سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 14

فصل ٻيو الف

بادشاھھ جو دارالخلافھ ۾ اچڻ ۽ اسان کي سواريءَ لاءِ پنھنجي گھوڙن مان گھوڙا عطا ڪرڻ

 ٻئي ڏينھن اسان مان ھر ھڪ کي بادشاھھ پنھنجي خاص گھوڙن مان ھڪ گھوڙو عطا ڪيو ۽ انھيءَ سان گڏ زين ۽ لغام بھ ڏنائين، جن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل ھو. دارالخلافھ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بادشاھھ سوار ٿي ھليو ۽ اسان بھ اڳيان اڳيان صدر جھان سان گڏ گھوڙن تي سوار ٿي ھلياسين. اڳيان ھاٿي ھئا، جن مان سورنھن ھاٿين کي تمام گھڻو سينگاريو ويو ھو ۽ انھن جي مٿان جھنڊا چاڙھيا ويا ھئا. ھر ھڪ ھاٿيءَ تي ھڪ ڇٽ لڳل ھو انھن ڇٽن مان ڪي ھيرن ۽ جواھرن  سان مرصع ھئا تھ ڪن تي سون ۽ چانديءَ جو ڪم ٿيل ھو. انھن مان ھڪ ڇٽ بادشاھھ جي مٿان جھليو ويو ھو.

ڪن ھاٿين تي وري ننڍيون ننڍيون رعادات(منجنقون) رکيون ويون ھيون، جڏھن بادشاھھ شھر ۾ قدم رکيو، تڏھن انھن منجنيقن وسيلي دينار ۽ درھم ملائي، اڇلائيندا پئي ويا ، ۽ بادشاھھ  جي اڳيان جيڪي ھزارھا پيادا، سپاھي ۽ عام ماڻھو ھئا، تن اھي پئي چونڊيا، محل ۾ پھچڻ تائين اھي درھم ۽ دينار وسائيندا پئي ھليا، رستي ۾ چپي چپي تي ڪاٺ جا برج ٺاھيا ويا ھئا، جن تي ريشمي ڪپڙا لڳل ھئا ۽ انھن ۾ وري ڳائڻ وڄائڻ واريون عورتون ويٺيون ھيون، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان.

 

بادشاھھ جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ ۽ اسان کي جاگيرون ۽ عھدا ملڻ

ٻئي ڏينھن جمعي جو ڏينھن ھو. اسان ديوان خاني جي دروازي ۾ داخل ٿي، ٽئين دروازي جي ڇت جي ھيٺان وڃي ويھي رھياسين. اسان جي اندر وڃڻ جي اجازت اڃا ڪا نھ آئي ھئي، ڪجھھ وقت کان پوءِ شمس الدين فوشنجي حاجب آيو ۽ اچي متصدين کي اسان جي نالن لکڻ جو حڪم ڏنائين ۽ ائين بھ چيائين تھ ھنن سڀني کي اندر اچڻ جي اجازت آھي، پوءِ اسان مان ھر ھڪ سان سندس انھن ساٿين جو تعداد مقرر  ڪيو ويو، جن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي ھئي. مون کي بھ اجازت ڏني ويئي تھ پنھنجن اٺن ماڻھن کي اندر وٺي وڃان.

پوءِ اسان سڀ پنھنجي پنھنجي ساٿين سان اندر وڃڻ لڳاسين، جتي اڳي ئي دينارن جون ڳوٿريون ۽ تارازي کڻي آيا ھئا. قاضي القضات ۽ متصدي اتي ويٺا ھئا ۽ دروازي تان غيرملڪين کي سڏيندا ، ھر ھڪ کي جيڪو سندس حصو مقرر ڪيو ويو ھو، سو انھن کي پڪاري ڏيندا ٿي ويا. منھنجي حصي ۾ پنج ھزار دنيار آيا، ۽ ھنن وٽ ان وقت ڪل ھڪ لک دينار ھئا. ھي سڀ مال بادشاھھ جي والده پنھنجي پٽ جي خير و عافيت سان واپس اچڻ تي صدقي طور ورھائڻ جي لاءِ ڏنو ھو. ان ڏينھن پوءِ اسين واپس ھليا وياسين. تنھن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا اسان کي پنھنجي دستر خوان تي کاڌو کارائڻ لاءِ بادشاھھ اسان کي سڏايو ۽ تمام نرمائيءَ سان اسان کان حال احوال پڇيو.

