سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 23

رئيس رفيق احمد جمالي:

رئيس رفيق احمد جمالي ولد رئيس حاجي محمد بخش جمالي دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪري اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيائين. جيئن ته سندس والد رئيس حاجي محمد بخش جمالي جو پيپلز پارٽي سان تعلق هو. ان ڪري پاڻ به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي عميل سياست ۾ حصو ورتو. رئيس رفيق احمد جمالي 2003ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. رئيس رفيق احمد جمالي پيپلز پارٽي ضلعي دادو جو صدر به آهي. سياست سان گڏ مختلف راڄن جا فيصلا ڪندو آهي. هن وقت به سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر منظور حسين لغاري:

ڊاڪٽر منظور حسين لغاري ولد رئيس علڻ خان لغاري دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دادو مان حاصل ڪيائين.

انٽر ڊگري ڪاليج مان پاس ڪري ايل. ايم. سي ڄام شوري ۾ داخلا حاصل ڪيائين. ايل. ايم. سي مان ڊاڪٽري پاس ڪري دادو آيو. هن سياست جي شروعات شاگردي واري دور کان ڪئي. سپاف ۾ به رهيو. ان کان پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. پارٽي قيادت سان اختلافن سبب پارٽي تان استعيفيٰ ڏنائين. سياسي گهراڻي سان تعلق هئڻ سبب ڀرپور طريقي سان سياست ۾ حصو وٺندو رهي ٿو. سال 2003ع جي عام چونڊن ۾ جوهي تعلقي مان دادو اتحاد جي حمايت سان صوبائي سيٽ تي بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. هن وقت سندس تعلق سردار فاروق احمد لغاري جي پارٽي سان آهي. ڊاڪٽر منظور لغاري خوش طبع ۽ ملنسار شخصيت آهي. هر هڪ ماڻهو سان سٺي نموني پيش ايندو آهي. راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪندو رهي ٿو.

ماروي مظهرالحق:

دادو جي سياسي گهراڻي جي عورتن جن نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن ۾ ماروي مظهرالحق جو ڪردار نمايان رهيو آهي. ماروي مظهرالحق جو ڏاڏو پير الاهي بخش سنڌ جو وزير تعليم ۽ وزيراعليٰ به رهيو. سندس والد پير مظهرالحق صوبائي اسيمبلي جو 3 دفعا ميمبر ۽ 2 دفعا وزير به رهي چڪو آهي. ماروي مظهرالحق پرائمري تعليم مين اسڪول دادو مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ انگريزي ۾ داخلا ورتائين. هن وقت تائين گريجوئيشن ڪري چڪي آهي. هن سياست جي شروعات پيپلز پارٽي سان ڪئي. سال 2003ع ۾ صوبائي اسيمبلي سيٽ تي بيٺي ۽ ڪامياب ٿي. ماروي مظهرالحق سياسي، سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي.

دادو تعلقي جا ڪلب ۽ اداڪار

ورهاڱي کان اڳ دادو ۾ ڪافي ناٽڪ منڊليون هونديون هيون. انهيءَ اسٽيج تان هندو فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ ناٽڪ منڊلين جو زور ٽٽي ويو، ان ڪري ڪيترن ئي سالن تائين جمود طاري رهيو. 70 واري ڏهاڪي ۾ جمود کي ٽوڙي ڪجھ تنظيمون وجود ۾ آيون. انهن پروگرام شروع ڪيا. سڀ کان پهريائين سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا دادو وجود ۾ آئي. جنهن سماجي سرگرمين کان علاوه ثقافتي پروگرام به ڪرايا. سنڌ جي مشهور گويه استاد محمد صالح ساند سان شام ملهائي وئي. هن تنظيم منڇر آرٽ سرڪل جي پليٽ فارم تان هڪ ناٽڪ پيش ڪيو، جنهن کي شهر ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي شائقين ڏٺو ۽ بي حد پسند ڪيو. ان کان علاوه کٽراڳ ۽ عاشقن سان ڌانڌلي ٻه ڊراما پيش ڪيا ويا.

