سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 21

فصل ٽيون

ھتي جا وڻ

ھنن ٻيٽن ۾ ناريل جا وڻ گھڻي انداز ۾ ٿيندا آھن. تنھن ڪري ھتي ناريل جام ٿيندو آھي، جنھن کي ھتي جا ماڻھو مڇيءَ  سان کائيندا آھن. ناريل جو وڻ بھ عجيب ٿيندو آھي.  مال ۾ ٻارھن دفعا ڦر جھليندو آھي. يعني ھر مھيني سندس ڦر تيار ٿيندو رھندو آھي. ناريل مان وري کير، تيل ۽ ماکي ٺاھي ويندي آھي. جنھن جو بيان پھرئين حصي ۾ تفصيل سان ڪري آيو آھيان. ناريل جي ماکيءَ مان حلوو ٺاھي، ناريل جي گوري سان گڏ کاڌو ويندو آھي. ناريل جي مٿين سڀني شين ۽ انھيءَ مڇيءَ ۾ جنھن جو بيان مان مٿي ڪري آيو آھيان، عجيب قوت باھھ ٿيندي آھي ۽ ھن ٻيٽ جا ماڻھو بھ ھن ڪم ۾ عجائبات ظاھر ڪندا آھن. خود منھنجي نڪاح ۾ اتي چار زالون ھيون ۽ ٻانھيون تنھن کان سواءِ ھيم، جن سان رات ڏينھن ھم بستري ٿيندو رھندو ھئس ۽ ڏيڍ سال تائين اتي رھندي، مون اھو دستور جاري رکيو.

        ھنن ٻيٽن ۾ ناسپاتيون، نارنگيون، ليمان ۽ قلقاس(سائي ڀاڄيءَ جو قسم) بھ ٿيندا آھن. قلقاس جي پاڙن کي ڪڍي، ان جو اٽو پيھي، ان مان اطريھ (سيون) ٺاھي ، ناريل جي کير ۾ رڌيندا آھن، جيڪو ڏاڍو مزيدار کاڌو ٿيندو آھي. مون کي بھ ھي کاڌو ڏاڍو وڻندو ھو ۽ اھو گھڻو ڪري کائيندو ھوس.

 

ھنن ٻيٽن جا باشندا ۽ انھن جي رھائش

ھن ٻيٽ جا ماڻھو نيڪو ڪار ، ديندار، پرھيزگار ۽ ايماندار ٿيندا آھن. ھو حلال جي روزي کائيندا آھن، تنھن ڪري ھنن جي دعا ھميشھ قبول پوندي آھي. جيڪڏھن ڪو بھ ماڻھو ھنن ڏانھن ڏسندو آھي تھ چوندا آھن، ”الله منھنجو رب آھي، محمد صھ منھنجو نبي آھي، ۽ مان ھڪ غريب جاھل آھيان.، ھو بدن ۾ ضعيف ۽ ھيٺان ٿيندا آھن. لڙائي جھڳڙي مان ھو ڪين ڄاڻن، ۽ سندن ھٿيار فقط سندن دعا آھي. ھڪ دفعي مون ھڪ چور جي ھٿ ڪپڻ جو حڪم ڏنو تھ اتي ويٺلن مان ڪيترائي بيھوش ٿي ويا ھئا.

ھندستان جا چور ۽ ڊاڪو ، ھنن کي ڪو نقصان ڪو نھ پھچائيندا آھن. ڇو تھ ھنن کي تجربو ٿي ويو آھي تھ جيڪو بھ ھنن جو مال ٿو چورائي يا زبردستيءَ ٿو ڦري، تھ يڪدم ان تي مصيبت ٿي نازل ٿئي. جڏھن ھندن جا جھاز ھن طرف ايندا آھن، تڏھن ھنن کان سواءِ ٻيو جيڪو بھ ماڻھو ملندو اٿن، تنھن کي يڪدم پڪڙي ويندا آھن، باقي ھن ٻيٽ جي باشندن کي ڪجھھ بھ ڪين چوندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھندو انھن جو رڳو ھڪ ليمون بھ چورائيندو آھي، تھ سندن سردار عذاب الاھيءَ جي خوف کان ھن کي سخت سزا ڏيندو آھي. جيڪڏھن ھنن کي اھو خوف نھ ھجي ھا تھ پوءِ ھنن ويچارن جو خدا حافظ ھجي ھا، ڇو تھ ھي ماڻھو بدن جا ضعيف ٿي ڪري، اصل سندن مقابل ڪري ڪين سگھن ھا.

