سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 22

  منھنجو ارادو ھو تھ ھيءُ ٻيٽ ڏسندو معبر، سرانديپ ۽ بنگالھ کان ٿيندو، چين ھليو وڃان ۽ ھتي ناخدا عمر ھنوريءَ جي جھاز ۾ آيو ھئس، جيڪو ھڪ حاجي ۽ فاضل شخص ھو. ھو ”ڪنلوس“ جي ٻيٽ ۾ ڏھھ ڏينھن ترسيو، پوءِ ھن ھڪ ”ڪنوره“ ٻيڙي ڀاڙي ڪئي، جنھن ۾ ملڪھ ۽ وزير لاءِ تحفا کڻي ٿي ويو. مون ھن سان گڏ وڃڻ جو ارادو ظاھر ڪيو، جنھن تي ھن چيو تھ تنھنجي ساٿين جي لاءِ جڳھھ جو انتظام ٿي ڪو نھ سگھندو، باقي جيڪڏھن تون اڪيلو ھلڻ گھرين تھ ھليو ھل. مون اڪيلو وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھو ھليو ويو. پر مخالف ھوا جي تڪليف جي ڪري ، ھو چوٿين ڏينھن وري موٽي آيو ۽ اچي مون سان عذر ڪرڻ لڳو. آخر ھو مون کي ۽ منھنجي ساٿين کي وٺي ھليو.

        اسان صبح کان ٻن پھرن تائين سفر ڪندا ھئاسين  ۽ ٻپھر ڪنھن ٻيٽ تي لھي، سڄي رات اتي ترسندا ھئاسين. پوءِ ٻئي ڏينھن سفر ڪندا ھئاسين. اھڙي طرح ھلندي ھلندي، اسان چوٿين ڏينھن اچي”ليم“ جي ٻيٽ تي پھتاسين. اتي جو والي جلال نالي ھو، جنھن مون کي سلام ڪيو ۽ منھنجي مھماني ڪئي. جڏھن مون وٽ آيو، تڏھن ھن سان گڏ چار ماڻھو ھئا، جن مان ٻن جي ڪلھن تي ھڪ لٺ ھئي، جنھن ۾ چار مرغيون ٽنگيل ھيون. ٻين ٻن ماڻھن جي ڪلھن تي پڻ ھڪ لٺ ھئي، جنھن ۾  وري ڏھھ ناريل ٽنگيل ھئا. مون کي ڏاڍو عجيب لڳو تھ ھيءَ ڪھڙي نھ خسيس شيءَ آندي اٿن. پر پوءِ معلوم ٿيو تھ ھيءَ ھن ملڪ ۾ تمام وڏي مان ۽ شان رکڻ جي نشاني سمجھي ٿي وڃي.

        ان کان پوءِ ڇھين ڏينھن اسان عثمان جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھيءُ شخص وڏو فاضل ۽ نيڪ بخت ھو، ھن اسان جي مھماني بھ ڪئي. اٺين ڏينھن اسين وزير جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جنھن کي ”تلمدي“ چوندا آھن ۽ ڏھين ڏينھن اچي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ پھتاسين، جتي ملڪھ ۽ ان جو وزير رھندا ھئا. اسان اتي اچي لنگر ھنيو. ھتي جو دستور آھي تھ اجازت کان سواءِ ڪو بھ شخص جھاز تان لھي نٿو سگھي. جڏھن اجازت اچي ويئي تڏھن مون ڪنھن مسجد ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر خادمن چيو تھ پھريائين توکي وزير وٽ وڃڻو پوندو.

        مون نا خدا کي اڳئي سمجھائي ڇڏيو ھو تھ جيڪڏھن تو کان منھنجي باري ۾ ڪجھھ پڇن، تھ تون لاعلمي ظاھر ڪجانءِ، ڇو تھ مون کي ڊپ ھو تھ ڪٿي مون کي ھن ٻيٽ ۾ ترسائي نھ ڇڏين. پر مون کي اھا خبر ئي نھ رھي تھ منھنجي پھچڻ کان اڳ ۾ ئي، ڪنھن فضول شخص ھنن کي اھو لکي موڪليو ھو تھ ھيءُ فلاڻو شخص آھي ۽ دھليءَ ۾ قاضي رھي چڪو آھي. جڏھن اسان شاھي محل ۾ پھتاسين، تڏھن ٽئين دروازي واري جاءِ ۾ ترسي پياسين.

        قاضي عيسيٰ يمني مون وٽ آيو ۽ اچي مون کي سلام ڪيائين. پوءِ مون وزير کي سلام ڪيو. نا خدا ابراھيم پاڻ سان ڏھھ ڪپڙا کڻي آيو ھو، جن مان ھڪ ملڪھ جي تعظيم ڪرڻ وقت سندس پيرن تي وڌائين، پوءِ وزير جي تعظيم ڪري، ان جي پيرن تي پڻ ڪپڙو رکيائين، اھڙيءَ طرح جڏھن واري واري سان ڪپڙا وجھي پورا ڪيائين، تڏھن کانئس مون بابت پڇيو ويو، جنھن تي ھن چيو تھ ”مون کي ڪا بھ خبر ڪا نھ آھي.“ پوءِ ھنن مون ڏانھن پان ۽ گلاب جو پاڻي موڪليو، جو ھن ملڪ ۾ وڏي تعظيم سمجھي ويندي آھي. پوءِ مان شاھي محل ۾ ئي ترسي پيس. ان کان پوءِ مون لاءِ کاڌو آيو. وڏي ٿالھيءَ جي وچ ۾ چانور پيل ھئا، جنھن جي چوڌاري ڪيترائي پيالا ھئا، جن ۾ خليع گوشت(1) ڪڪڙ جو گوشت، گيھھ ۽ مڇي وغيره ھئا.

