سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 23

 اھو قاضي وري ٻئي دفعي اچي مون کي چوڻ لڳو تھ جيڪڏھن تنھنجو مطلب ھن ٻيٽ مان ھليو وڃڻ جو ھجي تھ پنھنجو قرض ۽ عورتن جو مھر ادا ڪري ڀلي ھليو وڃ. مون چيو تھ چڱو پوءِ مان گھر ڏانھن ويس ۽ وڃي سڀ قرض ادا ڪيم. انھن ئي ڏينھن وزير مون ڏانھن گھر لاءِ ڪي گلم غاليچا، برتن ۽ ٻيو سامان موڪليو ھو، ٻيو  بھ جيڪي گھرندو ھوس، سو موڪلي ڏيندو ھو، ڇاڪاڻ تھ مون سان محبت رکندو ھو، پر ھينئر ھن جي دل صاف نھ ھئي. اصل ۾ ھو مون کان ڊڄڻ لڳو ھو، جڏھن ھن کي معلوم ٿيو تھ مون پنھنجو سڀ قرض بھ ادا ڪري ڇڏيو آھي، تڏھن وري سفر جي اجازت ڏيڻ ۾ دير ڪيائين. مون گھڻا ئي قسم کنيا تھ مان ھتي ھرگز ڪو نھ ترسندس، ۽ پنھنجو سڀ سامان کڻي ھڪ مسجد ۾ ھليو ويس. مون ھڪ زال کي طلاق ڏني، ٻي حاملھ ھئي، تنھن ڪري نون مھينن ۾ ميعاد مقرر ڪيم تھ جيڪڏھن انھيءَ عرصي ۾ مان نھ آيس تھ پوءِ ھوءَ آزاد آھي. سلطان شھاب الدين جي بيواه کي پاڻ سان کنيم تھ ھن کي ھن جي پيءُ وٽ، جيڪو ملوڪ جي ٻيٽ ۾ رھندو ھو، ڇڏيندو ويندس ۽ پنھنجيءَ پھرين زال کي، جنھن جي ڌيءَ ملڪھ جي ڀيڻ ھئي، پاڻ سان کنيم.

        وزير سپھھ سالار ۽ وزير امير البحر سان مون انجام ۽ اقرار ڪيا تھ مان معبر جي ملڪ ۾ وڃان ٿو، جتي جو بادشاھھ منھنجو سنڍو آھي ۽ مان ان جو لشڪر ھنن ٻيٽن ۾ آڻي ھڪ دفعو وري ھيءُ ٻيٽ سندس زير حڪومت آڻيندس ۽ پوءِ مان سندس نائب ٿي رھندس. اسان پنھنجي نشاني مقرر ڪئي تھ جنھن وقت اسان جھازن تي سفيد جھنڊا کڙا ڪريون ، تنھن وقت ھو وٺي ٻيٽ ۾ بغاوت مچائين، اھا ڳالھھ منھنجي دل ۾ ان وقت تائين ڪو نھ ھئي، جنھن وقت تائين اسان جي کلم کلا مخالفت نھ ٿي ھئي.

        وزير مون کان ڏاڍو ڊڄندو ھو ۽ چوندو رھندو ھو تھ ھي شخص منھنجي زندگيءَ ۾ يا موت کان پوءِ ضرور وزير ٿيندو. ھو گھڻو ڪري منھنجي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪندو رھندو ھو ۽ چوندو ھو تھ ”مون ٻڌو آھي تھ ھتي بغاوت ڪرڻ لاءِ ھندستان جي بادشاھھ ھن ڏانھن مال موڪليوآھي.“ ھو منھنجي ھتان ھليو وڃڻ کان بھ پئي ڊنو، تھ ڪٿي معبر مان لشڪر وٺي، ھن ٻيٽ کي فتح ڪرڻ لاءِ وري نھ واپس موٽي اچي.

        ھن مون ڏانھن نياپو موڪليو تھ جيستائين تنھنجي لاءِ جھاز جو انتظام ٿي وڃي، تيستائين ترسي پئو ۽ ھوڏانھن ملڪھ بھ شڪايت ڪئي، تھ منھنجي ماءُ کي ٻيٽ کان ٻاھر وڃڻ نھ گھرجي.،پر مون ترسڻ کان انڪار ڪيو، تنھن ڪري ھو ڪجھھ بھ ڪري نٿي سگھيا، پر ھنن چوائي موڪليو تھ ھن جا زيوارت بيت المال جو حق آھي، تنھن ڪري واپس ڪري ، ورنھ جيڪڏھن سندس شاھد ھجن تھ سلطان جلال الدين اھي زيور کيس بخشش ڪري ڇڏيا ھئا، تھ پوءِ ڀلي پاڻ سان کڻي وڃي. جيتوڻيڪ اھي زيور تمام بيش قيمت ھئا، تڏھن بھ ھن اھي واپس ڏيئي ڇڏيا. پوءِ مون وٽ وزير ۽ امير آيا. انوقت مان مسجد ۾ ھليو ويس.ھنن اچي مون کي درخواست ڪئي تھ مان واپس ھلان. تنھن تي مون چيو مان تھ ”مان قسم کڻي چڪو آھيان، تنھن ڪري لاچار آھيان.“ ھنن جواب ڏنو تھ ”اھو قسم تھ ھيئن بھ لھي سگھي ٿو تھ تون ھڪ دفعو ھتان ھليو وڃ ۽ پوءِ ڪنھن ٻئي ٻيٽ مان ٿي واپس ھليو اچ“ مون چيو تھ ”چڱو ڀلا ائين منظور آھي.“