        ھر ھڪ ٻيٽ ۾ مسجدون آھن، جيڪي گھڻو ڪري ڪاٺ جون ٺھيل آھن. ھي ماڻھو ھميشھ پاڪ ۽ صاف رھندا آھن. ۽ ھر روز ٻھ دفعا غسل ڪندا آھن، ڇو تھ اتي گرمي تمام گھڻي ٿيندي آھي، تنھن ڪري پگھر گھڻو نڪرندو آھي. ھو خوشبوءِ ۽ عطرن جو استعمال تمام گھڻو ڪندا آھن. مقدشو(1) مان جيڪو غاليھ(2) ايندو آھي، سو لڳائيندا آھن. ھنن ۾ رواج آھي تھ صبح جو نماز کان پوءِ ھر ھڪ عورت پنھنجي مڙس يا پٽ وٽ سرمي داني، گلاب ۽ غاليو کڻي ايندي آھي ۽ ھن جي اکين ۾ سرمون پائي، گلاب ۽ غاليي سان ھن جو بدن ۽ منھن مھٽيندي آھي، جنھن ڪري ھن جي بگڙيل چھري تي رونق ۽ بدن ۾ سينگار اچي ويندو آھي.

        ھو فقط ھڪ چادر، سلوار جي بجاءِ ، چيلھھ تي ٻڌندا آھن ۽ پٺيءَ تي ھڪڙو ڪپڙو رکندا آھن، جيڪو احرام جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي. انھن مان ڪي مٿي تي عماسو(پٽڪو) رکندا آھن ۽ ڪي انھيءَ جي بدران رڳو رومال ٻڌي ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن انھن مان ڪو ماڻھو، خطيب يا قاضيءَ سان رستي ۾ ملندو آھي، تھ ڪلھن تان ڪپڙو لاھي، پٺي اگھاڙي ڪري، ھن کي گھر تائين پھچائي ايندو آھي.

        ھنن جو اھو بھ دستور آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن جو نڪاح ٿيندو آھي ۽ پنھنجي زال جي گھر ويندو آھي، تڏھن سندس زال جي گھر جي ٻاھرئين دروازي کان اندرئين دروازي تائين ڪپڙو وڇايو ويندو آھي ۽ ھن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. سندس زال وري اندرئين دروازي وٽ سندس انتظار ڪندي آھي. پوءِ جڏھن اھو گھوٽ ھن وٽ پھچندو آھي، تڏھن ھو سندس پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي، جيڪو گھوٽ يا خادم کڻي  وٺندا آھن. وري جڏھن ڪا زال پنھنجي گھوٽ جي گھر ۾ ايندي آھي تھ بھ اھڙيءَ طرح فرش وڇائي، ڪوڏين جون ڍيريون ٺاھيون وينديون آھن. ان وقت بھ زال پنھنجي مڙس جي پيرن تي ڪپڙو رکندي آھي.

        ھنن جا گھر  ڪاٺ جا ٺھيل ھوندا آھن،۽ سندن گھرن جا فرش زمين  جي سطح کان ڪجھھ اوچا رکيل  ھوندا آھن . ڇاڪاڻ تھ اتي جي زمين  ھميشھ سرطوب رھندي  آھي ، تنھنڪري سيمي وغيره کان بچڻ لا۽ ٽي گز  ڊگھا  پٿر تراشي، انھن جي قطار ٺاھي، انھن  جي  پٺيان ناريل جو ڪاٺ وڇائيندا آھن، جنھن  تي وري ڪاٺ  جون  ڀتيون کڙيون ڪري  بيھاريندا آھن. ھو پنھنجي  گھرن ٺاھڻ وقت ڪمال درجي جي صنعت  ڪندا آھن. ھو ڏيڍيءَ  تي ھڪ ڪوٺو ٺاھيندا آھن، جنھن کي ”مالم“  چوندا آھن. ان جو ھڪ دروازو ڏيڍيءَ  طرف ھوندو  آھي، تھ ٻيو  گھر جي  طرف . ھوندو آھي. ان ڏول کي ”ولنج “ ڪري  چوندا آھن ، جنھن سان  کوھ مان پاڻي  پڻ ڀريندا اھن – ڇو تھ ھتي کوھ گھڻا اونھا ڪونھ ٿينداآھن .

        ھتان جا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرن گھمندا آھن. ھو وڏ گھراڻا ھجن  يا ڪم  ذات، پر پنھنجاگھر ۽ گٽيون بلڪل صاف رکندا آھن، جن ۾ ٻھاري  ڏنل ۽ ٻنھي طرفن کان  وڻ رکيل ھوندا آھن، جو ڇانو  ۾ ھلڻ وارو ائين سمجھندو  آھي  تھ ڄڻڪ  ڪو باغ مان پيو  وڃي. انھيءَ صفائيءَ کان پو۽ بھ گھر  ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ ھر شخص انھيءَ رکيل مٽ  مان پاڻي  ڪڍي، پنھنجا پير ڌوئي، ناريل جي وارن مان ٺھيل ٿھليءَ ٻھاري سان ،   جيڪو اتي پيو ھوندو آھي ، پنھنجي پيرن کي  چڱيءَ طرح  سان رڳڙيندو آھي .  مسجد ۾ داخل ٿيڻ  کان اڳ  ۾ ائين ڪندا آھن.