ان کان پوءِ ڪافي آرٽ ڪلبون وجود ۾ اچي ويون، جن مان ڀٽائي آرٽ ۽ سماجي ڪلب، شاهين الشهباز آرٽ ڪلب، جهولي لال آرٽ ڪلب، فنڪار ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن، مير آرٽ ڪلب، پريمي آرٽ ڪلب، پارس آرٽ اڪيڊمي، سيد آرٽ ڪلب، پاڪ آرٽ اڪيڊمي، هيرا آرٽ سرڪل، جوڪر آرٽ سرڪل، سنڌو آرٽ ۽ سماجي ڪلب، مهراڻ آرٽ ۽ سماجي ڪلب، سيد نجف شاهه لڪياري آرٽ ڪلب، ميسيج آرٽ ۽ سماجي ڪلب، علي مولا آرٽ ڪلب، شهنشاهه آرٽ ڪلب ۽ ٻيون آرٽ ڪلبون شامل آهن.

حضور بخش گوپانگ:

حضور بخش ولد حاجي ميرل گوپانگ 29 نومبر 1961ع تي ڳوٺ مريد خان گوپانگ تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم اسڪول بچل سولنگي ۽ ميٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان ڪيائين. تعليم مڪمل ڪري ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ ملازمت اختيار ڪئي اٿس. ملازمت سان گڏ مزاحيه شاعري 1982ع کان شروع ڪيائين ۽ ڪيترن ئي مشاعرن ۾ پنهنجي مزاحيه شاعري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪندو رهي ٿو. مزاحيه شاعري ۾ سندس استاد سومرو سودائي هو. ان کان علاوه غلام الدين چانڊيو، وحيد قريشي به سندس شاعري ۾ استاد آهن. حضور بخش گوپانگ بزم طالب الموليٰ شاخ پير بخش مير بحر ۽ بزم نواز رڪڻائي جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. ادبي سرگرمين کان علاوه فني سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو اچي ٿو. حضور بخش گوپانگ ڀٽائي آرٽ ڪائونسل دادو، سندر آرٽ ڪائونسل، بسنت آرٽ ڪائونسل، سواڪا آرٽ ڪائونسل ۽ آرزو آرٽ ڪلب دادو سان لاڳاپيل آهي. سندس فني فيلڊ جا استاد ذوالفقار هيسباڻي، غلام حسين لعاري، منظور مگسي، محمد بخش بلوچ ۽ نورالاسلام آهن. حضور بخش گوپانگ ڪجھ فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ڦل ماي، رک مولا تي، حيدر خان، نادر گوهر، فيصلو ضمير جو، زميندار ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن.

حضور بخش گوپانگ ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي. انهن ۾ رس چس، عيد مبارڪ اسپيشل، ڄار، ڌٻڻ، ماروي، برگر فيملي، جال، سوال شامل آهن. ان کان علاوه تقريباً 80 اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو اٿس. سندس مشهور ڊرامه بيگم هو جمالو، زال ڪري ٿي تال بيگم 87، دادلي ڪنوار، بيگم ٿري ناٽ ٿري، اباڙي عيد آئي، تماشو، ڇرڪ مرڪ، عاشقن سان ڌانڌلي، ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي، ڏئي جان ڇڏاءِ، پيسي جو ڪمال، اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر، مسٽر ناڪي منشي، محبت سان مذاق، بيروزگار عاشق، ٽريڪ جام، مسٽر جيم، ڇورا ڇڇورا، عاشق زهر پياڪ، واندو ناهيان انتظار ڪر، جيڪو نياڻي جو نصيب، هڻ ته چتي، بانو بنا بريڪ، مسٽر موالي ۽ ٻيا اسٽيج ڊراما اچي وڃن ٿا.

حضور بخش گوپانگ ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو.

رشيد چارڻ:

سنڌ جو مشهور وراسٽائيل فنڪار رشيد چارڻ 1953ع تي چارڻ گهٽي دادو شهر ۾ شفيع محمد چارڻ جي گهر اک کولي، پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين، رشيد چارڻ پنهنجي فني سفر جو آغاز 1971ع ۾ ڪيو. استاد بخاري، غلام علي سومرو ۽ سنڌ جي مشهور مزاحيه شاعر سومري سودائي سان گڏجي هڪ اسٽيج ڊرامو ظلم جو انجام ڪيو. ان ۾ هن مين رول ادا ڪيو. رشيد چارڻ سؤ کان مٿي ڊرامه ڪيا آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ڏهرڪي، راڻيپور، ڪنڊيارو، سڪرنڊ، ڊگهڙي، لاڙڪاڻو، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهن، سيوهڻ، حيدرآباد، ڀان ۽ ٽنڊي الهيار کان علاوه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. رشيد چارڻ ڪراچي ۽ ڪوئٽه ٽيليويزن سينٽر تان به پروگرام پيش ڪيا آهن، جن ۾ ايڪ دو تين، بچون کي گيلري ۽ ڪراچي سينٽر تان پرک، گهڙيال ۽ سنڌ رنگ شامل آهن. رشيد چارڻ ٻين دوستن سان گڏجي ضلعي ۽ سنڌ سطح تي فنڪارن جون تنظيمون جوڙيون، انهن ۾ سنڌ لوڪ ثقافتي تنظيم، بسنت آرٽ سرڪل، سنڌ فنڪار تنظيم، سنڌ فنڪار ٽرسٽ ۽ ٻيون تنظيمون شامل آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هزارين ڊراميٽڪ سوسائٽيون ۽ ڪلبون آهن. رشيد چارڻ سينيئر اداڪرن انور شاد، غني سولنگي، ذوالفقار هيسباڻي، غلام حسين ڏيپر، جاني بلوچ ۽ ٻين سان گڏجي پروگرام ڪيا آهن. ڊرامو (لڙڪن مٿان لڙڪ) جيڪو 1980ع ۾ ڀان سعيدآباد ۾ پيش ڪيو ويو. اهو ڊرامو 2 ڏينهن هليو ان ۾ هن 5 مختلف رول ادا ڪيا. هن ڊرامي جي ڪامياب اداڪارن کي ايوارڊ ڏنا ويا. انهن ۾ رشيد چارڻ به سرفهرست آهي. رشيد چارڻ کي فني مڃتا طور سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نون کان وڌيڪ ساڻس رهاڻيون رچايون ويون. هي سنڌي ٻولي جو پهريون فنڪار آهي جنهن مزاح ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، جنهن ۾ ون مين شو، ڊرامه سيريز (چاچو چڪر ۾) خاموش رول ادا ڪيو. جيڪو ايشيا ۾ پهريون دفعو هڪ سنڌي فنڪار کي اهو اعزاز مليو. هن وقت پاڻ ڪي ٽي اين تي رائيٽر، ڊائريڪٽر، ڪمپيئر کان علاوه مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سندس سڃاڻپ ڪي ٽي اين جي سٺي ڊائريڪٽر واري آهي. 30 کان وڌيڪ اداڪارون، گلوڪارن کي پاڻ دنيا ليول تي متعارف ڪرايو آهي. ڪي ٽي اين کان علاوه ڪشش چينل تي پڻ مختلف شعبن ۾ ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي. رشيد چارڻ جو نالو سنڌ جي موسٽ سينيئر فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس فني سفر جوش ۽ خروش سان جاري آهي. فني سفر کي 34 سال ارپيا اٿس. فني خدمت جي مڃتا طور ثقافت کاتي طرفان 5 سالن کان وضيفو ملي رهيو آهي. هن وقت تائين سنڌ جي ثقافتي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن پاران 18 کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن. ڊرامه فيسٽيول ڪراچي آرٽ ڪائونسل ۾ ٿي گذريو اتي کيس وزير امتياز شيخ ايوارڊ ڏنو. ان کان علاوه ٻين جن اهم شخصيتن هٿان کيس ايوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ محترم تاج صحرائي، پير مظهرالحق، ڪوثر ٻرڙو، ناز سهتو، اطهر منگي، ميان غوث محمد گوهر، نياز همايوني، اشفاق احمد ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. رشيد چارڻ جو فني سفر جاري آهي.

نعيم ملڪ:

غلام مصطفيٰ ملڪ ولد مير محمد ملڪ تخلص نعيم ملڪ تاريخ 15 مئي 1964ع تي ڳوٺ فيض محمد ملڪ تعلقي دادو ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. تعليم دوران استادي پيشو اختيار ڪيو ۽ ترقي ڪندو سپروائيزر جي عهدي تي پهتو آهي.

استادي پيشي سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. سنڌي ادبي شاخ دادو جو خزانچي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. هن ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم اخبارن ۾ لکيا آهن. جن ۾ روزانه ڪاوش، خادم وطن، سرواڻ، بختور، سنڌ سجاڳ، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز شامل آهن. نعيم ملڪ ادبي سرگرمين سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ بهرو وٺي رهيو آهي. سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن سواڪا جو ميمبر ۽ مختلف عهدن تي به رهيو آهي. ان سان گڏ نعيم ملڪ پنهنجي فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان ڪيو. تقريباً 30 ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي، جن ۾ کٽراڳ، عاشقن سان ڌانڌلي شامل آهن. ان کان علاوه ڪي ٽي اين تي سندس ڪجھه ڊرامه ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن. هن وقت روزانه عوامي آواز ڪراچي سان وابسته آهي.

