۾ جيڪي ووٽر لسٽون تيار ٿي رهيون هيون. اهي لسٽون صرف اردو ۾ تيار ڪيون پئي ويون. دادو جي شاگردن انهن جي سخت مزاحمت ڪئي. احتجاج ڪيا ۽ بک هڙتالون ڪيون. انهن ۾ مولا بخش لعاري، حميد راهي ۽ ٻيا شاگرد شامل هئا، انهن شاگردن جي احتجاجي مظاهرن ۽ بک هڙتالن جي ڪري سرڪار مجبور ٿي، سنڌيءَ ۾ به ووٽر لسٽون شايع ڪيون. ان سان گڏ شاگردن جي اهم مطالبي کي قبول ڪندي، ون يونٽ ٽوڙي صوبا بحال ڪيا ويا ۽ سنڌ جي اڳواڻي حيثيت بحال ڪئي وئي.

سنڌ ۾ ريلوي اسٽيشن تي صرف اردو ۽ انگريزي ۾ نالا لکيا ويندا هئا. سنڌ جي شاگردن ان خلاف سخت احتجاج ڪيا ۽ مظاهرا ڪيا ۽ بک هڙتالون ڪيون. دادو جي شاگردن به پاڻ ملهايو. بک هڙتالون ڪيون. احتجاجي مظاهرا به ڪيا. آخر سرڪار مجبور ٿي اسٽيشنن جا نالا اردو انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ به لکڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح دادو شهر جي قوم پرست شاگردن پاڻ ملهائي تاريخ جو حصو بنجي ويا آهن. دادو ۾ جن قوم پرست اڳواڻن حمايت ڪئي ۽ خود اچي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي انهن ۾ سنڌ جي نامياري قومر پرست سياستدان شهيد فاضل راهو ۽ اختر بلوچ به دادو ۾ احتجاجي جلسن کي خطاب ڪيو ۽ شاگردن کي خراج تحسين پيش ڪيو.

1960ع جي ڏهاڪي دوران جيئي سنڌ طرفان سنڌين تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف احتجاج بلند ڪيو. دادو شهر ۾ مرحوم شوڪت سنڌي احتجاجي جسن، جلوسن، ۽ بک هڙتالن جي حمايت ڪئي. نئين چونڪ تي سندس مٺائي جو دوڪان سياسي ڪارڪنن جو ڳڙهه هو. هميشه سياسي ڪارڪنن ۽ قوم پرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ شاگرد سندس دوڪان تي موجود رهندا هئا، ۽ سنڌ تي ٿيندڙ ظم ۽ زيادتين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندا. هئا. ان ڪري حڪومت سخت ناراض ٿي ۽ کيس گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ وڌو ويو. سائين جي ايم سيد جو ساٿاري رهيو، سائين جي ايم سيد 1970ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ٺاهي اليڪشن لڙڻ جو اعلان ڪيو ته مرحوم شوڪت سنڌي محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ اليڪشن ۾ محاذ جي اڳواڻن جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ زور شور سان ورڪ ڪئي.

سال 1965ع ۾ پاڪ ڀارت وچ ۾ جنگ لڳي جيڪا 6 سيپٽمبر کان 23 سيپٽمبر 1965ع تائين جاري رهي. هن جنگ ۾ هندستان کان ڀاري جاني و مالي نقصان ٿيو. هندستان جا 105 هوائي جهاز ڪيرايا ويا. رڻ ڪڇ جي محاذ تي، حر مجاهدن هندستان جي فوجن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏا آخر هندوستان مجبور ٿي. جنگ بندي جو اعلان ڪيو. پاڪستان جي فوج ۽ حر مجاهدن هندستان جي 5000 ميلن جي وسيع ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. روس مداخلت ڪري ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي دعوت ڏني ته هو هڪ ميز تي ويهي جنگ جو ازالو ڪن. روس ٻنهي سربراهن کي تاشقند ۾ ڳالهين جي ڪوٽ ڏني، جتي هندستان جي وزيراعظم لال بهادر شاستري ۽ پاڪستان مان صدر ايوب ۽ وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو شريڪ ٿيا. روس زور رکيو ته ڀارت جا جنگي قيدي ۽ 5000 ميل کٽيل علائقو هندستان جي حوالي ڪيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سخت مخالفت ڪئي. ڀارت هارايل بازي کٽي ورتي ۽ اهڙي خوشيءَ ۾ رات جو شاستر دورو پيو ۽ تاشقند ۾ ئي فوت ٿي ويو.