        ھن ملڪ ۾ اھو بھ دستور  آھي  تھ جڏھن ڪو جھازھتي ايندو آھي تڏھن ھتي جا ماڻھو نڍين ٻيرين، جن کي  ڪندر. ڪري چوندا آھن ، ويھي جھاز وارن جو استقبال ڪندا آھن. پو۽ پان ۽ ناريل جا گورا بھ ساڻ کڻي ويندا آھن ۽ جنھن شخص کي وڻين ، تنھن کي ڏيندا آھن . پو۽ اھو شخص ان جو مھمان سمجھيو ويندو آھي . پو۽ ھنجو سامان پنھنجي گھر  کڻي ويندا آھن،ڄڻ تھ ھو ڪو سندن ويجھو عزيز آھي . جيڪڏھن اھو مسافر نڪاح ڪرڻ گھرندو آھي تھ سندس نڪاح بھ ڪري ڇڏيندا آھن ۽ جڏھن ھو  واپس ويندو آھي تھ ان زال کي طلاق ڏيئي ويندو آھي، ڇو  تھ ھن ٻيٽ جون زالون پنھنجي  ملڪ کان  ٻاھر  ڪونھ وڃن. پر جيڪڏھن ڪو نڪاح ڪرڻ نھ ڇاھيندو آھي تھ سندس ميزبان جي زال ان مسافر لاءِ ماني ڪندي آھي ۽سندس خدمت بھ اھا ئي زال ڪندي آھي . جڏھن  ھو سفر  تي ويندو آھي تھ اھا عورت رستي لا۽ ماني بھ  ٻڌي ڏيندي  اٿس ۽ ڏاڍي خوش ٿيندي آھي. جيڪڏھن ڪو ڪجھھ  بھ نھ ڏيئي تھ ان مان جيڪو فائدو  خزاني کي ٿئي ، تنھن کي ئي  ڪافي  سمجھندا آھن.

خزاني  کي ”بندر “ چوندا آھن ، جھاز جي مال  جو ڪجھھ حصو ھڪ مقرر رقم  جي عيوض خوا اھو مال جو حصو ان قيمت جو ھجي يا ان کان وڌيڪ ، بندر جي لا۽ خريد  ڪيو ويندو آھي ۽ ان کي،شروع بندر ، ڪري چوندا آھن . سڀ ڪنھن  ٻيٽ ۾ بندر جي لا۽ ڪاٺ جو ٺھيل  گھر  ٿيندو آھي جنھن کي ”بجھ قبا “ ڪري  چوندا  آھن. ان ۾ والي ، جنھن کي “ڪردوري “ چوندا آھن ، سڀ  سامان گڏ ڪري  رکندو آھي ، پو۽ اتي ئي ان جي خريد فروخت ٿيندي آھي .

        ھنن ٻيٽن جا باشند مرغين جي عيوض مٽيءَ جا برتن خريد ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھڪ ڪنيءَ جي قيمت پنج،  يا ڇھھ مرغيون ھونديون آھن. جھاز ھنن ٻيٽن مان مڇيءَ جو گوشت، ناريل، چادرون، دليان(ڪپڙي جو قسم)، سٽ جا عماما(پٽڪا)، ٽامي جا برتن، ڪوڏيون ۽ ڪنبر يعني ناريل جون سپون ٻاھر  کڻي ويندا آھن. ناريل جون مٿين کلون لاھي، سمنڊ جي ڪناري تي پاڻيءَ ۾ پسائي، پوءِ انھن کي سوٽن سان ڪٽيندا آھن، ان بعد عورتون ان کي ڪٽي ان مان جھازن جي لاءِ رسيون ٺاھينديون آھن، جيڪي ھندستان ، چين ۽ يمن ۾ وڪامڻ لاءِ وينديون آھن. ھيءَ رسي قنب (ھڪ گاھھ جو قسم) جي رسيءَ کان سٺي ٿي ٿئي، تنھن ڪري انھن ۾ لوھھ جون ڪليون استعمال ڪو نھ ڪندا آھن. ڇو تھ لوھھ جون ڪليون پٿر سان ٽڪرائجي ڀڄي پونديون آھن ، پر رسين سان جڪڙيل تختن کي ، خواھھ جھاز کي ڪيترو بھ ٽڪر لڳي، نقصان پھچي نٿو سگھي.

