سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 25

فصل چوٿون

ھندو ڊاڪن جو اسان کي ڦرڻ

جڏھن اسان ”ھنور ۽ فاڪنور“ جي وچ تي ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي پھتاسين، تڏھن ھندن اسان تي حملو ڪيو. ھندن وٽ ٻارھن جنگي جھاز ھئا، تنھن ڪري ھنن جي اسان سان سخت لڙائي ٿي، جنھن ۾ اسان ھارايو. جيڪي ڪجھھ ھو، جو مون ڪنھن اوکيءَ ويل لاءِ لڪائي رکيو ھو، سو سڀ ڦري ويا. ايتري قدر جو جواھرات ۽ ياقوت جيڪي سيلان جي راجا مون کي ڏنا ھئا، منھنجا ڪپڙا ۽ ٻيا تبرڪات ، جيڪي اولياءَ الله مون کي عطا ڪيا ھئا، وغيره مطلب تھ ڪجھھ بھ نھ ڇڏيائيون ۽ منھنجي بدن تي فقط ھڪ پاجامو وڃي بچيو . اھڙيءَ طرح سان سڀني جھازن کي ڦري صاف ڪري، سڀني کي ڪناري تي لاھي ڇڏيائون.

        پوءِ مان ڪئليڪٽ ۾ واپس ھليو ويس ۽ ھڪ مسجد ۾ لنگھي ويس، جتي ھڪ فقيھھ منھنجي لاءِ ڪپڙو موڪليو. قاضيءَ پٽڪو موڪليو ۽ ھڪ سوداگر ڪو ٻيو ڪپڙو ڏياري موڪليم. ھتي اچي مون کي معلوم ٿيو تھ وزير عبدالله جمال الدين جي وفات بعد ملڪھ خديجھ سان نڪاح ڪيو ھو ۽ جنھن زال کي مان حاملھ ڇڏي آيو ھوس، تنھن کي پٽ ڄائو ھو. منھنجي پڻ دل ۾ آيو تھ مان بھ مالديپ جي ٻيٽن ڏانھن وڃان، پر انھيءَ سان گڏ عبدالله جي پراڻي دشمنيءَ جو بھ خيال ٿيم. آخر ڪلام الله کولي فال ڏٺيم تھ ھيءَ آيت نڪتي  -”تتنزل عليھم الملئکتھ ان لا اتخا فوو لا تعزنو!“ مان ان کي نيڪ فال سمجھي اوڏانھن روانو ٿيس. ڏھن ڏينھن کان پوءِ مان مالديپ جي ٻيٽن ۾ پھتس ۽ ڪنلوس جي ٻيٽ تي اچي لٿس.

        اتي جو حاڪم عبدالعزيز مقيدشلوي ھو، جنھن منھنجي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي ۽ مھماني بھ موڪليائين، ھڪ ٻيڙي پڻ ساڻ ڏنائين، جنھن جي ذريعي مان ھيلي جي ٻيٽ ۾ پھتس اتي ھن ٻيٽ جي ملڪھ ۽ ان جون ڀينرون سير ڪرڻ لاءِ اينديون ھيون. ھن موقعي تي وزير ۽ امير ملڪھ جي لاءِ تحفا پڻ موڪليندا ھئا، ھن ھنڌ ملڪھ جي ڀيڻ ۽ ان جو مڙس محمد بن جمال الدين خطيب ۽ سندس (ملڪھ جي) ماءُ، جيڪا منھنجي زال ھئي، سڀ موجود ھئا. خطيب مون سان ملڻ آيو ۽ کاڌو بھ کڻي آيو.