        بادشاھھ اسان کي چوڻ لڳو تھ ”توھان منھنجي ملڪ ۾ اچي، مون تي تمام گھڻي مھرباني ڪئي آھي. توھان جي تڪليفن جو عيوضو وڌيڪ توھان کي ڏيئي نٿو سگھان. باقي توھان مان جيڪو وڏيءَ عمر وارو ماڻھو آھي، سو منھنجي پيءُ جي برابر آھي، منھنجي ھم عمر منھنجو ڀاءُ آھي ۽ مون کان ننڍو مون کي پنھنجي اولاد وانگر آھي. منھنجي سڄي ملڪ ۾ ھن شھر کان ٻيو ڪو بھ وڏو شھر ڪو نھ آھي ۽ اھو شھر توھان جي ملڪيت آھي.“ اھو ٻڌي اسان سندس شڪرانا بجا آندا ۽ سندس حق ۾ دعا گھري.

ان کان پوءِ اسان جون پگھارون ۽ عھدا مقرر ڪيا ويا، ٽي ڳوٺ اڳي ئي مون کي جاگير ۾ ڏنا ويا ھئا ۽ ھينئر منھنجي پگھار ٻارھن ھزار دينار سالياني مقرر ڪئي وئي، ۽ ٻھ ڳوٺ وڌيڪ جاگير طور ڏنا ويا، جن مان ھڪ ڳوٺ جو نالو جوره ۽ ٻئي جو ملڪپور ھو.

        ھڪ ڏينھن بادشاھھ اسان ڏانھن خداوندزادي غياث الدين ۽ سنڌ جي حاڪم قطب الملڪ کي موڪليو، جن اچي چيو تھ آخوند عالم جن فرمائين ٿا تھ وزارت  يا منشگيري يا اميري يا قضا يا تدريس يا مشيخت جي عھدي مان جھڙو عھدو توھان پنھنجي لاءِ پسند ڪريو، سو توھان کي ڏنو وڃي.ھي ٻڌي سڀ في الحال خاموش رھيا. ڇو  تھ اسان سڀني جو خيال ھو تھ جيڪي ڪجھھ اسان کي انعام ملندو سو وٺي پنھنجي وطن ھليا وينداسين، پر آخر امير بخت بن تاج الدين، جنھن جو بيان مان اڳ ڪري آيو آھيان، چيو تھ منھنجا وڏا وزير ٿي رھيا ھئا ۽ مان پاڻ ڪاتب آھيان ۽ انھن ٻن ڪمن کان سواءِ ٽيون ڪم مان ڪري ڪو نھ سگھندس.

        پوءِ ھبتھ الله فلڪي بھ ڪجھھ اھڙيءَ طرح چيو. آخر ۾ خداوند زادي مون کي عربي زبان ۾ چيو تھ ”سيدنا! توھان جو ڇا ارادو آھي؟“ ھن ملڪ جا ماڻھو عربن کي سيد ڪري سڏيندا آھن، ڇو تھ بادشاھھ کين عزت ڏيڻ جي خاطر کين ھن لفظ سان مخاطب ڪندو آھي. مون جواب ڏنو تھ ”وزارت يا ڪتابت تھ منھنجو ڌنڌو ڪونھي، باقي قضا ۽ مشيختھ منھنجو ڌنڌو آھي، ۽ اھو ئي منھنجي ابن ڏاڏن جو ڌنڌو ھو. ازانسواءِ فوج جي آفيسريءَ بابت توھان خود ڄاڻو ٿا تھ عربن جي تلوار جي ئي زور سان سڄو عجم مسلمان ٿيو آھي، مطلب تھ سپھ گيري ۽ تلوار بازي اسان جو آبائي ڌنڌو آھي.“

