سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: دادو ضلعو- هڪ اڀياس

باب:

صفحو: 19

سماج سڌارڪ (سماجي شخصيتون)

محمد ابراهيم پنهور:

محمد ابراهيم پنهور ولد محمد اسحاق پنهور 6 جون 1934ع تي ڳوٺ ڌوتڙا پنهور تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ انٽر گورنمينٽ ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي خانگي ڪاروبار سان منسلڪ ٿي ويو. هن وقت تاريخي شهر خداآباد ۾ رهائش پذير آهي.

جڏهن سنڌي ادبي سنگت خداآباد جي شاخ قائم ٿي، ان وقت کان سنڌي ادبي سنگت سان وابسته آهي. هن ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ سال 1958ع ۾ خداآباد ۾ مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ مڊل اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو، ان کي آخر ۾ گورنمينٽ حوالي ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريو. خداآباد ۾ پنهنجي ذاتي جاءِ بنا ڪرائي گرلس پرائمري اسڪول جي حوالي ڪئي. سگا خداآباد شاخ جي تعاون سان ڳوٺ ۾ (ماءُ ٻار صحت مرڪز) جو قيام عمل ۾ آندو، تعليم مفت جي اسڪيم لاءِ بيش بها پلاٽ مفت ۾ ڏنا، ڳوٺ ۽ علائقي جي ترقي لاءِ ٽيليفون، بجلي، لنڪ روڊ، مسافر خانو، پوسٽ آفيس، ايگريڪلچر فارم قائم ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ساڻس دوستن جو ڀرپور ساٿ رهيو. سگا خداآباد شاخ لاءِ بطور ڊونر هر وقت تيار رهندو اچي ٿو.

احمد خان ملڪاڻي:

احمد خان ملڪاڻي ولد سرائي غلام دستگير ملڪاني تاريخ 11 جون 1944ع تي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري ماڊل مين اسڪول دادو مان سال 1962ع ۾ پاس ڪيائين. بي. اي ڊگري ڪاليج دادو مان، ايم. اي فلاسافي سنڌ يونيورسٽي مان، ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. احمد خان ملڪاڻي جو ادب سان گهرو تعلق رهيو آهي. سندس اٽڪل ڏهه ڪهاڻيون، پندرهن مضمون ۽ مقالا ۽ ڪجھه نظم مختلف سنڌي رسالن ۽ ڪتابن ۽ اخبار ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، چار پمفليٽ ڇپيل اٿس. اٽڪل پنج ڪتاب لکيل اٿس، جيڪي ڇپائي جا منتظر آهن.

احمد خان ملڪاڻي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. پاڻ دادو شهر جي اٽڪل ستن سماجي تنظيمن جو سرپرست آهي، انهن ۾ سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا)، مخدوم بلاول فوٽ بال ڪلب دادو، ڀٽائي اسڪائوٽ ڪلب دادو، ڪراتي ڪلب، ڀنڀور اسڪائوٽ گروپ دادو، حيدر اسڪائوٽ ڪلب، فرينڊس ويلفيئر ۽ ڪلچرل ايسوسيئيشن ۽ صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو به رهيو آهي.

محمد نواز قريشي:

بهترين استاد، عالم، اسڪالر، ماهر تعليم محمد نواز قريشي 4 جنوري 1940ع تي بوبڪ تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو ۽ پوءِ سندس ڪٽنب دادو شهر ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪئي. پاڻ پرائمري تعلي ڳوٺ بوبڪ ۾ حاصل ڪئي، ميٽرڪ، بي. اي ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾) سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. اهڙي ريت ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي.

قريشي صاحب مڪمل تعليم ۾ بحيثيت انگريزي استاد 1959ع کان پنهنجي زندگي جو آغاز ڪيو ۽ ايجوڪيشن سپروائيزر بڻيو ۽ درس تدريس جي ميدان ۾ پنهنجا اعليٰ جوهر ڏيکاريا. تعليمي ميدان ۾ هڪ قابل ۽ محنتي استاد طور پاڻ کي مڃرايو. سال 1977ع کان کيس ڊپٽي رجسٽرار مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو. جتان کيس اعليٰ ڪارڪردگي ۽ بهترين صلاهيتن جي پيش نظر کيس سال 1985ع کان ڪنٽرولر امتحانات مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو. سال 1995ع کان کيس رجسٽرار مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. جتان هن 3 جنوري 2000ع تي رٽائر ڪيو.