        ڪنھن شخص وڃي عبدالله کي منھنجي اچڻ جي خبر ڪئي، جنھن تي ھن پڇيو تھ ”ھو اڪيلو آھي يا ھن سان گڏ ٻيو بھ ڪو آھي؟“ ھن شخص ٻڌايس تھ ”ھو پنھنجي پٽ کي وٺڻ لاءِ آيو ھو.“ اھو ان وقت ٻن سالن جي عمر جو ھو، تنھن ڪري سندس ماءُ اچي وزير سان شڪايت ڪئي، جنھن تي وزير جواب ڏنس تھ ”مان ان کان کيس روڪي نٿوس گھان“ پوءِ ھن بيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مون تي سختي ڪئي ۽ پنھنجي محل جي سامھون ھڪ ننڍڙي برج ۾ مون کي ترسايائين، جيئن منھنجي ھر ڪنھن ڪم جي کيس خبر ملي سگھي. پوءِ ھن مون ڏانھن ھڪ مڪمل خلعت ، پان ۽ عرق گلاب موڪليو. مان سلام وقت ھن مون کان گھرائي ورتا.

        پوءِ سارو ڏينھن وزير مون وٽ ڪو نھ آيو، پر منھنجي پٽ کي مون ڏانھن موڪلي ڏنائين. ھن کي ڏسڻ کان پوءِ مون سندس اتي ھجڻ بھتر ڄاڻي، کيس وري پنھنجي ماءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو. مان اتي پنج ڏينھن ترسيس ، تنھن کان پوءِ مون اتان جلدي ڪوچ ڪرڻ مناسب سمجھيو، جنھن لاءِ مون اجازت گھري، وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو، جنھن تي مان ھن وٽ ويس ۽ اھي ٻھ ڪپڙا جيڪي مان سندس پيرن تي رکڻ لاءِ کڻي آيو ھوس، سي ھن مون کي ڏنا، جي دستور موجب سلام ڪري مون سندس پيرن تي رکيا. ھن مون کي پاڻ سان گڏ ويھاريو ۽ مون کان حال احوال پڇيائين. مون ھن سان گڏ ماني کاڌي ۽ ھڪ ئي طشت ۾ اسان ٻنھي ھٿ ڌوتا. نھ تھ ھي وزير ٻئي ڪنھن جي بھ تعظيم نھ ڪندو ھو. پوءِ  پان وٺي مان گھر واپس آيس پوءِ ھن مون ڏانھن ڪپڙن جا ٿان ۽ ڪوڏيون موڪليون ۽ مون سان ٻيا بھ ڪيترائي احسان ڪيائين، پوءِ مان اتان روانو ٿيس ۽ ٽيتاليھھ راتيون سمنڊ ۾ سفر ڪرڻ  کانپوءِ اچي بنگال ۾ پھتس.

        بنگال ھڪ تمام ڪشادو ملڪ آھي، جنھن ۾ چانور جي پيداوار تمام گھڻي ٿيندي آھي، ايتري قدر جو ٻئي ڪنھن بھ ملڪ ۾ مون ايتري پيداوار ڪا نھ ڏٺي، ھي ملڪ اونداھي ھجڻ سبب سٺو نھ آھي، تنھن ڪري خراسان وارا ھن کي دوزخست براو ”نعمت“ ڪري چوندا آھن، جنھن جي معنيٰ آھي ”دوزخ تي نعمت“ ھتي جي بازارين ۾ ھڪ چانديءَ جي دينار جي عيوض پنجويھھ دھلوي رتل چانور پئي وڪاميا. چانديءَ جو دينار اٺن درھم جي برابر آھي ۽ درھم ساڳيا چانديءَ جي رتلن جي برابر ٿيندا آھن. وري دھليءَ جو رتل مغرب جي ويھن رتلن جي برابر ٿيندو آھي.