        ٻئي ڏينھن مان نا خدا ۽ قاضي عيسيٰ يمنيءَ سان گڏ، ھڪ خانقاه جي زيارت لاءِ ٻيٽ جي ھڪ ھنڌ ويس، ھيءُ خانقاه شيخ نجيب جو ٺھرايل آھي. رات جو اسان اتان واپس آياسين ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو سوير وزير مون ڏانھن خلعت ۽ مھماني موڪلي، جنھن ۾ چانور، گيھھ، خليع گوشت ۽ ناريل جي ماکي خاص شيون ھيون. ناريل جي ماکيءَ کي ھتي جا ماڻھو”قوباني“ ڪري سڏيندا آھن، جنھن جي معنيٰ آھي کنڊ جو پاڻي. ان کان سواءِ خرچ لاءِ مون ڏانھن ھڪ لک ڪوڏيون بھ موڪليون ھئائين.

        ڏھين ڏينھن کان پوءِ سيلان جي ٻيٽ مان ھڪ جھاز آيو، جنھن ۾ عرب ۽ عجم جا فقير پڻ ھئا، جيڪي مون کي سڃاڻندا ھئا، ھنن وزير جي نوڪرن کي سڄي ڳالھھ ٻڌائي ڇڏي. ان کان پوءِ ھو منھنجي عزت اڳي کان وڌيڪ ڪرڻ لڳو. رمضان جي چنڊ واريءَ رات وزير مون کي پاڻ وٽ گھرايو. مان ويس تھ اتي سڀ امير ۽ وزير موجود ھئا.  کاڌو آيو تھ دستر خوان تي پڻ ڪيترائي ماڻھو موجود ھئا، وزير مون کي پنھنجي ڀر ۾ کڻي ويھاريو ۽ ھن وٽ قاضي عيسيٰ يمني، وزير ”فاملداري“ ۽ وزير ”ڪريھري“ يعني سپھھ سالار بھ موجود ھئا. پوءِ چانور، ڪڪڙ، گيھھ، مڇي، خليع گوشت ۽ ڪيلي جي ڀاڄي آڻي دستر خوان تي رکيون ويون، کاڌي کان پوءِ ھتي جا ماڻھو ناريل جي ماکي، جنھن ۾ خوشبوءِ ملايل ھونديون آھن، پيئندا آھن، جيڪا کاڌي کي ھضم ڪندي آھي.

        رمضان جي نائين تاريخ وزير جو ناٺي مري ويو، ان ڇوڪريءَ جو پھريون مڙس سلطان شھاب الدين ھو ۽ ان کان پوءِ ھن شخص سان نڪاح ٿيو ھو، پر ھيءَ ڇوڪري اڃا تائين بلوغت کي نھ پھتي ھئي. ھن جي پيءُ ھن کي پنھنجي گھر موڪلي ڏنو ۽ اھو گھر رھڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائين ، ھيءُ گھر ڏاڍو سھڻو ھو، مون وزير کان اجازت گھري تھ جيڪي فقير سيلان کان واپس آيا آھن، تن جي مان مھماني ڪرڻ ٿو گھران، وزير يڪدم اجازت ڏني  ۽ پنج ٻڪريون، جيڪي ھن ملڪ ۾ ڳريءَ قيمت واريون ھوندي آھن، ڇو تھ اھي معبر، ملبار ۽ مقدش مان آنديون وينديون آھن، موڪيائين. ازانسواءِ چانور، گيھھ ۽ گرم مصالحا بھ مون کي موڪلي ڏنائين. اھي سڀ شيون مون امير البحر سليمان جي گھر موڪلي ڏنيون، جنھن تمام عمدو کاڌو تيار ڪرايو ۽ ڪجھھ پنھنجي طرفان بھ ان ۾ وڌيڪ شامل ڪيو ھئائين. وزير مون کي گلم ۽ ٽامي جا برتن بھ موڪلي ڏنا ھئا.