پاڻ سموري زندگي تعليم کي عام ڪرڻ، غريب شاگردن جي وس آهر مالي سهائتا ڪرڻ ۽ انهن جي مسائل کي حل ڪرڻ ۾ گذاري آهي. پاڻ ڪيترن سيمينارن ۽ تعليمي گڏجاڻين کي خطاب ڪري چڪو اهي. ڪيترائي ليڪچر ڊليور ڪيا آهن. پاڻ 1989ع ۾ کٽمنڊو (نيپال) يونيورسٽي امتحانات جي سلسلي ۾ ٽريننگ لاءِ ويو. هن جون بي لوث علمي خدمتون ياد رکڻ جوڳيون آهن. پاڻ موجوده وقت اسريٰ يونيورسٽي ۾ رجسٽرار طور فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي، سندس شاگرد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن ۽ اعليٰ عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن بنده (راقم الحروف) کي به اهڙي عظيم استاد جي شاگردي جو شرف حاصل آهي.

محمد يوسف سُرهيو:

محمد يوسف ولد حاجي خان سُرهيو 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول دادو مين مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان سال 1961ع ۾ پاس ڪيائين. بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان سال 1965ع ۾ پاس ڪري، وڌيڪ تعليم ايم. اي 1967ع ۾ بي. ايڊ 1970ع ۾ ڪيائين، هن کي شروع کان ئي درس و تدريس سان لڳاءُ هو. ان ڪري 1961ع ۾ استاد جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. ۽ 1974ع تائين هن پيشي سان منسلڪ رهيو. ان کان پوءِ سال 1974ع کان 1976ع تائين. ٽي سال ڊپٽي ٽريفڪ مئنيجر سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ به رهيو.

ننڍي هوندي کان سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو آيو آهي. غريب ۽ مسڪين ماروئڙن جي سهائتا لاءِ سنڌ گريجوئيٽس سگا ۾ شامل ٿيو. سگا ۾ وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنت به رهيو آهي. هن پنهنجي ايامڪاري ۾ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو. ازانسواءِ جمع ڪلينڪ جو پايو وڌو ۽ ان کي ڪاميابي سان هلايو ۽ ميديڪل ڪئمپون به لڳايون، ازانسواءِ اکين ۽ چمڙي جون مفت ڪئمپون به قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

محمد يوسف سرهيو سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان وابسته به رهيو جن ۾ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب، دادو اسپورٽس ايسوسيئيشن ۽ نوجوان تنظيم دادو شامل آهن.

عبدالمجيد جمالي ايڊوڪيٽ:

عبدالمجيد جمالي ولد فقير محمد جمالي 10 آگسٽ 1950ع تي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم اسڪول ميان جي ڪنڊي تعلقي جوهي مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ ڊي. سي، هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان، انٽر 1970ع ۾ ڊگري ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان، بي. اي آنرس سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين.

عبدالمجيد جمالي سماجي سرگرمين ۾ شاگردي واري دور کان وابسته رهيو آهي. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد يونين جو سوشل سيڪريٽري رهيو. جتي شاگردن جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيو. ازانسواءِ 1972ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي سنڌي ڪلچرل سوسائٽي جو صدر چونڊيو ويو. هن سوسائٽي جو سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو.

هن سماجي سرگرمين جو آغاز 1974ع ۾ سگا شاخ ڪراچي ۾ ميمبر جي حيثيت سان ڪيو. دادو شاخ کي فعال بنائڻ لاءِ مرحوم عبدالستار کيڙو،عطاءُ الرحمٰن ميمڻ، محمد صديق ڏاهري، محمد عرس (اظهر) سولنگي، آخوند رحمت الله، عظمت الله قريشي، نازن کيڙو، الهداد ميراڻي، ڊاڪٽر چندر لعل جيڪو هن وقت ڀارت لڏي ويو آهي ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سگا شاخ دادو کي فعال بنايو. سال 1981ع ۾ سگا شاخ دادو جو جنرل سيڪريٽري به رهيو، سال 1984ع ۾ سگا تي بندش پئي ته کيس صدر چونڊيو ويو.