        ھنن ٻيٽين ۾ ڪوڏيون (خريد فروخت لا۽)ھلنديون آھن ، ڪوڏي ھڪ جانور آھي ، جنھن کي سمنڊ مان ڪڍي ،ڪناري تي ھڪ غار ۾ گڏ ڪندا آھن، جڏھن  اھو سڪي  ويندو آھي ، تڏھن ان جي سفيد ھڏي وڃي  بچندي آھي. ھڪ سئو ڪوڏين کي ”سباه“ ، ست سئو ڪوچين  کي ”قال“ ٻارھن ھزارن  ڪوڏين کي “ڪي “ ۽ ھڪ لک ڪوڏين کي ”بستو“ ڪري  چوندا آھن . اھڙا چار بستو  ھڪ طلائي دينار جي عيوض  وڪڻندا آھن ، پر ڪڏھن تھ اھڙيون  سستيون ٿينديون آھن، جو ڏھھ  بستو بھ ڏيئي ڇڏيندا آھن ،  بنگالي جا  ماڻھو وري انھن جي عيوض جانور ڏيندا آھن . بنگالي ملڪ ۾ بھ ڪوڏيون ھلنديون آھن . يمن جا ماڻھو پڻ  ڪوڏيون خريد ڪندا آھن ۽ پنھنجن جھازن تي اھي ريتيءَ جي بجاءِ وڇائي ڇڏيندا آھن ، سوڊان جي ملڪ ۾ بھ اھي ڪوڏيون ھلنديون آھن، ۽”مالي “ ۽ ”جوجو “ جي مڪ  ۾ تھ ھڪ طلائي دينار جي عيوض ٻارھن  سئو پنجاھ ڪوڏيون وڪامنديون آھن.

 

ھتي جون عورتون

ھنن ٻيٽن جون عورتون پنھنجو مٿو ڪين ڍڪين، ايتري قدر جو سندن ملڪھ پڻ مٿو ڪا نھ ڍڪي. ھو وارن کي ڦڻي ڏينديون آھن، ۽ وارن جو جوڙو مٿي جي ھڪ پاسي ٻڌي ڇڏينديون آھن. انھن مان ڪيتريون فقط چادر ڍڪينديون آھن، جنھن سان دن کان وٺي ھيٺ پيرن تائين جسم ڍڪي ڇڏينديون آھن ۽ باقي سڄو بدين اگھاڙو رکنديون آھن. ھو بازارين ۽ گھٽين ۾ بھ اھڙ:ءَ طرح سان گھمنديون رھنديون آھن. جڏھن مان اتي جو قاضي مقرر ٿيو ھئس، تڏھن مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ھنن کان اھو رواج ڇڏايان ۽ ھنن کي لباس پھرڻ جو حڪم بھ ڏنم، پر مان ڪامياب ٿي نھ سگھيس. آخر مون حڪم ڏنو تھ مون وٽ ڪا بھ عورت مقدمي جي حاضريءَ وقت ننگي بدن نھ اچي، ۽ انھيءَ کان وڌيڪ مان ڪجھھ ڪري نھ سگھيس.

        ڪي عورتون ساڙھيءَ جي مٿان ننڍڙين ۽ سوڙھين ٻانھن سان ننڍڙي چولي بھ پائينديون آھن. منھنجين ٻانھين جو لباس دھليءَ جي باشندن جھڙو ھوندو ھو ۽ ھو پنھنجو مٿو بھ ڍڪينديون ھيون. پر اتي جون عورتون انھيءَ کي عيب ڪري سمجھدنيون ھيون. انھن جو زيور ڪنگڻ آھي، جنھن سان ھو ٻيئي ٻانھون ڪرائيءَ کان وٺي ٺونٺ تائين ڀري ڇڏينديون آھن، اھي ڪنگڻ چانديءَ جا ٺھيل ھوندا آھن، ڇو تھ بادشاھھ ۽ ان جي عزيزن جي عورتن کان سواءِ ٻي ڪا بھ عورت سون جا ڪنگڻ پھري نٿي سگھي. ھو پيرن ۾ ڇيريون ٻڌنديون آھن، جنھن کي پايل ڪري چوندا آھن. ھن ٻيٽ ۾ ھڪ عجيب رسم آھي تھ ھتي جون عورتون فقط پنج دينار يا اڃا بھ گھٽ رقم وٺي، کاڌي ۽ ڪپڙي تي گھرن ۾ پورھيو ڪنديون آھن؛ ۽ انھيءَ کي عيب ڪين سمجھنديون آھن تھ ان جي قيمت پيشگي وٺي پاڻ گروي ڪري ڇڏين. جيڪڏھن ھو ھڪ گھر ڇڏي ٻئي گھر ۾ وڃڻ چاھينديون آھن تھ جيڪو گھر انھن کي حاصل ڪرڻ گھرندو آھي، سو پھرئين گھر واري کي اھي دينار جن جي عيوض ھوءَ گروي ھوندي آھي، يعني(پيشگي رقم) ڀري ڏيندو آھي ۽ آئيندھ لاءِ اھا رقم ھن عورت تي قرض سمجھيو ويندو آھي. اھري قسم جون عورتون گھڻو ڪري ”ڪنبر“ يعني ناريل جون رسيون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون آھن.