        دستور موجب اسان شاھي محل ۾ وزير سان گڏ روزو افطار ڪيو. مون وزير کي عرض ڪيو تھ ھو فقيرن کي ھن مھمانيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏئي. ھن اجازت ڏيندي چيو تھ ”مان بھ ايندس،“  جنھن تي مون سندس شڪرانا ادا ڪيا ۽ پنھنجي گھر ھليو آيس، ڪجھھ وقت کانپوءِ وزير ، پنھنجي ٻين وزيرن سان گڏ ، اچي نڪتو ۽ ڪاٺ جي ھڪ اوچي حجري ۾ اچي ويٺو، جيڪو بھ امير يا وزير آيو ٿي، سو وزيراعظم کي سلام ڪندو، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙو وجھندو ٿي ويو. اھڙيءَ طرح سان ھڪ سئو ڪپڙا گڏ ٿي ويا، جيڪي فقيرن کي ڏنا ويا، پوءِ کاڌو آيو ۽ سڀني گڏجي کاڌو، ان کان سواءِ قارين تمام سھڻي آواز ۾ ڪلام الله پڙھيو ۽ تنھن کان پوءِ سماع ۽ رقص شروع ٿيو، جنھن لاءِ باھھ ٻاري ويئي. فقير ان باھھ م ٽپي ٿي پيا ۽ پيرن سان ٽانڊن کي لتاڙيائون ٿي؛ ڪي وري اھي کڻي اھڙي طرح وات ۾ وجھڻ لڳا تھ ڪو حلوو ھو، ايتري قدر جو اھي ٽانڊا وسامجي ٿي ويا.

 وزير جا مون تي ڪي احسان

جڏھن رات ختم ٿي، تڏھن وزير پنھنجي گھر ڏانھن واپس ويو ۽ مان ھن سان گڏ ويس. اسان بيت المال جي ھڪڙي باغ وٽان ٿي لنگھياسين تھ وزير مون کي چيو تھ ھي باغ مون توکي ڏنو ۽ ھن ۾ تنھنجي لاءِ ھڪ گھر بھ ٺھرائيندس. مون ھن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ھن لاءِ دعا گھريم. ٻئي ڏينھن ھن منھنجي لاءِ ھڪ ٻانھي موڪلي ۽ چوائي موڪليائين تھ جيڪڏھن ھيءَ ٻانھي توکي پسند اچي تھ رکجانءِ، نھ تھ ھڪ ٻي مرھٽي ٻانھي تو ڏانھن موڪلي ڏيندس. مون کي مرھٽي ٻانھيون تمام گھڻيون وڻنديون ھيون، تنھن ڪري مون چيو تھ مون کي مرھٽي ٻانھي موڪلي ڏيو ۽ وزير مون کي اھا موڪلي ڏني، جنھن جو نالو ”گلبستان“ ھو ۽ پارسي پڻ ڳالھائي سگھندي ھئي. مان ھنن ٻيٽ وارن جي ٻولي سمجھي ڪو نھ سگھندو ھوس. ٻئي ڏينھن وري مون کي معبري ٻانھي موڪليائين، جنھن جو نالو (عنبري) ھو.

        ٽينءَ رات عشا جي نماز کان پوءِ وزير پنھنجي چند مصاحبن سان گڏ منھنجي گھر آيو ۽ ھن سان گڏ ٻھ ننڍي عمر وارا غلام ھئا. مون ھن کي سلام ڪيو. ھن مون کان حال احوال پڇيو، جنھن جي جواب ۾ مون کيس دعا ڪئي. ان کان پوءِ ھڪ غلام منھنجي اڳيان ھڪ ”بقشت“ جيڪا سنيت(ڳوٿري) جي شڪل جھڙي ھئي، آڻي رکي، ھن انھيءَ مان ريشمي ڪپڙن ۾ ڍڪيل ھڪ داٻلو ڪڍيو، جنھن ۾ موتي زيورات پيل ھئا، ھن اھو سمورو مال منھنجي حوالي ڪندي چيو تھ ھي شيون جيڪڏھن توکي ٻانھين سان گڏ موڪلي ڏيان ھا ، تھ ھو (ٻانھيون) سمجھن ھا تھ اھو مال ھنن جو آھي ۽ اسان جي آقا اھو اسان کي عطا ڪيو آھي. ھاڻي ھيءُ مال تنھنجو آھي ۽ تون پنھنجي طرفان ھنن کي ڏيئي ڇڏ. مون ھن جي حق ۾ دعا گھري ۽ سندس شڪرانا ادا ڪيا، ڇو تھ ھو شڪريي جو مستحق ھو – خدا ھن تي رحمت ڪري.

 

فصل چوٿون

وزير جو رخ بدلجڻ ۽ منھنجو اتان ھليو وڃڻ جو ارادو ڪرڻ

 

وزير سليمان ”مانايڪ“ (امير البحر) مون ڏانھن پيغام موڪليو تھ مان سندس ڌيءُ سان نڪاح ڪريان، مون وزير جمال الدين کان ان جي اجازت گھري، تھ ھن ناراضگي ظاھر ڪئي ۽ چوائي موڪليائين تھ مان خود پنھنجي ڌيءُ ، جيڪا سلطان شھاب الدين جي بيواه آھي، توکي ڏيڻ ٿو گھران ۽ سندس عدت پوري ٿيڻ کان پوءِ توسان ان جو نڪاح ڪرائيندس. مون ائين ڪرڻ کان  انڪار ڪيو، ڇو تھ مان ھن کي منحوس سمجھندو ھوس. ھن جا ٻھ مڙس تھ اڳيئي مري چڪا ھئا ۽ ھن وقت مون کي بھ بخار اچڻ لڳو ھو.