        سفر واريءَ رات مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ھن وٽ ويس تھ ھو مون کي ڀاڪر پائي مليو ۽ روئڻ لڳو، ايتري قدر جو سندس ڳوڙھا منھنجي پيرن تي ڪرڻ لڳا. انھيءَ ڏينھن ھو سڄي رات پنھنجي سر ٻيٽ جي حفاظت ڪندو رھيو تھ ڪٿي منھنجا سھرا ۽ ساٿي مون سان ملي ڪري بغاوت نھ مچائين. پوءِ مان اتان ھلي وزير، عليءَ جي ٻيٽ ۾ پھتس، جتي پھچندي ئي منھنجي زال کي اچي سخت سور پيو، تنھن ڪري ھن واپس وڃڻ جي خواھش ڏيکاري، مون ھن کي طلاق ڏيئي، اتي ڇڏي ڏنو ۽ وزير کي ھن مضمون جو ھڪ خط  لکيم تھ مون انھيءَ زال کي بھ طلاق ڏني، جنھن لاءِ معياد مقرر ڪري آيو ھوس. مون پاڻ سان فقط اھا ٻانھي کنئي جنھن سان مون کي ڏاڍو پيار ھوندو ھو. ان کان پوءِ اقليم مان ٿيندا سفر ڪندا رھياسين.

 

ھڪ پستان واري عورت

ھنن ٻيٽن مان ھڪ ٻيٽ ۾ مون ھڪ پستان واري عورت ڏٺي، جنھن کي ٻھ ڌيئرون ھيون، انھن مان ھڪڙي ھڪ پستان واري ھئي ۽ ٻيءَ جا ٻھ پستان تھ ھئا پر ھڪ پستان ننڍو ھوس، مون کي ھيءُ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو. ھڪڙو ٻيٽ وري تمام ننڍو ڏٺوسين، جنھن ۾ فقط ھڪ گھر ھو، ان گھر جو مالڪ ڪم ڪار ڪندو ھو ۽ ھن کي زال ۽ ٻارڙا بھ ھئا. ھن اتي ناريل جا وڻ پوکيا ھئا ۽ ھڪ ننڍي ٻيڙي پڻ ھيس، جنھن تي چڙھي ھو مڇيون ڦاسائيندو ھو ۽ ڪيڏانھن وڃڻو ھوس تھ ان ۾ سفر ڪندو ھو.

        ھن ٻيٽ ۾ ڪيلي جا وڻ بھ ھئا ۽ اتي خشڪيءَ جي پکين مان، سواءِ ٻن ڪانگن جي ٻيو ڪو بھ پکي ڪو نھ ھو. اھي ٻئي ڪانگ اسان جي جھاز کي ڏسي ، ان جي ڀرسان اچي چوڌاري ڦرڻ لڳا. مان ان شخص جي پرامن زندگي بسر ڪرڻ تي رشڪ ڪرڻ لڳس ۽ دل ۾ چيم تھ جيڪڏھن ھيءُ ٻيٽ مون کي ملي وڃي تھ جيڪر مان ان ۾ گوشھ نشين ٿي ويھي رھان ۽ اتي ئي مري وڃان.

        پوءِ اسان”ملوڪ“ جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ناخدا ابراھيم جو جھاز بيٺو ھو، جنھن ۾ چڙھي مون معبر ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ناخدا سان گڏ منھنجا ساٿي پڻ ھئا، جن گڏجي منھنجي دعوت ڪئي. وزير ھن ٻيٽ ۾ اڳيئي لکي موڪليو ھو تھ جڏھن مان ھن ٻيٽ ۾ پھچان، تڏھن مون کي ھڪ سئو ويھھ بستو ڪوڏيون، ٽيھھ پيالا ماکي، پان، سوپاري ۽ مڇي ھر روز ڏني وڃي. مان ھن ٻيٽ تي ستر ڏينھن رھيس ۽ اتي ٻن عورتن سان نڪاح ڪيم، ھيءُ ٻيٽ ايتري قدر تھ سرسبز آھي، جو وڻ مان ٽاري پٽي کڻي زمين يا ڀت ۾ ھڻجي تھ ان ۾ بھ پن نڪري ايندا ۽ ھڪ وڻ ٿي ويندو.