 چون پيا تھ ان سال مھانگائي ھئي، محمد مصعودي مغربي جيڪو ھڪ ولي الله شخص ھو ۽ دھليءَ ۾ منھنجي گھر جي ڀرسان رھندو ھو، مون کي ٻڌائيندو ھو تھ منھنجي ھڪ زال ۽ ھڪ نوڪر ھوندو ھو ۽ اسان ٽيئي ڄاڻ ھڪ سال جو کاڌو ھڪ ئي دفعي اٺن درھم ۾ خريد ڪري ڇڏيندا ھئاسين ۽ چوندو ھو تھ انھن ڏينھن اٺن درھم ۾ اسي رتل دھلوي چانور ايندا ھئا.  جن کي صاف ڪرڻ کان پوءِ ان مان پنجاھھ رتل چانور ملندا ھئا، جيڪي وڃي ٿيا ڏھھ قنطار، کير واري مينھن ھتي ٽن چانديءَ جي دينارن ۾ وڪامندي آھي، ھن ملڪ ۾ ڳئون ڪا نھ ٿئي. ازان سواءِ چڱيون متاريون مرغيون ھڪ درھم جون اٺ، ڪبوتر جا ٻچا ھڪ درھم جا پندرھن، ھڪ موٽو تازو دنبو ٻن درھمن ۾ ، کنڊ رطل(1) دھليو چئن درھمن ۾، عرق گلاب جو رطل اٺن درھمن ۾، گيھھ رطل چئن درھمن ۾، مڍي تيل جو رطل ٻن درھمن ۾ ، سوٽي ڪپڙو ٽي وال ڊگھو ٻن درھمن ۾  ۽ ھڪ خوب صورت ٻانھي ھڪ سوني دينار،  جيڪو مغرب جي اڍائي دينارن جي برابر ٿيندو آھي، پيئي وڪامي، انھيءَ ساڳيءَ قيمت ۾ مون پڻ ھڪ عاشوره نالي ٻانھي خريد ڪئي ھئي، جيڪا ڏاڍي سھڻي ھئي ۽ منھنجي ھڪڙي ساٿيءَ وري ھڪ ننڍيءَ عمر وارو ”لولو“ نالي ھڪ غلام صرف ٻن دينارن ۾ خريد ڪيو ھو.

بنگالي جو پھريون شھر، جنھن ۾ اسين داخل ٿياسين، ”سدگاون“(2)ھو. ھي شھر سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وڏو  شھر آھي، جتي گنگا ندي ۽ جمنا ندي گڏجي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، ھن شھر جي بندر ۾ ڪيترائي جھاز آھن جن جي ذريعي، ھتي جا ماڻھو لکنوتيءَ (3) جي باشندن سان مقابلو ڪندا رھندا آھن.

بنگال جو بادشاھھ

بنگال جو بادشاھھ فخر الدين آھي جيڪو فخره جي نالي سان وڌيڪ مشھور آھي. ھيءُ بادشاھھ وڏو فاضل آھي ۽ غيرملڪين، فقيرن ۽ صوفين سان گھڻي محبت رکندو آھي. اصل ۾ ھتي جو بادشاھھ سلطان ناصرالدين ھو، جنھن جو پٽ معزالدين دھلي ۾ بادشاھھ ھو، جن جي مقابلي ۽ ملاقات جو بيان اڳ ۾ ڪري آيو آھيان. جڏھن اھو (ناصرالدين) مري ويو، تڏھن سندس پٽ شمس الدين بادشاھھ ٿيو ۽ ان کان پوءِ شھاب الدين ، جنھن کي غياث الدين بھادر پورو مغلوب ڪري پاڻ بادشاھي ڪرڻ لڳو. شھاب الدين وري سلطان غياث الدين تغلق کان مدد گھري، جنھن ھن کي قيد ۾ آڻي قابو ڪيو ھو. پر سندس پٽ سلطان محمد تغلق وري  ھن کي ڇڏي ڏنو. جڏھن ملڪ جي ورھاڱي ۾ ھن وعده خلافي ڪئي تڏھن بادشاھھ ھن تي چڙھائي ڪئي، جنھن ۾ ھو مارجي ويو ۽ پوءِ سندس ناٺي بادشاھھ ٿيو جنھن کي سندس لشڪر قتل ڪري ڇڏيو.

        انھن ڏينھن علي شاھھ لکنوتيءَ ۾ بادشاھھ بنجي ويھي رھيو. فخرالدين جڏھن ڏٺو تھ سندس آقا ناصرالدين جي خاندان کان حڪومت ٿي وڃي، تڏھن ھن سدگاون ۽ بنگالي جي ملڪ ۾ وٺي بغاوت مچائي، پوءِ ھن جي ۽ علي شاھھ جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي. گرميءَ ۽ برسات جي موسم ۾ ناصرالدين جھازن جي ذريعي لکنوتيءَ تي حملو ڪيو ، ڇو تھ علي شاھھ کان سندس بحري طاقت وڌيڪ ھئي ۽ جڏھن برسات ختم ٿي، تڏھن وري علي شاھھ بنگالي تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ تھ ھن وٽ وري بري فوج وڌيڪ ھئي.