        ھن ٻيٽ ۾ جيڪو بھ نئون مسافر ايندو آھي، تنھن کي بخار اچڻ تھ ضروري آھي، تنھن ڪري مون سفر ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مون ڪي زيور ڪوڏين جي عيوض وڪڻي ڇڏيا ۽ بنگالھ وڃڻ لاءِ ھڪ جھاز بھ ڀاڙي ڪري ڇڏيم. جڏھن مان وزير کان موڪلائڻ لاءِ ويس، تڏھين قاضيءَ اچي مون کي وزير جو نياپو ڏنو تھ جيڪڏھن تون سفر ڪرڻ  ٿو گھرين تھ جيڪي ڪجھھ اسان توکي ڏنو آھي، سو  واپس ڪر. مون جواب ڏنو تھ ”ڪي زيور وڪڻي مون ڪوڏيون خريد ڪيون آھن، سي ڀلي کڻي وڃو“ قاضي وري مون وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تھ ”وزير ٿو چوي تھ اسان توکي سون ڏنو ھو، تنھن ڪري ڪوڏيون اسان نھ وٺنداسين“ تنھن تي مون جواب ڏنو تھ ”مان ڪوڏيون وڪڻي وري توھان کي سون وٺي ٿو ڏيان“ پوءِ مان سوداگرن ڏانھن لنگھي ويس تھ ڪوڏيون مون کان وٺو، وزير اڳيئي انھن کي چوائي موڪليو ھو تھ ھن شخص کان ڪوڏيون ھرگز نھ وٺجو، ھن مان وزير جو ارادو ھو تھ مان نھ وڃان پوءِ ھن مون ڏانھن پنھنجو ھڪ مصاحب موڪليو ۽ ان جي معرفت چوائي موڪليائين تھ جيڪڏھن اسان وٽ ترسندين تھ جيڪي بھ گھرندين سو تنھنجي لاءِ حاضر ڪنداسين.

مون دل ۾ خيال ڪيو تھ ھن وقت مان انھن جي حڪومت ۾ آھيان ۽ جيڪڏھن خوشيءَ سان رھڻ منظور ڪندس تھ اھو انھيءَ کان بھتر آھي، جو رھڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃان. تنھن ڪري مون ان مصاحب کي چيو تھ چڱو مان ترسي ٿو پوان، ھن وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھڪدم مون کي پاڻ وٽ گھرايائين. جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن منھنجي تعظيم لاءِ ھو اٿي بيٺو ۽ مون سان ڀاڪر پائي، ملندي چيائين تھ ”اسان توکي پنھنجي قريب آڻڻ ٿا گھرون، پر تون ڇو اسان کان دور ٿيڻ ٿو چاھين؟“  تنھن تي مون ڪجھھ عذر ڪيو، جو ھن منظور ڪيو.

        ان بعد مون ھن کي تھ ”جيڪڏھن مون کي ھتي ترسائڻ ٿو گھرين تھ منھنجا ڪي شرط آھن. “ وزير جواب ڏنو تھ ”تنھنجا سڀ شرط منظور آھن، ٻڌاءِ اھي ڪھڙا آھن؟“ مون چيو تھ ”مان پيدل ھلي نٿوس سگھان، ۽ ھن ملڪ جو دستور آھي تھ وزير کان سواءِ، ٻئي ڪنھن بھ شخص کي گھوڙي تي سوار ٿيڻ جي اجازت نھ آھي.“ جنھن تي وزير مون کي ھڪ گھوڙي ڏياري، جڏھن مان ان گھوڙي تي سوار ٿيندو ھوس، تڏھن ماڻھن جا ٻار مون کي تمامشو بنائڻ لاءِ اچي منھنجي پٺيان پوندا ھئا. مان اھا شڪايت وڃي وزير سان ڪئي، جنھن ”دنقرت“ (ڍنڍورو) گھمارايو تھ ڪو بھ شخص منھنجي پٺيان نھ ھلي. ھي دنقرت ھڪ وڏو پتل يا ٽامي جو ٺھيل ٿالھھ آھي، جنھن تي ھڪ لوھھ جي سيخ ھڻندا تھ ان جو آواز تمام پري ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، جيڪڏھن ڪنھن شخص کي ڪو اعلان ڪرڻو ھوندو آھي تھ ھواھڙيءَ طرح ڍنڍورو گھمارائيندو آھي.

        پوءِ وزير مون کي چيو تھ ”جيڪڏھن تون ڏوليءَ ۾ سوار ٿيڻ چاھين تھ اھا بھ موجود آھي، نھ تھ گھوڙو يا گھوڙي ٻنھي مان جيڪو تون پسند ڪرين، سو ڀلي رک“ مون ھڪ گھوڙي پسند ڪئي، جيڪا انھي وقت حاضر ڪئي ويئي ۽ ان سان گڏ خلعت بھ کڻي آيا، ان کان پوءِ مون وزير کي چيو تھ ”ھي ڪوڏيون مان ڪيڏانھن ڪريان؟“ ھن جواب ڏنو تھ ”پنھنجي ساٿين مان ڪنھن کي کڻي بنگالھ موڪل تھ اتي وڃي اھي وڪڻي اچي.“ مون چيو تھ ”چڱو“ پوءِ انھي ئي وقت مون پنھنجي ھڪ رفيق ابو محمد بن فرحان کي بنگالھ روانو ڪيو ۽ ان سان گڏ حاجي علي نالي ھڪ شخص کي پڻ موڪليو.