        ھتي ڏاڙھون ٻارھن ئي مھينا ڦر ڏيندو آھي، ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڊپ ھو تھ ڪٿي نا خدا ابراھيم ھنن کي ڦري نھ وڃي، تنھن ڪري ھنن چيو تھ جھاز وارن جا سڀ ھٿيار ھنن وٽ رکيا وڃن ۽ ھو وڃڻ وقت واپس وٺي وڃن، ھن ڳالھھ تي جھڳڙو ٿي پيو ۽ پوءِ وري اسان مھل(مال) جي ٻيٽ ڏانھن واپس وياسون، پر ٻيٽ ۾ د اخل ڪو نھ ٿياسون. مون ھٿيارن جي باري ۾ وزير کي ھڪ خط لکي موڪليو. وزير جواب موڪليو تھ ھٿيار ضرور رکيا ويندا، تنھن ڪري اسان ”ملوڪ“ جي ٻيٽ ڏانھن واپس ھليا آياسون. جتان پندرھين ربيع الثاني سن ٧٤٥ ھجري جي روانا ٿياسين.

        انھيءَ سال شعبان جي مھيني ۾ وزير جمال الدين مري ويو. خدا ان تي رھمت ڪري. ملڪھ حاملھ ھئي، تنھن کي ھن جي مرڻ کانپوءِ ٻار ٿيو ۽ وزير  عبدالله ھن سان شادي ڪئي.

        جڏھن اسان اتان روانا ٿياسين، تڏھن اسان سان ڪو بھ سولھون ڪو نھ ھو، ھنن ٻيٽن کان معبر فقط ٽن ڏينھن جي مفاصلي تي آھي، پر اسان پورا نو ڏينھن سفر ڪندا س رھياسون ۽ نائين ڏينھن سيلان جي ٻيٽ ۾ وڃي نڪتاسين، سر انديپ جو جبل، جنھن جي چوٽي آسمان سان گسندي پئي نظر آئي، پري کان ائين ٿي ڏٺو ڄڻ تھ ڪو دونھين جو ٿنڀو ھو، جڏھن اسان اتي پھتاسون، تڏھن جھاز وارن چيو تھ ھيءُ بندرگاھھ انھيءَ راجا جو ڪونھي، جتي واپاري ماڻھو بنا خوف يا خطري جي وڃي ٿا سگھن، پر ھيءُ شھر ھڪ ڊاڪن جي سردار جو آھي، جنھنجا جھاز سمنڊ ۾ ڦريون ڪندا آھن.

اسان اتي لنگر ھڻن کان پئي ڊناسين، پر ھوا تيز ٿي ويئي ھئي، تنھنڪري ٻڏڻ جو خوف ھو. اتي مون نا خدا ابراھيم کي چيو تھ مون کي ڪناري تي لاھي ڇڏيو، مان ڪافر راجا وٽ وڃي، توھان جي لاءِ امن گھري اچان، ھنن مون کي ڪناري ي لاھي ڇڏيو. مون . ڏانھن ڪيترائي ڪافر آيا ۽ پڇڻ لڳا تھ ”تون ڪير آھين“  مون چيو مان تھ ”مان معبر جي بادشاھھ جو شريڪ آھيان ۽ راجا سان ملڻ آيو آھيان“ اھو بھ ٻڌايو مان تھ ”ھن جھاز ۾ راجا جي لاءِ تحفا ڀري آيو آھيان“ ھنن وڃي بادشاھھ کي اھا خبر ڪئي، جنھن مون کي گھرائي موڪليو ۽ مان بطالھ جي شھر ۾ ھن سان ملڻ لاءِ ويس ھيءُ شھر ھن راجا جو تخت گاھھ آھي ۽ ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جنھن جي چوڌاري ڪاٺ جي شھر پناھھ آھي، جنھن جا برج بھ ڪاٺ جا ئي ٺھيل آھن. سمنڊ جي ڪناري تي فرقھ (دار چيني)، جي ڪاٺين جا ڍير لڳا پيا آھن. ھي ڪاٺيون سمنڊ رستي لڙھي، ھت اچي پونديون آھن، جن کي معبر ۽ ملبار جا ماڻھو قميت ادا ڪرڻ کان سواءِ کڻي ويندا  آھن. پر ان جي عيوض راجا کي ڪپڙا وغيره نذراني طور ڏيندا رھندا آھن. معبر ۽ ھن ملڪ جي وچ ۾ فقط ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات جو رستو آھي. ھن ملڪ ۾ فقم(1) جو ڪاٺ بھ گھڻي انداز ۾ ٿيندو آھي. ازانسواءِ عود ھندي، جنھن کي ڪلخي چوندا آھن، پڻ جھجھو ٿيندو آھي، پر اھو قافلھ ۽ قمار جي عود کان گھٽ درجي جو ٿيندو آھي.