جناب ذوالفقار علي ڀٽو واپس پهتو ۽ صدر ايوب خلاف تحريڪ شروع ڪري ڏني ان ڪري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ڪجھه ميهنن بعد کيس آزاد ڪيو ويو. جيل کان آزاد ٿيڻ بعد هن پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي. باقائده ايوب خان خلاف تحريڪ زور سان شروع ڪئي. سڄي ملڪ ۾ هنگاما شروع ٿيا. دادو شهر ۾ به هي تحريڪ زور سان شروع ٿي. دادو شهر مان محمد سليمان سميجو جيڪو ضلعي پ. پ. پ جو صدر هو. ان سان گڏ غلام اڪبر قريشي وڪيل، امام بخش گهرياڻي وڪيل ۽ ٻين وڪيلن جلسا ڪري احتجاج ڪيا ۽ مطالبا ڪيا ويا ته صدر ايوب استعيفيٰ ڏئي. آخرڪار صدر ايوب استعيفيٰ ڏئي حڪومت جون واڳون آغا محمد يحيٰ خان جي حوالي ڪيون، جيڪو مارشل لا هڻي چيف مارسل ائڊمنسٽريٽر ٿي ويهي رهيو. جنهن واعدو ڪيو ته اليڪشن ڪرائي حڪومت عوامي نمائندن جي حوالي ڪئي ويندي. ان سان گڏ هن عوام جي ڀرپور مطالبي تي ون يونٽ ٽوڙي صوبا بحال ڪيا ۽ سنڌ ي ساڳي حالت ۾ بحال ڪري، سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي مقرر ڪيو. صدر يحيٰ خان 7 ڊسمبر 1970ع تي عام چونڊيون ڪرايون، جنهن ۾ اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ وڏي اڪثريت ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. ليڪن صدر يحيٰ خان حڪومت جون واڳون عوامي نمائندن جي حوالي نه ڪيون. جنهن ڪري اوڀر پاڪستان ۾ خون ريز هنگاما شروع ٿي ويا. ان ڪري يحيٰ خان عوامي ليگ تي بندش وجهي شيخ مجيب الرحمٰن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. اوڀر پاڪستان ۾ فوج ڪشي ڪري ماڻهن کي اجتماعي قبرن ۾ دفن ڪيو ويو. 3 لکن عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي. اهڙي صورتحال ڏسي هندستان مداخلت ڪئي 1971ع ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ پاڪستاني فوج هار کاڌي ۽ تقريباً 95000 فوجين هٿيار ڦٽا ڪيا. جنرل نيازي پاڪستان فوج جو سربراهه هو. ان جنرل اروڙ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري جنگ بندي جو اعلان ڪيو صبح جو ريڊيو تي يحيٰ خان اعلان ڪيو ته (هم ڊٽ ڪر مقابلا ڪرينگي) ليڪن شام جو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ حڪومت جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حوالي ڪري پاڻ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.

ايم. آر. ڊي (تحريڪ بحالي جمهوريت:

جڏهن ڀٽي صاحب اقتدار سنڀاليو، ان وقت ملڪ ٻه اڌ ٿي چڪو هو. مشرقي پاڪستان الڳ ٿي، بنگلاديش بنجي ويو هو. ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي هئي. مختلف ڪارخانا هئا، اهي به بنگلاديش جي قبضي ۾ اچي ويا هئا. مغربي پاڪستان ۾ صنعتي بحران پيدا ٿي ويو. اسان وٽ ڪوبه ڪارخانو نه هو. صورتحال اها هئي جو اسان کي سڀ شيون ٻاهران گهرائڻيون پئجي رهيون هيون. ٻيو ته ٺيهو پر ماچس به اسان کي ٻاهران گهرائڻا پئجي ويا. ان ڪري ڀٽي صاحب آمريڪا، چين، جرمني ۽ ٻين ملڪن سان رابطه رکيا. اسلامي ملڪن جا طوفاني دورا ڪيا. هڪڙي ڏينهن ۾ ٽن ٽن ملڪن جا دورا ڪري پاڪستان کي مشڪلاتن کان آجو ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ان ڪري پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب برپا ٿي ويو. ملڪ ۾ صنعتن جو ڄار وڇايو ويو. ڪراچي ۾ اسٽيل مل قائم ڪئي وئي. ڀاري مشينري گهرائي صنعتون قائم ڪيون ويون. کنڊ، گهه، سيمينٽ، هٿيار، دوائن ۽ ڪپڙي جا ڪارخانه ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارخانه قائم ڪيا. روڊ رستن جو ڄار وڇايو ويو. سنڌ جي ماڻهن مان احساس محرومي ختم ڪري، انهن کي فوجي پي. آءِ. اي ريلوي، ڪوسٽ گارڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي مرڪزي کاتن ۾ ڀرتي ڪيو ويو. سنڌ جا نوجوان جيڪي گهر مان ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائيندا هئا. اهي لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور کان علاوه دنيا جي گوشي گوشي ۾ پهچي ويا.

ڀٽي صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾ ڪيترائي انقلابي قدم کنيا. زرعي اصلاحات نافذ ڪيا. صنعتي ادارا قومي ملڪيت ۾ ورتا. سرڪاري ملازمن جا تقريباً 500 اسڪيل هئا. اهي گهٽائي 22 اسڪيل ڪيا ويا. سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو، ۽ حقن جي حاصلات جا اهل ٿي ويا. مسلمان هڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لڳا. مسلمان ملڪن جو الڳ بلاڪ ٺاهي، هڪ هنڌ گڏ ڪيو. ٽين دنيا جي ملڪن جو الڳ بلاڪ ٺاهيو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ فرانس کان جوهري توانائي حاصل ڪئي. ان ڪري آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر سخت مخالفت ڪئي. ڀٽي صاحب کي باز رکڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون. تڏهن به ڀٽي صاحب پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. جمي ڪارٽر انتقام وٺڻ لاءِ مختلف بهانا ڳولڻ لڳو. 1977ع ۾ عام چونڊون ٿيون. جنهن ۾ پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماني. ليڪن مخالف پارٽين جي اتحاد پي. اين. اي (پاڪستان نيشنل الائونس) ڌانڌلين جا الزام هڻي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ملڪ ۾ هنگاما شروع ڪرايا. آمريڪا تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ مخالف پارٽين جي پشت پناهي ڪئي.