دلدار عباسي:

دلدار علي ولد محمد ابراهيم عباسي تاريخ 15 جنوري 1966ع تي ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا تعلقي قنبر ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم غوث پور محلي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. اٺين ڪلاس تائين تعليم ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري، لاڙڪاڻي کي هميشه الوداع چئي طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. ميٽرڪ 1981ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ وڌيڪ تعليم پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان پڙهي، گريجوئيشن ڪري چڪو آهي. ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ سپاف جي پليٽ فارم تان ڀرپور حصو ورتو. 1984ع جيل کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. حيدرآباد ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ سپاهي جي حيثيت سان ملازمت ڪيائين. سال 1987ع ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ سان اختلاف ٿيس ۽ استعيفيٰ ڏنائين، ڇاڪاڻ ته سينٽرل جيل حيدآباد ۾ ان وقت ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، نياز ڪالاڻي ۽ شهنشاهه جهانگارا گرفتار ٿي جيل پهتا ۽ انهن کي بند وارڊ ڪيو ويو ۽ کيس حڪم ٿيو ته هنن تا ٽارچر ڪيو وڃي. مگر حڪم عدولي سبب نوڪري تان مستعفي ٿيو. سال 1986ع ۾ جڏهن سائين جي. ايم سيد جهنڊا ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪراچي سينٽرل جيل پهتو. جي ايم سيد سان ملاقات ٿيس. ۽ جي ايم سيد کيس کان وچن ورتو ته هو سنڌ تي ٿيندڙ وار تي خاموش نه ويهندو. ان موقعي تي جي ايم سيد کيس سچي سپاهي جو خطاب عطا ڪيو.

دلدار عباسي اخباري دنيا سان به وابسته رهيو. هن ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون لکيا جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿيا. سال 1991ع ۾ پوليس کاتي ۾ بطور سپاهي ڀرتي ٿيو ۽ 1999ع ۾ هن کي ڪمانڊو ڪورس لاءِ اينٽي ٽيريرسٽ ٽريننگ ڪاليج رزاق آباد ڪراچي موڪليو ويو. ڪراچي ۾ 1- جنوري 1998ع کان 21- آڪٽوبر 1998ع تائين ڪمانڊو ٽريننگ ڪئي، ٽريننگ جي اختتام تي پاسنگ آئوٽ ۾ سڄي سنڌ مان ٽي پوزيشن حاصل ڪئي. هن وقت دادو ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندو اچي ٿو. دلدار عباسي پنهنجو فني سفر 1981ع کان شروع ڪيو. 1981ع کان ميهڙ مان آيل اداڪر ذوالفقار هيسباڻي دادو ۾ اسٽيج شو پيش ڪيو. جنهن ۾ مشهور اڳي منظور سخيراڻي هيروئن جو ڪردار ادا ڪري رهيو هو. مرحوم فلم اسٽار ابوبلال به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو. ان ۾ دلدار عباسي هڪ ايڪسٽراءِ ڪردار سان فني زندگي جو آغاز ڪيو. اڄ تائين 50 کن اسٽيج ڊرامه ڪري چڪو آهي ان کان علاوه دلدار عباسي ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي به پروگرام ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ سندس ڪيترائي ڪردار يادگار سمجهيا وڃن ٿا. دلدار عباسي جو فني سفر جاري آهي.

شوڪت پريمي:

شوڪت پريمي ولد محمد اسماعيل سولنگي 1- جون 1976ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اسڪول غريب آباد دادو مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم به دادو ۾ حاصل ڪئي اٿس. هن 1990ع ۾ نياز ديواني جي اسٽيج پلي ڄٽ جي شادي ڄڃ سان تعدي سان پنهنجو فني سفر شروع ڪيو. هن اڄ تائين ڪيترائي يادگار اسٽيج ڊرامه ڪيا آهن. جن ۾ اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر، ڏئي جان ڇڏاءِ، دادو زور آ، انٽرنيشنل سپاهي، پسند بابي جي، مس هپي، عشق ۾ اڌو اڌ ۽ هڪ وڊيو فلم سنڌ جا گوريلا شامل آهي. ان کان علاوه ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي به ڪم ڪندو رهي ٿو.