سال 1989ع ۾ سنڌ اسيمبلي بل پاس ڪري سگا تان بندش لاٿي. جنهن ۾ کيس وائس چيئرمين اول چونڊيو ويو. وري سال 1996ع ۾ ٻن سالن لاءِ وائس چيئرمين حيدرآباد ڊويزن منتخب ڪيو ويو. سال 1998ع ۾ ٻن سالن لاءِ شاخ جو صدر چونڊيو ويو. هن سال 1991ع ۾ سگا جي پليٽ فارم تان سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا ۾ سيمينار ۾ شرڪت ڪئي. ۽ سگا جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ٿيس.

هن ڪانفرنس ۾ جسٽس دوراب پٽيل، نامياري وڪيل ۽ سياستدان عبدالحفيظ پيرزادو، ايم. ايڇ پنهور، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ کيس تقرير ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. واشنگٽن، نيويارڪ، شڪاگو، سينٽ لوئيز ۾ رهندڙ سنڌي سچاڻ دوستن سان گڏجاڻيون ٿيس ۽ سنڌ جي سياسي سماجي مسئلن تي حصو ورتائين. سنڌ ۾ سگاجي سماجي خدمتن تي پڻ تفصيلي گفتگو ٿي، سگا جا جيڪي پروجيڪٽ هلي رهيا آهن، جن ۾ سگا ڪلينڪ، روشن تارا اسڪول، ايمبولينس سروس، ڪمپيوٽر سينٽر شامل آهن. انهن ۾ سگا جي سڀني ساٿين سان گڏ سندس ڪاوشون وسارڻ جهڙيون نه آهن. دادو ۾ رهي ٿو.

ڊاڪٽر سيد غوث علي شاهه:

ڊاڪٽر سيد غوث علي شاهه ولد سيد عمر شاهه ڳوٺ بهاول شاهه ڊوگر لڳ سيتا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 1953ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول دادو مان ۽ انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان حاصل ڪري، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين. 1980ع ۾ ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري ساڳي ڪاليج ۾ هائوس جاب ڪرڻ بعد کيس سيتا روڊ ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر جي حيثيت سان آراضي، ڀان سعيدآباد، خيرپور ناٿن شاهه، اگهاماني ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. 1997ع ۾ کيس پروموشن ڏئي، اي. ڊي. ايڇ. او ٺٽو مقرر ڪيو ويو. اتان وري کيس بدلي ڪري ايم. ايس تعلقه اسپتال ميهڙ مقرر ڪيو ويو. ميهڙ کان پوءِ سندس بدلي سيتا روڊ اسپتال ۾ ٿي، مئي 2005ع کان دادو سول اسپتال ۾ سول سرجن جي حيثيت سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڊاڪٽر سيد غوث علي شاهه سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز سان حصو وٺي رهيو آهي. غريب، مسڪين ۽ يتيم ٻارن کي ڪتاب ۽ ڊريسون وٺي ڏيندو آهي. ان کان علاوه غريب، مسڪين، بي پهچ مريضن کي دوائون فراهم ڪندو رهي ٿو.

ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير:

ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير ولد شمس الدين لاکير تاريخ 1 جنوري 1959ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ دائود ديرو تعلقه ميهڙ مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ هاءِ اسڪول راڌڻ مان، انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. ۽ ايم. بي. بي. ايس، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪري، ڊاڪٽر جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو.

ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير سماجي سرگرمين ۾ بهرو وٺندو پيو اچي. سگا شاخ دادو سان به وابسته آهي ۽ مکيه عهدي تي به رهيو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلع دادو، آل سنڌ لاکير ويلفيئر جو باني آهي. دادو شهري اتحاد سان به لاڳاپيل آهي.

ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير سگا جي پليٽ فارم تان ڪافي سماجي پروگرام ڪيا آهن. اکين جي ڪئمپن، چمڙي جي بيماري جي ڪئمپن ۽ ميڊيڪل ڪئمپن ۾ ڀرپور حصو وٺندو پيو اچي. جمع ڪلينڪ خداآباد، جمع ڪلينڪ حافظ رجب پنهور ۾ به سرگرمي سان حصو وٺندو اچي ٿو. هن وقت به سگا جي طرفان جيڪي پروگرام ڪيا وڃن ٿا. انهن ۾ ڀرپور انداز سان رضاڪارانه طور تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر خالد صديقي:

ڊاڪٽر خالد احمد صديقي ولد نذير احمد صديقي 15 سيپٽمبر 1961ع تي شاهاڻي محلا پير ڪالوني ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پي. سي اسڪول مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادو مان ۽ انٽر، ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاني ۾ داخل ٿيو.