سرمائيدارن ۽ صنعت ڪارن ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا ۽ ان ڪري هي نام نهاد تحريڪ جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي. ان تحريڪ جو فائدو وٺندي جنرل ضياءُ الحق 5 جولاءِ 1977ع تي ڀٽي صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ ان ڏينهن شام جو ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي اعلان ڪيو ته ڀٽي صاحب ۽ ان جي ٻين وزيرن ۽ صلاحڪارن کي تحفظ ۾ وٺي سهالا ريسٽ هائوس ۾ رکيو ويو آهي. حڪومت 90 ڏينهن اندر منصفانه ۽ شفاف چونڊون ڪرائي، اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪندي. جنرل ضياءُالحق اهڙا بار بار واعدا ڪندو رهيو ۽ مختلف حيلن بهانن سان اقتدار کي طول ڏيندو رهيو ۽ جنرل ضياءُ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڀٽي صاحب تي ڪيس هلائي ان کي ڦاسي جي سزا ڏني، لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مولوي مشتاق احمد جنهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي جي سزا ڏني، جيڪو تعصب پرست هول. ڀٽي صاحب ان جج تي ڪيترائي الزام هنيا ۽ ڪيس جي پيروي جو بائيڪاٽ ڪيو. تاهم مذڪوره چيف جسٽس ڀٽي صاحب جي ڪجھه به نه ٻڌي ۽ کيس ڦاسي جي سزا ڏني. ڦاسي جي سزا خلاف پاڪستان جي عوام خصوصاً سنڌ جي عوام طرفان ڀرپور احتجاج ڪيا. ڦاسي جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ايس. انوارالحق پڻ تعصب پرست هو. جنهن ست رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني ۽ 7 جج ڀٽي صاحب جي اپيل ٻڌندا هئا. ان ججن ۾ 4 جج پنجاب مان ۽ باقي 3 جج سنڌ سرحد ۽ بلوچستان مان کنيا ويا. چيف جسٽس ڪيس هلائي ڀٽي صاحب کي ڏنل ڦاسي واري سزا بحال رکي. انهن ججن مان 3 ججن اخلافي فيصلو ڏنو، جيڪو ڀٽي صاحب جي حمايت ۾ لکيو ويو. 3 ججن ۾ جسٽس دوراب پٽيل، جسٽس صفدر شاهه به شامل هئا. ڀٽي صاحب کي جڏهن سپريم ڪورٽ ڦاسي ڏني. سياسي، سماجي ۽ ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ هر مڪتبه فڪر جي شخصيتن، ڀٽي صاحب جي ڏنل سزا کي غير قانوني قرار ڏنو ۽ جنرل ضياءُ کي اپيل ڪئي ته ڦاسي جي سزا کي معطل ڪيو وڃي. دنيا جي سڀني سربراهن جن ۾ لبيا جي ڪرنل قذافي، شام جي خافظ اسد، چين، روس، برطانيه، ايران، هندستان جي سابق وزيراعظم اندرا گانڌي، ياسر عرفات ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمي سربراهن اپيل ڪئي. ليڪن جنرل ضياءُ سڀ اپيلون ٿڏي ڇڏيون ۽ زور ڀريو ته ڀٽي طرفان يا سندس خاندان طرفان اپيل ڪئي وڃي. ليڪن ڀٽي صاحب سڀني کي منع ڪئي ته ڪوبه منهنجو فرد هڪ ظالم ۽ آمر کي اپيل نه ڪندو. اهڙي طرح هڪ بهادر سنڌي سپوت موت کي کلندي ڳلي لڳايو. 4 اپريل 1979ع تي رات جي تاريڪي ۾ 4 بجي کيس ڦاهي ڏني وئي. سڄي دنيا جي اپيلن کي ٺڪرائي جنرل ضياءُ ظالم ۽ آمرن جي لسٽ ۾ پنهنجي نالي جو اضافو ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي صاحب هڪ ظالم جابر جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو ۽ بهادرن ۽ سرفروشن جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي امر بنجي ويو.

ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي پاڪستان جي عوام خصوصاً سنڌ جي عوام ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي. ڀٽي صاحب جي شهادت تي سنڌ جي ماڻهن ۾ روڄ رارو پئجي ويو. گهرن ۾ دانگي نه چڙهي، ماڻهن کي اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو ويو. ڪيترائي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪيترن ئي ڪارڪنن پاڻ کي باهه ڏئي ساري ڇڏيو. 4 اپريل 1979ع تي 11 بجه ريڊيو پاڪستان تان جڏهن سنڌي ۾ خبرون نشتر ٿي رهيون هيون ته نيوز ڪاسٽر هڏڪيون ڏيندي خبرون پڙهي رهيو هو. اها صورتحال پوري ملڪ ۾ هئي. ڪيترن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ ڀٽي صاحب جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. دادو شهر ۾ به لال هندي مقام واري عيد گاهه ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ دادو ۽ آس پاس جي هزارين سوڳوارن غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي. غائبانه جنازي نماز مولوي عبدالرحمٰن پنهور پڙهائي. غائبانه جنازي نماز پڙهڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس رينجرس ۽ فوج جا جٿا بيهاريا ويا ۽ عيد گاهه جي چوڌاري رينجرس بيهاري وئي. ايتري سختي ۾ تاريخي نماز ادا ڪئي وئي. ڀٽي صاحب جي شهادت بعد مارشل لا جا ڪارا قانون نافذ ڪيا ويا. ڦاسي ڦٽڪا ۽ ڳريون سزائون ڏنيون ويون.