 

باب نائون

فصل پھريون

سيلان جو راجا

        ھن راجا جو نالو ”ايري چڪر ورتي“ آھي. ھن راجا جي سامونڊي طاقت تمام مضبوط آھي. ھن دفعي مان معبر ۾ ھوس، تھ ھن جا ھڪ سئو ننڍا ۽ وڏا جھاز اتي موجود ڏٺم. انھيءَ وقت معبر جي بادشاھھ جا اٺ جھاز پڻ يمن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ھئا، بادشاھھ حڪم ڏنو تھ مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃو. يڪدم ٻيا ماڻھو بھ پنھنجي پنھنجي ٻيڙين جي مدد لاءِ گڏ ٿي ويا. جڏھن راجا جي جھازن ڏٺو تھ کين وجھھ ملي نھ سگھيو، تڏھن چوڻ لڳا تھ ”اسان بھ يمن ڏانھن وڃي رھيا آھيون ۽ ھت انھيءَ لاءِ آيا ھئاسين تھ سلطان جي جھازن جي حمايت سان اوڏانھن وڃون.“

        مان جڏھن ھن راجا وٽ ويس تڏھن منھنجي تعظيم ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ مون کي پنھنجي ڀر ۾ ويھاريائين. پوءِ مون سان نرمائيءَ ۽ مھربانيءَ سان گفتگو ڪرڻ لڳو ۽ ائين بھ چيائين تھ ”تنھنجا ساٿي بنا ڪنھن ڊپ جي ڀلي جھاز تان لھن، ۽ جيستائين رھندا منھنجا مھمان ھوندا، ڇو تھ معبر جي بادشاھھ ۽ منھنجي گھاٽي دوستي آھي.“ مان ھن وٽ ٽي ڏينھن رھيس. ھو ھر روز منھنجي پھرئين ڏينھن کان وڌيڪ تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ لڳو، ھو پارسي زبان بھ سمجھي سگھندو ھو، مون جڏھن ھن کي سڀني ملڪن ۽ شھرن جون ڳالھيون ٻڌايون تڏھن ھو ڏاڍو  خوش ٿيو.

        ھڪ ڏينھن مان ھن وٽ ويس تھ ڏٺم تھ سندس اڳيان سٺن سٺن موتين جو ڍير لڳو پيو ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن جي علائقي ۾ ٽوٻا سمنڊ مان موتي ڪڍندا آھن. اتي پرکڻ وارا بھ ويٺا ھئا، جيڪي سٺا موتي جدا ڪندا ٿي ويا، ھن چيو تھ ”تو بھ ڪٿي موتي نڪرندي ڏٺا آھن؟“ مون جواب ڏنو تھ ھائو، قيس ۽ ڪش جي ٻيٽن ۾ ، جتي حاڪم ابن السواملي آھي. ھن چيو تھ” برابر مون بھ ائين ٻڌو آھي“ پوءِ ڪي داڻا کڻي چيائين تھ ”ڇا! ھنن جيڏا وڏا وڏا موتي بھ اتي لڀندا آھن؟“ مون جواب ڏنو تھ”نھ، اھي ننڍا ننڍا آھن“ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ ”ھي داڻا مان توکي ٿو ڏيان“ تنھن کان پوءِ مون کي چيائين تھ ”تون ڪنھن بھ قسم جو حجاب نھ ڪر ۽ جيڪي ڪجھھ بھ توکي گھرجي سو ھڪدم مون کان گھري وٺ.“ مون جواب ڏنو تھ”منھنجو ھتي اچڻ جو مطلب ھو تھ قدم شريف جي زيارت ڪريان“ سيلان ۾ آدم کي باوا ۽ حوا کي ماما چوندا آھن. راجا چيو تھ ”اھا ڪا مشڪل ڳالھھ ڪا نھ آھي ۽ مان توکي ماڻھو ڏيندس، جيڪي توکي اتي پھچائيندا. مون چيو مانس تھ ”جنھن جھاز ۾ مان آيو آھيان، تنھن کي معبر ڏانھن وڃڻو آھي ۽ متان مون کي دير ٿي وڃي، تنھن ڪري تون مون کي پنھنجي جھازن ۾ اتي پھچائي ڇڏجانءِ“ تنھن تي چيائين تھ ”چڱو.“

        مون جڏھن جھاز جي مالڪ سان اھا ڳالھھ ڪئي، تڏھن ھن چيو تھ ”مان تو کان سواءِ ڪو نھ ويندس ۽ تون جيڪڏھين ھڪ سال جي عرصي ۾ بھ واپس ايندي، تھ بھ مان ترسيو پيو ھوندس.“ مون اھو راجا کي ٻڌايو تھ ھن جواب ڏنو تھ”جيستائين تون موٽي اچين، تيستائين سڀ جھاز وارا منھنجا مھمان ٿي رھندا.“ پوءِ راجا مون کي ھڪ ڏولي ۽ ڪي غلام ڏنا، جيڪي مون کي کڻي اٿي ھليا، ازانسواءِ چار جوڳي، جيڪي ھن سال قدم شريف جي زيارت لاءِ وڃي رھيا ھئا، ٽي برھمڻ، ڏھھ پنھنجا ڪم ڪار وارا ماڻھو ۽ منھنجي رستي جو راشن کڻي ھلڻ وارا پندرھن ماڻھو پڻ مون سان گڏ موڪليائين.