جتان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر جهڙي معزز پيشي سان منسلڪ ٿي ويو، هن وقت پاڻ ميڊيڪل آفيسر آهي.

ڊاڪٽر خالد صديقي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز حصو وٺي رهيو آهي. سگا شاخ دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي. سندس ايامڪاري ۾ سگا شاخ دادو ڪافي ڪم ڪيا. حافظ رجب پنهور ۾ به هن سماجي ڪم سرانجام ڏنا. سماجي خدمتن جي ڪري شڪارپور ۾ کيس (سگا نشان) عطا ڪيو ويو.

ڊاڪٽر خادم حسين لاکير:

ڊاڪٽر خادم حسين لاکير ولد صابر حسين لاکير 10 آگسٽ 1952ع تي ڳوٺ جمع لاکير تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. انٽر پاس ڪري ايل. ايم. سي ڄام شوري ۾ داخلا ورتائين. جتان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري ميڊيڪل آفيسر بڻيو.

مختلف عهدن تي به رهيو. ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (هيلٿ) دادو به رهيو آهي. هن وقت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي. آءِ. سنڌ آهي.

ڊاڪٽر خادم حسين لاکير ادبي ذوق رکندڙ اهي، ماهوار اڳتي قدم، ماهوار پيغام ۽ ڪارونجهر جو ايڊيٽر به رهيو. ادبي سرگرمين سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو.

هن دادو ضلعي ۾ طبي ڪئمپون لڳائڻ ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ پروگرام ترتيب ڏيڻ ۽ عورتن لاءِ 13 هنري اسڪول ۽ 20 پرائمري اسڪول قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وقت به سماجي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي. سيوهڻ تعلقي جي ننڍن ڳوٺن ۾ جتي اڳ ۾ اسڪول نه هئا تي اسڪول قائم ڪيا.

دوست علي جيسر:

دوست علي جيسر ولد نور محمد جيسر 15 آگسٽ 1956ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم به دادو مان حاصل ڪيائين. پاڻ هن وقت پوسٽ گريجوئيٽ آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو شاخ جو سرگرم ميمبر آهي. سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. سگا جا جيڪي به پروگرام ٿيندا آهن. انهن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندو رهي ٿو. سماجي سرگرمين کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ به بهرو وٺندو اچي ٿو. سندس پيپلز پارٽي سان تعلق آهي، پيپلز پارٽي سٽي دادو جو صدر به رهيو آهي. هن وقت دادو ضلعي پ، پ جو اهم عهديدار آهي.

علي احمد قريشي وڪيل:

علي احمد قريشي ولد رحمت الله قريشي تاريخ 1 جنوري 1923ع آراضيءَ ۾ ڄائو. تعليم بي. اي، ايل. ايل. بي اٿس. بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ٿيل اٿس. سگا دادو شاخ جو پراڻو ميمبر آهي. سماجي ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. سگا جي سماجي پروگرامن ۾ ڀرپور سهڪار ڪندو اچي ٿو. ادب سان به گهرو لڳاءُ اٿس. پاڻ هندوستان جي دوري تي ويو، اتي پنهنجون يادگيريون قلمبند ڪري، (جمنا ڪماري) جي نالي تي هڪ ڪتاب شايع ڪرايو آهي. جيڪو ادبي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. علي احمد قريشي جا سائين جي ايم سيد سان گهرا مراسم هئا. سندس فرزند پروفيسر اعجاز علي قريشي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.