        اتفاق اھڙو ٿيو جو سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. تنھن ڪري جيڪي ڪجھھ بھ ھنن وٽ ھو، سو سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو کاڌي پيتي جون شيون، پاڻي، مستول ۽ مشڪ وغيره بھ اڇلائي ڇڏيائون، ۽ سڄا سارا سورھن ڏينھن بغير بادبانن ۽ لنگر جي سمنڊ ۾ ھئا، ان کان پوءِ ٻيٽ تي وڃي پھتا. ھو اھو سمورو وقت بک ۽ اڃ جي سخت تڪليف سھندا رھيا، ھڪ سال کانپوءِ ابو محمد ، حضرت آدم جي قدم جي زيارت ڪري واپس موٽي آيو ۽ پوءِ وري بھ مون سان گڏ ٻئي دفعي زيارت ڪيائين.

منھنجي ھنن سان عيد ڪرڻ

جڏھن رمضان جو مھينو پورو ٿيو، تڏھين وزير مون ڏانھن ھڪ خلعت موڪلي، ان بعد اسان عيد گاھھ ڏانھن وياسين، وزير جي گھر کان عيد گاھھ تائين سڄو رستو سينگاريو ويو ھو، ان تي ڪپڙا وڇائي ان جي ساڄي ۽ کاٻي ڪوڏين جا ڍير لڳاياويا ھئا، رستي ۾ جتي بھ ڪنھن امير جو گھر ھو، اتي ان جي دورازي تي ناريل ، سوپاري ۽ ڪيلي جا وڻ لڳايا ويا  ھئا ۽ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين رسيون ٻڌي انھن ۾ سبز ناريل ٽنگايا ويا ھئا، ۽ ھر ھڪ گھر جو مالڪ وري پنھنجي دروازي تي بيٺو ھو ۽ وزير جڏھين اتان لنگھيو ٿي، تڏھن ريشمي يا سوٽي ڪپڙو سندس پيرن تي وجھندو ٿي ويو.

        رستي تي جيڪي ڪپڙا  ۽ ڪوڏيون پيل ھيون، سي سڀ غلامن پئي کنيون. وزير پيادو ٿي ھليو ۽ ھن کي ”مرڪز“ جو ٺھيل مصري چوغو ۽ مٿي تي وڏو پڪٽو پھريل ۽ حمائل جي بدران ھڪ ريشمي چادر پيل ھئس. ھن جي مٿان چار ڇٽ ھئا، ۽ پيرن ۾ جتي ھئس، ٻيا سڀ ماڻھو اگھاڙين پيرين پئي ھليا ھن جي اڳيان نوبت، نقارا ۽ نفيريون وڄنديون پئي ھليون ۽ لشڪر بھ اڳيان اڳيان پئي ھليس، سڀ ماڻھو تڪبيرون پڙھندا ٿي ھليا، عيد گاھھ ۾ وزير جي پٽ نماز کان پوءِ خطبو پڙھيو، ان کانپوءِ وزير وڃي محفل ۾ ويٺو ۽ سڀيني وزيرن ۽ اميرن سندس تعظيم بجا آڻيندي، دستور موجب سندس پيرن تي ڪپڙا وڌا، ھن کان اڳ ۾ ھي وزير ڪڏھين بھ محفي تي سوار ڪو نھ ٿيو ھو، ڇو تھ بادشاھھ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ محفي تي سوار ٿي نٿو سگھي.

        پوءِ اھو محفو کڻي ھليا ۽ مان وري گھوڙي تي سوار ٿي، محل ڏانھن ويس، اتي وزير ھڪ مٿانھين جاءِ تي وڃي ويٺو ۽ ان وٽ امير ۽ وزير بھ اچي ويٺا، پوءِ غلام تلوارون، ڍالون، ۽ لٺيون کڻي بيھي ويا، ان بعد کاڌو آيو، تنھن کان پوءِ پان ۽ سوپاريون آندائون، آخر ۾ ھڪ ٿالھيءَ ۾ مقاصري صندل پيل ھو، آڻي رکيائون ۽ جڏھن ڪا جماعت کاڌو کائي بس پئي ڪري تھ انھن تي اھو صندل مليو ٿي ويو.

        ان ڏينھن مون ٻين کاڌي جي قسمن ۾ ھڪ سرذين جي قسم جي لوڻيل مڇي ڏٺي، جيڪا ڪچي ھئي، ھيءَ مڇي ڪولم مان ڪنھن سوکڙيءَ طور موڪلي ھئي، ڇو تھ ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ مڇي جام ٿيندي آھي، وزير اھا مڇي مون کي ڏيندي چيو تھ ”ھي کاءُ“  مون جواب ڏنو تھ ”ھيءُ تھ ڪچي آھي، تنھن ڪري ڪيئن کائبي، پر وزير ضد ڪري چيو تھ ”نھ پڪل آھي.“ تنھن تي مون جواب ڏنومانس تھ ”مون کي ھن جي سڄي خبر آھي، ڇاڪاڻ تھ اھا منھنجي ملڪ ۾ بھ گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي.“