        ھن ٻيٽ ۾ نڪاح تمام آسانيءَ سان ٿي سگھندو آھي، ڇو تھ حق مھر تمام ٿورو آھي ۽ ھي عورتون حسن معاشرت جي ڪري مشھور آھن. گھڻو ڪري ماڻھو سندن مھر مقرر ڪندا آھن ۽ اھڙيءَ صورت ۾ کين واجبي مھر ڏياريو ويندو آھي. جڏھن ڪو جھاز ھتي ايندو آھي تھ جھاز وارا ھتي جي عورتن سان نڪاح ڪندا آھن ۽ واپس وڃڻ وقت انھن عورتن کي طلاق ڏيئي ويندا آھن . ھي ھڪ قسم جو متعو ٿيندو آھي. ھي  عورتون پنھنجي ملڪ کان ٻاھر بلڪل ڪو نھ وڃن.

        ھتي جي عورت پنھنجي خاوند جي رڳو ھڪ ئي خدمت ڪا نھ ڪندي آھي، بلڪھ اھا ئي ھن لاءِ کاڌو آڻيندي ۽ (برتن) کڻي ويندي آھي، سندس ھٿ ڌئاريندي آھي، وضوءَ جي لاءِ پاڻي آڻيندي آھي ۽ سمھڻ وقت کيس زور بھ ڏيندي آھي. ھتي عورتون پنھنجي خاوند سان ڪڏھن بھ ڪين کائين. نھ رڳو ايترو پر خاوند کي خبر بھ ڪين پوندي آھي تھ ھوءَ ڇا ٿي کائي. مون بھ اتي ڪيترين عورتن سان نڪاح ڪيو ھو، جن مان ڪن تي زور بار آڻڻ کان پوءِ ھنن مون سان کائڻ منظور بھ ڪيو ھو، پر ڪن تھ اصل نھ کاڌو. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ ھنن کي کائيندي ڏسان پر ناڪام رھيس.

 

ھنن ٻيٽن ۾ اسلام پکڙڻ جو سبب

۽

ھڪ خوفناڪ جن جي ڳالھھ جنھن سڀني شھرن کي تباھھ ڪيو ھو

ھنن ٻيٽن جي ڪن معتبر ماڻھن جھڙوڪ فقيھھ عيسيٰ يمني، فقيھھ معلم علي ۽ قاضي عبدالله وغيره مون کي ٻڌائيندا ھئا تھ اصل ۾ ھن ٻيٽ جا ماڻھو بت پرست ھوندا ھئا ۽ ھر مھيني سمنڊ جي طرف کان ھڪ جن ايندو ھو، جنھن جي شڪل اھڙي ھوندي ھئي جو ڄڻ ڪو جھاز آھي ۽ ان ۾ بتيون پيون ٻرن. ھتي جي ماڻھن جو دستور ھو تھ ھڪ ڪنواريءَ ڇوڪري کي بنائي سينگاري ھڪ بت خاني ۾ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ھوندو ھو، وڃي ڇڏي ايندا ھئا ۽ صبح جو ان ڇوڪري کي مئل ڏسندا ھئا. نھ رڳو ايترو پر سندس عصمت بھ لٽيل ھوندي ھئي. ھو ھر مھيني پاڻ ۾ ڪڻان وجھندا ھئا ۽جنھن جو نالو نڪرندو ھو، تنھن کي پنھنجي ڌيءُ موڪلڻي پوندي ھئي.