سياسي ڪارڪنن کي سرعام ڦٽڪا هنيا ويا ۽ انهن سزائن جي ميڊيا ذريعي تشريح ڪئي وئي. دهشتگري جو ڄار وڇايو ويو. سياسي سرگرمين تي پابندي وڌي وئي. خصوصاً پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي ته عتاب جو نشانو بنايو ويو. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي بار بار جيل جي حوالي ڪيو ويو. تاهم پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ضياءُ شاهي جي ظلمن جو جوانمردي سان مهاڏو اٽڪايو. ضياءُ شاهي جا ظلم ڏينهون ڏينهن وڌندا رهيا. ان ڪري سياستدانن گڏجي ايم. آر. ڊي (تحريڪ بحالي جمهوريت) جي نالي سان هڪ پارٽي وجود ۾ آندي ۽ ان پليٽ فارم تان ضياءُ خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو. 14 آگسٽ 1983ع تي ايم. آر. ڊي تحريڪ شروع ٿي. سڄي ملڪ جيان دادو ۾ پڻ هي تحريڪ زور شور سان چالو ٿي. 14 آگسٽ تي جلوس جي شڪل ۾ دادو جي اڳواڻن گرفتاريون پيش ڪيون. جلوس ۾ پرجوش ڪارڪنن بئنڪن، آفيسن جا در، دريون، سائن بورڊ ٽوڙي رڪارڊ تباهه ڪري ڇڏيو پوسٽ آفيس، سيشن ڪورٽ ۽ ٻين آفيسن تي حملا ڪري رڪارڊ کي باهه ڏئي ڇڏي. ايم. آر. ڊي تحريڪ جيڪا 14 آگسٽ کان شروع ٿي. جيڪا مسلسل وڌندي رهي. پرجوش مظاهرا شروع ٿيا. مظاهرين جيل تي حملو ڪيو ۽ قيدين جيل جا دروازا ٽوڙي 103 قيدي فرار ٿي ويا. جن ۾ خطرناڪ قيدي 2 شامل هئا. دادو ضلعو تحريڪ جو ڳڙهه بنجي ويو. تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت انڌا ڌنڌ گرفتاريون ڪيون. ۽ دادو ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪنسٽيبلري درميان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ 2 سپاهي زخمي ٿي پيا. جن مان هڪ سپاهي موقعي تي فوت ٿي ويو.

خيرپور ناٿن شاهه، مورو، بدين، ٺتي، لاکاٽ ۽ ٻين شهرن ۾ فوج جي فائرنگ سان ڪيترائي ڪارڪن فوت ۽ زخمي ٿيا. دادو شهر ۾ ڪالو ملاح نالي شاگرد فوت ٿي ويو. مورو شهر ۾ پوليس ۽ ڪارڪن جي دوبدو فائرنگ ۾ 6 سپاهي مارجي ويا. سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهل خان چانڊيي وٽ قومي شاراهه تي پڻ فوج جي هٿان 16 جوان شهيد ٿي ويا. جيڪي جمهوريت جي بحالي لاءِ روڊ تي قرآن خواني ڪري رهيا هئا.