نظر محمد شاهاڻي:

نظر محمد شاهاڻي ولد محمد بخش خان شاهاڻي تاريخ 4 جنوري 1949ع تي ڳوٺ هوت خان شاهاڻي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. هن وقت سندس رهائش شمس آباد محلي دادو شهر ۾ آهي. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ دادو مان حاصل ڪري روينيو کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. جتان ترقي ڪندو مختيارڪار جي عهدي تي پهتو آهي. هن مختيارڪار جي حيثيت سان مختلف جاين تي ملازمت ڪئي آهي. جنهن ۾ نواب شاهه، ٽنڊو آدم، سانگهڙ، دادو، جوهي، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ ڪراچي شامل آهن. هن وقت سيوهڻ ۾ مختيارڪاري جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

نظر محمد شاهاڻي سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. هر ماڻهو سان خنده پيشاني سان پيش اچي ٿو. غريب مسڪين ۽ يتيم شاگردن کي ڊريسون وٺي ڏئي ٿو ۽ سندن مالي معاونت پڻ ڪري ٿو. ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ به ڀرپور نموني سان حصو وٺي ٿو. ڳوٺ کان علاوه گاجي شاهه جي ميلي تي ادبي محفلون به ڪرائيندو آهي. دادو ۾ رهي ٿو.

محمد خان ڇڄڙو:

محمد خان ڇڄڙو ولد مولا بخش ڇڄڙو تاريخ 1 جنوري 1939ع تي ڳوٺ جهلو تعلقي دادو ۾ ڄائو. پرائمري تعليم سونهري فارم مان حاصل ڪيائين.

ميٽرڪ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نيو جتوئي ضلع نوشهروفيروز مان پاس ڪيائين. بي. اي، ايم. اي ۽ بي. ايڊ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. شروع ۾ استاد مقرر ٿيو. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1990ع ۾ ڊپٽي ايڊيوڪيشن آفيسر ضلع دادو مقرر ٿيو. ۽ 1994ع ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو. جتان 12 ڊسمبر 1998ع ۾ رٽائر ٿيو. سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. 1970ع ۾ سگا جو ميمبر ٿيو. سماجي سرگرمين کان علاوه ادبي ميڙاڪن ۾ به شرڪت ڪندو رهي ٿو. محمد خان ڇڄڙو 31 مئي 2001ع تي يونين ڪائونسل سيال جو ناظم جو مقرر ٿيو ۽ ناظم جي حيثيت سان پنهنجي يونين ۾ ترقياتي ڪمن ۾ گهري دلچسپي وٺندو رهيو.

حبيب الله ڪابورو:

حبيب الله ولد محمد صالح ڪابورو ڳوٺ وڌيو پنهور تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان حاصل ڪري ميٽرڪ دادو مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ انجينئرنگ ۾ داخلا ورتائين. جتان انجنيئرنگ جي سند وٺي محڪمه آبپاشي ۾ ملازمت حاصل ڪئي. هن وقت ايگزيڪيوٽو انجنيئر سدرن دادو ڊويزن ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

حبيب الله ڪابورو سماجي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو اچي ٿو. ڪيترائي غريب مسڪين ۽ عمر رسيده ماڻهو وٽس اچن ٿا. جن کي دل کولي مالي مدد ڪري ٿو. ڪيترائي مسڪين ۽ يتيم شاگرد وٽس اچن ٿا. انهن جي به مالي سهائتا ڪري ٿو.

محمد مريد بلوچ:

محمد مريد ولد حاجي محمد صديق لنڊ بلوچ 6 مارچ 1952ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول مزدورآباد مان حاصل ڪيائين. ثانوي تعليم پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان، انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪري ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج مان ڪئي ۽ هن وقت انڪم ٽيڪس وڪيل آهي.

محمد مريد بلوچ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور انداز سان حصو وٺي رهيو آهي. سگا جو سرگرم ميمبر آهي. سگا طرفان اکين جون جيڪي مفت ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون، انهن ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. اکين جي مفت ڪئمپن ۾ بي لوث خدمت ڪئي. بيمار ۽ اکين کان معزور مريضن جي رهنمائي سان گڏ ٻاهران آيل اسٽاف جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.