بادشاھھ جڏھن منھنجو ھي جواب ٻڌو، تڏھن ڏاڍو خودش ٿيو. ان وقت بادشاھھ، ھزار سطون ۾ کاڌو نوش فرمائي رھيو ھو، جتي اسان سڀني کي گھرائي ورتائين. پوءِ اسان بادشاھھ سان گڏجي کاڌو، ان بعد اسان ھزار سطون مان ٻاھر اڪري آياسين ۽ منھنجا سڀ ساٿي اڃا اتي ويٺا رھيا، ڇو تھ مون کي ھڪ ڦرڙي نڪري پيئي ھئي، جنھن سبب جي ڪري ويھي نٿي سگھيس. تنھن ڪري پنھنجي گھر ھليو آيس. ھوڏانھن بادشاھھ وري بھ سڀني کي سڏايو. ٻيا سڀ ويا پر منھنجي باري ۾ معذرت ڪيائون، پر مان عصر جي نماز کان پوءِ اوڏانھن ھليو ويس ۽ ديوانخاني ۾ وڃي، مغرب ۽ عشا جون نمازون پڙھيم تھ حاجب ٻاھر آيو ۽ اچي چيائين تھ توھان سڀني کي بادشاھھ ياد فرمايو آھي.

        پھريائين خدا وند زادو ضياءَ الدين  جيڪو سڀني ڀائرن ۾ وڏو ھو، سو اندر ويو. بادشاھھ کيس مير داد مقرر ڪيو، ھن عھدي تي تمام وڏي ماڻھوءَ کي مقرر ڪيو ويندو آھي، جنھن جو ڪم ھوندو آھي، قاضيءَ سان گڏ ويھڻ ۽ جيڪڏھن ڪو شخص ڪنھن امير يا وڏي ماڻھوءَ تي فرياد داخل ڪري تھ ھن کي قاضيءَ جي روبرو آڻي حاضر ڪرڻ. ھن جي پگھار پنجاھھ ھزار دينار سالياني مقرر ڪئي ويئي، جنھن لاءِ ھن کي اھا جاگير ڏني ويئي، جنھن جو فائدو ايتريءَ آمدنيءَ جي برابر ھو ۽ پنجاھھ ھزار پيشگي ڏيڻ جو بھ حڪم ڪيو ويو، ازاسواءِ کيس زريدار ريشمي خلعت پھرائي ويئي، جنھن کي شير صورت ڪري سڏيندا آھن، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ خلعت جي پٺ ۽ سيني تي شينھن جي شڪل ٺھيل ھوندي آھي ۽ ان خلعت جي اندر ھڪ ڪاغذ ويڙھي سبي ڇڏيندا آھن، جنھن ۾ لکيل ھوندو آھي تھ ھن خلعت ۾ ھيتري مقدار ۾ سون آھي. پوءِ کيس ھڪ پھرئين درجي وارو گھوڙو بھ عطا ڪيو ويو. ھن ملڪ ۾ گھوڙن جا چار درجا مقرر ھوندا آھن، گھوڙن جون زينون مصري زينن جھڙيون ٿينديون آھن، جن جي گھڻي حصي تي سون جي پاڻيءَ چڙھيل چاندي لڳل ھوندي آھي.

        ان کان پوءِ امير بخت اندر ويو، جنھن جي لاءِ حڪم ٿيو تھ وزير سان گڏ مسند تي ويھي، ۽ ديوانن جي حساب جي جانچ بھ ھن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ سندس پگھار چاليھھ ھزار دينار ساليانو مقرر ڪيو ويو. جنھن ڪري کيس ايتري جاگير ڏني ويئي جنھن جو فائدو چاليھھ دينارن جي برابر ٿئي ۽ چاليھھ ھزار نقد کيس انھيءَ وقت ڏنا ويا، ازانسواءِ گھوڙو ۽ خلعت جيئن اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان، تيئن کيس بھ مليا ۽ شرف الملڪ جو خطاب مليس. ان کان پوءِ ھبت الله بن فلڪي اندر ويو، جنھن کي رسولدار جو عھدو ڏنو ويو، جنھن جي معنيٰ آھي حاجب الارسال(پوسٽ جو بالا عملدار) ۽ سندس پگھار ٢٤ ھزار پيشگي مليس ۽ بھاءَ الملڪ خطاب مليس. ان کان پوءِ مان اندر ويس.