14 آگسٽ 1983ع تي تحريڪ شروع ٿي ته جلوس جي شڪل ۾ اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن روزانه گرفتاريون پيش ڪيون. جن۾ پير مظهرالحق، سيد مٺل شاهه، پريل برماني، امام بخش گهرياڻي، گل محمد جويو، علي بخش سولنگي، دادن ڀنڊ، حبيب الله سولنگي، علي محمد سومرو، ڪامريڊ علي محمد برهماڻي، شوڪت ڀنڊ، غلام شبير ابڙو، غلام حسين سومرو، ٺارو خان چانڊيو، حاجي آدم سولنگي، عبدالڪريم ملاح، رشيد چارڻ، عاشق حسين جتوئي، محمد علي سولنگي، حاجي خان سولنگي، مجيد ٻٽو جمالي، عبدالمجيد ميمڻ وڪيل، عبدالرحمٰن جمالي، قربان سولنگي، شبير ابڙو، اڪ چارڻ، عاشق حسين جتوئي، جان محمد برهماڻي، حاجي ظفر لعاري، رئيس نبن خان لنڊ، شمس الدين برهماڻي، وفا برهماڻي، بشير ٿهيم عباس ڪابورو، علي نواز سولنگي، سيف الله پنهور، عبدالعزيز شيخ، بخشل پنهور، يوسف سولنگي، محمد خان لنڊ، واحد بخش سرهيو، علي احمد پليپوٽو، بخشل گوريلو، امام بخش قمبراني، مجاهد، سومر سولنگي، راجا بشير ٻگهيو، قمبر علي لغاري، سردار لغاري شيخ محمد ميمڻ وڪيل، ڪلثوم چانڊيو، رخسانه ميمڻ، (سيوهڻ) رشيده پنهور ۽ ٻيا شامل هئا. ان سان گڏ هڪ پوليس جو جمعدار ممتاز ميمڻ سنڌين تي ٿيندڙ ظلم ڏسي استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي اسلحو ۽ وردي ٿاڻي ۾ جمع ڪرائي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. (نوٽ ممتاز علي ميمڻ هن وقت تائين نوڪري ۾ هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ڊي. ايس. پي جي عهدي تي هجي ها) پر افسوس جو 2 دفعا پيپلز پارٽي کي حڪومت ملي، پر هن مجاهد طرفان ڪنهن به نوجه نه ڏنو ممتاز علي ميمڻ هن وقت ذهني طرح مفلوج ٿي چڪو آهي.

اهڙي طرح سنڌ جا جيل پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سان ڀرجي ويا. اهڙي صورتحال کي پرکڻ لاءِ جنرل ضياء سنڌ جي وڳوڙ وارن علائقن جو دورو ڪيو. جڏهن دادو جي دوري تي صبح جو اچڻو هو ته راتو واه مڇريل ڪارڪنن گڏهن ڪتن تي آمر جا نالا لکي شهر ۾ ڇڏي ڏنا، ايجنسين جا ماڻهو ڪتن ۽ گڏهن کي ڊوڙائيندا رهيا. صبح جو هيليڪاپٽر جڏهن نمودار ٿيو ته سڄي شهر مان ڦوڪڻا هوا ۾ اڏاريا ويا. جنهن ڪري ضياء جو هيليڪاپٽر شهر تي لامارا ڏيندو رهيو. اهڙي ماحول ۾ ضياء جو هيليڪاپٽر پوليس هيڊ ڪواٽر تي لٿو ۽ اتان ريسٽ هائوس طرف روانو ٿيو. روڊ جي ٻهي طرفن کان هزارين مظاهرين ضياء جي گاڏي تي پٿر ٺڪر ڇيڻا ۽ آلي مٽي اڇلائي، ڪيترائي ڪارڪن اگهاڙا ٿي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو. مڇريل ڪارڪنن جو جلسو وڌندو رهيو. مڇريل ڪارڪنن جي هٿن ۾ ڏنڊا ۽ ڍنگهر هئا. اهو جلوس جڏهن ايس. پي چوڪ وٽ پهتو ته پوليس انهن کي ڇڙوڇڙڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ طاقت جو مظاهرو ڪيو. پوليس ۽ مظاهرين جي چڪرين دوران يس. پي خادم حسين پٺاڻ ۽ ايس. ايڇ. او دادو کي دورو پيو جنهن ۾ ايس. ايڇ او فوت ٿي ويو. جنرل ضياء چند منٽ تقرير ڪري وري به ساڳي رستي تان واپس ويو ته ان وقت به ساڻس اها ساڳي صورتحال رهي. گرفتارين جو سلسلو جاري رهيو. وري ايم. آر. ڊي جي اڳواڻن 1986ع ۾ ٻيهر تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ۾ دادو جي دلير ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو.