محمد ابراهيم ميمڻ:

محمد ابراهيم ميمڻ ولد محمد عرس ميمڻ تاريخ 1 آگسٽ 1940ع ۾ ڄائو. تعليم بي. اي اٿس. محڪمه بلديات ۾ ملازمت ڪندو. جولاءِ 2000ع ۾ ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان رٽائر ڪري چڪو آهي. شروع کان ئي سماجي پروگرام (منعقد ڪرائڻ) بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن جي جائز قانوني مدد ڪرڻ، عورتن ۽ نياڻين ۾ خاص تعليمي سرگرمين کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، ادبي سرگرمين ۽ ميڙاڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ ان کي وڌائڻ ۾ خصوصي دلچسپي وٺندو اچي ٿو. ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ هن شهر جي صفائي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گهٽين کي صاف سٿرو رکرائڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون. اهڙي طرح اڃان تائين سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو اچي پيو. دادوءَ ۾ رهائش پزير آهي.

عبدالستار کيڙو:

عبدالستار کيڙو هتان جي مشهور زميندار رئيس محمد بخش کيڙي جي گهر 1 سيپٽمبر 1946ع ۾ اک کولي. ابتدائي تعليم دادو ۾ حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم به دادو مان حاصل ڪئي. بي. اي، بي. ڪام سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين.

تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي زمينداري پيشي سان منسلڪ ٿي ويو. سندس ترقي پسند زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو. طبيعت ناساز رهندي هيس. زمينداري پيشي کان علاوه سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور طريقي سان حصو وٺندو آيو. سگا جو پراڻو ميمبر هو. سگا شاخ دادو جو صدر ۽ وائس چيئرمين نمبر ٻه به رهيو. هن سگا جي پليٽ فارم تان ڪيترائي فلاحي ۽ سماجي ڪارنامه سرانجام ڏنا. هن پنهنجي دور ۾ سول اسپتال دادو ۾ اکين جي ڪئمپ منعقد ڪرائي، جنهن ۾ مريضن کي روشني سان منور ڪيو ويو. پاڻ سال 1994ع ۾ وفات ڪري ويو.

مهتاب احمد شيخ:

مهتاب احمد ولد عبدالواحد شيخ سنه 1921ع ۾ اعظم ڳڙهه لکنئو ڀارت ۾ ڄائو. تعليم اعظم ڳڙهه ۾ حاصل ڪيائين. 1941ع ۾ گڏيل هندوستان جي وزارت خارجه ۾ اسٽنٽ جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. 1947ع ۾ هجرت ڪري دادو شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ان کان پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ به هجرت ڪري ڪراچي ۾ آيو. جتي تعليم ترتيب مڪمل ڪري پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني ۾ جيڪا اصل ۾ انگريزن جي ڪمپني هئي. ان ۾ جنرل مئنيجر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. پر سندس ڀاءُ مهتاب احمد شيخ ۽ سندس والد دادو ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. ان وقت کان شهر ۾ سماجي سرگرمين ۾ پيش پيش رهيو.

سندس سماجي خدمتن جي صله ۾ 1962ع ۾ ڊويزنل ڪائونسل جو ميمبر منتخب ڪيو ويو. چيمبر آف ڪامرس جو 30 سال صدر رهيو. سماجي خدمتن جي مڃتا طور 1979ع ۾ ان حلقي مان اليڪشن لڙڻ جو موقعو مليس. جتي صرف سندس هڪ گهر هو باقي ٻيا قبيلا مقيم هئا. پر سندس سچائي خلوص جي ڪري کيس وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو، ان بعد شهر دادو جيڪو 85 سيڪڙو سنڌي آبادي تي مشتمل آهي. صرف هن کي ئي چيئرمين منتخب ڪيو. جنهن ۾ ڪابه مصلحت يا ڳجهارت نه هئي، پر اها سندس نيڪ نيتي، حسن ڪارڪردگي هئي، جنهن ڪري کيس چيئرمين جي اهم عهدي تي پهچايو.

هون ته مهتاب شيخ جي فيملي مان هن ڊويزن جو ڪمشنر نياز حسين، سابقه وزير خزانه، ڊاڪٽر شعيب احمد، جنرل مرزا اسلم بيگ، رٽائر سيشن جج مرزا راشد بيگ به هڪڙي ئي خاندان جا عزيز قريب هئا. انهن سڀني جي انتهائي ڪوشش هئي ته مهتاب احمد ڪراچي اچي ۽ وڏو واپار ڪري، پر هن پنهنجي دوستن کي نه ڇڏڻ جو بنياد بنائي پنهنجي عزيزن کي جواب ڏنو ته منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ هتان جي ماڻهن سان آهي. سندس والد عبدالواحد شيخ جي آخري آرام گاهه لال هندي مقام ۾ آهي.