        بادشاھھ محل جي ڇت مٿان تخت تي آرام سان ويٺو ھو ۽ وزير خواجھ جھان ڀرسان ويٺو ھوس. ملڪ قبولو سامھون بيٺو ھوس. جڏھن مون وڃي سلام ڪيو، تڏھن ملڪ ڪبير مون کي چيو تھ شڪرانا بجا آڻ، جو آخوند عالم توکي دارالخلافھ دھليءَ جو قاضي مقرر ڪيو آھي ۽ تنھنجو پگھار ١٢ ھزار دينار ساليانو مقرر فرمايو اٿس، جنھن جيتري توکي جاگير ملندي ۽ اھو بھ حڪم ڪيو اٿس تھ سڀاڻي خزاني مان توکي ١٢ ھزار دينار پيشگي ڏنا وڃن، ازانسواءِ ھڪ گھوڙو ، زين ۽ لغام سميت ۽ ھڪ محرابي خلعت بھ توکي ملندي. ھن خلعت جي پٺ ۽ سيني تي محراب جي شڪل ٿيندي آھي. مون آداب بجاءِ آندا ۽ پوءِ ملڪ ڪبير مون کي ھٿ کان وٺي بادشاھھ جي سامھون وٺي ويو، بادشاھھ چيو تھ دھليءَ جي قضاءَجو عھدو ڪو معمولي عھدو  ڪونھي ۽ اسان ان کي تمام وڏو عھدو ڪري سمجھندا آھيون.

مان پارسي سمجھندو  ھوس، پر ان ۾ جواب ڏيئي ڪو نھ سگھندو ھوس ۽ بادشاھھ وري عربي سمجھندو ھو، پر ان ۾ جواب ڏيئي ڪو نھ سگھندو ھو، مون عرض ڪيو”يا مولانا! مان تھ امام مالڪ جي مذھب تي آھيان ۽ شھر جا سڀ رھواسي حنفي آھن. ازانسواءِ مان ھتي جي زبان مان بھ غيرواقف آھيان“  تنھن تي بادشاھھ فرمايو تھ مون بھاءُ الدين ملتاني ۽ ڪمال الدين بجنوريءَ کي اڳي ئي تنھنجي مدد لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي تو کان ھر معاملي ۾ صلاح وٺندا رھندا ۽ سڀني ڪاغذن تي تنھنجي مھر لڳندي، پوءِ بادشاھھ ايتري قدر بھ چيو تھ تون مون کي پنھنجي اولاد وانگر آھين، جنھن تي مون عرض ڪيو تھ مان حضور جو ادنيٰ غلام ۽ نوڪر آھيان، ان جي جواب ۾ بادشاھھ مون کي مان ڏيندي چيو تھ ”انت سيدنا مخدومنا“

        ان کان پوءِ بادشاھھ ، شرف الملڪ ڏي منھن ڪري، چيو تھ ھن شخص جي ھن پگھار مان پوري ڪا نھ ٿيندي، ڇو تھ ھي تمام گھڻو خرچائو آھي؛ تنھن ڪري منھنجي مرضي آھي تھ ھڪ خانقاه بھ کڻي ٿو ھن جي حوالي ڪريان ، جيئن ھو فقيرن جي سنڀال لھي سگھي. پوءِ شرف الملڪ کي چيائين تھ اھا ڳالھھ ھن کي عربيءَ ۾ ٻڌاءِ، بادشاھھ جو گمان ھو تھ ھو عربي تمام سٺي ڳالھائيندو آھي، جيڪو بلڪل صحيح ھو. بادشاھھ ھن کي سمجھيو ۽ چيائين تھ ”برو يکجا بحشپي آن حکايت براو بگوئي و تفھيم کن تافردا انشاءِ الله پيش من بيائي و جواب او بگوئي“ يعني ”وڃو ۽  ٻئي ڄڻا رات ھڪ ھنڌ بسر ڪريو ۽ تون کيس سموري ڳالھھ سمجھائي، سڀاڻي اچي مون وٽ حاضر ٿجانءِ ۽ مون کي ٻڌائجانءِ تھ ھو ڇا ٿو  چوي“

        اسان اتان واپس آياسين تھ ٽيون حصو رات گذري چڪي ھئي، نوبت وڄي چڪي ھئي، نوبت وڄڻ کان پوءِ ڪو بھ شخص ٻاھر نھ نڪرندو ھو، انھيءَ ڪري اسان وزيرن جي اچڻ تائين ترسي پياسين ۽ ھنن سان گڏجي ٻاھر آياسين. شھر جا دروازا بند ٿي چڪا ھئا، تنھن ڪري اسان اھا رات سيد ابوالحسن عباديءَ جي گھر سمھي پياسين. ھيءُ شخص بادشاھھ جي طرفان واپار ڪندو ھو ۽ عراق ۽ خراسان مان بادشاھھ جي لاءِ ھٿيار ۽ ٻيو سامان خريد ڪري ايندو ھو.