        ھڪ دفعي ھنن ٻيٽن ۾ ھڪ مغربي البرڪات بربريءَ نالي مسافري ڪندي اچي نڪتو. ھيءُ شخص قرآن شيف جو حافظ ھو ۽ مھل(مال)جي ٻيٽ ۾ ھڪ پوڙھيءَ زال جي گھر ۾ اچي ترسيو. ھڪ ڏينھن جيئن ئي ھو گھر ۾ گھڙيو تيئن ڏٺائين تھ اھا پوڙھي زال ۽ ان جا مائٽ روئي پٽي رھيا آھن، ڄڻ تھ ڪو ماتم ٿي ڪيائون. ھن حال احوال پڇين، پر ھن کي ڪجھھ بھ سمجھھ ۾ نھ آيو. آخر ترجمان گھرايو ويو، جنھن ھن کي سڄو حال ٻڌائيندي چيو تھ ھن پوڙھيءَ زال جو نالو ڪڻي ۾ آيو آھي ۽ ھن کي رڳو اھا ھڪڙي ڌيءَ آھي، جنھن کي ھاڻي جن ماري ڇڏيندو. اتي ابوالبرڪات انھيءَ زال کي چيو تھ تنھنجي ڌيءَ جي بدران مان ويندس.

        ھو ڪجھھ ٻچي ھو، تنھن ڪري ڏاڙھي ۽ مڇون ڪو نھ رکندو ھو ۽ حسب دستور ھن کي وٺي وڃي انھيءَ بت خاني ۾ڇڏي آيا. ھن اتي ڇا ڪيو، جو وضو ڪري، ڪلام الله کڻي ويھي، پڙھڻ لڳو. جڏھن جن ظاھر ٿيو ۽ ھن کي ڪلام الله پڙھندي ڏٺائين، تڏھن سمنڊ ڏانھن واپس ھليو ويو، صبح ٿيو تھ بھ مغربي ساڳئي حال ۾ رھيو. جڏھن پوڙھي زال ۽ ان جا عزيز حسب معمول ھن جو لاش کڻڻ آيا، تڏھن مغربيءَ کي زنده ڏٺائون.

        پوءِ ھن کي پنھنجي بادشاھھ وٽ، جنھن جو نالو ”شنوراز“ ھو، وٺي ويا، ۽ ھن کي سمورو حال وڃي ٻڌايائون. بادشاھھ کي اھو ٻڌي ڏاڍو عجب لڳو. اتي مغربيءَ ھن کي مسلمان ٿيڻ جي ترغيب ڏني، جنھن تي ھن جواب ڏنس تھ ايندڙ مھيني تائين ترس، ۽ جيڪڏھن ايندڙ مھيني بھ تون اھڙيءَ طرح سلامت رھئين تھ پوءِ مان مسلمان ٿيندس. ان کان پوءِ مغربي اتي ترسي پيو ۽ اڃا مھينو بھ پورو ڪو نھ ٿيو ھو ، تھ بادشاھھ جي دل ۾ اسلام لاءِ محبت پيدا ٿي. پوءِ ھو پاڻ، پنھنجي خاندان ۽ اميرن سميت مسلمان ٿيو.

        جڏھن مھينو پورو ٿيو، تڏھن مغربيءَ کي وري وڃي انھيءَ بتخاني ۾ ڇڏي آيا، ”جن“ ھن دفعي بھ سندس ويجھو ڪو نھ آيو ۽ ھو صبح تائين ويٺو قرآن شريف پڙھندو رھيو. جڏھن بادشاھھ ۽ عوام اتي آيا، تڏھن مغربيءَ کي تلاوت قرآن ۾ محو ڏٺائون. ھنن انھيءَ دم سڀ بتخانا ڀڃي ڇڏيا ۽ ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مسلمان ٿي ويا. انھن پوءِ ٻين ٻيٽن جي ماڻھن کي بھ مسلمان ڪري ڇڏيو. ھي ماڻھو مغربيءَ جي تمام گھڻي تعظيم ۽ تڪريم ڪندا ھئا ۽ ھن جي ڪري ھي سڀ ماڻھو بھ امام مالڪ جي مذھب جا پيروي ڪندڙ ٿي رھيا.

        ھي ماڻھو اڃا تائين بھ ”مغرب“ جي ماڻھن جي تمام گھڻي عزت ڪندا آھن. ھنن ان وقت ھڪ مسجد بھ تعمير ڪرائي ھئي، جيڪا اڃا بھ ان شخص جي نالي سان مشھور آھي ۽ انھيءَ مسجد جي محراب تي ھي ڪتبو اڪريل آھي؛”سلطان احمد شنورازه ابو البرڪات مغربيءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو.“ ان بادشاھھ پوءِ ھنن ٻيٽن جي آمدنيءَ جو ٽيون حصو مسافرن جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ تھ ھن جي مسلمان ٿيڻ جو سبب بھ ھڪ مسافر ھو، ۽ اڃا تائين بھ اھو دستور ھليو ٿو اچي.