17 آگسٽ 1988ع تي ضياء پنهنجي ساٿين سميت جنهن ۾ فوج جا اهم آفيسر شامل هئا. جهاز جي هڪ حادثي ۾ بهاولپور پنجاب لڳ فوت ٿي ويو ۽ حڪومت جون واڳون غلام اسحاق خان جي حوالي ڪيون ويون. جنهن 3 مهينن اندر اليڪشن ڪرائي اقتدار بينظير ڀٽو صاحبه جي حوالي ڪيو. ليڪن ڏيڍ سال بعد حڪومت ختم ڪري اقتدار نواز شريف جي حوالي ڪيو ويو. نواز شريف سنڌ ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. سنڌ کي ملندڙ وفاقي رقم سنڌ ۾ خرچ ڪرڻ بجاءِ پنجاب تي خرچ ڪئي وئي. لاهور کان پشاور تائين موٽر وي جو ڪم ڪرايو. جنهن تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري رهيو، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم اڌ ۾ ڇڏيا ويا. هن به ضياء جي واٽ تي هلندي اعلان ڪيو ته جلد ڪالاباغ ڊيم جو ڪم شروع ڪرايو ويندو. نواز شريف جي ان اعلان تي سنڌ سراپا احتجاج بنجي وئي، سڄي سنڌ جيان دادو جي دلير عوام جلسن جلوسن، احتجاجي ميڙن ۽ بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ان ڪري نواز شريف کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. 1990ع ۾ ڄام صادق علي کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. جنهن 1991ع ۾ پاڻيءَ جو ٺاهه ڪيو.

سنڌ جي عوام سخت مزاحمت ڪئي. سخت احتجاج ڪيو. احتجاجي ميڙن، جلسن، جلوسن ۽ بک هڙتالن ذريعي ان ٺاهه جي سخت مخالفت ڪئي وئي. دادو ۾ به هڪ احتجاجي جلسو ميونسپل پارڪ (لطيف پارڪ) ۾ ٿيو. جنهن ۾ سياسي، سماجي، ثقافتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اڳواڻن تقريرون ڪري مذمتي ٺهراءُ بحال ڪرايو. ان موقعي تي شاهه لطيف جي پارکو، اديب، شاعر، سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي هيٺيون شعر پڙهيو،

ظالم توسان پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو

 

تو ۾ ايڏو ناهي پاڻي، تنهنجو سڀ ڪڇيو مون پاڻي

تنهنجي اک ۾ ناهي پاڻي، ڪيئن رک رکاڻي ٿيندو

 

گندا ڪيڏو گند ڪرين ٿو، فتنو جوڙي ڦند ڪرين ٿو

منهنجو پاڻي بند ڪرين ٿو، هي سڀ ليکو هاڻي ٿيندو

 

صدين کان جو منهنجو پاڻي، سو تون بند ڪرين ٿو هاڻي

اهڙو ٻل ڪٿان ٿو آڻين، اهو ٻل نه توسان ٻاڻي ٿيندو

 

تو وٽ بڙڇيون بم ۽ ڀالو، هيڏي سمجهي حال اٻالو

هيڏي آهي رب جو نالو، رب اسان سان ساڻي ٿيندو

 

دائم هي درياءُ اسان جو، سنڌو ندي ۾ ساهه اسان جو

پاڻي منجهه پساهه اسان جو، قائم قيامت تاڻي ٿيندو

 

اسان آهيون سنڌي ماڻهو، اسان پنهنجو حق سڃاڻون

لڪ لڪوٽي مور نه ڄاڻون، ليکو اڄ سڀاڻي ٿيندو

 

سري وچولي لاڙکي ساڙين، سنڌ جا ساوا کيت اجاڙين

پوءِ ٿو واڳون ڳوڙها ڳاڙين، ظلم هي ڪيستاڻين ٿيندو

 

ظلم تنهنجي جي چوٽي آهي، نيت تنهنجي کوٽي آهي

مون وٽ سچ جي سوٽي آهي، جهيڙو ڪو جهون جهاڻي ٿيندو

1991ع کان پوءِ به سنڌين سان ظلم جاري ۽ ساري آهي. سڄي سنڌ جيان دادو ۾ به مختلف قومي مسئلن تي احتجاج جاري آهي. پوءِ ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو هجي. گريٽر ٿل جو مسئلو هجي. گئس فيلڊ ۾ بيروزگار نوجوانن سان زيادتيون هجن، روزگار جو مسئلو هجي يا ٻيا ڪي گنڀير مسئلا هجن دادو جو عوام هميشه اڳڀرو آهي ۽ اڳڀرو رهندو. ان ڪري ئي دادو ضلعي کي سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org