        ھن رستي تي پاڻي تمام گھڻو ملي سگھندو آھي. پھرئين ڏينھن اسان ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جتان بيد جي ڪاٺين مان ٺھيل ٻيڙيءَ جي وسيلي پار اڪرياسين. اتان ھلي اسان اچي ”منار منڊلي“ ۾ پھتاسين. ھي ھڪ چڱو سھڻو شھر آھي ۽ ھن راجا جي عملداري جي حد تي ٻڌل آھي. اتي راجا جي عملدارن اسان جي ڏاڍي سٺي دعوت ڪئي. دعوت ۾ ھو جھنگلي ڳئن جا گابا، جن کي ھو اتي جي جھنگلن مان شڪار ڪري زنده پڪڙي ايندا آھن، ۽ چانور ، گيھھ، مڇي، مرغيون ۽ کير موجود ڪري ڏيندا آھن.

        ھن شھر ۾ سواءِ ھڪ خراسانيءَ جي ٻيو ڪو بھ مسلمان ڪو نھ ھو، جيڪو بيمار ٿي ، رستي ۾ ئي ترسي پيو ھو. اھو پڻ اسان سان گڏجي اٿي ھليو. پوءِ اسان سلاوات جي بندر ۾ پھتاسين. جيڪو ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جتان ھلي ھڪ جھنگل ۾ پھتاسين. اتي پاڻي تمام گھڻو ھو ۽ ھاٿي بھ رھندا ھئا. ھي ھاٿي پرديسين ۽ زيارت لاءِ ويندڙن کي ڪا بھ تڪليف نٿا رسائين. اھا سڀ شيخ عبدالله بن خفيف جي برڪت آھي، ھن ئي شخص شروع شروع ۾ اھو دستور ڳولي ڪڍيو ھو، نھ تھ اتي جا ڪافر مسلمانن کي ان رستي سان وڃڻ کان روڪيندا ھئا ۽ انھن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا ھئا.

        اھي ڪافر نھ مسلمانن سان گڏ کائيندا ھئا، ۽ نھ وري انھن کي ڪا شيءَ وڪڻندا ھئا. پوءِ جڏھن انھيءَ شيخ جا ساٿي ھڪ ھاٿيءَ جي ٻچي کي ماري کائڻ لڳا، ڏھن شيخ ان مان ڪجھھ بھ نھ کاڌو. نتيجي ۾ رات جو ھاٿي انھن سڀني کي ماري ويا، پر شيخ کي ڪجھھ بھ تڪليف نھ پھچايائون، اٽلندو ھڪ ھاٿي ھن کي پنھنجي پٺي تي چاڙھي، وڃي ھڪ آباديءَ ۾ ڇڏي آيو، ان وقت کان وٺي ڪافر مسلمان جي تعظيم ڪرڻ لڳا ۽ ھنن کي پنھنجي گھر ۾ ترسائڻ ۽ ھنن سان گڏ کائڻ لڳا، نھ رڳو ايترو پر ھنن کي پنھنجي اھل و عيال ۽ ٻارن ٻچن ۾ بھ اطمينان سان ڇڏي ڏيندا آھن ۽ پٺ جو ڪو بھ فڪر ڪو نھ ٿيندو اٿن. ھو اڃا تائين بھ شيخ عبدالله خفيف جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا آھن ۽ ھن کي شيخ ڪبير ڪري سڏيندا آھن.

        ان کان پوءِ اسان ڪنڪار جي شھر ۾ پھتاسين، ھي شھر ھن ملڪ (سيلان) ۾ سڀ کان وڏي راجا جو دارالخلافھ آھي ۽ ٻن جبلن جي وچ تي ھڪ خندق ۾، درياءَ جي ڪناري تي ٻڌل آھي. ان درياءَ جو نالو درياءُ ياقوت آھي، ڇاڪاڻ تھ ان مان ياقوت لڀندا آھن. شھر جي ٻاھران شيخ عثمان شيرازي (جيڪو شاوش جي نالي سان مشھور آھي) جي مسجد آھي. ھن شھر جو راجا ۽ ان جا باشندا ھن جي قبر تي زيارت لاءِ ايندا آھن ۽ ھن جي تعظيم ڪندا آھن ھو قدم ڏانھن وڃڻ وارن جو رھبر ھوندو آھي. آخر جڏھن سندس ھٿ ۽ پير ڪپيا ويا، تڏھن سندس پٽ، پوٽا ۽ غلام بھ اھوئي ڪم ڪندا رھيا، ھن جا ھٿ ۽ پير انھيءَ ڪري ڪپيا ويا ھئا، جو ھن ھڪ ڳئون ذبح ڪئي ھئي، جنھن لاءِ ھندن جو قاعدو ٺھرايل ھو تھ يا تھ ان شخص کي بھ ذبح ڪري ڇڏيندا ھئا يا ان ڳئون جي کل ۾ وجھي، کيس زنده جلائي ڇڏيندا ھئا، پر شيخ عثمان سان رعايت سڀني کي منظور ھئي، تنھن ڪري ھن جو فقط ھڪ ھٿ ۽ ھير ڦير وڍي سندس گذاري لاءِ ڪن زمينن جي ڍل معاف ڪري ڇڏيائون.