مهتاب احمد هن شهر جو ٻه دفعا منتخب چيئرمين رهيو ۽ پيپلز پارٽي جو مخلص ڪارڪن هو. پيپلز پارٽي جي لاءِ قرباني جو مظاهرو ڪندي ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 5 سيپٽمبر 1983ع تي پاڻ پنهنجي سڀني ڪائونسلر سميت استعيفيٰ ڏئي، جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني، 11 فيبروري 1984ع تي مهتاب احمد شيخ، حڪومت کيس باعزت بري ڪري ڇڏيو.

مهتاب احمد شيخ جو اولاد به هن ئي شهر ۾ پڙهيو ۽ نپنو آخر ۾ اولاد جون شاديون به هتي ڪرايائين. مائٽن جي بيحد اسرار تي 1994ع ۾ ڪراچي هليو ويو ۽ اتي سال 1995ع تي وفات ڪيائين. سندس موت جو ڪارڻ سندس ئي عزيز اقارب ٻڌائيندا آهن. ته غمگين ٿي ويندو هو ۽ اهو صدمو برداشت نه ڪري وفات ڪري ويو.

مهتاب احمد شيخ پنهنجي چيئرميني واري دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. دادو شهر جا اڪثر روڊ ۽ پڪيون گهٽيون سندس ئي دور ۾ تعمير ٿيون.

گل محمد جويو:

گل محمد جويو ولد جمال الدين جويو ڳوٺ ٽڳا تعلقي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سال 1958ع ۾ سندس والدين لڏي دادو شهر ۾ ويٺا. پاڻ هن وقت دادو شهر جي سوناره پاڙي ۾ رهائش پذير آهي. گل محمد جويو هڪ بهترين سماجي ڪارڪن آهي. هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد سنڌي کي موجوده هنڌ تي قائم ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنهن ڪري پاڙي جا ماڻهو کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهن. 1979ع ۾ ڪائونسلر جي حيثيت سان ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ وڏي اڪثريت سان چونڊجي آيو. سندس تجويزن جي ڪري اسپتال روڊ جو نالو مشهور تعليمي ماهر علامه آءِ. آءِ قاصي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. ان سان گڏ چاندني چونڪ کان ورڪشاپ روڊ جو نالو استاد بخاري روڊ نالو رکيو ويو.

گل محمد جويو سماجي سرگرمين کان علاوه مزاحمتي تحريڪن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو اچي ٿو. سال 1983ع ۽ 1986ع جي تحريڪن ۾ هن ڀرپور نموني سان حصو ورتو. جنهن ڪري کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. هن 1973ع ۽ 1976ع جي تباه ڪن ٻوڏن ۽ برساتن ۾ به متاثرين جي ڪافي سماجي خدمت ڪئي. گل محمد جويو ابتدا کان ئي پيپلز پارٽي سان وابسته رهيو آهي. هن پارٽي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. اهو ئي سبب هو جو سابق وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سندس عوامي خدمتن جي ڪري سائيڪل تحفو ڏنو، ازانسواءِ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه آگسٽ 1979ع جي تحريڪ ۾ شاندار جدوجهد جي ڪري کيس سرٽيفڪيٽ عطا ڪيو. هن وقت شهري اتحاد ۾ شامل آهي. دادو جي شهري مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

علي سرور ڀٽي:

علي سرور ڀٽي جعفر ڀٽي دادو شهر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پي. سي اسڪول دادو مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ به دادو مان پاس ڪيائين. هن وقت سندس تعليم ڊپلوما آهي ۽ ڪراچي ۾ سرڪاري دفتر ۾ ملازم آهي.

علي سرور ڀٽي کي شروعات کان ادبي ۽ سماجي ڪمن سان دلچسپي هئي. ان ڪري هن سنڌي ادبي غريب شاگرد سنگت جو بنياد وڌو، هن انهي پليٽ فارم تان شاگردن ۾ ادبي چاهه پيدا ڪيو. ۽ ڪيترائي شاگرد هن تنظيم جا عهديدار ٿيا. ازانسواءِ سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو عهديدار رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org