منان عباسي:

عبدالمنان عباسي دادو ۾ سال 1966ع ۾ پيدا ٿيو. پرائمري کان انٽر تائين دادو شهر مان ئي تعليم حاصل ڪئي. هيءُ پنهنجو فني سفر 1976ع کان شروع ڪيو. هن کي اسٽيج ڊرامن ۾ انور شاد متعارف ڪرايو فلم ۾ سندس استاد اسد شاهه آهي. منان عباسي بطور اداڪار هڪ سؤ کان مٿي اسٽيج ڊراما ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه فلم نادر گوهر، حيدر خان ۽ جيئي لطيف ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي. منان عباسي ڪيترائي ڊراما ڊائريڪٽ ڪيا آهن. سندس پهرين ڪهاڻي اباڙي عيد آئي بيحد ڪامياب ٿي ۽ سندس اها ڪهاڻي سڄيءَ سنڌ ۾ مختلف نالن سان سؤ کان مٿي اسٽيج ٿي چڪي آهي. هن وڊيو فلمون زميندار ۽ انسپيڪٽر يعقوب سولنگي ڊائريڪٽ ڪيون. ان کان علاوه زير تڪميل فلمون اڳيان ڏوڪڙ پويان جوڪر شامل آهن. هن جون مزاحيه آڊيون ڪيسٽون به اچي چڪيون آهن. ان کان علاوه گامون سچار، خيرو خفتي، موچڙن ۾ مزو آ، مکڻ ۽ ڍولڻ، لونگ وسائي ۽ ٻيون آڊيو وڊيو ڪيسٽون شامل آهن. ان کان علاوه ڪي.ٽي.اين تي ماما لالو سيريل ڪري چڪو آهي، هن وقت به ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

سيد منور شاهه:

سيد منور شاهه ولد سچل شاهه المعروف سيد سوڌل شاهه 1- مارچ 1984ع تي ميهڙ ۾ جنم ورتو. ان کان پوءِ والدين دادو شهر ۾ اچي آباد ٿيا. هن ابتدائي تعليم غريب آباد اسڪول مان مئٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان، انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. سيد منور شاهه فني دنيا ۾ 1998ع ۾ پير پاتو. هن ڪافي اسٽيج ڊراما ڪيا آهن، هن وقت به ڪي.ٽي.اين تي مختلف ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

بشير آڪاش:

بشير احمد پنهور ولد حاجي علي خان پنهور 15- مارچ 1974ع تي ڳوٺ يوسف پنهور تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ تائين تعليم ڦُلجي اسٽيشن ۾ حاصل ڪيائين. هن پنهنجي فني زندگي جي شروعات بشير آڪاش جي نالي سان سال 1990ع کان ڪئي. هن پهرين ڊرامو ضديرو استاد بخاري آرٽ سرڪل ڦُلجي اسٽيشن تان ڪيو. ان ۾ هيرو جو ڪردار ڪيائين، ۽ ڊرامو پروڊيوس به پاڻ ڪيائين. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا اٿس. بشير آڪاش به سو جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. هن کي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن. پي.ٽي.وي تي ٻه ڊراما ڪيا اٿس. ان کان علاوه ڪي.ٽي.اين تي ٻه سيريل آڙاهه ۽ زهر ۾ ڪردار ادا ڪيا آهن. ٻه فلمون رليز ٿيون آهن. جن ۾ تاريخي فلم لاکو ڦُلاڻي به شامل آهي. ان ۾ ڪردار نڀايا آهن. بشير آڪاش جو فني سفر جاري آهي.

نواز انصاري:

محمد نواز ولد محمد يوسف انصاري 1- مئي 1965ع ۾ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. سال 1972ع ۾ لڏي اچي دادو شهر تي رهائش اختيار ڪيائين. تعليم مئٽرڪ تائين ڪئي اٿس. نواز انصاري پنهنجو فني سفر اسٽيج ڊرامن کان ڪيو. هن سال 1979ع کان اڄ تائين 70 کان وڌيڪ ڊراما ڪري چڪو آهي. کيس ڪافي ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس ڪافي آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. جنهن ۾ مسٽر وتايو، مکڻ ۽ ولڻ شامل آهن. نواز انصاري ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي مختلف ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ سندس فني سفر جاري آهي.