ڳالھھ

فخرالدين فقيرن ۽ صوفين سان ايتري قدر محبت رکندو ھو، جو ھڪ دفعي ھن ”شيدا“ نالي ھڪ صوفيءَ کي سدگاون ۾ پنھنجو نائب مقرر ڪري، پاڻ ھڪ دشمن جي مقابلي ۾ لڳي ويو. شيدا وري سندس عدم موجودگي ۾ وٺي بغاوت ڪئي ۽ مستقل بادشاھھ ٿيڻ جو ارادو ڪري، بادشاھھ جي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيائين. فخرالدين بھ جلدي اچي داراخلافھ ۾ پھتو، پر ”شيدا“ ۽ سندس ساٿي سنارگائون ڏانھن ڀڄي ويا، جيڪا ھڪ مضبوط جڳھھ ھئي. بادشاھھ اتي پنھنجي فوج موڪلي تھ اتي جا باشندا ڊڄي ويا ۽ ”شيدا“ کي پڪڙي شاھھ جي لشڪر ڏانھن ڏياري موڪليائون.

        لشڪر وارن بادشاھھ کي لکي موڪليو تھ ڇا ڪيو وڃي؟ تنھن تي بادشاھھ حڪم ڪيو تھ”سندس سر ڪپي موڪليو وڃي.“ اھڙي طرح سان سندس سر موڪليو ويو ۽ سندس ڪيترائي فقير قتل ڪيا ويا.

        جڏھن مان سدگاون پھتس تڏھن مون اتي جي بادشاھھ سان ملاقات نھ ڪئي، ڇاڪاڻ تھ ھن جي ۽ دھلي جي بادشاھھ جي پاڻ ۾ اڻبڻت ھئي، جنھن لاءِ مون کي خوف ٿيو تھ متان ملاقات جو نتيجو خراب نڪري، پوءِ سدگاون کان مان ”ڪامرو“ جي جبلن ڏانھن روانو ٿيس. ھيءُ ملڪ سدگاون کان ھڪ مھيني جي پنڌ تي آھي. ھڪ وڏو جابلو ملڪ آھي، جو چين ۽ تبت جي ملڪن سان وڃي ٿو ملي، جتي مشڪ وارا ھرڻ ٿيندا آھن، ھن جابلو ملڪ جا باشندا ترڪن جي شڪل جھڙا ٿيندا آھن ۽ اھڙا  تھ نوڪري ڪرڻ جا اورچ ٿيندا آھن ، جو ھتي جو ھڪ غلام ٻئي ملڪ جي ڪيترن ئي غلامن کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھندو آھي. ھو جادوگري ۾ پڻ مشھور آھن، انھن جبلن ۾ مان انھي مقصد سان ويو ھوس تھ اتي ھڪ مشھور اولياءُ الله شيخ جلال الدين تبريزي سان وڃي ملاقات ڪريان.

شيخ جلال الدين جو بيان

ھي شيخ وڏن اوليائن مان ھڪ آھي ۽ ماڻھن ۾ ھن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن. ھو عمر ۾ بھ تمام وڏو آھي، ۽ ڳالھھ پئي ڪيائين تھ ”مون خليفي مستعصم باالله عباسيءَ کي بغداد ۾ ڏٺو ھو ۽ جنھن وقت ھن کي قتل ڪيو ويو، تنھن وقت بھ مان اتي موجود ھوس. ھن جي دوستن پوءِ مون کي ٻڌايو ھو تھ ھن ھڪ سو پنجاھھ ورھين جي عمر پوري ڪري وفات ڪئي ھئي. ھو چاليھن سالن کان روزا رکندو ايندو ھو ۽ ڏھن ڏھن ڏينھن کانپوءِ روزو کوليندو ھو. ھن وٽ ھڪ ڳئون ھوندي ھئي، جنھن جي کير تي ھو گذران ڪندو ھو ۽ سڄي رات ويٺو ھوندو ھو، ھو بدن جو ھلڪو ۽ قدم جو ڊگھو ھوندو ھو ۽ ڳول ڪجھھ اندر تي پيٺل ھوندا ھئس ھن ملڪ جي ڪيترن باشندن سندس ھٿ تي اسلام قبول ڪيو ھو، تنھن ڪري ھن جي تمام گھڻي عقيدتمندي ھوندي ھئي.