منھنجي شادي ڪرڻ، ۽ منھنجو قاضي مقرر ٿيڻ

شوال جي ٻي تاريخ وزير سليمان (امير البحر) سان سندس ڌيءُ جي سڱ جي باري ۾ منھنجي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، جنھن چيو تھ اڄ ئي  نڪاح ٿي وڃڻ گھرجي. مون وزير کي چوائي موڪليو تھ سندس محل ۾ ھن جي روبرو نڪاح پڙھيو وڃي، جيڪو وزير منظور ڪيو، اتي دستور موجب پان ۽ صندل آندو ويو ۽ ماڻھو بھ اچي گڏ ٿيا، پر وزير سليمان کي دير ٿي ويئي، ھن پنھنجي جلد اچڻ جو چوائي موڪليو، پر تڏھين بھ نھ آيو. اسان ٻيو دفعو ھن ڏانھن ماڻھو موڪليو تھ ھن چوائي موڪليو تھ سندس ڌيءُ جي طبيعت ٺيڪ نھ آھي، وزير مون کي ڪن ۾چيو تھ ”اصل ۾ سندس ڌيءُ نڪاح ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري، ڇاڪاڻ تھ ھوءُ پنھنجي نفس جي مالڪياڻي آھي، پر جنھن صورت ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا آھن، تنھن ڪري جي تنھنجي مرضي ھجي تھ ملڪھ جي پيءُ جي بيواه سان جنھن جي ڌيءُ سان منھنجي پٽ جو نڪاح ٿيو آھي، کڻي ٿا تنھنجو نڪاح ڪريون. منھنجي ھائو ڪرڻ تي وزير انھيءَ وقت قاضي ۽ گواھن کي گھرايو ۽ نڪاح ٿي ويو، جنھن ۾ منھنجي طرفان وزير مھر جي ادائگي ڪري ڇڏي. ھو ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ منھنجي گھرآئي، ھو نھايت نيڪ بخت ۽ سليقي شعار زال ھئي ۽ پھرئين ئي ڏينھن ھن منھنجي بدن تي خوشبوءِ ملي، منھنجي ڪپڙن کي خوشبوءِ جو واس ڏنو، ھوءَ ھميشھ کلمک رھندي ھئي ۽ ڪڏھن بھ ان جي منھن مان رنج معلوم نھ ٿيو.

ھن نڪاح کان پوءِ وزير مون کي قاضي ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنھن جو سبب ھي ھو، جو اتي جو قاضي ترڪي جي ملڪيت جي ورھاست وقت ان ملڪيت جو ڏھون حصو پاڻ کڻندو ھو، مون ھن ڳالھھ تي اعتراض ڪندي، کيس چيو تھ تنھنجو اھو حق آھي، جيڪو وارث خوشيءَ سان توکي ڏين. ازانسواءِ ھو چڱيءَ طرح سان ڪم بھ ھلائي ڪين سگھندو ھو.

        جڏھن مان قاضي ٿيس تڏھن شرعي ڪمن جي لاءِ تمام گھڻو تاڪيد ڪيم، ھن ٻيٽ ۾ اسان جي ملڪ وانگر گھڻا جھيڙا جھڳڙا ڪو نھ ٿين. ھن ملڪ جو ھڪ دستور ھو تھ طلاق کان پوءِ بھ عورتون ان وقت تائين پنھنجي اڳئين مڙس جي گھر ۾ رھنديون ھيون، جيستائين ڪو ٻيو ساڻن نڪاح نھ ڪري، مون اھڙا پنجويھھ ماڻھو پنھنجي روبرو گھرائي، انھن کي درا ھڻائي، سندن شھرت ڪرائي ۽ عورتن کي سندن گھرن مان ڪڍارائي ڇڏيو. نماز جي پابندي ۾ سختي ڪيم ۽ حڪم ڪيو تھ جمعي جي نماز جي اذان کان پوءِ جيڪو بھ ماڻھو بازار يا گھٽيءَ ۾ ڏسو، تنھن کي ھڪدم گرفتار ڪيو وڃي، پيش امامن ۽ ٻانگن جون پگھارون مقرر ڪيم ۽ سڀني ٻيٽن ۾ اھڙيءَ طرح حڪم جاري ڪيم. عورتن کي بھ ڪپڙن پھرڻ جو حڪم ڏنم پر ڪامياب ٿي نھ سگھيس.

 

وزير عبدالله بن محمد الحرضرميءَ، جنھن کي سلطان شھاب الدين ”سويد“ جي ٻيٽ ۾ جلاوطن ڪري موڪليو ھو، جو اچڻ، ۽ منھنجي ۽ ھن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ

ھن وزير عبدالله جي زال جي ڌيءُ منھنجي نڪاح ۾ ھئي، تنھن ڪري مان ساڻس تمام گھڻي محبت رکندو ھوس، جڏھن وزير جمال الدين ھن کي مھل(مال) جي ٻيٽ ۾ واپس گھرايو، تڏھن مون ھن ڏانھن تحفا موڪليا ھئا ۽ سندس استقبال لاءِ وڃي، محل تائين ساڻس گڏ ويو ھوس، وزير مون کي سلام ڪيو ۽ ھن کي ھڪڙي سھڻي گھر ۾ ترسايائين، جتي ھن وٽ مان ايندو ويندو ھوس.  اتفاق سان رمضان شريف جي مھيني ۾ مان اعتڪاف ۾ ويس تھ سڀ ماڻھو مون سان ملڻ لاءِ آيا . وزير عبدالله نھ آيو ۽ پوءِ جڏھن وزير جمال الدين آيو، تڏھن ان سان گڏجي آيو. ان ڪري مون کي ڏاڍو رنج ٿيو، جڏھن مان اعتڪاف مان ٻاھر آيس، تڏھن منھنجي زال، جيڪا جمال الدين سنجريءَ جي ڌيءَ ھئي، جو مامو، جنھن جو سنڀاليندڙ وزير عبدالله ھو، مون وٽ شڪايت کڻي آيو تھ اسان جي ڪجھھ ملڪيت اڃا بھ ھن وٽ (وزير عبدالله وٽ) رھيل آھي ۽ ڇاڪاڻ تھ ھاڻي اسين بالغ ٿي ويا آھيون، تنھن ڪري اھا اسان کي ڏياري وڃي.

        مون ھيءُ قاعدو مقرر ڪري ڇڏيو  ھو تھ ڪو بھ متولي گھرائڻ وقت، ھن کي ھڪ ڪاغذ جو ٽڪر موڪليندو ھوس، جنھن ۾ لکيل ھوندو ھو تھ “جنھن وقت اھو ڪاغذ توکي ملي، تنھن وقت ھڪدم اچي حاضر ٿي.“ پوءِ جيڪڏھن ھو ائين حاضر نھ ٿيندو ھو تھ ان کي سزا ڏيندو ھوس. اھڙيءَ طرح سان ھن ڏانھن پڻ مون اھڙو ڪاعذ موڪليو، جنھن تي ھو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ منھنجو دشمن ٿي پيو، پر ھن اھا ڳالھھ دل ۾ رکي ، ۽ پنھنجي طرفان ھڪ وڪيل ڏياري موڪليو، مون کي اھا بھ خبر پيئي تھ ھو مون کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو ٿو رھي.

        ماڻھو بھ ھن جي اھڙي تعظيم ڪندا ھئا، جھڙي وزير جي ھن ٻيٽ ۾ تعظيم جو قاعدو آھي تھ تعظيم ڪرڻ وارو پنھنجي ڏسڻي آڱر زمين تي رکي، اھاچمي کڻي مٿي تي رکندو آھي، پر مون پڙھو ڏياريو ھو تھ ”ڪو بھ شخص وزير کان سواءِ ٻئي ڪنھن بھ شخص جي اھڙي تعظيم نھ ڪري، ۽ ڪو بھ شخص جيڪڏھن وزير عبدالله جي اھڙي تعظيم ڪندو تھ ان کي سزا ڏني ويندي.“ ھن کي بھ حڪم موڪليم تھ پنھنجي سامھون اھڙي تعظيم ڪنھن کي بھ ڪرڻ نھ ڏي. ان کان پوءِ دشمني اڳي کان بھ وڌي ويئي.

        ان بعد مون ٻئي ھڪ وڏي وزير جي ڌيءَ سان ٻي شادي ڪئي، ان وڏي وزير جو ڏاڏو سلطان داؤد ، سلطان احمد شنورازه جو ڏوھٽو ھو ۽ ان کان پوءِ  مون سلطان شھاب الدين جي بيواه سان بھ نڪاح ڪري ڇڏيو. مون ان باغ ۾ جيڪو وزير مون کي ڏنو ھو ، ٽي گھر ٺھرايا ۽ منھنجي چوٿين زال ، جيڪا وزير عبدالله جي زال جي ڌيءَ ھئي پنھنجي گھر ۾ الڳ رھندي ھئي، ھيءَ زال مون کي سڀني کان وڌيڪ پياري ھوندي ھئي، جڏھن مون اھي سڀ مائٽيون ڪيون، تڏھن وزير ۽ ان ٻيٽ جا سڀ ماڻھو مون کان ڊڄڻ لڳا ۽ وزير سان منھنجون شڪايتون ڪرڻ ۽ مون تي چغليون ھڻڻ لڳا، ھن ڳالھھ ۾ سڀ کان وڌيڪ بھرو وزير عبدالله ورتو ۽ آخر اسان جي وچ ۾ بغض پيدا ڪرائي ڇڏيائين.

منھنجي ھنن کان جدائي ۽ ان جو سبب

        ھڪ دفعي اھڙو اتفاق ٿيو، جو وزير جي زال ھن سان سلطان جلال الدين جي غلامن مان ھڪ غلام جي شڪايت ڪئي تھ ھو سلطان جي ھڪ ٻانھيءَ وٽ ويندو آھي ۽ ھن سان زنا ڪندو آھي. وزير يڪدم شاھد موڪليا، جي وڃي ان ٻانھيءَ جي گھر ۾ گھڙيا تھ ڏٺائون تھ غلام ۽ ٻانھي ھڪ ئي بستري تي آرام ڪري رھيا ھئا. ھنن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏھن صبح ٿيو ۽ مون کي اھا خبر پيئي، تڏھن شاھي محل ۾ وڃي پنھنجي بيٺڪ تي ويھي رھيس.