        ٻئي ڏينھن اسان کي گھرائي، روڪ پئسا، گھوڙا ۽ خلعتون ڏنيون ويون. اسان مان ھر ھڪ،  ھن ملڪ جي دستور موجب خلعت ڪلھي تي رکي، بادشاھھ جي سامھون وڃي آداب بجا آندا، اسان گھوڙن کي، جن تي ڪپڙا وڌا ويا ھئا، لغام کان جھلي خود شاھي محل جي دروازي تائين وٺي وياسين، جتان انھن تي سوار ٿي پنھنجي گھر ھليا وياسين. بادشاھھ منھنجي ماڻھن کي ٻھ ھزار دينار ۽ ڏھھ خلعتون ڏنيون، باقي ٻئي ڪنھن جي بھ ساٿين کي ڪجھھ بھ ڪين ڏنو ويو، ڇاڪاڻ تھ منھنجا ساٿي اڇا اجرا ۽ ڏيک ويک وارا ھئا. جن کي ڏسي بادشاھھ خوش ٿيو ھو، ھو بھ بادشاھھ جي اڳيان جھڪي نياز ۽ نئڙت سان پيش آيا“ جنھن تي بادشاھھ شڪريو بھ ادا ڪيو“

بادشاھھ جو ٻيو عطيو ۽ ان ۾ دير ٿيڻ

قاضي مقرر ٿيڻ کان ڪيترا ڏينھن پوءِ ھڪ ڏينھن مان ديوانخاني جي ٻاھران ھڪ وڻ جي ھيٺان ويٺو ھوس ۽ منھنجي ڀرسان مولانا ناصرالدين ترمذي عالم ۽ واعظ ويٺو ھو تھ ھڪ حاجب آيو ۽ مولانا ناصرالدين کي سڏي وٺي ويو، جڏھن ھو. بادشاھھ جي سامھون وڃي حاضر ٿيو تڏھن بادشاھھ ھن کي ھڪ خلعت ڏني ۽ ھڪ ڪلام الله شريف ، جنھن تي موتي جڙيل ھئا عنايت ڪائين. ايتري ۾ ھڪ حاجب ڊوڙندو مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين تھ بادشاھ تنھنجي لاءِ ١٢ ھزار دينار انعام ڏيڻ جو حڪم ڪيو آھي؛ جيڪڏھن مون کي بھ ڪجھھ ڏين تھ ”خط خورد“ پاڻ سان کڻي اچان. مون سمجھيو تھ ھو مذاق ٿو ڪري يا انھيءَ بھاني سان مون کان ڪجھھ ڇڏائڻ ٿو چاھي، پر حقيقت ۾  ھن ٺيڪ ٿي چيو. اتي منھنجي ھڪ دوست ھن کي چيو تھ چڱو مان ٿو توکي ٻھ ٽي دينار ڏيان، تون وڃي خط خورد کڻي اچ، پوءِ ھو وڃي اھو کڻي آيو.

        خط خورد جي معنيٰ آھي، ننڍي چٺي جنھن تي لکيل ھوندو آھي تھ”آخوند عالم جو حڪم آھي تھ فلاڻي شخص کي فلاڻي حاجب جي معرفت ھيترا رپيا فورن خزاني مان ڏنا وڃن، پوءِ انھيءَ چٺيءَ تي ان چٺيءَ جو آڻيندڙ، جنھن جي سڃاڻپ تي رپيا ڏنا ويندا آھن، پنھنجي صحيح وجھندو آھي. جنھن کان پوءِ ٽن ٻين اميرن جون بھ صحيحون پونديون آھن. اھي امير آھن؛ خان اعظم قطلو خان ، بادشاھھ جو استاد ، امير حريطھ دار جنھن وٽ بادشاھھ جو قلمدان رھندو آھي ۽ امير نڪبھ دوات دار، جنھن وٽ بادشاھھ جي مس ڪپڙي رھندي آھي. ھي سڀ جڏھن صحيحون ڪري ختم ڪندا آھن، تڏھن ان کي وري ديوان وزارت ڏانھن کڻي ويندا آھن. جتي متصدي ان جو نقل ڪري پاڻ وٽ رکندا آھن ، پوءِ وري ان جا نقل ديوان اشرف ۾ ڪندا آھن، ۽ تنھن کان پوءِ ديوان النظر ۾ ان کان پوءِ پروانو لکيو ويندو آھي، جنھن ۾ وزير، خزانچيءَ کي حڪم ڏيندو آھي تھ مقرر رپيا ڏئي، خزانچي وري پنھنجي  حساب ۾ داخل ڪري، ان ڏينھن جي سڀني پروانن جو ھڪ چٺو ٺاھي، بادشاھھ جي سامھون وڃي پيش ڪندو آھي.