سندس ڪرامت

        سندس ھڪ دوست مون سان ڳالھھ ڪئي تھ مرڻ کان ھڪ ڏينھن اڳي، ھن پنھنجي سڀني دوستن کي گھرائي وصيت ڪئي تھ خداتعاليٰ کان ھميشھ ڊڄندا رھجو ۽ انشاءَ الله سڀاڻي مان توھان کان موڪلائيندس ۽ مون کان پوءِ توھان جو سنڀاليندڙ الله آھي جنھن کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪو نھ آھي.

        پوءِ ٽئين ڏينھن ظھر جي نماز جي آخري سجدي ۾ ھن دم ڏنو. پوءِ جنھن غار ۾ ھو رھندو ھو، جنھن جي ڀرسان ھڪ کوٽيل قبر لڌائون، جنھن تي ڪفن ۽ خوشبوءِ وغيره بھ پيل ھئي. پوءِ ھن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي ان ۾ دفن ڪري ڇڏيائون. رحمت الله تعاليٰ.

 سندس ٻي ڪرامت

مان جڏھن شيخ جي زيارت لاءِ پئي ويس، تڏھن شيخ جي جاءِ رھائش کان ٻھ منزلون اورتي، سندس چار ساٿي مون کي مليا، جن ڳالھھ ڪئي تھ ”شيخ ڪيترن فقيرن کي چيو ھو تھ ھڪ مغربي سياح اسان وٽ اچي رھيو آھي، تنھن جو وڃي استقبال ڪريو“ تنھن ڪري اسان شيخ جي حڪم سان آيا آھيون. اصل ۾ ھن کي منھنجي باري ۾ ڪا بھ خبر ڪا نھ ھئي ۽ اھو سڀ ڪجھھ ھن کي ڪشف جي ذريعي معلوم ٿيو ھو. پوءِ مان ھنن سان گڏجي اچي شيخ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. مان سندس خانقاه ۾ پھتس ، جيڪو سندس غار جي ٻاھران ھو ۽ ٻي اتي ڪا بھ آبادي ڪا نھ ھئي، ھن ملڪ جا ھندو ۽ مسلمان سڀ ھن شيخ جي زيارت لاءِ ايندا ھئا ۽ ھن جي لاءِ تحفا ۽ نذرانو  آڻيندا ھئا، جنھن جي آمدني مان فقير ۽ مسڪين کائيندا ھئا. پر شيخ فقط پنھنجي ھڪ ڳئون جي کير تي گذارو ڪندو ھو. مان جڏھن سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ، تڏھن ھو اٿي بيھي، مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ منھنجي وطن ۽ منھنجي سفرن بابت مون کان پڇڻ لڳو. جنھن تي مون کيس سمورو حال احوال ٻڌايو. پوءِ فرمايائين تھ ”تون عرب جو مسافر آھين.“ اتي حاضرين مان ڪنھن چيو تھ ”ھي عجم جو مسافر پڻ آھي“ تنھن تي شيخ بھ فرمايو تھ ”ھائو ھي عجم جو مسافر بھ آھي، تنھن ڪري ھن جي خاطر تواضع ڪئي وڃي“ پوءِ مون کي خانقاه ۾ وٺي ويا ۽ ٽي ڏينھن منھنجي مھماني ڪيائون.