عبدالله ملاح:

عبدالله ملاح ولد عبدالمجيد ملاح 6- آگسٽ 1968ع ۾ محلي سورج آباد دادو شهر ۾ اک کولي. تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي اٿس. فني دنيا ۾ 1964ع ۾ پير پاتو. اڄ تائين لڳ ڀڳ سؤ ڊراما ڪري چڪو آهي. هن سنڌ جي تقريباً سڀني شهرن ۾ ڊراما ڪيا آهن. هن کي ڪافي ايوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ استاد صالح ساند ايوارڊ، سائين جي.ايم.سيد ايوارڊ، سومرو سودائي ايوارڊ ۽ استاد بخاري ايوارڊ شامل آهن، منان عباسي سان گڏ آڊيو ۽ وڊيو فلمون بازار ۾ آيون آهن. هن 1987ع ۾ فرينڊس ويلفيئر اينڊ ڪلچرل ايسوسئيشن جو بنياد وڌو. ان جو چيئرمن ٿيو. سندس فني دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ وارو رجب آزاد سولنگي آهي. جيڪو سندس فني دنيا جو استاد به آهي. عبدالله ملاح ڪي.ٽي.اين ۽ سنڌ ٽي.وي تي مختلف ڪردار ادا ڪري مڃتا ماڻي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ٽي.وي تي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي.

حسن کوکر:

حسن علي کوکر 1- جنور 1953ع تي غلام حيدر کوکر جي گهر ۾ اک کولي. هن پرائمري تعليم پراڻي ديري اسڪول مان، مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول مان پاس ڪئي. 1985ع کان فني دنيا سان واڳيل آهي. هن ڪل ويهن کان مٿي ڊراما ڪيا آهن. هن ڪيترن ئي فنڪارن سان ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ ستار جمالي، منور سومرو، مشتاق ڀرڳڙي، زاهد صديقي، غني قنبراڻي، حضور بخش گوپانگ، عبدالله ملاح ۽ ٻيا شامل آهن. هن فيلڊ ۾ کيس وٺي اچڻ وارا منان عباسي ۽ منور سومرو آهي.

لالا فيروز ڪنڀر:

لالا فيروز ڪنڀر 31- ڊسمبر 1979ع تي محمد اسماعيل ڪنڀر جي گهر اک کولي. سندس جنم جو اصل هنڌ خيرپورناٿن شاهه آهي. پرائمري، سيڪنڊري ۽ انٽر دادو مان حاصل ڪيائين. هن وقت تائين 30 ڊراما ڪري چڪو آهي، کيس مڃتا طور ايوارڊ مليا آهن. هن ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو. انهن شهرن ۾ دريا خان مري، نوشهروفيروز، ڦُلجي اسٽيشن، ٿرڙي جادو شهيد ۽ ٻيا شهر شامل آهن، سندس رهائش دادو ۾ آهي.

وفا وزير پنهور:

وفا وزير پنهور جو اصل نالو وزير احمد پنهور آهي. سندس پيءُ جو نالو خان محمد پنهور آهي. هيءُ 16- ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ سيال تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. اسٽيج جي دنيا ۾ سال 1996ع ۾ پير پاتو. جملي ٽيهه کن ڊراما ڪري چڪوآهي. ويهه ڪهاڻيون لکيون اٿس ۽ 15 ڊرامن جون هدايتون ڏئي چڪو آهي. هن کي ڪافي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

سيد مشتاق شاهه:

سيد مشتاق شاهه ولد سيد نواز علي شاهه 1974ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. تعليم مڊل تائين حاصل ڪئي اٿس. سال 1997ع کان ڊرامن ۾ ڪردار ادا ڪندو اچي ٿو. هن تقريباً 20 ڊراما ڪيا آهن. سڀ کان پهريائين عاشق زهر پياڪ ۾ هن فني زندگي جي ابتدا ڪئي. مشتاق شاهه دادو کان علاوه جوهي، سيوهڻ، قاسم آباد، نيو جتوئي ۾ پروگرام ڪيا آهن، جتي کيس بيحد داد مليو آهي.