        جنھن لاءِ بادشاھھ جو حڪم ھوندو آھي تھ يڪدم پئسا ڏنا وڃن. ان کي انھيءَ وقت ادائگي ڪئي ويندي آھي، ۽ جنھن جي لاءِ حڪم ھوندو آھي تھ ڪجھھ دير ٿئي تھ پرواھھ نھ آھي، ان کي ادائگي دير سان ٿيندي آھي، پر ٿيندي ضرور آھي، پوءِ کڻي ڪيترا بھ ڏينھن لڳي وڃن! اھڙيءَ طرح  اھو انعام مون کي ڇھن مھينن کان پوءِ ٻئي انعام سان گڏ مليو، جنھن جو اڳتي ھلي بيان ڪندس. ھندستان ۾ اھو رواج آھي تھ ڪيتري بھ انعام جو حڪم ملي تھ ان جو ڏھون حصو ڪاٽجي ملندو آھي، يعني جيڪڏھن ڏھن ھزارن جو انعام ملي تھ ٩ ھزار ملندا آھن.

 

لھڻيدارن جو مون کي تنگ ڪرڻ، منھنجو بادشاھھ جي مداح ۾ قصيدو لکڻ ، بادشاھھ جو قرضن جي ادائگي لاءِ حڪم ڏيڻ، ۽ دير پوڻ

        مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان تھ رستي ۾ ايندي، جيڪو منھنجو خرچ ٿيندو رھيو، بادشاھھ جي نذر ۽ تحفن تي خرچ ڪيم، ۽ ازانسواءِ ان کان پوءِ بھ جيڪي ڪجھھ خرچ ڪيم، سو سڀ مون سوداگرن کان قرض کڻي ڪيو  ھو. جڏھن اھي سوداگر پنھنجي وطن ورڻ لڳا تڏھن اچي قرض جي ادائگيءَ لاءِ مون کي سوڙھو ڪرڻ لڳا، جنھن ڪري مون بادشاھھ جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو لکيو، جنھن جو مطلعو ۽ متن ھو:

-1اليلڪ امير المومنين المبجلا

-

اتينا نجدا السير مخولڪ في الفلا

-2نجئت محلامن علائڪ زائرا

-

و مغنالڪ ڪھف للزيارت اھلا

-3فلوان فوق الشمس المجد رتبت

-

لڪنت لا علاھا امام موھلا

-4فانت الاما الماجدالاوحد الذي

-

 سجاياھ حتما ان بقول و يفعلا

-5ولي حاجت من فيض جو ولڪ ارتي

-

قضاھا و قصدي عند مجدلڪ سھلا

-6١١ ذکر ھا ام قد کفاني حياؤ کم

-

فان حيا کم ذڪرھ کان اجملا

-7فجعل لمن وافي محللڪ زائرا

-

قضا دينھ ان الغريم تعجلا

ھڪ ڏينھن بادشاھھ ڪرسيءَ تي ويٺو ھو تھ مان بھ قصيدي سان وڃي سندس اڳيان پيش ٿيس، جنھن کي بادشاھھ گوڏن تي رکي، ھڪڇيڙي کان جھلي ويٺو، ٻيو ڇيڙو منھنجي ھٿ ۾ رھيو، پوءِ مان ھڪ ھڪ شعر پڙھندو ٿي ويس ۽ قاضي القضات ڪمال الدين غزنوي ان جو ترجمو ڪندو ٿي ويو، جو ٻڌي بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿي ٿيو. ھندستان جا ماڻھو عربي شعر تمام گھڻو پسند ڪندا آھن، جڏھن مون ستون شعر پڙھيو ،تڏھن بادشاھھ چيو ”مرحمت“ جنھن جو مطلب ھي ٿيندو آھي تھ ”مون توتي رحم ڪيو“ ان وقت حاجب اچي مون کي ھٿ کان وٺي منھنجي بيھڻ واري مقرر جاءِ تي وٺي ويو تھ مان آداب بجا آڻيان. تنھن تي بادشاھھ حاجب کي چيو تھ ڇڏي ڏينس تھ پنھنجو قصيدو پورو ڪري وٺي. پوءِ مون سڄو قصيدو پورو ڪري وري بھ آداب بجا آندا. ماڻھن مون کي مبارڪون پئي ڏنيون. پر ڪيترو وقت گذري ويو، ڪابھ خبر پئجي ڪانھ سگھي (تھ انعام جو ڇا ٿيو).