 

شيخ جون ٻيون عجيب ڪرامتون

پھريائين جڏھن مان شيخ جي زيارت لاءِ ويو ھوس تڏھن شيخ کي مرعز(اوني ڪپڙي جو نالو) جي ڪپڙي جو ھڪ چوغو پھريل ڏٺم، جو مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ دل ۾ چيم تھ جيڪڏھن شيخ اھو مون کي ڏيئي ڇڏي تھ ڪھڙو نھ چڱو ٿئي. جڏھن وري مان کانئس موڪلائڻ لڳس ، تڏھن شيخ  غار جي ڀرسان بيھي، اھو چوغو بدن تان لاھي، کڻي مون کي پھرايو ۽ پنھنجي مٿي تان طاقيھ(ٽوپ) لاھي اھو بھ کڻي منھنجي مٿي تي رکيائين. پوءِ فقيرن مون کي ٻڌايو تھ شيخ ڪڏھن بھ چوغو ڪين ڍڪندو آھي، پر تنھنجي اچڻ جي خبر ٻڌڻ کانپ وءِ اھو چوغو ڍڪيو ھئائين ۽ چيائين ٿي تھ مغربي اھو چوغو مون کان گھرندو، جيڪو وري ڪافر بادشاھھ ھن کان کسي وٺندو ۽ اھو وري منھنجي ڀاءُ برھان الدين کي ڏيئي ڇڏيندو. مون جڏھن اھا ڳالھھ فقيرن جي واتان ٻڌي، تڏھن پڪو ارادو ڪيم تھ شيخ مون کي پنھنجو لباس  عطا ڪيو آھي، سو منھنجي لاءِ ھڪ وڏي نعمت آھي ۽ اھو چوغو پائي مان ڪڏھن بھ ڪنھن مسلمان يا ڪافر بادشاھھ جي سامھون ڪين ويندس.

ان کان پوءِ مان شيخ کان موڪلائي ھليو ويس ۽ گھڻي عرصي کان پوءِ منھنجو چين وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي خنسا جي شھر ۾ پنھنجن ساٿين سان پئي گھميس، تھ ھڪ ھنڌ ماڻھن جي ھجوم جي ڪري مان ھنن کان جدا ٿي ويس. ان وقت اھو چوغو مون کي پھريل ھو، رستي ۾ اوچتو مون کي وزير ملي ويو، جيڪو مون کي پاڻ وٽ سڏي، منھنجي ھٿ کان وٺي مون کان حال احوال پڇڻ لڳو ۽ ڳالھيون ڪندا بادشاھھ جي محل تائين پھتاسين، مون ھن کان موڪل گھري، پر ھن اجازت نھ ڏني ۽ مون کي بادشاھھ وٽ وٺي ويو. جنھن مون کان مسلمان بادشاھن جون ڳالھيون پڇيون، جن جو مون مناسب جواب ڏنومانس ، پر سندس نظر وڃي منھنجي چوغي تي پيئي ۽ ان جي ڏاڍي تعريف ڪيائين.

وزير مون کي چيو تھ اھو چوغو لاھي، ان وقت مجبورن اھو حڪم مڃڻو پيو. بادشاھھ اھو چوغو وٺي رکيو ۽ ان جي عيوض مون کي ڏھھ خلعتون، ھڪ سنجيل گھوڙو ۽ خرچ لاءِ روڪڙا پئسا عطا ڪيائين، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ شيخ جي ڳالھھ ياد ايندي ئي مون کي ڏاڍو عجب لڳو، ٻئي سال مان چين جي دارالخلافھ ، خان بالق ۾ ويس تھ شيخ برھان الدين ساغر جي خانقاه ۾ اتفاق سان منھنجو وڃڻ ٿيو. اتي مون ڏٺو تھ شيخ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھو ۽ اھو ئي چوغو پھريل  ھوس. مان عجب ۾ پئجي ويس ۽ چوغي کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳس، تنھن تي شيخ چيو تھ ”تون ھن کي ائين ڇو ڏسي رھيو آھين، سڃاتو اٿيئي ڇا؟ مون جواب ڏنو تھ ”ھائو ھي چوغو”خنسا“ جي بادشاھھ مون کان ورتو ھو.“