علي اڪبر سولنگي:

علي اڪبر سولنگي ولد محمد عرس سولنگي 31- جولاءِ 1966ع تي ڳوٺ جنگو جمالي تعلقي جوهي ۾ جنم ورتو. پنجون درجو پرائمري اسڪول مزدورآباد مان پاس ڪيائين. مئٽرڪ ووڪيشل انسٽيٽيوٽ دادو مان، انٽر ۽ بي.اي دادو مان پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت سان پاس ڪيائين. علي اڪبر سولنگي 8- جون 1988ع تي استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. هن پنهنجو فني سفر 1982ع کان ڊرامي لڙڪن مٿان لڙڪ سان ڪيو. ان کان پوءِ جذبات، حقيقت، مقدر، عاشقن سان ڌانڌلي، عشق تي ڪرفيو، کٽراڳ ۽ ٻين درامن ۾ ڪم ڪيو. سال 1991ع ۾ نئين سال جي پهرين شام پائلٽ هاءِ اسڪول ۾ ملهائي وئي. ان ۾ ڪم ڪيو، اظهر منگي ۽ رشيد چارڻ سان شامون ملهايون ويون. ان ۾ به ڪردار ادا ڪيائين. لياقي ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو ۾ تلاش ڊرامو پيش ڪيو ويو. ان ۾ به ڪردار ادا ڪري خوب داد حاصل ڪيائين. 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان مزاحيه پروگرام ڪيائين. ان کان علاوه پروڊيوسر محمد اقبال جعفري جو پروگرام جهان معلومات ۾ به حصو ورتو.

علي اڪبر سولنگي سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. 1988ع ۾ سنڌ ويلفيئر ۽ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو ميمبر ٿيو، ۽ 1993ع ۾ هن تنظيم جو پريس سيڪريٽري به رهيو. اڃا تائين پنهنجون فني ۽ سماجي سرگرميون جاري رکندو پيو اچي.

سعيد صديقي:

سعيد صديقي ولد جان محمد صديقي 14- ڊسمبر 1966ع تي ڳوٺ دوآٻو تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول دوآٻو مان حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم دادو شهر مان حاصل ڪئي اٿس، سعيد صديقي جا ڪيترائي اسٽيج ڊراما ٿيل آهن، جن ۾ مون ۾ آهين تون، مڙس مسواڙ جو، ياد رکندي دنيا، چڪر باز، انتقام، وڇوڙو، واندو ناهيان انتظار ڪر، توکان ٿيندي ڌار ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. هن ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن جن ۾ ايشين ايوارڊ ۽ پاڪستان رائيٽر، فلاحي ڪائونسل طرفان سرٽيفڪيٽ به شامل آهن.

ذوالفقار ڦُل سولنگي:

ذوالفقار سولنگي ولد ڦُل خان سولنگي 13- آگسٽ 1978ع تي دادو شهر ۾ ڄائو، پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد دادو مان پڙهي، هاءِ اسڪول غريب آباد دادو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ذوالفقار سولنگي پنهنجي فني زندگي جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان ڪيو، هن جو پهريون ڊرامو ڏئي جان ڇڏاءِ هو. ان کان پوءِ اڳيان ڏوڪر پويان جوڪر، پئسي جو ڪمال، دادو زور آ، انٽرنيشنل سپاهي، چڪر باز ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن، دادو کان علاوه جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ڇنڊڻ موري تي به پروگرام ڪري چڪو آهي، سندس فني سفر جاري آهي.

زاهد صديقي:

زاهد صديقي ولد جان محمد صديقي 20- جولاءِ 1969ع تي ڳوٺ دوآٻو تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم دوآٻو اسڪول مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ڪيترائي ڊرما ڪيا آهن، جن ۾ مڙس مسواڙ جو، ياد رکندي دنيا، واندو ناهيان انتظار ڪر ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن. زاهد صديقي کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

عبدالغني قنبراڻي:

عبدالغني قنبراڻي ولد ڌڻي بخش قنبراڻي 12- آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ فاروق آباد تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي اٿس. غني قنبراڻي تعليم سان گڏ ثقافتي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو آيو آهي. هن جا يادگار اسٽيج ڊراما وڏيرو، حساب، پلاند، يزيد، قيدياڻي، انتقام، سنگندل، انقلاب، ماحول، قهر، ظالم، ڏهڪاءُ، توکان ٿيندي ڌار ۽ سچ وڏو ڏوهاري آهي شامل آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن. هن ڪي.ٽي.اين تي به ڪيترائي ڪردار ادا ڪيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org