آخر ۾ ھڪ درخواست لکي سنڌ جي حاڪم قطب الملڪ کي ڏني، جيڪا ان وڃي بادشاھھ جي اڳيان پيش ڪئي، بادشاھھ ھن کي چيو تھ خواجھ جھان وٽ وڃي ھن کي چيو، پر تڏھن بھ ڪو نتيجو ڪو نھ نڪتو، ڇاڪاڻ تھ انھن ئي ڏينھن بادشاھھ دولت آباد ڏانھن سفر جو حڪم ڏنو ھو. ڪجھھ ڏينھن لاءِ وري شڪار لاءِ ٻاھر ھليو ويو ھو، تھ وزير بھ ھن سان گڏ ويو ھو. اھو ئي سبب ھو جو انعام مون کي ڪيترن ڏينھن کانپوءِ مليو ۽ دير جو سبب مان ھيٺ تفصيل سان بيان ٿو ڪريان.

        جڏھن منھنجن قرض خواھن سفر تي وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏھن مون انھن کي چيو تھ ”مان جڏھن بادشاھھ جي دروازي تي پھچان ، تڏھن توھان ھن ملڪ جي رواج موجب اچي اتي ڌرڻو ھڻي ويھجو، تھ بادشاھھ کي اھا خبر پوي ۽ قرض جي ادائگي ڪري ڇڏي، ھن ملڪ ۾ اھو رواج ھوندو اھي تھ جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو قرض ڪنھن وڏي ماڻھو تي ھوندو آھي ۽ ھو ادا ڪري نھ سگھندو آھي تھ ان جا قرض خواھھ وڃي بادشاھھ جي دروازي تي ويھي رھندا آھن، پوءِ جڏھن اھو مقروض شخص شاھي محل ۾ وڃڻ لاءِ دروازي مان لنگھندو آھي، تھ اھي وٺي زور زور سان کيس قرض جي ادائگي لاءِ وڏي سڏ چوندا آھن، ۽ بادشاھھ جي سر جو قسم وجھي چوندا اٿس تھ جيستائين اسان جو قرض ادا نھ ڪندين تيستائين اندر نھ ويندين. ان وقت مقروض شخص لاءِ پنھنجي قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نھ ھوندو آھي يا ھنن کان منٿ ميڙ ڪري ڪجھھ وقت لاءِ ھو مھلت وٺندو آھي.

ھڪ ڏينھن اھڙو اتفاق ٿيو ، جو بادشاھھ پنھنجي پيءُ جي قبر جي زيارت لاءِ ويل ھو ۽ اتي ھڪ محل ۾ ترسيل ھو، مون بھ پنھنجي قرض خواھن کي چيو تھ ”ھن وقت موقعو اٿو“ سو جڏھن مان محل ۾ اندر وڃڻ لڳس تھ انھن اچي ڌرڻو ھنيو ۽ بادشاھھ جو قسم وڌائون تھ اسان جي قرض ادا ڪرڻ کان سواءِ اندر نھ وڃ. متصدين اھا خبر يڪدم وڃي بادشاھھ تائين پھچائي، جنھن تي شمس الدين حاجب، جيڪو ھڪ وڏو فقيھھ ھو، ٻاھر نڪتو ۽ اچي انھن ماڻھن کان پڇيائين تھ توھان ڇو اچي ڌرڻو ھنيو آھي، ھنن جواب ڏنو تھ ھن شخص تي اسان جو قرض آھي، اھو  ٻڌي ھو اندر ھليو ويو ۽ وڃي بادشاھھ  کي خبر ڏنائين، بادشاھھ پڇائي موڪليو تھ ڪيترو قرض آھي، جنھن تي ھنن ٻڌايو تھ پنجويھھ ھزار دينار ، فقيھھ اھو سڀ ڪجھھ وڃي بادشاھھ کي ٻڌايو ۽ پوءِ ٻاھر اچي ھنن کي چيائين تھ بادشاھھ سلامت فرمائي ٿو تھ اسان قرض جا ذميدار آھيون، ۽ اسان جي طرفان اھو قرض ادا ڪيو ويندو ۽ ھن ماڻھوءَ کان قرض جي گھر نھ ڪريو.