شيخ فرمايو تھ شيخ جلال الدين ھي چوغو منھنجي لاءِ تيار ڪيو ھو ۽ مون کي خط ۾ لکيو ھئائين تھ ھي چوغو فلاني ماڻھو جي معرفت توکي ملندو، پوءِ شيخ اھو خط مون کي ڏيکاريو،جي ڪو پڙھي منھنجي عجب جي حد ئي نھ رھي، ان کانپوءِ مون سمورو قصو شيخ برھان الدين جي اڳيان بيان ڪيو، تنھن تي شيخ چيو تھ منھنجي ڀاءُ شيخ جلال الدين جو مرتبو انھيءَ لاءِ بلند ليکيو ٿو وڃي جو ان کي دنيا جي سڀني معاملات ۾ دخل آھي. پر ھاڻي ھو فوت ٿي ويو آھي، وري چوڻ لڳو تھ ھو ھر روز صبح جي نماز مڪھ معظم ۾ پڙھندو ھو ۽ ھر سال حج ڪندو ھو، عرفھ ۽ عيد جي ڏينھن تھ اھڙيءَ طرح غائب ٿي ويندو ھو جو ڪنھن کي خبر بھ نھ پوندي ھئي، پوءِ شيخ جلال الدين کان موڪلائي مان شھر”جنق“(1)ڏانھن روانو ٿيس، ھيءُ ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن جي وچ مان ھڪ درياءُ ٿو وھي. اھو درياءُ ”ڪامرو“ جي جبلن مان نڪري ٿو ۽ ان کي درياءُ ارزق ڪري چوندا آھن. ھن جي رستي سان ماڻھو  بنگال ۽ لکنوتي ويندا آھن . ھن درياءَ جي ٻنھي پاسي باغ بستان ۽ ڳوٺ نظر ايندا آھن. جھڙي طرح سان مصر جي درياءَ نيل تي ھوندا آھن. ھتي جا باشندا ڪافر آھن، پر سڀ بادشاھھ جي رعيت آھن، تنھن ڪري سندن پيدائش جو اڌ ڍل طور ورتو ويندو آھي: ۽ تحفا وغيره  تنھن کان سواءِ ھوندا آھن. اسان ان درياءَ ۾ پندرھن ڏينھن سفر ڪيو. رستي سان ڳوٺ ۽ باغ ايترا تھ گھڻا ھئا جو ڄڻ تھ ڪنھن بازار جي وچ ۾ پئي لنگھياسون.

ھن درياءَ ۾ بي انداز جھازن جي آمدرفت جاري آھي. ھر ھڪ جھاز کي نقارو ھوندو آھي، جو جڏھن  بھ ٻھ جھاز ھڪ ٻئي جي سامھون ايندا آھن تڏھن وڍي اھي نقارا وڄائيندا آھن، ھي ھنن جو ھڪ ٻئي کي سلام جو نمونو آھي،  سلطان فخرالدين جو وري حڪم آھي تھ ھن درياءُ ۾ فقيرن کان ڪنھن بھ قسم جو محصول نھ ورتو وڃي ۽ جنھن وٽ کاڌي لاءِ ڪجھھ نھ ھجي ان کي کاڌو ڏنو وڃي ، جڏھن تھ بڪو فقير ڪنھن شھر ۾ لھندو آھي تھ بادشاھھ جي طرفان ان کي اڌ دينار ملندو آھي. اھڙي طرح سان پندرھن ڏينھن جي سفر کان پوءِ اچي سترگاؤن(1) ۾ پھتاسين، ھن ئي شھر جي ماڻھن شيدا کي پڪي سلطان حوالي ڪيو ھو.