اتي جو بادشاھھ

        ھن شھر جي راجا کي ”ڪنار“(ڪنور) ڪري چوندا آھن. ھن وٽ ھڪ اڇي رنگ جو ھاٿي آھي، جنھن جھڙو اڇو ھاٿي، ان کان سواءِ، دنيا ۾ مون ڪو نھ ڏٺو، ھيءُ راجا ھر ڪنھن وڏي ڏينھن ان تي سوار ٿيندو آھي ۽ ان جي مٿي تي وڏن وڏن ياقوتن جو ھار پھرائيندو آھي. اتفاق سان ھن راجا جا عملدار ھن کان باغي ٿي بيھي رھيا، تنھن ڪري ھن جون اکيون ڪڍي، ھن جي پٽ کي کڻي پنھنجو راجا بنايائون ۽ ھاڻي اھو راجا انڌو آھي.

يا قوت

اھو ياقوت جنھن کي ”بھرمان“ ڪري چوندا آھن، ھن شھر ۾ لڀندو آھي. ڪي يا قوت پاڻيءَ مان نڪرندا آھن تھ ڪي وري کوٽي ڪڍندا آھن، سيلان جي ٻيٽ ۾ گھڻو ڪري ھر ھنڌ ياقوت لڀندو آھي. جيڪي ماڻھو ياقوت ڪڍندا آھن، سي ھڪ زمين جو ٽڪر خريد ڪري، ان ۾ ياقتو ڳوليندا آھن ۽ جتي بھ اڇو شاندار پٿر ملندو اٿن سو گڏ ڪندا ويندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ان جي اندران ياقوت نڪرندو آھي. پوءِ ھو اھو پٿر سنگتراشن وٽ کڻي ويندا آھن، جو ان کي تراشي اندران ياقوت ڪڍي وٺندو آھي.

ڪي ياقوت ڳاڙھا، ڪي پيلا ۽ ڪي وري نيري رنگ جا ٿيندا آھن، نيري رنگ واري ياقوت کي ”نيلم“ چوندا آھن. ھتي دستور آھي تھ جيڪو ياقوت، ھڪ سئو ”فنم“ جي قيمت کان وڌيڪ ٿيندو آھي تھ راجا ان جي قيمت ادا ڪري، اھو خريد ڪندو آھي، پر جيڪڏھن ان قيمت کان گھٽ وارو ٿيو تھ اھو ياقوت جو مالڪ پاڻ وٽ رکندو آھي، ھڪ سو فنم ڇھن سونن دينارن جي برابر ٿيندا آھن.

ميلان جون عرتون رنگ رنگ جي ياقوتن جا ھار پھرينديون آھن ۽ پيرن ۾ بھ ان جا ڪنگڻ ۽ پازيب پائينديون آھن. راجا جون ٻانھيون وري ياقتن جي ڄاري ٺاھي مٿي تي رکنديون آھن، اڇي ھاٿيءَ جي مٿي تي جيڪي يا قوت پھريل آھن تن مان ست ياقوت تھ مرغيءَ جي بيضن کان بھ وڏا آھن. مان راجا پري چڪروتيءَ وٽ ھڪ ياقوت جي پيالي ڏٺي ھئي، جيڪا ھٿ جي تريءَ جيتري ھئي ۽ ان ۾ عود جو تيل رکيل ھو. مان ان تي عجب کائڻ لڳس تھ ھن (راجا) چيو تھ اسان وٽ انھيءَ کان بھ وڏا ياقوت آھن.

پوءِ اسان ڪنڪار کان ھلي اچي ھڪ غار وٽ پھتاسين، جنھن کي استاد محمود لوريءَ جو غار ڪري سڏيندا آھن. ھو ھڪ ولي شخص ھوندو ھو، جنھن ھيءُ غار جبل تي ھڪ ننڍڙي چشمي جي ڀرسان ٺاھيو ھو. اتان ھلي اسان اچي ھڪ درياءَ تي پھتاسين، جنھن کي ”خوربوزنه“ يعني باندرن جو درياءُ ڪري سڏيندا آھن.