        مون ان غلام ۽ ٻانھيءَ جي باري ۾ ڪا بھ ڳالھھ ڪا نھ پڇي. پوءِ مون وٽ ھڪ خاص ماڻھوآيو ۽ اچي مون کان پڇيائين تھ وزير صاحب چوي ٿو تھ توھان ڪنھن ڪم سان آيا آھيو؟ مون جواب ڏنومانس تھ نھ. اصل ۾ ھن جي پڇڻ جو مطلب ھو تھ مان ان غلام  ۽ ٻانھيءَ جي ڪيس جي باري ۾ ڪجھھ چوان، ڇو تھ منھنجو دستور ھو تھ جيستائين مان حڪم نھ ڏيان، تيستائين ڪنھن بھ ڪيس جو فيصلو ٿيڻ نھ ڏيندو ھوس. پر ڇاڪاڻ تھ مان ناراض ھوس، تنھن ڪري فقط ائين چئي پنھنجي گھر ڏانھن واپس آيس ۽ پنھنجي ڪچھريءَ ۾ وڃي ويٺس. پوءِ وزير مون ڏانھن ھڪ ٻئي وزير ھٿان چوائي موڪليو تھ ڪالھھ رات ھيءُ واقعو ٿي گذريو آھي، ان ۾ جيڪو بھ شرعي حڪم ھجي، سو ٻڌايو. مون ھن کي چيو تھ ھن ڪيس جو فيصلو شاھي محل ۾ ٿيڻ گھرجي. مان بھ اوڏانھن ويس. ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. مون حڪم ڏنو تھ ٻنھي کي ھڪ پاسي وٺي وڃي درا ھڻو، ان بعد عورت کي ڇڏي ڏنم ۽ غلام کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي گھر ھليو آيس.

        وزير مون ڏانھن ڪي وڏا وڏا ماڻھو موڪليا جن اچي سفارش ڪئي تھ ھن غلام کي بھ ڇڏيو وڃي. جنھن تي مون چيو مان تھ وزير ھڪ انھيءَ بدڪار غلام جي سفارش ٿو ڪري، جنھن پنھنجي مالڪ جي عزت جو بھ خيال نھ ڪيو ۽ اڃا ڪالھھ جي ڳالھھ آھي، جو توھان سلطان شھاب الدين کي رڳو انھيءَ ڪري تخت تان لاھي قتل ڪري ڇڏيو ھوس، جو ھو پنھنجي غلام جي گھر ۾ گھڙي ويو ھو. مون يڪدم حڪم ڏنو تھ غلام کي بيد ھنيا وڃن. جيڪي دري کان وڌيڪ سخت ٿيندا آھن، ۽ سندس ڪنڌ ۾ رسي وجھائي،سڄي ٻيٽ ۾ سندس تشھير ڪرايم. امير وڃي وزير کي ٻڌايو، جو ٻڌي غصي کان ڪڏھن اٿيو ٿي تھ ڪڏھن ويٺو ٿي ۽ انھيءَ وقت پنھنجي سڀني وزيرن ۽ فوج جي سردارن کي گڏ ڪري، مون کي بھ اتي گھرايائين.

        مان اوڏانھن ويس ۽ دستور موجب، ان جي تعظيم نھ ڪري، فقط اسلام عليڪم چئي ويھي رھيس. پوءِ مون سڀني حاضرين کي چيو تھ ”توھان سڀئي شاھد ھجو تھ اڄ کان مون قاضيءَ جي عھدي تان استعيفا ڏني ۽ پنھنجي پاڻ کي معزول ٿو ڪريان، ڇو تھ منھنجو حڪم ھلي نٿو سگھي.“ تنھن تي وزير ڪجھھ چيو، پر مان سندس مقابلي ۾ ھڪ مٿانھين جاءِ تي وڃي ويٺس ۽ سخت لفظن ۾ کيس ان جو جواب ڏنم، ايتري ۾ مغرب جي اذان آئي ۽ وزير ھيئن چوندي پنھنجي محلي ۾ ھليو ويو تھ ”مان ھنن جو بادشاھھ آھيان. مون ھن شخص کي انھيءَ لاءِ گھرايو ھو تھ ھن تي مان پنھنجو غصو ظاھر ڪريان، پر اٽلو ھو مون تي غصو ڇنڊي ويو.“ ھتي جا ماڻھو منھنجي انھيءَ ڪري بھ گھڻي عزت ڪندا ھئا جو کين معلوم ھو تھ مان ھندستان جي بادشاھھ جو مقرب آھيان، جيتوڻيڪ ھنن جو ٻيٽ ھن کان گھڻو پري ھو، پر تڏھن بھ ھو ڊڄندا ھئا. وزير  پنھنجي گھر وڃي مون ڏانھن اڳئين معزول ٿيل قاضي کي موڪليو، جيڪو ڏاڍو زبان دراز ھو، ھن اچي مون کي چيو تھ وزير چيو آھي تھ تو ڀريءَ درٻار ۾ منھنجي تعظيم ڇو نھ ڪئي. مون جواب ڏنو مانس تھ جيستائين منھنجي دل صاف ھئي، تيستائين تعظيم ڪندو رھيس؛ جڏھن اھا صفا ئي نھ رھي، تڏھن تعظيم نھ ڪيم ۽ فقط مسلمانن وارو معمولي سلام ڪيم.


(1) خليع گوشت - پڪل گوشت جو قسم يا نمونو - مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org