        انھيءَ ”جن“ جي سبب کان ڪيترائي ٻيٽ غيرآباد ٿي ويا ھئا ۽ جڏھن مان انھن ٻيٽن ۾ ويس تھ ھڪ رات مون ڏٺو تھ ماڻھو تڪبيرون ۽ ڪلما وڏي آواز سان پڙھي رھيا ھئا، ٻار مٿن تي ڪلام الله کنيو بيٺا ھئا ۽ زالون وري ٿالھيون ۽ ٽامي جا برتن وڄائي رھيون ھيون. مون کانئن انھيءَ جو سبب پڇيو، تھ جواب ڏنائون تھ ”سمنڊ ڏانھن نھار“ مون  ڏٺو تھ ھڪ وڏو جھاز جنھن ۾ چراغ ۽ مشعلون ٻري رھيون ھيون، اچي رھيو ھو. ھنن چيو تھ اھو ”جن“ مھيني ۾ ھڪ دفعو ايندو آھي ۽ اسان اھڙيءَ طرح ڪندا آھيون تھ واپس ھليو ويندو آھي ۽ ڪو بھ نقصان ڪو نھ ڪندو آھي.

ھنن ٻيٽن جي حڪمران ملڪھ

ھيءَ بھ ھڪ عجيب ڳالھھ آھي تھ ھنن ٻيٽن جي حڪمران خديجھ نالي ھڪ عورت آھي. ھوءَ سلطان جلال الدين عمر بن سلطان صلاح الدين صالح بنگاليءَ جي ڌيءَ آھي. ھن جو ڏاڏو بادشاھھ ھو. پوءِ سندس پيءُ بادشاھھ ٿيو. جڏھن ھن جو پيءُ مري ويو، تڏھن سندس ڀاءُ شھاب الدين بادشاھھ ٿيو، جيڪو اڃا صغير ھو، تنھن ڪري وزير عبدالله بن محمد خذريھ ھن جي ماءُ سان نڪاح ڪري، سلطنت جي سمورن ڪمن ڪارين ۾ خودمختيار ٿي ويو. تنھن کان پوءِ ھن وزير جمال الدين جي مرڻ کان پوءِ ھن ملڪھ خديجھ سان پڻ نڪاح ڪيو ھو، جنھن جو اڳتي بيان ڪنداسين.

        جڏھن شھاب الدين بلوغت کي پھتو، تڏھن وزير عبدالله کي سندس عھدي تان ھٽائي، سويد جي ٻيٽ ڏانھن جلا وطن ڪري ڇڏيائين ۽ پاڻ مستقل بادشاھھ ٿي ، پنھنجي غلام ”ڪلڪي“ کي کڻي وزير ڪيائين، ٽن سالن کان پوءِ ان کي بھ جلاوطن ڪري ڇڏيائين.

        ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھي شھاب الدين پنھنجي اميرن ۽ مصاحبن جي گھرن ۾ رات جو گھڙي پوندو ھو، تنھن ڪري ھن کي معزول ڪري ھلرمتيءَ جي ٻيٽ ۾ موڪليو ويو، جتي ھڪ ماڻھوءَ کي موڪلي کيس قتل ڪرايو ويو.

        ھاڻي شاھي خاندان ۾ فقط ٽي ڀيڻون وڃي رھيون، جي ھيون؛ خديجھ، مريم ۽ فاطمھ. ماڻھن خديجھ کي پنھنجي ملڪھ منتخب ڪيو. جيڪا سندن خطيب جمال الدين جي نڪاح ۾ ھئي، جنھن ڇا ڪيو جو پنھنجي پٽ محمد کي پنھنجي جاءِ تي خطيب مقرر ڪري، پاڻ بادشاھھ بنجي، حڪومت جي سڄي ڪاروبار تي قابض ٿي ويو. پر تنھن ھوندي بھ سڀئي حڪم ملڪھ خديجھ جي نالي سان جاري ٿيندا ھئا. ھن ٻيٽ ۾ سڀ حڪمناما کجيءَ جي پترن تي، ھڪ لوھھ جي ڏانگي ڪپ سان لکندا آھن ۽ ڪاغذ تي فقط ڪلام الله ۽ نوان ڪتاب لکندا آھن. خطيب اھي جمعي يا ٻئي ڪنھن ڏينھن پڙھي ٻڌائيندو آھي، جنھن جي شروعات ھن طرح ڪندو آھي؛ ”او خدا! پنھنجي بنديءَ جي مدد ڪر، جنھن کي تو سندس علم جي طفيل سڄي عالم جي ماڻھن کان بلند مرتبي ڪيو آھي ۽ ان کي سڀني مسلمانن جي لاءِ ذريعو رحمت جو بڻايو آھي. اھا ڪير آھي! سلطانھ خديجھ سلطان جلال الدين جي ڌيءُ ، جيڪو سلطان صلاح الدين جو پٽ ھو.“