باندر

 ھن جبل تي باندر  تمام گھڻي انداز ۾ آھن. ھنن جو رنگ سياھيءَ ڏي مائل آھي ۽ پڇ ڊگھا اٿن. نر باندر کي ڏاڙھي بھ ٿيندي آھي. شيخ عثمان ، سندس پٽ ۽ ٻين ڪيترن ماڻھن کان ٻڌم تھ ھڪ باندر انھن جو سردار ٿيندو آھي. جنھن کي ھو پنھنجو بادشاھھ ڪري مڃيندا آھن. ان سردار جي مٿي تي وڻن جي پنن سان ٺھيل ھڪ ٽوپي پھريل ھوندي آھي. ھو ھٿ ۾ لٺ کڻي ھلندو آھي ۽ سندس ساڄي پاسي ۽ کاٻي ٻھ ٻھ باندر ھلندا آھن، جن جي ھٿن ۾ پڻ لٺيون ھونديون آھن، جڏھن باندر سردار ويھندو آھي، تڏھن اھي چار ئي اندر سندس پٺيان بيھي ويندا آھن. پوءِ ھن جي باندري ۽ ٻچا اچي سندس سامھون ويھي رھندا آھن، ٻيا باندر وري اچي ٿوري مفاصلي تي ويھي رھندا آھن، ان کانپوءِ چئن باندرن (باڊي گارڊن) مان ھڪ ڪجھھ چوندو آھي، جو ٻڌي سڀ باندر ڪنھن پاسي ھليا ويندا آھن ۽ ھر ھڪ باندر پاڻ سان ليمون، ڪيلو يا ڪا ٻي شيءِ کڻي موٽندو آھي. اھي شيون باندر سردار، ان جي باندري ۽ ٻچا ۽ چار باندر کائيندا آھن.

ھڪ جوڳيءَ مون سان ڳالھھ ڪئي تھ ھڪ دفعي مون انھن باندرن کي ڏٺو تھ ھو ھڪ ٻئي باندر کي لٺين سان ماري رھيا ھئا ۽ ان مار بعد سندس وار پٽي رھيا ھئا.

        ھڪ معتبر ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو تھ جيڪڏھن انھن باندرن مان ڪنھن کي جيڪڏھن ڪا ڇوڪري ملي وڃي ۽ ھوءَ پنھنجو بچاءُ ڪري نھ سگھي تھ اھو باندر ساڻس جماع ڪندو آھي. ھن ٻيٽ جي ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ٻڌايو تھ سندس گھر ۾ ھڪ باندر ھوندو ھو. ھڪ دفعي سندس ڇوڪري ڪنھن ڪم سان ھڪ ڪوٺيءَ ۾ ويئي تھ باندر بھ اندر گھڙي ويو، ڇوڪريءَ گھڻيون ئي دانھون ڪيون ۽ مدد لاءِ پڪاريائين، پر باندر اصل نھ ڇڏيس. آخر جڏھن ھو اندر ويا تھ ڏٺائون تھ ويچاري ڇوڪري ھن جي ٻنھي ٽنگن جي وچ ۾ پيئي ھئي.

ان کان پوءِ اسان ھيزران درياءَ تي پھتاسين، ھيءُ اھو درياءُ آھي، جنھن مان شيخ عبدالله خفيف کي ٻھ ياقوت مليا ھئا، جيڪي ھن ٻيٽ جي راجا جي حوالي ڪيا ھئا، اھو سمورو بيان مان پھرئين سفر واري جلد ۾ ڪري آيو آھيان. پوءِ اسان ھڪ ھنڌ پھتاسين ، جنھن کي پوڙھيءَ جو گھر ڪري ٿي سڏيائون ۽ اھو آبادي جو آخري ھنڌ ھو، جتان ھلي اسان بابا طاھر جيڪو ولي الله ھو، جي غار وٽ پھتاسين، ان کان پوءِ اسان ”سبيڪ“  جي غار ڏانھن روانا ٿياسين. سبيڪ ھڪ ھندو راجا ھوندو ھو، جو دنيا ترڪ ڪري، عبادت جي لاءِ ھتي اچي رھيو ھو.

اڏامندڙ ڄؤر

ھن ھنڌ اسان اڏامندڙ ڄؤر ڏٺي، جنھن کي ”زلو“ ڪري ٿي سڏيائون. اھا ڄؤر پاڻيءَ جي ڀرسان، ڪنھن وڻ تي يا اتي جيڪو گاھھ ٿيندو آھي، ان تي ويٺي ھوندي آھي. جڏھن ڪو  انسان ان جي ڀرسان لنگھندو آھي، تڏھن يڪدم ٽپو ڏيئي ان کي چنبڙي ويندي آھي ۽ جنھن جاءِ تي چھٽندي آھي، تنھن جاءِ تان ڪيترو ئي رت پي ويندي آھي. اتي ماڻھو پاڻ سان ليمون تيار رکندا آھن ۽ يڪدم ان جي مٿان ليمي جي رس نچوڙي وجھندا آھن تھ اھا ھيٺ ڪري پوندي آھي ۽ ڪاٺ جي ڇڙي جيڪا تيار ھوندي اٿن، تنھن سان ان جاءِ کي يڪدم صاف ڪري ڇڏيندا آھن.