پوءِ بادشاھھ عماد الدين سمناني ۽ خدا وند زادي غياث الدين کي حڪم ڏنو تھ  ھزار سطون ۾ ويھي، ھنن قرض خواھن جا دستاويز ۽ رسيدون وغيره جانچي ڏسو ۽ تحقيقات ڪريو تھ اھي درست آھن يا نھ. ھو ٻيئي حڪم موجب وڃي اتي ويٺا، جتي قرض خواھن مان ھر ھڪ پنھنجا دستاويز آڻي، ھنن کي ڏيکاريندو ٿي ويو. آخر ھنن وڃي بادشاھھ کي عرض ڪيو تھ رسيدون وغيرھ بلڪل صحيح آھن. اھو ٻڌي بادشاھھ کلي ڏنو کلندي چيائين تھ مان ڄاڻان ٿو تھ ھو قاضي آھي ۽ پنھنجي ڪم کان چڱيءَ طرح سان واقف آھي. پوءِ خدا وند زادي کي حڪم ڏنائين تھ ھن جو قرض ادا ڪري ڇڏ. پر ھن رشوت جي لالچڪئي ۽ ”خط خورد“ لکڻ ۾ دير ڪيائين. مون ھن ڏانھن ٻھ سئو تنڪا موڪليا پر ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو، ۽ سندس ھڪ نوڪر اچي مون کي ٻڌايو تھ ٥٠٠ تنڪا ٿو گھري، جي مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

        اھا ڳالھھ مون عماد الدين سمنانيءَ جي پٽ عبدالملڪ سان ڪئي. جنھن وڃي پيءُ کي ٻڌايو؛ ھن وري وڃي وزير کي ٻڌايو، وزير ۽ خدا وند زادي جي وچ ۾ ڪجھھ اڻبڻت ھئي تنھن ڪري ھن وڃي بادشاھھ کي اھا ڳالھھ ٻڌائي ۽ تنھن سان گڏ ٻيون بھ سندس ڪيتريون شڪايتون ڪيون، جنھن ڪري بادشاھھ خدا وند زادي تي ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ ھن کي شھر ۾ نظربند ڪري رکيائين. پوءِ بادشاھھ چيو تھ فلاڻو شخص ھن کي رشوت ڇو پيو ڏيئي؟ ۽ حڪم ڏنائين تھ ھن ڳالھھ جي تحقيقات ڪئي وڃي، تھ ھن رشوت ٿي ڏني ۽ خدا وند زادي نھ ورتي يا خدا وند زادي رشوت پئي گھري ۽ ھن ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪيو بس اھو ئي سبب ھو جو منھنجي قرض جي ادائگيءَ ۾ دير ٿي ويئي.


-1 اي عزت وارا اميرالمومنين، مان جھنگل مان تو ڏانھن ھلي آيس.

-2 پوءِ توھان جي محل ۾ ان جي زيارت ڪرڻ آيس جيڪو زيارت ڪرڻ جي لائق آھي.

-3 جيڪڏھن سج کان مٿي ڪو درجو ھجي ھا تھ تون ضرور ان کان بھ مٿي ھجين ھا.

-4 تون امام آھين، عزت وارو آھين، اڪيلو آھين ۽ جيڪي چوندو آھين سو ڪندو آھين.

-5 منھنجو بھ ھڪڙو ڪم آھي، جو تنھنجي فيض ، سخاوت ۽ ادائگيءَ جو اميدوار آھيان، ڇو تھ منھنجو توھان جي حضور ۾ اچڻ آسان  آھي.

-6 مان ڪجھھ بيان ڪرڻ ٿو چاھيان ، پر توھان جي مھرباني ڪافي آھي. پوءِ بيشڪ توھان جي احسان جي يادگيري چڱي آھي.

-7 پوءِ ان لاءِ جلدي ڪريو، جيڪو توھان جي گھر ۾ توھان جي زيارت لاءِ آيو آھي، ان جو قرض ادا ڪريو، جو قرض وارا جلدي ڪري رھيا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org