        ھن ملڪ ۾ اھو بھ دستور آھي تھ جيڪڏھن ڪو مسافر ھتي ايندو آھي، تڏھن شاھي محل ۾ ٻھ ڪپڙا ساڻ کڻي ايندو آھي. جن مان ھڪ ملڪھ کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي ۽ ٻيو جمال الدين وزير کي سلام ڪرڻ وقت سندس پيرن تي رکندو آھي. ھن ملڪ جو لشڪر اٽڪل ھڪ ھزار کن سپاھين جو آھي، جيڪي گھڻو ڪري غيرملڪي آھن ۽ انھن ۾ ڪي ٿورا ھن ملڪ جا باشندا بھ آھن. ھو ھر روز شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام ڪري وري ھليا ويندا آھن. ھنن کي پگھار جي عيوض چانور ملندا آھن، جيڪي ھنن کي ھر مھيني سرڪاري خزاني مان ڏنا ويندا آھن. جڏھن مھينو پورو ٿيندو آھي تڏھن لشڪر وارا شاھي محل ۾ ايندا آھن ۽ سلام کان پوءِ وزير  کي چوندا آھن تھ اسان جا سلام وڃي ملڪھ کي پھچاءِ ۽ ٻڌائينس تھ اسان پنھنجي پگھار گھرڻ آيا آھيون. پوءِ وزير حڪم ڏيندو تھ ھنن جو مقرر ماھيانو کين ڏنو وڃي. اھڙيءَ طرح قاضي ۽ سڀ وزير بھ ھر روز ايندا ھئا ، غلام انھن جا سلام ملڪھ تائين پھچائيندا ھئا ۽ پوءِ ھو موٽي ويندا ھئا.

 وزير، ان جون خلعتون ۽ٻيا عھديدار

ھتي جي وزيراعظم کي ، جيڪو ملڪ جو نائب پڻ آھي، ”ڪلڪي“ ڪري چوندا آھن. قاضيءَ کي ”فند يار ڦالو!“ آھن، قاضيءَ جو عھدو  سڀني کان بھ وڌيڪ ھلندو آھي،جو ھميشھ شاھي محل ۾ ھڪ مسند تي ويھندو آھي. ۽  قاضيءَ جي ٽن ٻيٽن جي ڍل، سلطان احمد شنورازه جي وقت کان وٺي، معاف رھندي ٿي اچي. خطيب کي ”ھنديجري“، ديوان کي ”فاملداري“، صاحب اشغال(فوجدار) مافاڪلوا، حاڪم کي ”فيتايڪ“، ۽ اميرالبحر کي ”مانايڪ“ ڪري چوندا آھن ، ۽ اھي سڀ عھديدار وزير سڏبا آھن. ھن ملڪ ۾ قيد خانا ڪو نھ ٿين، پر جيڪڏھن گھڻا قيدي گڏ ٿي وڃن تھ انھن کي ڪاٺ جي جاين ۾ جيڪي سوداگرن جي مال رکڻ لاءِ ٺھيل آھن، بند ڪري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو ھڪ قيدي ھوندو آھي تھ ان کي اھڙيءَ طرح ڪاٺ ۾ وجھي ڇڏيندا آھن، جھڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ رومي قيدين کي بند ڪيو ويندو آھي.

مان ھنن ٻيٽن ۾ ڪيئن آيس

پھريان مان ڪنلوس جي ٻيٽ ۾ پھتو ھوس، جيڪو ڏاڍو سھڻو ٻيٽ آھي ۽ منجھس مسجدون تمام گھڻيون آھن، اتي مان ھڪ نيڪ انسان جي گھر ۾ وڃي ترسيو ھوس، جتي فقيھھ عليءَ جيڪو ھڪ وڏو فاضل ھو، منھنجي مھماني ڪئي. ھن جا پٽ طالب العلم آھن، ھن ٻيٽ ۾ مون کي ”طفار“ جو باشندو مليو، جنھن جو نالو محمد ھو. ھن پڻ منھنجي مھماني ڪئي ۽ مون کي ٻڌايائين تھ جيڪڏھن تون مھل (مال) جي ٻيٽ وڃين تھ وزير توکي اتي ضرور رکندو، ڇو تھ اڄڪلھھ ھن وٽ ڪو بھ قاضي ڪو نھ آھي.


(1) مقدشو – عربستان ۾ عدن جي طرف ھڪ علائقي جو نالو – مترجم

(2) غاليو –”مخزن“ ۾ لکيل آھي تھ ھي ھڪ قسم جي عطر وانگر خوشبوءِ آھي، جيڪا عنبر، لوبان ۽ ٻيون ڪي خوشبوئدار گڏي ٺاھيندا آھن. – مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org