ڳالھھ ٿا ڪن تھ ھڪ زاھد شخص جيئن ئي انھيءَ ھنڌان پئي لنگھيو ، تيئن ھن کي ھڪ ڄؤر چنبڙي ويئي ۽ ان جي سڄي چمڙي لاھي ڇڏيائين، ھن ويچاري وٽ ليمون ڪو نھ ھو، تنھن ڪري اھا ڄؤر ھن جو سمورو رت پي ويئي ۽ اھو ويچارو مري ويو. ھن شخص جو نالو ”بابا خوزي“ ھو، جنھن جي نالي سان ھتي ھڪ غار مشھور آھي، ان کانپوءِ ”مبع غارات“ ڏانھن وياسين. جتان ”عقبھ اسڪندر“ ۽ ”غار اصفھاني“ کان ٿيندا، ھڪ چشمي ڏانھن وياسين. اتي ھڪ غير آباد قلعو آھي جنھن جي ھيٺان ھڪ درياءُ  ٿو وھي، جنھن کي ”غوط گاھ عرفان“ ڪري چوندا آھن. انھيءَ ھنڌ نارنج نالي ھڪ غار آھي ۽ اتي ئي ھڪ ٻيو غار پڻ آھي، جنھن کي راجا جو غار ڪري چوندا آھن، ان جي ڀرسان جبل سرانديپ جو دروازو آھي. 

 فصل ٻيو

سرانديپ جو جبل

ھيءُ جبل دنيا جي بلند ترين جبلن مان ھڪ آھي. اسان سمنڊ مان ان کي ڏٺو ھو، حالانڪ اھو ڪناري کان نون منزلن جي مفاصلي تي ھو. جڏھن اسان جبل تي مٿي چڙھياسين، تڏھن ڪڪر اسان کي ھيٺ پئي نظر آيا ۽ جبل جي پاڙ ۽ اسان جي وچ ۾ پئي ھليا، ھن جبل ۾ ڪيترائي اھڙا وڻ موجود آھن، جن جا پن، جيڪي رنگ برنگي ٿيندا آھن، ڪڏھين بھ ڪو نھ ڇڻندا آھن.ا تي سرخ گلاب جا گل ھٿ جي تريءَ جيترا آھن، جن لاءِ ماڻھن جو خيال آھي تھ انھن تي قدرت جي قلم سان محمد جو نالو لکيل آھي.

        ھن جبل تان قدم شريف تائين وڃڻ لاءِ ٻھ رستا آھن، جن مان ھڪ کي ”بابا جو رستو“ ۽ ٻئي کي ”ماما جو رستو“ ڪري سڏيندا آھن، يعني آدم ۽ حوا جا رستا. ماما جو رستو آسان آھي جتان بارتي موٽندا آھن . جيڪڏھين ڪو شخص ان رستي کان ويندو آھي تھ سمجھيو ويندو آھي تھ ڄڻ ھن زيارت ئي ڪو نھ ڪئي. پر بابا جو رستو ڏاڍو اڻانگو آھي ۽ پيچيده آھي، جنھن تي چڙھڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آھي. جبل جي ھيٺان جتي ان جو دروازو آھي، اتي ھڪ غار آھي، جنھن کي سڪندر جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو آھي، ۽ اتي ھڪ پاڻيءَ جو چشمو بھ آھي.

اڳئين زماني جي ماڻھن ھن جبل ۾ ڏاڪڻيون پڻ کوٽائي، ٺھرائي ڇڏيون آھن. انھن جي وسيلي مٿي چڙھي سگھبو آھي. انھن ڏاڪڻين ۾ وري لوھي ڪلا کوڙي، انھن سان زنجيرون ٻڌي ڇڏيون اٿن. جيئن چڙھڻ وارو انھن کي جھليندو مٿي وڃي سگھي. ھي ڪل ڏھھ زنيجرون آھن، جن مان ٻھ جبل جي ھيٺان دروازي وٽ موجود آھن،  باقي ست انھن کان پوءِ واري واري سان اڳتي اينديون آھن. ڏھينءَ زنجير کي شھادت چوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ انسان اتي پھچي ، کڻي جو ھيٺ نھاريندو آھي تھ ان جا حواس باختھ ٿي ويندا آھن ۽ ھيٺ ڪرڻ جي خوف کان ڪلمون شھادت پڙھڻ شروع ڪندو آھي.

        جڏھن ھيءَ زنجير پوري ٿيندي آھي تڏھن اڳتي رستو ملندو آھي. ڏھين زنجير کان وٺي غار خضر تائين ستن ميلن جو مفاصلو آھي، اھو غار ھڪ ڪشادي ميدان تي آھي، جنھن جي ڀرسان ھڪ چشمو پڻ آھي، اھو چشمو بھ حضرت خضر جي نالي سان سڏبو آھي. جنھن ۾ مڇيون تمام گھڻي انداز ۾ موجود آھن، پر ڪو بھ شخص انھن مڇين کي پڪڙي نٿو سگھي. ان جي ڀرسان جيڪو رستو آھي تنھن جي ٻنھي پاسي جبل  ۾ ٻھ حوض کوٽائي ڪرائي، ٺھرايا ويا آھن. سڀ زيارتي غار خضر ۾ جيڪي ڪجھھ بھ ھنن وٽ ھوندو اھي سو ڇڏي ويندا آھن. ۽ پوءِ ٻھ ميل مٿي، جتي قدم شريف آھي،  چڙھندا آھن.


(1) ھن ڪاٺ مان ڳاڙھو رنگ نڪرندو آھي – ”لغات ڪشوري“ صفحو ٧١ – مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org