خاتمو

        اڳتي ابن بطوطھ جاوا ۽ سوماترا مان ٿيندو، چين ٿو وڃي، جتان وري واپس سوماترا ۾ اچي، چاليھن ڏينھن سفر کان پوءِ وري ڪولم ٿو پھچي، جتان سن ٧٤٨ ھجري محرم جي مھيني ۾ ھربستان جي ظفار شھر ۾ ٿو پھچي، جتان مسقط، شيراز، يزد ۽ اصفھان وغيره کان ٿيندو، بصره ۽ ڪوقھ جو سير ڪندي، شوال سنھ ٧٤٨ ھجريءَ ۾ بغداد پھچي ٿو. اتان شام ڏانھن روانو ٿئي ٿو، جتان مصر، توينس، سارڊينھ ۽ اسپين مان ٿيندو، سن ٧٥٠ ھجري ۾ فاس ۾ پھچي ٿو جيڪو انھن ڏينھن موراڪو جي گاديءَ جو ھنڌ ھو، يعني اٽڪل پنجويھھ سال کن سفر ڪري پنھنجي وطن واپس وريو. پر ھن سفر جي شوقين لاءِ اڃا سوڊان جي ملڪ رھجي ويو ھو ،سو محرم سن ٧٥٤ ھجريءَ ۾ اتان ٿيندو، سن ٧٥٥ھجري جي آخر ۾ اچي پنھنجي وطن کان نڪتو، ان کان پوءِ ابن بطوطھ بابت ڪجھھ بھ معلوم ٿي نٿو سگھي، سواءِ ان جي جو ھن سن ٧٧٨ ھجريءَ ۾ وفات ڪئي..

(وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ديباچو ۽ ٻھ اکر – مترجم)


(1) ابن بطوطھ جيڪو رطل دھلويءَ جو بيان ٿو ڪري سو ٿيو ھڪ مڻ، پر ”تاريخ فرشتھ“ موجب موجودھ وقت ۾ اھو مڻ موجودھ وزن ۾ ساڍا ٻارھن سير آھي ۽ ”مسالڪ الابصار“ جو مصنف وري ان جا ساڍا چوڏھن سير ٿو لکي ۽ چاندي جو دينار وري اڄڪلھھ جي روپئي جي برابر ھوندو ھو، جنھن حساب سان مھانگائيءَ جي زماني ۾ اتي چانور ھڪ رپيھ جا ساڍا ست مڻ وڃي ٿيا ۽ سستائيءَ جي زماني ۾ ھڪ رپيھ جا وڃي پڪا پندرھن مڻ ٿيا، اھڙيءَ طرح سان ٻين شين جو بھ حساب ڪري سگھجي ٿو.

(2) سد گاون مان ابن بطوطھ جو مطلب ساتگام آھي ۽ نھ چٽگانگ ھي شھر ھوگلي جي ڀرسان بندرگاھھ ھوندو ھو. آئين اڪبري ۾ پڻ ھوگلي ۽  ساتگام جي وچ ۾ ھڪ ميل جو مفاصلو ڏنل آھي. – مترجم

(3) لکنوتي- ھڪ شھر ھن وقت بلڪل اجڙ ٿي ويو آھي، پر ڪنھن زماني ۾ بنگال جي ھندو راجائن جو تخت گاھھ ھوندو ھو. سنھ ١٢٠٤ع ۾ جڏھن مسلمانن ھي شھر فتح ڪيو، تڏھن کان ھن شھر کي ئي پنھنجو تخت گاھھ بنائيندا آيا ۽ ٽي سؤ سال کن ھن ئي شھر ۾ رھيا. ھي شھر اصل ۾ انھيءَ وقت برباد ٿيو، جنھن وقت شاھھ شجاع راج محل کي بنگال جو تخت گاھھ بنايو. ان کان پوءِ وري ھي شھر آباد ٿعي نھ سگھيو. مترجم.

(1) ھن نالي سان ھن وقت ڪو بھ شھر موجود ڪين آھي، ھيءُ فقط شايد خبنق (خ ب ن ق) ھوندو، جنھن جو مطلب ٿيندو ڪيمخيا(ڪ م خ ي ا) جتي ھن وقت تائين وڏو  ميلو لڳندو آھي، ۽ نھ فقط آسام مان پر ڀوٽان کان بھ ھتي ماڻھو اچي گڏ ٿيندا آھن.- مترجم

(1) ڪنھن زماني ۾ خاص طرح ھندن جي زماني ۾ ھيءُ شھر مشرقي بينگال جي گادي جو ھنڌ ھوندو ھو ۽ منجھس ڪپڙو تمام عمدو ٺھندو ھو، جنھن جي تعريف ”آئين اڪبري“  ۾ پڻ آيل آھي. ھن وقت ھتي جا انب ۽ پان مشھور آھن. – مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org